سيڪشن: ادب

ڪتاب: مُلهه مهانگو قَطرو

باب:

صفحو:6 

* جديد شاعري *

 

شمشيرالحيدري- گهڻ رُخي شخصيت

 

 ورهاڱي کان پوءِ  سنڌي ادب گهڻي ڀاڱي قومي، ثقافتي ۽ لساني  فڪر کي پنهنجو  مسڪن بنايو، جنهن جو وڏو سبب ان وقت جي بدلجندڙ سياسي پس منظر تي رکيل هو. نوان ۽ جديد سماجي توڙي سياسي لاڙا ۽ رجحان سنڌي ادب ۾  ٻوڏ جي وهڪري جيان لڙهي شامل ٿيندا ويا، انڪري جديد ترقي پسند ادب جي اوسر ۾ اهي لاڙا، مزاحمتي ادب جي صورت ۾ سنڌي ادب جو موضوع بنيا، جنهن کي پڌرو ڪرڻ لاءِ ليکڪن، شاعرن، اديبن ۽ نقادن پنهنجون سموريون ڪاوشون ڪتب آڻي، ڌرتي ۽ ڌرتي واسين جي شعوري آبياري ڪئي، هنن پنهنجي قلم کي هٿيار بنائي،  تهذيبي، ثقافتي ۽ لساني جنگ لڙي، مخالفن جا حوصلا پست ڪري کين گوڏا کوڙڻ تي مجبور ڪيو. اهڙن سرويچ، محب وطن، سنڌ دوست ۽ بيباڪ اديبن ۾ شمشيرالحيدريءَ جو نالو پڻ ڳڻيو  وڃي ٿو،  جنهن بغير ڪنهن لوڀ، لالچ ۽ مفاد جي سنڌي ماڻهن جو رهنما بنجي رهنمائي ڪئي.

سنڌ جو هيءُ ارڏو، پر فقير دل انسان 1932ع ۾ پيدا ٿيو  ۽ جڏهن پاڪستان دنيا جي نقشي تي اڀريو، تڏهن هن جي عمر صرف سورنهن سال مس هئي، اها عمر خوابن ۽ خيالن جي دنيا، رومانوي تصور، آسماني راڳ آلاپي، پرين جي آستانن جو نظارو پسڻ لاءِ بيقرار هوندي آهي، ان ڪچڙي وهيءَ ۾ هن  هڪ  جسم جا ٻه اڌ ٿيندي ڏٺا، عضون کي هڪ ٻئي کان ڌار رت جي درياءَ ۾ لڙهندي ڏٺو، درد جون اهي دانهون ٻڌيون، جن ڪنن جا پردا ڦاڙي ڇڏيا، اڃا شامِ غريبان ختم ئي ڪانه  ٿي هئي، مٿان طوفان نوح ۾ لڙهندي نئين  انساني تهذيب ۽ ثقافت، خطي ۾ نمودار ٿي، جنهن ڌرتي واسين جي ڦٽن تي ملم پٽي ڪرڻ بدران لوڻ ٻرڪڻ  شروع ڪيو، ڌرتي تڙپندي پنهنجي سڄڻ  کي پڪاريو:

سڏ سڻي پرين جو وانگي جي نه ورن،
ڪوڙي دعويٰ دوست جي ڪڄاڙو کي ڪن.

     ڌرتيءَ جي اها پڪار، اها ڪوڪ ٻُڌي جنهن دل اندر درد  جو درياءُ  وهايو، ان  سڏ کي اونايو ۽ مسلسل جهد جي هڪ نئين شروعات ڪئي، اهڙن سچن، محب وطن، وفا پرست ۽ باشعور ليکڪن ۾ شمشيرالحيدريءَ جو شمار ٿئي ٿو، جنهن پنهنجي سموري زندگي قلم ۽ مس سان پورهيو ڪندي گذاري. هو هڪ ماڻهو، پنهنجي ذات ۾ هڪ اداري مثل هو. ڪهڙي پهلوءَ سان ڪهڙي صنف سان سندس قابليت جو ذڪر شروع ڪجي. ڇا هُو صرف سٺو شاعر هو؟ يا هُو صرف قابل تعريف نقاد هو؟ پڪ سان هُو مترجم هوندو! يا نه ته پوءِ ڀلا ضرور هُو جفاڪش، بيباڪ صحافي يا ڪالم نگار هوندو! نه ته تاريخ دان، ناٽڪ نويس يا افسانه نگار پڪ ئي پڪ هوندو!. آخر  هيءُ متوالو يگانو ماڻهو آهي، ڪير؟ سڀني جو هڪ جواب: شمشيرالحيدري، هيءُ ادارو هو، سڀني ادبي صنفن جو مالڪ، هن تخليقن کي ڪيترين خوبين سان مالامال ڪيو.

شمشير بحيثيت شاعر جي، ڏسجي ته ان ۾ سندس اسلوب ۽ اندازِ بيان رومانيت ۽ مزاحمت جي فڪر سان سلهاڙيل نظر ايندو:

تنهنجي نيڻن ۾ جو نهاري ويو،
ڄڻ ته سنڌوءَ جي ٻئي ڪناري ويو.
                                              يا

قوم چاهي ٿي وري شاهه ۽ سچل جيان،
سچ جا ڀنڀٽ وڏا ڀڙڪائجن،

 

يا زندگيءَ جي بي ثباتي بابت لکيل هي نظم:

زندگي ڪاڪ محل آهي ڪو رنگارنگي،
جنهن ۾ مقصد ٿو سدا ناز ڪري مومل جيان،
دور کان دل کي لڀائي نه اچڻ ڏئي ويجهو،
ڪير آهي جو لنگهي پار پوي مشڪل مان؟
 

رومانوي انداز جي وري هڪ جهلڪ ڏسو:

دل جي پرشوق دلاسن تي هليا آياسين،
سونهن وارن جي سلامن تي هليا آياسين.
ڪنهن شهنشاهه جو فرمان اسان تي نه هليو،
نينهن وارن جي نياپن تي هليا آياسين.
 

ان سان گڏ هن ”آزاد نظم جي اوسر“ جهڙو تحقيقي مقالو پڻ لکيو ۽ ڪيترائي تحقيقي مضمون، نظم جي پس منظر تي لکيا. سندس شاعريءَ جو صرف هڪ مجموعو، ”لاٽ “ جي سري هيٺ شايع ٿيو . 

مطلب ته سنڌ جي سياسي، سماجي، اقتصادي علمي ۽ ادبي جدوجهد ۾ سندس ڪردار  پنهنجي تخليقي معيار سان هميشه قوم جي اميدن تي پورو رهيو. سندس صحافتي قد ڪاٺ جو جائزو وٺبو ته اهو به پنهنجي عملي ميدان ۾ هميشه مٿانهون رهيو. 

سنڌي ادب جي مشهور رسالي ”مهراڻ“ ۾ سندس خدمتون ساراه جوڳيون رهيون. ان کان پوءِ هو 1975ع کان 1977ع تائين ”نئين زندگي “ رسالي جو ايڊيٽر رهيو، جيڪو مرڪزي حڪومت طرفان شايع ٿيندو هو. سندس تخليقي ڪاوشون وسارڻ جوڳيون نه آهن. محمد ابراهيم جويو صاحب سندس انهن خدمتن کي ڀيٽا ڏيندي لکي ٿو ته:

”شمشير پنهنجي مزاج ۾ ارڏو ۽ بيباڪ انسان هو. هن زندگيءَ ۾ ڪيترا لاها چاڙها ڏٺا، پر ڪڏهن به مايوس نه ٿيو ۽ نه وري ڪڏهن حالتن کان مات کاڌي، ان کان پوءِ سندس ذهن ۽ من تي سنڌ ۽ سنڌي ماڻهن جي محبت ۽ اڪير ڇانيل رهي.“ 

رسالن جي ايڊيٽر هئڻ سان گڏ شمشير، ”مهراڻ“ اخبار جي اسسٽنٽ ايڊيٽري پڻ ڪئي. ”مهراڻ“ ۾ سندس مشهور ڪالم ”ڦلترو“ جي نالي سان مقبول ٿيو. ان کان علاوه سنڌ يونيورسٽيءَ جي سنڌي شعبي جي مخزن ”سوکڙي“ پڻ ترتيب ڏنائين،  ۽ ان سان گڏوگڏ هلال پاڪستان ۽ پنهنجي ڪڍيل اخبار ”هلچل“ لاءِ  پڻ پراثر ۽

پرمعنيٰ ڪالم لکي، حق ۽ سچ جو نغارو بلند ڪيائين. هن ٽن آمرن جي دور سان مهاڏو اٽڪايو. ڪرڪيٽ جي زبان ۾ هن ٽن آمرن کي آئوٽ ڪري هئٽرڪ مڪمل ڪئي. هو ٻه سال 1993ع کان 1995ع تائين سنڌي ادبي بورڊ جو سيڪريٽري پڻ رهيو.

 مترجم طور هن ڪيترائي ڪتاب پرڏيهي ٻولين مان ڏيهي ٻوليءَ ۾ آڻي، علم ادب  جي ڪئنواس تي خوبصورت رنگ پکيڙيا، جن ۾ آمريڪا جو سياسي سرشتو، ڪئنڊيڊ، تاريخ سنڌ، ڪلهوڙا دور، پيار جي ڇانوَ (جرمن شاعريءَ جو منظوم ترجمو) ان کان علاوه هن پاڪستان ٽيليويزن لاءِ سَوَنَ کان وڌيڪ ڊراما لکيا، جيئن موتين مالها وغيره، ان کان علاوه  ڊاڪيومينٽريز ۽ گيت به لکيا. سندس ڊرامي ’ڪاڪ محل‘ تمام گهڻي مقبوليت ماڻي.

تخليقي ۽ تنقيدي ادب ۾ شمشيرالحيدري اهو روشن ستارو هو، جيڪو هميشه ادب جي آسمان تي وهائو تاري جيان جرڪندو روشن نظر ايندو. هن افسانوي ادب ۾ پڻ پاڻ موکيو. سندس افسانو ”پورس جا هاٿي“ ون يونٽ دور تي چٿر ڪندي نظر اچي ٿو، ان سان گڏ هن ڪيترين ئي ڪهاڻي ڪتابن کي ترتيب ڏنو، جن ۾ تنهنجون ڳالهيون سڄڻ،  زينت ناول جي ڊرامائي تشڪيل اردو ۾ وغيره شامل آهن.

هن سچ چيو هو ته:

۽ صدين کان مان پنهنجي فڪر عمل سان

حياتي جي هڏ کي

تحريڪ جو رت ڏيندو آهيان

 مصور جي دست هنر جو ڪرشمو

اهو منهنجو خون جگر ئي ته آ.

قد بت جو هيءُ سنهڙو سيپڪڙو هڏائون پڃرو، سنڌي ادب جو ۽ سنڌي ٻوليءَ جو پارکو مضبوط هماليه کان اونچا ارادا رکندڙ ارڏو انسان، جنهن دربدر ٿيڻ قبوليو، پر مات نه کاڌائين، سچ چيو اٿن ته:

هڙا ڀي انسان جيڪي ننگن تي نثار ٿيا.

 جسم جو بظاهر هيءُ ڪمزور ۽ نٻل انسان پنهنجي ضمير جو هماليه کان اوچو آدرش رکندڙ ماڻهو هو. سندس انفرادي سوچ سندس اجتماعي سوچ آڏو هميشه خاموش رهي. هن پنهنجو وجود وساري صرف ساڻيه جي سِڪ کي اجاريو.

ابليس کي چئي ڇڏ، سجدي جي تياري ڪري، دنيا تي اناالحق جا اسرار کُلن شايد.

 هيءُ مست ملنگ سنڌ ڄائو، پنهنجي سموري حياتي سقراط وانگر زندگيءَ جو زهر پيئندو رهيو، پر بقول شاهه سائين جي ٻاهر ٻاڦ نه ڪڍيائين ۽ زندگيءَ کي کلندي ۽ مسڪرائيندي ٻئي هٿ ٻڌي الوداع چئي موڪلائي ويو. سندس وفات تي مختلف شخصيتن جي سندس فن ۽ فڪر تي لکيل مضمونن ۽ مقالن تي ڪتاب ’موليٰ تي ننگ‘ سندس فرزند ظهير حسين حيدري 2012ع ۾ ڇپرايو. هن قلم جو پورهيو ڪندڙ انسان 10 آگسٽ 2012 ع تي هن فاني دنيا مان رخصتي ورتي، سندس ئي سٽن ۾ ته:

 ’جيون ڪوئي جهوٽو آهي

 پوءِ به حياتي اڻ کٽ ۽ بي انت مسافر،

 پنڌ جو ڪوئي ڇيهه نه ڇيڙو،

 پوءِ به زماني جي راهن تي

 ڪيئن ڄمارن جي هيءَ گاڏي اڄ به رهي ٿي اڳتي هلندي،

 مٽيءَ جو ماڳ اڃان ڀي

 سُر ۽ ساز جي من موهيندڙ آلاپن سان گونجي پيو،

شبِ روز شمشير گذرندو وڃي،

لڳي ويئي زماني جي توکي نظر.

 

سنڌ جو عاشق- امداد حسيني

 

شاعري، قدرت طرفان عطا ڪيل ڏات آهي، جنهن کي شاعر پنهنجي مشاهدي ۽ مطالعي سان خيال ۽ فڪر جي ڏانوَ ۽ ڏات سان ملائي پيش ڪندا آهن. چون ٿا ته قديم زماني ۾ عربستان ۾ جڏهن ڪو شاعر پيدا ٿيندو هو ته ماڻهو ان کي مبارڪون ڏيندا هئا، شاعري، ڪنهن قوم تي انعام جيان نازل ٿيندي آهي، روميءَ جو هي قول پڻ شاعريءَ جي عظمت کي ظاهرڪري ٿو ته ”شاعري جز وست از پيغمبري

ان تناظر هيٺ سنڌ ڌرتي تي نظر وجهبي ته هن جي مٽيءَ مان اهڙا انمول رتن هر دور ۾ جنم وٺندا رهيا آهن. قاضي قادن کان شروع ٿيندڙ ڪلاسيڪل دور شاهه عبدالڪريم، مخدوم نوح، ميون شاهه عنات رضوي، سنڌ جي سدا بهار شاعر شاهه عبداللطيف ۽ سنڌ جي منصور ثاني سچل سرمست تائين رسندي فن توڙي فڪر ۾ ڪيترائي صوفي سلسلا ساڻ ڪري پنهنجي ڪلام ذريعي ماڻهن کي دين ڌرم جي اصل روح مطابق آگاهه ڪندي انسانن کي تڪبر ۽ وڏائيءَ جي اجائي پچار وساري، ڀائپي ۽ برابريءَ جو درس ڏيندا رهيا آهن. جديد دور ۾ اهو سلسلو انگريزن جي سنڌ فتح ڪرڻ کانپوءِ شروع ٿيو ۽ پاڪستان بنجڻ کانپوءِ شيخ اياز ۽ ان جي همعصر شاعرن جي شاعريءَ ۾ اهو مزاحمتي روپ اختيار ڪري ويو، ڇاڪاڻ ته ان وقت سنڌ ڌرتي ان جي تاريخ، ان جي ماڻهن ۽ ان جي وسيلن تي ڌارين جي مسلسل يلغار ٿي رهي هئي، جنهن سبب ان تحرڪ ادب ۾ وڌيڪ شدت اختيار ڪري ورتي.

امداد حسيني به ان دور ۾ پنهنجي شاعريءَ جي شروعات ڪئي.  امداد حسيني 10 مارچ 1940ع ۾ ان شهر ۾ جنم ورتو، جيڪو علم وادب سان گڏ سنڌ جي تهذيب، ثقافت، معاشيات جو پڻ وڏو مرڪز هو. ٽکڙ جا شاعر، جن ۾ سيد اسدالله شاهه فدا به شامل آهي، امداد حسينيءَ جو ڏاڏو هو، جيڪو پنهنجي وقت جو وڏو عالم ۽ عربي فارسي ۽ سنڌي ۾ شاعري ڪندو هو. امداد حسيني کي شاعريءَ جي ڏات ڄڻ ميراث ۾ ملي هئي، هن جديد سنڌي شاعريءَ ۾ پنهنجي منفرد اسلوبِ بيان سان جلد ئي پڙهندڙن ۾ پنهنجي الڳ سڃاڻپ قائم ڪري ورتي هئي. سندس شاعري جو اهو دور سنڌ جي تاريخ ۾ ڪنهن ڪاري ڪامڻ جيان خطرناڪ دور هو، جنهن ۾ سنڌ جي قديم تاريخي حيثيت کي مِٽائي، ان کي ون يونٽ جي ڪوڙڪيءَ ۾ قيد ڪيو ويو هو، نه صرف ايترو پر سنڌي ٻولي ۽ ادب تي پابندي وڌي ويئي. امداد حسيني ان دور تي روشني وجهندي لکي ٿو ته” جڏهن سنڌ جي ڳچيءَ ۾ ون يونٽ جو ڳورو ڳٽ پاتو ويو ۽ سنڌي ٻوليءَ کي پنجين درجي تائين محدود ڪيو ويو، تڏهن سنڌي عالمن، اديبن ۽ شاعرن انهيءَ ڪٽر پڻي ۽ ظلم خلاف سخت احتجاج ڪيو ۽ پنهنجي حقن لاءِ اٿي کڙا ٿيا ۽ ائين هڪڙي اهڙي دور جنم ورتو، جنهن سنڌ،  سنڌي ٻولي ۽ سنڌي ادب تي ڏور رس اثر ڇڏيا.“ (1)

ان دور ۾ جيڪو قومي ۽ مزاحمتي ادب تخليق ٿيو، امداد حسيني به ان لشڪر جو هڪ جانباز سپاهي هو، جنهن پنهنجي جيجل ماءُ جي تحفط لاءِ پنهنجي ڏات جا ڏيئا ٻاري، ان دور جي ٻاٽ اونداهيءَ ۾ شاعري ذريعي پنهنجي حصي جي روشنائي ڪئي. سنڌ سان پنهنجي اهڙي محبت ۽ عقيدت جو اظهار ڪندي هو لکي ٿو ته :

سنڌڙي، سر سنگيت سُڳنڌ،
مون کي سائين جو سوڳنڌ
،
سنڌڙي جندڙي ساه پساه
،
سرهو آهي هرڪو سَنڌ.

 

يا هڪ ٻي جاءِ تي لکي ٿو ته:

سنڌ جي ڳالهه ڪريو،
ڳالهه نه ٻي ڪا ٻڌنداسين.

ون يونٽ جي ان ڏاڍ ۽ ڏمر واري دور ۾ جن شاعرن ۽ اديبن مزاحمتي ادب تخليق ڪيو، اهو تاريخ ۾ هميشه لاءِ امر ٿي ويو! پنهنجي ڌرتي، ان جي واهڻن، وسيلن، ڳوٺن، شهرن ۽ پنهنجي مارن لاءِ، سڪ، اڪير ۽ احساس محروميءَ جو اهڙو جذباتي اظهار امداد حسيني پنهنجي شاعريءَ ۾ هن ريت ڪيو آهي ته:

لاک رتڙي، باک بکڻي، سون ورڻي سوڳڻي،
ڪيئن نه مٽيءَ ۾ ملي ويئي، نوجواني سنڌ جي.

امداد پيار، محبت ۽ عشق کي پنهنجي شاعريءَ جو محور بنايو. هن گيت، غزل، وائي، ٽه سٽا، ترائيل مطلب ته شاعري جي هر صنف تي طبع آزمائي ڪئي. سندس شاعري ۾ ٻوليءَ جون نفاستون ۽ نزاڪتون ۽ لفظي معنويت ڪمال جي نظر اچي ٿي،

لڙڪ کي لفظ ڪرڻ ايڏو سولو ناهي
باه جو سمنڊ ترڻ ايڏو سولو ناهي.
(2)

سندس شاعريءَ ۾ جمالياتي عنصر پڻ جابجا نظر اچن ٿا، جيڪي سندس تخليقي شعور سان ملي، ڳوڙهي خيال ۽ فڪر کي پيش ڪن ٿا.  تاج جويو جي لفظن ۾ ته ”جنهن لکڻي جو تخليقي ۽ جمالياتي افق وسيع هوندو آهي، اها لکڻي ئي ايندڙ پيڙهين تائين نشانبر ٿي بيهندي آهي.“ (3)

امداد حسيني جي شاعري ۾ نوان لفظ انهن جي نحوي بناوٽ نئين طرز عمل سان نين صورتن ۾ نظر اچي ٿي. چوندا آهن ته شاعر لاءِ ٽن خصوصيتن جو هجڻ ضروري هوندو آهي. حساسيت. سادگي ۽ جذباتيت، ڪنهن به فني تخليق لاءِ ان جي وسعت، گهرائي ۽ خيال جي اڏام وڏي اهميت رکندي آهي. انهن سڀني جزيات کي جيڪڏهن امداد جي شاعريءَ ۾ پرکيون ته اهي سندس شاعريءَ ۾ جهجهي مقدار ۾ نظر اچن ٿيون، جن کي هو پنهنجي مسحور ڪن انداز سان پنهنجي ڌرتيءَ جي درد سان سلهاڙي پيش ڪري ٿو . هو لکي ٿو ته:

سجهي نه ڪائي سٽ،
ڪوري ڪاڳر تي لکيم
،
مارو منهنجا مٽ.
يا
ناهيو سقراط مگر هٿ ۾
،
وه جو جام آهي ئي آهي.

سندس شاعريءَ ۾ موجود سنڌ جو اهو درد سنڌين جو اجتماعي غم آهي، جن کي ان دور ۾ پنهنجن تهذيب، ثقافت ۽ ٻوليءَ کان هٿ وٺي محروم ڪيو ويو هو، انهن غمگين ماڻهن ۾ هو پنهنجي شاعري ذريعي روح ڦوڪي، انهن ۾ همت، حوصلو، جوش ۽ جذبو جاڳائي ٿو ته جيئن هو پنهنجي حقن لاءِ وڙهي سگهن، هو لکي ٿو ته:

هڪ سرُ آهي سَوَ سرَ ته ناهن،
سوريءَ سيج سجائي رکو
،
پير پٿون ۽ پٿ پٿرائون
،
ويتر وک وڌائي رکجو.
 يا
تند ٻري ٿي ڪجهه ته گهري ٿي
،
تند ٻري ٿي ڪنڌ گهري ٿي
،
سڀ کان سڻڀو سنَڌ گهري ٿي.

اهو به هڪڙو رومانس آهي، وطن سان محبت، ديس جو درد ۽ ڏيهه تي ڏاڍائيءَ خلاف احتجاج. اهو به رومانس آهي سنڌ جي سَنڌ سَنڌ ۾ ڀريل زهر تي تڙپي اٿڻ. دولهن جي پيرن ۾ پيل زنجيرن تي ماتم ڪرڻ، سندن ريٽي رت سان رڱيل ڌرتيءَ تي سجدو ڪرڻ، اهو به رومانس آهي.“ (4)

امداد رڳو نشيلي نيڻن، مخملي بدن ۽ خوشبودار گيسوئن ۾ قيد رهڻ وارو روايتي شاعر ناهي، پر هو پنهنجي مارن، انهن جي ڏکن ۽ دردن جو درمان ڪندڙ شاعر آهي. سندس مشهور نظم ’حيدرآباد‘ سنڌ سان تاريخ ۾ ٿيندڙ هڪ ٻي واردات جي پس منظر ۾ لکيل آهي، جڏهن 1988ع ۾ سنڌ جي وڏن شهرن کي سازش ڪري دهشتگرديءَ جي باه ۾ اڇلايو ويو هو. هن نظم ۾ حيدرآباد جي تاريخ، تهذيب، ثقافت ۽ سندس معاشي ۽ اقتصادي حيثيت کي بيان ڪرڻ سان گڏ هن شهر جي برباديءَ جو عڪس جهڙي طرح امداد حسيني پنهنجي شاعريءَ ۾ پيش ڪيو آهي، ان جو هن کان اڳ ڪنهن به شهر آشوب تي لکيل شاعريءَ ۾ مثال ملڻ مشڪل آهي. هو لکي ٿو ته:

هي منهنجو شهر آه يا دشمن جو شهر آ،
آهن هي ڪير لوڪ نقابن جي پوئتان
،
قرآن تن هٿن ۾ ۽ ڪ
َڇن ۾ ڇرا اٿن،
هي شهر جو بهشت هو ڌرتي جي گول تي
،
هر دل ۾ رڳو دکي رهيو دوزخ رڳو اتي
،
هي منهنجو شهر آه يا دشمن جو شهر آ.

ڊاڪٽر اسحاق سميجو سندس ان نظم بابت لکي ٿو ته: ”سچي ڳالهه آهي ته جديد زماني جي شاعرن ۾ امداد حسيني اهو واحد شاعر آهي، جنهن جي طويل نظم ”شهر“ کي صحيح معنيٰ ۾ هڪ مڪمل ”شهرِ آشوب“ سڏي سگهجي ٿو. جيڪو شهر آشوب جي شاعريءَ ۾ ئي نه، مجموعي طور تي سنڌي شاعري ۾ به هڪ شاهڪار جي حيثيت رکي ٿو. سنڌيءَ جي اها جديد شاعري، جنهن کي ڪلاسڪ سڏي سگهجي ٿو، امداد جو هي نظم ان ۾ اهم حيثيت والاري ٿو.“ (5)

امداد حسيني غزل جو ته شاندار شاعر آهي ئي، پر سندس نظم پڻ ٻولي توڙي فڪر جي لحاظ کان جذبن ۽ احساسن سان ٽمٽار نظر اچن ٿا، فطرت نگاري جا منظر ان جو بنيادي جوهر آهن.

اڄ وري اتر ڪنان ڪا ڪونج ڪُر لائي پئي،
ٻاٽ آهي واٽ ان ۾ لاٽ ڪا جرڪي پئي
،
روح ۾ مينديءَ رتي خوشبو ويئي آ اوتجي
،
لال ۽ کنهبي لهوءَ ۾ لات ڪا لڇندي وڃي.

هو ڪنهن سنگ تراش جيان ٻوليءَ کي تراشي خراشي شاعريءَ جون خوبصورت مورتيون به بنائڻ جو هنر خوب ڄاڻي ٿو، جنهن کي هو محبت جي مٺاس، چاه جي چاشني، موسيقي جي مڌر لئه ۽ ترنم سان هم آهنگ ڪري ڪو گيت، ڪو غزل، ڪو نظم جوڙي ٿو. غلام محمد گرامي سندس شاعريءَ بابت لکي ٿو ته ”امداد حسيني جو فن سنڌي ادب ۽ شاعريءَ جي دنيا ۾ جديد هيئت ۽ اسلوب جي انوکين ۽ دلڪش تجربن جي ڪري هڪ فني علامت بنجي چڪو آهي .“ (6)

امداد حسيني ان دور جو شاعر آهي، جنهن دور ۾ شيخ اياز، تنوير عباسي، نياز همايون، ابراهيم منشي، استاد بخاري ۽ شمشيرالحيدري وغيره جهڙا قومي، مزاحمتي ۽ رومانوي شاعر سنڌي ادب جي افق تي چمڪي رهيا هئا. خاص طور تي اياز جهڙي ديوقامت شخصيت جي مالڪ شاعر آڏو پنهنجو قد ڪاٺ بنائڻ ڪو سولو ڪم ڪونه هيو، پر امداد حسيني پنهنجي منفرد اسلوب فڪر، موضوعاتي نواڻ، جديد علامتن، تشبيهن ۽ ترڪيبن وسيلي پنهنجي هڪ جدا ۽ الڳ سڃاڻپ قائم ڪئي. سحر امداد ان دور جي وارتائن جي پس منظر هيٺ سرجيل ادب بابت لکي ٿي ته ”ان ڏاڍ ۽ ڏمر جي ڪاري دور ۾ روشني جيڪڏهن ڪٿي هئي ته کڙ کٻيتي جيان شاعريءَ جي ٽمڪندڙ سٽن ۾ هئي، تڏهن ان دور جي شاعري روح کي گرمائڻ لڳي هئي. ان دور کي اسين بلاشبه سنڌي ادب جي جاڳرتا جو دور به چئي سگهون ٿا؛ جديد سنڌي شاعري جي مڪمل اوج ۽ عروج جو دور به چئي سگهون ٿا. ان دور ۾ رڳو اياز ناهي پر اياز سان گڏ پوري سنگهر آهي؛ سوني سنگهر .“ (7)

علامه آءِ. آءِ. قاضي، شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي شاعريءَ جو ڪارلائل جي ٻڌايل جن نُڪتن تي جائزو ورتو هو، ان مان هڪ اهم نُڪتو اهو به هو ته شاعري اها جيڪا ڳائي سگهجي، امداد حسيني جي شاعري انهيءَ پرک ۽ ڪسوٽيءَ تي پڻ کري لهي ٿي، سندس ڪيترن ئي گيتن، غزلن ۽ نظمن کي ڳائي راڳين پنهنجي مقبوليت ۾ اضافو ڪيو آهي، مثال:

مون جڏهن ڪو ڏيئو جلايو آ،
زور ڪيڏو هوا لڳايو آ.
اسان روئي روئي کلايو هو جن کي
،
اڪيلا جي ٿيندا ته روئندا ته هوندا.

 

عيد جو چنڊ ته ناهيان جو نهارين مون کي،
مان ويل وقت ته ناهيان جو پڪارين مون کي.

مجموعي طور ڏسجي ته امداد حسينيءَ جي شاعري قومي، مزاحمتي ۽ سماجي فڪر سان سلهاڙيل آهي، جنهن ۾ ٻوليءَ جي سلاست سان گڏ خوبصورت ترڪيبن، تشبيهن ۽ استعارن ۽ علامتن سان ڀرپور تخيل جي رنگيني ۽ اندازِ بيان جي پختگي پڙهندڙن جي شعوري حس کي بيدار ڪرڻ جي ڪوشش ڪندي نظر اچي ٿي، مثال هو مٽيءَ جي ڏيئي کي علامت بنائي ڪيڏي نه خوبصورت  انداز ۾ لکي ٿو ته:

هونئن ته ڏيئو مُٺ مٽِيءَ جي، ٽَڪو جنهن جو مُل،
اونداهيءَ ۾ ائين ٽڙي ٿو، جيئن گلابي گل
،

هونئن ته ڏيئو مٺ مٽيءَ جي، روپ نه جنهن جو رنگ،

سورج اڀرڻ تائين جاڳي، ۽ جاڳاءِ امنگُ.

هو ڏکن کي روڳ نٿو سمجهي، پر ان جي برعڪس هو صوفي شاعرن جي فڪر جيان ڏکن کي سکن جو سنيهو ڀائين ٿو، هو لکي ٿو ته:

گوندر آهن گس مڙئي
ڏس ڏنو هو ڪنهن ڏاهي.

هو جيڪو انوکي نهار ۽ دل لڀائيندڙ مرڪ جو مالڪ پنهنجي ناز انداز ۾ هڪ مڪمل شاعر هو، سو عاشقيءَ کي پنهنجي پيرن جي زنجير نٿو سمجهي، پر پاڻ کي خوشنصيب سمجهي ٿو،جنهن لاءِ سندس چوڻ آهي ته:

رب هر ڪنهن کي زندگي ٿو ڏئي،
خوش نصيبن کي عاشقي ٿو ڏئي.

هو جيڪو پاڻ کي ماڻهن جي هجوم ۾ اڪيلو ۽ اڪيلائيءَ ۾ پاڻ کي انجمن بنائڻ جو خوب هنر رکندو هو، جنهن کي هو هن طرح بيان ڪري ٿو.

اڪيلي اڪيلي ۾ دنيا اسين،
۽ ميلي جهميلي تنها اسين.

اڄ اهو امداد حسيني اسان وٽ جسماني طور تي ڀل موجود ڪونهي، پر فڪري طور تي هو سدائين اسان جي دلين ۾ اسان جو شعور بنجي، پنهنجي لکڻين جي صورت ۾ اسان جي رهنمائي ڪندو رهندو.

حوالا:

1.      حسيني امداد، 1992ع، مشرقي شاعري جا فني قدر ۽ رجحانات، غلام محمد گرامي، سنڌي ادبي بورڊ ڄام شور، حيدآباد.

2.     حسيني امداد، 2002ع ، هوا جي سامهون، روشني پبليڪيشن حيدرآباد.

3.     جويو تاج، اجرڪ جهڙي شاعري، ادل سومرو، پوپٽ پبلشنگ هائوس خيرپور، ص 12.

4.     قمر شهباز، 2012ع، ڪِرڻي جهڙو پل، سنڌي ادبي بورڊ، ص 32.

5.     سميجو اسحاق، مارچ 2021ع، همسري.

6.     گرامي، غلام محمد، مهراڻ 1-2/1969 ع، سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو، ص 516.

7.     امداد سحر، 2002ع، هوا جي سامهون، روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو، سنڌ،  ص 34.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org