سيڪشن: ادب

ڪتاب: مُلهه مهانگو قَطرو

باب:

صفحو:5 

ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ جون لوڪ ادب لاءِ  خدمتون

 

جِت نه پکيءَ پير، تت ٽمڪي باهڙي
ٻيو ٻاريندو ڪير،کاهوڙڪي کير ري
.
(شاهه لطيف)

ويهين صديءَ سنڌي ادب کي ڪيترن ئي قداور شخصيتن سان نوازيو، جن ۾ مرزا قليچ بيگ، علامه دائود پوٽو، علامه آءِ.آءِ. قاضي، جي.ايم.سيد، پير حسام الدين راشدي، شيخ اياز ۽ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ سرفهرست آهن. بلوچ صاحب ڳوٺ جعفر خان لغاري ۾ 16 ڊسمبر 1917ع تي پيدا ٿيا. ڪيڏو نه عجيب اتفاق چئبو، جو روس ۾ دنيا جو وڏي ۾ وڏو مزدور انقلاب ان ئي سال آيو. سنڌ ۾ وري هن عوامي شخصيت جو جنم ٿيو، جيڪو پڻ سنڌي ٻوليءَ، ادب، تاريخ شناسي ۽ سنڌ شناسي لاءِ هڪ انقلابي ڪردار بنجي اڀريو، جنهن پنهنجي سموري حياتي علم ، ادب ، ٻولي، تاريخ، تحقيق ۽ تخليق جي حوالي ڪري ڇڏي.  بقول الانا جي ته: ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جو تعارف ڪيئن ڪرائجي! اسان جو هيءُ بزرگ علم التعليم، ادبيات، لسانيات، علم اللغات، سنڌي ادب، سنڌ جي ثقافت، آثار شناسي، لطيف شناسي، ۽ لوڪ ادب تي وڏي دسترس رکندڙ بين الاقوامي دانشور هئا.

صرف لطيفيات تي نظر وجهجي، ته سندس ترتيب ڏنل ڏهن جلدن تي شاهه جو رسالو، سنڌي ادب ۾ تمام گهڻي اهميت جو حامل آهي، جيڪو شايد ڊاڪٽر هوتچند مولچند گربخشاڻيءَ جي ان خواهش جي تڪميل هجي، جنهن ۾ پاڻ لکيو اٿائون ته: خوشيءَ جو باعث تڏهن ٿيندو، جيڪڏهن ڪو عالم اچي ۽ ان ايڊيشن کي رد ڪري، نئين سر محنت ڪري، رسالي جو ان کان بهترين ايڊيشن شايع ڪرائي، تڏهن منهنجي اها محنت قبول پوندي.

ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جو جوڙيل ڏهن جلدن وارو جديد ايڊيشن شايد ان جي اهڙي خواهش جي تڪميل هجي، جنهن لاءِ ڊاڪٽر بلوچ ڪسرنفسيءَ مان ڪم وٺندي لکي ٿو: منهنجو پيش ڪيل هيءُ مختصر جائزو ڪاش اهڙي تصنيف جي شايانِ شان هجي.“ (1)

ڊاڪٽر صاحب جي گهڻ رخي شخصيت تي لکڻ لاءِ ڪيترائي ڪتاب درڪار آهن. هتي آءٌ صرف سندس اهم ڪم يعني لوڪ ادب جي سهيڙڻ جو ذڪر ڪرڻ چاهيان ٿي. لوڪ ادب ڪنهن به قوم جو ورثو هوندو آهي، جنهن سان ان قوم جي ٻولي، ثقافت، تهذيبَ ۽ تاريخ جون جڙون جڙيل هونديون آهن، پر سنڌ جو لوڪ ادب سنڌي عوام جو قومي ورثو ته آهي ئي، پر اهو عالمي سطح تي پوري انسانيت جو ورثو پڻ آهي.

ڊاڪٽر بلوچ پهريون سنڌي محقق هو، جنهن سنڌي لوڪ ادب جي مستند وصف ۽ ڪي اصول مقرر ڪيا، جن کان پوءِ اڳتي هلي هن ادبي سلسلي کي عام ماڻهن ۾ متعارف ڪرايو. هن ئي صحيح معني ۾ اسان کي ٻڌايو ته  لوڪ ادب ڇا آهي؟ ۽ ان کي دهقاني ادب يعني ڳوٺاڻو ادب ڇو ٿا چون. ان سلسلي ۾ هو لکي ٿو ته، ”اسان جي ملڪ ۾ شهري زندگي اڃا ايتري وسعت  يا خاص نوعيت اختيار نه ڪئي آهي، جو اها خواص جي زندگي ۽ تمدن جو يا معياري ادب جو سرچشمو بنجي. سنڌي زندگي جو مرڪز يا دائرو اڃا تائين ڳوٺ آهي، انهيءَ ڪري سنڌي ادب جو وڏو ذخيرو اهو ئي آهي، جو عوام جي زندگيءَ جو آئينو آهي، انهيءَ ڪري هن مرحلي تي سنڌي ٻوليءَ جي لوڪ ادب ۽ معياري ادب جي وچ ۾ حد فاصل نٿي ڪري سگهجي“.(2)

لوڪ ادب جي سهيڙڻ جي ذميواري ملڻ کانپوءِ ڊاڪٽر بلوچ نه صرف پراڻن ماخذن ۽ ڪتابن مان لوڪ ادب سان لاڳاپيل مواد هٿ ڪيو، پر هن سنڌ جي ڳوٺن، ٿرن، برن، وستين ۽ واهڻن مان وکريل مواد کي هڪ هنڌ  تي جمع ڪرڻ جي ڪوشش پڻ ڪئي. ڪڏهن ته وري پاڻ پنهنجي سر پيرين پنڌ ڪري جبل لتاڙي جوڳين، سناسين ۽ سالڪن سان دونهين دکائي رس رهاڻ ڪئي، ته ڪڏهن جهر جهنگ جهاڳي سگهڙن سان مچ ڪچهرين تي راتين جون راتيون ويهي ڳجهارتن جي ڏي وٺ ڪئي. انهن سفرن دوران پاڻ سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ رهندڙ سگهڙن، سالڪن سپورنجن سان مليا ۽ صدين کان سندن سيني ۾ سانڍيل لوڪ ڏاهپ جا انمول ذخيرا دريافت ڪري هي ثابت ڪري ڏيکاريو ته بظاهر هي ساده ماڻهو، جن وٽ ڪابه ڊگري يا تعليمي لياقت ڪانهي، پر سندن سرجيل هي ڳجهارتون، ڏٺ، هنر، ڏور ۽ معما وغيره سندن ڄاڻ، عقل، ۽ پرک جي ڪسوٽيءَ تي رکيل حيرت جا ڪيترائي راز افشان ڪندي نظر اچن ٿا، جيڪي عوام جي اجتماعي شعور جي ضمانت آهن، اهو ئي سبب آهي، جو لوڪ ادب کي عوامي ادب به چيو وڃي ٿو، جنهن جي اهميت بيان ڪندي قمر رئيس لکي ٿو تـ،  ”عوامي ادب  اجنتا ۽ احرام مصر آهي، جنهن جا تخليقڪار گم نام آهن ۽ جن جي فني وجاهت اهل نظر کان خراج وصول ڪندي آهي ۽ اهو ادب ايترو اهم آهي، جو ان کي ادب جو بنياد چيو وڃي ته بيجا نه ٿيندو. (3)

لوڪ ادب عوام جو سرمايو آهي، ڇاڪاڻ ته ان ۾ گذريل روايتن ۽ وارتائن جي بازگشت شامل هوندي آهي ۽ شايد ان جي اهڙي اهميت کي محسوس ڪندي، سنڌي ادبي بورڊ جي طرفان لوڪ ادب اسڪيم جي منظور ڏني وئي هئي، جنهن جي ذميواري بلوچ صاحب جي ڪلهن تي رکي وئي. بلوچ صاحب علم، ادب ۽ سنڌ سان پنهنجي محبت سبب ان  ذميواريءَ کي دل سان قبول ڪيو، ڇاڪاڻ ته هو قومي درد رکندڙ شخص هو، ان سلسلي ۾  هن هڪ هيڊ آفيس جوڙي، جتي نه صرف مطلوبه موضوع سان سلهاڙيل مواد موڪليو ويندو هو، پر اتي ان کي منظم تنظيم سازي ذريعي سوڌي سموهي هڪ هنڌ يڪجا ڪيو ويندو هو. امداد حسيني جيڪو پاڻ هڪ ڪارڪن جي حيثيت ۾ انهيءَ ٽيم ورڪ جو حصو هو، لکي ٿو ته، ڇپيل ڪتابن مان مواد ڪڍڻ کان سواءِ، سڄيءَ سنڌ مان جيڪو به مواد ايندو هو، اهو ڇانٽي ٿيندو هو. پوءِ لاڳاپيل ٽيبل/ ڪارڪن تائين پهچندو هو، جتي ان جي پڙهڻيءَ سان گڏوگڏ ان ۾ درستگيون به ٿينديون هيون. مختلف روايتن جي ڀيٽا ٿيندي هئي، ائين پهريون اسڪرپٽ تيار ٿيندو هو. شيخ محمد اسماعيل ان کي چيڪ ڪندو هو ۽ پوءِ ڊاڪٽر صاحب جي آڏو رکندو هو. ڊاڪٽر صاحب ان کي پهرئين کان آخري لفظ تائين ڏسندو هو، ويچار ونڊيندو هو، هدايتون ڏيندو هو ۽ ان پٽاندڙ پريس ڪاپي تيار ٿي، پريس ۾ هلي ويندي هئي. (4)

ان ذريعي ڇنڊڇاڻ ڪري جدا جدا صنفن ۾ ورهائڻ کانپوءِ  پاڻ هڪ دفعو ٻيهر ان مواد کي چڱي طرح پروڙي پُرجهي، انهيءَ تي رات ڏينهن پنهنجو نور نچوئي ان جي کوجنا ڪري هرهڪ روايت جانچڻ کان پوء انکي حتمي شڪل ڏيندا هئا، صرف ڳجهارت واري پهلوءَ کي کڻون ته هوند سندس ڪشالن ۽ عالمانه تحقيق جو قائل ٿيڻو پوندو.  ڊاڪٽر صاحب وڏي جاکوڙ کان پوءِ عالمي ادب جي ڀيٽ ڪندي، سنڌي ڳجهارت کي جنهن پد تي بيهاريو لاشڪ اسان چئي سگهون ته ان جو مٽ مشڪل آهي. سنڌي ڳجهارت جي باريڪ نڪتن کي ڊاڪٽر صاحب جهڙي طرح نروار ڪيو آهي ان جو مثال هند سنڌ ۾ ملڻ مشڪل آهي. اهو سندن محنتن ۽ ڪشالن جو ثمر آهي، جو هڪ نج ٻهراڙيءَ جي صنف کي اسان بجاءِ طور بين الاقوامي ادب جي صنف ۾ شامل ڪري سگهون ٿا.“ (5)

لوڪ شاعري خاص ڪري سينگار شاعريءَ تي سندس ڪيل تحقيق جو جائزو وٺبو ته معلوم ٿيندو ته سنڌي سينگار شاعري جي مواد هٿ ڪرڻ لاءِ هن نه رڳو ساري سنڌ جو ترو تانگهيو، پر لس ٻيلي ۽ بهاولپور جي ڌڻين /ديرن تي به ويو ۽ ائين پاڻ مواد هٿ ڪري هن حقيقت کي تسليم ڪرايو ته لوڪ ادب جي شاعريءَ ۾ سينگار کان وڌيڪ ڪابه صنف لغوي مواد ڏئي نه سگهندي. بقول ڊاڪٽر سنديلي جي ته، ”سينگار ۾ آيل انوکا الفاظ جيترا قديم آهن، اوترا اوکا به آهن، ڇاڪاڻ ته منجهس پنج ڪڻي، مهر گهڻي جي چوڻي موجب سنڌي، هندي، سنسڪرت، عربي، فارسي، ڪوهستاني بلوچي وغيره جي ٻولين جا لفظ آيل آهن، جن کي سينگار ۾ پوري ريت بيهارڻ لاءِ کولي سمجهائڻ ضروري آهي. ڊاڪٽر صاحب سينگار کي هٿ ڪرڻ ۽ سمجهائڻ ۾ اڌ صدي سجائي ڪئي. سندس لايا سجايا ٿيا، جو هو ڪتاب لکڻ ۾ هر طرح سان ڪامياب ويو.“ (6)

بلوچ صاحب لوڪ ادب جي هر جلد تي مفصل مقدمه پڻ لکيا آهن. اهڙي جامع مقدمه نگاري جو مثال سنڌي ادب ۾ گهٽ ملي ٿو، جنهن ۾ موضوع جو ڪوبه پهلو تشنه نظر نه ايندو. لوڪ ادب جي سڀني جلدن جي موضوع وار تقسيم، مواد جي ترتيب ۽ رٿا بندي ڌيان ڇڪائي ٿي ته لوڪ ادب جي هيءَ رٿا دنيا ۾ منفرد ۽ نشانبر آهي. لوڪ ادب جا بلوچ صاحب جي نگرانيءَ ۾ چاليهن کان وڌيڪ جلد شايع ٿيا، جن ۾ لوڪ ڪهاڻيون ، عشقيه داستان، ڳجهارتون، سينگار شاعري ، نڙ جا بيت، ٽيهه اکريون، لوڪ گيت ۽ مناظره وغيره شامل آهن. مناظره سندن اهو ڪتاب آهي، جنهن تي پوء فحاشي جي الزام هيٺ سندن مٿان مقدمو پڻ درج ڪيو ويو هو، جنهن سبب لوڪ ادب جي هي رٿا ڏهن سالن لاءِ رولڙي جو شڪار ٿي وئي، پر هن پنهنجو ڪم جاري رکيو. سنڌ جو هي سلڇڻو عالم پنهنجي ڪنهن به تحقيق ۾ ڪڏهن به غير ذميدارانه راءِ جو قائل نه رهيو، سندس هر ڳالهه لاءِ مستند حوالو، دليل ۽ منطق لازمي شامل هوندو هو. هن ڏس ۾ توهان سندن لکيل  مقدمه، مقالا،  مضمون توڙي  لوڪ ادب تي لکيل ڪتاب ڏسي سگهو ٿا، جن تي انڪساري کان ڪم وٺندي، پاڻ هر ايڊيشن ۾ پنهنجو نالو سهيڙيندڙ، سموهيندڙ ۽ سلجهائيندڙ لکندا هئا.

ان ڳالهه ۾ ڪوبه شڪ ناهي ته، ڊاڪٽر بلوچ سنڌي لوڪ ادب سهيڙي، ڇپرائي پاڻ کي لطيف ۽ سنڌ وانگر اسان سان گڏ رهڻ جو احساس ڏياريو آهي.

آديسي آديس هتان ڪري هليا،
ڪاپڙين قلب ۾، ڪيو ڏوراڻو ڏيس
،
ويراڳي نئون ويس، رانول ڍڪي رميا.

 

حوالا:

1.      ڪلهوڙو دين محمد، مهراڻ بلوچ نمبر، 2012ع، الانا، غلام علي، سنڌي ادبي بورڊ، ڄام شورو، ص.

2.     نئين زندگي، ڊسمبر 2002ع، اطلاعات کاتو، حڪومت پاڪستان. ص.

3.     رئيس قمر، مرتب. اردو ۾ لوڪ ادب، شعبه اردو دهلي يونيورسٽي، 1990ع. ص. 24.

4.     حسيني، امداد، اڪادمي ادبيات پاڪستان، بلوچ نمبر 5.

5.     ابڙو، آفتاب، نئين زندگي، ڊسمبر 2002ع، اطلاعات کاتو، حڪومت پاڪستان. ص.72

6.     سنديلو، عبدالڪريم 1973ع، لوڪ ادب جو تحقيقي جائزو، انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي، ص.73.

* ڪلاسيڪل شاعري *

 

ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ جو ميين شاهه عنات جي ڪلام جو اڀياس

 

ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ گهڻ رخي ۽ گهڻ پاسائين شخصيت جا مالڪ آهن. سنڌي ادب جي ورلي ڪا اهڙي صنف هوندي جيڪا سندن پارکو نظر کان نه گذري هوندي، پاڻ سنڌ جي تاريخ، تهذيب، ثقافت، ٻولي، لوڪ ادب ۽ لوڪ شاعري تي لکيل ڪيترائي ڪتاب نه صرف سهيڙيا آهن، پر انهن موضوعن تي لکيل عالماڻا مقدما سندن قدر ۽ قيمت  کي چار چنڊ لڳائي ڇڏين ٿا.

لطيفيات، لغت ۽ لوڪ ادب ته سندن مڃتا جا عالمِ آشڪار باب آهن، پر ان سان گڏ لطيف کان اڳ ۽ پوءِ جي ڪلاسيڪل شاعري جي تلاش ڪري ان جي ڇنڊ ڇاڻ ۾ رات ڏينهن پنهنجو نور نچوئي سنڌ جي اساسي شاعرن جي ڪلام کي جيڪو جدا جدا هنڌن تي ٽڙيل پکڙيل هو ۽ مختلف ڪلاسيڪل شاعرن جي ڪلام (رسالن) ۾ گڏيل هو ،ان کي جانچي جونچي تاريخي ماخذن ۽ روايتن جي بنياد تي سهيڙي هڪ جدا صورت ۾ ترتيب ڏنو ۽ انهيءَ تحقيق جي روشني ۾ اهو پڻ ثابت ڪيو ته سنڌي اساسي شاعري ٻارهين صدي عيسويءَ ۾ اسرڻ شروع ڪيو ۽ لطيف تائين پهچندي اها پنهنجا بنياد پختا بنائي چڪي هئي. بلوچ صاحب قاضي قادن جي شاعري کان وٺي حمل فقير ۽ غلام محمد خانزئي تائين اساسي شاعرن جي ڪلام کي نه صرف سهيڙي هڪ جاءِ تي يڪجا ڪيو ، پر هر هڪ شاعرجي ڪلام تي تحقيق ڪري ان جي اصل تخليق کي سامهون آڻيندي سندس شاعريءَ کي جدا مرتب ڪري، هر هڪ شاعر جا جدا جدا رسالا ترتيب ڏنا ۽ سندن فن ۽ فڪر جو تجزيو ڪندي، انهن شاعرن سان لاڳاپيل دورن جي سياسي، سماجي ۽ مذهبي حالتن کي مدنظر رکندي سندن شاعريءَ جي اهميت ۽ افاديت تي روشني وجهندي، سنڌي اساسي شاعريءَ تي جيڪو دز چڙهيل هئي، ان کي صاف ۽ چٽو ڪري هڪ آئيني جيان سامهون بيهاريو، جنهن ۾ لطيف کان اڳ توڙي پوءِ جا سمورا لڪيل چهرا صاف نظر اچڻ لڳا.  بقول دائود پوٽي جي ته ”شاهه صاحب کان اڳ شاعري جو ميدان سڃو ۽ سکڻو هو ۽ پڙهندڙ شاهه جي ڪلام جي حسن کي ڏسي  ائين ڀائيندا هئا ته اهو جمال لازوال هن کي ئي حاصل ٿيو آهي. هن جي خط ۽ خال کي سينگارڻ ڪنهن ٻئي مشاط جو هٿ نه هو، پر ائين نه آهي شاهه صاحب کان اڳ ڪيترائي باڪمال شاعر ٿي گذريا آهن. (1)

هونئن ته ڪلاسيڪل شاعرن جي ڪلام کي سوڌي، سنواري ۽ سهيڙڻ جي سلسلي ۾ بلوچ صاحب جوڪيل ڪم ڪنهن عظيم ڪارنامي کان گهٽ نه آهي، پر هتي منهنجو موضوع ميين شاهه عنات جي ڪلام جي ڳولا ۾ ورتل سندس ڪاوشن جو جائزو وٺڻ آهي.

ميين شاهه عنات اساسي شاعري جو اهو انمول هيرو آهي، جنهن کي سنڌ جي سدا حيات شاعر شاهه عبداللطيف جو استاد، رهبر ۽ دوست چئجي ته وڌاءُ نه ٿيندو. سندس شاعريءَ جا اولڙا ڀٽائيءَ جي ڪلام ۾ جَرڪندا نظر اچن ٿا. بلوچ صاحب ان جو بيان هن طرح ڪري ٿو ته ”ميين شاهه عنات قالب گهڙيا،ته ڀٽائي صاحب اهي سوڌي سنواري ڀريا، ميين عنات ديوارون کنيون، ته ڀٽائي صاحب عمارتون اڏيون، ۽ ميين شاهه عنات صورتون ايجاد ڪيون ته ڀٽائي صاحب اهي روح ڦوڪي جاڳايون. ميين شاهه عنات ڄڻ شاهه ڀٽائي صاحب جي آمد لاءِ اڳواڻ بنجي آيو  ۽ اچي ميدان سنواريائين، جنهن ۾ ڀٽائي صاحب پوءِ ڪونتل ڪڏايا.“ (2)

ميين شاهه عنات رضوي جي ڪلام جون صفتون بيان ڪندي بلوچ صاحب کيس سنڌي شاعريءَ جو شاهڪار قرار ڏئي ٿو، جيڪو وقت جي وڇوٽين سبب عام ۽ خاص جي نظرُن کان گهڻو وقت اوجهل رهيو. بلوچ صاحب ان سلسلي ۾ سنڌ جي مختلف هنڌن تان ڪلاسيڪل شاعري جي پراڻن ماخذن، خانداني روايتن ۽ مختلف سگهڙن کان صدري روايتون هٿ ڪري، ان منجهان ميين شاهه عنات جو نه صرف ڪلام هٿ ڪيو، پر ان سان گڏوگڏ سندن سوانح جنهن ۾ خاندان، جنم، جواني، شوق، شغل، شاديون، اولاد ۽ پيري فقيريءَ ڏانهن رجوع ڪرڻ سان گڏ مختلف اوليائن جي صحبتن، زيارتن ۽ مختلف واقعن جو پڻ ذڪر ڪيو آهي، جنهن جي کوجنا ۾ کين تقريباً چوڏهن سال لڳي ويا، پر ان سڀ ۾ وڌيڪ اهم بلوچ صاحب جو شاهه عنات جي شاعريءَ جو فني ۽ فڪري حوالي سان جائزو وٺڻ آهي، جنهن ۾ هن شاهه عنات جي شاعريءَ جي مختلف زاوين کان ڇنڊ ڇاڻ ڪندي سندس شاعريءَ جي موضوع، ٻولي، ترڪيبن جي استعمال سان گڏوگڏ سندس خيال ۽ فڪري اونهائيءَ کي پڻ مختلف شعرن ذريعي پرکي پرجهي، ان تي تحقيقي ۽ عالماڻي انداز سان مقدمو لکي پيش ڪيو آهي. سندس ان تحقيق جي بدولت ئي اها ڳالهه ڄاڻي سگهياسين ته ميين شاهه عنات رضوي پهريون شاعر آهي، جنهن جو مڪمل رسالو آهي، جنهن ۾ چار سؤ کان وڌيڪ بيت، 42 وايون ۽ 22 سُر شامل آهن.

هو کيس وائيءَ جو موجد پڻ ڪوٺي ٿو، جيڪي فني ۽ فڪري لحاظ کان ڪلاسڪ جي حيثيت رکن ٿيون. سندس شاعري ۾ ان وقت جي روايتي موضوعن سان گڏ ڪجهه نوان موضوع پڻ شامل آهن جنهن ۾ ٻوليءَ جي اڪيچار لفظن سان گڏ محاورا ۽ تشبيهه جا نوان انداز شامل آهن. انور فگار هڪڙي جي لفظن ۾ ته ” سندس بيتن ۾ پهريون ڀيرو لغت جي ڳوڙهائي ۽ بيان جي رواني ۽ رنگيني نظر اچي ٿي، هو سنڌي ٻوليءَ جي وسعت کي نروار ڪري رهيو آهي. هن پنهنجي بيتن ۾ مجازي حسن کي ڳايو آهي. کانئس اڳ توحيد، تصوف، نصيحت ۽ هدايت حال حقيقت جو بيان مکيه موضوع هوندو هو. (3)

ميين شاهه عنات رضوي جي بيتن ۾ مختلف اوليائن جي صحبت، عقيدت ۽ زيارتن جو بيان ملي ٿو، جنهن بابت بلوچ صاحب لکي ٿو ته ” ميين شاهه عنات جي فقيري حال ڏانهن لاڙو غالبن جوانيءَ جي موٽ ڌاري ٿيو، سکر ۾ شاهه خيرالدين ۽ ملتان ۾ پنهنجي وڏن جي بزرگن جي درگاهن جون زيارتون جوانيءَ کان وٺي پيريءَ جي اوائلي دور سوڌو ڪيائون. سنڌ جي ٻين بزرگن خانقاهن ۽ درگاهن جون عقيدت وچان زيارتون ڪيائون. (4)

ميين شاهه عنات رضوي جي شاعريءَ ۾ تصوف، حسن، عشق، درد، فراق، وصل توڙي هجر جون ڪيفيتون جابجا نظر اچن ٿيون، جن کي هو تصوف جي روحاني رمزن، سنڌ جي رومانوي داستانن ۽ مختلف پورهين سان لاڳاپيل ڪردارن سان تمثيلن ۽ علامتن ذريعي بيان ڪري ٿو، جنهن بابت بلوچ صاحب لکي ٿو ته ”ميين شاهه عنات رضوي پهريون شاعر آهي، جنهن پنهنجي بيتن ۾ مجازي حسن کي ڳايو آهي، کانئس اڳ توحيد ۽ تصوف، نصيحت ۽ هدايت، حال ۽ حقيقت جو بيان بيتن جو مکيه موضوع هوندو هو. ميين شاهه عنات رضوي پڻ ان روايت مطابق ڪن سرودن خصوصاً ڪلياڻ، کنڀات، سرراڳ، رام ڪلي، پرڀات، ڌناسري، آسا، ڪاپائتي ۽ ڪارائڙي ۾ توحيد ۽ طريقت، نصيحت ۽ عقيدت جا پيوند هنيا، مگر جيئن ته ميين شاهه عنات رضوي پنهنجي بيتن ۾ وصف ۽ بيان جي وسعت پيدا ڪري، قصن ۽ داستانن جي سورمين جي سونهن ۽ سينگار کي مؤثر انداز ۾ ورجايو ۽ اهڙي طرح اعليٰ سنڌي شاعريءَ ۾ پهريون ڀيرو مجازي حسن جي تعريف نئين باب جو اضافو ٿيو

مثال:

چنڊ چوڏس اڀري سَهسين ڪري سينگار،
پلڪ پريان جي نه پڄي، جي حيلا ڪري هزار
،
جهڙو سَڀَ ڄَمار، تهڙو دم دَوسَ جو
.(5)

مٿين بيت تي ڀٽائيءَ جو چيل بيت ’سهسين سج اڀري چوراسي چنڊن‘ پڻ لکيل آهي. بلوچ صاحب پنهنجي هن تحقيق ۾ ميين شاهه عنات جي شاعريءَ جا لطيف جي شاعريءَ تي اثرن بابت پڻ دليلن سان بحث ڪيوآهي. مثال طور تي هو ’سرکنڀات‘ ۾ محبوب سان ملڻ لاءِ اٺ کي مختلف آڇون پيش ڪري ٿو،  اهوساڳيو تصور لطيف وٽ به موجود آهي. شاهه لطيف جي شاعريءَ جو موازنو ڪندي ڪافي محققن شاهه لطيف جي عقيدت ۾ ميين شاهه عنات رضوي کي شاهه لطيف کان متاثر ٻڌايو آهي، جڏهن ته بلوچ صاحب پنهنجي هن تحقيق ۾ وزني دليلن سان مختلف روايتن کي پيش ڪندي ناقدن جي اهڙن خيالن کي رد ڪيو آهي. ان بابت هو هڪ هنڌ لکي ٿو ته ” لطيف جي ننڍي عمر، صالح طبعيت ۽ ميين شاهه عنات رضوي ڏانهن سندس دلي رغبت مان صحيح گمان اهو ئي نڪري ٿو ته، نوجوان لطيف اسي ورهين جي شاعر ۽ بزرگ وٽ ڪجهه سوچڻ ۽ سکڻ لاءِ ويو، نـ ڪي کيس سمجهائڻ ۽ سيکارڻ لاءِ ويو. ميين شاهه عنات رضوي ۽ ڀٽائيءَ جي سروار بيتن کي غورسان پڙهندي چٽيءَ طرح معلوم ٿيندو ته ڀٽائي صاحب هن بزرگ کان گهڻو ڪي پرايو.“ (6)

بلوچ صاحب، ميين شاهه عنات رضوي ۽ لطيف جي فڪر ۽ خيال جي هم آهنگي کي ڏاڍو باريڪ بينيءَ سان تجزيو ڪندي سندن هڪٻئي سان عقيدت ۽ محبت جو ذڪر ڪندي ٻڌايو آهي ته، ٻنهي بزرگن جي پاڻ ۾ صحبت ۽ سنگت جو اهو عالم هو، جو چون ٿا ته ڀٽائي ’سر عمر مارئي‘ ميون شاهه عنات جي چوڻ تي لکيو هو ۽ شاهه عنات وري ’سر سسئي‘ لطيف جي شاعريءَ کان متاثر ٿي لکيو، ڇاڪاڻ ته مييون شاهه عنات سسئي لاءِ اها راءِ جوڙي هئي ته اها عورت ڪهڙي جا ستر ڇڏي جهنگن ۾ ڪاهي پئي تنهن کي ڪهڙو ساراهبو.

مولانا غلام محمدگرامي، بلوچ صاحب جي ان تحقيقي مقدمي بابت لکي ٿو ته ”ممڪن آهي ته ڪي اهلِ ذوق مييون عنات رضوي کي شاهه لطيف جي فني پيشرو جي حيثيت سان تسليم نه ڪن تاهم ڊاڪٽر صاحب جي مهاڳ ۽ مقدمي کي غور سان مطالعو ڪرڻ بعد پوءِ اهو ضرور مڃڻو پوندو ته شاهه لطيف هن عمررسيده ۽ قادرالڪلام شاعر جي صحبت ۽ رهاڻ مان استفادو ضرور حاصل ڪيو آهي، ان استفادي جي اثر کي شاهه لطيف جي فن ۾ تسليم نه ڪرڻ لاءِ ڪوبه واجبي سبب نظر نٿو اچي.“ (7)

ان کان علاوه بلوچ صاحب، مييون شاهه عنات ۽ شاهه لطيف جي شاعري، فن ۽ فڪر جو نهايت عرق ريزيءَ سان تقابلي جائزو وٺندي، آخر ۾ ان نتيجي تي رسيو آهي ته، ”مييون شاهه عنات جي فقرن ۽ مصراعن ڀٽائي صاحب کي ايتري قدر متاثر ڪيو، جو هن اهي تضمين طور کنيا ۽ پنهنجي بيتن ۾ انهن کي پوئي اسلوب توڙي معنيٰ جي لحاظ سان انهن کي ويتر وڌيڪ چمڪايو نتيجي طور اهو چئي سگهجي ٿو ته، ميين شاهه عنات اصولي طور شاعر هو ۽ ڀٽائي صاحب حقيقي معنيٰ ۾ مفڪر هو. (8)

سندس ان تحقيقي اڀياس بابت ڊاڪٽر ناهيد پروين ميمڻ لکي ٿي ته، ”بلوچ صاحب مييون شاهه عنات رضوي جي ڪلام ۽ شاهه لطيف جي ڪلام جو تقابلي جائزو پيش ڪري ان کي هر رخ کان روشن ڪيو آهي. اهو چئي سگهجي ٿو ته سنڌي اساسي شاعريءَ جي تاريخ ۾ هڪ روشن باب جو واڌارو ڪيو آهي. ان اعلى شاعري جي تسلسل ۽ ارتقا جي چٽائيءَ لاءِ  هن ڏينهن رات هڪ ڪري ڇڏيو، جنهن مان سندس سنڌي ٻولي، ادب توڙي فڪر سان جيڪا محبت هئي، تنهن جي بي مثال ثابتي ملي ٿي. (9)

حوالا:

1.      مضمون ۽ مقالا: 1978ع، عمر بن دائودپوٽا سهيڙيندڙ: خديجه خانم دائود، شاهه عبداللطيف ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز، حيدرآباد، سنڌ،  ص 24، 25.

2.     بلوچ نبي بخش خان ڊاڪٽر: 1963ع ”ميين شاهه عنات جو ڪلام“، سنڌي ادبي بورڊ حيدرآباد، ص 89، 90.

3.     هڪڙو، انور فگار ڊاڪٽر: 2017ع، ٽماهي ”تخيل“، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ خاص نمبر، مارئي اڪيڊمي، حيدرآباد، ص 7، 8.

4.     بلوچ نبي بخش خان ميين شاهه عنايت جو ڪلام 1963ع، سنڌي ادبي بورڊ حيدرآباد ص.

5.     بلوچ نبي بخش، 2019ع،  ڪلاسيڪل سنڌي شاعريءَ جو اهم رتن ميين شاهه عنات رضوي (هڪ اڀياس) مرتب: اسحاق سميجو، حضرت ميون شاهه عنات فائونڊيشن ص 78

6.     ايضاً ص 91

7.     گرامي غلام محمد ٽه ماهي مهراڻ 1-2/1965ع، حيدرآباد ص.

8.     بلوچ نبي بخش خان ميين شاهه عنايت هڪ اڀياس، مرتب: اسحاق سميجو، ميون شاهه فائونڊيشن ص 101

9.     ڪلهوڙو، دين محمد: اپريل- جون 2012ع، مهراڻ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ خاص نمبر، ڊاڪٽر ناهيد پروين ميمڻ، سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو ، سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو.
 

شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي شاعريءَ ۾ تصوف ۽ وحدت الوجود جو تصور

 

تصوف جي تاريخ تي نظر وجهجي ٿي ته ان جو پاڙون قبل مسيح کان ملن ٿيون، جنهن ۾ يهودي تصوف، يوناني تصوف، هندو تصوف، ٻڌ مت جو تصوف ۽ اسلامي تصوف شامل آهن.  تصوف جو اسلامي نڪتهء نگاه  کان جائزو وٺجي ٿو ته ان جي شروعات اٺين صدي عيسويءَ کان نظر اچي ٿي، جنهن ۾ حسن بصري ۽ بيبي رابعه بصري جا نالا اهم آهن. ان کان پوءِ نائين ڏهين صدي ۾ بايزيد بسطامي، جنيد بغدادي،  حسين بن منصور حلاج تائين رسندي اهو تصور گهڻو پکڙجي عام ۽ خاص جو موضوع بنجي وڃي ٿو، جنهن کي حسين بن منصور جي شهادت تمام گهڻو ڦهلايو، جنهن انا الحق“ جو نعرو لڳائي جز ۽ ڪل کي هڪ ڪري ڇڏيو هو. هندستان ۾ تصوف جو اهو فڪر ويدانت جي فلسفي اندر پڻ جابجا نظر اچي ٿو.

اپنشند جي فڪر ۾  برهما (خدا) ئي ستيه (حق) آهي، باقي هر شيءِ عارضي آهي ۽ برهما ڪائنات جي هر جز اندر موجود آهي، جيڪو سچ ۽ حق آهي. اپنشندن کان علاوه هندن جي مذهبي ڪتاب ”گيتا“ ۾ پڻ  وحدانيت جو ذڪر نظر اچي ٿو، جيڪو تصوف جي فڪر هيٺ بيان ڪيو ويو آهي.

تصوف ڇا آهي؟   

 ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ  سنڌي لغات ۾ ان بابت لکي ٿو ته  تصوف عربي ٻوليءَ جو لفظ آهي ۽ باب تفعل جو مصدر آهي، جنهن جي معنيٰ آهي، صاف ٿيڻ، صوفي ٿيڻ، نفسياتي خواهشن کان پاڪائي، نفس جي صفائيءَ جو طريقو .

مولوي فيروز دين لکي ٿو ته ”پشمین۔ پهنا صوفیوں کا عقیدہ ہے یا مسلک ہے، علم معرفت دل سی خواہشوں کو دور کرکے خداس کی طرف دهیان لگانا  تزکیہ نفس کا طریقہ۔.1

ايڇ. ٽي سورلي مطابق ”تصوف خدا يا ديوتا ڏانهن انسان جو جذباتي رويو آهي. ان جذباتي رويي جون ٻه مکيه  صورتون آهن. هڪ آهي، خدا سان هڪ ٿيڻ لاءِ جذباتي جستجو؛ جنهن کي يونين وٿ گاڊ ( Union with God) يا يونيو ( Uniyo)  چئجي ٿو ۽ ٻيو آهي، خدا سان اشتراڪ جي جذباتي جستجو، جنهن کي ڪميون وٿ گاڊ ( Comuion) يا ڪميونيو ( Comuniyo) چئبو آهي ۽ گهڻا ئي وڏا صوفي، جيڪي اصولي طور ڪنهن هڪ قسم جي جذباتي رويي سان وابسته هوندا آهن، انهن کي ظاهر ۾ ٻنهي طبقن مان ڪنهن هڪ طبقي ۾ رکي سگهجي ٿو.“ (2)

تصوف پنهنجي فڪر ۾ ڳوڙها راز ۽ مخفي معنائون کڻي زندگي جي حقيقتن کي بيان ڪري ٿو، جيڪو صحيح معنيٰ ۾ انسان کي خدا سان ملائي هڪ ڪري ڇڏي ٿو. تصوف دنيا جي هر مذهب ۾ موجود آهي، پر اها به حقيقت آهي ته  تصوف ۾ ڪوبه مذهبي مت ڀيد ڪونهي. تصوف جي پرچار ڪندڙ کي صوفي چوندا آهن، جيڪي دنيا جي لوڀ، لالچ، عيش ۽ عشرت کي ڇڏي، حق ۽ سچ جي تلاش ۾ جهر جهنگ، جبل ۽ درياءَ لتاڙي  هڪ هنڌ کان ٻئي هنڌ تائين محوِ سفر رهن ٿا ۽ ان حقيقي ذات جي ڳولا ڪرين ٿا، جنهن جو وجود هن ڪائنات جي هئڻ جو ڪارڻ آهي. صوفي پنهنجي فڪر ۽ فلسفي کي آرٽ ذريعي ظاهر ڪندا آهن، جنهن ۾ سنگتراشي، شاعري، موسيقي، مصوري،  ۽ رقص شامل آهن، انهن ۾ شاعري ۽ موسيقي صفِ اول تي سندن پرچار جو مؤثر ذريعو رهيون آهن.

سنڌ ۾ تصوف جو لاڙو وچ ايشيا جي صوفي بزرگن جو هندستان اچڻ ۽  هتي جي مختلف ماڳن ۽ مڪانن تي آستان ۽ خانگاهون جوڙڻ سان پروان چڙهيو، جيئن خواجه معين الدين چشتي جو اجمير شريف ۾ رهائش اختيار ڪرڻ، بهاءُ الدين زڪريا جو ملتان ۾ قيام پذير ٿيڻ، بابا فريد جو پاڪ پتڻ ۽ قلندر لعل شهباز جو سيوهڻ کي پنهنجو مَسڪن بنائڻ سان اهو لاڙو وڌيڪ مضبوط ٿيو.

صوفين جا چار مکيه مسلڪ آهن. چشتي، قادري، سهروردي ۽ نقشبندي. چشتيه مسلڪ شام مان ڏهين صديءَ ۾ آيو. قادري ۽ سهروردي ٻارهين صديءَ ۾ بغداد ۾ اڀريا ۽ نقشبندي، جيڪو افغان جو شهر آهي، ان جي نالي پٺيان چوڏهين صدي عيسويءَ ۾ ظاهر ٿيا. 

اسلام جا ٻه وڏا مسلڪ آهن. هڪ شريعت، ٻيو طريقت، صوفين ٻئي مسلڪ يعني طريقت کي اپنايو ۽ معرفت يعني عرفان جي منزل تي رسيا.

 تصوف يا روحانيت جون فڪري ڌارائون پنهنجي پنهنجي دور جون پيداوار آهن، پر ان جي جوهر ۾ عبادت، رياضت، زهد ۽ تقويٰ سان گڏ سچ ۽ حق جي ڳولا، انسان دوستي جو فڪر، فطرت سان پيار ۽ قرباني ڏيڻ جا معيار  شامل هوندا آهن. خاص طور تي صوفي شاعرن جي شاعري ۾ اهڙا خيال ۽ فڪر يڪجا نظر اچن ٿا. سنڌي صوفياڻي شاعريءَ جي پس منظر جو اڀياس ڪجي ٿو ته ان تي خاص طور تي ايران جي اسلامي تصوف جا اثر گهرا ۽ چٽا نظر اچن ٿا، ان سان گڏ ان تي هندستان جي ڀڳتي تحريڪ جا اثر پڻ نظر اچن ٿا، جيڪي وحدت الوجود جي فڪر ۽ فلسفي سان گهڻي ڀاڱي مماثلت رکن ٿا.

ايران ۽ هندستان ۾ تصوف جا غير معمولي شاعر پيدا ٿيا، بايزيد بسطامي، رومي، حافظ، خيام، جامي، امير خسرو، ڪبير، ميران، تلسيداس، جن جي شاعريءَ جي ڪٿ ڪبي ته اها به تصوف جي رنگ ۾ رڱيل ۽ وحدت الوجود جي فڪر ۽ فلسفي جي ڀرپور نمائندگي ڪندي نظر اچي ٿي. جن جا اثر ان کان پوءِ ايندڙ صوفي شاعرن تي نمايان طور تي نظر اچن ٿا. سنڌ ۾ قاضي قادن، شاهه عبدالڪريم بلڙي واري ۽ شاهه لطف الله قادري کان شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ تائين پهچندي زمان ۽ مڪان جي وڇوٽين باوجود  تصوف جي انهيءَ فڪر عام ۽ خاص ۾ پنهنجي اهميت قائم رکندو آيو، البته ڀٽائي تائين رَسي، ان جي فن توڙي فڪر ۾ وڌيڪ ڳوڙهائي  پيدا ٿي. ڀٽائي پنهنجي شاعري  ۾ تصوف جي انهيءَ رمز کي عاشقيءَ ذريعي بيان ڪيو، ۽ هو ان عاشقيء کي هڪ سفر جيان سمجهي ٿو، جيڪا مسلسل حرڪت ۾ آهي. سندس شاعريءَ جا ڪيترائي ئي پهلو آهن، پر مکيه فلسفو خدا جي وحدانيت ۽ انسان جي پنهنجي وجود جي ڳولا، جستجو، عبادت نيڪين ۽ قربانين ذريعي ان تائين پهچڻ جي ڪوشش ڪرڻ آهي ۽ انهيءَ واٽ تي هلندي  فنا ٿيڻ کي هُو بقا سمجهي ٿو.

جن وڃايو وجود، فاني ٿيا في الله سان،
نه تن قيام، نه قعد، نڪو ڪن سجود
،
جيلاه ٿيا نابود، تيلاه رسيا بود کي
.

هُو خدا کي پنهنجي وجود ۾ پاڻ سان گڏ ڀانئين ٿو، جيڪا رمز سندس اعليٰ بصيرت ۽گهري نُڪتهء نظر جي نشاندهي ڪري ٿي. هو سسئيءَ کي چوي ٿو ته:

وڃين ڇو وڻڪار، هت نه ڳولين هوت کي،
لڪو ناهي لطيف چئي ٻاروچو ٻئي پار
،
نائي نيڻ نهار، تو ۾ ديرو دوست جو.

ڀٽائيءَ جي شاعري گهڻي ڀاڱي پرين جي پنڌ“ ۽ ”پرين کي پسڻ جي وچ ۾ حائل درد، هجر، فراق جي مشڪل مرحلن، سخت گيرين، ڪشالن، ڳولا جي سفر جي اها واٽ آهي، جنهن ڏانهن هلندي اندر جي اساٽ ۽ بيچيني اڃا وڌي وڃي ٿي، جنهن کي ڀٽائي ’سُر سهڻي‘ ۾ هيئن بيان ڪري ٿو ته:

کامان، پچان، پڄران، لُڇان ۽ لوچان
تن ۾ تئونس پرينءَ جي پيئان نه ڍاپان،
جي سمونڊ منهن ڪ
ريان، تان سرڪيائي نه ٿئي.

اڪثر صوفي تارڪ دنيا هوندا آهن، پر ڀٽائي اهو صوفي ناهي جيڪو دنيا کان فرار وٺي، هو دنيا ۾ رهي دنيا جي ضرورتن کي نڀائي ٿو. هو حق ۽ سچ جي تلاش ۾ سر وڃائي سرهو ٿيڻ کي عاشق جو منصب قرار ڏئي ٿو .

اصل عاشقن جو، سر نه سانڍڻ ڪم،
سو سنئان اڳرو سندو دوسان دم،
هي هڏ ۽ چم، پڪ پريان جي نه پڙي.

ڀٽائيءَ جي شاعريءَ جو فلسفو ۽ فڪر گهڻي ڀاڱي سندس هن سٽ تي آڌاريل آهي ته اَک الٽي ڌار، وئو ابتو عام سين.“ ان ڪري سندس سوچ عام رواجي ماڻهن کان مختلف آهي. مثال هو ابليس کي سچو عاشق سڏي ٿو،”عاشق عزازيل ٻيا مڙئي سڌڙيا“ سر سامونڊيءَ ۾ سمنڊ کي کيڙڻ جي ڳالهه ڪري ٿو، ”کاري کيڙيائون مٿان مٺي موٽيان“ ساڳي طرح ڀٽائي وٽ دنيا ۽ آخرت جو تصور منفرد ۽ نرالو آهي. هو خالق ۽ مخلوق جو تصور مذهب جي تصور کان بلڪل مختلف رکي ٿو ۽ ٻين جيان خدا ۽ بندي جي وچ ۾ حاڪم ۽ محڪوم جو عام رواجي تصور نٿو مڃي، بلڪ خدا کي هو انسان جو دوست رهبر ۽ رهنما مڃي، دوست مٺا دلدار عالم سڀ آباد ڪرين جي دعا گهري ٿو. ڀٽائيءَ وٽ وحدت الوجود جو خيال خودشناسيءَ کان شروع ٿي، خدا شناسائيءَ تائين پهچي ٿو ۽ هو لکي ٿو ته:

”نابوديءَ نيئي، عبد کي اعليٰ ڪيو،
مورت ۾ مخفي ٿيا صورت پڻ سيئي
،
ڪبي ات ڪيهي، ڳالهه پريان جي ڳجه
ه جي.

وحدت الوجود جو اهو جامع تصور، ته خدا هڪ آهي، هو دائم ۽ قائم آهي ۽ هر چيز تي قادر ۽ نادرآهي، هو ڏسندڙ ٻڌندڙ ، طاقتور ۽ سگهارو آهي، خالق ۽ پاليندڙ آهي ۽ دنيا ۾ موجود هر مخلوق سندس وجود جو ئي حصو آهي ۽ هر شيءِ کي واپس پنهنجي اصل ڏانهن موٽڻو آهي، ڇو ته صوفين جو اهو خيال آهي ته روح اسان جي جسم ۾ داخل ٿيڻ کان اڳ عالم ارواح ۾ رهندا آهن. مرڻ کان پوءِ اهي پنهنجي اصل ڏي موٽي، خدا سان وصال ماڻين ٿا. ڀٽائيءَ جي شاعريءَ ۾ ان فڪر جو پڙاڏو ’سُر سسئي‘ جي هن بيت ۾ نظر اچي ٿو.

مري جي ته ماڻئين جانب جو جمال
ٿئين هوند حلال، جي پنڌ اها ئي پارئين.

وحدت الوجود جو تصور لطيف وٽ فطري ۽ آفاقي آهي، جنهن کي هو پنهنجي مطالعي،مشاهدي ۽ جمالياتي حسن سان شعر جي صنعت ۾ خوبصورت اسلوب ۽ معني خيز فڪر سان سلهاڙي روحانيت جي رمزن کي اهڙي مام  ۾ بيان ڪري ٿو، جنهن تائين رَسڻ هر ماڻهو لاءِ آسان ناهي. مثال:

سو پکي، سو پڃرو، سو سر، سوئي هنج،
پيهي جا پروڙيو، مون پانهنجو منجه
ه،
ڏيل جنهن جو ڏنجه
ه، سو ماري ٿو منجهه ڦري.

شاهه جي شاعريءَ ۾ تدبيرون تمام گهڻيون آهن، جن جي وسيلي هو حقيقتون بيان ڪري ٿو. مثال صوفي ٿيڻ سولو ڪم ناهي، ان لاءِ پهريان پنهنجي ذات جي نفي ڪرڻ کانپوءِ ڪيترين ئي احساساتي ۽ روحاني منزلن کي پار ڪرڻو پوي ٿو، جنهن جو ذڪر ڀٽائي هن طرح ڪري ٿو ته:

صوفي لاڪوفي ڪونه ڀانئس ڪير،
منجهائين منجه
ه وڙهي، پڌر ناهس پير،
جني ساڻس وير، ٿئي تنين جو واهرو.

ڀٽائي، روميءَ کان تمام گهڻو متاثر رهيو، جنهن جي شاهدي  ’سُر يمن ڪلياڻ‘ جي انهن ڇهن بيتن مان پڻ ملي ٿي، جن ۾ هن روميءَ کي مخاطب ڪيو آهي، مثال:

طالب ڪثر سونه سر، اي روميءَ جي رهاڻ،
پهرين وڃائڻ پاڻ، پسڻ پوءِ پرين کي
.(3)

علامتي ۽ اشاراتي طريقي سان شاهه لطيف جي شاعريءَ ۾ انسانن لاءِ وڏو پيغام ڏنل آهي، جيڪو پڻ تصوف جي اخلاقي لاڙي صبر، سهپ، لوڀ، لالچ ، حسد، ساڙ، ميٺ ۽ محبت جي پچار ڪري ٿو. هو لکي ٿو ته:

هنجن سين هيڪار، جي ڳڻ ڪري نهارين،
ٻگهن سان ٻيهار، ٻيلهه نه ٻڌين ڪڏهين.

يا

پائي ڪان ڪمان ۾ ميان مار مَ مون،
مون ۾ آهين تون، متان تنهنجو ئي توکي لڳي.
 

 نهائين کان نينهن سک منهنجا سپرين،
سڙي سارو ڏينهن، ٻاهر ٻاڦ نه نڪري.

علامه آءِ.آءِ. قاضي، شاهه لطيف جي فن ۽ فڪر بابت لکي ٿو ته ”جيستائين سندس فن جي گهرائيءَ جو تعلق آهي ته هن جي نگاه نهايت تيزيءَ ساڻ فطرت جي دل تائين پهچيو وڃي يا وري هي سٽون ته ظاهري شڪلين ڏانهن تمام گهٽ وڃن ٿيون. سندس فن جي گهرائيءَ جو هڪڙو وڏو اهڃاڻ اهو آهي ته هو هن ڪائنات کي هڪ ’مڪمل ڪل‘ جو درجو ڏئي ٿو، کيس ڪثرت ۽ گهڻائي آئڙي ئي ڪونه ٿي.“ (4)

رسالي جي مختلف سرن ۾ تصوف جي انهيءَ فڪر جو اپٽار هر هنڌ نظر اچي ٿو. شاهه لطيف پنهنجي ڪردارن جي ذريعي ڪامل انسان جو جيڪو تصور پيش ڪيو آهي، اهو عام ماڻهو جي تصور کان گهڻو مٿانهون ۽ پيچيده آهي. شاهه لطيف جا آئيڊل ڪردار بيچين ۽ کاهوڙي انسان آهن، جيڪي سک ۽ آرام کي تياڳي، خودغرض جذبن کي ضبط ڪري، جبل جهاڳي، سمنڊن جا سينا چيري اهي سپون سونجهي اچن ٿا، جن ۾ اهي ماڻڪ موتي موجود آهن. يعني ڀٽائيءَ جو عشق جامد ناهي، پر متحرڪ آهي. ۽ هو ’جت نه پکي پير، اُتِ ٽمڪي باهڙي‘ جهڙي جمالياتي عڪس ۾ جنهن اعليٰ مقام تي پهچڻ جو ذڪر ڪري ٿو، اهو صوفياڻي فڪر عارف جي روحاني منزل  ۽ القاء جي ڪيفيت جو هڪ نرالو منظر آهي. ’سر سهڻي‘ ۾ هو نهايت خوبصورتيءَ سان سهڻي جي موت کي شهادت سان تشبيه ڏيندي، وحدت جي پرچار ڪندي چوي ٿو:

”جر ٿر تک تنوار، وڻ ٽڻ وائي هيڪڙي،
سڀئي شي ٿيا، سوريءَ سزاوار،
همه منصور هزار، ڪهڙا چاڙهيو چاڙهين“.

سسئي، حق ۽ سچ جي تلاش ۾ سرگردان ڏونگر ڏوري، درد ۽ فراق جي سورن، پيڙا جي پنڌن ۽ ڪٺن مرحلن مان گذري احساس جي ان ڪيفيت تي پهچي ٿي، جتي سندس محبوب ۽ هوءَ هڪ ئي وجود ۾ پيهي وڃن ٿا.

پيهي جا پاڻ ۾، ڪيم روح رهاڻ،
نڪو ڏونگر ڏيهه ۾، نڪا ڪيچين ڪاڻ،
پنهون ٿيس پاڻ، سسئيءَ تان سور هئا.

 تصور ۽ تخيل جا اهڙا انوکا خيال ۽ اظهار جي اهڙي نزاڪت، لطيف کي عظيم صوفي شاعرن جي سٿ ۾ بيهاري ٿي. سورلي سندس پوري شاعريءَ جو پوتاميل هنن سٽن سان ڪري ٿو ته ” سندس سموري شاعري مذهبي آهي ۽ اسلامي تصوف مان اتساه ورتو ويو آهي، جيڪو ايران جي صوفي شاعرن جو طريقو آهي.جيڪڏهن وسيع نڪتهء نگاه کان ڏٺو وڃي ته ’منتخب‘ ۾ جن عنوانن کي ورتايو ويو آهي، انهن کي ٽن قسمن ۾ ورهائي سگهجي ٿو. پهريون عشق الاهي جو اسرار، ٻيو سنڌ جي لوڪ ادب جو استعمال ۽ ٽيون سنڌ جي ٻهراڙيءَ جي عام تجربي سان لاڳاپيل ڪي خاص ڳالهيون. عنوان کڻي ڪهڙو به هجي، پر ان ۾ ڳوڙهو صوفياڻو رنگ موجود آهي پوءِ کڻي الله جي اسرار يا سندس شان جي ساراه هجي يا سنڌ جي فراق ڦٽيل عاشقن جو ذڪر هجي، يا اهو سڪي ٺوٺ ٿيل زمين تي وسندڙ وڏ ڦڙي جي ڪري هاري جي دل ۾ پيدا ٿيندڙ خوشيءَ جو بيان هجي، يا چرخو چوريندڙ ڪاپائتي اندر جو احوال هجي. ٻهراڙيءَ جي عام ماڻهو جي نج شاهڪار ٻوليءَ ۾ موجود عڪسن ذريعي جن خيالن جو اظهار ڪيو ويو آهي، ان ۾ سچي سونهن جو شان ۽ معجزو، خدا جي هيڪڙائي ۽ وڏائي تجربي جي وحدت ۽ انسان جو خدا سان صوفياڻو ميلاپ شامل آهن.“ (5)

مجموعي طور تي ڏٺو وڃي ته ڀٽائيءَ جي سموري شاعري وحدت الوجود جي فڪر سان ٽمٽار انسان ذات جي ڀلائي ۽ خدا جي ڪائنات جي ذري ذري سان ڳانڍاپي جي فڪر جو اعليٰ مثال پيش ڪندڙ آهي، جنهن کي پروڙي هر پانڌيئڙو پنهنجي منزل پَسي سگهي ٿو.

حوالا:

1.         فيروزالغات (اردو) ص 390

2.        ڀٽ جو شاهه، ايڇ ٽي سورلي، ص 337.

3.        شاهه جو رسالو، محقق نبي بخش خان بلوچ، سنڌيڪا اڪيڊمي، ڪراچي، 2018ع.

4.        صوفي لا ڪوفي، 2009ع، ڊاڪٽر عبدالغفار سومرو، سنڌي ادبي بورڊ، ص 157

5.        ڀٽ جو شاهه، ايڇ.ٽي. سورلي، 1992ع، سنڌيڪا اڪيڊمي، ڪراچي، ص 284.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org