سيڪشن: ادب

ڪتاب: مُلهه مَهانگو قَطرو

باب:

صفحو:1

مُلهه مَهانگو قَطرو

 

مصنف: ڊاڪٽر ريحانه ملاح

ڇپائيندڙ پاران

 

هيءُ ڪتاب ”مُلھه مھانگو قطرو“ اسان جي مادر علمي سنڌ يونيورسٽيءَ جي سنڌي شعبي جي مانواري پروفيسر ڊاڪٽر ريحانه ملاح صاحبه جي مقالن جو مجموعو آهي؛ جنھن کي سنڌي ادبي بورڊ، سنڌ جي جديد ادب کي اُجاگر ڪرڻ سنڌ جي نوجوان اسڪالرن جي رهنمائي لاءِ ڪتابي صورت ۾ شايع ڪيو آهي.  ڊاڪٽر صاحبه هن ڪتاب جي مواد کي پنجن موضوعن ۾ ورهائي هن ريت پيش ڪيو آهي: جنھن ۾ پھرين لوڪ شاعري، ڪلاسيڪي شاعري ۽ جديد شاعري تي مشتمل مقالا شامل آهن ۽ تنھن کان پوءِ ڪھاڻي جو فن ۽ ارتقائي سفر تي سير حاصل بحث ٿيل آهي. ان کان پوءِ متفرقه مقالن ۾ پڻ ڊاڪٽر صاحبه شخصيتن جي احوال ۽ سندن علمي ادبي خدمتن کي قلم بند ڪري پنھنجي نئين تصنيف شائقينِ علم و ادب آڏو پيش ڪئي آهي.

سنڌي ادبي بورڊ جي اها ڪوشش رهي آهي، ته سنڌ جي قديم ۽ اوائلي ادب سان گڏ جديد ادب تي مشتمل اعليٰ درجي جا معياري ڪتاب سنڌ جي هن قومي اداري پاران شايع ڪرايا وڃن، ته جيئن سنڌي ادب جي مختلف دؤرن کي محفوظ ڪري سگهجي. ان ڏَس ۾ سنڌي ادبي بورڊ جي مانواري چيئرمين جناب مخدوم سعيدالزمان ’عاطف‘ صاحب جن جي خاص دلچسپيءَ تحت بورڊ پاران وڌ کان وڌ تحقيقي ۽ معلوماتي موضوعن تي مبني ڪتاب شايع ڪيا پيا وڃن. مخدوم صاحب جي علمي ادبي خاندان سان تعلق هئڻ ۽ سندن علم ادب سان چاهه هجڻ سبب، بورڊ پاران نوان ڪتاب اوليت جي بنياد تي شايع ڪري منظرعام تي آڻڻ لاءِ بورڊ جي پبليڪيشن ڪميٽيءَ جي ميمبر صاحبان جي مشاورت سان،  بورڊ جي اشاعتي سلسلي کي وڌيڪ ترقي وٺرائڻ لاءِ نوان پروگرام جوڙيا آهن. ان کانسواءِ بورڊ جي ڪتبخاني ۾ رکيل قلمي مخطوطن ۽ پبليڪيشن شعبي ۾ موجود اڻڇپيل مسودن جي اشاعت بابت هر ممڪن ڪوشش هلندڙ آهي.

”مُلھه مَھانگو قطرو“ جو پھريون ڇاپو پنھنجي ايامڪاريءَ ۾ بورڊ طرفان شايع ڪرائي رهيو آهيان. آءٌ سنڌي ادبي بورڊ جي مانواري چيئرمين جناب مخدوم سعيدالزمان ”عاطف“ صاحب جن جو بيحد ٿورائتو آهيان، جن جي دلچسپيءَ تحت سنڌي ادبي بورڊ طرفان معياري ڪتاب شايع ٿي منظر عام تي اچي رهيا آهن.

اميد ته جديد ادب سان دلچسپي رکندڙ شاگردن ۽ عام پڙهندڙن وٽ اسان جي هيءَ ڪاوش مانُ لھندي.

20 جمادي الاول 1447هه                    ميرزا دبير حسين بيگ

12- نومبر 2025ع                                سيڪريٽري

 

 

مهاڳ

 

جان ڪَتِين تَان ڪَت....

 

جونِ جي گرميءَ ۾ هڪ مزدور جي مزدوري جهڙو جسماني پورهيو هجي يا هڪ ليکڪ جي ذهني مشقت. آرڙه جي ڏينهن ۾ هڪ پورهيت عورت جو پنهنجي ابهم ٻار کي ڇاتيءَ لائي پٿر ڪُٽڻ جو ڪم هجي يا راتين جون راتيون جاڳي هڪ تخليقڪار ۽ محقق جي ڪيل محنت. پورهيي ۾ پگهر شامل هجي يا پيار، محنت شامل هجي يا اوجاڳو. هڪ پورهيت جو پورهيو قدر لائق ئي هوندو آهي. هڪ مزدور پنهنجي مزدوري گهري به وٺندو آهي پر هڪ سچو ليکڪ ڪڏهن به پنهنجي پورهيي جو اجورو نه گهرندو آهي. ها وقت ۽ تاريخ اهڙن تخليقڪارن مان ڪن کي اڻ گهريو  ئي گهڻو ڪجهه ڏئي ڇڏيندي آهي. ادب جي تاريخ ۾ اهڙا ڪيئي مثال موجود آهن. خود سنڌي ادب ۾ ئي ڏسجي ته قاضي قادن کان شاهه لطيف، سچل، سامي ۽ بيدل تائين قليچ، بيوس، اياز، استاد، گدائي، امر جليل، نسيم کرل، سراج ۽ نجم عباسي کان شمشير ۽ امداد، نورالهدى شاه، مهتاب محبوب، فهميده حسين، شبنم گل ۽ روبينه ابڙو تائين قلم جي انيڪ پورهيتن کي سنڌي سماج اڻ ڪَٿيو مانُ ڏنو آهي.

ڪجهه عرصو اڳ سوشل ميڊيا تي هڪ بحث شروع ٿيو هو ته ’سنڌي ادب ۾ روزانو جي بنياد تي تمام گهڻا ڪتابَ شايع ٿي رهيا آهن، پر هر لکيل لفظَ کي شايع ڪرڻ ضروري ناهي، اهوئي سبب آهي جو انهن ڪتابن مان معياري ڪتاب وري به آڱرين تي ڳڻڻ جيترائي وڃي بچن ٿا.‘ مان ان موقف جو احترام ڪندي اهو چوندس ته اديبَ ٽن قسمن جا ٿيندا آهن، پهريان شوقيه، ٻيا ڪتابن جو انگ وڌائڻ جا ڪوڏيا ۽ ٽيان مقدار تي معيار کي ترجيح ڏيندڙ. شوقيه اديبن جو ڪتاب ڇپائڻ رڳو شوق هوندو آهي، جيئن اهي به صاحبِ ڪتاب سڏجن، ڪتابن جو انگ وڌائيندڙن ۾ وري ٻن قسمن جا اديب آهن، پهريان جيڪي رڳو ان ڊوڙ ۾ هوندا آهن ته اسان گهڻي ۾ گهڻا ڪتاب ڇپائي هڪ رڪارڊ قائم ڪريون، پوءِ انهن ۾ معيار هجي يا نه ۽ ٻيا وري اهي جن وٽ لکڻ لاءِ اکُٽ مواد هوندو آهي ۽ سندن تحريرن ۾ تخليقي جوهر به ڪمال جو هوندو آهي، پوءِ هو سوچيندا آهن ته سندن ڪتاب ڇپجندا رهن، ائين نه ٿئي جو سندن پڄاڻان اهو مواد رديءَ جي حوالي ٿي وڃي. اديبن جو آخري قسم معيار کي مقدار تي ڪڏهن به ترجيح نه ڏيندو آهي، اهڙن اديبن جا ڪتاب سالن جي وٿيءَ کان پوءِ شايع ٿيندا آهن ۽ صدين تائين پنهنجي اهميت برقرار رکندا آهن. هونءَ هڪ عام چوڻي اها به آهي ته ’هر لکيل لفظ کي ڪونه ڪو پڙهندڙ ضرور ملي ويندو آهي‘ پر هڪ تخليقڪار / محقق / نقاد کي اهڙو لکڻ کپي جيئن سندس تحرير کيس تاريخ ۾ زنده رکي سگهي. ڪوبه تخليقڪار فنا بعد به تيسيتائين زنده نه ٿو رهي سگهي، جيسيتائين سندس تحرير / ادب ۾ زنده رهڻ واري قوت موجود نه هوندي. ڊاڪٽر جميل جالبي لکيو آهي ته ”زنده رهڻ واري ادب ۾ ٽي شيون هڪ ئي وقت موجود رهنديون آهن. هڪ اها ته ان ۾ لکڻ واري جو پنهنجو دور ۽ ان جو روح موجود هوندو آهي. ٻيو ان ۾ ماضي جو ورثو ۽ سندس روايتون ۽ شعور موجود هوندا آهن ۽ ٽيون منجهس ايندڙ زمانن جو روح به موجود هوندو آهي؛ ۽ اهي ٽئي عنصر ملي هڪ اهڙي وحدت ٺاهيندا آهن جو اهو ادب پارو نه رڳو پنهنجي دور جي روح جو ترجمان بڻجي اسان جي خون ۾ شامل ٿي ويندو آهي بلڪه وقت سان گڏ و گڏ ان جي روشني وڌندي ۽ ان جي خوشبو ڦهلجندي ويندي آهي. ڪنهن ادب پاري ۾ انهن ٽنهي زمانن جي روح جي جيتري آميزش هوندي اهو ادب پارو انهيءَ مناسبت سان وڏو هوندو.“ (مقالو: ”ادب اور عصري آگهي“ ڪتاب ”ادبی زاويے“ اکادمی ادبيات 1984ع ص 95)

هاڻي انهيءَ ڪسوٽيءَ تي اسان سنڌي ادب ۾ ڇپجندڙ معياري ڪتابن کي به سولائيءَ سان هزارين ڪتابن کان ڌار ڪري سگهون ٿا ۽ ايندڙ دور ۾ به انهيءَ ڪسوٽيءَ تحت ڪتاب ۽ انهن جا لکندڙ زنده رهي سگهن ٿا.

هن ڪتاب ”مُلهه مَهانگو قطرو“ جي ليکڪا ۽ مانائتي محقق ڊاڪٽر ريحانه نظير ڊگهي عرصي کان تخليق ۽ تحقيق جو ڪم ڪندي رهي آهي. هِن ڪتاب کان اڳ هُن جي پي ايڇ. ڊي واري مقالي ”نجم عباسي جديد انقلابي فڪر جو ترجمان“ سان گڏ سندس ٻه ڪهاڻين جا مجموعا ”اندر جي عدالت“ ۽ ”ٽڪ ٽاڪ گرل“ ڇپجي چڱي مڃتا ماڻي چڪا آهن. ان کان علاوه هوءَ هڪ استاد جي حيثيت سان به سنڌ يونيورسٽيءَ جي سنڌي شعبي سان لاڳاپيل آهي ۽ پنهنجن شاگردن ۽ شاگردياڻين ۾ مقبول هجڻ سان گڏ سندن پسنديده استاد پڻ آهي. ڊاڪٽر ريحانه گذريل ڳچ سالن کان سنڌي ٻوليءَ ۾ نڪرندڙ مختلف رسالن، جريدن ۽ تحقيقي جرنلن ۾ مسلسل لکندي رهي آهي. ڊاڪٽر صاحبه جي اهڙن مضمونن ۽ مقالن جو انگ به جهجهو آهي. منهنجي سندس تخليقي ۽ تحقيقي ڪم تي گهري نظر رهي آهي. مون محسوس ڪيو آهي ته هڪ ڪهاڻيڪاره طور هن وٽ هڪ حساس ۽ تڙپندڙ دل آهي، هوءَ ٻين جي دردن کي به پنهنجي دل جو روڳ سمجهي ٿي. هن پنهنجي ڪهاڻين ۾ سماج جي نبض تي هٿ رکيو آهي. هن جا مضمون ۽ مقالا به وڏي محنت سان لکيل آهن، جن مان ڪجهه چونڊ مقالا هن ڪتاب جي زينت بڻيل آهن.

ڊاڪٽر ريحانه جي ڪتاب ”ٽڪ ٽاڪ گرل“ جي مهاڳ ۾ ڊاڪٽر فياض لطيف هڪ هنڌ لکيو آهي ته ”هن جي وڏي خاصيت اها آهي ته، هن جي اندر ۾، هرلمحي ’سِکڻ ۽ سمجهڻ‘ جو جذبو بيچين ۽ بيدار هوندو آهي... هوءَ ڄاڻي ٿي ته ’سمنڊ‘ وانگر ’علم‘ جو به ڪو انت ۽ ڪنارو ڪونه هوندو آهي.“ (2021ع ص 10)

 حقيقت اها آهي ته ڪنهن به انسان لاءِ سکڻ ۽ سمجهڻ جو جذبو، پاڻ کي عقلِ ڪُل ڄاڻڻ کان بهتر آهي. انسان سڄي ڄمار سکي ٿو ۽ جڏهن سکڻ جو عمل ختم ٿئي ٿو ته ان وٽ باقي ورجاءُ ئي بچي ٿو. مون اهڙن کوڙ ليکڪن کي پڙهيو آهي، جن جڏهن پڙهڻ، سمجهڻ ۽ سکڻ ڇڏي ڏنو ۽ پوءِ به لکندا رهيا ته هنن وٽ چوڻ يا لکڻ لاءِ ڪجهه به نئون نه هو، تنهنڪري ڊاڪٽر ريحانه نظير وٽ جيڪڏهن سکڻ ۽ سمجهڻ جو جذبو موجود آهي ته هوءَ اڳتي هلي اڃا به سٺو ۽ معياري لکندي.

ڊاڪٽر ريحانه نظير جو هي ڪتاب ”مُلهه مَهانگو قطرو“ جيڪو اوهان جي هٿن ۾ آهي، ان ۾ مختلف موضوعن تي لکيل سندس مقالا ۽ مضمون شامل آهن. ڪجهه خالص تحقيقي مقالا آهن، ڪي تجزيا ۽ تبصرا آهن ته ڪن ۾ وري شخصيتن بابت ڄاڻ ملي ٿي. ڊاڪٽر صاحبه پنهنجي هن ڪتاب کي موضوعاتي لحاظ کان ڇهن حصن ۾ ورهايو آهي، جيڪي ترتيبوار هن طرح آهن. لوڪ ادب، ڪلاسيڪل شاعري، جديد شاعري، ڪهاڻي، سوانحي ۽ آتم ڪٿائي ادب ۽ متفرقه.

هن ڪتاب جي پهرين حصي ۾ لوڪ شاعريءَ بابت ڄاڻ ڏنل آهي، جنهن ۾ خاص طور سنڌ جي ريگستاني عورتن جي لوڪ گيتن جو اڀياس پيش ڪرڻ سميت لوڪ ادب جي ٻن صنفن موري ۽  نڙ بيت جي هڪ جهڙاين بابت مقالا به شامل آهن. جڏهن ته هن ئي حصي ۾ ڊاڪٽر بلوچ جي لوڪ ادب جي سهيڙ لاءِ ورتل ڪوششن تي به هڪ مضمون موجود آهي.

لوڪ ادب ڪنهن به ٻوليءَ جو قديم ادب ٿئي ٿو، جيڪو ان ڌرتيءَ جي مٽيءَ سان جُڙيل هوندو آهي، ان ڪري ان ۾ فطري حسن ۽ ترنم موجود هوندو آهي. لوڪ ادب جي شروعات سُرن ۽ گيتن سان ٿي آهي. سنسڪرت جي لفظ ’گيه‘ مان ڦٽي نڪتل لفظ ’گيت‘ جي معنا ئي ڳائڻ آهي. ڳائڻ جو تعلق رڳو خوشيءَ سان به نه آهي، ان ڪري گيتن ۾ انسان جي سکن ۽ ڏکن جون انيڪ تصويرون موجود آهن. آغا سليم لکيو آهي ته ”سنڌ جي سرزمين گيتن ۽ سُرن جي سرزمين آهي، جتي قدم قدم تي گيت وکريا پيا آهن، انهن گيتن ۾ سنڌ جي مٽيءَ جي مهڪ آهي ۽ انسان جي پيدائش کان موت تائين جون ريتون رسمون، ڏک سُک، خوابَ، خواهشون، عقيدا ۽ وهم آهن. سنڌ ئي اهو خطو آهي جتي موسيقيءَ جي لحاظ کان دنيا جا قديم ترين گيت ملن ٿا.“ (سندهي لوک گيت، 1985ع، ص 5 ۽ 6)

سنڌي ٻوليءَ ۾ لکيل ۽ لکجندڙ گيت پنهنجي رواني سبب موسيقيت سان ڀرپور آهن. انهن ۾ اهو ترنم ۽ تازگي آهي، جيڪا دنيا جي ٻي لوڪ شاعريءَ ۾ گهٽ نظر اچي ٿي. سنڌي لوڪ گيت ”ڇلو“ مان مثال ڏسو:

تنهنجي مهرباني، ڇلو ڏي نشاني

ڇلي ڏاڍي لائي آ، ڇلي دل ڦسائي آ

ڇلي دل وڃائي آ

ڇلو سون وارو آ، مون کي ڏاڍو پيارو آ

پاءِ تنهنجو وارو آ

تنهنجي آ جواني، ڇلو ڏي نشاني

ڇلو مون وڃايو آ، تو وٽ ڇلو آيو آ

مون کي يار ٻڌايو آ

ڇلو موڪل جاني! ڇلو ڏي نشاني

سنڌ جي طبعي ڀاڱن مان ٿر حقيقت ۾ فطرت جو معجزو آهي. ٿر ۾ سرجندڙ لوڪ گيتن ۾ انساني جذبن ۽ احساسن جي ڀرپور پالوٽ نظر اچي ٿي ۽ منجهن ڪمال جي جمالياتي سگه موجود آهي. ڊاڪٽر ريحانه نظير هن ڪتاب جي پهرين حصي ۾ ”سنڌ جي ريگستاني عورتن جا لوڪ گيت  هڪ اڀياس“ جي عنوان سان هڪ شاندار مقالو لکيو آهي، جنهن ۾ هن سنڌ جي عظيم صحرا ٿر ۾ سرجندڙ انهن لوڪ گيتن جو اڀياس ڪيو آهي، جن ۾ نه رڳو ٿر جي ماڻهن خاص طور تي عورتن جي اڌمن جي اوت ٿيل آهي پر انهن ۾ ٿر جي ثقافت جا عڪس به نمايان آهن. هن لکيو آهي ته ”ٿري لوڪ گيتن ۾ جذبات ۽ احساسن سان گڏ معاشي ۽ سماجي زندگي جا سمورا ڏيک پسجن ٿا، پوءِ اهي شادي وهانءَ جي ريتن رسمن جا گيت هجن يا عشق محبت جا داستان هجن، سَکين جي وڇوڙي جا گيت هجن يا پنهنجي ور يا محبوب جي هجر ۽ فراق جي ڦٽن تي ٻڌل گيت هجن يا وري پوک ۽ لاباري جا گڏجي ڳايل گيت مطلب ته ٿر ۾ هرمهل ۽ موقعي جي مناسبت سان گيت رچيل آهن جن جا گهڻي ڀاڱي موضوع عورت جي جذبات جي عڪاسي ڪندڙ آهن.“ عورت جيڪا زراعت جي موجد آهي، عورت جيڪا جنم ڏيندڙ ۽ درد سهندڙ آهي.

عورت جنهن سان ڪائنات جي تخليق ۾ رنگَ ڀرجي ويا، اها ئي عورت جڏهن ڪي گيت گنگنائي ٿي ته ڄڻ هر ڏسا ڦول مهڪي پون ٿا. ٿر جون عورتون شاديءَ ۽ غميءَ جي رسمن کان وٺي عشق ۽ محبت جي معاملن تائين هر قسم جا گيت ڳائين ٿيون. انهن لوڪ گيتن ۾ ميلاپ جي مسرت به موجود آهي ته وڇوڙي جا زخم به. مينهوڳيءَ جي مند ۾ پرين جي ورڻ جون آسون به آهن ته  اُٺي کان پوءِ جون خوشيون ۽ جهمريون پڻ. ڊاڪٽر ريحانه پنهنجي مقالي ۾ ٿر ۾ سرجندڙ اهڙن لوڪ گيتن جا مثال ڏئي، ڄڻ ٿر جي عورتن جي احساسن جي آرٽ گئلري ٺاهي آهي.

ٿر هڪ باراني علائقو آهي، تنهن ڪري اتي خوشحالي ۽ سُڪار جو دارومدار ئي برسات تي آهي. ٿر ۾ آگم جو اچڻ ٿر واسين لاءِ سڀ کان وڏي خوشيءَ جو باعث آهي. لطيف سائين ان ڪيفيت کي سُر سارنگ ۾ هن طرح بيان ڪيو آهي:

اَڄ پڻ اُميدُون، آگَم سَندِيُون اُڀَ ۾؛
سانوَڻُ پَسِي، سَرَتِيُون! سَڄَڻُ سارِيو مُون؛
آئُون آسائِتي آهيان، مانَ ڀِڄائي ڀُون؛
گَهرِ ته گُهرجِين توُن، مُندَ مڙيئِي ميِنهن جِي.

مينهن جي مند ۾ ٿر جي ماڻهن جا مُک ٻهڪي پوندا آهن، خاص طور اهي عورتون جن جا ورَ ڏڪار جي ڏينهن ۾ روزيءَ جي تلاش ۾ کانئن ڏور هليا ويندا آهن، سانوڻ جو وسڪارو ڄڻ انهن جي موٽڻ جي اميد جهڙو هوندو آهي، تنهن ڪري بارش جي پهرين بوندن سان ئي انهن عورتن جي اندر ۾ خوشيءَ جون لهرون اڀري پونديون آهن ۽ سندن چپن تي اڻ ڳڻيا گيت ٻُرڻ لڳندا آهن. ڊاڪٽر بلوچ صاحب لکيو آهي ته ”ٿرپارڪر جا اڪثر گيت برسات بابت آهن. راڻو، بادليئو، رائڌڻ ور، ورسارو، چوماسو، سانوڻ ٽيج، هچڪلي، للرياڙي لو، خيالي گومند پهرين وسڪاري بعد ڳائجن. ڀئيئو وسڪاري جي مند ۾ پهرين گُڏَ ۽ پوءِ لاباري وقت ڳائجي. همرچو گُڏَ يا لاباري وقت گڏجي ڳائين. پڻهاري ۽ هينڍامڻي عورتون پاڻي ڀرڻ وقت ڳائين. لمڪيان ڙي لو ڏُٿ چونڊڻ وقت ڳائين. لولي ٻيلڻ، گامڻ، ڪرهو جَت پنهنجي سفر وقت ڳائين. لولي شادي مراديءَ وقت پڻ ڳائين ۽ ٻيلهڻ اسر جو پيرُن چونڊڻ مهل آلاپين. ڏهوڪو اُٺن تي سفر ڪرڻ وقت توڙي ٻنين ۾ ڪم ڪندي گڏجي ڳائين. ڍولو، رومال، جلالو، ڪانگلڙو يا ڪاڳڙو ۽ اوڏڻ خوشيءَ جي موقعين تي خوش طبعي خاطر ڳائين. مڻهيارو محفلن ۾ مرد ڳائين ۽ اڪيلي سِر به جهونگارين.“ (لوڪ گيت، 2006ع، ص 14)

ٿر ۾ ڳائجندڙ انهن لوڪ گيتن مان اندازو ٿئي ٿو ته ٿري ماڻهو زندگيءَ جي هر موڙ تي جدا جدا گيت جهونگاريندا رهن ٿا. اها ڳالهه سنڌي ٻولي جي شاهوڪار هجڻ سان گڏ ٿر ۾ لوڪ گيتن جي اهميت کي سمجهڻ لاءِ به ڪافي آهي. ڊاڪٽر ريحانه نظير پنهنجي مذڪوره مقالي ۾ انهن لوڪ گيتن مان اهڙن لوڪ گيتن جي چونڊ ڪئي آهي جن وسيلي عورتن جي اندر جي ڪائنات ۾ جهاتي پائي سگهجي ٿي، ان حوالي سان هن پنهنجي مقالي ۾ سانوڻ ٽيج، لمڪيان ڙي لو، چيڻو، ڍاٽيئڙو ۽ وڻجارو تي تفصيل سان لکيو آهي. ڊاڪٽر صاحبه انهن لوڪ گيتن جي اهميت کي اجاگر ڪندي لکيو آهي ته ”ٿر جا لوڪ گيت گهڻي ڀاڱي عورت جي نفسيات، جذبات ۽ احساسن سان سلهاڙيل آهن، جن ۾ هوءَ پنهنجي زندگيءَ ۾ پيش ايندڙ هر وارتا، ڪيفيت، جذبي ۽ احساس، حالتن ۽ واقعن کي سليس ۽ سادن لفظن ۾ اظهاري ٿي، جنهن ۾ ٻوليءَ جي لطافت، ترنم ۽ موسيقيءَ جي لئي، ان جي تخيل کي گيت جي روپ ۾ وڌيڪ نکاري ٿي، جيڪا ٻڌندڙن تي درد جي ڪيفيت سان گڏ زندگيءَ جي ڏکن سکن جا احساس نه رڳو ظاهري ڪري ٿي، پر انهن ۾ کين شامل ڪري انهن جو احساساتي لطف ۽ ڪيفيتي ڪرب پڻ محسوس ڪرائي ٿي.“ ڊاڪٽر ريحانه جو هي مقالو پنهنجي موضوع جي لحاظ کان هڪ جامع تحقيقي مقالو آهي، جنهن کي هن سگهارن حوالن سان سينگاري وڌيڪ مستند ۽ ڀرپور بڻايو آهي.

ڪتاب ”مُلهه مَهانگو قطرو“ جي پهرين حصي ”لوڪ شاعري“ ۾ موجود ٻيو مقالو ”مورو ۽ نڙ بيت ۾ موضوعاتي هڪجهڙائيءَ جو تحقيقي جائزو“ پنهنجي موضوع جي لحاظ کان هڪ اهم مقالو آهي، جنهن کي ڊاڪٽر ريحانه نظير وڏي محنت ۽ عرق ريزيءَ سان لکيو آهي. سنڌي لوڪ شاعريءَ جي انهن ٻنهي صنفن يعني مورو ۽ نڙ بيت ۾ محبت جي لولي سان گڏ آرزو ۽ انتظار، وصل ۽ فراق جا نغما پيا گونجندا آهن. محبوب جي سڪ ۽ تڙپ، ملاقات جي آس، هيج ۽ حيرتن جا احساس ٻنهي قسمن جي گيتن ۾ موجود آهن. سنڌي لوڪ شاعريءَ جي انهن ٻنهي مقبول صنفن جا ابتدائي لکندڙ اڻ لڀ آهن، پر اڄ اهي ٻئي صنفون سنڌي لوڪ ادب جو سينگار آهن، جن کي نئين دور جا سگهڙ ۽ سپورنج پڻ لکي رهيا آهن. هن مقالي جي شروعات ۾ ڊاڪٽر ريحانه لوڪ ادب بابت ڏيهي پرڏيهي عالمن جا حوالا ڏئي ان جي وصف ۽ تشريح سان گڏ بنيادي ڄاڻ فراهم ڪئي آهي. ڊاڪٽر سنديلي مطابق ”سنڌي لوڪ ادب جون پاڙون پاتال ۾ بيٺل آهن. ان جا بنياد ويدن تائين وڃن ٿا.“

ڊاڪٽر ريحانه هن مقالي ۾ موري جي ٻولي ۽ موضوع بابت ويچار پيش ڪندي لکيو آهي ته ”موري جي ٻولي عورتاڻي آهي، گهر جي ڪمن ڪارين دوران يا وري ٻني ٻاري ۾ ڪم دوران هڪ عورت مورو چئي، پنهنجي وڇڙيلن کي ياد ڪري ٿي ته، ٻيون عورتون به ان سان شامل ٿي وڃن ٿيون. اهڙيءَ طرح اها رچنا اجتماعي شڪل اختيار ڪري وٺي ٿي.“ اهڙي طرح نڙ بيت به لوڪ شاعريءَ جي هڪ اهڙي صنف آهي، جنهن ۾ ڏک ۽ وڇوڙي جا ورلاپ محسوس ٿيندا آهن. نڙُ، سنڌ جو هڪ قديم ساز به آهي، جيڪو ’ڪنگور‘ جي ٻوڙي مان ٺهندو آهي ۽ ان کي تيز ڦوڪ سان وڄايو ويندو آهي، ان ساز ۾ عجيب سوز ۽ گداز جي گونج موجود هوندي آهي. لطيف سائين ڪانهن جي ڪاني مان نڪرندڙ سوز کي هنن لفظن ۾ بيان ڪيو آهي:

جيئن سا ڪاني ڪانهن، لوسيندي لاتيون ڪري،
تئن اچي پئي اوچتي، درد پريان جي دانهن،
ويڄ ڏنڀئه ڪه ٻانهن، سور هينئين کي سامنهان.

(بروو سنڌي)

 

جڏهن سگهڙَ، نڙ بيت ٻڌائيندا آهن ۽ ناڙي نڙُ وڄائيندو آهي ته ان ساز، آواز ۽ لفظن جو سنگم درد ۽ وڇوڙي جي ڪيفيتن کي جنم ڏيندو آهي. ڊاڪٽر ريحانه درست لکيو آهي ته ”مورو ۽ نڙ بيت جو سنگم درد ۽ فراق جو سنگم آهي، وڇوڙي ۽ جدائي جو سنگم آهي، انتظار ۽ محبت جو ميلاپ آهي. محبوب جي جدائيءَ جي پيڙا، ملڻ جي سڪ ۽ اڪيرجواظهارآهي.“ لوڪ شاعريءَ جون اهي ٻئي صنفون جيتوڻيڪ سنڌ جي جدا جدا علائقن ۾ لکيون وڃن ٿيون پر انهن ۾ موضوعاتي هڪجهڙائي ڌيان ڇڪائيندڙ آهي. انهيءَ ڳالهه کي محسوس ڪندي ڊاڪٽر ريحانه هن مقالي ۾ ٻنهيءَ صنفن جا مثال پيش ڪندي انهن صنفن جي اهميت اجاگر ڪئي آهي. لوڪ شاعريءَ سان دلچسپي رکندڙن لاءِ هن ڪتاب جا مذڪوره ٻئي مقالا نهايت ڪارائتا آهن، انهن مقالن ۾ سچ ته ڊاڪٽر صاحبه سنڌي لوڪ شاعريءَ جي اهم پهلوئن کي اجاگر ڪيو آهي.

پهرين باب جو آخري مقالو ”ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جون لوڪ ادب جي سهيڙ ۾ ڪوششون“ اصل ۾ ڊاڪٽر بلوچ صاحب جي خدمتن جي اعتراف طور لکيل آهي پر جيئن ته ان جو حوالو لوڪ ادب آهي تنهن ڪري ڊاڪٽر ريحانه اهو مقالو ڪتاب جي ”لوڪ شاعري“ واري حصي ۾ رکيو آهي. ان ۾ ڪو به شڪ ناهي ته ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ سنڌي ٻولي ۽ ادب جو اهو محسن هو، جنهن هڪ ئي وقت تخليق، تحقيق ۽ تاريخ جي مختلف شعبن ۾ ڪم ڪيو، جن ۾ تاريخ، تهذيب، ثقافت، لسانيات، لغت، لوڪ ادب، آثار شناسي، لطيف شناسي، تصوف، هندي، فارسي، سنڌي ڪلاسيڪي شاعري ۽ ٻيا شعبا شامل آهن. انهن مان ڊاڪٽر صاحب جو لوڪ ادب جي سهيڙ ۽ ان تي تحقيق جو ڪم نهايت اهميت وارو آهي.

پنجاه واري ڏهاڪي جي آخر ڌارا جڏهن سنڌي ادبي بورڊ طرفان لوڪ ادب جي سهيڙ جي سلسلي ۾ هڪ اسڪيم تيار ڪري ڊاڪٽر بلوچ صاحب کي ان جو سربراه مقرر ڪيو ويو هو ته هن نه رڳو قديم نسخن ۽ ماخذن مان مواد حاصل ڪيو پر سنڌ جي جهنگ جهر وڃي اهڙا لعل هٿ ڪيا هئا جيڪي املهه هئا. هن گهڻين رڪاوٽن باوجود ڊگهي عرصي تائين اهو ڪم ڪيو ۽ لوڪ ادب جي مختلف پهلوئن تي چاليهن کان وڌيڪ جلد سهيڙيا ۽ انهن تي جامع مقدما لکيا. اهي ڪتاب وقتاً بوقتاً سنڌي ادبي بورڊ طرفان شايع ڪيا ويا. ڊاڪٽر ريحانه نظير پنهنجي مقالي ۾ ڊاڪٽر صاحب جي انهيءَ جاکوڙ کي هنن لفظن ۾ پيش ڪيو آهي: ”هن سنڌ جي ڳوٺن، ٿرن، برن، وستين ۽ واهڻن مان وکريل مواد کي هڪ هنڌ تي جمع ڪرڻ جي ڪوشش پڻ ڪئي. ڪڏهن ته وري پاڻ پنهنجي سر پيرين پنڌ ڪري جبل لتاڙي جوڳين، سناسين ۽ سالڪن سان دونهين دکائي رس رهاڻ ڪئي، ته ڪڏهن جهر جهنگ جهاڳي سگهڙن سان مچ ڪچهرين تي راتين جون راتيون ويهي ڳجهارتن جي ڏي وٺ ڪئي. انهن سفرن دوران پاڻ سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ رهندڙ سگهڙن، سالڪن سپورنجن سان مليا ۽ صدين کان سندن سيني ۾ سانڍيل لوڪ ڏاهپ جا انمول ذخيرا دريافت ڪري هي ثابت ڪري ڏيکاريو ته بظاهر هي ساده ماڻهو، جن وٽ ڪابه ڊگري يا تعليمي لياقت  ڪانهي، پر سندن سرجيل هي ڳجهارتون، ڏٺ، هنر، ڏور ۽ معما وغيره سندن ڄاڻ، عقل ۽ پرک جي ڪسوٽيءَ تي رکيل حيرت جا ڪيترائي راز افشان ڪندي نظر اچن ٿا.“ ڊاڪٽر ريحانه نظير جو مذڪوره مقالو ڊاڪٽر بلوچ جي لوڪ ادب جي سلسلي ۾ ڪيل خدمتن تي هڪ طائرانه نظر وانگر آهي، جنهن سان هن سٺو نڀايو آهي.

هن ڪتاب جو ٻيو حصو جنهن جو عنوان ”ڪلاسيڪل شاعري“ آهي. ان ۾ ڊاڪٽر ريحانه ڪل ٻه مقالا ڏنا آهن. جن مان پهرين مقالو شاهه لطيف جي همعصر شاعر ۽ ڪلاسيڪي شاعريءَ جي هڪ اهم نانءَ شاهه عنات رضوي جي ڪلام جي سهيڙ جي سلسلي ۾ ڊاڪٽر بلوچ صاحب جي ڪيل ڪم جي جائزي تي مشتمل آهي. جڏهن ته ٻئي مقالي ۾ ڊاڪٽر صاحبه شاهه لطيف جي ڪلام ۾ تصوف ۽ وحدت الوجود جي تصور کي واضح ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي.

سنڌي ڪلاسيڪي شاعري سنڌي ادب جو امله اثاثو آهي، جنهن کان سواءِ شايد جديد سنڌي شاعريءَ جو سفر به ممڪن نه هو. قاضي قادن، شاهه ڪريم، لطف الله قادري، ميين شاهه عنات ۽ شاهه لطيف کان وٺي خواجه محمد زمان، سچل سرمست، سامي چين راءِ، فقير قادر بخش بيدل، روحل فقير ۽ ٻين تائين سنڌي ادب جو آڪاس ڪلاسيڪي شاعرن جي ڪهڪشان سان سينگاريل آهي. اسان جي اساسي شاعري جو حاوي موضوع ته تصوف آهي پر ان کان علاوه منجهس ٻيا به ڪيئي موضوع شامل آهن ۽ ان جون کوڙ ساريون فني ۽ فڪري جِهتون آهن، جن تي اسان جي عالمن روشني گهٽ وڌي آهي ۽ اسان جي ڪلاسيڪل شاعرن مان ٿورا شاعر آهن جن تي معياري تحقيقي ڪم ٿيو آهي. اهڙن ئي شاعرن مان هڪ اهم شاعر ميون شاهه عنات رضوي به آهي، جنهن تي ابتدائي طور ڊاڪٽر بلوچ صاحب نهايت عمدو ڪم ڪيو ۽ سندس ڪلام کي سهيڙي ڪتابي صورت ۾ سنڌي ادب جي جهول ۾ رکيو پر پوءِ جهڙوڪر شاهه عنات کي وساريو ويو. خوشيءَ جي ڳالهه آهي جو ڪجهه سال اڳ يعني 2019ع کان ميين شاهه عنات جي درگاه ڌڻين مان سيد ضيا عباس شاه، نامياري اديب ڊاڪٽر اسحاق سميجي جي سهڪار سان درگاه تي ادبي ڪانفرنسن جو سلسلو شروع ڪيو آهي ۽ ان سلسلي ۾ ٻه ڪامياب ڪانفرنسون ٿي چڪيون آهن، جن ۾ سنڌ جي عالمن ۽ محققن، شاهه عنات جي ڪلام جي گهڻ رخي اڀياس جي سلسلي ۾ ڪجهه وکون اڳتي وڌايون آهن.

ڪتاب ”مُلهه مَهانگو قطرو“ جي ٻئي حصي جي پهرين مقالي، جنهن جو عنوان ”ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جو ميون شاهه عنات جي ڪلام جي سهيڙ ۾ ڪردار“ آهي ۾ ڊاڪٽر ريحانه نظير، ڊاڪٽر بلوچ صاحب جي ڪلاسيڪل شاعري جي سهيڙ جي سلسلي ۾ ڪيل خدمتن تي روشني وجهندي ڊاڪٽر صاحب طرفان سهيڙيل ”ميين شاهه عنات جو ڪلام“ جو تحقيقي جائزو پيش ڪيو آهي. هيءَ نه رڳو ميين شاهه عنات جي ڪلام جي سهيڙ جي پهرين ڪامياب ڪوشش هئي پر ان تي جامع مقدمي جي صورت ۾ سندس زندگي ۽ شاعريءَ تي ڪيل پهريون اهم تحقيقي ڪم به هو، جيڪو سن 1963ع ۾ سنڌي ادبي بورڊ طرفان ڇپجي پڌرو ٿيو. ان کي سچ ته سنگ بنياد واري حيثيت حاصل آهي ۽ اڄ تائين جن به محققن شاهه عنات تي ڪم ڪيو آهي. انهن لاءِ ڊاڪٽر بلوچ طرفان سهيڙيل اهو رسالو ئي بنيادي ماخذ جي حيثيت رکي ٿو. ان رسالي ۾ چار سو کان مٿي بيت ۽ ٻائيتاليهه وايون شامل آهن.

ڊاڪٽر بلوچ صاحب رسالي جي سهيڙ ۽ مقدمي لکڻ وارو ڪم چوڏهن سالن ۾ مڪمل ڪيو. ڊاڪٽر ريحانه پنهنجي مقالي ۾ ڊاڪٽر بلوچ جي جاکوڙ کي هنن لفظن ۾ بيان ڪيو آهي: ”بلوچ صاحب سنڌ جي مختلف هنڌن تان ڪلاسيڪل شاعري جي پراڻن ماخذن، خانداني روايتن ۽ مختلف سگهڙن کان صدري روايتون هٿ ڪري، ان منجهان ميين شاهه عنات جو نه صرف ڪلام هٿ ڪيو، پر ان سان گڏوگڏ سندن سوانح جنهن ۾ خاندان، جنم، جواني، شوق، شغل، شاديون، اولاد ۽ پيري فقيريءَ ڏانهن رجوع ڪرڻ سان گڏ مختلف اوليائن جي صحبتن، زيارتن ۽ مختلف واقعن جو پڻ ذڪر ڪيو آهي، جنهن جي کوجنا ۾ کين تقريباً چوڏنهن سال لڳي ويا، پر ان ۾ سڀ کان وڌيڪ اهم بلوچ صاحب جو شاهه عنات جي شاعري جو فني ۽ فڪري حوالي سان جائزو وٺڻ آهي، جنهن ۾ هن شاهه عنات جي شاعري جي مختلف زاوين کان ڇنڊ ڇاڻ ڪندي سندس شاعري جي موضوع، ٻولي، ترڪيبن جي استعمال سان گڏوگڏ سندس خيال ۽ فڪر جي اونهائيءَ کي پڻ مختلف شعرن ذريعي پرکي پُرجهي، ان تي تحقيقي ۽ عالماڻا انداز سان مقدمو لکي پيش ڪيو آهي.“ ڊاڪٽر بلوچ صاحب جو اهو ڪم بيشڪ سنڌ جي ڪلاسيڪي ادب جي سهيڙ ۽ تحقيق جي سلسلي ۾ هڪ ڪارنامو آهي، جنهن تي ڊاڪٽر ريحانه نظير تمام سٺو تبصرو ۽ تجزيو پيش ڪيو آهي.

سنڌي ڪلاسيڪي شاعريءَ ۾ سڀ کان معتبر نالو شاهه عبداللطيف ڀٽائي جو آهي، جنهن جي شاعريءَ تي هن وقت تائين ٻين ڪلاسيڪل شاعرن جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ ڪم ٿيو آهي. شاهه لطيف جي شاعريءَ جي گهڻ رخي مطالعي ان جي اهميت کي اڃا به وڌائي ڇڏيو آهي. لطيف سائين سنڌي شاعريءَ جو اهو سج آهي، جنهن کان سواءِ شايد سنڌي ادب ۾ ايڏو سوجهرو پيدا نه ٿي سگهي ها، جيترو اڄ نظر اچي ٿو. شاهه لطيف جو ڪلام هڪ اهڙي پرزم وانگر آهي، جنهن جي هر ڪُنڊ کان الڳ رنگ ۽ روشني نظر ايندي. ان ڪري سندس شاعريءَ جي مطالعي دوران جدا جدا فڪر ۽ نظريي جي ماڻهن ان کي پنهنجي پنهنجي انداز سان سمجهڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. هن وقت تائين شاهه سائين جي شاعري جي جنهن پهلوءَ تي گهڻي ۾ گهڻو لکيو ويو آهي، اهو آهي تصوف ۽ روحانيت. هن ڪتاب ۾ ڊاڪٽر ريحانه نظير به انهيءَ تسلسل ۾ پنهنجو مقالو شامل ڪيو آهي، جنهن جو عنوان آهي ”شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي شاعري ۾ تصوف ۽ وحدت الوجود جو تصور“.

مولانا رومي فرمايو آهي ته:

خود کوزه، خود کوزه گر، خود گِلِ کوزه

يعني ”پرين پاڻ ٿانءُ آهي، پاڻ ئي ٿانوَ کي ٺاهيندڙ به آهي، ته ان ٿانون جي مٽي به پاڻ ئي آهي.“

۽ لطيف سائين فرمائي ٿو:

پاڻهِين جَل جَلالُھُ، پاڻهِين جانِ جَمالُ
پاڻهِين صُورت پِرينءَ جي، پاڻهِين حُسَنُ ڪَمالُ
پاڻهِين پِيرَ مُرِيدُ ٿِئي، پاڻهِين پاڻَ خِيالَ
سَڀُ سَڀوئِي حالُ، مَنجهان ئِي مَعلومُ ٿِيي.
 

(سُر ڪلياڻ)

اهو پاڻ منجهان سڀ ڪجهه معلوم ٿيڻ جو فلسفو ئي اصل ۾ خود شناسيءَ جو فلسفو آهي، صوفين مطابق اهو ئي فلسفو ماڻهوءَ کي خدا شناسيءَ تائين پڄائي ٿو ۽ ڀٽائيءَ جي لفظن ۾ خدا شناسي ڇاهي:

پاڻهِين پَسي پاڻَ کي، پاڻهِين ئِي مَحبُوبُ
پاڻهِين خَلَقي خُوبُ، پاڻهِين طالِبُ تَنھ جو.

(سُر ڪلياڻ)

وحدت الوجود جي نظريي مطابق ذات مطلق هڪ آهي ۽ ڪائنات ۾ باقي ڪنهن به شيءِ کي حقيقي وجود نه آهي ۽ هر ڪا شيءِ انهيءَ وجودِ حقيقي مان وجود ورتو آهي، ٻين لفظن ۾ ائين سمجهجي ته هيءَ ڪائنات، خدا جي ذات جو اولڙو آهي. اهو بنيادي طور ابن العربي جو نظريو هو، جنهن کي بعد ۾ ڪيترن ئي صوفين قبول ڪيو. فارسي زبان جي وڏي شاعر عطار نيشاپور به ڪجهه اهڙي ئي ڳالهه ڪئي آهي:

ز تواَم من آنچه هستم که تو گر نه اي‌ نيَم من
که تو
يي که آفتابي و منم که ذرّه وارم*

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org