ز تواَم من آنچه هستم که تو گر نه
اي
نيَم
من
که تويي
که آفتابي
و منم که ذرّه وارم*
مقالو شامل ڪيو آهي، جنهن جو عنوان آهي ”شاهه
عبداللطيف ڀٽائي جي شاعري ۾ تصوف ۽ وحدت الوجود جو
تصور“.
مولانا رومي فرمايو آهي ته:
خود کوزه، خود کوزه گر، خود گِلِ کوزه
يعني ”پرين پاڻ ٿانءُ آهي، پاڻ ئي ٿانوَ کي
ٺاهيندڙ به آهي، ته ان ٿانون جي مٽي به پاڻ ئي
آهي.“
۽ لطيف سائين فرمائي ٿو:
پاڻهِين جَل جَلالُھُ، پاڻهِين جانِ جَمالُ
پاڻهِين صُورت پِرينءَ
جي، پاڻهِين حُسَنُ ڪَمالُ
پاڻهِين پِيرَ مُرِيدُ
ٿِئي، پاڻهِين پاڻَ خِيالَ
سَڀُ سَڀوئِي حالُ،
مَنجهان ئِي مَعلومُ ٿِيي.
(سُر ڪلياڻ)
اهو پاڻ منجهان سڀ ڪجهه معلوم ٿيڻ جو فلسفو ئي اصل
۾ خود شناسيءَ جو فلسفو آهي، صوفين مطابق اهو ئي
فلسفو ماڻهوءَ کي خدا شناسيءَ تائين پڄائي ٿو ۽
ڀٽائيءَ جي لفظن ۾ خدا شناسي ڇاهي:
پاڻهِين پَسي پاڻَ کي، پاڻهِين ئِي مَحبُوبُ
پاڻهِين خَلَقي خُوبُ،
پاڻهِين طالِبُ تَنھ جو.
(سُر ڪلياڻ)
وحدت الوجود جي نظريي مطابق ذات مطلق هڪ آهي ۽
ڪائنات ۾ باقي ڪنهن به شيءِ کي حقيقي وجود نه آهي
۽ هر ڪا شيءِ انهيءَ وجودِ حقيقي مان وجود ورتو
آهي، ٻين لفظن ۾ ائين سمجهجي ته هيءَ ڪائنات، خدا
جي ذات جو اولڙو آهي. اهو بنيادي طور ابن العربي
جو نظريو هو، جنهن کي بعد ۾ ڪيترن ئي صوفين قبول
ڪيو. فارسي زبان جي وڏي شاعر عطار نيشاپور به ڪجهه
اهڙي ئي ڳالهه ڪئي آهي:
ز تواَم من آنچه هستم که تو گر نه
اي
نيَم
من
که تويي
که آفتابي
و منم که ذرّه وارم*
* مان جو ڪجهه آهيان تنهنجي ئي وجود سان آهيان،
تون نه آهين ته مان به نه آهيان، تون سِجُ آهين ۽
مان ڄڻ ڪو ذرو آهيان.
مرزا غالب جو هيٺيون شعر به جهڙوڪه انهيءَ فلسفي
جي ڳَرُ آهي:
ہے
کائنات کو حرکت تيرے
ذوق سے
پرتو سے
آفتاب کے
ذرے
ميں
جان
ہے
وحدت الوجودي صوفين مطابق انسان خود خدا جو پرتوو
آهي، ان نظريي جو وڏو حامي حسين بن منصور حلاج هو،
جنهن ”اناالحق“ جو نعرو بلند ڪري، دنيا کي حيران
ڪري ڇڏيو. تصوف ۽ وحدت الوجود بابت دنيا ۾ گهڻو
ڪجهه لکيو ۽ ڳالهايو ويو آهي. وحدت الوجود واري
نظريي کان پوءِ تصوف ۾ وحدت الشهود جو نظريو به
پيش ڪيو ويو، جنهن مطابق هيءَ ڪائنات خدا جي ذات ۽
صفات جو مظهر ناهي. شاهه لطيف تصوف ۾ وحدت الوجود
جي فلسفي جو پرچارڪ آهي. هن جي ڪلام ۾ انهيءَ
فلسفي جا ڪيئي اولڙا نظر اچن ٿا. فرمائي ٿو:
لَهرنِ لَکَ لِباسَ، پاڻي پَسَڻُ هيڪڙو،
اُونهي تنهن عَمِيقَ
جي، واري ڇڏ وِماسَ،
جِت ناهي نِهايَتَ
نِينهَن جي، کوءِ اُتِ پنهنجي کاسَ،
تَڙَنِ جي تلاسَ، لاهِ
ته لالَن لڳ ٿئين
(سُر سهڻي)
ڊاڪٽر ريحانه نظير پنهنجي مقالي ”شاهه عبداللطيف
ڀٽائي جي شاعري ۾ تصوف ۽ وحدت الوجود جو تصور“ ۾
سڀ کان پهريان تصوف جي تاريخ ۽ پس منظر تي روشني
وڌي آهي، جنهن بعد تصوف جي حقيقت بيان ڪندي صوفين
جي مسلڪن جي ڄاڻ ڏني آهي، ان کان پوءِ هن ڀٽائي جي
بيتن مان مثال ڏئي شاهه جي ڪلام ۾ موجود تصوف ۽
وحدت الوجود جي گونج ٻڌائي آهي. هن ڀٽائي جي بيت
”وڃين ڇو وڻڪار، هت نه ڳولين هوت کي....“ پيش ڪندي
لکيو آهي ته ”ڀٽائيء جي شاعري گهڻي ڀاڱي ’پرين جي
پنڌ‘ ۽ ’پرين کي پسڻ’ جي وچ ۾ حائل درد، هجر، فراق
جي مشڪل مرحلن، سخت گيرين، ڪشالن، ڳولا جي سفر جي
اها واٽ آهي جنهن ڏانهن هلندي اندر جي اساٽ ۽
بيچيني اڃا وڌي وڃي ٿي.“ ڊاڪٽر ريحانه مقالي ۾ هڪ
جاءِ تي وحدت الوجود جي جامع تصور کي واضح ڪندي
لکي ٿي: ”وحدت الوجود جو اهو جامع تصور، ته خدا هڪ
آهي هو دائم ۽ قائم آهي هر چيز تي قادر ۽ نادرآهي،
هو ڏسندڙ ٻڌندڙ ، طاقتور ۽ سگهارو آهي، خالق ۽
پاليندڙ آهي ۽ دنيا ۾ موجود هر مخلوق سندس وجود جو
ئي حصو آهي ۽ هر شيءِ واپس پنهنجي اصل ڏانهن موٽڻي
آهي ڇو ته صوفين جو اهو خيال آهي ته روح اسان جي
جسم ۾ داخل ٿيڻ کان اڳ عالم ارواح ۾ رهندا آهن،
مرڻ کان پوءِ هو پنهنجي اصل ڏي موٽي، خدا سان وصال
ماڻين ٿا ڀٽائيءَ جي شاعريءَ ۾ ان فڪر جو پڙاڏو سر
سسئي جي هن بيت ۾ نظر اچي ٿو:
مري جي ته ماڻئين جانب جو جمال
ٿئين هوند حلال، جي
پنڌ
اها ئي پارئين.“
ڊاڪٽر ريحانه جو مذڪوره مقالو شاهه لطيف جي
شاعريءَ ۾ صوفي فڪر ۽ وحدت الوجود واري نظريي جي
پچار جي سلسلي ۾ هڪ عمدو مقالو آهي، جنهن کي هن
وڏي محنت سان لکيو آهي، مقالي ۾ هن بهترين عالمن ۽
لطيف شناسن جا حوالا ڏئي پنهنجي ڳالهه کي وزنائتو
بڻايو آهي. پنهنجي موضوع ۽ معيار جي لحاظ کان
ڊاڪٽر صاحبه جو اهو مقالو ساراه جوڳو آهي، جنهن
مان پڙهندڙن کي موضوع متعلق سٺي ڄاڻ ملي ٿي.
”مُلهه مَهانگو قطرو“ جي هڪ خوبي اها به آهي ته ان
۾ لوڪ شاعري ۽ ڪلاسيڪي شاعريءَ سان گڏ جديد
شاعريءَ بابت پڻ مواد موجود آهي. انهيءَ سلسلي ۾
ڪتاب جي ٽئين حصي ۾ جديد سنڌي شاعريءَ جي ٻن اهم
شاعرن شمشيرالحيدري ۽ امداد حسيني سان گڏ اردو
ٻوليءَ جي بيباڪ شاعره ساره شگفته جي شاعريءَ تي
پڻ مضمون شامل ڪيل آهي.
جديد شاعريءَ جو تعين ڪرڻ لاءِ آخر شروعات ڪهڙي
دور کان ڪجي؟ سنڌي ادب پڙهندڙن وٽ به اڪثر اهو
سوال رهيو آهي، ڇوته هڪ راءِ اها به آهي ته هر دور
جي شاعري ان دور جي جديد شاعري ئي هوندي آهي. تنهن
ڪري ادب جا نقاد ڀٽائي کان خليفي گل تائين جدا جدا
شاعرن کي پنهنجي پنهنجي دور جو جديد شاعر مڃين ٿا.
تنوير عباسي پنهنجي مضمون ”جديد سنڌي شاعري“ ۾
درست لکيو آهي ته ”هر دور جي شاعري ان دور لاءِ
جديد هوندي آهي. هر دور ۾ ڪي شاعراڻيون روايتون
ڇنڊجي ڇڻي وينديون آهن، ته وري ڪن نين روايتن جو
بنياد پوندو آهي.“ (”ڪجهه ڏئي ويندا سين“، 2012ع،
ص 385)
جيسيتائين سنڌي شاعريءَ جو سوال آهي ته قديم ۽
جديد جي وچ تي نيٺ ته ڪا نه ڪا لڪير ڏيڻي پوندي.
ان حوالي سان به تنوير عباسي اسان جي رهنمائي ڪندي
لکي ٿو ”جديد سنڌي شاعريءَ جي اوسر ۽ واڌ گهڻو تڻو
پاڪستان جي قيام بعد ٿي آهي، جيتوڻيڪ ان جو ٻجُ
گهڻو اڳ ۾ پوکجي چڪو هو.“ (2012، ص 388)
هن پنهنجي ساڳي مضمون ۾ شاعريءَ جي جديد لهجي،
انفراديت، نين تشبيهن، استعارن، اصطلاحن ۽ محاورن،
پنهنجي ڪلاسيڪي ورثي کي سنڀالڻ، موضوعن جي فراواني
۽ ندرت توڙي هيئت جي تجربن جي بنياد تي جديد سنڌي
شاعريءَ جي دور جو تعين ڪيو آهي. ان سلسلي ۾ اسان
کي ابتدائي طور ڪشنچند بيوس، کيئلداس فاني ۽ هري
دلگير جهڙا شاعر نظر اچن ٿا، جن جي ئي گس تي هلندي
شيخ اياز جهڙو وڏو شاعر پيدا ٿيو ۽ جديد شاعريءَ
جو اهو تسلسل اڄ تائين قائم آهي.
شمشير الحيدري جديد سنڌي شاعريءَ ۾ منفرد مقام رکي
ٿو. هن ڪتاب جي ٽئين حصي ۾ ڊاڪٽر ريحانه نظير،
شمشير الحيدري جي گهڻ رخي شخصيت تي جيڪو مختصر
مقالو لکيو آهي، ان ۾ جيتوڻيڪ شمشير الحيدري جي
مجموعي ادبي پورهيي جو ذڪر موجود آهي پر ان سڄي
مقالي ۾ ڊاڪٽر صاحبه شمشير جي شاعري به ڪوٽ ڪئي
آهي. هُن، شمشير جي گهڻ رخي شخصيت بابت لکيو آهي
ته ”هو هڪ ماڻهو، پنهنجي ذات ۾ هڪ اداري مثل هو.
ڪهڙي پهلوءَ سان ڪهڙي صنف سان سندس قابليت جو ذڪر
شروع ڪجي؟ ڇا هُو صرف سٺو شاعر هو؟ يا هُو صرف
قابلِ تعريف نقاد هو؟ پڪ سان هُو مترجم هوندو! يا
نه ته
پوءِ ڀلا ضرور هُو جفاڪش، بيباڪ صحافي يا ڪالم
نگار هوندو! نه
ته تاريخ دان، ناٽڪ نويس يا افسانه نگار پڪ ئي پڪ
هوندو! آخر هيءُ متوالو يگانو ماڻهو آهي ڪير؟ سڀني
جو هڪ جواب: شمشيرالحيدري، هڪ ادارو هو، سڀني ادبي
صنفن جو خالق، هن تخليقن کي ڪيترين خوبين سان
مالامال ڪيو.“، ”مولا تي ننگ آ“ جي تڪيي ڪلام واري
شمشير جي شاعري موضوعاتي ۽ فڪري طور جديد ۽ پنهنجي
لهجي ۽ لفظيات ۾ روايت ۽ جدت جو ميلاپ آهي.
چمن ۾ ڪنهن جو هي ڏسجي ٿو انتظار اڃا
حياتِ لالھ و گل آهي
اشڪبار اڃا
نگاهون اُلاري ڇڏيئي ڇا ڪيئي
اڙي يارَ ماري ڇڏيئي ڇا ڪيئي
الائي ته وڃڻو هو ڪهڙي طرف
نهاري بهاري ڇڏيئي ڇا ڪيئي
ڊاڪٽر ريحانه پنهنجي مقالي ۾ شمشير جي شاعري لاءِ
لکيو آهي ته ”شمشير
بحيثيت شاعر، ڏسجي ته ان ۾ سندس اسلوب ۽ اندازِ
بيان رومانيت ۽ مزاحمت جي فڪر سان سلهاڙيل نظر
ايندو.“ مجموعي طور هي مقالو شمشيرالحيدري جي
شخصيت ۽ سموري ڪم جو هڪ سٺو ۽
سليقي وارو تعارف آهي.
جديد سنڌي شاعريءَ جي سٿ جو هڪ اهم شاعر امداد
حسيني پنهنجي لب لهجي جو منفرد شاعر آهي. ڊاڪٽر
ريحانه پنهنجي هن ادبي پورهيي ”مُلهه مَهانگو
قطرو“ جي ٽئين حصي ۾ ٻيو مقالو ”امداد حسيني:
سنڌ ڌرتيءَ جو عاشق شاعر“ جي عنوان سان شامل آهي،
جيڪو هڪ جامع تجزياتي مقالو آهي. ڊاڪٽر صاحبه،
امداد حسيني جي شاعريءَ جي اوسر جي مرحلي ۾ ون
يونٽ واري دور ۾ امداد جي شاعريءَ ۽ سندس ڪردار جو
ذڪري ڪندي لکي ٿي ته ”ان دور ۾ جيڪو قومي ۽
مزاحمتي ادب تخليق ٿيو امداد حسيني به ان لشڪر جو
هڪ جانباز سپاهي هو، جنهن پنهنجي جيجل ماءُ جي
تحفط لاءِ پنهنجي ڏات جا ڏيئا ٻاري ان دور جي ٻاٽ
اونداهيءَ ۾ شاعري ذريعي پنهنجي حصي جي روشني
ڪئي.“ هوءَ اڳتي لکي ٿي ته ”سندس شاعري ۾ موجود
سنڌ جو اهو درد سنڌين جو اجتماعي غم آهي جن کي ان
دور ۾ پنهنجن تهذيب، ثقافت ۽ ٻوليءَ کان هٿ وٺي
محروم ڪيو ويو هو، انهن غمگين ماڻهن ۾ هو پنهنجي
شاعري ذريعي روح ڦوڪي، انهن ۾ همت، حوصلو، جوش ۽
جذبو جاڳائي ٿو ته جيئن هو پنهنجي حقن لاءِ وڙهي
سگهن.“
ڊاڪٽر ريحانه پنهنجي هن مقالي ۾ امداد حسيني جي
شاعريءَ مان سنڌي ٻوليءَ سان پيار، وطن دوستي ۽
ظالم قوتن خلاف مزاحمت جا مثال ڏئي سندس ڪلام جو
ڀرپور اڀياس ڪيو آهي ۽ پنهنجي مقالي جو نتيجو هنن
لفظن ۾ ڪڍيو آهي: ”امداد حسيني جي شاعري قومي،
مزاحمتي ۽ سماجي فڪر سان سلهاڙيل آهي،
جنهن ۾ ٻولي جي سلاست سان گڏ خوبصورت ترڪيبن،
تشبيهن ۽ استعارن ۽ علامتن سان ڀرپور تخيل جي
رنگيني ۽ انداز بيان جي پختگي پڙهندڙن جي شعوري حس
کي بيدار ڪرڻ جي ڪوشش ڪندي نظر اچي ٿي.“
جديد اردو شاعريءَ ۾ ساره شگفته حقيقت ۾ درد جو استعارو آهي.
ڊاڪٽر ريحانه ڪتاب جي هن حصي ۾ ”ساره شگفته بيباڪ
شاعره“ جي عنوان سان جيڪو مضمون شامل ڪيو آهي، ان
۾ به اوهان کي اهو درد ۽ اهائي پيڙا ٽمندي نظر
ايندي، جنهن کي هر حساس ماڻهو محسوس ڪري سگهي ٿو.
ڊاڪٽر ريحانه لکيو آهي: ”سارا جو گناه ڪهڙو هو؟ ڇو
ڪڇڻ هن لاءِ ڪافر بڻجي ويو؟ زندگيءَ جي گلن هن
لاءِ صرف خارئي ڇو رکيا، جن قدم قدم تي کيس زخمي
ڪري وڌو ۽ جڏهن هوءَ رتورت ٿي وئي.
ہم توبن آس کے پهول ہیں
اور کہتے ہیں کہ عورت تو بن آس کی کهیتیاں ہوتی
ہیں کبهی کسان نے اپنی کهیتی کو اجاڑا ہے۔
ساره شگفته جي زندگي جي ڪرب ۽ اڻ ڳڻيل امتحانن جي
ڪهاڻي پڙهڻي هجي ته امرتا پريتم جو ڪتاب ”ايک
تهی
ساره“
پڙهجي، جنهن ۾ لفظ لُڙڪ بڻجي ويا آهن ۽ لُڙڪ هڪ
دانهن. اهي دانهون هن سَرَ جي گدلي سينور جهڙي
سماج لاءِ آهن، جيڪو هڪ عورت کي بگهڙ جي نگاه سان
ڏسي ٿو. ڊاڪٽر ريحانه پنهنجي هن مضمون ۾ ساره
شگفته جي شاعريءَ جي روشنيءَ ۾ هن جي دردن جي ڪٿا
لکي آهي، هوءَ لکي ٿي ته ”سارا شگفته شڪست کاڌل
لشڪر ۾ اهو مالِ غنيمت جو سامان سمجهي وئي، جنهن
تي سڀني فاتح سپاهين جو برابر جو حق هوندو آهي. پر
سارا انهن جي هٿان نيلام ٿيڻ بجاءِ قيدي ٿيڻ کي
وڌيڪ فوقي
ت ڏني. قيد بند جي انهن سختين سندس حوصلا پست ضرور
ڪيا پر هن همت نه هاري ۽ آخرڪار هن پنهنجي همت ۽
جوش سان اهي لوهيون سيخون ڪٽي پاڻ کي آزاد ڪيو.“
اب میری چوڑیوں کے نیزے بن گئے ہیں جن سے میں
اپنی داستان لکهوں گی
هر تخليقڪار ۽ محقق جو هڪ
‘Comfort zone’
هوندو آهي، جنهن ۾ رهندي هو تمام
ڀرپور نموني لکي سگهندو
/
سگهندي آهي. منهنجي خيال ۾ ڊاڪٽر ريحانه نظير جو
‘Comfort zone’
افسانوي ادب آهي، اهو ئي سبب آهي جو هن وقت تائين
سندس طبعزاد ڪهاڻين جا ٻه ڪتاب شايع ٿيڻ سان گڏ و
گڏ هن جو پي ايڇ. ڊي جو مقالو به سنڌي ٻوليءَ جي
هڪ وڏي افسانه نگار نجم عباسي تي لکيل آهي. پاڻ
ڊگهي عرصي کان افسانوي ادب جو مطالعو ڪرڻ سان گڏ
سنڌي ۽ اردو ۾ لکيل افسانوي ادب جا اڀياس به لکندي
رهي آهي، جنهن جو ثبوت هن ئي ڪتاب جي چوٿين حصي
”ڪهاڻي“ ۾ موجود مضمون ۽ مقالا آهن. هن انهن
تحريرن ۾ مختلف ڪهاڻيڪارن جي ڪهاڻين تي تبصرو،
تجزيو ۽ تنقيد ڪندي هڪ محقق ۽ نقاد واري ذميداري
خوب نڀائي آهي. ڪتاب جي ان حصي ۾ غلام رباني آگري،
نجم عباسي، شوڪت شوري، عصمت چغتائي، سعادت حسين
منٽو ۽ اختر ملاح جي ڪهاڻين بابت جدا جدا مضمون ۽
مقالا موجود آهن. جڏهن ته ٽي مقالا ”سنڌي ڪهاڻي جو
سوسالا سفر ۽ جديد دور جا افسانا“، ”سنڌي ڪهاڻيءَ ۾ عورت
ليکڪائن جي ڪردارن ذريعي سنڌي معاشري جي عڪاسي“ ۽
”ٻارن لاءِ لکيل ڪجهه ڪهاڻين جو مختصر جائزو“ گڏيل
اڀياس طور شامل ڪيل آهن.
سنڌي ڪهاڻي پنهنجون ارتقائي منزلون طئي ڪندي
جديد دور جي گهرجن مطابق پنهنجي فن ۽ هيئت کان وٺي
پنهنجن موضوعن جي لحاظ کان ڪالهه جي ڪهاڻي کان مختلف ۽ جديد
نظر اچي ٿي، نئين حسيت ۽ جديديت پڄاڻان جي هن دور
۾ رسول ميمڻ کان مجيب اوٺي تائين جديد سنڌي ڪهاڻي
نون تجرباتي مرحلن مان گذري رهي آهي، ان جي باوجود
سنڌي ڪهاڻي جي ڪلاسڪيل دور جي اڄ به اوتري ئي
اهميت آهي، جيتري ڪالهه هئي. اسان نينو ۽ فليش فڪشن
توڙي زيرو بائيٽ اسٽوري جي دور ۾ جيئندڙ ڪهاڻيڪارن
کي اڄ به پنهنجو ماضي پسند آهي، اڄ به اسان کي
جمال ابڙي، اياز قادري، نسيم کرل، امر جليل، لعل
پشپ، ثميره زرين، نورالهدى شاه، شوڪت شوري، مدد
علي سنڌي، خير النساِ جعفري ۽ ماڻڪ جون ڪهاڻيون
سٺيون لڳن ٿيون. اهوئي سبب آهي جو اسان جي ٽهيءَ
جا ليکڪ اڃا به گهڻو ڪري انهن ۽ اهڙن ڪهاڻيڪارن تي
ئي ڳالهائيندا رهن ٿا. خود هن ڪتاب ۾ به مصنفه
اڪثر انهيءَ دور جي ڪهاڻيڪارن تي لکيو آهي. شايد
هي ان دور جو رومانس آهي، جنهن کان ٻاهر نڪرڻ اسان
لاءِ ممڪن نه آهي. هن ڪتاب ۾ اختر ملاح کان سواءِ
انهن سينئر ڪهاڻيڪارن جي ڪهاڻين جو ئي اڀياس پيش
ڪيل آهي، جيڪي اسان جي روح ۾ رچيل آهن. موجوده دور
۾ لکجندڙ ڪهاڻي سنڌ جي نقادن کان اڀياس جي تقاضا
ڪري ٿي، ۽ نئين ڪهاڻيءَ تي
”مُلهه مَهانگو قطرو“
۾ به ڀرپور تنقيد لکي سگهجي پئي، تنهن جي باوجود
هن حصي ۾ شامل پهرين مقالي ۾ ڊاڪٽر ريحانه سنڌي
ڪهاڻيءَ جي سو سالن جي ڪهاڻي ٻڌائيندي اڄوڪي دور ۾
لکجندڙ ڪهاڻي جو به ذڪر ڪيو آهي.
سنڌي ڪهاڻيءَ جي ڪهاڻي پڙهڻ سان اسان کي ان ۾ ڪيئي
موڙ نظر ايندا، ڪٿي اها فڪري ۽ موضوعاتي طور
سياسي، سماجي ۽ اقتصادي اٿل پٿل سبب تبديل ٿي آهي
ته ڪٿي وري فن ۽ هيئت جي لحاظ کان اها مختلف ۽
منفرد نظر اچي ٿي. ڊاڪٽر ريحانه نظير پنهنجي مقالي
”سنڌي ڪهاڻي جو سؤ ساله سفر ۽ جديد دور جا افسانا“
۾ سنڌي ڪهاڻي جي سو سالن جي انهيءَ ڪهاڻي کي پيش
ڪيو آهي. سنڌي ڪهاڻي جي ابتدا اڪثر لعل چند امر
ڏني مل جي ڪهاڻي ”حر مکي جا“ کان ڪئي وڃي ٿي، جيڪا
هن 1914ع ۾ لکي ۽ 1930ع ۾ امر لعل هڱوراڻي جي لکيل
ڪهاڻي ”ادو عبدالرحمان“ کي جديد ڪهاڻيءَ جي پيڙه
تصور ڪيو وڃي ٿو. ڊاڪٽر ريحانه سنڌي ڪهاڻيءَ جي
انهن ابتدائي آثارن کان وٺي سموري ارتقائي سفر ۾
سنڌي ڪهاڻي جي لاهن چاڙهن تي لکيو آهي، جتي هن
ورهاڱي جي درد مان جنم وٺندڙ ڪهاڻين جو ذڪر ڪيو
آهي، اتي ڪهاڻين جي ذريعي ون يونٽ واري دور ۾ اسان
جي ڪهاڻيڪارن جي مزاحمتي ڪردار جا مثال به ڏنا
آهن. ڪهاڻيءَ جي سو سالن جي ڪٿا کي چند صفحن ۾
سمائڻ ظاهر آهي ڪو سولو ڪم ناهي، تنهن جي باوجود
مُٺ مان خرار پرکڻ جي مصداق ڊاڪٽر ريحانه نظير
پنهنجي مقالي ۾ مختلف طرز جي ڪهاڻيڪارن جو ذڪر
ڪندي سندن ڪن چونڊ ڪهاڻين جو موضوعاتي جهان به
ڏيکاريو آهي. جن ۾ مدد علي سنڌي جي ڪهاڻي ”احساس ۽
جذبن جو موت“، رسول ميمڻ جي ڪهاڻي ”ڪرفيو ۾
اڏامندڙ ڪاغذ“ ۽ ”منهنجا شهيد ٿيل چهرا“، ضراب
حيدر جي ڪهاڻي ”ڇوڪري شينهن ٿي نه سگهي“، صديق
مڱيي جي ڪهاڻي ”جل پري باندري“، عباس سارنگ جي
ڪهاڻي ”ڪپيل نڪ“ ۽ ”ڌماڪو“، عباس ڪوريجي جي ”مان
دودو آهيان“، منور سراج جي ڪهاڻي ”خوابن جا رستا“،
جهان آرا سومرو جي ڪهاڻي ”ٻٻرن جهليو ٻور“ ۽ ممتاز
لوهار جي ڪهاڻي ”تون به نه سمجهين“ شامل آهن.
ڪتاب جي چوٿين حصي ۾ هونءَ ته سڀئي مضمون ۽ مقالا
ڌيان ڇڪائيندڙ آهن پر خاص طور ”سنڌي ڪهاڻيءَ ۾ ليکڪائن جي
ڪردارن ذريعي سنڌي معاشري جي عڪاسي“ هڪ تفصيلي
مقالو آهي، جنهن ۾ ڊاڪٽر ريحانه نظير سنڌي
ڪهاڻيڪارائن ۽ سندن خاص خاص ڪهاڻين جو ذڪر آندو
آهي. انهن ڪهاڻيڪارائن ۾ زينت عبدالله، بيگم خديجه
دائود پوٽو، رشيده حجاب، ثميره زرين، مهتاب محبوب،
خير النساءِ جعفري ۽ نورالهدى شاهه جهڙيون بنيادي ۽ اهم ڪهاڻيڪارائون شامل آهن. ڊاڪٽر ريحانه هر هڪ
ڪهاڻيڪارا جي ڪهاڻين تي ڳالهائڻ سان گڏ سندن
تخليقي جوهر تي به سٺن لفظن ۾ روشني وڌي آهي،
مثلاً هوءَ خير النساءِ جعفري جي ڪهاڻين تي راءِ ڏيندي لکي ٿي ته ”هن جون ڪهاڻيون جديد ٽيڪنڪ، فن،
موضوع جي لحاظ کان ٻين ليکڪائن کان الڳ نظر اچن
ٿيون. پلاٽ جي لحاظ کان اهي زندگيءَ جي تلخ حقيقتن جي نمايان
تصوير پيش ڪن ٿيون، سندس اسلوبِ بيان سادو ۽ سليس
ٻوليءَ جي سبب پڙهندڙ کي ڏکي کان ڏکي ڳالهه به
سولائيءَ سان سمجهائي سگهي ٿو.“ اهڙي طرح نورالهدى
شاهه جي ڪهاڻين بابت هن جو خيال آهي ته ”سندس
ڪهاڻين ۾ ريتن روايتن جي ڪوٽن ۾ قيد عورتن جي
روحاني توڙي جنسي مونجهارن اخلاق ۽ مذهب جي نالي
تي لڳايل پابندين خلاف جنگ هلندي نظر ايندي، ڇو ته
هن پنهنجي ڪردارن کي رضا تي راضي رهڻ بجاءِ بغاوت
تي اڪسايو آهي، پوءِ اها بغاوت سماجي يا مذهبي ئي
ڇو نه هجي.“ ڊاڪٽر ريحانه پنهنجو هي مقالو نهايت
محنت ۽ توجهه سان لکيو آهي، ان مان نه
رڳو اسان کي سنڌي افسانوي ادب ۾ نمايان عورت
افسانه نگارن جي ڪردار جو پتو پوي ٿو پر سندن
افسانن ۾ موجود سنڌي سماج جي صورتگري جي به خبر
پوي ٿي. انهن بيباڪ ۽ جرئتمند عورتن پنهنجين ڪهاڻين ۾
سماج جي اهڙن زخمن کي کوليو آهي، جن کي ڪڏهن ڪو
مرد ڪهاڻيڪار کولي نه سگهيو آهي. ڊاڪٽر صاحبه ان
مقالي جو هنن لفظن ۾ نتيجو ڪڍيو آهي: ”عورت افسانه
نگارن جي هن مختصر جائزي مان اها راءِ سامهون اچي
ٿي ته عورت ليکڪائن پنهنجي تخليقن ۾ صرف سماجي
مسئلن جي پچار ڪا نه ڪئي پر هنن وقت ۽ حالات جي
تبديليءَ موافق پڻ پنهنجا موضوع ۽ ڪردار تخليق ڪيا
جيڪي سنڌي ادب ۽ سنڌي ٻوليءَ جي ڦهلاءَ ۾ ڪارآمد
چئي سگهجن ٿا.“
”غلام رباني جي ڪهاڻين جو تنقيدي اڀياس“ جي عنوان
سان هن ڪتاب ۾ شامل مقالو ”ڪهاڻي“ واري ڀاڱي جي هڪ
ڪڙي آهي. اهو ڳوڙهو تنقيدي اڀياس يقيناً ڊاڪٽر
ريحانه نظير جي تنقيدي شعور کي ظاهر ڪري ٿو. هوءَ
غلام رباني صاحب جي ڪهاڻين بابت لکي ٿي ته
”سندس اڪثر ڪهاڻين جا ٽائيٽل ڀٽائيءَ
جي بيتن مان کنيل نظر اچن ٿا جيئن ”بري هن ڀنڀور
۾”،“پن ٻوڙين پاتال ۾“، “هوندا سي حيات“، ”لهرن لک
لباس“ وغيره. سندس ڪهاڻيون سنڌي معاشري جي خارجي
توڙي داخلي وارتائن جي مڪمل طرح سان عڪاسي ڪندي
نظر اچن ٿيون.....سندس ڪهاڻين جو مطالعو گهرائيءَ
سان ڪبو ته اهي مختصر ڪهاڻي جي سمورين گهرجن،
مثلاً: پلاٽ، ڪردار نگاري، منظر نگاري ۽ ٻوليءَ تي
پوري طرح ٺهڪندي نظر اچن ٿيون. سندس موضوع سنڌ جي
شهري توڙي ڳوٺاڻي سماج جي ڀرپور نمائندگي ڪندي نظر
اچن ٿا. البته سندس شروعاتي ڪهاڻيون
گهڻي ڀاڱي جاگيرداراڻي سماج جي نشاندهي ڪندي نظر
اچن ٿيون.“
ڊاڪٽر ريحانه هن مقالي ۾ رباني صاحب جي ڪهاڻين
”بري هن ڀنڀور ۾“،
”اتر ڊاهي ان جا“، ”پنَ ٻوڙين پاتال ۾“، ”آبِ
حيات“، ”بدلو“ ۽ ”نيٺ بهار ايندو“ تي تبصرو ۽
تجزيو پيش ڪندي سٺا حوالا به ڏنا آهن، جن سان هي
مقالو اڃا به ڀرپور ٿي پيو آهي. هوءَ رباني جي
ڪهاڻين جي خوبين بابت لکي ٿي ته ”سندس ڪهاڻين جي
خاص خوبي حقيقت پسنديءَ سان گڏ زندگيءَ
جي تلخ تجربن مان حاصل ڪيل مشاهدن جي بنياد تي
جوڙيل ننڍا ننڍا معني خيز جملا پڻ آهن، ان کان
علاوہ سندس ڪهاڻين ۾ شامل تشبيهون به ڪمال جون
آهن.“ ڊاڪٽر ريحانه، رباني صاحب جي مختلف ڪهاڻين
مان اهڙا تشبيهي جملا به ڪڍي پيش ڪيا آهن. هوءَ
مقالي ۾ وڌيڪ لکي ٿي ته ”فڪري حوالي سان جائزو
وٺجي ته رباني جون اڪثرڪهاڻيون سنڌ جي ڳوٺن ۾
رهندڙ غريب ۽ اٻوجهه
ماڻهن جي نفسيات سندن رهڻي ڪهڻي، سوچ ويچار ۽
ٻوليءَ جو اندازبيان پيش ڪرڻ سان گڏوگڏ سندن مٿان
ازل کان مسلط طاقتور ڌرين جي ظلمن جي پڻ نشاندهي
ڪندي نظر اچن ٿيون.“ ڊاڪٽر ريحانه جو هي مقالو اصل
۾ پڙهڻ سان تعلق رکي ٿو، ادب جا شاگرد هن مقالي
مان غلام رباني آگري جي ڪهاڻين جي تجزيي جي حوالي
سان گهڻو ڪجهه حاصل ڪري سگهن ٿا.
”نجم عباسيءَ جي ڪهاڻين ۾ عورت جو ڪردار“ عنوان
سان هڪ مختصر مقالو پڻ هن ڪتاب
”مُلهه مَهانگو قطرو“
جي زينت بڻيل آهي، جنهن ۾ ڊاڪٽر ريحانه نظير،
ڊاڪٽر نجم عباسي جي مختلف ڪهاڻين جا حوالا ڏئي
مقالي جي عنوان سان نڀاءُ ڪيو آهي. هوءَ پنهنجي
مقالي ۾ لکي ٿي ته ”نجم عباسي پنهنجي ڪهاڻين ۾
عورت کي هميشه سجاڳ بهادر مردن سان ڪلهو ڪلهي ۾
ملائيندڙ محبت توڙي شخصيت ۾ هميشه انقلابي قدم
اٿاريندڙ ڪري پيش ڪيو آهي، هو هر جڳهه
تي عورت کي مردن جي برابريءَ
وارا حق ڏيڻ جي پرچار ڪندي نظر اچي ٿو.“ ڊاڪٽر
ريحانه مقالي ۾ نجم عباسي جي ڪهاڻين ”مڙهيل ناتو“،
”مڙسي“، ”توکي مرڪندو ڏسان“، ”ڇوريءَ جا انگل“،
”ترت ترقيءَ جا تاڙ“، ”اوچا ڳاٽ پهاڙن جا“ جي
موضوعاتي اوک ڊوک ڪندي انهن مان عورت ڪردارن جي
مختلف پهلوئن کي ڪڍي نروار ڪيو آهي. ائين انهن
ڪهاڻين تي تبصري بعد ڊاڪٽر صاحبه هنن لفظن ۾ نتيجو
پيش ڪيو آهي: ”هنن سڀني ڪهاڻين جي مختصر حوالي مان
هيءَ ڳالهه واضح ٿئي ٿي ته نجم عباسي ڪٿي به عورت
کي سماج، مذهب يا تهذيب جو غلام نٿو بنائي، پر هر
هنڌ عورت کي مضبوط انقلابي ڪردار ۾ پيش ڪري ٿو.“
هن ادبي ۽ تحقيقي سهيڙ ۾ موجود هڪ مفصل مقالو سنڌي
ٻوليءَ جي هڪ اهم ڪهاڻيڪار ۽ ڊرامانگار شوڪت حسين
شوري جي ڪهاڻين جي اڀياس بابت آهي، جنهن جو عنوان
آهي ”وجودي
فڪر جو نمائنده ڪهاڻيڪار شوڪت حسين شورو“. هن
مقالي ۾ ڊاڪٽر ريحانه سنڌي ادب ۾ آيل مختلف لاڙن،
فڪري ڌارائن، نظرين ۽ تحريڪن خاص طور قوميت واري
لاڙي يا ون يونٽ ٽوڙڻ جي سلسلي ۾ سنڌي ادب ۾ اڀريل
مزاحمتي تحريڪ کان علاوه ترقي پسند تحريڪ ۽ جديديت
واري لاڙي تي روشني وجهندي وجودي فڪر سان سلهاڙيل
سنڌي ڪهاڻيڪارن جو ذڪر ڪيو آهي.
وجوديت
(Existentialism)
بنيادي طور فلسفي جو اصطلاح آهي، جيڪو بعد ۾ هڪ
ادبي لاڙي طور به اڀريو. ”وجوديت“ عربي زبان جي
لفظ ”وجود“ مان ورتل آهي، لاطيني زبان ۾ ان لاءِ
‘Existention’
۽ جرمن ۾
‘Existenz’
جا لفظ ڪتب ايندا آهن. سنسڪرت ۾ ان لاءِ لفظ
”ايشتو“ جڏهن ته اردو ۽ سنڌي ۾ ”وجوديت“ استعمال
ٿيندو آهي، معنى سڀني جي لڳ ڀڳ ساڳي ئي آهي.
ڪولينز انسائيڪلو پيڊيا ۾ وجوديت کي هنن لفظن ۾
واضح ڪيو ويو آهي:
“Existentialism,
a philosophical movement which holds that
there is no fixed human nature, that man is free
to act as he will and that this the source
office anguish”)James
Mallory: Collins،
Concise Encyclopedia;UK;1977;P.198(
وجوديت جي فلسفي ٻي عالمي جنگ جي ڪُک مان جنم
ورتو. سورين ڪيرڪ گارڊ
(Soren Kierkgard)،
ڪارل جيسپرس
(Karl Jespers)
۽ مارٽن بوبر
(Martin
Bubar)کان
زان پال سارتر
(Jean-Paul Sartre)
۽ ٻين وجودي فلسفين تائين نظرياتي طور وجودي مفڪر
انفرادي نڪتهء نظر جا حامل آهن، ’اهي اجتماعيت تي
انفراديت ۽ عموميت ۽آفاقيت تي خصوصيت کي ترجيح
ڏيندا آهن، تنهن جي باوجود اهي انساني وجود کي
موضوعي، شخصي ۽ داخلي سطح تي سمجهڻ چاهيندا آهن ۽
عقل تي ڀروسو نه ڪندا آهن، هنن جو چوڻ آهي ته وجود
کي تجريدي، معروضي يا عقلي سطح تي سمجهڻ ڏکيو آهي
۽ ان کي داخلي بصيرت ۽ بصارت جي وسيلي ئي سمجهي
سگهجي ٿو.‘ ٻين لفظن ۾ ائين چئجي ته وجوديت جو
تعلق انسان جي انفرادي ۽ داخلي وجودي وارداتن ۽
نفسياتي معاملن سان آهن، جن ۾ ويڳاڻپ، مايوسي، موت
وغيره جهڙا معاملا ۽ ڪيفيتون شامل آهن. سنڌي ادب ۾
خاص طور ڪهاڻي جي ميدان ۾ جن ڪهاڻيڪارن وجودي فڪر
جي اثر هيٺ ڪهاڻيون لکيون انهن ۾ ماڻڪ، مدد علي
سنڌي، شوڪت شورو، مشتاق شورو، ڪيهر شوڪت ۽ ٻيا
شامل آهن.
ڊاڪٽر ريحانه نظير پنهنجي هن مقالي ۾ شوڪت حسين
شوري جي ڪهاڻين ۾ وجودي وارداتن جي حوالي سان لکيو
آهي ”سنڌي ڪهاڻي ۾ شوڪت حسين شورو اهو ڪهاڻيڪار
هو، جنهن وجوديت جي فڪر مطابق ان دور جي استحصالي
نظام جي پس منظر ۾ هڪ انسان جي دل شڪسته جذبن،
اڪيلائي، مايوسي، پيڙا ۽ نفسياتي مونجهارن کي
موضوع بنائي ڪهاڻيون لکيون.“ هن شوڪت صاحب جا لفظ
ڪوٽ ڪندي لکيو آهي ته ”ان وقت جي ليکڪن جديد ڪهاڻي
۾ جيڪي ڌاريائپ، اڪيلائپ، ذهني جستجو ۽ جاکوڙ،
بيدلي ۽ بيوسيءَ جو اظهار ڪيو، ان جا ڪارڻ اهي
ڪونه هئا، جيڪي يورپ وغيره جا سمجهيا ٿي ويا. ان
دور ۾ لکيل تجريدي (ايبسٽريڪٽ) ۽ علامتي (سمبل)
ڪهاڻين ۾ نراسائي هجڻ جو احساس ۽ مايوسي جي فضا جا
ڪارڻ معروضي حالتون هيون، باقي نئين ڪهاڻي جي
ٽيڪنيڪ، جيئن شعور جو وهڪرو (اسٽريم آف ڪانشسنيس)
يا علامت نگاري ۽ وجوديت، اَبسَرِڊٽي وغيره جهڙا
انداز ۽ فڪر ٻاهران ورتل آهن.“ ڊاڪٽر ريحانه
پنهنجي هن مقالي ۾ شوڪت صاحب جي ڪجهه ڪهاڻين
جهڙوڪه ”سمنڊ ۽ هيڪلو روح“، ”گم ٿيل پاڇو“، ”اکين
۾ ٽنگيل سپنا“، ”هڪ ڊنل ماڻهو“، ”اشارو“، ”خوف جو
موت“ تي تبصرو ڪندي انهن مان وجودي فڪر کي ظاهر
ڪيو آهي. هوءَ لکي ٿي ته ”وجودي ليکڪن پنهنجي
ڪهاڻين جا عنوان به فرد جي احساسي محرومين، بي
اعتمادي، خوف، موت جي ڪرب ۽ اجنبيت جي ڌٻڻ ۾ ڦاٿل
تصور جي پس منظر هيٺ منتخب ڪيا، جيئن شوڪت صاحب جي
ڪهاڻين جا هي عنوان ”ڀڳل ٽٽل ٽهڪ“، ”ڊنل ماڻهو“،
”اوپرو ماڻهو“، ”اکين ۾ ٽنگيل سپنا“، ”ڳلي ۾
سڏڪو“، ”خوف جو موت“، ”گم ٿيل پاڇو“، ”گونگي ڌرتي
ٻوڙو آسمان“، ”پيڙا جا پڙلاءَ“، ”مئل ويساه“،
”آخري ڏينهن“ ۽ ”چتيءَ جيترو آسمان“ وغيره. ڊاڪٽر
ريحانه جو هي مقالو هڪ ڀرپور علمي ۽ تحقيقي مقالو
آهي، جيڪو هن گهڻي مطالعي ۽ تحقيق بعد لکيو آهي،
ان مقالي وسيلي پڙهندڙ کي سنڌي افسانوي ادب ۾
وجودي فڪر جي موضوع کي سمجهڻ ۽ شوڪت شوري صاحب جي
ڪهاڻين جي موضوعاتي مطالعي ۾ مدد ملندي.
”مُلهه مَهانگو قطرو“ جي ”ڪهاڻي“ واري حصي ۾ ٻه
مقالا اردو ادب جي ٻن افسانه نگارن عصمت چغتائي ۽
سعادت حسين منٽو تي به لکيل آهن. ٻئي مقالا نهايت
اهم آهن. پهريون مقالو جنهن جو عنوان ”عصمت چغتائي
جي ڪهاڻين جو اڀياس“ آهي، ان ۾ ڊاڪٽر ريحانه خاص
طور تي عصمت جي ڪهاڻين جي روشنيءَ ۾ عورت جي
نفسياتي پهلوئن ۽ پيڙائن کي اجاگر ڪيو آهي. عصمت
چغتائي اردو افسانوي ادب جي هڪ بولڊ ليکڪا هئي، هن
سماج جي اهڙن پهلوئن تي قلم کنيو، جن تي لکڻ کي نه
رڳو معيوب سمجهيو ويندو هو پر انهن موضوعن تي ڪنهن
کي لکڻ جي جرئت به نه هوندي هئي، اهڙن موضوعن ۾
جنس جو موضوع به شامل هو. ڊاڪٽر ريحانه، عصمت جي
ڪهاڻين تي راءِ ڏيندي لکيو آهي ته ”عصمت نه صرف
عورتن جي سماجي ۽ نفسياتي پهلو کي افساني جو موضوع
بنايو، پر ان سان گڏ هي پهرين عورت افسانه نگار
هئي، جنهن جنس کي ”لحاف“ نالي سان پنهنجي افساني
جو موضوع بنايو. هي افسانو، سندس بدنامي سان گڏ
شهرت جو سبب پڻ بڻيو.“ ڊاڪٽر صاحبه پنهنجي هن
مقالي کي وقار عظيم ۽ ڊاڪٽر وزير آغا جهڙن اردو جي
وڏن نقادن جي حوالن سان سينگاري چار چنڊ لڳايا
آهن. ٻيو مقالو ”منٽو جي افسانن جا سنڌي افسانن تي
اثر“ جي عنوان سان شامل آهي، اهو مقالو ڊاڪٽر
ريحانه نظير جي علمي بصيرت توڙي تحقيقي ۽ تنقيدي
نڪته نگاه کي ظاهر ڪري ٿو.
سعادت حسين منٽو اردو جي مشهور افسانه نگار هجڻ
سان گڏ گهڻو اختلافي ۽ بدنام به رهيو آهي. هن تي
ڪڏهن فحش نگاري جا الزام لڳا ته ڪڏهن ملحد هجڻ جا.
ان حد تائين جو هن جي ڪهاڻين سبب هن کي ڪورٽ جي
ڪٽهڙي ۾ به بيهڻو پيو ته جيل جون سلاخون به ڏسڻيون
پيون. هن پنهنجي افسانه نگاري بابت چيو هو ته
”میں
افسانہ اس لئے لکهتا ہوں کہ مجهے افسانہ نگاری کی
شراب کی طرح لت پڑ گئی ہے۔ میں افسانہ نہ لکهوں تو
مجهے ایسا محسوس ہوتا ہے کہ میں نے کپڑے نہیں
پہنے، یا میں نے غسل نہیں کیا، یا میں نے
شراب نہیں
پی۔“
پنهنجي فن سان ايڏي ڪميٽيڊ ڪهاڻيڪار تي جڏهن اگهاڙپ جا الزام
لڳا ته هن چيو:
”میں
تہذیب و تمدن اور سوسائٹی کی چولی کیا اتاروں گا
جو ہے ہی ننگی۔۔۔ اگر میں کسی عورت کے سینے کا ذکر
کرنا چاہوں گا تو اسے عورت کا سینہ ہی کہوں گا۔
عورت کی چهاتیوں کو آپ مونگ پهلی، میز یا استرا
نہیں کہہ سکتے۔۔۔ یوں تو بعض حضرات کے نزدیک عورت
کا وجود ہی فحش ہے، مگر اس کا کیا علاج ہو سکتا ہے۔“
ڊاڪٽر ريحانه پنهنجي مقالي ۾ منٽو جي ڪهاڻين جي فن
جي مختلف پهلوئن تي روشني وجهندي، سندس ڪهاڻين جو
سنڌي ڪهاڻيڪارن جي ڪهاڻين سان تقابلي مطالعو پيش
ڪيو آهي. هوءَ لکي ٿي ”جهڙيءَ ريت نقادن جو خيال
آهي ته منٽو جي فن ۽ فڪر تي گورڪي، چيخوف ۽ فرائيڊ
جي لکڻين جا اثرنمايان هئا، اهڙيءَ ريت سنڌي
افسانه نگارن جي ڪيترن ئي افسانن تي منٽو جي
افسانن جا اثر به نمايان نظر اچن ٿا.“ ڊاڪٽر صاحبه
منٽو جي ڪهاڻي ممد ڀائي کي اياز قادري جي ڪهاڻي
”بلو دادا“ سان ڀيٽيو آهي. اهڙي طرح هن محمد عثمان
ڏيپلائي جي ڪهاڻين”
مرشد جي ڏاڙهي“، ”وهابيءَ جي سزا“، ”مرشد جي زال“ نجم عباسيءَ جي
ڪهاڻين”ڪرامت“،”پير لوڻ“، ”ڇوڏو“، ”دعا ۽ تاڙيون“
۽ امر جليل جي ڪهاڻين”
اروڙ جو مست“،”پلصراط“، ”ڇتي ڪتي جو موت“ کي به
موضوعاتي طور منٽو جي ڪهاڻين جو تسلسل سڏيو آهي.
ڪتاب ”مُلهه
مَهانگو قطرو“ جي چوٿين ڀاڱي ۾ موجود هڪ مضمون
اختر ملاح جي ڪهاڻين جي مجموعي ”نئون جهان جوڙجي“
جي تنقيدي اڀياس تي مشتمل آهي. مقالي جو عنوان آهي
”اختر ملاح جي ڪهاڻين جو تنقيدي جائزو“. هن تنقيدي
مضمون ۾ ڊاڪٽر ريحانه، اختر ملاح جي جدا جدا
ڪهاڻين جي موضوعن کي کولڻ سان گڏ سندس ڪهاڻين تي
تنقيدي تبصرو به ڪيو آهي. هن لکيو آهي ته ”اختر
ملاح جي هن مجموعي تي نظر وجهڻ سان هيءُ تاثر
سامهون ٿو اچي ته بنيادي طور تي سندس ڪهاڻيون سنڌي
سماج جي براين جو عڪس آهن. جن ۾ طبقاتي سماج جون
اوڻايون واضح نظر اچن ٿيون ۽ ليکڪ نه صرف انهن کي
سچائيءَ سان بيان ڪري ٿو پر انهن
خلاف مزاحمت جو احساس پڻ جاڳائي ٿو. ڪهاڻين ۾ نج
سنڌي ٻولي ۽ کليل موضوع ڪٿي به پڙهندڙن کي منجهائڻ
جي ڪوشش نٿا ڪن. البته ساڳيو ساڳيو ورجاءُ ڪهاڻين
۾ يڪسانيت جو سبب بنجي ٿو.“
ڪتاب جي ”ڪهاڻي“ واري ڀاڱي جو آخري مقالو آهي
”ٻارن لاءِ لکيل ڪجهه ڪهاڻين جو مختصر جائزو“. ان
مقالي ۾ سنڌي ادب ۾ ٻارن لاءِ لکيل ڪهاڻين جو پس
منظر بيان ڪرڻ بعد انهن جو مختصر جائزو ورتو ويو
آهي، ڊاڪٽر ريحانه هن تحرير ۾ ٻارن لاءِ لکيل
مختلف ڪهاڻين جو ذڪر ڪندي انهن جي دلچسپ ۽ سبق
آموز موضوعن بابت معلومات ڏني آهي ۽ مرزا قليچ بيگ
کان وٺي، ادل سومري، يوسف سنڌي، عزيز ڪنگراڻي،
غلام مصطفى سولنگي ۽ شوڪت چاچڙ تائين ٻارن لاءِ
ڪهاڻيون لکندڙ مختلف ليکڪن جي ڪهاڻين تي تبصرو ڪيو
آهي. ڊاڪٽر ريحانه هي مقالو هڪ ڪارگر نوٽ تي ختم
ڪيو آهي. هن لکيو آهي ته ”ٻارن
جون ڪهاڻيون لکڻ مهل ڪجهه ڳالهين جو خاص خيال رکڻ
ضروري آهي، مثال انهن ڪهاڻين جا عنوان يا ٽائيٽل
ڳرن ۽ مشڪل لفظن ۾ ڏنل نه هجن. ڪهاڻين جا موضوع
اخلاقي ۽ نصيحت ڀريل مواد سان ڀرپور، وطن دوستي ۽
ڀائپي برادري جي درس هيٺ ڏنل هجن. جيڪي موضوع کنيا
وڃن اهي رنگين تصويرن جي مدد سان ڪتاب تي لڳل هجن
ته جيئن ٻارن ۾ اهي ڪهاڻيون پڙهڻ سان ٻارن جو پڙهڻ
جي شوق سان گڏ ذوق جماليات به وڌي ۽ سندن تخيل ۾
وسعت پيدا ٿئي. ٻارن جون ڪهاڻيون لکڻ مهل هيٺيان
ترڪيبي اصول ڪهاڻين جو حصو ضرور هئڻ گهرجن: وندر،
علم، هنر، محنت، ۽ انهن سڀن جزن جو حاصل مقصد واضح
هجي جيڪو ٻار جي نفسيات تي گهرو اثر ڇڏي سگهي ۽
اهو ٻار جي اخلاقي تربيت ۽ ڪردارسازيءَ ۾ پڻ
مددگار ثابت ٿئي.“
”ملهه مَهانگو قطرو“ جو پنجون حصو ’سوانحي ۽ آتم
ڪٿائي ادب‘ بابت آهي جنهن ۾ ترتيبوار ٽي مضمون
شامل آهن. پهريون
”سوانحي ادب ۾ عورت ليکڪائن جو حصو“ ٻيو ”جان
جان هئي جيئري آتم ڪٿا جو تنقيدي جائزو“ ۽ ٽيون
”انيس هارون جي آتم ڪٿا
”کب
مہکےگی فصل گل“
جو تجزيو“. سوانحي ادب ۾ خاص طور آتم ڪٿائون دنيا
۾ سڀ کان گهڻيون ۽ دلچسپي سان پڙهيون وڃن ٿيون.
سنڌي ٻوليءَ ۾ به مرزا قليچ بيگ جي آتم ڪٿا ”سائو
پن يا ڪارو پنو“ کان وٺي موجوده دور ۾ لکيل سوانح
عمرين ۽ آتم ڪٿائن کي به پڙهندڙ وڏي ڌيان ۽
دلچسپيءَ سان پڙهي رهيا آهن.
سوانحي ادب وسيلي ڪنهن به انسان جي زندگيءَ ۾
جهاتي پائڻ جو موقعو ملي ٿو، ان جي ڏکن سکن،
ڪاميابين ۽ ناڪامين جي خبر پوي ٿي، سندس زندگيءَ
جي لاهن چاڙهن جو پتو پوي ٿو. ان ڪري سوانحي ۽ آتم
ڪٿائي ادب جي هر دور ۾ اهميت رهي آهي. ڊاڪٽر
ريحانه پنهنجي هن قلمي پورهيي ۾ ”سوانحي ادب ۾
عورت ليکڪائن جو حصو“ جي عنوان سان لکيل مقالي ۾
لاڙڪاڻي جي ڊاڪٽر سرلا ديوي، جنهن جو گهر منهنجي
پاڙي ۾ هو، جي ڊائري، جنهن ۾ هن پنهنجي سوامي،
پنهنجي وَرَ، سام جئي سنگهاڻي جي زندگي جي احوال
سان گڏ سندس ڳالهيون ۽ گفتا لکيا آهن، کان وٺي
ريٽا شهاڻي جي آتم ڪٿا ”ٻپهريءَ جا ٻه پل“، آپا
شمس عباسي جي جيون ڪٿا ”ڳالهيون پيٽ ورن ۾“، پوپٽي
هيراننداڻيءَ جي جيوني ”منهنجي حياتيءَ جا سونا
روپا ورق“، غلام فاطمه شيخ جي ڊائري ”شيخياڻيءَ جي
ڊائري“، اختر بلوچ جي ”قيدياڻيءَ جي ڊائري“ ۽
فاطمه قاضي جي آتم ڪٿا ”آءٌ اها ئي مارئي“ تائين
سوانحي ادب ۾ عورتن جي ڪردار کي کولي بيان ڪيو آهي
۽ انهن مان هر هڪ ڪتاب تي منجهانئن ورتل حوالن سان پنهنجي
ڀرپور راءِ ڏني آهي.
ڪتاب جي هن حصي ۾ شامل ٻيو مضمون نامياري ليکڪا
ڊاڪٽر فهميده حسين جي آتم ڪٿا جي تجزيي تي مشتمل
آهي، جنهن جو عنوان آهي ”جان جان هئي جيئري، آتم ڪٿا جو تنقيدي جائزو“.
ڊاڪٽر ريحانه آتم ڪٿائن سان پنهنجي دلچسپي ظاهر
ڪندي مضمون جي منڍ ۾ ئي لکيو آهي ته ”آتم ڪٿا
منهنجو پسنديده سجيڪٽ رهيو آهي ڇاڪاڻ ته هن کي
پڙهڻ سان دنيا ۾ انهن ماڻهن بابت ڄاڻ حاصل ٿئي ٿي،
جيڪي پنهنجي زندگي کي ٻين جي لاءِ ڪنهن مقصد تحت
گذاري پنهنجي پويان ٻين لاءِ مثال ڇڏي ويندا
آهن.آتم ڪهاڻي وڏا ماڻهو نه پر بهادر ماڻهو ئي لکي
سگهن ٿا ڇوته پنهنجي باري ۾ سچ لکڻ ڏاڍو ڪٺن هوندو
آهي.“ ڊاڪٽر فهميده حسين به پنهنجي آتم ڪٿا وڏي
بهادريءَ سان لکي آهي، ڊاڪٽر صاحبه جي لکڻ جي
شروعات تخليقي ادب خاص طور ڪهاڻيون لکڻ سان ٿي، پر
اڳتي هلي هن تحقيق طرف لاڙو رکيو ۽ ”شاهه لطيف جي
شاعريءَ ۾ عورت جو روپ“ موضوع تي پي ايڇ. ڊي جو مقالو لکيو. بعد ۾
جڏهن سنڌي ٻوليءَ جي با اختيار اداري جي چيئرپرسن
ٿي ته سنڌي ٻولي بابت به تمام سٺو ڪم ڪيو. سوانحي
ادب ۾ سندس آتم ڪٿا به ادبي حلقن ۾ چڱو چوٻول پيدا
ڪيو. ڊاڪٽر فهميده جي انهيءَ ضخيم آتم ڪٿا تي
ڊاڪٽر ريحانه نظير ڏاڍو سٺو ۽ جامع تبصرو ڪيو آهي،
بلڪه مان چوان ته ڄڻ ٿورن لفظن ۾ هن ڊاڪٽر فهميده
جي آتم ڪٿا کي اسڪين ڪري ورتو آهي. ڊاڪٽر ريحانه
”جان جان هئي جيئري“ جي لڳ ڀڳ سمورن پاسن ۽ بابن
تي روشني وڌي آهي ۽ مجموعي طور سٺو تجزيو ڪيو آهي.
آخر ۾ هن عورتن کي صلاح ڏني آهي ته اهي هيءَ آتم
ڪٿا ضرور پڙهن. هن لکيو آهي ته ”هي آتم ڪهاڻي هر
عورت کي پڙهڻ کپي ڇوته هن ۾ هڪ گهريلو عورت کان
وٺي پروفيشنل عورتن جي زندگي جا مسائل ۽ عورتن جي
پنهنجي حقن لاءِ جستجو ۽ جدوجهد ڪرڻ جو فڪر سمايل
آهي، جنهن ۾ ڪڏهن هنن کي ڪاميابي ته ڪن جڳهن تي
ناڪامين جو به سربستو احوال ملي ٿو، جنهن مان
عورتن کي اهو سبق ملي ٿو ته زندگي رڳو گلن جي سيج
نه آهي، اتي ڪڏهن ڪڏهن ٻاٻري ڪنڊن تي هلڻو پئي ٿو صرف توهان جو حوصلو همت ئي توهان
کي بهتري جي طرف وٺي وڃي سگهي ٿي.“
”انيس هارون جي آتم ڪٿا
”کب
مہکےگی فصل گل“
جو تجزيو“ هن حصي جو آخري مضمون آهي. جنهن جي
شروعاتي جملن ۾ ئي ڊاڪٽر ريحانه نظير ڄڻ هن آتم
ڪٿا جو ڳَرُ ڏئي ڇڏيو آهي. هوءَ لکي ٿي ته ”هي
ڪتاب وومين ايڪشن فورم جي روح روان انيس هارون جي
مسلسل جدوجهد جي هڪ ڪهاڻي آهي، جيڪا پوري نه ٿي
آهي ۽ اڃا به روان دوان آهي. پاڪستان ۾ انساني حقن
جي لاءِ وڙهڻ ۽ ان سان گڏ وري عورتن جي حقن لاءِ
آواز اٿارڻ گناه جي مترادف آهي ۽ اهو گناه انيس
هارون به ڪيو آهي، چوڻ ۾ ته هي ڪتاب انيس جي
پنهنجي آتم ڪٿا آهي پر اصل ۾ هي ڪتاب جڳ بيتي تي
پڻ مشتمل آهي.“
هن آتم ڪهاڻي ۾ انيس هارون ايوب خان جي مارشلا
واري دور کان ڀٽي جي سياسي ۽ عوامي جدوجهد وارن
ڏينهن کي به ياد ڪيو آهي ته ضيا جي بدترين آمريت
واري دور ۾ پنهنجي جدوجهد جو احوال به لکيو آهي.
هن ضيا جي مارشلا واري دور جي ظلمن تي ڀرپور نموني
لکيو آهي. ڊاڪٽر ريحانه ڪتاب مان حوالو ڏيندي انيس
هارون جا لفظ ڪوٽ ڪيا آهن: ”ملڪ
۾ جنهن طريقي ضياءالحق سياسي دهشتگردي ۽ مذهب جي
نالي تي ظلم و ستم جي بازار گرم ڪري ڇڏي هئي، هُن
ماڻهن کي خوفزده ڪري ڇڏيو، سرعام ڦاسيون لڳي رهيون
هيون ٽڪٽڪي تي ڏوهارين کي ٻڌي کُلي ميدان ۾ ڪوڙا
هنيا ويندا هئا.“ هن مختصر مضمون ۾ هڪ عورت جي
ڪَرب ۽ سماج جي جبر کي آسانيءَ سان محسوس ڪري
سگهجي ٿو. |