|
ڪتاب ”مُلهه مَهانگو قطرو“ جو ڇهون ۽ آخري حصو
متفرقه مضمونن ۽ مقالن تي مشتمل آهي، جنهن جو
پهريون مقالو ”محمد ابراهيم جويو بحيثيت سماجي
نقاد“ جويي صاحب جي ڪم تي ڏنل هڪ جامع راءِ ۽
تحقيق تي مشتمل آهي. خاص طور هن جي قومي ۽ سماجي
ڪردار بابت هن مقالي ۾ وضاحت سان لکيو ويو آهي.
ڊاڪٽر ريحانه نظير مقالي ۾ هڪ هنڌ لکي ٿي ته ”محمد
ابراهيم جويو سنڌي قوم جي وکريل سوچن ۽ سگهه کي
مرڪز ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي. ورهاڱي کان پوءِ پيدا ٿيندڙ
ڏک ۽ ويڳاڻپ کي گهٽائڻ لاءِ پنهنجي قلم ذريعي نئين
قوت بخشڻ جي ڪوشش ڪئي.“ اصل ۾ هي هڪ علمي مقالو
آهي، جنهن کي ڊاڪٽر صاحبه وڏي محنت ۽ مطالعي بعد
لکيو آهي. جويي صاحب جي مثبت ۽ متحرڪ سماجي ڪردار،
سندس قومي شعور، جدوجهد ۽ قلم جي جنگ جي حوالي سان
هن مقالي ۾ جاءِ جاءِ تي جويي صاحب جي ڪوششن کي
ساراهيو ويو آهي. ڊاڪٽر ريحانه لکي ٿي ته ”محمد
ابراهيم جويو سنڌ جي قومي ۽ جمهوري جدوجهد جو حصو
رهيو، ون يونٽ دور ۾ سنڌ سان ٿيندڙ سياسي، سماجي ۽
ثقافتي استحصال هجي يا حڪومت جون سنڌي ٻوليءَ سان
ٿيندڙ عقوبتون، هرهنڌ پنهنجي ڏات ۽ ڏاهپ کي قلم جي
شمشير بڻائي نه صرف وڙهيو، پر وڙهڻ به سيکاريائين،
هو بنيادي طور تي قومي سوچ رکندڙ ترقي پسند دانشور
هو، سنڌ ۽ سنڌ واسين سان سندس روحاني رغبت هئي. هن
وٽ قوم، قوميت، قومي جدوجهد ۽ قومي سماج جي اڏاوت
جو تصور خالص سائنسي بنيادن تي مڃڻ انسان دوست ۽
عوام دوست رهيو، جيڪو سندس فڪري تخليقن ۾ هرهنڌ
موجود نظر اچي ٿو.“ مقالي ۾ ڊاڪٽر صاحبه، محمد
ابراهيم جويي صاحب جي تخليقي پورهيي سان گڏ سندس
ترجمن توڙي شيخ اياز جي ڪتابن تي لکيل سندس مهاڳن
بابت جامع حوالا ڏئي هڪ ڀرپور راءِ قائم ڪئي آهي.
ڪتاب جي آخري ڀاڱي جو هڪ ٻيو اهم مقالو ”مادري
زبان جي واڌاري ۾ ماءُ جو ڪردار“ آهي، جنهن ۾
ليکڪا مادري زبان جي واهپي جي اهميت تي روشني
وجهندي ٻوليءَ بابت مائرن جي ڪردار کي واضح ڪيو
آهي. ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته ڪنهن به ٻوليءَ جي واڌ
ويجهه لاءِ ماءُ ئي بنيادي ڪردار ادا ڪري ٿي. ڪنهن
به ٻار لاءِ ماءُ جي هنج ئي هن جو پهريون درسگاه
آهي، اتان ئي هو پهريان ٻول ٻولڻ شروع ڪري ٿو.
عثمان علي انصاري پنهنجي مضمون ”قومي زبان ۽
تعليمي زبان“ ۾ لکيو آهي ته ”هڪ ٻار جي وندر جو
سامان آواز ۾ ٿيندو آهي. هڪ روئندڙ ٻار کي پرچائڻ
جا قدرت ٻه طريقا هر هڪ ماءُ کي سيکاريا آهن: هڪ
ٿڃ ڏيڻ، ۽ ٻيو ڪنهن به قسم جو آواز ڪرڻ مثلاً، يا
ته جهنجهڻ جو، يا ڪنهن شيءِ تي ٿڦ ٿڦ ڪرڻ، ۽ يا
ٻار سان ڳالهائڻ جو. اهو وقت آهي، جڏهن ٻار غير
شعوري طرح سان ڪا زبان سِکندو ٿو رهي، ۽ ماءُ زبان
سيکارڻ جي ڪوشش کان سواءِ فقط ٻار کي پرچائڻ يا
مامتا جي محبت ونڊڻ جي ڪوشش ۾ ٻار کي زبان
سيکاريندي ٿي رهي.“ (اسان جي ٻولي اسان جي تعليم،
محمد ابراهيم جويو 1985ع )
مان سمجهان ٿو ته دنيا جون سموريون ٻوليون اصل ۾
مادري ٻوليون آهن، ڇوته هر ٻولي ڳالهائيندڙ فرد کي
ڪنهن ماءُ ئي ڄڻيو هوندو آهي ۽ ان جي ڪا نه ڪا
ٻولي هوندي آهي. ٻولين جي بچاءَ جو واحد رستو انهن
ٻولين جا ڳالهائيندڙ آهن، جڏهن ٻولين جا
ڳالهائيندڙ پنهنجي ماءُ جي ٻولي ڳالهائڻ ڇڏي ڏين
ٿا ته آهستي آهستي اها ٻولي به مري وڃي ٿي، اهي
ماڻهو پنهنجي ماءُ جي ٻوليءَ کي نه ٿا مارين ڄڻ
پنهنجي جيجل ماءُ کي ماري ٿا ڇڏين. ان ڪري سڄي
دنيا ۾ مادري ٻولين جي بچاءَ لاءِ 21 فيبروريءَ
تي عالمي ڏينهن ملهايو ويندو آهي. 1953ع کان
يونيسڪو طرفان اها ڳالهه مڃيل آهي ته ٻار کي
بنيادي تعليم به سندس مادري ٻوليءَ ۾ ڏيڻ گهرجي.
“The Use of Vernacular Languages in Education” Report of
UNESCO Meeting of Specialists (1951), Monographs
on Fundamental Education V111, p. 47- 8, Paris.
UNESCO 1953.
حقيقت اها آهي ته جيڪو ساءُ ماءُ جي ٻوليءَ ۾ آهي،
اهڙو ڪنهن ٻي ٻوليءَ ۾ نه آهي. ان ڪري ئي ته اياز
چيو هو ته:
پنهنجي ٻوليءَ ۾ ميان جي تون چوندين ماءُ،
توکي اهڙو ساءُ، ڏيندي ٻِي ٻولي ڪٿي.
ڊاڪٽر ريحانه پنهنجي هن مقالي ۾ ماءُ ٻوليءَ جي
اهميت کي اجاگر ڪندي لکي ٿي ته ”ماءُ کي گهرجي ته
پنهنجي ٻار سان وڌ ۾ وڌ پنهنجي ٻوليءَ ۾ ڳالهائي
ته جيئن ٻار جي ذهن ۾ لفظن جو ذخيرو پيدا ٿئي،
جنهن سان هو پنهنجي جذبن ۽ خيالن جو اظهار آسانيءَ
سان ڪري سگهي، دنيا جي سڌريل ملڪن ۾ ٻار سان نه
صرف گهر ۾ پر اسڪولن ۾ به مادري زبان ۾ ڳالهايو ۽
پڙهايو وڃي ٿو ته جيئن هو سماج، ان جا قاعدا
قانون، مذهب ۽ ان جي چڱاين کان چڱي طرح واقف ٿي
معاشري جي ريتن رسمن بابت ڄاڻي سچ ۽ ڪوڙ جي فرق کي
سمجهي ۽ اهو سڀ ڪجهه تڏهن ممڪن ٿي سگهي ٿو جڏهن
اسان ان کي ان ٻوليءَ ۾ تعليم ڏيون جيڪا سندس گهر
جي ٻولي آهي جنهن کي مادري زبان چيو وڃي ٿو.“
پنهنجي موضوع جي لحاظ کان هي هڪ سٺو مقالو آهي
جنهن سان ڊاڪٽر ريحانه نظير چڱو نڀايو آهي.
”مُلهه مَهانگو قطرو“ جو آخري مضمون آهي ”رسالي
”سرتيون“ جي واڌ ويجهه ۾ ايڊيٽر جو ڪردار“ جنهن ۾
ڊاڪٽر ريحانه نظير سڀ کان پهريان ايڊيٽر جي ڪردار
۽ سندس ذميوارين تي روشني وڌي آهي. هن جي اها راءِ
درست آهي ته ”ليکڪن سان گڏ ادارا ۽ انهن جا ايڊيٽر
به تاريخ ۾ اهم ڪردار ادا ڪن ٿا، سنڌي ٻولي ۽ ادب
جي واڌ ويجهه ۾ پڻ ڪيترن ئي ادارن ۽ انهن طرفان
نڪرندڙ رسالن ۽ انهن جي ايڊيٽرن جو اهم ڪردار رهيو
آهي. خاص طور تي ورهاڱي کان پوءِ نظر ڪجي ته سنڌ
۾ سنڌي ادبي بورڊ، سنڌالاجي ۽ سنڌي لئنگئيج اٿارٽي
ان سلسلي ۾ تمام نمايان ڪردار ادا ڪيو آهي.“ هن
مضمون ۾ سنڌي ٻوليءَ ۾ شايع ٿيندڙ بنيادي رسالن جي
ذڪر بعد ڊاڪٽر ريحانه سرتيون جي اجراءَ جو پس منظر
بيان ڪندي لکيو آهي: ”1989ع ۾ سنڌي ادبي بورڊ ان
وقت جي وزيراعظم محترمھ بينظير ڀٽو جي صلاح تي
عورتن لاءِ هڪ رسالو ”سرتيون“ جي نالي سان جاري
ڪيو. جنهن جو پهريون پرچو 1990ع ۾ نڪتو، هي پهريان
ٽماهي نڪرندو هو، هن رسالي جي پهرين ايڊيٽر اسان
جي ڀيڻ گلبدن جاويد مرزا هئي ۽ اڄ به آهي.“ گلبدن
جاويد جو تعلق هڪ ادبي گهراڻي سان آهي، سندس والد
آصف مصراڻي سنڌي ٻوليءَ جو ناميارو شاعر هو ۽ هوءَ
پاڻ به سٺي شاعره ۽ نثرنگار آهي. گلبدن جاويد مرزا
جي ايڊيٽرشپ ۾ ”سرتيون“ رسالي جي ريگيولر پرچن سان
گڏ جيڪي خاص نمبر شايع ٿيا آهن، انهن ۾ ايڊيٽر جي
محنت صاف ظاهر ٿي رهي آهي. هن جي خدمتن کي نظر ۾
رکندي هن وقت کيس سنڌي ادبي بورڊ جي سيڪريٽري شپ
واريون ذميداريون پڻ ڏنيون ويون آهن. ڊاڪٽر ريحانه
”سرتيون“ جي معيار ۽ ايڊيٽر جي ڪردار جي واکاڻ
ڪندي لکيو آهي ته ”هن رسالي سنڌي ادب ۾ علمي،
ادبي، تحقيقي ۽ تخليقي ادب سرجڻ سان گڏ سائنسي
مضمون پڻ ڇپايا، انهن مان پڻ ايڊيٽر جي ڳوڙهي سوچ
۽ فڪر جون جهلڪيون نظر اچن ٿيون، جنهن سرتيون ۾
ڇپجندڙ مواد کي پنهنجي عالمانه ۽ مفڪرانه نظر سان
ڳوڙهو اڀياس ڪري ڇنڊي ڇاڻي ڪٿي صلاحن جي ضرورت
محسوس ڪئي ته هڪدم ليکڪ يا ليکڪن کي اهي صلاحون پڻ
ڏنيون، پر اهي به سخت روين يا ٽوڪ ۽ طنز هيٺ نه،
پر مدبرانه ۽ فڪري سوچ جي انداز هيٺ همت افزائي جي
صورت ۾ ڏنيون، اهوئي سبب آهي جو هن جي ان نوري
واري نهٺائي ۽ نماڻائي هر نئين توڙي پراڻي ليکڪ جي
نظر ۾ نه صرف هن جي عزت ۽ مانَ کي وڌايو، پر انهن
کي لکڻ لاءِ هڪ نئون اتساه پڻ مهيا ڪيو.“ ڊاڪٽر
ريحانه هي مضمون ”سرتيون“ جي ٽيهه ساله جشن جي
موقعي تي لکي، هڪ محنتي ايڊيٽر کي داد ڏنو هو.
سچ اهو آهي ته لکڻ دل جي مزدوري آهي، هڪ ليکڪ
جيسيتائين زنده آهي، تيسيتائين لکندو رهي ٿو. اها
به حقيقت آهي ته هن دنيا ۾ ڪڏهن به ۽ ڪنهن جو به
پورهيو ضايع نه ٿيندو آهي. دل جي خلوص سان ڪيل
ڪوشش سڦلتا جي مارڳ ڏي ضرور وٺي ويندي آهي. ڊاڪٽر
ريحانه نظير به هڪ اهڙي پورهيت ليکڪا آهي، جنهن جي
پورهيي ۾ محبت شامل آهي. لطيف سائين چيو هو ته:
جان ڪَتِين تَان ڪَتُ، هِيءَ هَڏِ وهاڻِي،
ڪاپائِتِي سَڀَڪا
ڪَتي سيَبَاڻِي،
ڄاتو جَنِ ڄاڻِي،
تَنِ هَٿان پَهِي نه ڇَڏِي.
(سُر ڪاپائتي)
جيئن چوندا آهن ته ”اگهي ته پاءُ نه ته مڻن کي به
موٽ“ ائين ئي ڪڏهن ڪڏهن هڪ قطرو به اگهي ويندو آهي
۽ اصل ۾ ڏسجي ته قطري ۾ ئي ته قلزم آهي. ڊاڪٽر
ريحانه جو هي ادبي پورهيو ”مُلهه
مَهانگو قطرو“ هڪ قطرو ئي سهي پر اهو قطرو سنڌي
ادب جي ڪُل جو ئي جُز آهي. اميد ته ڊاڪٽر ريحانه
نظير جي هن ادبي ڪاوش کي سنڌي ادب جي گهڻ گهرن
وٽان مثبت موٽ ملندي.
ڊاڪٽراحسان دانش
سيڪريٽري،
سنڌي لينگئيج
اٿارٽي
حيدرآباد، سن
ٻه اکر
”مُلهه مَهانگو قطرو“ مادر علمي سنڌ يونيورسٽي ڄام
شوري جي مانائتي استاد پروفيسر ڊاڪٽر ريحانه نظير
صاحبه جو علمي، ادبي ۽ تحقيقي پورهيو اهي، جنهن ۾
لوڪ شاعري، ڪلاسيڪي شاعري، جديد شاعري، ڪهاڻي ۽
متفرقه موضوعن تي تحقيقي مقالا شامل آهن، جن ۾
پڙهندڙ حضرات، محققه جي علمي صلاحيت ۽ تحقيقي
مُلهه (Worth)
جو اندازو ڪري سگهن ٿا.
تحقيق ۾ محقق جو صاحب راءِ هجڻ بيحد ضروري هوندو
آهي، ڇو ته اها ئي ڳالهه محقق جي ڪم جي اهميت ۽
افاديت کي اجاگر ڪندو آهي. ’مُلهه مَهانگو قطرو‘
جي اڀياس کان پوءِ معلوم ٿئي ٿو ته مسئلي يعني
موضوع جو بيان، اُن جي اهميت ۽ افاديت کي پرکڻ جا
پيراميٽر جوڙڻ، اُن مطابق موضوع ۽ اُن جي مڙني
داخلي ۽ خارجي معاملن جو تجزيو ڪرڻ ۽ آخر ۾ نتيجا
ڪڍڻ محقق لاءِ هڪ وڏو مسئلو هوندو آهي، ڇو ته
پهريان موضوع سان نسبت رکندڙ مواد جو احاطو ڪبو
آهي، يعني اُن جون حدون ۽ دائرا طئه ڪبا آهن، پوءِ
ئي ڪم ۾ هٿ وجهبو آهي، اُن اڳواٽ رٿابنديءَ کان
سواءِ ڪوبه ريسرچ ورڪ پنهنجا گهربل نتيجا نه ٿو
ڏيئي سگهي. ’مُلهه مَهانگو قطرو‘ پڙهجي ٿو ته
محققه پوري تياريءَ سان موضوعن جي ظاهر ۽ باطن سان
نڀائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. هن پنهنجي تحقيق ۾ سورس
مٽيريل جا ابتدائي ۽ ثانوي ذريعا به استعمال ڪيا
آهن ۽ پنهنجي شعوري استدلال کان به مدد ورتي آهي.
سندس تحقيق ۾ استعمال ڪيل ٻولي به سوادي ۽ رس ڀري
آهي. هن کي موضوعن جي تمهيد ٻڌڻ به اچي ٿي. کيس
عالمن جي ڪتابن مان ڪم وارا نُڪتا جهٽڻ جي به سگهه
آهي ۽ انهن مان نه رڳو نتيجا ڪڍڻ به اچن ٿا، پر
انهن کي پنهنجي اسلوب ۽ پيراميٽر ۾ سولي انداز ۽
سليقي سان بيان ڪرڻ به هن کي اچي ٿو.
تحقيق پنهنجي ابتدائي مراحل ۾ هڪ اهڙو اڻ سلجهيل
سُٽ آهي، جنهن جي ڌاڳي کي نه رڳو ورن وڪڙن مان
ڪڍڻو پوندو آهي، پر انهن ۾ پيل ڳنڍين کي به کولڻو
پوندو آهي، تڏهن وڃي تحقيق جو سُٽ سُلجهندي ڍيرو
بڻجندو آهي، پوءِ ئي اُن مان محقق پنهنجي گهربل
صلاحيت ۽ لياقت آهر مختلف چيزون (وٿون) جوڙي ٿو.
اِهو هڪ اعليٰ فن آهي، ڇو ته تحقيق ۾ رڳو علم ڪافي
نه هوندو آهي، علم کي ڪيئن استعمال آڻجي اهو هڪ فن
۽ ٽيڪنڪ آهي. ’مُلهه مَهانگو قطرو‘ جي اڀياس دوران
خبر پوي ٿي ته محقق، تحقيق دوران گهربل موضوعن ۾
پيدا ٿيل ضمني معاملن کي به نه رڳو سمجهڻ ۽
سلجهائڻ جي ڪوشش ڪري ٿي، پر انهن کي ٻين محققن ۽
پڙهندڙن جي آڏو وائکو به ڪري ٿي. تحقيق ۾ محقق جو
اهو تغودو بيشڪ اهميت جي حامل هوندو آهي. سندس
لکيل مقالي ”سنڌ جي ريگستاني عورتن جا لوڪ گيت، هڪ
اڀياس“ ۾ ريگستان ۽ ٿري عورتن جي نفسيات جي سهڻي
نموني عڪاسي ڪئي آهي. ٿر ۽ ريگستان جون اُهي
عورتون جيڪي سارو ڏينهن مشڪلاتن ۽ مسئلن سان
مدمقابل رهن ٿيون، انهن کي حوصلي، همٿ ڏيڻ لاءِ
ڪانه ڪا ’ٽانِڪ‘ يا وندر ورونهه گهرجي، ته جيئن
اُهي ساري ڏينهن جي ٿڪاوٽ کي زائل ڪري پنهنجي وجود
۾ نئين سر حرارت ۽ امنگ پيدا ڪري سگهن. لوڪ گيت،
مورا، ڇلڙا، لاڏا، ٽيج، لمڪيان ڙي لو وغيره وغيره
ئي اهڙين ريگستاني ۽ ٿري عورتن لاءِ ‘ٽانِڪ’ ۽
وندر ورونهه جو سامان بڻجن ٿا. ڊاڪٽر ريحانه نظير
صاحبه جن مقالي ۾ لوڪ شاعريءَ جي سماجي ڪارج جي
اعتبار کان عورتن جي نفسياتي معاملن جي جزئيات
تائين قلم کنيو آهي.، جنهن مان سندس عورتن جي
باريڪ معاملن جو وٽس هڪ نفسياتي ادارڪ حاصل آهي،
جنهن جو هن بيباڪيءَ سان اظهار به ڪيو آهي. ائين
سندس ٻين مقالن ۾ به معنيٰ جا موتي جرڪندي نظر
اچن ٿا.
ڊاڪٽر ريحانه نظير صاحبه بنيادي طرح افسانانگار
آهي، مان جڏهن سنڌي ادبي بورڊ ۾ ٽماهي ’مهراڻ‘
رسالي جو ايڊيٽر هوس، تن ڏينهن ۾ ميڊم پنهنجا لکيل
افسانا ’مهراڻ‘ لاءِ ڪڏهن هٿئون هٿ ته ڪڏهن گلبدن
جاويد جي معرفت موڪليندي هئي، اهو 2011ع ۽ 2012ع
جو دور هو.
سندس افسانن ۾ سنڌي ادب جي برک افسانه نويس ڊاڪٽر
نجم عباسي جي افسانن جو رنگ نظر ايندو هو. سندس
لکيل اهي افسانا ٽماهي ’مهراڻ‘ رسالي جي پڙهندڙن ۾
مقبول ٿيڻ لڳا هئا. ڊاڪٽر نجم عباسيءَ جي افسانن ۾
گهڻو ڪري سنڌ جي پٺتي پيل عورتن کي سجاڳ ڪرڻ ۽
پنهنجا حق وڙهي وٺڻ جا سبق ۽ حوصلا ڏنل آهن، شايد
اُهي افسانا، ميڊم ريحانه نظير صاحبه جي تخليقي
صلاحيتن ۽ جرئتن کي اجاگر ڪرڻ جو سبب بڻيا هجن ۽
مان سمجهان ٿو ته ڊاڪٽر نجم عباسيءَ جي فن ۽ فڪر
تي پي ايڇ. ڊي ڪرڻ جو به اُهو ئي ڪارڻ هُجي.
’مُلهه مَهانگو قطرو‘ جي اڀياس کان پوءِ هڪ اهم
ڳالهه نظر اچي ٿي، جيڪا مون کي اڳ ۾ ڪرڻ کپندي
هئي، سا آهي ميڊم جي سنڌي ٻوليءَ جي اکرن/آوازن تي
پوندڙ نظم. سنڌي لکت ۾ ’هه‘ اکر جون متحرڪ
’-هه-‘ ۽ غير متحرڪ ’-هه-‘ صورتون استعمال
ٿينديون آهن، پر اسان جو لکندڙ ’هه‘ جي انهن ٻنهي
صورتن جو درست استعمال گهڻو ڪري نه ڪندو آهي، پر
هاڻي جيئن ڪمپيوٽر ۾ ’هه‘ جا اوهي ٻئي فانٽ (متحرڪ
۽ غير متحرڪ) داخل ٿي چڪا آهن، ته ميڊم ڊاڪٽر
ريحانه نظير صاحبه پنهنجي هن ڪتاب ۾ ’هه‘ اکر جا
اُهي ٻئي روپ، درست رخ ۾ اختيار ڪيا آهن ته جيئن
لکت ۾ انهن اکرن جو تحريري ڪارج پُورو ٿئي.
آخر ۾ اميد ڪجي ٿي ته ڊاڪٽر ريحانه نظير صاحبه جو
هيءُ تحقيقي پورهيو اسان جي پڙهندڙن کي پسند اچي ۽
ميڊم جو ڪيل هيءُ پورهيو صابِ پوي.
پروفيسر دين محمد ڪلهوڙو
ڄام شورو
* لوڪ شاعري *
سنڌ جي ريگستاني عورتن جا لوڪ گيت
-
هڪ اڀياس-
لوڪ ادب ڪنهن به ملڪ، قوم يا معاشري جي نفسيات، رهڻي ڪهڻيءَ
جو عڪاس هوندو آهي، جنهن
جي وسيلي اتي وسندڙ ماڻهن جي تهذيب، ثقافت ۽ ٻوليءَ جي ڄاڻ ملندي آهي.
لوڪ ادب جا سرجڻهار ڪير آهن؟ اهو به پنهنجي جاءِ
تي اهم سوال رهيو آهي. اصل ۾
لوڪ ادب
ٻهراڙيءَ
جي
ڏاهن ۽ سچن
ماڻهن جو سرجيل تخليقي ادب آهي، ان ڪري ان ۾
ڪٿي ذهانت جا ذخيرا ته، ڪٿي وري خيال ۽ تخيل جي سادگي ته، ڪٿي
وري لفظن جي
جوڙ جڪ ۾ ڳُوڙها راز سمايل ته، ڪٿي وري خيال جي رواني
آسمانن جي اسرارن جا
روپ نروار ڪندي نظر اچي ٿي، ته ڪٿي بيان جو طريقو
عام فهم ۽ ايترو ته سادو،
جو هر
ماڻهو
جي سوچ ۽
سمجهه
کي رَسي سگهي ته، ڪٿي وري ڳوڙهي سٽاءَ سان ڀرپور
نظر اچي ٿو.
مطلب ته لوڪ ادب ۾ زندگيءَ جا سڀئي رنگ شامل
هوندا
آهن.
پروفيسر قمر رئيس
لوڪ ادب
بابت لکي ٿو
ته
”لوک
ادب المیہ اور حُزنیہ بهی ہوتا ہے اور طربیہ بهی۔
یہ عوام کی ذہانت کا تخلیقی اظہار بهی ہوتا ہے اور
ان کی تفریح و تفنن کا ذریعہ بهی – اس میں ہنسی،
مذاق، ٹهٹهولی، طنز و تعریض، مذہبی عقیدت، دشمنوں
سے نفرت، وطن دوستی، مظاہر فطرت سے محبت، جنسی
جبلّت، الغرض ہر طرح کے جذبات و احساسات اور
واردات کا اظہار ہوتا ہے“۔(1)
لوڪ ادب ۾ نثر ۽ شاعري ٻئي
اچي وڃن ٿا. شاعري ۾ لوڪ گيت تمام گهڻا
لکيا ۽ ڳايا
ويا آهن. سنڌ ۾ لوڪ گيتن جو تعلق گهڻي ڀاڱي ٿرسان
ملي ٿو، ڇاڪاڻ ته ٿر جي زمين،
جيڪا برسات نه پوڻ ڪري هميشه اڃايل ۽
وارياسي رهي ٿي، ان ڪري اتان جي ماڻهن
جو ذريعه
معاش گهڻو ڪري ڪنهن ٻئي شهر يا وسندي ۾ پورهيو يا
مزدوري ڪندي پورو
ٿئي ٿو
۽
جيئن ته پدرشاهي سماج ۾ مرد ڪمائڻ
لاءِ
گهر کان
ٻاهرويندا آهن ۽ عورتون وري گهر۽ ٻار
سنڀالينديون آهن، ان ڪري انهن جي زندگي
پنهنجي ٻارن جي پالنا ۽ پنهنجي ور جي موٽڻ
جي آس، اميد ۽ اوسيئڙي جي ارد گرد گهمندي رهندي آهي، اهو ئي
سبب
آهي، جو اهي انهن
کي ياد ڪري ڪيڏي مهل ڏيئا ٻاري ڀتين تي رکنديون آهن ته، ڪيڏيءَ
مهل ٺڪر جي ٿانوَ
۾ پکين کي پاڻي ۽ اناج جا داڻا رکي پنهنجي دل
جا
راز انهن سان ونڊينديون آهن، کين
پنهنجي ور، محبوب
يا پرين پيارن
لاءِ نياپا ڏيئي موڪلينديون آهن.
ان کان علاوه جن عورتن جون
شاديون ٻئي علائقي مان ٿيل هونديون آهن،
اهي وري پنهنجي مائٽن لاءِ پيون پيغام
موڪلينديون آهن. ٿري ماڻهن لاءِ مينهن قدرت جي
طرفان عطا ڪيل سوغات هوندو آهي.
جڏهن اتي مينهن وسندو آهي تڏهن ڏورانهن
هنڌن تي ويل ماروئڙا پنهنجي مائٽن ڏي ورندا
آهن ۽ عورتون سندن آجيان ۾ خوشيءَ
مان گيت چونديون آهن يا وري جڏهن مينهن پوندا آهن
تڏهن کين ننڍپڻ جون سَکيون ياد اينديون
آهن، جن سان گڏجي هو جهولا لڏنديون هيون ۽ گيت
ڳائينديون هيون. جيئن: ساوڻ ٽيج يا بادليو وغيره جا لوڪ گيت،
جن ۾ هو
(پرڻيل عورتون)
پنهنجن ڀائرن کي سَنيها موڪلينديون آهن ته
مينهن وٺا توهان اڃان وٺڻ لاءِ
ڇو
نه پهتا آهيو،
سکيون جهولا جهلنديون هونديون.
چيو
وڃي ٿو ته لوڪ گيتن جي تاريخ ايتري ئي قديم آهي
جيتري انساني زندگي جي تاريخ
پراڻي آهي. انهن لوڪ گيتن جي موجد گهڻي
ڀاڱي عورت رهي آهي،
ڇو
ته
گيت ۾ جيڪي
نرم نازڪ خيال، احساس ۽ جذبا، جن کي سُر،
لئه ۽ ساز سان سلهاڙيو وڃي
ٿو، اهي مرد جي
بنسبت عورتن جي مزاج جي گهڻو ويجهو آهن.
ڊاڪٽر وزير آغا ان
تي
روشني وجهندي لکي
ٿو ته:
”گیت عورت کے جذبہ اظہار ہے، عورت سماج کے لیے
علامت کا درجہ رکہتی ہے، گیت نا صرف اس معاشرے میں
جنم لیتا ہے جس کی اساس مادری زبان پر قائم ہوتی
ہے بلکہ سماجی زندگی کے اس دور میں جنم لیتا ہے جس
میں سوسائٹی اپنی بوجهل جسم میں روح کی پہلی کروٹ
کو محسوس کرتی ہے۔ یہی ثنویت کی ابتدا بهی ہے۔(2)
سنڌ جو ريگستاني علائقو
ٿر به لوڪ
گيت
جو ڳڙه ليکيو وڃي ٿو، جتي لوڪ ادب ۾ نثر توڙي
شاعري جا انمول خزانا موجود آهن. خاص ڪري
لوڪ شاعري ٿر جي تهذيب ۽
ثقافت
جي آئينه
دار رهي آهي،
جنهن ۾
پڻ گهڻي ڀاڱي عورت جي جذبن جو اظهار سمايل نظر اچي
ٿي،
ان جو سبب شايد هي آهي ته ٿر جي عورت ذهني توڙي
جسماني ساخت ۾ هڪ مضبوط
حوصلن جي مالڪ ۽ گڏو گڏ هوءَ هر قسم جي معاشي توڙي سماجي شعور سان لبريز رهي
ٿي،
هن ۾ ٻين پسمانده علائقن جي عورتن جي برعڪس وڌيڪ قرباني،
ايثار ۽ گهريلو تشدد
خلاف مزاحمت جو جذبو نظر
اچي ٿو.
ٿري عورتون مردن جي ڏورانهن هنڌن تي ڪمائڻ لاءِ
وڃڻ سبب گهر جو سمورو بار پنهنجن ڪلهن تي کڻن ٿيون. پوءِ اهي پاڻيءَ
جا هڪ ٻئي
مٿان رکيل گهڙا هجن، جيڪي هو ميلن جا پنڌ ڪري نٽهڻ
اُس ۾ ڀري گهرموٽنديون
آهن يا
وري ٻني ٻاري جو ڪم هجي يا وري ٻارن جي سار سنڀال
هجي، ان کان پوءِ به هو فارغ
ٿي ويهي ڪونه رهن، پرپنهنجي پائڻ لاءِ يا
ذريعي معاش جي کوٽ کي پوري ڪرڻ
لاءِ مختلف قسم جا ويهي ڀرٿ ڀرينديون آهن، گهرن جي
مرمت پنهنجي هٿن سان ڪنديون،
تهوارن تي گهرن کي راڳا ڏينديون، کائڻ
لاءِ اَنُ ڇڙينديون.
مطلب ته ٿري عورت هر قسم جو
پورهيو ڪندي ڪونه ڪيٻائيندي آهي ۽ انهن ڪمن ڪارين
دوران هوء پاڻ کي وندرائڻ لاءِ
مختلف قسمن جا گيت ڳائيندي ته ڪڏهن وري
پنهنجي مخصوص ۽ منفرد
ثقافتي انداز ۾ سڀ سکيون گڏجي انهن(گيتن) تي رقص ڪندي نظر
اينديون آهن. ڪڏهن ڪڏهن
وري چنڊ جي چانڊوڪيءَ
۾ يا وري ڏينهن جي روشنيءَ
۾ نم جي وڻ هيٺان ويهي پنهنجي
ورن جي
وڇوڙي ۾ فراق جا گيت آلاپينديون ۽ ورلائينديون آهن، اهو ئي سبب
آهي جو، ٿري
لوڪ گيتن ۾ جذباتي احساسن سان گڏ معاشي ۽ سماجي
زندگي جا سمورا ڏيک پَسجن ٿا
پوءِ اهي شادي وهانءَ جي ريتن رسمن جا گيت
هجن يا عشق محبت جا داستان هجن، سَکين
جي وڇوڙي
جا گيت هجن يا پنهنجي ور يا محبوب جي هجر ۽ فراق
تي ٻَڌل گيت
هجن يا وري پوک ۽ لاباري جا گڏجي ڳايل گيت، مطلب ته ٿر ۾ هر
مهل ۽ موقعي جي
مناسبت سان گيت رچيل آهن، جن جا گهڻي ڀاڱي موضوع
عورت جي جذبات جي عڪاسي
ڪندڙ آهن. جن ۾ وڇوڙي، درد، شڪوه شڪايت، آسن ۽ اميدن تي ٻڌل
گيت شامل آهن.
اهڙي طرح اهو چئي سگهجي ٿو ته ٿر ۾ هر قسم جي موقعي ۽ مناسبت جا گيت سِرجيا
وڃن ٿا.
بقول ڀارومل امراڻي جي ته،”ٿر جي لوڪ شاعريءَ
۾ جذبن جي معصوميت، اظهار جي
نماڻائي، بيپناه جماليت، فراق ۽ وصل جون وارتائون آهن،
جن جي عمر ڪيلاش تي رهندڙ
ديومالائي ڪردارن کان وڏي آهي. لوڪ شاعري جو سرڳ ديوتائن جي
سرڳ کان سهڻو
آهي. ٿر ۾ لوڪ گيتن جي شروعات
مينهن
جي وسڻ، مورن جي
ٽهوڪن،
تارن جي جڳ مڳ، تاڙي
جي تنوار، هرڻ جي چال، ٻاٻيهي جي اُڃ
سان
شروع ٿئي ٿي .
(3)
هيٺ اهڙن
لوڪ گيتن جو مختصر احوال پيش ڪجي ٿو.
سانوڻ ٽيج:
هي ٿر جو مشهور لوڪ گيت آهي، جيڪو نيون سهاڳڻيون ۽ ڪنواريون
مينهن پوڻ کانپوءِ
گڏجي ڳائينديون آهن ۽ پنهنجي
ماءُ
ڏي نياپا موڪلينديون آهن،
ساهرن ۾ سندن مٿان ظلم ٿئي ٿو.
هاڻي ته ساوڻ گجيو آهي،
هاڻي ته ڀاءُ کي موڪليو ته جيئن، مون کي وٺي وڃي.
ڊاڪٽر
نبي بخش بلوچ ان گيت جي باري ۾ لکي ٿو ته،
”هي ٿرپارڪر جو گيت آهي، جنهن
جو تعلق سانوڻ جي مند سان آهي. سانوڻ مهيني جون
”ٽينجون“ ڏهاڙي طور ملهايون
وينديون آهن. انهن ڏينهن تي ننڍيون
ڇوڪريون ۽ نيون پرڻيل ڪنواريون ”ٽيج
جو
ورت
رکن، ڇوڪريون وڻن ۾ پينگهون ٻڌي سڄو ڏينهن لڏن ۽ تراين تي وڃي هڪ هنڌ گڏجي
سانوڻ ٽيج جا گيت ڳائين.“
(4)
مثال :
آئي آئي ماءُ سرامڻ ٽيج ڙي
(اي امان! سانوڻ جي مهيني ۾ ٽيج آئي آهي.
سراوَڻ سانوڻ
ڌيئا ساسري
(سانوڻ سانوڻ پر ڌيئڙي ساهرن ۾ آهي)
ميلهي ميلهي، ماءُ نانِيرو وير.
(امان! ننڍڙي ڀاءُ کي ڪوٺڻ لاءِ اماڻج)
راتان ري نِرڻي ڀايان رِي ٻينڙي.
(جو ڀائن جي سڪندل ڀيڻ، نيراني ويٺي آهي)
آئي سرامڻ ٽيج ڙي
آئي سرامڻ ٽيج ڙي.
(5)
هن گيت جو موضوع گهڻي ڀاڱي مائٽن سان شڪوه شڪايت تي ٻَڌل آهي، جنهن ۾
ساهرن جي ظلم جي دانهن ڏني وڃي ٿي ته، ڪيئن هن کي سڄو ڏينهن
ڪم ڪرائي سڪي
ماني جو ڍوڍو ڏنو وڃي ٿو.
هي گيت جديد شاعرن ۾ شيخ اياز پڻ لکيو آهي،
جنهن جا ٻول هن طرح آهن.
مثال:
آئي
سانوڻ ٽيج ڙي
گج سوين تارڙا، واجه وجهي وڄ ڙي
ڇوريءَ نه ڇڄ ڙي!
آئي
سانوڻ ٽيج ڙي
هيکلڙو هينئڙو، اُڀ ڪري گاج ڙي!
راڻو نه راج ڙي!
(6)
ان کان علاوه ٿر ۾ جهڙڦڙ،
ميگه ملهارجا ٻيا به ڪيترائي گيت ڳايا وڃن ٿا، جن
۾ ”بادليو“،
”ورسارو“،
”ڀئيو“ ۽ چوماسو وغيره قابلِ
ذڪر آهن .
مطلب ته
هتي هرموضوع توڙي موسم جي مناسبت سان رچيل
لوڪ گيت، ٿري عورتن جي جذبات
جي نمائندگي ڪندي ملن ٿا. جيئن ”ڪانگلڙيو“ جنهن ۾
پرڻيل عورت
ڪانگ
(ڪانءُ) کي قاصد بنائي پنهنجي محبوب يا مائٽن ڏي
سڪ جا سنيها موڪلي ٿي.
گهرن ۾ عورتون ڀتين تي پاڻيءَ
جا پاٽڙا ڀري يا کائڻ پيئڻ جون اُهي شيون جيڪي پکي
واپرائين ٿا،
رکنديون آهن ۽ جڏهن اُهي (پکي) کائڻ لاءِ ايندا
آهن تڏهن هو انهن کي قاصد بنائي نياپو موڪلينديون
آهن.
مثال طور: هو ڳائينديون آهن ته:
آءُ ڪانويلي
ڏيان مٺي لولي
اڄ ڪير ايندو
پرينءَ پيارو ايندو
بنيادي طور تي هيءُ
محبت ۽ مجاز جو گيت آهي،
جنهن کي ڪلاسيڪل شاعرن پڻ لکيو آهي، مثال سنڌ جي
سرواڻ ڪلاسيڪي شاعر شاهه عبداللطيف ڀٽائي لکيو آهي
ته:
آءُ ڪَانگا تو ڏِيان، چِٺِي چورائي
سا وَڃِي ڏي مَحبُوبَ کي، لوڪَان لِڪائي
پِرِين پَڙَهائي، مَان سُڌِ لَهَنِ سُورَ جِي.(7)
جديد شاعرن ۾ تاجل بيوس جو لکيل ڪانگلڙو گيت
مثال طور تي پيش ڪجي ٿو:
ڪانگلڙو، ڪانگلڙو،
ڪارونجهر جو ڪانگلڙو،
آتڻ منهنجي آيو آ......
کوڙ ر ملائي خوشبويون،
مصرين جي پاڻيءَ ۾ مون،
مٺڙو روٽ پچايو آ....
آتڻ منهنجي آيو آ.....
ڳانيون ڳچيءَ ۾ پائي ،
پير ۾ ڇلڙا پائي،
پرين ڪانگ اُڏايو آ....
آتڻ منهنجي آيو آ.....
ڪارونجهر
جي ڪانگلڙي،
خاطُوءَ منهنجي کنيا تلڙي،
ٻَرِ ٻَرِ ٻول ٻُڌايو آ.......
آتڻ منهنجي آيو آ.....
وڏ ڦڙئي جون واڌايون،
ڪانگل آهن ڪن لايون،
”بيوس“ سانگ سجايو آ......
آتڻ
منهنجي آيو آ.....
(8)
پڻهياري:
ٿر جو ذڪر اچي ۽ پاڻيءَ جو ذڪر نه اچي،
اها اڻ ٿيڻي ڳالهه چئبي، ڇو جو ٿر وارياسو
علائقو آهي، ان ڪري اتان جي جيوت لاءِ پاڻي ڪنهن
سوغات مثل هوندو آهي، اهو ئي سبب
آهي جو، ٿر ۾ مينهن جي موسم کي عيد جي
تهوار جيان ملهايو ويندو آهي، پر جڏهن اتي پاڻي
جي کوٽ ٿيندي آهي تڏهن ان علائقي جون عورتون گڏجي ڏورانهن
هنڌن تان پاڻي ڀري
اينديون آهن، جن کي”پڻهياريون“ يا وري ”پڻهياريون“
ڪوٺيو ويندو آهي،
ڇو جو
سندن ور محنت مزوري يا ڪنهن ڪم سانگي ڏورانهن هنڌن تي هوندا
آهن، تڏهن هو انهن
کي ياد ڪندي هي گيت آلاپينديون آهن ۽ جڏهن اهي
پاڻي ڀريندڙ ٿري عورتون مٿي توڙي
چيله تي گهڙو ڀري جڏهن قطار ڪري هلنديون
آهن تڏهن سندن سونهن ڏسڻ وٽان هوندي
آهي. جنهن کي لوڪ ادب ۾ پڻهياري
جي صنف طور سڃاتو وڃي ٿو.
جڏهن هو مٿي ۽ چيله تي گهڙا
رکي قطار ڪري هلن ٿيون، تڏهن سندن لوڏ ۽ سونهن
ڏسڻ وٽان هوندي آهي.
”هيٺ
هن لوڪ شاعريءَ
جا
(پڻهياري)
جا
ڪجهه مثال پيش ڪجن ٿا.
پڻهياري
هالي ري
مرگا نيڻي روپ نياري چالي ري
يعني
)پڻياري پاڻي ڀرڻ نڪتي آهي، جنهن جا نيڻ هرڻ جهڙا آهن، هوءَ روپ نياري آهي.)
(9)
يا وري هي سٽون ته:
ست سهيليان روجهولرو، پڻهياري هي لو
(ست
سهيليون گڏجي تلاءَ تي ويون آهن)
اي گورل گئي تلاءُ ساهٻو
(۽
هيءَ گورل پڻ تلاءَ تي ويئي)
(10)
ڪلاسيڪي شاعرن پڻ هن صنف کي نه صرف پسند ڪيو، پر ان تي پنهنجي طبع آزمائي
پڻ ڪئي ۽ پاڻهياري عورت کي علامت بنائي، جماليات، فطري حسن،
۽ سماج کي پورهيئي
سان پيار جو درس ڏنو آهي.
پاڻهياري سر ٻهڙو، جر تي پکي جيئن،
اسان سڄڻ تيئن،
رهيو آهي روح ۾.
(شاهه ڪريم)
پاڻهياري هرڪا، سِر
گهڙو ڌري،
ڪا ڀري سڄڻن،
ڪا پورهئي ڪاڻ ڀري.
(شاهه عبداللطيف ڀٽائي)
يا صاحب ڏني
فاروقيءَ جون هي سٽون ته:
”وي گهڙا تيڪون
ڀڃ
سٽان،
ميڏي
محبوب دي چيلهه
رنجائي
هو،
اڪ
بارتيڏا
ڏوجها بار پاڻي دا،
ٽيجها
ڳل ڳراٺڙي پائي
سُڻ ميان صاحب!
بخت گهڙي دا ساڏي
عمر گئي اجائي.
(صاحب
ڏنو فاروقي)
يا وري جديد شاعرن ۾:
”تتي
۾ گهڙو ڪا ڀري ٿي پئي
ٿري سونهن چمڪا ڪري
ٿي پئي.“
(شيخ اياز)
لمڪيان
ڙي لو:
هي گيت ڏٿ چونڊڻ وقت عورتون گڏجي ڳائينديون آهن.
لمڪيان جي معنيٰ بلوچ
صاحب
مطابق، ”لمڪي يا لڏي نڪرڻ يا لوڏ سان
هلڻ“. هي گيت جمالي جي طرز تي ڳايو ويندو
آهي. هن گيت بابت اها روايت ملي ٿي ته
”مهت“ نالي هڪ
ڇوڪري
کي
”ساجن“ نالي هڪ
مرد سان عشق ٿي ويو هو، جنهن کي هن (مهت) سهيلي(ساران) جي
مدد سان حاصل ڪيو
هو. جڏهن ڪافي وقت گذرڻ کانپوءِ ساران کي پنهنجي سهيلي ياد آئي
تڏهن هن هيءُ
گيت
ڳائي، ان کي ملڻ
جو
سنيهو ڏئي پئي. هن گيت جا ٻول هيئن آهن.
سرڪي نڪتو ساجنيو، او لمڪيان
ڙي لو
پٺيان تنهنجي مهت موچاري لمڪيان
ڙي لو
ڪنهن نه پروڙيو ڪير آهن لمڪيان
ڙي لو
رات انڌاري ڪاري ڪاري لمڪيان
ڙي لو
محبت ويئي مهت ملهائي لمڪيان
ڙي لو
وره لنگهي ويا تون نه ورئين لمڪيان
ڙي لو
جيڏيون تو لاءِ جر ٿيون هارين لمڪيان
ڙي لو
هڪڙو ڀيرو مارو هر آ لمڪيان
ڙي لو
مئي ڪنان اڳ ملون لمڪيان
ڙي لو(11)
شيخ اياز جي
”لمڪيان
ڙي لو“
جون هي سٽون هن گيت کي وڌيڪ ترنم ڏين ٿيون ته:
آءُ اُتر هير سان لمڪيان ڙي لو
لمڪيان ڙي لو
کنڀ کنياتا ڪِرن، لمڪيان ڙي لو
پٽ تِتر پار جا
روز اتر کان اچن
لمڪيان ڙي لو
پنڌ پري هوءِ ڙي، لمڪيان ڙي لو
پار پرينءَ لوءِ ڙي
لمڪيان ڙي لو
تانگه ڪئي تاوِڙي، لمڪيان ڙي لو
ڪانگ ڏسي ڪامڻي،
ڪانڌ مٿان ڪاوڙي، لمڪيان ڙي لو
ڏور ڪٽئي ڏينهڙا، لمڪيان ڙي لو(12)
هي گيت ڪورس جي انداز ۾ ڳايو ويندو آهي. جديد شاعرن پڻ هن
صنف تي لکيو آهي. |