سيڪشن: ادب

ڪتاب: مُلهه مهانگو قَطرو

باب:

صفحو:3 

سوانحي ادب ۾ ليکڪائن جو حصو

 

سوانح لفظ ”سانحه“ جو جمع آهي، جنهن جي معنيٰ واقعو يا حادثو آهي ۽ سوانح عمريءَ جو مطلب، ڪنهن شخص جي زندگيءَ جو حال احوال آهي ۽ سوانح نگار واقعه نويس يا حال احوال لکندڙ هوندو آهي. سوانحه عمريءَ ۾ آتم ڪٿا، روزنامچه، ڊائريون وغيره ۽ ڪنهن شخصيت بابت خاڪا لکڻ اچي وڃن ٿا، بقول جارج برناڊشا جي ته:

The man who writes about himself and his own time is the only man who writes about all people and all times. (1)

(George  Bernard shaw P9)

سوانحي ادب، جيڪو اڳوڻي زماني کان موجود آهي، انهن ۾ اوائلي يوناني ادب ۾ پلو ٽارڪ جون سوانحي لکڻيون مشهور آهن. فردوسي پنهنجي شاهنامي ۾ ايران جي اڳوڻن بادشاهن جا احوال ڏنا آهن. مها ڀارت ۽ رامائڻ قديم سنسڪرت جي ادب ۾، سوانح نگاريءَ جا شاهڪار آهن. انسائيڪلوپيڊيا برٽينڪا ۾ جيڪا وصف ڏنل آهي، اها هن ريت آهي ته ”آتم ڪهاڻي جو سوانح نگاريءَ سان گهرو تعلق آهي اها ڪنهن فرد يا شخص جي حياتيءَ جي واقعن تي ٻَڌل هوندي آهي، جيڪا هو پاڻ لکي ٿو، ان ڪري اها مڪمل نه هوندي آهي. سنڌي ادب ۾ به ڪيتريون ئي آتم ڪهاڻيون ۽ سوانح عمريون لکيون ويون آهن، جيڪي وقت جي مشهور عالمن، اديبن ۽ سياستدانن جي شخصي آزمودن ۽ زندگيءَ جي تلخ واقعن ۽ حالتن جي حقيقي تصوير پيش ڪن ٿيون. “(2)

سنڌي ادب ۾ آتم ڪهاڻيون رڳو مرد ليکڪن ڪو نه لکيون آهن، پر ڪيترين عورتن پڻ هن فن ۾ طبع آزمائي ڪري پاڻ موکيو آهي، جن جو مختصر احوال سندن لکڻين جي حوالي سان هيٺ پيش ڪجي ٿو.

جيتامڙي جي ڊائري :

هيءَ ڊائري، ڊاڪٽر سرلا ديويءَ جي لکيل آهي. ڊاڪٽر سرلا 1938ع ۾ ميونسپل زناني اسپتال رتيديري جي چارج ورتي، هن جي شادي زميندار گهراڻي ۾ ٿي، پر سندس پتي کي دنيا جي دولت جو ڪوبه حرص نه هو، مايا جي موه کان پري، روحاني رمزن جو ڳولائو هو، جنهن ۾ سندس پتني هن جو پورو ساٿ نڀايو. ايستائين جو عورت جي سڀ کان وڏي مرتبي ماءُ بنجڻ واري خواهش تان دستبردار ٿي ويئي. هن پنهنجي هستي مٽائي پاڻ کي جيتامڙي يعني ڌرتيءَ جو بنهه ننڍڙو جيو سمجهي، سام جي سنگ سفر تي رواني ٿي. هيءَ ڊائري جيڪا ڊاڪٽر سرلا جي صوفي سنت پتي امرت جئسنگهاڻيءَ جي ٻڌايل قولن ۽ نصيحتن جو اهو پيش بها خزانو آهي، جيڪو زندگي جي ڪيترين پوشيده رازن جو پردو فاش ڪندي نظر اچي ٿو. ڊاڪٽر سرلا پنهنجي سواميءَ کي ’سام‘ جي نالي سان ڊائريءَ ۾ مخاطب ٿي، سوال ڪندي نظراچي ٿي ۽ سام انهن جا جواب ٻُڌائي ٿو، تڏهن اهي پنهنجي سادي سلوڻي انداز سان قلمبند ڪري ٿي.

 سام جا لفظ ۽ ٻڌايل قول کري سون مان ٺهيل انهن مورتين جيان سچا آهن، جيڪي مندر جي سونهن کي ساڀيان بنائينديون آهن. سچ چيو اٿن ته، ’سڪ وارن کي سيد چوي ڪونه جهليندو جهنگ‘ ان ئي سڪ هن کي سام سان جوڙي رکيو، جنهن جي سرهاڻ سان واسجي، هن پنهنجي آتما کي امرڪري، پويترتا جي انهيءَ مقام تي پهچڻ جي ڪوشش ڪئي، جتي سندس پرماتما آهي.

هن ڊائريءَ ۾ سام دنيا جي حسن، حرص، مايا، لوڀ ۽ لالچ جا ڪارڻ ۽ نتيجا اهڙي ته پُر اثر ۽ مٺڙي انداز سان بيان ڪيا آهن، جو پڙهندڙ ڪنهن ٻي دنيا جي تصور ۾ گم ٿي وڃي ٿو. مثال: هو چوي ٿو ته ”قناعت فقيريءَ جو هڪ مول متو آهي. ڪابه آدرشي زندگي قناعت کانسواءِ برپا ٿي نه سگهندي، جي گهڻي پئسي خرچڻ سان آشرم اڏي به سگهياسين ته اهي ڪارگر نه ٿيندا ۽ جٽاءُ نه ڪندا.“ (3)

هڪ ٻي جاءِ تي چوي ٿو ته، محنت انسان جو وڏي ۾ وڏو خزانو آهي ۽ جي ساڻس محبت ملايو تـ ڪابـ منزل دور ناهي. “

”ڪرم ۽ گيان جو انت پريم آهي.“ ڊاڪٽر جهامنداس ڀاٽيه هن ڪتاب جي ديباچه ۾ لکي ٿو ته ” جيتامڙي جي ڊائري گس ئي نئون ٿي وٺي. خيال ائين ٿو اچي ته سوامي رام ڪرشن پرم هنس جا ست سنگي، پنهنجي گروءَ کي پنهنجي روحاني مشڪلاتن جو حل وٺڻ ايندا هئا، اهي وارتائون هڪڙي پريمي ڪتابي صورت ۾ عوام اڳيان پيش ڪيون هيون، هي وارتائون به ڪجهه انهيءَ نموني جون آهن .“ 3

ٻپهريءَ جا ٻه پل :

هيءَ آتم ڪٿا، نامياري ليکڪا ريٽا شهاڻيءَ جي لکيل آهي، جنهن جو پهريون ڀاڱو” گهنڊ ڄاڻ وڳو“ ۽ ٻيو ڀاڱو” ٻپهري جا ٻه پل “آهي . پهرئين ڀاڱي ۾ ريٽا، ڪلپنا جي دنيا جوڙي، پريءَ جي ڪردار ۾ ماضي جي جهروڪن ۾ پنهنجي زندگي اندر ليئا پائي پنهنجي ذهن جي ڪنهن ڪنڊ مان ڪجهه واقعا ياد ڪري لکيا آهن، جنهن ۾ سندس قلم جي بي ڊپائي ۽ بي باقي سچائيءَ سان ڀرپور نظر اچي ٿي ۽ آتم ڪٿا جي ٻئي ڀاڱي ۾ هوءَ زندگيءَ جو بند پيل خانو کولي ننڍين ننڍين يادن جي چٺين تي لکيل واقعن جي روشنيءَ ۾ پنهنجي حياتيءَ جا ڪجهه ورق کولي، پنهنجن شخصي توڙي سماجي حالتن جو جائزو وٺي ٿي. گڏو گڏ ٻئي ڀاڱي اندر ’ڪلا کيتر‘ ۾ پنهنجي جڙڻ ۽ ڪاميابين جي حاصلات جو پڻ بيان ڪري ٿي ۽ آخر ۾ ڪيترن ملڪن جا سير انهن جو احوال پڻ مختصر بيان ڪري ٿي.

پنهنجي آتم ڪهاڻيءَ جي شروعات هن ڪجهه سوالن سان ڪئي آهي، مثلاً آتم ڪهاڻي ڇو لکي وڃي ٿي؟ ان جو مقصد ڇا ٿيندو آهي؟ ان کي لکڻ جو ڪنهن کي حق آهي؟ ڇا آتم ڪهاڻيون صرف مهان انسانن جي دائري ۾ اچن ٿيون؟ ڇا اهي عام رواجي ماڻهو نٿو لکي سگهي؟ جنهن جو جواب ستيش روهڙا سندس ئي ڪتاب ۾ هن ريت ڏنو آهي ته: آتم ڪٿا مها انسان نـ پر، همت وارا انسان لکندا آهن.“ هيءَ آتم ڪٿا دلچسپ هئڻ سان گڏ تاريخي ۽ سماجي شعور پڻ رکي ٿي، ڳالهه ٻڌائڻ جو انداز به سهڻو ۽ سڀاويڪ آهي، هري دلگير جي لفظن ۾ ته، ”هيءَ ڪا عام آتم ڪٿا نه آهي، منجهس ڪهاڻي ٻڌائڻ جو هڪ بلڪل نئون طريقو اپنايو ويو آهي، جو دلپزير به آهي ۽ شاعراڻو به لڳي ٿو“.

هن آتم ڪٿا جي شروعات ريٽا، ننڍپڻ جي واقعن سان ڪئي آهي، جڏهن هوءَ ستن اٺن سالن جي مس هئي. پنهنجي ٻاروتڻ جي حيدرآباد جو ذڪر ڪندي هوءَ لکي ٿي ته، ”مان بنا پيرن پنڌ ڪندي حيدرآباد جي تلڪ چاڙهي چڙهڻ لڳي آهيان. پِگٽ اسڪول وٽ پهچي کاٻي پاسي مڙان ٿي ۽ اسڪول روڊ جي ان ڇيڙي وٽ پهتي آهيان، جنهن جي ساڄي پاسي وارو رستو ڪئپيٽل (الائيٽ) سئنيما وٽ پهچي ٿو، جنهن جي پٺيان نولراءِ مارڪيٽ جو گهڙيال آهي. ڏائي پاسي کان هڪ گهٽي آهي، جيڪا ان مين رستي کي برهمو مندر ۽ ٽيچرس ٽريننگ ڪاليج واري رستي سان گڏي ٿي.“ (4)

ڪيڏي نه سچائيءَ سان پنهنجي سنڌ جي ماضيءَ جا اهي وساريل ورق کوليا اٿس. لکي ٿي ته، ”حيدرآباد جي هيرآباد کي سنڌ جو هاليوڊ ڪري ليکيو ويندو هو. ڇوڪرين جي فيشن جي شروعات اتان ئي ٿيندي هئي. چاهي اها ڪٽ هجي يا ساڙهي پهرڻ جو طريقو هجي هر شام جو هيرآباد کان تلڪ چاڙهي تائين فئشنئيبل ڇوڪرين جو ٽوليون لنگهنديون هيون.“

ورهاڱي جي درد مان هوءَ ان لاءِ ڪونه گذري، جو هوءَ اڳ ۾ پيءُ جي بيماريءَ سبب لکنوءَ ۾ وڃي رهي هئي. هن جي وهم گمان ۾ به اهو ڪونه هو ته هوءَ ڪا آخري دفعو پنهنجي سنڌ کي ڏسي پئي. ريٽا شهاڻي مشهور سنڌي اديب منگهارام ملڪاڻيءَ جي ڀائيٽي هئي. ريٽا، ان زندگيءَ جي شروعات پيءُ جي بيماريءَ سبب ڏاڍي تلخ روين ۽ ڪٺن تجربن سان ڪئي، جنهن جو ذڪر هوءَ هري دلگير جي هن شعر سان ڪري ٿي ته:

’فصل سڪندو رهيو کيت جلندو رهيو،

خشڪ باَدلُ مٿان صرف ڏسندو رهيو.‘

پنهنجي شاديءَ جو ذڪر ڪندي هوءَ ٻڌائي ٿي ته، ”بظاهر ته منهنجي ساهرن ڏاج ڪونه ورتو، پر پوءِ ان جا مهڻا منهنجي سس روز ڏيڻ لڳي. تنگ ٿي آخر پنهنجي چاچي منگهارام ملڪاڻيءَ کي مون لکيو ته هي مون کي لاوارث يتيم سمجهي طنز طعنا ۽ ٽوڪون هڻن ٿا، توهان مهرباني ڪري هر روز مون کي سهري جي پتي تي خط لکي موڪليندا ڪريو ته جيئن انهن کي خبر پئي ته، آءٌ نڌڻڪي ڪونه آهيان“. پوءِ چاچو باقاعدي سان روز خط لکي پوسٽ ڪندو هو. سندس مڙس وشنوءَ جو ڪردار هن جي زندگيءَ ۾ اڻلکو هو، پر هو کيس روڪ ٽوڪ ڪونه ڪندو هو. باقي سندس سس عام رواجي وهنوار سان هن تي ڏاڍي سختي ڪندي هئي. مٿان وري تڪيو ڪلام هئس ته ”اسان ته آهيون ئي نماڻا ماڻهو، اسان ته آهيون ئي سادا ماڻهو“.

 ريٽا پنهنجي ادبي سفر جي شروعات شاديءَ جي ڪافي سالن بعد ڪئي.آهستي آهستي هوءَ ڪلا کيتر ۾ گهڻ رخي ليکڪا بڻجي اڀري آئي. هن ادب جي هر صنف تي طبع آزمائي ڪئي. ڪهاڻي، ناول شعرو شاعري، تنقيد نگاري ۽ آتم ڪٿا سڀ ۾ هن پاڻ موکيو. اڳتي هلي ريٽا سنڌي ادب ۾ هڪ خاص مقام حاصل ڪيو. هن سرسنگيت ۾ پڻ دلچسپي ظاهر ڪئي، جنهن جو ذڪر پڻ هن آتم ڪهاڻي اندر موجود آهي. جڏهن هوءَ ڪنهن انگريز کان پنهنجي ميڙي چونڊي گڏ ڪري زيور وڪڻي ڌيءَ لاءِ پيانو خريد ڪري ۽ ان (پياني) کي پنهنجي گهر جو اهڙو اٽوٽ انگ مڃي ٿي، جهڙوڪ گهر جو ڀاتي هجي.

 سندس هن آتم ڪٿا ۾ بقول هري دلگير جي حيدرآباد جو هڳاءُ به آهي ته لکنوءَ جا لقاءَ به آهن! پنهنجي زندگيءَ جي تور تڪ ڪندي ريٽا لکي ٿي ته، ”مون کي پنهنجي ماضيءَ تي فخر آهي. مون کي ان باه تي ناز آهي، جنهن جي تپش ۾ جلي پڄرياسين. سون جيان نکري نڪتاسين. ان گردش جي ڏهاڙن تي غرور اٿم، جن جي پيڙا اندر ۾ ڪو وڙاڪو وڌو، جو پنهنجي چوڌاري لهرن جي جنبش کي جهٽي سگهڻ جي قوت پيدا ڪئي پوءِ ڇو لڪائيان انهن نازڪ ڀاونائن جي جذبن کي.“ مجموعي طور تي هن آتم ڪٿا ۾ ڪتب آيل ٻولي پڪي، پختي ۽ روانيءَ واري آهي، جنهن ۾ خالص ادبي رنگ صاف ظاهر نظر اچي ٿو.

ڳالهيون پيٽ ورن ۾ :

هيءَ جيون ڪهاڻي مشهور تعليمدان آپا شمس عباسيءَ جي لکيل آهي، جنهن ۾ آپا شمس عباسيءَ نه صرف پنهنجي تعليم لاءِ پاڻ پتوڙڻ جو ذڪر ڪري ٿي، پر سنڌ جي نياڻين کي تعليم جي زيور پهرائڻ لاءِ سندس ورتل ڪوششن جو به ذ ڪر ڪندي نظر اچي ٿي. هڪ اهڙو دور جنهن ۾ عورتون سخت پردي ۾، سو به صرف رات جو مٽن مائٽن سان ملڻ لاءِ نڪرنديون هيون، ان وقت هن جي بيوه جوان ماءُ پنهنجي ڌيئرن کي پڙهائڻ جو جوکم کنيو هو. شمس عباسي جنهن دور ۾ پڙهي، تڏهن تعليم مخلوط هئي يعني ڇوڪرن سان گڏ پڙهڻو پوندو هو، پر پوءِ به هنن جي ماءُ همت نه هاري . آخر سندس ڪاوشن رنگ لاتو ۽ سندس نياڻيون تعليم جي نور سان منور ٿي، سنڌ جي سڀني نياڻين لاءِ مشعل راه بنجي نروار ٿيون.

شمس عباسي ان وقت جي حالتن بابت لکي ٿي ته، ”اهو زمانو هو جڏهن صرف هندو ڇوڪرين کي انگريزي پڙهائيندا هئا. مسلمانن ۾ اهو رواج ايتري قدر گهٽ هو، جو هندن جي سوَ ٻارن جي ڀيٽ ۾ صرف ٽي يا چار مسلمان ٻار هوندا هئا. ان وقت منهنجي ماءُ، جنهن 14 سالن جي عمر ۾ شادي ڪئي ۽ ڇهه ٻار ڄڻي صرف 24 سالن جي عمر ۾ بيوه بنجي ويئي، تنهن باوجود معاشي تنگيءَ ۽ خانداني تڪرار جي ڪپڙا سبي، پنهنجي سڀني نياڻين کي تعليم ڏني. پوءِ ان عظيم ماءُ جي قربانين سنڌي ڇوڪرين جي پڙهائيءَ جا نوان گس ڏيکاريا.

هن آتم ڪهاڻيءَ ۾ آپا شمس عباسي نه صرف پنهنجي شخصي آزمودن ۽ زندگيءَ جي تلخ تجربن جو ذڪر ڪيو آهي، پر سبق آموز نصيحتن جو پڻ ذڪر ڪيو اٿس، مثال هوءَ ٻڌائي ٿي ته، ڪچي عمر ۾ انسان ڪهڙيون نه غلطيون ڪري ٿو، جيئن ننڍپڻ ۾ ڇوڪرو کانئس گهر جو پتو ۽ فون نمبر گهري ٿو ۽ هوءَ ان کي اهو ڏئي ٿي ڇڏي، بعد ۾ پڇتائي ٿي. وري ان عمل مان سکيا به وٺي ٿي ته، آئنده ڪڏهن به غير مرد کي گهر جو پتو نه ٻڌائيندس. سکڻ ۽ سيکارڻ جو اهو عمل هوءَ سڄي زندگي جاري رکندي آئي.

ميران اسڪول کان وٺي زبيده ڪاليج جي پرنسپال واري عهدي تائين آپا شمس لاتعداد تعليمي سڌارا آندا. نياڻين جي تعليم ۽ تربيت کي اهميت ڏيندي هئي. هن جي ئي ڪوششن سان ان وقت زبيده ڪاليج ۾ آرٽ سان گڏ سائنس جا به ڪلاس شروع ٿيا ۽ ڇوڪرين جي رهائش لاءِ هن هاسٽل جو پڻ بندوبست ڪيو. ليبارٽريون ٺهرايون. مطلب ته هن هڙان توڙي وڙان نياڻين کي تعليم حاصل ڪرڻ جي راه ۾ جيڪي مشڪلاتون هيون، انهن کي دور ڪرڻ لاءِ وسان ڪين گهٽايو. ان سلسلي ۾ هن ڪيترائي ئي تڪڙا فيصلا ورتا، جن سبب سندس ذاتي زندگي ڏاڍي متاثر ٿيندي هئي، پر سندس همت ۽ هماليه جيڏي حوصلي کيس شاهه سائينءَ جي هنن سٽن جيان ته ”آڏو ٽڪر ٽر، متان روه رتيون ٿئين“.

کيس پست ٿيڻ نه ڏنو. سندس خلاف انڪوائريون ۽ آڊٽ آفيسرن جون سختيون به سندس مقصد جي حصول کان کيس پوئتي هٽائي نه سگهيون، جنهن لاءِ هوءَ لکي ٿي ته: ”منهنجو اهو خيال آهي ته هر منتظم کي ڪنهن وقت اهڙا فيصلا ڪرڻا پون ٿا، جيڪي غلط به هجن، پر جيڪڏهن نيت صاف آهي ته پوءِ اهڙن فيصلن ڪرڻ ۾ ڪوبه هرج نه آهي.“ (5)

شادي شده عورت، جيڪا هڪ ئي وقت مڙس سان گڏ ٽن ٻارن جو به خيال رکندي هجي، تنهن ذاتي مصروفيتن کي ڪڏهن به پنهنجي پروفيشنل زندگي جي راه ۾ رڪاوٽ بنجڻ نه ڏنو. آپا شمس ڪيترين ئي ڇوڪرين جي فيس معاف ڪرائي يا پاڻ ڀري کين تعليم جي راه ۾ پيش ايندڙ رڪاوٽن کي دور ڪرڻ ۾ مدد ڪئي، اهو ئي سبب هو، جو زبيده ڪاليج مان ڪيتريون ئي قدآور شخصيتون تعليم پرائي زندگيءَ جي اعليٰ قدرن کان متعارف ٿي ڪيترن ئي ڀٽڪيل ماڻهن لاءِ مشعلِ راه بڻيون، جن ۾ مشهور معروف اردو شاعره فهميده رياض، انساني حقن لاءِ پاڻ پتوڙيندڙ رهنما انيس هارون، سلطانه صديقي، آپا مريم نوحاڻي، مهتاب اڪبر راشدي ۽ ٻيون ڪيتريون ئي قابل شخصيتون شامل آهن، جن سندس نگراني ۾ زبيده ڪاليج مان عملي زندگيءَ ۾ پير پاتو. انهن جو پڻ مختصر احوال هن جيون ڪهاڻيءَ جو حصو آهي.

پنهنجي ان تعليمي سفر دوارن هن جن مشڪلاتن کي منهن ڏنو، ان جو ذڪر به  هن ڪجهه جاين تي ڪيوآهي. هوءَ لکي ٿي ته: ”ون يونٽ دوران تعليم لاءِ بجيٽ جون جيڪي گڏجاڻيون ٿينديون هيون، اهي لاهور ۾ ٿينديون هيون. اسان جي ڪاليج ۾ بي.ايس.سي آنرس لاءِ 20 استادن جي ضرورت هئي، ان وقت مسٽر بشير شيخ نهايت سخت آفيسر هو، تنهن چيو ته هڪ ئي ڪاليج کي ايترا استاد ڪيئن ملندا؟ مون اها ڪوشش ڪئي ته کيس اهو سمجهايان ته ايتري ضرورت ڇا جي ڪري آهي ته، هن هڪدم چيو مسز عباسي! توکي خبر آهي ته تنهنجي خلاف ڪيتريون درخواستون آيون آهن.

 ان تي مون جواب ڏنو ته شيخ صاحب اڄڪلهه ڪنهن جي خلاف شڪايتون نه آهن. صدر ايوب جي خلاف امير محمد گورنر جي خلاف به ماڻهو درخواستون ڪندا آهن. جيڪڏهن منهنجي خلاف آئي ته ڪهڙي وڏي ڳالهه آهي. اوهين ڇا ٿا سمجهو اوهان خلاف درخواستون نه آهن، ان تي هو هڪدم پريشان ٿي ويو ۽ چيائين مسز عباسي ڪهڙيون درخواستون، پر آواز نهايت دٻيل هوس مون چيو رشوت جون درخواستون ٻيون ڪهڙيون. هڪدم پريشان ٿي ويو! چيائين توکي ڪنهن ٻڌايو؟

”رشوت ستانيءَ جي انسپيڪٽر!“

 يڪدم آفيس جي سپرنٽيڊنٽ کي گهرائي چيائين ته، آپا شمس جو جيڪو ڪم آهي، اهو هڪدم ڪر. لاهور ۾ جيڪا ايس.اين.اي ميٽنگ آهي ان ۾ هن کي وٺي هلبو ته، جيئن پنهنجو اضافي عملو منظور ڪراءِ.“ هڪ ٻيو دلچسپ واقعو جيڪو آپا پنهنجي هن آتم ڪهاڻيءَ ۾ بيان ڪيو آهي، سو هن ريت آهي ته: ”جڏهن ڊائريڪٽر جي پوسٽ تي کيس اهل هوندي به نه رکيو ويو، ان وقت ڊاڪٽر ممتاز قاضي تعليم جو سيڪريٽري هو، ان وقت مسٽر واحد بخش ڊائريڪٽر هو، جيڪو مون کان جونيئرهو. مان اڳ ۾ ئي ڏک سان ڀري ويٺي هئس. مون هڪدم ڊاڪٽر ممتاز قاضيءَ کي ڏسي چيو ته ”سر ڪهڙو سبب آهي، جو مون کي ترقي نٿي ڏني وڃي، جڏهن ته مون کان جونيئر ڏهن آفيسرن کي ترقي ملي چڪي آهي. توهين ڇا ٿا سمجهو عورتون مردن جهڙو ڪم نٿيون ڪن؟ فرق اهو آهي هتي ڏاڙهي آهي ۽ هتي ساڙهي آهي، انهيءَ ڪري مون کي ترقي نٿي ملي، ڇو جو مان ٽوپي نٿي پايان!

سندس نظريو هو ته، تعليمي ادارا نه رڳو تعليمي درسگاه آهن، پرتربيت جي آمجگاه به آهن، جتي شاگردن جي شخصيت کي مڪمل ڪرڻو پئي ٿو. هيءَ آتم ڪٿا هڪ استاد هڪ مبلغ ۽ هڪ رهنما جي حيثيت ۾ نه رڳو شاگردن، پر استادن لاءِ پڻ قيمتي اثاثي مثل آهي.

منهنجي حياتيءَ جا سونا روپا ورق:

هيءَ آتم ڪهاڻي، پوپٽي هيراننداڻيءَ جي زندگيءَ سان گڏ سندس نظرياتي فڪر ۽ سماجي شعور سان سلهاڙيل هڪ مڪمل آتم ڪٿا آهي، جنهن ۾ پوپٽيءَ زندگي جي لاهن چاڙهن جو تاريخي ۽ ثقافتي پس منظر هيٺ جائزو ورتو آهي. پهرين صفحن ۾ پوپٽيءَ پنهنجي شروعاتي زندگي جا ڪجهه منظر ياد ڪندي، حيدرآباد سنڌ جو اهڙو ته سحر انگيز نقشو چٽيو آهي، جو گهڙيءَ پل پڙهندڙ حيران پريشان، ان حيدرآباد کي ڳولڻ لڳي ٿو، جنهن ۾ اڄ وڏا وڏا فليٽ، سوڙهيون گهٽيون ۽ گند ڪچري جا ڍيرلڳل آهن، پر هيءَ پوپٽي جي حيدرآباد ته ڏاڍي خوبصورت آهي، جنهن لاءِ هن لکيو آهي ته، ”حيدرآباد روءِ زمين تي منهنجي جنم ڀومي جهڙو شهر ڪو ٻيو ناهي. اسڪول ۽ باغ جا ڇڻڪار ٿيل رستا، هوا موڪليندڙ منگه، ڦليلي جو واه، گدو بندر وارو درياه بسنت لاج. اهڙو ڪهڙو آنند هو، جو حيدرآباد ۾ ميسر نه هو.“ (6)

هيرآباد جي هيرن ۾ ڄاول ۽ نپيل پوپٽيءَ جڏهن عملي زندگيءَ ۾ قدم رکيو ته، اها ڌرتي جنهن کيس ماءُ جي هنج جيان پاليو هو، سا اچانڪ ڄڻ هنن جي پيرن هيٺان کسڪڻ لڳي، چوڌاري گهٽ ۽ ٻوسٽ جو ماحول ڇانئجي ويو، جنهن جو بيان ڪندي پوپٽي لکيو آهي ته، ”ريڊيو تي ظاهر ٿيو ته ملڪ ورهايو ويندو. اخبارن ۾ خبر آئي ته، سڄي سنڌ پاڪستان کي ملي آهي، پناه گيرن سنڌ ۾ اچڻ شروع ڪيو .هڪ خبر آئي ته، حيدرآباد ۾ پنج هزار مسلمان اچي لٿا آهن، جن مان ڪي مسلم هاسٽل ۾ رهيا. مسلم هاسٽل اسان جي گهر جي ساڄي پاسي واري رستي تي هئي. فضا ۾ ڊپ، هراس ۽ دلين ۾ دهشت ڇانئجي ويئي. مٿان وري جو هاسٽل مان نڪري ڪن نوجوانن نعرا هنيا ته، ”هيرآباد جون حورون اسان جي حوالي ڪريو، تنهن تي آقي باقي دلين جو ڌڙڪڻ تيز ٿي ويو. هرهڪ گهر ۾ ڇوڪرين کي سيکاريو ويو ته، جي اهي مسلمان گهرن ۾ گهڙن ته بجلي واري پلگن جي ٻن ٽنگن ۾ آڱريون وجهي بٽڻ هيٺ ڪري پاڻ کي ختم ڪجو! گهرن ۾ زهر جون ننڍڙيون ننڍڙيون پڙيون ورهايون ويون، جيئن ڏکئي وقت ۾ زالن کي ڪم اچي سگهن.“

انهن حالتن، هنن محب وطن ماڻهن کي لڏڻ تي مجبور ڪيو هو. پوپٽي به مارئيءَ جيان، ملير کان ڇني ڌار ٿي هئي ۽ سڄي عمر انهيءَ اڪير ۾ بسر ڪئي ته، نيٺ ته مارن سان ملڻ ٿيندو. هنن انهيءَ آسري تي پنهنجا مال ملڪيتون سڀ ڪجهه هتي ڇڏيا هئا ۽ ڪنهن اڻانگي سفر جا راهي بنيا هئا. هن ننڍڙي عمر ۾ ئي اهو سڀ ڪجهه ڏٺو ۽ سَٺو هو. ڪيترن ئي ڪشٽ ۽ ڪشالن کي منهن ڏنو هو. اها عمر جنهن ۾ ڇوڪريون پنهنجي آئيندي جا سونهري خواب اڻنديون آهن، جيڪي انهن ڏينهن ۾ پوپٽيءَ به اڻيا هئا، جن جو ذڪر پاڻ هن طرح ڪيو اٿس ته، ”مون سپنا مڙهڻ شروع ڪيا. خوشگوار ڳالهين جا ڌاڳا کڻي ڪلپنا جي سُئيءَ سان گهڻئي ڀرت ڀرڻ لڳس هر هڪ خيال دل ۾ لهرون پيدا ڪندو هو.“

اهو پوپٽيءَ جو پهريون ۽ آخري عشق هو. ڇوڪرو به انجنيئر هو، پر پيءُ جي وفات کانپوءِ گهرجون ذميواريون نڀائڻ جي ڪري، هن ان پيار جو تياڳ ڪري ڇڏيو. هڪ عورت جي حيثيت ۾ هونئن به قرباني صرف ان جي ئي حصي ۾ ايندي آهي، جيڪا هن رضا خوشيءَ سان ڏني هئي. هن عورت هئڻ جي ناتي به هن ڪيترين ئي مصيبتن کي منهن ڏنو هو. ڇاڪاڻ ته کيس خبر هئي ته، ”جتي جتي جاگيرداري نظام آهي. اتي عورتن جي هلت ته ڇا نگاه تي به سخت پهرو رکيل هوندو آهي. عورت ان پهري کان جڏهن به ٻاهر نڪتي، تڏهن کيس يا سندس نگاهن جي گهايل کي موت جي گهاٽ اتاريو ويندوآهي.“

هيءَ آتم ڪهاڻي ان اڏول عورت جي پل پل جي پيڙا جي عذاب جو اهو داستان آهي، جنهن ۾ سندس همت ۽ حوصلو ئي هو ، جنهن وقت جي راڪاس کي شڪست ڏيئي کيس زندگي جي منجهدار مان ٻاهرڪڍيو هو. وڏي ڀيڻ جي حيثيت ۾ هن پنهنجي ڀائن ڀينرن کي پڙهائي، پرڻائي پنهنجو فرض پوري طرح نڀايو. هڪ استاد جي حيثيت ۾ سندس عملي قابليت ۽ رهنمائي هيٺ هن ڪيترائي لائق ۽ قابل شاگرد پيدا ڪيا. هن پاڻ شادي ڇو ڪونه ڪئي؟

 ”مون کي گهوٽ خريدڻو ناهي. هن پنهنجي ماءُ کي جواب ڏيندي چيو هو“، ڇاڪاڻ ته هوءَ هڪ اصول پسند عورت هئي، سو جڏهن ڇوڪري جي مائٽن هن جي مائٽن کان ڏاج ۾ پئسا گهريا تڏهن انڪار ڪري ڇڏيو. هن ڪنوارو رهڻ پسند ڪيو، پر پنهنجي اصولن تي سودي بازي پسند نه ڪئي يا شايد سندس منزل اڃا اڳڀري هئي، جيڪا کيس پاڻ طرف ڇڪي وٺي ويئي، اها ساهت جي دنيا هئي، جنهن سندس جذبن ۽ خيالن کي اظهار جي آزادي ڏني. هن سنڌي ساهت کي ڪيترائي رنگ روپ ڏنا. هڪ استاد جي حيثيت ۾ هوءَ لکي ٿي ته شاگرد ته ڇا، پر سندن پيئر مائر به مون کي عزت ڏيندا هئا. هوءَ لکي ٿي ته ”چندرا جو پتا، ڊاڪٽر هري ڪرشن داس منهنجي اکين جو سالا سال علاج ڪندو هو پر ڪڏهن به فيس نه ورتائين. فيس پڇڻ تي هٿ جوڙي چوندو هو ته ”گرو جي اوهان کان پئسا ڪيئن وٺبا“

شيلا جو پتا ڪشنچند گانڌي رام سندس شهر ۾ اچڻ يا وڃڻ مهل پاڻ اسٽِيشن تي وٺڻ يا ڇڏڻ ايندوهو.“

هن آتم ڪهاڻيءَ ۾ پوپٽي زندگيءَ جي سڀني تجربن جو اثرائتو بيان اهڙي ته سادي ۽ سلوڻي عبارت سان ڪيو آهي، جو پڙهندڙ ڪٿي به بوريت جو شڪار نٿو ٿئي. مجموعي طور تي هيءَ آتم ڪٿا نه صرف سندس زندگي جي ڪڙن آزمودن جو ساهتڪ نچوڙ آهي، پر هن ساهتڪ کيتر جي ٻين رنگ وکيريندڙ ليکڪن جو پڻ مختصر بيان ڪيو آهي، جن پوپٽيءَ سان هر وقت ساٿ نباهيو، جن ۾ مالهي، اتم، ڪيرت ۽ موهن وغيره شامل آهن. اتي پوپٽي انهن سنڌي ٻوليءَ جي ليکڪن کي ميارون به ڏنيون آهن، جن ساهت وسيلي سندس دل ڏکائي هئي.

هوءَ لکي ٿي ته، ”هاڻي وهنواري دنيا ته صفا الٽي ٿي ويئي آهي، پرڪنهن ٿي ڄاتو ته ساهتڪ سنسار ۾ به اڇا اجرا لڳندڙ اديب ائين رڻ سهائيندڙ هلت هلندا. ڪڏهن سگهڙ سياڻا ۽ ڏاهپ جا مالڪ انسان، جي هيٺين سطح وارن اوگڻن وهيڻا ٿي ويندا. ڪڏهن پاڻ کي ايماندار سڏائيندڙ لومڙين واريون چالاڪيون ڪندا. ڪڏهن پاڻ کي ساهتڪ ميدان ۾ بيٺل شينهن چوائيندڙ گدڙن جهڙو وهنوار ڪندا.“ هنن جا افعال ڏسي نراسا وچان چوان پئي ته:

ڌنڌ ئي ڌنڌ آ، يا نظر ويئي ٿم جهڪي،

منهنجو چهروگم ٿي ويوآ يا درپڻ ڀڄي پيو آ،

ڏاڍ بڻيو آ ڏينهڙو ۽ رات ڀي نه ٿئي پئي آسان،

منهنجي قسمت جو باب لکندي ڪاتب، سمهي ته نه پيو آ ڇا؟

منجهي پئي هان آءٌ يا دنيا هوشيار ٿي وئي آ.

هن آتم ڪهاڻيءَ جي آخري پنن ۾ شاعريءَ جي چونڊ سندس سماجي شعور جي چٽي گواهي ڏيندي نظر اچي ٿي.

شيخياڻيءَ جي ڊائري :

هيءَ ڊائري، غلام فاطمه شيخ جي ٻُڌايل وارتائن تي مشتمل آهي، جنهن ۾ هن زندگيءَ جي مسلسل جدوجهد جو بيان انوکي ۽ منفرد انداز سان پيش ڪيو آهي، جيڪو دلچسپ هجڻ سان گڏ اثرائتو پڻ معلوم ٿئي ٿو. صنف نازڪ سڏجندڙ اهي عورتون ڏکئي وقت تي جبل جيڏو حوصلو ۽ سمنڊ جيڏو صبر ساڻ ڪري، ڏورانهن پيچرن جو سفر طئه ڪري پنهنجو مقصد مائڻ ۾ ڪامياب ٿين ٿيون. هن ڊائري جي شروعات شيخياڻي پنهنجي پيءُ جي مسلمان ٿيڻ سان سندس خلاف هندن جي اٿندڙ سماجي روايتن ۽ عذابن جي ذڪر سان ڪئي آهي.  اها مذهب جي نالي تي اٿندڙ اها ساڳي باه آهي، جنهن جا ٽانڊا اڄ به اسان جي سماج کي ساڙي ۽ ٻاري رهيا آهن، جنهن جي بدولت معاشرو انتهاپسنديءَ جو شڪار بنجي، انسانيت سوز ظلم ڪرڻ کي ثواب سمجهي ٿو. هي رڳو اڄ جو نه پر صدين جو الميو آهي.

هن ڊائريءَ ۾ به فاطمه انهن سختين جو ذڪر ڪيو آهي، جيڪي سندس خاندان کي مسلمان ٿيڻ جي عيوض ان وقت هندن جي طرفان سهڻيون پيون ۽ جنهن سبب هنن پنهنجي سڄي زندگي دربدر ٿي گذاري هئي.

غلام فاطمه ڪا گهڻي پڙهيل لکيل ڪونه هئي، پر سماجي توڙي سياسي شعور رکندڙ خاتون هئي، جنهن جي ثابتي سندس هيءَ ڊائري آهي، جنهن ۾ هن پهرين مهاڀاري جنگ جو پڻ ذڪر ڪيو آهي. هوءَ لکي ٿي ته ”ان زماني ۾ پهرين مهاڀاري جنگ لڳي، هر طرف وائويلا مچي ويئي، دنيا جي ملڪن جي هڪ ٻئي سان مخالفت ۽ موافقت ظاهر ٿيڻ لڳي، ان زماني ۾ مسلمانن جو خاص مرڪز خلافت تحريڪ هئي، جنهن ۾ چوٽيءَ جي عالمن حصو ورتو .سنڌ به ان جدوجهد ۾ پاڻ موکيو.“ (7)

ان وقت جي هر هڪ مسلمان جيان هوءَ به سلطنت عثمانيه جي ٽٽڻ جو ذميوار عيسائين ۽ يهودين کي سمجهي ٿي. ان خلافت تحريڪ دوران ئي جهاد ڪرڻ جي نيت سان هن پنهنجي ڪٽب سان گڏ ديس کان ٻاهر قدم رکيو ۽ مديني، ترڪي، شام ۽ عراق جو سفرڪيو ۽ ڪيترين ئي مشڪلاتن کي اڪيلي سرمنهن ڏنو هو ۽ پنهنجي مڙس سان ساٿ نڀايائين. جهڙي نموني تڪليفن سهندي به هن پاڻ گهٽ هوندي به پنهنجا ٻار پڙهايا اهو سندس حوصلو ۽ همت هئي. هن ڪتاب جو روشن پهلو، عورت جو اهو عزم آهي، جنهن عورتن کي هڪ نئين واٽ ڏيکاري آهي، جنهن ۾ هن هر مشڪل وقت تي پنهنجون صلاحيتون ڪتب آڻي، پرديس ۾ پنهنجي خاندان جي مالي ڪفالت ڪئي، ڇاڪاڻ ته سندس مڙس ڊاڪٽرهو، پر مديني ۾ عربي ٻولي نه اچڻ سبب کيس هڪ گهر ۾ سودي سلف وٺڻ لاءِ نوڪرجو ڪم مليو، جيڪو سندس مڙس ته اهو قبول ڪيو، پر فاطمه ان کي گوارا نه ڪيو ته، ايڏو پڙهيل ۽ قابل ماڻهو ڪٿي نوڪر ٿي بيهي، تڏهن هن مديني ۾ ڪپڙا سبي کپائڻ شروع ڪيا.

 ائين هڪ ملڪ کان ٻئي ملڪ هؤَ محنت ڪندي پنهنجو ۽ پنهنجي ديس کان آيل ماڻهن جي سهائتا ڪندي رهي. سندس محنت ڪش زندگي بهرحال سڀني عورتن لاءِ سبق آموز آهي. سندس هن ڊائريءَ ۾ سندس لکيل سنڌي ٻوليءَ جا محاورا ۽ شاهه لطيف جا شعر سندس سماجي شعور جي شاهدي ته ڏين ٿا، پر شاهه جي فلسفي ۽ فڪر جنهن ۾ پوري انسانيت جو درد سمايل نظراچي ٿو، ان جي ابتڙ نظر اچن ٿا.

هن ڊائريءَ ۾ ڪٿي ڪٿي مذهبي متڀيد جي بوءِ پڻ اچي ٿي، جنهن ۾ مسلمانن کي سڀني خوبين ۽ ٻين مذهبن جي ماڻهن کي سڀني خامين جو سبب ڄاڻايو ويو آهي، جيڪا ليکڪا جي ذاتي سوچ يا سندس شروعاتي زندگيءَ جي حالتن ۽ دربدر ڀٽڪڻ جي ڪري پيدا ٿي هجي.

قيدياڻيءَ جي ڊائري:

هيءَ ڊائري هڪ سياسي قيدياڻي اختربلوچ جي آپ بيتي آهي، جيڪا 1970ع ۾ سينٽرل جيل حيدرآباد ۽ سکرجيل ۾ گهاريل ڪجهه مهينن دوران هر روز جي حساب سان جيل ۾ رونما ٿيندڙ وارتائن تي لکي هئي. اها پنهنجي نوعيت ۾ هڪ انوکي اهميت رکي ٿي. هيءَ ڊائري پڙهي منهنجي حيرت جي انتها نه رهي ته، هڪ ڇوڪري جيڪا عمر جي ان موڙ تي، جتي هن جيتريون ڇوڪريون خوشيءَ جا گيت ڳائينديون، جهولا ڪڏنديون آهن، چوڙيون پائينديون آهن، اتي هن هٿڪريون پاتيون، بک هڙتال ڪئي، سابه اٺ نوَ ڏينهن لڳاتار ۽ جڏهن ميجر کيس سمجهائي ٿو ته، بک هڙتال اسلام ۾ جائز ناهي، اهو گانڌي جو رواج آهي، تڏهن هوء ان کي چوي ٿي ته، ”توهين طاقتور آهيو، توهان وٽ فوجون، هٿيار، جيل ۽ پوليس، مطلب ته اسان کي دٻائڻ لاءِ هر هٿيار آهي، اسان وٽ صرف هي آهن، بک هڙتال ڪريون يا جلسا جلوس ڪڍون.“

هن سنڌ جي نياڻي، جنهن جيل جي سختين کي پنهنجي مقصد مٿان قربان ڪري ڇڏيو، هن کي پنهنجي سکن کان وڌيڪ پنهنجن ماروئڙن جا ڏک عزيز هئا. قيد جي انهن ڏينهن ۽ راتين ۾ هن پنهنجي بيماري توڙي ڪمزوريءَ کي ڪڏهن به پنهنجي مجبوري ڪونه بنايو، پرهميشه ٻين قيدي عورتن جو خيال رکيو. هن ڊائريءَ کي جيڪڏهن دُکي قيدياڻين جي ڊائريءَ چئجي ته وڌاءُ نه ٿيندو، ڇو ته اختر هن ڊائريءَ ۾ ڪيترين ئي قيدي عورتن جيڪي ان وقت جيل ڀوڳي رهيون هيون، انهن جو ڪثرت سان ذڪرڪيو آهي، جن کي پڙهڻ سان دل دکي ٿيڻ لڳي ٿي.

ڪي ڏوهي ته ڪي وري بيڏوهي، پر گهڻيون عورتون اُهي هيون، جن مڙسن جو قتل ڪيو هو، جن ۾ هڪڙي قائما نالي عورت به هئي، جيڪا بيحد حسين هئي ۽ تر جو زميندار ان شرط تي هن جي ضمانت ڏئي رهيو هو ته، هوءَ سندس گهر هلي رهي، پر هن عورت قيد قبوليو، پر زميندار سان وڃڻ پسند نه ڪيو. ان کان علاوه قيدي عورتن مٿان جيل جي وارڊن عورتن جا ظلم به هن ڊائريءَ ۾ بيان ٿيل آهن. قيدي عورتن جون ننڍڙيون ننڍڙيون خوشيون غم به سڀ گڏجي ورهائي کڻن ٿيون.

اختر بلوچ کي لکڻ جو سٺو ڏانءُ آهي. هيءَ ڊائري پڙهي جيل ۾ رهندڙ ماڻهن کان نفرت بجاءِ همدردي جا جذبا شدت سان اڀري اچن ٿا. بقول سراج جي ته، ”اهڙا جيئرا جاڳندا ڪردار اهڙيون قائمائون، دادليون ته اسان پنهنجي شاهڪار افسانن ۾ به گهٽ پڙهيون آهن ۽ هتي ڪنهن دانشور يا افسانا نگار، نه پر سنڌ تي سر ڏيڻ واري هڪ ٻالي ڀولي سنڌي شاگردياڻي اسان کي اهي حقيقي ڪردار مهيا ڪري ڏنا، جي نه رڳو سنڌ جي ڪرندڙ ديوارن ۾ چير وجهي ڇڏيندا، پر سنڌ جي سموري جاگيردارانه ۽ وڏيرڪي نظام کي اگهاڙو ڪري سر بازار سنگسار ڪرائيندا.“ (8)

آءٌ اُها ئي مارئي :

هيءُ آتم ڪٿا، ٿرپارڪر ضلعي جي ڏيپلي شهر سان واسطورکندڙ فاطمه قاضيءَ جي لکيل آهي. فاطمه سنڌي ٻولي ۽ سنڌي قوم جي محسن محمد عثمان ڏيپلائيءَ جي ڀاڻج هئي. سندس هيءَ آتم ڪهاڻي مارئي جي سنگهارن لاءِ  سڪ به ظاهر ڪري ٿي ته، سسئيءَ جيان ڏونگر ڏارڻ جو حوصلو به رکي ٿي. جنهن ۾ هڪ عام رواجي گهريلو عورت جي عظمت، محنت ۽ جستجو جو بيان نظر اچي ٿو. هوءَ جڏهن شعور جي دنيا ۾ قدم رکي ٿي تڏهن درد سندس دل ۾ ديرو ڪري ويهي وڃن ٿا. نياڻي جنهن کي بظاهر ته سنڌي ماڻهو ’ست قرآن‘ جو درجو ڏيندا آهن، پر هن سماج ۾ ڪير به ان جي ڄمڻ تي گهڻو خوش ڪونه ٿيندوآهي، سو هن کي لڳاتار ڇهه نياڻيون جو پيدا ٿيون تڏهن هن ڪيترا نه گهر ڀاتين جا طعنا سَٺا هئا. ان جو ذڪر پڻ هن آتم ڪهاڻيءَ ۾ ڏاڍي افسوسناڪ انداز ۾ هيٺ بيان ٿيل آهي، هڪ الهڙ ڇوڪري، جيڪا پاڻ کان وڏي عمر واري ماڻهوءَ سان پرڻائي وڃي ٿي، تڏهن هن ۾ ڪيڏي همت، جوش ۽ ولولو هو، پر هينئر جڏهن هوءَ ماءَ جي عظيم منصب تي پهتي آهي تڏهن کيس پٽ نه ڄمڻ جا مهڻا ڏيئي ڪيڏو نه ڪمزور بنايو ويو آهي. وري جڏهن ڇهن نياڻين کانپوءِ جيئن سوڪهڙي کانپوءِ جو وسڪارو ماروئڙن جي منهن تي مرڪ موٽائي آڻيندو آهي، تيئن هن کي به پٽ ڄائو، پر اهو ستت ئي راه رباني ٿي ويو. (9)

هوءَ سمجهي نه سگهي ته، ان ۾ رب جي ڪهڙي مصلحت پوشيده هئي، پر هن الله مان اميد نه لاٿي. شاهه سائينءَ جي هنن سٽن جيان ته:

جي ليلائي نه لهين، تان پڻ ليلائج ،

آسرمَ لاهيج، ڌڻي ٻاجهيندڙ گهڻو.“

سو هن به اميد ۽ آسري جي جوت جلائي رکي هئي، ڏک ته هن جا اصل کان ساٿي هئا، جن سان گڏ هن ننڍي عمر ۾ ئي ڀيڻ کي ڦوه جوانيءَ ۾ موت جي حوالي ٿيندي ڏٺو. سو جڏهن هن جي ننڍي ڌيءَ گذاري ويئي تڏهن ڇوڪري جي پڦيءَ ڪفن ۾ ويڙهيل ان ننڍڙي ٻار جي لاش کي اهو سنيهو ڏيئي قبر ڀيڙو ڪيو ته، هاڻي اتي وڃي ٻه ڀائرموڪلي، پوءِ اچجانءِ. ڏکئي وقت اچڻ تي اهي ڄاڻ سڃاڻ وارا رشتا ڪيڏا نه ڪٺور دل بنجي ويندا آهن. ڇا نه گذريو هوندو، ان مهل ان ماءُ جي دل تي، جنهن اهو سڀ پنهنجي ڪنن سان ٻُڌو ۽ چوندا آهن ته، ”صبر جن جو سير تير نه گسي تن جو“.  ائين صبر جا ڀاڱا ٻيڻا ٿيا ۽ کيس ٻه پٽ ڄاوا، پوءِ هن جي زندگيءَ ۾ ڪجهه ماٺار آئي. ڪيڏو نه اسان جي معاشري ۾ عورتن جو استحصال ڪيو وڃي ٿو پوءِ به هو هرمصيبت کي مُنهن ڏيو وڃن.

مٿي ڪتابن کان علاوه ٻين سنڌي ليکڪائن جون آتم ڪٿائون پڻ شايع ٿيون آهن، جن ۾ ويناشرنگيءَ جي ”منهنجي حياتيءَ جا گل و خار“ شبنم گل جو ڪتاب ”منهنجو سورج مُکي“، وغيره هن مقالي جو مختصر تت هيءُ آهي ته، سنڌ جي عورت پنهنجي هر روپ ۾ باوقار، اورچ، محنتي ۽ قرباني جي جذبن سان مالامال آهي، بس هن کي قدر جي نظرسان نهارڻ جي ضرورت آهي.

 

حوالا:

1.      George Bernard Shaw, ‘Twentieth century English History Plays From Shaw to bond’, Nilourfer Harben 1988

2.     ڀاٽيا، لڇمڻ ڪومل، 2015ع، ’وهي کاتي جا پنا‘، روشني پبليڪيشن، ڪنڊيارو.

3.     سرلا ديوي، ڊاڪٽر، 1982ع، ’جيتامڙي جي ڊائري‘، آشرم پبليڪيشن.

4.     شهاڻي، ريٽا، 2004ع، ’ٻپهريءَ جا ٻه پل‘، ڪويتا پبليڪيشن حيدرآباد.

5.     عباسي، آپا شمس، 1999ع، ’ڳالهيون پيٽ ورن ۾‘ آتم ڪٿا، عقيل برائيٽ اڪيڊمي، حيدرآباد .

6.     هيراننداڻي، پوپٽي، 1993ع، ’منهنجي حياتيءَ جا سونا روپا ورق‘ سنڌي ساهت گهر، حيدرآباد.

7.     شيخ، غلام فاطمه، 1972ع، ’شيخياڻي جي ڊائري‘، سنڌي ادبي سوسائٽي، حيدرآباد.

8.     بلوچ، اختر، 1972ع، ’قيدياڻي جي ڊائري‘، سنڌي عوامي گهر، حيدرآباد.

9.     قاضي، فاطمه زهره،  2014ع،آءٌ اها ئي مارئي‘، پيڪاڪ پرنٽرس ڪراچي .

 

ڊاڪٽر فهميده حسين جي آتم ڪٿا

’جان جان هئي جيئري‘ تي هڪ نظر

 

آتم ڪٿا منهنجو پسنديده موضوع رهيو آهي، ڇاڪاڻ ته هن کي پڙهڻ سان دنيا ۾ انهن ماڻهن بابت ڄاڻ حاصل ٿئي ٿي، جيڪي پنهنجي زندگي کي ٻين جي لاءِ ڪنهن مقصد تحت گذاري پنهنجي پويان ٻين لاءِ مثال ڇڏي ويندا آهن. آتم ڪهاڻي هر اهو ماڻهو لکندو آهي، جنهن پنهنجي شعبي ۾ ڪو نمايان ڪم سرانجام ڏنو هجي، اها نه صرف ان جي ڪاميابيءَ جو داستان بيان ڪندي آهي، پر زندگي جي سفر ۾ سندس تڪليفن، اَهنجن، غمن توڙي خوشين کي پڻ بيان ڪندي آهي. ڪا به آتم ڪٿا نه صرف ليکڪ جي زندگي تجربن جو نچوڙ هوندي آهي، پر اها ان سماج جي پڻ تصوير بيان ڪندي آهي، جنهن ۾ هو زندگي گذاري ٿو، جنهن کي پڙهڻ سان اسان کي نه صرف ان جي ذات جي باري ۾ ڄاڻڻ جو موقعو ملندو آهي، پر ان سان گڏ ان سماج کي به ڄائڻ جو موقعو ملي ٿو. چوندا آهن ته آتم ڪهاڻي وڏا ماڻهو نه، پر بهادر ماڻهو ئي لکي سگهن ٿا، ڇو ته پنهنجي باري ۾ سچ لکڻ ڏاڍو ڪٺن هوندو آهي.

هي آتم ڪهاڻي مشهور معروف اديب لساني ماهر ڊاڪٽر فهميده حسين جي لکيل آهي. هن سان اسان جي آشنائي ته تڏهن ٿي جڏهن کان سنڌي ادب جا شاگرد ٿياسين، پر هن جي ذاتي زندگيءَ بابت هن آتم ڪهاڻي پڙهڻ کان پوءِ واقف ٿياسين. مون آتم ڪهاڻيون ته ڪيتريون ئي پڙهيون آهن، جن ۾ مرزا قليچ بيگ کان وٺي پوپٽي هيراننداڻي، موهن ڪلپنا، رئيس ڪريم بخش نظاماڻي، جمال ابڙو، لڇمڻ ڪومل تائين سون جي تعداد ۾ شامل آهن، پر پنهنجي مطالعي جي بنياد تي مان اها ڳالهه دعوي سان چئي ٿي سگهان ته، هڪڙي لڇمڻ ڪومل جي آتم ڪهاڻي ۽ ٻي ڊاڪٽر فهميده جي آتم ڪهاڻي مون کي دلچسپ ۽ معياري معلومات هئڻ سبب تمام گهڻو متاثر ڪيو.

هن ڪتاب جا ڇهه سو ورق ڏسي، پهريان ته مان سوچيو ته ايترو وقت ملندو، جو سڄوڪتاب پڙهي سگهجي، ڇوته سوشل ميڊيا جي هن دور ۾ فيس بڪ، واٽس اپ، انسٽاگرام ۽ ٽويٽر وغيره مان واندڪائي ملي ته، ڪو مطالعي جو ڪم به ڪجي، پر مون کي حيرت آهي ته هيءَ آتم ڪٿا مان چئن ڏينهن ۾ پڙهي پوري ڪئي! ڇو ته ڪجهه ڪتاب پاڻ کي پاڻ به پڙهائيندا آهن ۽ هن آتم ڪٿا کي ته  پڙهڻ جا ڪيئن ڪارڻ هئا. هڪ ته هيءَ عورت جي ڪٿا آهي، ٻيو وري عورت به اها، جنهن سنڌي ادب ۾ هڪ وڏو مرتبو حاصل ڪيو آهي. مٿان وري ان جو تعلق هڪ مڃيل علمي، ادبي سنڌي گهراڻي سان ۽ سون تي سهاڳو وري اهو ته هن خاندان سنڌيت جي پرچار ۽ سنڌي ٻوليءَ جي ڦهلاءَ لاءِ پنهنجون عمريون وقف ڪيون ۽ ڪيترن ئي ادبي ادارن کي قائم ڪري، پنهنجي سچائي ۽ قابليت سان اونچائيءَ تي رسايو آهي، سو انهن جي زندگيءَ بابت ڄائڻ ته ضرور ي ٿي پيو.

 ان مقصد کي سامهون رکي ڪتاب جا ورق ورايم ته مهاڳ آفتاب ابڙي جو لکيل نظر آيو، جنهن جو عنوان هو ”اندر جنين اڃ“. منهنجو تجسس اڃا وڌي ويو مهاڳ ۾، جيتوڻيڪ سندس شاگرد، جنهن بابت اڳتي هلي پڙهيم ته ميڊم جي نگراني ۾ هن پنهنجي پي ايڇ.ڊي ڪئي هئي، جو لکيل هو، پر ان به مصنفه کي سندس والد يعقوب ميمڻ ۽ سندس ڀاءُ سراج جي ڀيڻ حيثيت ۾ پئي پيش ڪيو، يا ته هن جو شايد اهو خيال هوندو ته ليکڪا جي باري ۾ پڙهندڙ پاڻ پڙهي پنهنجي راءِ قائم ڪن!

ان کانپو ءِ ڊاڪٽر فهميده حسين جو لکيل ’محبت پائي من ۾‘ جي سري سان پنهنجي هن آتم ڪهاڻي جو تعارف ۽ ان سان گڏ ان کي لکڻ جو مقصد بيان ڪيل آهي، جنهن ۾ هو ءَ لکي ٿي ته، ”هونءَ تـ مون گهڻي وقت کان پنهنجي آتم ڪٿا لکڻ لاءِ پئي سوچيو، پر ٻڏتر جو شڪار هئس ڇو ته جڏهن ان جي ادبي پرک ٿيندي، ان جي ڪنهن ادبي خوبي يا خامي تي ڳالهايو ويندو، بلڪه سچ پڌرو لکيو ويندو، ته ان کي ڪنهن تخليقڪار جي تخليق سمجهي، تنقيد جي تارازيءَ ۾ توريو ويندو.  ان لاءِ دانهن ٿيندي، ماڻهو ناراض ٿيندا يا وري ان کي عورت جي اعتراف طور کڻي اهڙا اهڙا ڪمينٽس ڪيا ويندا، جو الله جي پناه !

ڪشور ناهيد کي اها خبر هئي، ان ڪري هن اڳ وٺي اڳ ۾ ئي پنهنجي آتم ڪٿا جو عنوان ”بري عورت ڪي ڪٿا“ رکيو هو. مطلب ڪيترن ئي خدشن کي پنهنجي ذهن ۾ محسوس ڪندي، هن هيءَ آتم ڪهاڻي لکي. ڊاڪٽر فهميده پنهنجي آتم ڪهاڻيءَ جي شروعات ۾ لکي ٿي ته، توڙي جو اسان جا ماڻهو بنهه مختلف هئا، پر پوءِ به سچا سنڌي ته هئا. منهنجو بابا يعقوب ادا سراج ۽ منهنجو مڙس حسين اهي ئي ته مرد هوندا آهن، جيڪي سماج ۾ ڪنهن عورت جي زندگيءَ کي جنت يا جهنم بنائڻ وارا سندن قسمت جو فيصلو ڪرڻ وارا کين مانائتو يا بي مانو ڪرڻ وارا. ڪيڏو نه سچ چيو اٿس، عورت جي انهن رشتن جي باري ۾.

اڄڪلهه روز انهن رشتن جي هٿان معصوم نياڻين جي تذليل ۽ قتل عام ڏسون ۽ ٻڌون پيا ان سلسلي ۾ ڊاڪٽر فهميده واقعي خوشنصيب هئي، جو پاڻ اهڙي علمي ۽ ادبي گهراڻي ۾ پيدا ٿي، جيڪو عورت جي تعظيم، احترام ۽ عزت ڪرڻ وارو گهراڻو هو، جنهن سبب هنن کي پنهنجا جائز حق پنهنجي ئي گهر مان ته مليا، پر پنهنجي ويڙهي جي طرفان هر قسم جي رنڊڪن ۽ طعنن ٽوڪن کي هنن به منهن ڏنو، جنهن ۾ سندن سڳي سوئٽ جا هنن جي پڙهڻ بابت چيل هي جملا ته، ”ماما اهي ڇوڪريون پڙهي لکي جڏهن يارن کي خط لکنديون ۽ وات سان گهري مڙس وٺنديون، تڏهن خبر پوندئي ته ڪيڏي وڏي غلطي ڪئي اٿئي، اڃا به وقت آهي مُڙي وڃو“.(1)

 پر پو ءِ به جس آهي، هنن جي پيءُ توڙي ڀاءُ کي، جن نياڻين جي پڙهائي جاري رکي ۽ کين زندگيءَ ۾ اڳتي وڌڻ جوحوصلو ڏنو ۽ انهن ئي رشتن جي سهڪار سان هو ٻين عورتن لاءِ مشعل بنجي اڀريون ۽ سنڌي سماج کي هڪ آدرشي سماج بنائڻ لاءِ جدوجهد ڪرڻ لڳيون. اهو سماج جيڪو عورت ۽ مرد لاءِ ٻِٽا معيار رکندڙ آهي، جنهن جو هڪ مثال آتم ڪهاڻي جي هن واقعي مان به ملي ٿو ته، ”جڏهن ٻي مهاڀاري جنگ ۾، خبرون ٻڌڻ لاءِ بابا ريڊيو وٺي آيو، جنهن کي سڀني شيطاني دٻو قرار ڏنو، جنهن ۾ غير مرد ويٺل هئا، جنهن جو آواز ٻُڌڻ جي اجازت گهر جي عورتن ڪانه هئي. عورت کي هر قسم جي ڄاڻ کان پري جو رکڻو هو“.(2)

 جيتوڻيڪ اها ٻي ڳالهه آهي ته، عورتن جي معاملي ۾ اڳوڻين حالتن جي ڀيٽ ۾ هاڻي به ڪا خاص تبديلي ڪانه آئي آهي. اڄ به سندس حق تلفي ٿئي پئي ۽ اها عورت ائين ظلم تشدد جو شڪار آهي ڄڻ ته سندس وجود بي معنيٰ هجي، اهو ئي سبب آهي جو، سنڌي سماج ترقي بدران تنزليءَ طرف وڌي رهيو آهي. ڊاڪٽر فهميده جون هي سٽون ان ڳالهه جي تصديق ڪن ٿيون ته، ”نياڻين جي آه لڳل آهي، اسان جي سنڌي سماج کي، اها آهه ڪڏهن ظلم ۽ جبر جا ڪوٽ ڪيرائي، ڪو سڻائو واءُ آڻيندي“.(3)

اها ته هر عورت جي دعا آهي ۽ اهو واءُ ورائي سهانو سمو آڻي ڪا! بقول شاهه سائين جي تـه ’تتيءَ ٿڌي ڪاه ڪانهي ويل ويهڻ جي‘ پڙهي لکي باشعور عورت ان لاءِ جستجو ۾ رڌل آهي. عورتن جي اها جدوجهد باوجود ڪيترين ئي بهتانن ۽ الزام تراشين جي ته” اهي عورتون مردن جون دشمن آهن“ ته به جاري آهي، جنهن بابت ڊاڪٽر فهميده لکي ٿي ته، ”عورتن جي حقن لاءِ وڙهندڙ ۽ لکندڙ پاڻ کي فيمينسٽ چوندڙ عورتن جي ان ڳالهه سان متفق ناهيان ، جيئن انهن لاءِ سمجهيو ويندو آهي ته، اهي مردن جون مخالف هونديون آهن، کانئن نفرت ڪنديون آهن، پر مون ڪڏهن به مردن کان نفرت جو اظهار يا پرچار نه ڪيو آهي. اسان کي انهن جي ساٿ ۽ سهڪار سان ئي ڪاميابي ملندي. سنڌ جي سماج کي آدرشي سماج بنائڻ لاءِ سمورن سڄاڻ مردن ۽ عورتن کي گڏجي هلڻو پوندو“.(4)

هن آتم ڪهاڻي ۾ ڊاڪٽر فهميده انهن ماڻهن تي به تنقيد ڪئي آهي، جيڪي بظاهر پڙهيل لکيل ۽ علم ادب سان وابستا آهن، پر عورتن جي معاملي ۾ اهائي تنگ نظر سوچ رکن ٿا ۽ اهي عورت کي صرف دل وندرائڻ جو ذريعو سمجهن ٿا .هوءَ انهن جي سوچ جو نفسياتي پهلو بيان ڪندي لکي ٿي ته، ”اسان جا اڪثر اديب ۽ شاعر، اڳوڻا شاگرد سنڌ جي علم ۽ آگاهي، شعور ۽ ساڃاه جي سرچشمي جهڙي مادر علمي سنڌ يونيورسٽيءَ جي هوائن ۽ رومانس سان ڀرپور ڄامشوري کي شهرِ جانان، ۽ مارئي هاسٽل کي اپسرائن جو آستان ۽ محبت جو محور چوندا ۽ لکندا آهن. خودڪشي جي رومانس جيان اهو رومانس به الئي ڇو مقبول ٿيو آهي. نه ته سنئين سڌي ڳالهه آهي ته جواني ۾ انسان جي جذبن ۽ احساسن جا محرڪ هارمون ٻن انسانن کي هڪ ٻئي سان قرب ونڊڻ لاءِ اتساهين ٿا، جنهن جو هر ڪنهن جو پنهنجو انفرادي تجربو ٿئي ٿو. تعليم جي مخالف سنڌ جي سماج ۾ ان کي ڪنهن هڪ علمي اداري سان منسوب ڪرڻ مناسب ڪونهي. اهو ئي سبب آهي جو گهڻا مائٽ پنهنجي نياڻين کي يونيورسٽي موڪلڻ کان ڪيٻائيندا آهن“.(5)

ميڊم پنهنجي ڪهاڻي ۾ پنهنجي جنم ٽنڊو ڄام (5 جولاءِ 1948ع ) جي ذڪر ۽ ان سان گڏ گهر جي ماحول، ان وقت جي مروج ريتن رسمن ۽ انهن رسمن رواجن جو شڪار ٿيندڙ ماڻهن جو ذڪر ڪيو آهي، جن ۾ سندس ڀيڻ حميده به شامل هئي، جنهن جي شادي پنهنجي مائٽ گونگي سان زبردستي رچائي وئي ۽ ان بدلي ۾ سراج جي شادي وري ان جي گونگي ڀيڻ سان ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ويئي، پر ان وقت سندس ڀاءُ سراج شادي واري ڏينهن اتان ڀڄي ويو ۽ ان جي جاءِ تي هن جي ننڍي ڀاءُ عبدالحق جو، ان وڏي عمر جي گونگي ڇوڪري سان نڪاح ڪرايو ويو، جيڪو اڳتي هلي ٻن زندگين جي تباهيءَ جو سبب بڻيو.

جنهن سبب هنن جي پيءُ پنهنجي ٻين نياڻين ۽ پٽن کي پڙهائڻ لاءِ شهر ڏي لڏي وڃڻ جو فيصلو ڪيو هو ۽ جتان هنن جي صحيح معنيٰ ۾ زندگيءَ جي اڙانگي سفر جي نه کٽندڙ جدوجهد جو آعاز ٿئي ٿو، جنهن ۾ هنن جي پيءُ يعقوب ميمڻ جو ڪردار ڪنهن ديومالائي هيرو ڪردارن کان گهٽ نظر ڪونه ٿو اچي. جنهن پرائمري استاد هوندي، جنهن جي پگهار ڪا خاص ڪانه هوندي آهي. هن نه رڳو پنهنجا ٻار، پر پنهنجن ڀائرن ۽ ڀينرن جا ٻار به پڙهايا. صرف سندس هڪ ڇوڪري حميده، جيڪا ڳوٺ ۾ هئڻ سبب مائٽن جي ضد ڪري پڙهي نه سگهي ۽ جنهن جي شادي زبردستي گونگي سان ڪرائي ويئي، باقي سڀني ٻارن کي نه صرف پڙهايو، پر معاشري جو ڪارآمد فرد پڻ بنايو ۽ سڀ کان وڏي ڳالهه ته نياڻين کي پٽن جيان ڀائڻ، سو به ان وقت ۾ جڏهن نياڻيون ڄڻي صرف پرڻايون وينديو هيون، ان وقت هنن جي پيءُ جو اهو فيصلو ڪرڻ ۽ ان کي عملي جامو پارائڻ لاءِ، هُن نه صرف نوڪري، پر هر قسم جي پورهئي جا ڪم، جن ۾ واڍڪو ڪم ڪرڻ، گهرجي مرمت جو ڪم پاڻ ڪرڻ ته جيئن اهي پئسا به بچن، شام جو وري ڪتابن جي جلد سازي سان گڏ سنڌي لغت جي آفيس ۾ لغت جو ڪم ڪرڻ، مطلب ته هر وقت محنت ڪرڻ ته جيئن  ٽن ٻارن جي پڙهائي جا خرچ پورا ڪري سگهجن.

سڀ کان وڏي ڳالهه، جنهن مون کي متاثر ڪيو، اهو هو يعقوب ميمڻ جو پنهنجي زال سان محبت ۽ ان جي خوشي لاءِ هر وقت ڪوشان رهڻ. اهو تمام گهٽ نظر ايندو آهي. خاص طور تي جتي مڙس پڙهيل هجي ۽ زال اڻپڙهيل هجي. ٻيو ته هنن کي سراج جهڙي انٽليڪچوئل ڀاءُ جو سپورٽ به هر وقت حاصل هوندو هو، جيڪو هنن کي هڪ مهربان ڀاءُ، رهبر ۽ رهنماءَ وانگر هر وقت سمجهائيندو هو. اسان جي سماج ۾ ڇوڪرين کي هونئن به پڙهائيءَ دوران ڪيترن ئي مسئلن کي منهن ڏيڻو پوندو آهي. جيئن اوباش ڇوڪرن جون انهن کي ڏسي سيٽيون هئڻ، سندن پيڇو ڪرڻ يا وري غيراخلاقي جملا ڪسڻ وغيره، جن بابت اڪثر خوف ۽ ڊپ کان ڇوڪريون مائٽن کي نه ٻُڌائينديون آهن ته، متان سندن تعليم نه بند ڪئي وڃي، سو ان وقت هنن کي به اهڙيون ڪئين مشڪالتون پيش آيون، پر هنن بنا ڪنهن خوف جي انهن جو ذڪر پنهنجي ڀاءُ سان ڪيو.

 ڊاڪٽر فهميده لکي ٿي ته، ”اهي شڪايتون ٻڌي ادا ناراض ڪونه ٿيندو هو، پر سمجهائيندو هو ته، ’بابا هي سماج عورت لاءِ ڏاڍو تنگ نظر آهي، ان کي تفريح جي شيءِ سمجهي ٿو ۽ ان سان اهڙيون حرڪتون ڪري سندس رستا روڪ ڪرڻ چاهي ٿو، پر توهان کي بهادر ٿيڻو پوندو‘.(6)

 اهڙا گهر واقعي ڪن خوشنصيب ماڻهن کي ئي ملندا آهن. پو ءِ هو ءَ اسڪول ۽ ڪاليج جي پڙهائي جو ذڪر ڪري ٿي ته ڪيئن هو ءَ مختلف بَسون مَٽائي ويندي هئي، جڏهن هن انٽر ڪئي ته، هن سنڌ يونيورسٽي جي انگلش ڊپارٽمينٽ ۾ داخلا ورتي، جتي کيس ڪيترن ئي مسئلن کي منهن ڏيڻو پيو، جنهن ۾ هن هڪ ٽيچر امينه خميساڻيءَ جو ذڪر خاص طور تي ڪيو آهي، جنهن نه صرف پڙهائي دوران پر پاس آئوٽ ٿيڻ کانپوءِ به جڏهن کيس ان ئي انگلش ڊپارٽمينٽ ۾ ليڪچرر جو آرڊر ملي ٿو، ته ان وقت به هن کي ميڊم خميساڻي، جيڪا ان وقت انگلش ڊپارٽمينٽ جي چيئر پرسن هئي، کيس جوائن ڪرڻ نه ڏنو هو ۽ ائين هوءَ ميرٽ هوندي مختلف جڳهين تي اپلاءِ ڪندي رهي، ان جو هڪ سبب اهو به هو ته، هن جي شخصيت تي سندس ڀاءُ سراج جو پاڇو هو.

 ميڊم ان جو گهڻو ذڪر ڪيو آهي ته، باوجود ايڏي تعليم جي گهڻي جاين تي ته کيس صرف ان ڪري نه کنيو ويو ته  هوءَ سراج جي ڀيڻ آهي، پر ائين ناهي ته هن رڳو تڪليفون ماڻيون، پر سراج جي ڀيڻ هئڻ جي حيثيت سان هن ڪيتريون ئي عزتون ۽ ڪيترين جڳهين تي هن کي مان پڻ ڏنو ويو. هڪ عورت هئڻ جي ناتي سندس شادي لاءِ هن جي پنهنجي پسند جو حق کيس گهر جي طرفان مليل هو، پر بقول هن جي ته ننڍپڻ ۾ سندن سوئٽ  بشير جو اهو مهڻو ته، ”پڙهنديون ته مڙس گهري وٺنديون“. انهن جملن اسان جو پيڇو ڪڏهن نه ڇڏيو، ان ڪري اسان ڀيڻن شاديون پيءُ ۽ ڀاءُ جي پسند تي ئي ڪيون، پر اهو به سچ آهي ته ان ۾ اسان جي به مرضي شامل هوندي هئي.

پنهنجي شادي جي باري ۾ هن لکيو آهي ته، ”منهنجي شادي مون سان ڪاليج ۾ پڙهندڙ هڪ شاگرد حسين سان ٿي، جيڪو پي.آءِ. اي ۾ نوڪري ڪندو هو ۽ ڪاليج واري زماني کان هو مون کي پسند ڪندو هو، پر ڪڏهن به ان جو اظهار نه ڪيائين. شادي کانپوءِ هن ٻُڌايو هو ته، اصل ۾ هو ڪجهه بنجي پوءِ رشتو گهرڻ چاهي پيو، ان ڪري هن ڪڏهن پنهنجي پسند جو اظهار به مونسان نه ڪيو ته، متان منهنجا مائٽ بيروزگار هئڻ سبب جواب نه ڏئي ڇڏين.“ (7)

 پر هن ماڻهو جو ڊاڪٽر فهميده جي زندگيءَ ۾ تمام مثبت ڪردار رهيو، جنهن پنهنجي زال سان هر ڏکئي وقت ۾ نڀاهيو، جنهن جو بار بار آتم ڪهاڻيءَ ۾ ذڪر ڪيل آهي.

 ميڊم فهميده جي مصروفيات، گهر کان ٻاهر نوڪري تي وڃڻ، ادبي پروگرامن ۾ شرڪت ڪرڻ، ريڊيو توڙي ٽي. وي پروگرامن تي وڃڻ وغيره، پر هو ڪڏهن ڪوسو ڪونه ٿي ڏوراپي ڏيئي‘ واري مثال جيان رهيو. بحيثيت عورت جي ڊاڪٽر فهميده پنهنجي زندگي ۾ جيڪا محنت، مشقت، علمي ۽ ادبي پورهيو ڪيو، سچ ته اهو اسان سڀني عورتن لاءِ هڪ مثال آهي. هن جو مڙس جيئن ته هميشه ٻاهر هوندو هو، ان ڪري هن کي ئي گهر جي سنڀال ڪرڻي پوندي هئي، ان سان گڏ نوڪري ۽ ٻار اسڪول ڇڏڻ وري کڻي اچڻ، شام جو وري انهن کي ٽيوشن پڙهائڻ، اهو ڪنهن هڪ ماڻهوءَ جو ڪم نه آهي، نه صرف ايترو، پر رات جو وري عورتن جي لاءِ نڪرندڙ  رسالي ’سگهڙين سٿ‘ جو مواد چيڪ ڪرڻ، ان کي سوڌي سنواري الڳ ڪرڻ جو ڪم جدا هوندو هو. هيءُ اهو پرچو هو، جنهن پهريون ڀيرو عورتن کي سلائي، ڪڙهائي ۽ کاڌن جي ترڪيبن جهڙن ٽيبوز مان ٻاهر ڪڍي سندن تخليقي صلاحيتن کي اجاگر ڪرڻ ۾ وڏو ڪردار ادا ڪيو. ان کان سواءِ ڪجهه عورت تنظيمن ۾ ميمبر طور پڻ شامل رهي. جيئن سنڌ گريجوئيٽ ايسوسيئيشن ڊاڪٽر درشهوار جي اسوا وغيره شامل آهن. جن ۾ عورتن جي خودمختياري ۽ حقن جي لاءِ آواز بلند ڪيو ويندو هو.

سچ پچ ته سندس گهڻ رخي شخصيت اسان سڀني عورتن لاءِ هڪ مثال آهي، پر بحيثيت هڪ فيمينسٽ هئڻ جي، ليکڪا جو هن آتم ڪهاڻيءَ ۾ بار بار هن ڳالهه جو ذڪر ڪرڻ ٿورو حيرت ۾ ضرور وجهي ٿو ته، اسان چئني ڀينرن پنهنجي پسند تي نه، پر مائٽن جي مرضي سان شاديون ڪيون، ڇو جو سندن سئوٽ جا چيل لفظ سدائين هنن کي ياد رهيا ته ”پڙهنديون ته مڙس وات سان گهري وٺنديون“ ائين ٿو لڳي ڄڻ ته ڊاڪٽر صاحبه جي نزديڪ پسند تي شادي ڪرڻ ڪو ڏوه هجي! جڏهن ته پاڻ پنهنجي سموري حياتي سماج جي انهن مدي خارج رسمن خلاف هميشه جهيڙينديون رهيون آهن ته، ڇا انهن مروج ريتن رسمن خلاف بغاوت ڪري، ڪو نئون رستو اختيار ڪري نه پئي سگهيون؟

پسند جي شاديءَ جو حق ته اسان کي مذهب توڙي قانون ٻنهي ڏنوآهي، پوءِ ڇا ضروري آهي ته روايتي عورتن جيان اسان پنهنجي سموري زندگي ٻين کي مطمئن ڪرڻ ۾ گذاريون. سندس ڪراچي يونيورسٽيءَ ۾ جوائننگ ۽ نوڪري دوران شاگردن جو عورت ۽ مرد استاد جي وچ ۾ تفاوت ڪرڻ بابت پڻ هڪ دلچسپ واقعو بيان ڪيو آهي ته، هڪ ڀيري ليڪچر دوران شاهه ۽ سچل جي شاعريءَ تي تصوف جي رنگ بابت ٻڌائيندي مون چيو ته روايتي شارحن جو خيال آهي ته، صوفي الله سان عشق جو فلسفو بيان ڪن ٿا، انهن وٽ مجازي عشق دراصل حقيقي عشق ڏانهن پهريون قدم آهي“.

 اڃا ڳالهه پوري ڪانه ٿي ته، هڪڙو ڇوڪرو اٿي بيهي رهيو ۽ چيائين ته الله جي عبادت ڪبي آ، اطاعت ڪبي آ، عشق ڪونه ڪبو آهي. عشق يا محبت برابريءَ واري سان ٿيندي آهي، اهو شرڪ آهي، اهو ڪفر آهي. توهين شاگردن کي گمراه ٿا ڪريو. اهي صوفي سڀ ڪافر آهن. سندس اکيون ڳاڙهيون ٿي ويون. وات مان گڦ پئي ڳڙيس، مان ڊڄي ويس. (8)

هڪ ٻيو واقعو به بيان ڪيو اٿس ته، هڪ شاگرد ڪلاس دوران مونکان منير ماڻڪ جي لکيل ڪهاڻين حويليءَ جا راز ۽ لڙهندڙ نسل بابت سوال ڪيا ۽ ان جي هڪ ٻن منظرن کي بيان ڪري سوال ڪيا ته، ڇا اها فحاشي ڪانهي ۽ ڇا ادب ۾ فحاشي قابل قبول آهي؟ سوال ته نارمل هو، پر سندس انداز مان صاف ظاهر هو ته، هن مون کي نوجوان عورت سمجهي، ڄاڻي واڻي محض تنگ ڪرڻ جي خيال کان اهو سوال  ڪيو هو. هڪ شادي شده عورت ۽ ٻيو هڪ عورت هئڻ جي ناتي مون ان سوال کان لنوائيو ڪو نه هو. شايد هن سمجهيو هو ته آءٌ جواب ڪونه ڏئي سگهندس. هن شرارت واري انداز ۾ مون کان سوال ڪيو هو، جنهن کي ٻُڌي واقعي ئي آءٌ پگهرجي ويئي هئس، پر پوءِ کيس تسلي بخش جواب ڏيئي خاموش ڪري ڇڏيو هو. (9)

هن آتم ڪهاڻيءَ جو وڏو حصو ميڊم پنهنجي علمي ۽ ادبي ڪمن جي حوالي سان بيان ڪيو آهي، جنهن مان سندس اداراساز شخصيت جي ڄاڻ حاصل ٿئي ٿي، جيڪا ڪنهن به تعارف جي محتاج نه آهي. بلاشبه هن جون سنڌي ٻولي، ادب ۽ ادارن لاءِ ڏنل قربانيون بي لوث آهن، جن ۾ خاص ڪري شاهه لطيف جي شاعري ۽ سنڌي ٻوليءَ لاءِ سندس ورتل ڪاوشون لک لهڻن ٿيون. ان سلسلي ۾ سندس پي ايڇ. ڊي جي ٿيسز، جنهن جو موضوع ’شاهه لطيف جي شاعريءَ ۾ عورت جو ڪردار‘ پڻ شامل آهي، جنهن ۾ هن شاهه جي ستن سورمين تي تحقيق ڪئي آهي.

 سهڻيءَ جي ڪردار بابت مان به يونيورسٽيءَ جي ڪلاس دوران  شاگردن جا عجيب و غريب سوال ٻڌي ميڊم جيان ڪڏهن ڪڏهن پريشان ٿيندين آهيان، ڇو جو شاهه لطيف کي ٽن صدين گذرڻ کان پوءِ به سنڌي سماج اڃا به شاهه لطيف جي سُر سهڻيءَ جي ڪردار کي مڃڻ لاءِ تيار ڪونه آهي. ڪراچي يونيورسٽيءَ ۾ جڏهن کيس شاهه لطيف چيئر جو ڊائريڪٽر مقرر ڪيو ويو تڏهن پاڻ چيئر جي طرفان ڪيتر ائي پروگرام ۽ سيمينار ڪرايائين، جن جو ذڪر پڻ هن آتم ڪهاڻيءَ ۾ تفصيل سان بيان ڪيل آهي. هن جي دور ۾ چيئر مختلف موضوعن تي ڪيترائي ڪتاب ڇپايا، تحقيقي جنرل ڪلاچيءَ جو اجراء ۽ ان سموري عرصي دوران ساٿي استادن، اديبن ۽ دانشورن جون عورتن سان روايتي عقوبتون ۽ رياڪاريون به جاري رهيون، جن ۾ ڊاڪٽر صاحبه، ڊاڪٽر نواز علي شوق جو ذڪر ڪيو آهي ته، ان ڪيئن چيئر ۾ ڏه سال هن سان وهنوار رکيو ۽ ڏه سال هن چيئر ۾ ڪک ڀڃي ٻيڻو نه ڪيو ۽ مون سان تعصب ۾ رڳو اها جاسوسي ڪندو رهيو ته، ڪٿي مونکان غلطي ٿي ۽ مون کان هيءَ چيئر خالي ڪرائي وڃي.

ان سلسلي ۾ هڪ واقعو به ٻڌايو اٿس ته، ”هڪ ڀيري هڪ ڪتاب رومي، اقبال ۽ شاهه تي ڪم پئي هليو. ان ۾ انهن شاعرن جي فارسي ،اردو ۽ سنڌي شعرن سان گڏ قرآني آيتون، حديثون وغيره به ڏنيون ويون. جڏهن انهيءَ ڪتاب جي ڊمي تيار ٿي ته، ان ۾ عربي عبارت ۾ ڪي پروف جون غلطيون رهجي ويون. شوق صاحب انهيءَ ڊمي مان انهن غلط پروف وارن صفحن جا ڦوٽو اسٽيٽ ڪرائي ڪجهه مولوين کي موڪليا، بلڪه ’اُمت اخبار‘ خبر هلائي ڇڏي ته، چيئر ۾ هيءَ بي حرمتي ڪئي ويئي آهي، جنهن تان وڏو ممڻ مچي ويو ۽ آخر وچ ۾ چئن چڱن وچ ۾ پئي، ان بي بنيادي ڳالهه کي ختم ڪرايو.(10)

 ائين هن شوق صاحب جي ڪري ڪيترين ئي مشڪلاتن کي منهن ڏنو. هڪ ٻيو مزيدار واقعو به لکيو اٿس ته، جڏهن سنڌي لينگئيج اٿارٽيءَ جي طرفان 2008ع ۾ سندس پوسٽنگ سنڌي لينگئيج اٿارٽي ۾ چيئر پرسن طور ٿي ته، شوق صاحب ڪلچر دپارٽمينٽ کي هڪ خط لکيو ، جنهن ۾ سندس سخت مخالفت ڪندي لکيائين ته، ”توهان هڪ اهڙي عورت کي اٿارٽي جي چيئر پرسن ڪري رکيو آهي، جيڪا پيپلس پارٽيءَ لاءِ سڀ کان منحوس ڪاري ڏينهن يعني 5جولاءِ تي  پيدا ٿي آهي. نواز علي شوق، جنهن منهنجي جنم ڏينهن کي ضياءالحق جي طرفان شهيد ڀٽي جي معزولي واري تاريخ سان وڃي ملايو هو. جتي اهڙا ماڻهو هئا، اتي ان اداري ۾ سليم ميمڻ جهڙا نيڪ صفت انسان به هئا، جن هر مشڪل وقت ۾ ساٿ ڏنو ۽ هڪ ڀاءُ جي ذميواري نڀائي هئي“.(11)

 انهيءَ عرصي دوران 1981ع ۾ پهرين عورت ڪانفرنس به ڪئي ويئي هئي، جنهن جو احوال پڻ آتم ڪهاڻيءَ ۾ بيان ڪيل آهي. حيدرآباد لينگئيج اٿارٽيءَ ۾ سندس نامزدگي 2008ع ۾ ٿئي ٿي، جتي پڻ سندس خدمتون مسلم آهن، جن ۾ سرفهرست ته انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جا 9 جلد آهن، ڏهون تياريءَ ۾ هو ته پاڻ بدلي ٿي ويئي. سندس وقت ۾ سنڌي لينگئيج اٿارٽي نه صرف مختلف موضوعن تي ڪيترائي ڪتاب ڇپايا، پر ان کان علاوه سنڌي ٻوليءَ جي سڌاري ۽ واڌاري لاءِ تحقيقي جنرل ’سنڌي ٻولي‘ ڪڍيو ويو ۽ اداري جي طرفان جيڪي پروگرام ٿيا، انهن جو  سٽاءُ، سيمينار ڪرائڻ ۽ انهن جي بجٽ جي لاءِ حڪومت سان بحث مباحثا ڪرڻ، ان سلسلي ۾ ماڻهن جا هن بابت منفي رويا ۽ تاثرات، انهن جو پڻ هن آتم ڪهاڻيءَ ۾ بيان ملي ٿو.

 هڪ مزيدار ڳالهه مرد باس ۽ عورت باس جي باري ۾ لکي اٿس ته، ڪنهن به آفيس يا اداري ۾، جي مرد باس هوندو ته، ڀلي پنهنجي ماتحتن کي گاريون به ڏئي، پر هو چپ هوندا، پر جي عورت باس هوندي ته پو ءِ انهن جي انا جو سوال ٿي ويندو ته عورت جي هٿان دڙڪا کاڌا اٿن. هڪ ڏينهن ”سنڌي لينگئيج اٿارٽي جو وزٽ پئي ڪيم ته، هر جاءِ تي گند، ڪچرو ۽ ڪتابن تي مٽيءَ جا تهه نظر آيم، ان تان ملازمن کي دڙڪا ڏنم ته، جلدي انهن کي صاف ڪيو، هو منهنجي آڏو ته ڪونه ڪُڇيا، پر ٻاهر وڃي چوڻ لڳا مائي ڇِتي ٿي آ. (12)

انهيءَ ڊاريڪٽرشپ جي ڏينهن ۾، جن ساڻس ساٿ ڏنو، انهن جا پڻ هن آتم ڪهاڻي ۾ ٿورا مڃيا اٿس، جن ۾ الانا صاحب، محمد ابراهيم جويو، حميد آخوند، ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ، تاج جويو آخر تائين سندس ٻانهن ٻيلي رهيا، هر ڏکيائيءَ ۾ سندس ساٿ نڀائيندا رهيا. هن آتم ڪهاڻيءَ ۾، جن اديبن جو به ذڪر ٿيل آهي، جيڪي ازل کان عورت جا ويري رهيا آهن. خاص ڪري اها عورت، جيڪا خودمختيار هئڻ سان گڏ باشعور به هجي، انهن ۾ انعام شيخ جو ذڪر به آهي، جنهن کي ڊاڪٽر فهميده  ’جو وڙ جُڙي جن سين‘ جي سب ٽائيٽل هيٺ لکيو آهي. هوءَ لکي ٿي ته، ”هڪ ڀيري ڊاڪٽر غفور ميمڻ، سنڌي لينگئيج اٿارٽيءَ جو ان وقت چيئرمين هو، ان ٻڌايو ته ميڊم اٿارٽيءَ جي بورڊ آف گورنس جي پهرين ميٽنگ کان ئي انعام شيخ سڀني کان وڌيڪ توهان جي مخالفت ۾ ڳالهائيندو هو. جيڪڏهن توهان جي ڪيل ڪم جي ڪو ٻيو ميمبر ساراه ڪندو هو ته، تپي ويندو هو. مون پنهنجي زندگيءَ ۾ ڪڏهن به ڪنهن جي تنقيد جو جواب ڪونه ڏنو آهي، پر جڏهن توهين ڪنهن سان چڱائي ڪندا آهيو ته، ان منجهان موٽ ۾ به چڱائيءَ جي اميد رکندا آهيو. مون کي انعام شيخ مان چڱائيءَ جي اميد هئي، پر هن جي ڪڙن لفظن منهنجي دل ايتري ڏکوئي آهي، جو اڄ گهڻو ڪجهه لکي ويئي آهيان“.(13)

 هيءَ آتم ڪهاڻي هر عورت کي پڙهڻ کپي، ڇوته هن ۾ هڪ گهريلو عورت کان وٺي پروفيشنل عورتن جي زندگيءَ جا مسئلا ۽ عورتن جي پنهنجي حقن لاءِ جستجو ۽ جدوجهد ڪرڻ جو فڪر سمايل آهي، جنهن ۾ ڪڏهن هنن کي ڪاميابي ته، ڪن جڳهين تي ناڪامين جو به سربستو احوال ملي ٿو، جنهن مان عورتن کي اهو سبق ملي ٿو ته، زندگي رڳو گلن جي سيج نه آهي، اتي ڪڏهن ڪڏهن ٻاٻري ڪنڊن تي هلڻو به پئي ٿو، صرف توهان جو حوصلو همت ئي توهان کي بهتريءَ جي طرف وٺي وڃي سگهي ٿي. آخر ۾ مان چوندس ته هر پڙهي لکي عورت کي زندگيءَ ۾ رهنمائي حاصل ڪرڻ لاءِ هيءُ ڪتاب، ضرور پڙهڻ گهرجي.

 

حوالا:

1.         ڊاڪٽر فهميده حسين، جان جان هئي جيئري آتم ڪٿا، پيڪاڪ پبليڪيشن ڪراچي سنڌ 31

2.        ايضاً، ص 34

3.        ايضاً، ص 74

4.        ايضاً، ص 59

5.        ايضاً، ص 80

6.        ايضاً، ص 35

7.        ايضاً، ص 39

8.        ايضاً، ص

9.        ايضاً، ص 375

10.    ايضاً، ص 371

11.     ايضاً، ص 438

12.    ايضاً، ص 442

13.    ايضاً، ص 472


 

 

انيس هارون جي آتم ڪٿا جو تجزيو

 

هيءُ ڪتاب، وومين ايڪشن جي روح روان انيس هارون جي مسلسل جدوجهد جي هڪ ڪهاڻي آهي، جيڪا پوري نه ٿي آهي ۽ اڃا به روان دوان آهي. پاڪستان ۾ انساني حقن جي لاءِ وڙهڻ ۽ ان سان گڏ وري عورتن جي حقن لاءِ آواز اٿارڻ گناه جي مترادف آهي ۽ اهو گناه انيس هارون به ڪيو آهي. چوڻ ۾ ته هي ڪتاب ’کب مہکے گی فصل گل انيس جي آتم ڪٿا آهي، پر اصل ۾ هيءُ ڪتاب جڳ بيتي پڻ آهي. هڪ ننڍڙي ڇوڪري، جيڪا پارٽيشن جي نوسٽَلجيا واري ماحول ۾ پاڪستان اچي ٿي، اسڪول کان ئي هُن پنهنجي جدوجهد جي شروعات ڪئي. اها ڳالهه آهي ته پهريون دفعو هوءَ ڪنهن جلسي  مان هلي ويئي هئي، ڇو ته هوءَ ڪنهن دوکي سان ان جلسي ۾ ويئي هئي، پر اهو جلسو هُن جي ڪهاڻي بڻجي ويو. هوءَ ميران اسڪول آئي، حيدرآباد ڪاليج ۾ آپا شمس جي نگراني ۾ هُن پنهنجي سماجي ۽ سياسي زندگيءَ جو آغاز ڪيو، پنهنجا اهي ڏينهن ياد ڪندي، انيس هارون لکي ٿي ته، ”اسان جي دنيا ڪاليج تائين محدود هئي، پر هيءَ دنيا پنهنجي نوعيت جي انوکي ۽ وسيع دنيا پڻ هئي. ڊبيٽ، ڊراما، اسپورٽس، ڪاليج يونين جون چونڊون ۽ مشاعرا ڇا ڇا نه ٿيندو هو!“.

 هيءَ ڪاليج واري دنيا هئي. ان وقت ملڪي سياست ۾ اهو دور ايوب خان جي مارشلا جو هو، جنهن جو ذڪر مصنفه هن آتم ڪٿا ۾ ڪيو آهي، هوءَ لکي ٿي ته، ”ايوب خان 1962ع جو دستور آڻي ڇڏيو هو، جنهن جي نتيجي ۾ بنيادي جمهوريتن جو قيام عمل ۾ اچي چڪو هو، جنهن سبب ماڻهن ۾ بيچيني پيدا ٿي رهي هئي. سرسبز پاڪستان جو خواب ڏيکاريو پئي ويو ۽ دولت ٻاويهه خاندانن ۾ جمع ٿي وئي هئي، جنهن ڪري مَهانگائي ۽ کائڻ پيئڻ جي شين جي عدم دستيابي سان گڏ رشوت خوري به وڌي رهي هئي. هن صدارتي نظام جي نالي آمريت جي جڙ کي مضبوط کان مضبوط ڪيو هو، کاٻي ڌر جي ڪارڪن، شاگرد ۽ مزدور شدت سان ان تبديليءَ کي محسوس ڪري رهيا هئا. انهن ئي حالتن ۾ يونيورسٽي آرڊيننس نافذ ڪيو ويو، جنهن ۾ سڀ کان گهڻي قابلِ اعتراض شق اها هئي، جنهن سبب ڪنهن طالب علم کي تخريبي سرگرمين جي الزام ۾ ڪاليج کان ٽن سالن لاءِ ڪڍيو ويندو هو ۽ وري ڪڏهن پوري پاڪستان ۾ ان کي داخلا ملي نه سگهندي هئي“.

هي اُهي حالات هئا، جن مان گذري اُهي ماڻهو  تحريڪن جي جان بڻجي ويا، پر اُن وقت ڇوڪرو يا ڇوڪريءَ ٻه مختلف فرد نه هئا. جا آزادي ڇوڪري جي لاءِ هئي، اها ئي ڇوڪريءَ جي لاءِ ميسر هوندي هئي، ڇوڪريون سائيڪلن تي چڙهي ڪاليج وينديون هيون، تقريرن ۾ حصو وٺڻ لاءِ پوري ملڪ ۾ وڃي سگهنديون هيون. اها الڳ ڳالهه آهي ته اهو ملڪ ۾ مارشل لا جو اهو دور هو، جنهن ۾ مختلف قسمن جون تحريڪون اُڀري رهيون هيون. ان دور ۾ محترمه فاطمه جناح صدارتي چونڊن ۾ ايوب خان جي مخالف هئي، ان جي هڪ تقرير جو حوالو ڏيندي، جنهن ۾ انيس پاڻ به شامل هئي، هوءَ لکي ٿي ته، ”محترمه فاطمه جناح، ايوب خان تي تمام گهڻي ڪاوڙيل هئي. هن پاڪستان کي تباه ڪري ڇڏيو آهي، محترمه جي چهري تي ڪرب عيان هو“.

اهو ڏينهن وري اڄوڪو ڏينهن مون آمرن جي خلاف جدوجهد کي پنهنجي سياست جو محور بنائي ڇڏيو. مون کي ڪرار حسن جو هي جملو ته، ”بهترين آمريت کان بدترين جمهوريت بهتر آهي“ تمام سٺو لڳو هو. پاڪستان ۾ آمر بدليا، پر آمريت بدستور قائم رهي. بقول انيس جي ته، ”ضياءالحق، ايوب خان جي وردي پائي ڇڏي هئي هن دفعي آمريت جو چهرو وڌيڪ مڪروه هو“.

انيس پنهنجي هن ڪتاب ۾ زندگيءَ جي بدلجندڙ  هر روپ کي بيان ڪيو آهي. هن جو  پيپلز پارٽيءَ ۾ عورت ونگ ۾ شامل ٿيڻ، بيگم نصرت ڀٽو سان هن جي قربت، ڀُٽي صاحب جو هن سان ناراض ٿيڻ، جڏهن هن پريس ڪانفرنس دوران ڀُٽي صاحب کان هڪ تلخ سوال ڪيو ته: ”سر اسان کي فوجي ايڪشن جي مخالفت ڪرڻي پوندي“. ان تي ڀُٽي صاحب جي ناراضگي وري ٿوري دير کان پوءِ ان جو شفقت سان پيش اچڻ، هڪ تمام وڏي ليڊر ۾ اهي اخلاقي خوبيون هيون ته ڪنهن کي تڪليف نه ڏجي. انيس هارون پنهنجي هن آپ بيتي ۾ انهن وڏن ليڊرن جي اخلاقي ۽ سياسي جرئت کي بيان ڪري ٿي، جنهن ۾ هن پنهنجي پهرئين چين جي دوري جو به ذڪر ڪيو آهي. جڏهن هوءَ بيگم ڀٽو سان گڏ هئي، ان جو به مختصر احوال هن ڪتاب ۾ پيش ڪيو آهي. جڏهن هن ڀُٽي صاحب کان اهو سوال ڪيو هو، جنهن تي ڀٽو صاحب ناراض ٿيو هو ته ”ڀٽو صاحب اسان کي قومي ايڪشن جي مخالفت ڪرڻي پوندي، اها غير جمهوري آهي ۽ تاريخ اسان کي زميندار چوندي.“

انيس ڀُٽي صاحب جي ناراضگي بيان ڪندي لکي ٿي ته ”هڪ ڏينهن مان ڀُٽي صاحب جي گهر ويس، بيگم صاحبه سان گڏ ميٽنگ ۾ وڃڻو هو  ته، جيئن ڊرائنگ روم پهتيس ته ڀٽي صاحب چيو، هوءَ ويئي هلي. مان سمجهي ويس ته هوءَ مون کان ناراض آهي، مان واپس وڃڻ لاءِ مُڙيس ته هن آواز ڏنو (سڏيو) هيڏي اچو، ان ڏينهن ميٽنگ ۾ ڇا چئي رهي هئين. تون ڪالهه جي ڇوڪري توکي سياست ۽ آرمي ايڪشن جي ڪهڙي خبر.“

ڀٽي صاحب جو چهرو ڳاڙهو ٿي ويو هو. ”توهان کاٻي ڌر جا ماڻهو هڪ آئيڊيل دنيا ۾ رهو ٿا.  پاڪستان جون خوفناڪ حقيقتون نٿا ڄاڻو، پاڻ به مرندؤ ۽ مون کي به مارائيندؤ“.

 خوف سبب منهنجو سڄو بدن ڏڪي رهيو هو، هڪ ته ننڍڙي عمر هئي ۽ ٻيو جيڪڏهن توهان جو ليڊر، جنهن کي اوهان پسند ڪيو  ٿا ۽ جنهن جي گهڻي عزت ڪريو ٿا، اهو ناراض ٿي وڃي ته، ڏک ته ٿيندو آهي، بس مان روئڻهارڪي ٿي ويس، هُن کي مون تي رحم اچي ويو. هن نرميءَ سان چيو، ”تون منهنجي ليڊر آهين يا مان تنهنجو ليڊر آهيان“؟

”توهان“ مان مشڪل سان ڳالهايو.

”ته پوءِ اسٽريٽجي مون تي ڇڏيو. غير ذميواراڻيون ڳالهيون نه ڪريو، ڪنهن جي ڀڙڪائڻ ۾ نه اچو، هو اسان سڀني جي لاءِ خطرناڪ ٿي سگهن ٿا“.

”ڪاڏي وڃڻو اٿوَ“؟.

مون چيو پارٽي آفيس. چوڻ لڳو، ويهه مان توهان کي پارٽي آفيس ڇڏي اچان ٿو. اهو مان به ڄاڻان ٿي ته، هن کي جيتري ڪاوڙ جلدي ايندي هئي، ايترو ئي جلدي ٿڌو به ٿي ويندو هو.

بيگم ڀٽو سان گڏ ڪم ڪندي هُن گهڻو ڪجهه سِکيو، جڏهن ڀُٽي جو اقتدار ختم ٿيو ته ضياءُالحق بدترين آمريت قائم ڪئي ته، ان جي خلاف به انيس هارون ميدان جنگ ۾ اڳڀري رهي، ان زماني جو پڻ مختصر احوال هن آتم ڪهاڻيءَ جي اهميت کي ظاهر ڪري ٿو.  هوءَ لکي ٿي ته ”ملڪ ۾ جنهن طريقي ضياءالحق سياسي دهشتگردي ۽ مذهب جي نالي تي ظلم و ستم جي بازار گرم ڪري ڇڏي هئي، هُن ماڻهن کي خوفزده ڪري ڇڏيو، سرعام ڦاسيون لڳي رهيون هيون. ٽڪٽڪي تي ڏوهارين کي ٻَڌي کُلي ميدان ۾ ڪوڙا هنيا ويندا هئا. هُن بيگم ڀٽو ۽ نوجوان بينظير ڀٽو کي نظربند ڪري ڇڏيو هو“.

ڀُٽي کي ڦاسي تي لٽڪائي ضياءالحق وڌيڪ مضبوط ٿي ويو، جماعت اسلامي سان ملي، هن اسلام جي نالي تي نام نهاد قانون ٺهرايا. جيئن 1979ع ۾ حدود آرڊيننس جهڙو بدنام زمانه قانون، جنهن ۾ زنا آرڊيننس جهڙا غير منصفانه قدم به شامل هئا، ان جو تفصيل به انيس هارون وڏي ايمانداريءَ سان هن ۾ بيان ڪيو آهي ته، ڪيئن اهڙو قانون عورتن جي لاءِ عذاب مثل بڻجي ويو. نه صرف ايترو، پر ان ۾ خراب عورت کي سنگسار ڪرڻ، چوري ڪرڻ واري جا هٿ پير ڪٽڻ وغيره به شامل هو. ضياءالحق جي دور حڪومت ۾ جهڙي طرح عوام جو سياسي، مذهبي ۽ معاشي قتلام ٿيو، ان جو به احوال هِن ڪتاب ۾ موجود آهي. عورتن جي لاءِ ته هي حڪمران ڪنهن عذاب الاهيءَ کان گهٽ ڪونه هو. صرف بيگم ڀٽو ۽ بينظير کي رستي تان هٽائڻ لاءِ ئي هن عورتن جي لاءِ سخت قانون نافذ ڪيو، جنهن ۾ چادر چارديواري، عورتن جو مٿو ڍڪي هلڻ، رقص، موسيقي ۽ تفريحي پروگرام بند ڪرائڻ، ٻاهر نڪرڻ وقت زال مڙس نڪاح نامو هئڻ، شراب خانا، نائٽ ڪلب بند ڪرائڻ، انتهاپسندي، دهشتگردي ۽ شرعي نظام نافذ ڪرڻ وغيره شامل هئا. اهڙن سخت قانونن جي خلاف وومين ايڪشن  فورم جي پليٽ فارم تان احتجاج ڪرڻ، سيمينار منعقد ڪرڻ، پوسٽر، پمفليٽ ۽ ورڪشاپ وغيره ڪرائڻ انيس هارون جي زندگيءَ جا اهم مقصد هئا، جن جو پڻ هن آتم ڪٿا ۾ ذڪر ملي ٿو.

ان کان پوءِ هوءَ نظرياتي طور تي وومين ايڪشن فورم سان ڳنڍي ۽ اڄ تائين ڳنڍيل آهي. عورتن جا مسئلا، چاهي گهريلو هجن يا پروفيشنل هر جڳهه تي هي فورم ان جي مدد جي لاءِ ڪوشان رهي ٿو. انيس هارون ٽن بدترين آمريتن کي منهن ڏنو. ٽنهي جي خلاف هن ڀرپور مزاحمت ڪئي. سندس ذاتي زندگيءَ جو جيڪڏهن تجزيو ڪيو وڃي ته، هوءَ هڪ سٺي ڌيءَ، سٺي ڀيڻ، سٺي زال ۽ سٺي ماءُ به هئي. زندگي ۾ هُن ڪنهن به رشتي سان ناانصافي نه خود ڪئي، نه ڪنهن کي ڪرڻ ڏني.

لڳي ٿو ته هارون (مڙس) سان ته ڄڻ هن جو جنم جنم جو رشتو هجي. ازدواجي زندگيءَ ۾ اُهي ٻئي اڄ به خوش آهن، پر هڪ ڪارڪن جي حيثيت ۾ زندگي ۾ اهي ٻئي متحرڪ آهن ۽ مسلسل جدوجهد جا پيروڪار آهن. انيس هارون پنهنجي زندگي مجبور ۽ ڏکويل انسانن جي لاءِ وقف ڪئي هئي. هن ٻين جي زندگيءَ ۾ پيش اچڻ وارن حادثن کي پنهنجو حادثو ۽ پنهنجو ڏک سمجهيو آهي ۽ هر قدم تي انهن جي رهنمائي ڪئي آهي. اهڙا ٽي ڪيس هاءِ پروفائيل ٿيا هئا. ان جو به ذڪر هڪ ايڪٽيوسٽ جي پس منظر هيٺ ڪيو آهي.

ان کان علاوه ان جي دوستن جي وڇڙڻ، سبين محمود جو قتل پنهنجي سهيلين جهڙوڪ فهميده رياض سان ان جي قربت، سلطانه صديقي سان ڀيڻن وارو رشتو، ان جي مختصر سوانح ۽ آخر ۾ پيپلز پارٽيءَ طرفان نگران ڪابينا ٻن مهينن جي وزارت، ۽ ان دوران ان جا عورتن جي ڀلائيءَ جي لاءِ کنيل ڪجهه قدم، هن ڪتاب جي قدر و قيمت ۾ اضافو ڪن ٿا. ’ڪب مهڪي گي فصل گل‘ اهي ئي خواب آهن، جيڪي انهن سڀني گڏجي ڏٺا هئا.


 

 

رسالي ’سرتيون‘ ۾ ايڊيٽر جو ڪردار

کرڪڻا لاهي، سُک نه ستا ڪڏهن،

اوسيئڙو آهي، کاهوڙين کي پنڌ جو.

 (شاهه)

ڪنهن به تخليق جي مڃتا، نه صرف ان تخليقڪار جي حصي ۾ اچي ٿي، پر ان تخليق يا تحقيق کي ماڻهن تائين پهچائڻ وارن انهن ذريعن ڏانهن به منسوب ٿئي ٿي، جن جي بدولت اهي علمي ۽ ادبي تخليقون عام ماڻهن جي نظر مان گذريون آهن. اهي ادارا يا پبليڪشنون پڻ جس لهڻن، جن انهن موتين کي پوئي هڪ مالها جي صورت ۾ محفوظ ڪيو ۽ انهن کي اسان تائين پهچايو آهي ۽ جي اهي ادارا يا پبليڪيشنس نه هجن ته هوند اسان ان سموري ادبي سرمايي کان محروم ٿي وڃون ها. جيئن اردو جو محاورو آهي ته "جنگل میں مور ناچا کس نے دیکها" ان ڪري ليکڪن سان گڏ ادارا ۽ انهن جا ايڊيٽر به تاريخ ۾ اهم ڪردار ادا ڪن ٿا. سنڌي ٻولي ۽ ادب جي واڌ ويجهه ۾ پڻ ڪيترن ئي ادارن ۽ انهن طرفان نڪرندڙ رسالن ۽ انهن جي ايڊيٽرن جو اهم ڪردار رهيو آهي. خاص طور تي ورهاڱي کان پوءِ نظر ڪجي ته سنڌ  ۾ سنڌي ادبي بورڊ، سنڌالاجي ۽ سنڌي لئنگئيج اٿارٽي ان سلسلي ۾ تمام نمايان ڪردار ادا ڪيو آهي. سنڌي ادبي بورڊ مان نڪرندڙ رسالن ۾ ”مهراڻ“ جيڪو ورهاڱي کان پهرين شروع ٿيو هو ۽ 1955ع ۾ هن جو ٻيهر اجراءُ ٿيو، جيڪو صحيح معنيٰ ۾ چئجي ته اهو مهراڻ رسالي جو تاريخي ۽ سونهري دور هو، جنهن سنڌ جي ڪُنڊ ڪڙڇ مان ادب ۽ تاريخ جا انمول موتي ڳولي رسالي جي زينت وڌائي. هن رسالي ادبي، تحقيقي ۽ تخليقي ادب جي سلسلي ۾ تمام اهم ڪردار ادا ڪيو.

هن سان گڏ ”نئين زندگي“ رسالو پڻ شايع ٿيڻ لڳو، جيڪو سرڪاري گرانٽ تي شايع ٿيندو هو، پر ٻنهي رسالن جي ايڊيٽر صاحبان، جن ۾ جويو صاحب، گرامي صاحب، امداد حسيني ۽ عبدالواحد سنڌي شامل هئا، جن پنهنجو نور نچوئي هنن رسالن کي تاريخي حيثيت ڏياري، ان وقت ۾ ڪجهه ٻيا رسالا به شايع ٿيا، جن جي بدولت عورتن به ادبي تخليقن ۾ ڀرپور حصو وٺڻ شروع ڪيو، پر خاص طور تي عورتن جي ادب کي ڪنهن اهڙي رسالي جي ضرورت محسوس ٿي، جنهن ۾ عورتون بنا ڊپ ڊاءُ جي پنهنجن احساس ۽ جذبن جو اظهار ڪري سگهن. اهڙي ڪاوش سڀ کان پهرين زينت عبدالله چنا جي توسل سان 1957ع ۾ ”مارئي“ رسالي جي قيام جي صورت سان عمل ۾ آئي. اڳتي هلي بيگم خديجه دائود پوٽا ”اديون“ جي نالي رسالو ڪڍيو، جنهن پڻ عورتن جي ادبي تخليقن کي هڪ پليٽ فارم ڏنو، ان سان گڏ ڪجهه ٻيا رسالا به شايع ٿيا.

 1965ع جو اهو دور هو، جتي هڪ طرف روح رهاڻ جي پليٽ فارم تان سنڌ جي تهذيب، ثقافت ۽ ٻولي جي بچاءَ جي جنگ جاري هئي ته، ٻئي طرف وري ماڻهن ۾ خاص طور تي مظلوم ۽ محڪوم ماڻهن ۾ شعور پيدا ڪرڻ لاءِ اهڙي شاعري ۽ ڪهاڻين جي پڻ ڪثرت سان سرجڻ جي ضرورت محسوس ڪئي وئي، جن جي ذريعي جهل ۽ جهالت جو انت آڻي، علم ۽ شعور جون شمعون جلايون وڃن. ان سڄي دور ۾ ”سهڻي“ رسالي جو ڪردار به ڪنهن تعارف جو محتاج نه آهي، جنهن جا ايڊيٽوريل توڙي افسانوي ادب ۽ شاعري ڪنهن مزاحمتي جنگ کان گهٽ ڪونه هئا.

هن وقت تائين ادب جي اڱڻ تي وڏا نالا نظر اچڻ لڳا هئا. تحقيق ۽ تنقيد جي حوالي سان جن محققن ۽ ليکڪن ان وقت جيڪو ادب تخليق ڪيو، انهن ۾ غلام محمد گرامي، پير حسام الدين راشدي، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، سراج الحق ميمڻ، ڊاڪٽر غلام علي الانا، رحيمداد مولائي شيدائي، رائچند راٺوڙ، محمد عثمان ڏيپلائي ۽ غلام رباني آگرو وغيره شامل هئا. اتي وري افسانوي ادب ۾ جمال ابڙو، آغا سليم، سراج الحق ميمڻ، نجم عباسي، ثميره زرين، حميد سنڌي، زينت عبدالله چنا، ماهتاب محبوب، رشيده حجاب، نسيم کرل، امر جليل، رشيد ڀٽي نمايان هئا.

شاعريءَ ۾ مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ، شيخ اياز، نياز همايوني، احمد خان آصف مصراڻي، بردو سنڌي، ابراهيم منشي ۽ سرويچ سجاولي ۽ ٻيا اهڙا انيڪ نالا ادب جي ميدان ۾ اڀري آيا، جن رسالن ۾ مرد توڙي عورتن جي لکڻين کي شايع ڪري سنڌي ٻوليءَ جي جهولي ڀري ڇڏي.

1989ع ۾ سنڌي ادبي بورڊ ان وقت جي وزيراعظم محترم بينظير جي صلاح تي عورتن لاءِ هڪ رسالو ”سرتيون“ جي نالي سان جاري ڪيو. جنهن جو پهريون پرچو 1990ع ۾ نڪتو، هيءُ پهريان ٽه ماهي نڪرندو هو، هن رسالي جي پهرين ايڊيٽر اسان جي ڀيڻ گلبدن جاويد مرزا هئي ۽ اڄ به آهي. سرتيون رسالي نه صرف مشهور ليکڪائن جي لکڻين کي شايع ڪيو، پر اهو رسالو اڀرندڙ ليکڪائن لاءِ پڻ مشعل راه بنيو ۽ کين ادب جي ميدان تي برابريءَ جي حيثيت تي کڻي آيو. هن رسالي ۾ سنڌ ۾ شعوري ساه کڻندڙ هر عورت کي هڪ موقعو ڏنو ته، هوءَ پنهنجي اندر جي اُڌمن، احساسن جو اظهار ڪري سگهي ۽ من جي مونجه ماري سگهي.

هن رسالي سنڌي ادب ۾ علمي، ادبي، تحقيقي ۽ تخليقي ادب سرجڻ سان گڏ سائنسي مضمون پڻ ڇاپيا. انهن مان پڻ ايڊيٽر جي ڳوڙهي سوچ ۽ فڪر جون جهلڪيون نظر اچن ٿيون، جنهن سرتيون ۾ ڇپجندڙ مواد کي پنهنجي عالمانه ۽ مفڪرانه نظر سان ڳوڙهو اڀياس ڪري ڇنڊي ڇاڻي ڪٿي صلاحن جي ضرورت محسوس ڪئي ته هڪدم ليکڪ يا ليکڪن کي اهي صلاحون پڻ ڏنيون، پر اهي به سخت روين يا ٽوڪ ۽ طنز هيٺ نه، پر مدبرانه ۽ فڪري سوچ جي انداز هيٺ همت افزائي جي صورت ۾ ڏنيون، اهوئي سبب آهي، جو هن جي ان نوري واري نهٺائي ۽ نماڻائي هر نئين توڙي پراڻي ليکڪ جي نظر ۾، نه صرف هن جي عزت ۽ مانُ کي وڌايو، پر انهن کي لکڻ لاءِ هڪ نئون اتساه پڻ مهيا ڪيو.

هن رسالي ۾ لکندڙ تجربيڪار، مشهور ليکڪائن ۾ ماهتاب محبوب، ماهتاب اڪبر راشدي، ڊاڪٽر فهميده حسين، تنوير جوڻيجو، امر سنڌو، عطيه دائود، قمر واحد، سحر امداد، زرينه بلوچ ۽ وينا شرنگي وغيره جڏهن ته ڊاڪٽر رشيده ڀٽي ۽ ڊاڪٽر ممتاز ڀٽو ته هن رسالي کان ئي پنهنجي ادبي سفر جي شروعات ڪئي هئي.

نون ليکڪائن ۾ فرزانه شاهين، شبنم گل، شگفته شاه، گوري ولڀ، فردوس مزناڻي، ثمينه ميمڻ، نجمه پنهور، سهڻي پارس، حسينه ساند، شبانه سنڌي، ڊاڪٽر ريحانه نظير، بانو محبوب، تانيه ٿيٻو، شگفته جبين، روبينه ابڙو، رخسانه پريت چنڙ، حسين مسرت، زمر محبوب، گلشن سنڌو، سلميٰ گلزار، ڪلثوم قاضي، ياسمين چانڊيو، رخسانه سومرو، نسيم حيدري سدرت المنتهيٰ جيلاني، جهڙا اڻ ڳڻيا نالا آهن، جن پنهنجي ادبي سفر جي ابتدا هن رسالي جي اڱڻ تان ڪئي ۽ ان ادب جي ڦلواري ۾ سرهاڻ پکيڙي سنڌي ادبي بورڊ جي گلشن کي معطر ڪيو. هنن سٽن جيان ته:

ٽڙيو کڻن ٽارُ سَرَ انهن جا سوڀ ۾،
مَري ويا مَلهايا يار ويڙها سڀ واسي ويا.

 

ان کان علاوه سرتيون خاص نمبر مثلاّ: ڪهاڻي نمبر، خيرالنساءِ جعفري نمبر، مادرِ جمهوريت نصرت ڀٽو نمبر، هڪ شخصيت 100 سوال نمبر، بينظير ڀٽو نمبر، انٽرويو نمبر، شاعري نمبر، امڙ نمبر، يادگيريون نمبر، بابا نمبر جيڪي ايڊيٽر صاحبه جي اڻٿڪ محنتن جو هڪ تاريخي دستاويز ۽ ثمر آهن. جن جي تعريف ڪندي، ان وقت جي ڊين فئڪلٽي آف آرٽس ۽ سنڌي ادب جي مايه ناز اديب ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو هڪ خط ۾ لکيو آهي ته ”سرتيون جو ڪهاڻي نمبر منهنجي اڳيان آهي، ان جي چونڊ ۽ ترتيب تي اوهان کي مبارڪون چوان ٿو، اوهان سرتيون کي هن مقام تائين آندو آهي ۽ هڪ طويل جدوجهد ڪئي، ان لاءِ به اوهان کي ۽ اوهان جي سهڪاري توڙي بورڊ جي اختياري وارن کي مبارڪون ڏيان ٿو. اميد ته سرتيون اڃا به ترقي کي رسندو، اوهان جي ڪهاڻي ”آڙاه“ منافقي جو پردو چاڪ ڪري ٿي، ٻيون ڪهاڻيون به معياري آهن. آخر ۾ وري به اوهان سڀني کي مبارڪباد چوان ٿو.“

ان سان گڏوگڏ سرتيون ۾ ٻيا مضمون به شايع ڪيا وڃن ٿا، مثلاّ سونهن ۽ سينگار بابت ضروري صلاحون، بيوٽي Beauty Tips جي نالي سان هلايون وڃن ٿيون. جنهن ۾ سونهن ۽ سينگار جا سرتين جي صلاح سان ڪارآمد مشورا ڏنا ويندا هئا. ان کان علاوه سنڌ جي هنرمند ۽ پورهيت عورتن جا انٽرويو، مذهبي معاملات لاءِ مفيد مشورا ۽ صلاحون پڻ ڏنيون وينديون هيون. هن رسالي ۾ مختلف ڪتابن تي تبصرا پڻ شايع ٿيندا رهيا، مثلاً روبينه ابڙو جي شاعريءَ جي ڪتاب ”سورج شاخون ڪڍيون“ تي فياض لطيف جو لکيل تنقيدي اڀياس، سائنس جي موضوع تي لکيل مضمون مثلاّ: سيد بدر زمان شاهه جو ”اسان جو شمسي نظام“ سنڌ جي هنرن تي لکيل قادر بخش مجنون جو مضمون ”رلي“ ان کان علاوه تحقيقي ۽ تنقيدي مقالا مثلاّ: ڊاڪٽر فهميده حسين جو لکيل تحقيقي مضمون ”عورت، ڌرتي ۽ آڪاش جي وچ ۾ ٽنگيل وجود“ هڪ ٻيو تحقيقي مضمون ”سينگار بيتن جي عورت“، علامه آءِ.آءِ. قاضيءَ جو لکيل مضمون ”شاعري“ جيڪو شاعريءَ جي تاريخ تي لکيل آهي، ان سان گڏ تاريخي ۽ تحقيقي مضمون جيئن منصوره جي تاريخي حيثيت ۽ اهميت ۽ حميده قاضي جو لکيل ”ورهاڱي کان پوءِ سنڌي ساهت ۾ سرتين جو ساٿ“ ۽ ان سان گڏوگڏ مختلف ٻولين مان ترجمو ڪيل مضمون پڻ شامل آهن، جيڪي مراد علي مرزا، ولي رام ولڀ ۽ ممتاز عباسي، محمود مغل، شگفته شاهه جهڙن تجربيڪار علم دوست اديبن کان ترجمو ڪرائي شامل ڪيا ويا آهن.

گڏوگڏ هن رسالي ۾ علم و ادب ۽ فنون لطيفه سان تعلق رکندڙ شخصيتن جا انٽرويوز پڻ شايع ٿيا آهن، جن ۾ آپا شمس عباسي، ماهتاب محبوب، عابده پروين، مريم نوحاڻي، ڊاڪٽر قمر واحد، رشيده حجاب، خيرالنساءِ جعفري، سحر امداد، عرفانه ملاح، امر سنڌو، رخسانه پريت چنڙ وغيره جا انٽرويوز شامل آهن. انهن سڀني شين کي سرتيون جي پليٽ فارم تان پنهنجو نُور نچوئي گلبدن جاويد مرزا پنهنجي علمي قابليت، محنت ۽ حوصلي سان اسان تائين پهچايو آهي.

سرتين جي رسالي لاءِ گلبدن جاويد مرزا جون ڪاوشون سون تي سهاڳي مثال آهن، جن ۾ سندس لکيل ايڊيٽوريل پڻ رسالي جي اهميت ۽ افاديت کي وڌائين ٿا ۽ سندس سمجهه ۽ ساڃاه جي نشاندهي ڪن ٿا. مثال طور سندس هڪ ايڊيٽوريل، جنهن جو عنوان هو، ”عورت جو سماج ۾ ڪردار“ ان ۾ هوءَ لکي ٿي ته، ”سماج اندر عورت جو وڏو مقام آهي، پر سنڌي عورت غلامي، ظلم ۽ ستم واري صورتحال ۾ صدين کان پيڙبي آئي آهي ۽ کيس غلط ريتن، رسمن ۽ رواجن جي زنجيرن ۾ جڪڙيو ويو آهي. عورت کي پکي جيان پڃري ۾ بند ڪيو ويو آهي ۽ کيس زرخريد غلام سمجهي چارديواريءَ ۾ بند ڪيو وڃي ٿو، پر تنهن هوندي به سنڌي عورت تاريخ جي ڊگهي سفر ۾ سچائي، وفاداري ۽ ايمانداريءَ سان پنهنجو ڪردار نڀايو آهي.

مارئي جي حب الوطني هجي يا نوريءَ جي نوڙت، ٻاگهل جي وفاداري هجي يا مائي بختاور جي دليري مطلب ته عورت ڪڏهن به پنهنجي وارثن جي منهن جا موڙ مرجهائڻ نه ڏنا آهن.“

نون ۽ اڀرندڙ ليکڪائن لاءِ گلبدن جو ايڊيٽر وارو ڪردار تمام ساراه جوڳو رهيو آهي. جيئن ڪنهن جهاز کي هلائڻ لاءِ ڪپتان يا پائليٽ جو ڪردار اهم هوندو آهي، تيئن ڪنهن رسالي کي جاري رکڻ ۾ ايڊيٽر جو ڪردار هوندو آهي. اهي خوبيون گلبدن ۾ تمام گهڻيون نظر اچن ٿيون. جنهن ادب جي اونهي ۽ عميق پاتال ۾ پيهي سپون سوجهيون ۽ موتين جون جهوليون ڀري ڪنڌيءَ تي ڪٺيون ڪيون، جنهن جو ثبوت اڄ هن رسالي جي ٽيهه ساله جشن جي صورت  ۾ ظاهر ٿي رهيو آهي.

هيءَ صرف عام رسالو نه آهي، هن پدر شاهي سماج ۾ عورتن جي جذبن، احساسن ۽ سندن حقن جو سگهارو آواز آهي. هڪ اهڙو پليٽ فارم، جتي عورتون بنا خوف خطري پنهنجون تخليقون شايع ڪرڻ لاءِ موڪلي سگهن ٿيون. هن رسالي جي ڪاميابي ۾ انهن ليکڪائن جو به حصو آهي، پر انهن تخليقن کي سهيڙڻ لاءِ گلبدن جنهن محنت ۽ جفاڪشي سان ڪم ڪري ٿي، اهو بيشڪ ڪنهن تعريف جو محتاج نه آهي. سندس تعلق ادبي گهراڻي سان آهي، پر هن پنهنجي شخصيت پنهنجي قابليت تي بنائي آهي. سندس مٺي زبان، حلقي مسڪراهٽ هر هڪ لفظ ۽ جملو ڄڻ ته موتين جي لڙهي پوتل، اندازِ بيان سليس ۽ دلڪش، جيڪو هر ڪنهن لاءِ اتساه جو سبب بڻجي ٿو. آخر ۾ مان سندس شخصيت کي شيخ اياز جون هي سٽون ارپيان ٿي ته،

جوڳڻ سڀ ڪا جيءَ ۾ ميرا مٽ نه ڪا،
ٿيندي گيڙوءَ گيت سان ڪهڙي مُنڌ مٽا،
ڪيرت ڪاڻياريون گهڻيون ڪنهن ڪنهن منجهه ڪلا،
جنهن ۾ جيءَ جلا ڪانکي کي تنهن جو ڪينرو.
                                             

]’سرتين‘ رسالي جي 30 ساله جشن تي سرتيون جي ايڊيٽر گلبدن جاويد جي خدمتن تي لکيل آرٽيڪل[

 

زبانن جي واڌاري ۾ مادري ٻوليءَ جو ڪردار

 

ماءُ قدرت جو اهو حسين تحفو آهي، جنهن کي خدا پاڪ خود تخليق جي عمل ۾ شريڪ ڪيو. هيءَ اها هستي آهي، جيڪا نه صرف ٻار کي جنم ڏئي ٿي، پر سندس بهتر تربيت، نشونما ۽ واڌ ويجهه ۾ پڻ نمايان ڪردار ادا ڪري ٿي. هن دنيا ۾ ايندڙ هر ٻار سڀ کان پهرين پنهنجي ڪنن ۾ جنهن آواز جو پڙاڏو محسوس ڪري ٿو، اهو کيس جنم ڏيندڙ ماءُ جو آواز آهي، جيڪو ان جي پهرين زبان يعني مادري ٻولي بڻجي ٿو. مادري زبان کي انگريزي ۾ Native Language / Mother Language چيو وڃي ٿو، يعني هن جي پيدائشي زبان يا ماءُ جي زبان، جيڪا هو درجا به درجا ٽٽل ڦٽل لفظ ٻاتڙا ٻول ٻولي پنهنجي جسماني واڌ ويجهه سان گڏ سِکي ٿو. ٻولي جي مڌر ۽ مٺڙي آواز ۾ ٻڌي ٿو ۽ ٻوليءَ جي صورت ۾ ان کي اظهارڻ جي قابل بڻجي ٿو. اها سندس مادري زبان آهي، جيڪا ماءُ جي هنج کان وٺي پوري عمر گذارڻ تائين هن جي حواسن ۾ موجود رهي ٿي، عمر ڀر جي ڪمن ڪارين، مشڪلاتن ۽ مسئلن جي باوجود ماءُ جي هنج وارو سڪون ان جي لولي جو هڳاءُ ۽ ماءُ جي هٿن جا پچايل کاڌا ۽ انهن جو سواد هن کان ڪڏهن به نه وسرندو آهي.

مادري ٻولي ڇا آهي؟ ان لاءِ محمد ابراهيم جويو لکي ٿو ته: پهرين ٻولي جا ٻار  ٻُڌي ٿو، سمجهي ٿو، سکي ٿو ۽ ڪم آڻي ٿو، سا هن جي ماءُ جي ٻولي آهي يعني اها زبان، جيڪا ڪنهن تعليم ذريعي نه، پر ٻار فطري طور ان کي ۽ ٻين گهر ڀاتين جي ڳالهائڻ مان سکندو آهي.“ (1)

 يعني ماءُ جي هنج ٻار جو پهريون درسگاه آهي، جتي هو پنهنجي مادري زبان ۾ ڳالهائي ٿو، سڀني سان گڏجي رهي ٿو، جتان هو سٺي ۽ بُري جي تميز، سچ ۽ ڪوڙ بابت ڄاڻ حاصل ڪري ٿو ۽ جڏهن هو اتان پهريون قدم اسڪول ڏانهن وڌائي ٿو ته اتان جو نئون ماحول، نوان ماڻهو ڏسي، هو ڪجهه قدر مايوس ۽ ويڳاڻو ضرور ٿئي ٿو، پر جڏهن اتي ڳالهائيندڙ سڀني جي ٻولي سندس مادري زبان آهي ته، هو ٿورو گهڻو مطمئن ٿئي ٿو، پر جيڪڏهن هن تي ڪا فارين لينگويج ڳالهائي وڃي ٿي ته، پوءِ هو ان ڌارئي ماحول ۾ وڌيڪ نراسائيءَ جو شڪار ٿئي ٿو، ڇو ته هو پنهنجي سوچ ۽ سمجهه کي ڪنهن جي آڏو بيان ڪرڻ کان قاصر رهي ٿو. ان لاءِ ته هن  اڳ ماءُ ۽ ٻين گهر ڀاتين کان جيڪي لفظ يا جملا سکيا ۽ جيڪي هن جي ذهن ۾ محفوظ آهن، پر هاڻي هو انهن کي ڪنهن ڌاري ٻوليءَ ۾ بيان ڪري نٿو سگهي. جيئن اڄڪلهه جي سماج ۾ ٿي رهيو آهي، جو ٻارن کي ٽن سالن جي عمر ۾ پرائيويٽ اسڪولن ۾ موڪليو وڃي ٿو، جتي هنن کي غير مادري زبان پڙهائي وڃي ٿي، جنهن جي ڪري ٻار جي ذهني نشونما متاثر ٿئي ٿي ۽ هو اهي سبجيڪٽ پڙهڻ باوجود انهن کي سمجهڻ کان محروم رهي ٿو، ڇاڪاڻ ته سوچ ۽ سمجهه جو دائرو مادري زبان جي پڙهڻ سان وڌي ٿو.

 زبيده مصطفيٰ پنهنجي ڪتاب ٽيرني آف لينگويج اِنِ ايجوڪيشن ۾ ان تي تمام مفصل بحث ڪيو آهي ته: ٻار جي شروعاتي تعليم جيڪڏهن هن کي مادري زبان ۾ ڏياري وڃي ته، ان سان هن جي نه صرف ذهني قابليت وڌي ٿي، پر هن جي سوچ ۾ پڻ وسعت پيدا ٿئي ٿي. جيئن ڪنهن عمارت جي پائيداري ان جي بنياد جي مضبوطيءَ سان جڙيل هوندي آهي، جيترو بنياد مضبوط هوندو ايتري ان عمارت جي مٿان ٻيون عمارتون اڏجي سگهجن ٿيون. مادري زبان جو به ٻار جي شخصيت جي وڌڻ ۽ ويجهڻ ۾ ساڳيو ڪردار آهي. ان ڪري ماءُ کي گهرجي ته پنهنجي ٻار سان وڌ ۾ وڌ پنهنجي ٻوليءَ ۾ ڳالهائي ته، جيئن ٻار جي ذهن ۾ لفظن جو ذخيرو پيدا ٿئي، جنهن سان هو پنهنجي جذبن ۽ خيالن جو اظهار آسانيءَ سان ڪري سگهي“.(2)

 دنيا جي سڌريل ملڪن ۾ ٻار سان نه صرف گهر ۾، پر اسڪولن ۾ به مادري زبان ۾ ڳالهايو ۽ پڙهايو وڃي ٿو ته جيئن هو سماج، ان جي قاعدن قانونن، مذهب ۽ ان جي چڱاين کان چڱيءَ طرح واقف ٿي، معاشري جي ريتن رسمن بابت ڄاڻي، سچ ۽ ڪوڙ جي فرق کي سمجهي سگهي ۽ اهو سڀ ڪجهه تڏهن ممڪن ٿي سگهي ٿو جڏهن اسان انهن کي ان ٻوليءَ ۾ تعليم ڏيون، جيڪا سندس گهر جي ٻولي آهي، جنهن کي مادري زبان چيو وڃي ٿو.

بقول دائود عيسيٰ جي ته، مادري ٻوليءَ جو سڌو سنئون تعلق ذهانت ۽ عزتِ نفس سان جڙيل آهي. هاڻي اسان زبانن جي واڌ ويجهه ۾ مادري ٻوليءَ جي ڪليدي ڪردار تي نظر وجهون ٿا. اڄ جي ماءُ ويهين صدي جي ماءُ کان وڌيڪ پڙهيل ۽ باشعور آهي. هوءَ نه صرف سماجي شعور رکي ٿي، پر معاشي لحاظ کان مردن سان گڏوگڏ ڪمائي گهر هلائي ٿي. سندس نظر نه صرف ملڪي پر بين الاقوامي حالتن ۽ تبديلين تي به گهري رهي ٿي. پوءِ ڪهڙو سبب آهي، جو سڀ ڪجهه ڄاڻندي ته دنيا جا ترقي يافته ملڪ چين، آمريڪا، انگلينڊ، جپان سڀ پنهنجن ٻارن کي شروعاتي طور پنهنجي مادري زبان ۾ پڙهائين ٿا، تڏهن به اسان ڌاري ٻولي خاص طور تي انگريزي ٻوليءَ ۾ ٻار کي نه صرف پڙهايون ٿا، پر ڪٿي ڪٿي ته گهر ۾ ان سان انگريزي ڳالهائي وڃي ٿي، ان جا به ڪيترائي سبب آهن. هڪ ته اها حاڪم جي ٻولي جيئن پهريان فارسي هوندي هئي. ٻيو وڏو سبب معاشي آهي. اڄ جي هن گلوبل ڪلچر ۾ ماڻهو ڪنهن هڪ جاءِ تي ترسي نٿو، خوب کان خوب تر جي ڳولا ۾ هو پنهنجي کان اصليت ڇڄي وڃي ٿو، جنهن جو وڏو هاڃو سندس زبان کي پهچي ٿو، ڇاڪاڻ ته زبان صرف ڳالهائڻ جو نالو ناهي، پر ان سان اسان جو پورو سماجي نظام سلهاڙيل هوندو آهي.

بقول آصف جاويد جي ته، ”مادري زبان صرف زبان يا لسانيت نه هوندي آهي، پر هيءَ پوري هڪ سڃاڻپ هوندي آهي، هڪ پوري تهذيب، تمدن، ثقافت، جذبن ۽ احساسن جو حسين امتراج هوندي آهي.(4)

سو جڏهن اسان ان کي دٻائي ڪنهن ٻي ٻوليءَ ۾ ٻار سان ڳالهايون ٿا ته، ان ۾ هن جي سوچ سمجهه جو عنصر گهٽجي ٿو ۽ جڏهن وري هن کي اسڪول ۾ به ان ٻولي ۾ سبجيڪٽ پڙهايا وڃن ٿا ته، انهن کي رٽي ته ٿو ڪنهن صورت ۾ ڳالهائي به ٿو، پر بلڪل ان طوطي وانگر جنهن کي اسان جيڪو سمجهائيندا آهيون، اهو ئي ٻوليندو آهي، اهو ئي سبب آهي، جو اسان جو تعليمي نظام ڏينهون ڏينهن گهٽبو پيو وڃي. اسان جو ٻار ڌڙ ريڍو ۽ مُنهن ٻاڪري جيان، هن زبان کي نه سمجهي سگهي ٿو، نه اها زبان اسان سمجهائي سگهي ٿو.

اڄ جي مائرن تي اها ٻٽي ذميواري اچي ٿي، ته هو نه صرف پاڻ ٻار سان مادري زبان ۾ ڳالهائين، پر شروعاتي تعليم به ٻار کي مادري زبان ۾ ڏيارين. ٻولي جي ماهر ڪولئمن مادري ٻولي ۾ پڙهائڻ لاءِ ڪافي قائل ڪرڻ جهڙا دليل ڏنا آهن. هن مطابق ته مادري ٻولي ذريعي ٻار تصورن کي بهتر انداز ۾ سمجهي سگهن ٿا، سندن سماجي اوسر ٿئي ٿي، مادري زبان جي اهميت جو اندازو ان ڳالهه مان پڌرو ٿئي ٿو ته، دنيا جا جيڪي به الهامي ڪتاب نبين تي نازل ٿيا، اهي انهن جي مادري زبان ۾ نازل ڪيا ويا ته جيئن هو ان پيغام کي سمجهي ۽ سمجهائي سگهن، جيڪو غير مادري زبان ۾ مشڪل آهي، ڇو ته سمجهه، سوچ، عقل ۽ فهم سان ڀرپور خيالن جو اظهار اسان پنهنجي ٻولي ۾ ڪري سگهون ٿا. مادري زبان ٻارن ۾ تخليقي ۽ تحقيقي صلاحيتون پيدا ڪري ٿي.

مادري زبان اها زبان آهي، جنهن سان ماڻهو جذباتي طور ڳنڍيل هوندو آهي ۽ جڏهن ڪو ماڻهو اها زبان ڇڏي، ڪنهن ٻي زبان کي مادري زبان بنائيندو آهي ته، ان صورت ۾ هو ذهني طور تي ته زنده هوندو آهي، پر جذباتي لحاظ کان مفلوج، بنجر ۽ بدروح بڻجي ويندو آهي.

هن جديد ترين ٽيڪنالاجي جي دور ۾، وقت جي اڻاٺ ۽ ڪم جي مصروفيتن سبب ڪجهه مائرون ٻارن کي ريجهائڻ لاءِ موبائيل فون، ٽيبليٽ وغيره ڏئي، اڪيلو ڇڏي وڃن ٿيون، جنهن جا پڻ ڀيانڪ نتيجا سامهون آيا آهن. اهي ٻار نه صرف ذهني، پر جسماني طور تي پڻ ڪمزور، نٻل ۽ سست بڻجي ويا آهن. صحيح کاڌ خوراڪ، جسماني ورزش، رشتيدارن کان قطع تعلق ڪري ويڳاڻپ جو نمونو بنجي ويا آهن. مائرن کي گهرجي ته هنن تي پنهنجو خاص ڌيان ڌرين، کين ننڍين ننڍين ڳالهين ذريعي جيڪي ان جي ٻوليءَ ۾ هجن ٻارن کي سمجهائين، نه ته امداد حسينيءَ جي سٽن جيان انڌا اونڌا ٻار، ايندڙ نسل سمورو هوندو گونگا ٻوڙا ٻار، ڪهڙي بس تي بيٺا هوندا تنهنجا منهنجا ٻار.

مادري زبان اسان جي نه صرف شعور، پر لاشعور ۾ پڻ ائين پيوست هوندي آهي، جو اسان خواب ۾ به اها ٻولي ڳالهائيندا آهيون، ڇو ته اها لاشعوري طور تي اسان ۾ موجود هوندي. مون کي هڪڙو مثال ياد اچي ٿو ته ٻي جنگ عظيم ۾ هٽلر پنهنجي جاسوسي تنظيم ۾ ڪجهه عورتن کي انگريزي زبان ۽ ثقافت جي تربيت ۽ انگريز آفيسرن ڏي موڪليو ته جيئن هو انهن جي هر حڪمت عملي جي اڳواٽ هن کي اطلاع ڏين.

برٽش عملدار حيران پريشان ٿي ويا ته آخر ڪير آهي، جيڪو اڳواٽ هٽلر کي جنگي قدمن جي خبر رسائي ڪري ٿو. نيٺ انهن کي هڪ عورت تي شڪ ٿيو ۽ هنن اها ترڪيب سوچي ته جيڪڏهن ان عورت کي اوچتو ٻانهن ۾ پِن (سئي) هڻجي ته، خبر پئجي ويندي ته هوءَ ڪير آهي. آخر هن کي اوچتو سئي هنئي ويئي ته، هڪدم ان جي وات مان گار نڪتي، جيڪا جرمن ٻوليءَ ۾ هئي يعني لاشعوري طور تي هوءَ پنهنجي مادري ٻولي ڳالهائي ويئي، سو مادري زبان ائين اسان جي حواسن ۾ سمايل هوندي آهي.

اقوام متحده جي اداري يونيسڪو مطابق ٻارن جي ابتدائي تعليم جو سڀ کان موثر ذريعو مادري زبان آهي، ڇو ته اها انسان جي شخصيت ۽ ڪردار سازيءَ  ۾ اهم ڪردار ادا ڪري ٿي. اها زبان جنهن ۾ اسان ادب تخليق ڪري سگهون ٿا. توهان سڀ ڄاڻو ٿا ته شيخ اياز شروعاتي شاعري اردو ٻوليءَ ۾ ڪئي هئي، پر پوءِ محمد ابراهيم جويو جي صلاح تي هن مادري ٻولي ۾ شاعري شروع ڪئي ۽ اڄ نه رڳو سنڌ، پر بين الاقوامي شهرت جو شاعر طور سڃاتو وڃي ٿو، ڇو ته انسان پنهنجي جذبن، خيالن ۽ احساسن کي پنهنجي ٻوليءَ ۾ وڌيڪ موثر انداز سان پيش ڪري سگهي ٿو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org