|
سنڌي ڪهاڻيءَ ۾ ليکڪائن جو ڪردار
ڪهاڻي ڇا آهي ۽ هن جي شروعات ڪڏهن ٿي، ان بابت
مختلف محققن جو جدا جدا مؤقف آهي. پوپٽي
هيراننداڻيءَ جي راءِ آهي ته: ”ڪهاڻي يا آکاڻي لفظ
ڪه ڪٿ يا آڪشه شبد مان نڪتي آهي، جنهن جو ارٿ
آهي- چوڻ يا ٻڌائڻ. ان ڪري جڏهن کان انسان، ٻولي
ٻولڻ شروع ڪئي آهي، تڏهن کان ڳالهه چوڻ يا آکاڻي
ٻڌائڻ شروع ٿي آهي. ان جي ڪا نشچت تٿ تاريخ چئي نه
ٿي سگهجي.“
(1)
ڪهاڻي، زباني ٻُڌائڻ ۽ ٻُڌڻ کان شروع ٿي. هن لکڻ
واري عمل تائين ڪيترائي مرحلا طئه ڪيا آهن. سنڌي
ادب ۾ هن جي لکڻ جي شروعات ورهاڱي کان پهرين ٿي.
پروفيسر منگهارام ملڪاڻي موجب: ”پهرين ڪهاڻي يا
آکاڻي ’راءِ ڏياچ ۽ سورٺ‘ جي ڪهاڻي آهي، جيڪا
ڪئپٽن جارج اسٽئڪ جي سنڌي گرامر ۾ ضميمي طور ڇپي.“
(2)
جڏهن ته پهرين طبعزاد سنڌي ڪهاڻي مرزا قليچ بيگ جي
لکيل ”شريف بيگم“ آهي، جيڪا پهرين مهاڀاري جنگ جي
حالتن جي نمائندگي ڪري ٿي. اوائلي ڪهاڻي نويسن ۾
مرزا قليچ بيگ کان علاوه لعلچند امرڏنومل، ديوان
ڪوڙومل، ڄيٺمل پرسرام، عبدالله عبد، مرزا نادر
بيگ، امر لعل هڱوراڻي، لطف الله بدوي ۽ ٻيا نالا
شامل آهن. 1940ع کان پوءِ ادب ۾ ترقي پسند لاڙي جو
رجحان شامل ٿيو. ان سلسلي ۾ جن ڪهاڻيڪارن پاڻ
موکيو، تن ۾ شيخ اياز، گوبند پنجابي، ڪيرت ٻاٻاڻي،
گوبند مالهي، سڳن آهوجا، رام پنجواڻي ۽ شيخ
عبدالستار وغيره شامل آهن. ڏٺو وڃي ته سنڌي افساني
۾ ورهاڱي کان پهرين صرف مرد ليکڪن جون لکيل
ڪهاڻيون ئي نظر اچن ٿيون، انهن ۾ ڪا ورلي ليکڪائن
جي لکيل ڪهاڻي ملندي.
ورهاڱي بعد سنڌي ادب ۾ ڪيتريون ئي ثقافتي ۽ لساني
تبديليون آيون، جنهن ٻين فڪرن سان گڏ قوميت جي فڪر
کي پڻ هٿي ڏني. سياسي ماحول تي اُٿندڙ انهيءَ
دونهين سڄو وايومنڊل ڪاراٽي ڇڏيو. ورهاڱي بعد شاهه
لطيف جا پارکو سنڌي ادب ۽ ٻوليءَ جا سڄڻ پنهنجو
اَباڻو ديس ڇڏي پرديس هليا ويا، جنهن سبب سنڌي ادب
۾ وڏو خال پيدا ٿيو، جنهن کي پورو ڪرڻ لاءِ مرد
ليکڪن سان گڏ عورت ليکڪائون به ادبي ميدان ۾ اڳتي
وڌي آيون، انهن سڀني گڏجي مختلف رسالن، جريدن ۽
مخزنن جو اجراءُ ڪيو.
بقول تنوير عباسيءَ جي ته، ”ملڪ، قوم توڙي سماج ۾
تڪڙيون تڪڙيون تبديلون اچن ٿيون، ان ۾ ثقافتي
تبديليون پڻ اچن ٿيون. اهڙي طرح اها قوم توڙي سماج
ارتقا جا ڏاڪا تکا طئي ڪن ٿا، اديب ۽ ڏاها ان
تبديليءَ جي ذهني رهنمائي ڪن ٿا.“ (3)
ان سلسلي ۾ اديبائن ۾ سڀ کان پهرين وک بيگم زينت
عبدالله کنئين، جنهن ”مارئي“ نالي سان رسالو ڪڍيو،
۽ پاڻ ان جي پهرين ايڊيٽر ٿي، ان کان پوءِ بيگم
خديجه دائودپوٽو ’اديون‘ جي نالي سان رسالو ڪڍيو.
ٽيون رسالو ’سوجهرو‘ هو، جنهن جي ايڊيٽر گلبانو
سلطان هئي، انهن رسالن عورت ليکڪائن کي پنهنجي
تخليقي جوهر پيش ڪرڻ لاءِ مضبوط پليٽ فارم مهيا
ڪيو. ورهاڱي بعد جن عورتن سنڌي ادب ۾ نمايان ڪردار
ادا ڪيو، خاص طور تي افسانوي ادب ۾ سندن تخليق ڪيل
ڪردار ڪيتري قدر پنهنجي تهذيبي، ثقافتي ۽ لساني
حالتن جي عڪاسي ۾ موثر رهيا ۽ انهن ۾ سنڌي سماج جي
ريتن، رسمن ۽ روايتن جي پرچار ڪهڙي طريقي سان ڪيو
ويو ۽ سندن اهي تخليقي ڪاوشون سماجي ۽ ثقافتي فڪر
سان ڪيتري قدر سلهاڙيل هيون، انهن جو مختصر جائزو
سندن ڪهاڻين جي حوالن سان پيش ڪجي ٿو.
’مٺي‘، بيگم زينت عبدالله چنا:
هن ڪهاڻي ۾ ڪهاڻيڪاره ماءُ جي لازوال محبت ۽ ان جي
محبت جي چاشني ماءُ جي مِٺي يعني چمي کان محروم
ٻار جي وارتا اثرائتي نموني سان بيان ڪري ٿي. ان
وقت جڏهن اهو ٻار تڪليف ۾ آهي ۽ هو ڪيڏو نه ان
ماءُ جي چميءَ لاءِ واجهائي ٿو، ان جو اندازو
ڪهاڻيڪاره جي هنن سٽن مان لڳائي سگهجي ٿو ته،
”زخمي دائود ننڊ ۾ روئندي چيو، امان تون اچي
وئينءَ. مون جلد وراڻيو هو ها ! ۽ کڻي مٺي ڏني
مانس، دائود جو چهرو ننڊ ۾ ئي ٻهڪڻ لڳو، اکيون
کولي مون ڏي نهاري روئڻ لڳو، مان پريشان ٿي ويس،
آخر چيم دائود پٽ تون جيڪو گهرين ٿو ، سو مان
ڄاڻان ٿو، پر… دائود تنهنجي درد جو درمان ماءُ جي
مٺي منهنجي وس ۾ ڪانهي، تنهنجي اها مٺي آخر آءٌ
توکي آڻي ڪٿان ڏيان.“
هڪ يتيم ٻار جنهن جي ماءُ مري ٿي وڃي، ان سان
طبقاتي سماج ۾ ڪهڙو ورتاءُ ٿئي ٿو، ان جي تصوير هن
ڪهاڻي ۾ ڏکوئيندڙ لفظن ۾ بيان ڪئي ويئي آهي.
’سيمينٽ جي پتلي‘، رشيده حجاب:
هِن ڪهاڻيءَ ۾ هُن اهڙين مزدور عورتن جي ڪٿا پيش
ڪئي آهي، جيڪي سيمينٽ جي ڪارخانن ۾ ڪم ڪن ٿيون.
ڪهاڻيڪاره ڪردارن جي ذريعي هي تاثر اُڀاري ٿي ته
ڪارخاني ۾ ڪم ڪندڙ انهن عورتن جي حسن، جذبات ۽
احساسات سڀ جا مالڪ سندن باس (مالڪ) آهن، جيڪي
جڏهن چاهين استعمال ڪري کين سيمينٽ جي سخت تهن ۾
لنبي ڇڏين ٿا، جنهن جو اظهار سيٺ جمال جي پنهنجي
ڀاءُ سان ڳالهائيندڙ هنن سٽن مان لڳائي سگهجي ٿو
ته، ”اڙي تون هتي ڪجهه وقت رهي ته ڏس پوءِ نڪرڻ تي
دل ڪانه چوندءِ.“ هي سيٺ جمال جو آواز هو.
”ڪيئن ڀلا؟“
”بس ڏسجانءِ ويٺو هتي، چينيءَ جون گڏيون نه آهن ته
سيمينٽ جون پتليون کوڙ اٿئي.“
هون!
”سڀاڻي تنهنجي لاءِ به ڪا ڳوليان!“
”هڪ ڪهاڻيڪاره جي حيثيت ۾ هوءَ زندگي جي اثبات
اندر جهاتي پائي انهن جي نيرگين ۽ پهلوئن کي به
جاچي جوچي ڏسندي آهي، جڏهن اهڙو رنگ پَسي ٿي، جيڪو
سندس ذوق تجسس لاءِ حيراني جو باعث بڻجي ٿو. تڏهن
هوءَ ان کي جيئري جاڳندي زندگيءَ مان ڪوري فن پاري
جو روپ ڏئي ٿي. (4)
’آءٌ اها ئي مارئي‘، ثميره زرين:
شڪارپور شهر سان تعلق رکندڙ ليکڪا شروع ۾ ڪافي
مخفي رهي، ايستائين جو کيس ڪيترا ماڻهو مرڳوئي مرد
ليکڪ سمجهڻ لڳا، ان جو وڏو سبب سندس بيباڪ لکڻيون
هيون، جن ۾ رومانوي انداز ۾ بيان ڪيل سندس جملا
احساسِ حسن ۽ ذوقِ جمال جي تصوير پيش ڪن ٿا. سندس
لکيل ڪهاڻين جا مکيه ڪردار مقصد ماڻڻ واسطي حيرت
جي جذبي ۽ احساس سان گڏ ان چيز جي پڻ جستجو ڪن ٿا،
جن ۾ کين حُسن ۽ محبت جي جهلڪ نظر اچي ٿي ۽ اتي
اهي مقصد حاصل ڪرڻ واسطي ايسيتائين متحرڪ نظر اچن
ٿا، جيسيتائين انهن کي پنهنجي ذهن ۾ روح جي آسودگي
ميسر نه ٿئي.
مثال سندس هيءَ ڪهاڻي، ’آءٌ اها ئي مارئي‘جون هي
سٽون ته ”کيس لڳندو هو ته ڌرتي وانگر عورت جو
زندگيءَ سان رشتو پاتال ۾ کُتل آهي ۽ هو آسمان ۾
گهلندڙ دلفريب هوائن وانگر هئا، ڪڏهن هتي ته ڪڏهن
هتي پر روشنيءَ جي قربت جو نشو موکي جي مڌ جهڙو
هو، جنهن جي تؤنس سال گذرڻ کان پوءِ به نه وساري
سگهبي هئي، انهيءَ نشي تي کيس باندي بنائڻ لاءِ
مڃائي ورتو هو.“ (5)
ساڳِي ڪهاڻيءَ ۾ ان عورت جي ماءُ بنجڻ واري احساس
جي تصوير هن طرح چٽي اٿس ته، ”هن ٽئين روپ ۾ هن جو
جسم بي ڊول بنجي ويو هو، پر هن جي چهري تي تخليق
جي فخر ۽ تڪميل جي احساس، نرالي سونهن ڀري ڇڏي
هئي.“
هن ڪهاڻي ۾ ثميره هڪ ئي وقت عورت جي سڀني روپن کي
پيش ڪري ٿي، روشنيءَ جو ڄمڻ، پيار جو پرڻو (شادي)،
وري ماءُ بڻجڻ پر هن سڀني رشتن سان نباه ڪيو، پر
مرد جي بيوفائي ۽ کيس طلاق ڏيڻ واري عمل هن جي
جذبن کي جهوري وڌو، تڏهن هوءَ دل برداشته ٿي چوي
ٿي ته، ”هڪڙن چند لفظن هن جو ناتو گلوءَ سان جوڙيو
هو ۽ هڪڙا ٽي دفعا دهرايل لفظن هي ناتو ٽوڙي ڇڏيو،
ڄڻ رشتن جي ضمانت رڳا لفظ هئا، ڪاغذ هئا.“
هن ڪهاڻي پڙهڻ سان هي تاثر پڻ اُڀري اچي ٿو ته
حُسن لاپرواه ۽ بيوفا هوندو آهي، اهو محبت ماڻڻ جي
فلسفي کان بيخبر ۽ نباه کان بيگانو هوندو آهي.
’وڏيري‘، ثميره زرين:
هن ڪهاڻيءَ جو خاص ڪردار، هڪ ڀنگياڻيءَ جي اردگرد
نظر
اچي ٿو. نازو هڪ اهڙي ڇوڪري آهي، جا نه صرف شڪل
صورت جي ڪوجهي آهي، پر غربت سبب سندس شادي به هڪ
موالي سان ٿئي ٿي، جيڪو کيس ڏاڍو ماري ٿو ۽ پر
خميسي جو پيار جڏهن کيس ملي ٿو تڏهن هوءَ ٽڙي پوي
ٿي.
هن جي ڪردار بابت ڪهاڻيڪاره لکي ٿي ته ”خميسو جيڪو
نازي کان وڌيڪ بدصورت هو، تنهن ڪڏهن به هن جي حسين
هجڻ جي تمنا نه ڪئي هئي، انهيءَ ڳالهه نازي ۾ بي
انتها خوداعتمادي ڀري ڇڏي هئي، صاف سادن ڪپڙن ۾
جڏهن هوءَ عجيب بي فڪريءَ سان ٻهارو کڻي هلندي
هئي، تڏهن ائين لڳندو هو ڄڻ ڪو سپاهي جنگ جي محاذ
تي ويندو هجي، سندس انهيءَ لوڏ تي کيس اسپتال جي
ملازمن وٽان لقب مليو هو ”وڏيري“ پر خميسي جي ڪڍڻ
کان پوءِ جڏهن بنگلي تي فضلو اچي ٿو ۽ کيس ڌڪاري
ٿو، تڏهن سندس سمورو اعتماد ڪافور ٿي وڃي ٿو ۽
هوءَ زهر کائي ٿي، پر بچي وڃي ٿي، خميسي جي ميار
ڏيڻ تي هوءَ بدلي وٺڻ لاءِ جڏهن بنگلي تي ڪم ڪرڻ
لاءِ وڃي ٿي ته فضلو همدرديءَ سان کانئس زهر کائڻ
بابت پڇي ٿو.
ثميره لکي ٿي ته، ”تڏهن هوءَ بجليءَ جهڙي تيزيءَ
سان ٻئي هٿ ٻهاري ۾ وجهي هڪ ٻئي پٺيان فضلو جي مٿي
تي ڦهڪائي ڪڍيائين سر جون تيليون هن جي هٿن ٻانهن
۾ چڀي ويون ۽ گوڙ تي آسپاس جا ماڻهو مڙي آيا.“
شمس الدين عرساڻي سندس ڪهاڻين بابت لکي ٿو ته،
”ثميره زرين جي ڪهاڻين جو هڪ واضح مقصد آهي ته
حماقتن سان ڀريل پُرفريب زندگيءَ کي هڪاليو نه ويو
ته هولناڪ پيشگويون ٿي سگهن ٿيون، صرف مادي ترقي
ٿيڻ سان يا نوان فيشن اختيار ڪرڻ ڪا روحاني خوشي
پڙ ڪانه ٿي پوي، جيسيتائين عورت کي آزاد ماحول ۾
پنهنجي مرضيءَ سان جيئڻ جو حق نه ڏنو ويندو،
تيسيتائين انساني شرافت ۽ اَنا مجروح ٿيندي
رهندي.“ (6)
ماهتاب محبوب جون ڪهاڻيون:
سندس ڪهاڻيون شهري توڙي ڳوٺاڻي رسمن ۽ رواجن سان
ڀريل معاشري جي نمائندگي سان گڏ ان سماج جي مروج
نج ۽ محاوراتي ٻولي ۽ زالن جي ٺيٺ وهنوار جو نقش
واه جون چِٽين ٿيون. مثال: سندس ڪهاڻي ”مِٺو ڀَت“،
جنهن ۾ گهريلو زندگيءَ ۾ پيش ايندڙ مختلف واقعن
مثلاً شادي غمي وغيره ۾ عورتن جي ريتن، رسمن ۽
رواجن جو عڪس ڪيڏي نه سچائيءَ سان چٽيو ويو آهي
ته، هڪ پاسي رئيس الله بخش جي مرڻ سبب سندس زال جو
ڏک ڏيکاري ٿي ۽ ٻئي پاسي تڏي تي ماين جون هڪ ٻئي
تي ٽوڪون ۽ چٿرون پيش ڪري ٿي، مثال هي سٽون ته:
”علو ڪاسائيءَ جي زال جنهن ٻار کي ٿڃ پئي ڏني،
تنهن به مانيءَ جي نالي تي ايڏو ڇرڪ ڀريو جو ٻار
جي وات مان ٿڃ ڇڏائجي ويس ۽ هو ڪاتيءَ پيل ٻڪري
وانگر ڳلو ڦاڙي روئڻ لڳو.
اُٿي! امان ننڍڙي کي کير ڏيس، روئي پيو، ڀاڳل جي
ڀيڻ بيبل ٽوڪ سان ڌيان ڇڪايس، پر هوءَ رڌڻي جي
اڳيان لهندڙ ديڳين کي ڏسڻ ۾ ايڏي ته غرق هئي جو
بيخياليءَ ۾ ٿڃ کڻي ٻار جي نڪ ۾ ٽنبيائين.“
ڪهاڻين ۾ ماهتاب محبوب جي ڪردارنگاري بلڪل ماحول
پٽاندر ڪيل هوندي. مثال ساڳيءَ ڪهاڻيءَ ۾ ڀاڳل
رئيس جي موت تي پار ڪڍڻ لاءِ پنهنجي پوري عورتن جي
ميڙ سان آئي هئي، تنهن جي جواني ۽ پوڙهپ جو ذڪر
ڪندي سندس ڪردار بابت لکي ٿي ته:
”ڇا ته ڏينهن هئا مائي ڀاڳل جا بلي، ڪرائيءَ ۾ ٻڌل
مرداني واچ، پيرن ۾ ڪَشن سان چيچاٽ وارو بوٽ، هٿ ۾
پاسنگ شو جو پاڪيٽ ٻارهن والن جي شلوار ۽ ڪُلهي تي
اجرڪ، ٻاچ ۾ وڏي ڳاڙهي ٽِڪ سان خوفناڪ قسم جي
مُنڊي، عطر ۾ ٻڏل کيسي مان لڙڪيل رومال، کل ته
ائين چمڪندي هيس جيئن ڪاري بوٽ تي ڪيوي پالش! سندس
هلڻ جي لوڏ ئي بس هئي، جنهن ورهين کان ڪوٽن ۾ قابو
ٿيل ڪيترين ئي زاعفائن جا تختا ئي ڪڍي ڇڏيا هئا.“
سندس اک جي اشاري ڪاڻ جهڙيون مانديون مڙس کي ته
سنجهي ئي طلاق ڏيئي آجو ڪري وڌو هئائين ۽ پاڻ
اڪيلي سر پئي هرڻ جهٽيندي هئي، ڪڏهن رئيسن جي
حويلي، ڪڏهن ڪامورن جي ڪوٺين، ڪڏهن وڏيرن جي ديرن
تي، پر وقت بادشاهه وڏا وڏا نشان ڊاهيو ڇڏي هي به
وقت جي وير ۾ وهي ڪٿان جو ڪٿي اچي پهتي هئي. ڇو
ڀاڳل ڍري ڇو ٿي وئي آهين؟ ڪير کڻي پڇندو هوس ته
پاڻ ڏاڍي بيحيائيءَ سان اک ڀڃي چوندي هئي هاڻي
چيلهه ۾ اڳيون دم نه رهيو اٿم.
ساهيڙپ جي ڌنڌي کان پينشن وٺڻ کان پوءِ، سندس شمار
”ردي گهوڙن“ واري قطار ۾ ٿيڻ لڳو.“ (7)
ماهتاب جون ڪهاڻيون ٻوليءَ جي لحاظ کان سنڌ جي عام
رواجي زندگيءَ جي عڪاسي ان جي محاوراتي انداز
ڳالهه ٻولهه ٽوڪ ۽ طنز ۾ وڏين وڏين براين تان پردو
کڻندي نظر اچن ٿيون.
مثال ”مهاڻي موکي“ ڪهاڻي جون هي سٽون ته، ”جڏهن
وڏيرو نبن خان ٻي شادي ڪري ٿو، سا به هڪ مهاڻي سان
تڏهن سندس خانداني زال ڏک مان چوي ٿي ته، ”بس ادي
قسمت جو ڦٽي ته اُٺ چڙهندي وڇون کائي ۽ جي ڀاڳ ٿو
ٺهي ته دال منجهان سيرو!“
ٻئي وڏيري جي زال ڀيما، جيڪا سندس ڏک ونڊڻ آئي هئي
سا کيس آٿت ڏيندي چوي ٿي ته، ”ها ادي چوين سچ ٿي،
ڪتو به کائجي ۽ ڪُک به نه ڀرجي، ادي نبن کي اهو
واجب ڪونه هو.“
رئيسياڻي پنهنجي نوڪرياڻي سدوري تي، ”سور سيدن جا
پٽجن امام“ جي چواڻي مطابق وسندي رهي.“ هن ڪهاڻي ۾
ماهتاب محبوب جا ڪردار پوءِ اهي وڏيري جون زالون
هجن يا ڀرپاسي جون ساهيڙيون يا وڏيري جي ڀاڄائي
حليمان ۽ سندس ڌيئر هجن، سڀني جي ڪردارنگاري ۽
سندن ٻولي ۽ ماحول جي ڀرپور عڪاسي ڪندي نظر اچن
ٿا.
ماهتاب محبوب جا ڪردار مظلوم گهٽ، ذهين ۽ شرارتي
وڌيڪ هوندا آهن. مثال سندس ڪهاڻي ”مِٺي مراد“ جو
ڪردار، وڏيرو جڏهن ٽي شاديون ڪرڻ کان پوءِ به
اولاد جي خوشيءَ کان محروم رهي ٿو تڏهن وڏيري جي
ماءُ کان ڪنهن کڻي پڇيو سانئڻ ڪا وڏيري جي گهر
اميد واري؟
”امڙ ڪٿان آيون اميد واريون هن ڪاٽا ٿيل لغڙ جيان
وراڪو کاڌو.“ ڦنڊرون ڪاهي اچي گهر ۾ وڌيون اٿس، نه
ڏهڻ جون نه ڪُهڻ جون.“
”سانئڻ وري به ڪري شادي ڪرائينس شرع ۾ ڪهڙو شرم.“
”امڙ ڏسي وائسي اڪ جو کير اک ۾ ڪير ڏهائيندو؟“
اهو ٻڌي ويڙهي جي ماڇاڻين مان هڪڙي چرچو ڪندي چيس.
”جيجان اسان کي جي وڏيرو گهر ۾ زالون ڪري ويهاري
ها ته هوند ٻارن جون گُنديون ڀري ڏيونس ها.“
”ائي لاچار پيو آ وڏيري کي اسين مهاڻين جا ٻار
ڪاڏي ڪيون هان. هوءَ تيئن ڳڙي تي چڙهي.“
”جيجان اهو به شڪر ڪر جو ماڇاڻين مان ويچاري جي
پيڙهي ته پيدا ٿي پئي هان خانداڻين مان ته ٻير جو
کوکڙو به ڪونه آيو.“
نيٺ ان وڏيري چوٿين شادي ڪئي پر ڪيترو وقت گذرڻ
کان پوءِ جڏهن اتان به ڪا خوشي نه مليس ۽ جڏهن
حڪيم کيس حقيقت کان آگاه ڪيو ته ٻار جي خرابي تو ۾
آهي، نڪي تنهنجي زال ۾، تڏهن هن حقيقت پنهنجي
پياري شوخ وچنچل ننڍي زال سان ڪئي ته: ”هوءَ ڪي
گهڙيون سوچ ۾ پئجي ويئي. هن نيٺ چئي ڏنو ته تون جي
شرع مُحمّدي موجب چار شاديون ڪيون آهن ته مون کي
شرع مُحمّدي موجب ٽي پٿر ڏي ته مان به وڃي ڪو ڪکين
پنين لڳان.“
وڏيرو مبارڪ جو هيلتائين هيٺاهين وٺيو پئي آيو،
غيرت ۾ کيس زورائتي لت وهائي ڪڍي ٿو ۽ چوي ٿو ”رن
جي اهڙي ئي اولاد ڪاڻ ماندي پئي ٿئين سڄي حويلي
پئي ٿئي وڃي دانگي گهماءِ باقي طلاق کان
هڻندومانءِ پادر.“
ائين نه آهي ته ماهتاب محبوب پنهنجي ڪهاڻين ۾ رڳو
گهريلو ماحول کي موضوع بنايو هجي، سندس ڪهاڻي
”رهيل جاچ“ کي ڏسو، جنهن ۾ پاڻ پوليس جي قهري
ڪارواين جو ذڪر ڪندي لکي ٿي ته، ”صوبيدار موليٰ
بخش، جنهن چڱو عرصو ڊس مس ٿي رهڻ کان پوءِ حرفتن
سان وڃايل عهدو ماڻيو هو، ابتا تارا ڪڍي ٽيڳر مان
وراڻيو: گهڻي ٽڻ مڻ ڪيئي، هينئر ئي ٿو لاڪب ۾
هڻانءِ.“
”سائين بادشاهه پير جي ڊوهي اٿوَ هن جهولي جهلي
ليلهراٽ ڪيا.“
۽ آخر ۾ ان صوبيدار هن جي ئي ڌيءَ تي مڙس جي خون
جو الزام لڳائي، گهر جي ڪفالت جو واحد ذريعو مينهن
به ڳڙڪائي ويو.“ (8)
ڪهاڻي ”چانديءَ جون تارون“ ۾ هوءَ رسمن ۽ رواجن جي
قيد مان آزاد ٿيندڙ ڇوڪريءَ جي جذبن جو بيان هنن
سٽن سان ڪري ٿي ته، ”هڪڙي رات جڏهن آسمان ۾ تارا
چمڪيا تڏهن زندگيءَ جي هن وهڪري ۾ هن پاڻ کي کڻي
اُڇلايو، کيس ائين محسوس ٿيو ڄڻ ته سندس جسم ۽ روح
تي جيڪي چانديءَ جون چمڪندڙ تارون ويڙهيل هيون،
اهي هڪدم ٽٽي پرزا پرزا ٿي ڪِري پيون.“
(9)
خيرالنساء جعفري جون ڪهاڻيون:
سنڌ جي جديد ڪهاڻيڪارن ۾ خيرالنساء جعفري اعليٰ
مقام رکي ٿي. هن جون ڪهاڻيون جديد ٽيڪنڪ، فن،
موضوع جي لحاظ کان ٻين ليکڪائن کان الڳ نظر اچن
ٿيون. پلاٽ جي لحاظ کان اهي زندگيءَ جي تلخ حقيقتن
جي نمايان تصوير پيش ڪن ٿيون، سندس اسلوبِ بيان
سادو ۽ سليس ٻوليءَ جي سبب پڙهندڙ کي ڏکي کان ڏکي
ڳالهه به سولائيءَ سان سمجهائي سگهي ٿو. هوءَ
معاشري جي اوڻاين جو احساس پنهنجي ڪردارن ذريعي
پيش ڪري ٿي، پنهنجي ڪهاڻين بابت سندس هي چوڻ آهي
ته ”مون ڪابه ڪهاڻي ادب ۾ انقلاب آڻڻ لاءِ ناهي
لکي، بلڪ جڏهن جڏهن دل ڌڌڪو کاڌو جيوت سان سهمت ۾
اچڻ جو ساهس نه ساريائين، دل اندر ويٺل دادلي ٻار
پڇاڙ کاڌي، تڏهن ڪونه ڪو لفظ سوچيم، ڪانه ڪا سٽ
هري، ڪانه ڪا ڪهاڻي اُسري گويا منهنجون مڙئي
ڪهاڻيون پنهنجي دل کي دلبا ڏيڻ جو هٿڪنڊو آهن.“
(10)
تخليق جو موت:
سندس ڪهاڻين جا ڪردار ڪنهن نه ڪنهن سماجي الميي جو
شڪار هوندا آهن، سندس ڪهاڻين جي خاص خوبي سندس
فلسفيانه انداز واري گفتگو آهي،
جنهن
جي ذريعي پڙهڻ وارا ڪهاڻي جو اصل مقصد ڄاڻي وٺن
ٿا. مثال هن ڪهاڻي ۾ هوءَ لکي ٿي ته ”ڀلا ازل کان
ئي جن قسمتن ۾ محبتن جو بنواس ڀڪشوءَ جيان بن بن
ڀٽڪيل لکيل هجي، اهي ڪٿ ٿا هڪ هنڌ گوتم ٻُڌ جيان
گيان ۾ گهارين شايد آءٌ به ڀڪشو آهيان ۽ مون کي به
بن بن ڀٽڪڻو آهي.“ (11)
ان کان علاوه سندس ٻين ڪهاڻين مثلاً ”حويليءَ کان
هاسٽل تائين“ ۾ هن ڀرپور سچائيءَ سان جاگيرداري
سماج ۾ قيد ڇوڪرين جي بيجا پابندين سبب انهن طرفان
کنيل انتهائي سخت قدم يعني ”هم جنس پرستي“ ۾ مبتلا
ٿيڻ جو ڪيڏو نه اثرائتي انداز ۾ اظهار ڪيو آهي، جو
ڪهاڻي جو ڪردار هم جنس پرستيءَ جو نه صرف جواز پيش
ڪري، پر گڏوگڏ احساس جرم جو به اعتراف رکي ٿو.
دراصل ڪردار اهو ٻُڌائڻ گهري ته پيار نه ملڻ سبب
هوءَ ٻڏتر ۾ ڦاسي، اهو انتهائي قدم کڻي ٿي. سندس
ڪهاڻين ۾ گهڻي ڀاڱي جيڪو ڏک ۽ مايوسيءَ جو ماحول
ڇانيل آهي، سو بي سبب ناهي. يا ته ڪردار ڪنهن
سماجي الميي جو شڪار آهن يا وري غير روايتي آهن.
سندس ڪهاڻين ۾ وسيع مشاهدي ۽ ذاتي تجزين جو نچوڙ
نظر ايندو. مثال عورت جي باري ۾ هن معاشري جو رايو
صدين کان ساڳيو استحصال وارو رهندو آيو آهي. ڀلي
اها عورت پڙهي لکي ۽ باشعور ڇو نه هجي ”ڪهڙو برانڊ
ڪهڙو سگريٽ“ ۾ هن اهو موضوع پيش ڪيو آهي. هوءَ لکي
ٿي ته ”مرد هڪ ذهين ۽ هوشيار عورت کي دوست بنائي
ته فخر ڪري سگهي ٿو، پر زال بنائي ڪڏهن به چين نه
پائيندو.“
سندس ڪهاڻين بابت ڊاڪٽر غفور ميمڻ لکي ٿو ته ”خيرو
اڪثر وجود جي انهيءَ خال کي ڀرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي،
جيڪو من جو خيال آهي، مسلسل ڪردارن کي ڀَٽڪندي
پناه وٺڻ جي ڪوشش ۾ ورتل ڏيکاريو ويو آهي ۽ اهو به
صحيح آهي ته وٽس ڪردار ماريل ۽ هارايل آهن، پر
جهڙي طرح ڪردار پنهنجي نفسيات کي پيش ڪن ٿا ۽
مڪالمن کي ڳالهائن ٿا. انهيءَ مان اهو فڪر ظاهر
ٿئي ٿو ته انسان جي زندگي جي پهرين ضرورت سندس ذات
جو اظهار آهي ۽ اظهار کيس پيار پائڻ مان ملي ٿو.
جديديت جو اهو اصول، منفرد ۽ تجزياتي آهي.“
(12)
”پيڙا جو پڙلاءُ“ڪهاڻيءَ ۾ هو هڪ طرفي محبت جي
پيڙا ۾ گهايل لمحن جو ذڪر هن طرح ڪري ٿي ته ”سندس
روم تي ويس ته اتي ڪاريءَ وارا ڪک لڳا پيا هئا،
مون نوڙي نوڙي پٽ کي ڏسڻ چاهيم، متان ڪي ماضيءَ جا
ميساريل داغ ئي نظر اچن، پر وقت جا ريلا ڄڻ رت جي
رشتن کي ريٽڻ لاءِ ڪي آتا هوندا آهن، ڪوبه ته ڪونه
هو اتي جوڳين کان سواءِ جايون سُڃيون پئي لڳيون،
پولارن مان ڄڻ آواز ٿي اٿيا اڄ… ماٺ مڙهين… ۾
جوڳي… جيڪس ويا… اڄ مڙهين ۾ ماٺ… عجب طرح جي
آنڌمانڌ هئي من ۾، ڀانيم اڃان به ڪا ميخ آهي اندر
۾ جا اٽڪي ٿي، ڪا تند آهي جا ڪجهه تنواري ٿي ۽ مان
پيڙا کان بچڻ ڪاڻ ڪيترو وقت اڳ ئي ائروڊم ۾ هلي
آيس.“ (13)
نورالهديٰ شاهه جون ڪهاڻيون:
هن نه صرف ڪهاڻي کيتر ۾ پاڻ موکيو، پر شاعريءَ ۽
ڊراما به شاهڪار لکيا آهن. سندس ڏات جي مشهوري جو
وڏو جوهر سندس قلم جي بيباڪيءَ مان نظر ايندو،
جنهن ۾ هن جاگيرداري سماج جي ريتن رسمن ۽ مذهبي
پابندين ۾ قيد عورتن جا انيڪ باغي ڪردار پيش ڪيا
آهن، جن ۾ اهي عورتون گهڻي تعداد ۾ شامل آهن، جن
جو تعلق وڏين حويلين ۽ اوچي ذات وارن وڏيرن سان
آهي. سندس ڪهاڻين ۾ ريتن روايتن جي ڪوٽن ۾ قيد
عورتن جي روحاني توڙي جنسي مونجهارن اخلاق ۽ مذهب
جي نالي تي لڳايل پابندين خلاف جنگ هلندي نظر
ايندي، ڇو ته هن پنهنجي ڪردارن کي رضا تي راضي رهڻ
بجاءِ بغاوت تي اڪسايو آهي، پوءِ اها بغاوت سماجي
يا مذهبي ئي ڇو نه هجي، ان بابت سندس هي چوڻ آهي
ته ”منهنجي اندر جو زهر جيڪو مون کي سنڌي سماج کان
وراثت ۾ مليو آهي، مون کان لکرائي ٿو.“
مثال سندس ڪهاڻي ”جلاوطن“ جون هي سٽون ته ”دنيا ۾
سڀ کان پهرين آدم جي روپ ۾ تون خلقيو ويو آهين، ۽
مان تنهنجي پاسراٽيءَ مان حوا جي نالي سان، ائين
تنهنجو ۽ منهنجو حاڪم ۽ محڪوم وارو ناتو ڄڻ ازل
کان هو.“ شڪست منهنجي بڻي، بدن لڪايان ته به مان،
نظرون هيٺ ڪري هلان ته به مان، ملائڪ ڏنڀ ڏيندا سي
به مون کي ۽ تون اصل کان مون کان اُتم رهين سجدي
جي لائق ۽ قابل احترام.“
پدرشاهي سماج ۾ عورتن جي مان، مرتبي ۽ خواهشن کي
ڪهڙي طرح ننديو وڃي ٿو. ان جو ذڪر هوءَ پنهنجي
ڪهاڻي جلاوطن ۾ هنن سٽن سان بيان ڪري ٿي ته ”جيڪا
شيءِ هجي ئي نسل وڌائڻ لاءِ، اڪيلائپ جو احساس
مٽائڻ لاءِ ته پوءِ ان کي استعمال ڪرڻ لاءِ پرمٽ
وٺڻ ضروري آهي ڇا؟
ڪا ٽويوٽا ڪار ته ناهي جنهن لاءِ پرمٽ وٺجي! پر سچ
پڇين ته مون سنڌ ۾ ٽويوٽا ڪار جي ائين بي حرمتي
ٿيندي ڪا نه ڏٺي آهي. سنڌ ۾ سڄي پوترتا موٽرن جي
حصي ۾ آئي ۽ سنڌ جي عورت ٽٽل ڦٽل موئن جي دڙي جي
کنڊر سمان رهي.“ (ص 108)
ساڳئي ڪهاڻي ۾ هوءَ پنهنجو پاڻ سان مزاحمت ڪندي
چوي ٿي ته ”قيامت جي ڏينهن ملائڪا ڏنڀ ڏيندم،
سوچيندي آهيان ته جيڪر تون به اتي هجين ۽ ساڳئي
سزا تون به مون سان گڏجي ڀوڳين جو هن جڳ ۾ ته مون
کي هن گناه جي اوڙاه ۾ هيڪلو اڇلايو اٿئي.
(14)
ناگاساڪي سندس عورتن جي حقن تي لکيل هڪ ٻي مزاحمتي
ڪهاڻي آهي. هن ڪهاڻيءَ ۾ ليکڪا ڇوڪرين جي بي جوڙ
شادين ۾ عورت جي صبر ۽ مرد جي نه ختم ٿيندڙ شوق ۽
حوس جو عڪس پوري سچائيءَ سان پيش ڪيو آهي، هڪ پاسي
رئيس ۽ ٻئي پاسي سندس همعمر رئيس جو پٽ حميد، ٻنهي
سندس رشتي جو تقدس نه رکيو ۽ هن کي صرف هڪ جسم
سمجهي پنهنجي حوس جو نشانو بنايو. تڏهن هوءَ باغي
ٿئي ٿي ۽ جڏهن هوءَ ڏسي ٿي ته سندس مڙس هن هوندي
پنهنجا سڀ شوق جاري رکي ٿو، تڏهن سندس اندر جي
روايتي عورت پنهنجي حق جو اهو ورهاڱو تسليم نٿي
ڪري ۽ هوءَ گناهن ۽ ثوابن جو اهو خيالي طلسم ٽوڙي
پنهنجي بيچين روح کي قرار ڏيڻ لاءِ پنهنجي مرضيءَ
سان حميد جي ڪمري ۾ هلي وڃي ٿي ۽ حميد جي ڀاڪر ۾
هن جي من اندر دکندڙ بدلي جي باه ويتر تکي ٿي وڃي
ٿي، هن پنهنجي حق جي ورهاڱي جو رئيس کان بدلو
ورتو، بنا ڪنهن معافي نامي جي.“ (ص 80، ناگاساڪي).
تاريخ ۽ جاگرافي جا حادثا ڪٿي ۽ ڪهڙي طرح ماڻهن کي
پنهنجي حقن کان بيدخل ڪري ڇڏين ٿا، ان جو ذڪر سندس
افساني ”ڪيڏارو“ ۾ هنن سٽن سان بيان ٿيل آهي، ته
”آءٌ انهيءَ تجربي جي گهاڻي ۾ پيڙهجي رهيو آهيان،
پنهنجي ڏيهه جي جاگرافي بدلجڻ جو خوف! اهو خوف ته
آءٌ اقليت ۾ محڪوم ٿي نه وڃان“
پاڪستان ٺهڻ کانپوءِ سنڌ ۾ جهڙي طرح سنڌي سڃاڻپ،
ثقافت ۽ ٻوليءَ جي مسئلن منهن ڪڍيو، ان کان هر
باشعور فرد واقف هوندو، اهو ئي دور هو، جنهن ۾ وڏي
پيماني تي قومي ۽ ثقافتي فڪر سان سلهاڙيل ادب لکيو
ويو. نورالهديٰ جي ڪهاڻي ”ڪيڏارو“ ان ئي فڪر جي
ترجماني ڪندي نظر اچي ٿي.
اهو هن درست ئي چيو هو ته ”جڏهن منهنجو من سنڌ
ڌرتيءَ سان رومينس ڪري رهيو هو ۽ ائين مان سورهن
سالن جي عمر ۾ پنهنجي پهرين عشق ۾ مبتلا ٿيس ۽
منهنجي اندر رومينٽزم جي شروعات ڪنهن فرد سان نه
پر سنڌ جي ڌرتيءَ سان ٿي. هوءَ وڌيڪ لکي ٿي ته مون
کي لڳندو آهي ته مون وٽ لفظن ۽ خيالن جا مٽ ڀريا
پيا آهن ۽ منهنجو وس نه ٿي پڳو ته مان اهي مٽ سنڌ
ڌرتيءَ تي هاري هڪ ئي ڍڪ ۾ ان جي اُڃ اُجهائي
ڇڏيان.“
نصير مرزا سندس افسانن جي بابت لکي ٿو ته: اهي رڳو
افسانا ئي نه رهيا! نيزي مٿان نوڪ ۾ ٽانڪيل نوان
سج، جبر خلاف اناالحق جا نعرا ۽ جهڙا کنوڻ جا تجلا
هئا.“
پاروٿو گوشت:
هن ڪهاڻيءَ ۾ ڪهاڻيڪار سموري واردات ڪردارن ذريعي
پيش ڪئي آهي. ننڍو سائين جيڪو پنهنجي ابن ڏاڏن
جيان ڳوٺ جي سمورن ننگن کي پنهنجي ذاتي ملڪيت
سمجهي ٿو. مثال ڪهاڻيءَ جون هي سٽون ته ”حويليءَ ۾
ڪا به اهڙي پرڻيل ڪا نه هئي، جنهن جي بدن جو
افتتاح ڪنواري هوندي ئي حويلي جي ڪنهن نه ڪنهن
سائين جي شوق جي قينچيءَ سان نه ٿيو هجي. ”ننڍي
سائين جي ٻانهن نانگ جيان وڪڙ کائيندي هن کي ويڙهي
ويئي. هوءَ ائين ڇرڪي، ڀانءِ پير ۾ ڀٽونءَ ڏنگ وڌو
هجيس.“
ٻئي پاسي صدين کان پيڙهيل ۽ استحصال جو شڪار انهن
ننگن جا وارث خود انهن کي پنهنجي معاشي تنگيءَ کي
مٽائڻ لاءِ انهن وڏيرن جي آڏو اڇلائن ٿا ۽ هميشه
جيان عورت ئي ٻنهي پاسي جنڊ جي پڙن هيٺ وري
پيسجندي رهي ٿي، مثال هوءَ جڏهن مڙس کي ننڍي سائين
جي هن سان ڪيل جٺ بابت ٻڌائي ٿي، تڏهن هو کيس چوي
ٿو ته ”ائين ڪري تو ٺيڪ نه ڪيو، هو اسان جا پير
مرشد آهن، اسان جو سڀ ڪجهه هنن لاءِ ئي ته آهي. ڏس
هتي سڀني پنهنجا گهرڀري ڇڏيا آهن شادي کان اڳ مان
به اها دعا گهرندو هوس، الله سائين مون کي به اهڙي
زال ڏئي جيڪا منهنجو گهر ڀري ڇڏي.“
پوءِ هوءَ اهو ئي ڪري ٿي جيڪو سندس مجازي خدا کيس
ڪرڻ لاءِ چوي ٿو. هڪ ڏينهن جڏهن ننڍو سائين سندس
جسم مان بيزار ٿي کيس پنهنجي زندگيءَ مان ڌڪو ڏئي
ٻاهر ڪري ٿو. ان تذليل جو منظر ليکڪا ان عورت جي
ڪردار ۾ هن طرح پيش ڪيو آهي ته :
”ننڍي سائين چيو ته مون کي تون مان پاروٿي گوشت جي
ڌپ ٿي اچي.“ دروازي جي چانئٺ تي ويهي گوڏن ۾ منهن
لڪائي هوءَ ائين سڏڪي پئي ڄڻ هينئر هن لمحي هن جو
سهاڳ لٽجي ويو هجي.“ (ص 20، پاروٿو گوشت).
شريف زادي: انهن عورتن جي ڪهاڻي آهي جيڪي ڪوٽن ۾
قيد آهن
۽ قيد کان باغي ٿي پنهنجي جذبن جون زنجيرون ٽوڙي
انهيءَ اخلاقي ۽ سماجي مت ڀيد جي نندا ڪن ٿيون ته
پيار، محبت ۽ ڌوکو مرد لاءِ شوق ۽ عورت لاءِ گناه
مترادف ڇو آهي؟ هن ڪهاڻيءَ ۾ اهو ڪردار شريف زادي
بنجي آهون ۽ دانهون ڪرڻ بجاءِ اهو ئي ڪم ڪري ٿو،
جيڪو هن سان پنهنجي مڱيندي ڊوه ۾ ڪيو هو ۽ اهو
ڌوکو هوءَ بار بار کائيندي. احساسِ جرم به هن جي
من کي وڪوڙي ٿو، پر هوءَ ان جو بدلو سماج کان وٺڻ
چاهي ٿي. ڪهاڻيءَ جون هي سٽون سندس ڪردار کي وائکو
ڪن ٿيون ته ”ڪارين اکين ۾ ٿڪل ٿڪل هڪ لڙڪ نه
چاهيندي به لڙي آيو اٿس، آرسي سندس چهري جو عڪس
جنهن ۾ انيڪ چپن جي ڇهاءَ ڪاڻ ڪوماڻيل، اندر ٻاهر
اڪيلائپ جو احساس، ڀري ڀڪلي شهر ۾ موت جي احساس
جهڙي اڪيلائپ، انيڪ ساروڻيون، رت جي هر ڦڙي ۾
سمايل ڪيترا چهرا، ٻانهن جو ڦهلاءُ، ڪلهن تي
زندگيءَ جو صليب، بدن جي پاتال تائين زهر زندگي
جو.“ (ص 40، شريف زادي).
مٿين ليکڪائن کان علاوه ثريا سوز ڏيپلائي، نسيم
ٿيٻو، زرينه بلوچ، تنوير جوڻيجو، ماهتاب چنا،
فهميده حسين، شبنم گل، ريحانه نظير، ثمينه ميمڻ،
مهراڻ ايوب ۽ ٻيا انيڪ نالا شامل آهن، جيڪي وقت جي
ٿورائيءَ سبب بيان نٿا ٿي سگهن. عورت افسانه نگارن
جي هن مختصر جائزي مان اها راءِ سامهون اچي ٿي ته
عورت ليکڪائن پنهنجن تخليقن ۾ صرف سماجي مسئلن جي
پچار ڪا نه ڪئي آهي، پر هنن وقت ۽ حالات جي
تبديليءَ موافق پڻ پنهنجا موضوع ۽ ڪردار تخليق ڪيا
آهن، جيڪي سنڌي ادب ۽ سنڌي ٻوليءَ جي ڦهلاءَ ۾
ڪارآمد چئي سگهجن ٿا.
حوالا:
1.
پوپٽي هيراننداڻي: ”بهترين سنڌي ڪهاڻيون“، سمپادڪ
ص 1.
2.
منگهارام ملڪاڻي: 1993ع، ”سنڌي نثر جي تاريخ“،
روشني پبليڪيشن حيدرآباد، ص 38 .
3.
ڊاڪٽر تنوير عباسي: 1985ع، ”شاهه لطيف جي شاعري“،
نوفيلڊس پبليڪيش ص 55 .
4.
شمس الدين عرساڻي: 1992ع، ”آزاديءَ کانپوءِ سنڌي
افسانوي ادب جي اوسر“، انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي، ڄام
شورو، ص 71 .
5.
ڊاڪٽر پروين موسيٰ: ”سون ورنيون سوڍيون“، مُحمد
موسيٰ قاسماڻي ادبي اڪيڊمي 2009ع، ص 41
6.
”مهراڻ جون ڪهاڻيون“، 2005ع، سنڌي ادبي بورڊ، ڄام
شورو ، ص 96-98
.
7.
ماهتاب محبوب: ”پرهه کان پهرين“، ص 87- 88
8.
”رهيل جانچ“، 2009ع، ماهتاب محبوب ”سون ورنيون
سوڍيون“،
محمد
موسيٰ قاسماڻي، ادبي اڪيڊمي، ص 131.
9.
”پائي پٽ ڪڻا“، 2005ع، ڊاڪٽر نور افروز خواجه، گنج
بخش ڪتاب گهر حيدرآباد، ص 117.
10.
تخليق جو موت: 1992ع، خيرالنساءِ جعفري، منهنجو
تخليقي سفر، سنڌيڪا اڪيڊمي ڪراچي.
11.
ڊاڪٽر نور افروز خواجه: 2005ع، ”پائي پَٽ ڪڻا“،
گنج بخش ڪتاب گهر حيدرآباد ، ص 505 .
12.
ڊاڪٽر غفور ميمڻ: 2002ع، ”سنڌي ادب جو فڪري
پسمنظر“، شاهه لطيف ڀٽائي چيئر ڪراچي يونيورسٽي ،
ص 570 .
13.
”پيڙا جو پڙلاءُ“، سون ورنيون سوڍيون، ڊاڪٽر
پروين موسيٰ، ص 60
14.
”جلاوطن“، 2006ع، نورالهديٰ شاهه، ڪيڏارو ڪهاڻي
ڪليات، روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو.
غلام
ربانيءَ
جي ڪهاڻين جو تنقيدي جائزو
غلام رباني آگري جي شخصيت ادبي لحاظ کان گهڻ رخي ۽
گهڻ پاسائين آهي. پاڻ هڪ پاسي مقبول
ڪهاڻيڪار، بهترين محقق آهن، ته ٻئي پاسي وري
مترجم، سفرنويس ۽ سوانح نگار پڻ آهن. سندن سوانحي
خاڪن تي لکيل ڪتاب ’جهڙا گل گلاب جا‘، ’ماڻهو شهر
ڀنڀور جا‘ ۽ ’سنڌ جا ٿر بحر ۽ پهاڙ‘ سنڌي ادب جو
قيمتي سرمايو آهن، جيڪي سندن وسيع مطالعي، مشاهدي
سان گڏ سندس فڪري شعور جي پڻ نشاندهي ڪن ٿا. اهو
ئي سبب آهي، جو کيس نثر جو بادشاهه پڻ چيو ويو
آهي، پر هن مقالي ۾ اسان سندس سنڌي ادب ۾ پهرين
سڃاڻپ، جيڪا هڪ ڪهاڻيڪار طور تي ظاهر ٿي، ان تي
روشني وجهنداسين.
ورهاڱي کانپوءِ جن افسانا نگارن مختصر ڪهاڻي جي فن
۾ پنهنجو نمايان مقام حاصل ڪيو، انهن ۾ غلام رباني
به هڪ آهي. غلام رباني پنهنجي ادبي زندگي جي
شروعات 20 سالن جي عمر ۾ ڪهاڻين لکڻ سان ڪئي. سندس
پهرين ڪهاڻي ’اتر ڊاهي ان جا ته ڪنهن کي ڪارون
ڪن؟‘ هئي، جيڪا ڀٽائيءَ
جي بيتن مان کنيل سٽ آهي ۽
اها به غور طلب
ڳالهه آهي،
جو سندس اڪثر ڪهاڻين جا ٽائيٽل ڀٽائيءَ
جي بيتن مان کنيل نظر اچن ٿا. جيئن ”بُري
هن ڀنڀور“،
”پن
ٻوڙين پاتال ۾“،
”هوندا
سي حيات“،
”لهرن
لک لباس“
وغيره. سندس ڪهاڻيون سنڌي معاشري جي خارجي توڙي
داخلي وارتائن جي مڪمل طرح سان عڪاسي ڪندي نظر اچن
ٿيون. حالانڪه ڏٺو وڃي ته اهي اڄ کان تقريباً
پنجاهه
سٺ سال اڳ جون لکيل آهن، پر اهي اڄ جي حالتن سان
پوريءَ طرح ٺهڪندي نظر اچن ٿيون. جيڪا ڳڻتي جوڳي
صورتحال آهي.
سندس ڪهاڻين جو مطالعو گهرائيءَ سان ڪبو ته اهي
مختصر ڪهاڻي جي سموري گهرجن، مثلاً:
پلاٽ، ڪردار نگاري، منظر نگاري ۽ ٻوليءَ تي پوري
طرح ٺهڪندي نظر اچن ٿيون. سندس موضوع سنڌ جي شهري
توڙي ڳوٺاڻي سماج جي ڀرپور نمائندگي ڪندي نظر اچن
ٿا. البته سندس شروعاتي ڪهاڻيون گهڻي ڀاڱي
جاگيرداراڻي سماج جي نشاندهي ڪندي نظر اچن ٿيون.
مثال ڳوٺاڻي زندگيءَ
۾ وڏيري جو ڪردار هميشه ظلم ۽ دهشت جي علامت رهيو،
رباني جون گهڻيون ڪهاڻيون وڏيراشاهي جي انهن ظلمن
کي بيان ڪن ٿيون. مثال
”بري
هن ڀنڀور ۾“
هن ان ئي حالتن کي پيش ڪيو آهي، جنهن ۾ عيسو جيڪو
هڪ ڏهاڙيءَ تي ڪم ڪندڙ مزدور آهي ۽ پنهنجي ٻچن جي
پيٽ پالڻ لاءِ ڏينهن رات محنت مزدوري ڪري ٿو. هڪ
ڏينهن جڏهن ڳوٺ ۾ ٻوڏ اچي ٿي، تڏهن پنهنجن ٻچن کي
محفوظ ڪرڻ لاءِ پنهنجي هڪ محسن، ان حڪيم ڏي وڃڻ
چاهي ٿو، جنهن کيس چيو ته هو مصيبت ۾ سندس گهر اچي
رهي سگهي ٿو، پر گڏوگڏ هن کيس وڏيري لاءِ نياپو به
ڏنو هو، جيڪو عيسي ان کي ان لاءِ ڪونه ڏنو هو، جو
هن کي وڏيري جي عادت جي خبر هئي ته هو
اڪثر ڪري هن مسڪين کان سڄو ڏينهن ڪم وٺندو هو ۽
پوءِ هن کي هڪ ٽڪو به ڪونه ڏيندوهو، پر هن ڪهاڻي ۾
عيسي جي ڪردار جي سادگي ۽ اٻوجهائي به ڏسڻ وٽان
آهي، جو هو وڏيري جي ان ظالمانا سلوڪ جي باوجود
حڪيم جو نياپو ڏيڻ وڏيري ڏي وڃي ٿو،
،جيڪو حسبِ
روايت ان کي بند ٻَڌڻ جي ڪم تي لائي ٿو ڇڏي ۽ اتي
هن جو سڄو ڏينهن گذري ٿو وڃي ۽ رات جو جڏهن هو گهر
ڏانهن موٽي وڃي ٿو، تڏهن سندس ٻار ٻچا الهه
تلهه
سڀ ڪجهه پاڻيءَ
وانگر
لوڙهي وڃي ٿو، جنهن جي منظر ڪشي پڻ ليکڪ ڏاڍي
دلسوز بيان ۾ ڪئي آهي.
هو لکي ٿو ”چوطرف فضا۾ پاڻيءَ جو ڪڙڪو لڳو پيو هو.
ڇولين جو سٽڪو، مرن جون ٻهڪارون، هڏڪارون، گدڙن
جون اونايون، ڪنن ۾ پئي وڳيون. هوا جي گهوگهاٽ کان
پوءِ، مينهن جي ڦوهاري جي ڇاٽ جو سوسٽ پئي پيو،
عيسو سٿر جيڏي پاڻيءَ کي جهاڳيندو اڳتي وڌندو پئي
ويو ، تان جو اچي ڪابلي ٻٻرن جي قطار کي رسيو، جا
نولکيء جي ڪپ جي هيٺان هئي. عيسي جون
ٽنگون لوڏو کائي بيهي ويون، سندس اکين ۾ خوف ڀرجي
ويو.
سامهون نولکيء جي ڪپر جو نشان به ڪونه هو! ...
پاڻي الاجي ڪيڏي مهل ڪپر ڪڍي ڇڏيو. اوچتو سامهون
ڪا اڇي شيءِ ترندي عيسي ڏانهن اچڻ لڳي، اڇي شي
وڌندي اچي عيسي اڳيان پهتي عيسي ٻرانگهون هڻي، وڃي
ان کي ڀاڪر ۾ کنيو. هي عيسي جو موتي ڪُتو
هو، ڪُتو
ڪونڪاٽ ڪرڻ لڳو، ڄڻ ته کيس چوندو هجي، تو ڪٿي
هئين؟ تو ڪٿي هئين؟ تو دير ڇو لاتي؟ تون ڪٿي هئين؟
تون ڪٿي هئين؟ تو دير ڇو لاتي؟
(1)
”اُتر
ڊاهي ان جا“ هيءَ
ڪهاڻي به وڏيرڪي ظلم جو شڪار ڪردار بچو ملاح ۽
نوران جو
آهي، جيڪي پيار جا ٻه پکيئڙا آهن ۽ هو قلندرلعل تي
پنهنجي شادي ٿي وڃڻ جي باسيل باس ڏيڻ جون تياريون
ڪن ٿا ته، اتفاق سان ان ڏينهن رئيس کي به ٻيڙين جي
ضرورت پئي ٿي، پٽ جي ڄڃ ٻئي ڳوٺ وٺي وڃڻ لاءِ جيڪا
بچو هن کي ڏيڻ کان ان ڪري انڪار ڪري ٿو، ڇاڪاڻ ته
هن کي پڻ ٻئي ڏينهن رٿيل پروگرام تحت باس ڏيڻ لاءِ
لعل تي وڃڻو هو، پر پوءِ ٻئي ڏينهن واٽ تي رئيس
جڏهن هنن کي ٻيڙي ۾ هڪٻئي سان خوش ڏسي وٺي ٿو ته
حسد ۽ ساڙ کان هنن مٿان گوليون وسائي کين ماري ڇڏي
ٿو.
سندس ڪهاڻين جي هڪ خوبي اها به آهي، جو انهن ۾
ٻهراڙيءَ جو ماحول، ان جي مطابق پيش ڪيل ڪردار ۽
انهن جي ٻولي پڻ ڳوٺاڻي لهجي مطابق ٺهڪيل هوندي
آهي. مثال سندس شاهڪار ڪهاڻي
”شيدو
ڌاڙيل“
جيڪا ٻولي توڙي ڪردار نگاري جي ڪسوٽيءَ تي پوري
نظر اچي ٿي، جنهن ۾ ليکڪ اهو ٻُڌائڻ چاهي ٿو ته،
ڪو ماڻهو رضا خوشي سان چور يا ڌاڙيل ڪونه ٿو ٿئي،
اهي سماج جا تلخ ۽
انتها پسند رويا آهن، جيڪي ماڻهو کي منفي قوتن طرف
ڌڪين ٿا.
”شيدو
ڌاڙيل“
به سماج جو هڪ اهڙو ئي ڌڪاريل ڪردار آهي، جيڪو ظلم
ستم سهي سهي آخر
۾
جڏهن هو ڌاڙيل بنجي ٿو، تڏهن پوري علائقي لاءِ
دهشت جي صورت بنجي اڀري ٿو، جنهن جي ڪردار جي
عڪاسي ڪندي ليکڪ لکي ٿوته
”اڄ
شيدو جو سڄي تر ۾ ڏهڪاءُ هو. ٻارنهن ڪوهي ۾ چڱا
چڱا جوان مرد شيدوء جو نالو ٻُڌي ڏڪي ويندا هئا.
هاڻي هن کي شيدو ڪير ڪونه ڪوٺيندو هو. شيدو هو به
ته پورو پورو ڌاڙيل ٽانڊن جيان ٻرندڙ ڳاڙهيون
اکيون، جن مان ڄڻ ته باه جون اماڙيون ٿي نڪتيون،
جن مان شايد ڪڏهن به ڪا رحم ڀري نظر نه نڪتي هئي ؛
رڪ جهڙيون ٻانهون، جن ۾ آسمان جي سيني مان تارن
ڇني وٺڻ جي طاقت سمايل هئي. ڪلهي تي سدائين
چانديءَ جيان چمڪندڙ ڪهاڙي رات جي اونداهيءَ ۾
شيدو جي ڪاري چمڙيءَ سان ڍڪيل ڀيانڪ صورت ائين
لڳندي هئي، ڄڻ ته ڪنهن ڀوت جو پاڇو هجي.“
(2)
جڏهن شيدو اهڙو ڀيانڪ روپ اختيار ڪري ٿو، تڏهن
رئيس ڌڱاڻو خان هن ۾ ٻئي هٿ وجهي، هن کي پنهنجو
هٿيار بنائي ٿو. ليکڪ رئيس ڌڱاڻي
خان جي ڪردار جي سڃاڻپ هنن لفظن سان ڪرائي ٿو ته
”وٽس وڏا وڏا نالي وارا بدمعاش ڌاڙيل خوني ۽
وارنٽي ويٺل هئا. هو سڀ ڌڱاڻي خان جي راڄ ۾
الوليون ڪندا هئا. مجال هئي ڪنهن کي جو ڏانهن اک
کڻي به نهاري. رئيس چوندو هو ته
”مان
جوڳي آهيان جوڳي! منهنجي گودڙيءَ
۾ ڪاريهر نانگ آهن. عام جوڳي ڪاريهرن جا ڏند ڀڃي
انهن کي کير پياري مرلي وڄائي ڏوڪڙ ڪمائيندا آهن،
پر مان؟
مون کي ته گهرجن ئي ڪاريهرڏند وارا
زهريلا ۽ زور ڏنگڻا، ڪيڏو نه مزو ايندو آهي مون
کي، جڏهن ڪو ماڻهو منهنجي ڪاريهر جي ڏنگ کان ڏنگبو
آهي، ويرم ئي ڪانه لڳي
بس هڻ ۽ کڻ.“
(3)
اهو آهي ان ڪهاڻيءَ
۾ رئيس جو ڪردار، جيڪو شيدو کي پنهنجي مطلب حاصل
ڪرڻ لاءِ هڪ هٿيار طور استعمال ڪري ٿو ۽ آخر ۾ ان
کان به سندس محبت زيبي کي ڏوڪڙن جي لالچ ڏئي، ان
کان ڇني ڇڏي ٿو، جنهن تان شيدو تاءُ کائي هن سان
وڙهي ٿو ته رئيس ان کي پنهنجي ساٿاري ۽ ڀاڱي
ڀائيوار پوليس آفيسرن جي مدد سان مارائي سندس مٿان
رکيل سرڪاري انعام پاڻ وصول ڪري ٿو ۽ ائين وڏيرو
هميشه جيان پنهنجي اثر رسوخ سان بچي وڃي ٿو ۽ شيدو
مري وڃي ٿو، جيڪو نه پنهنجي مرضيءَ سان ڌاڙيل بڻيو
هو ۽ نه ئي پنهنجي مرضيءَ سان رئيس جو آلاڪار ٿيو
هو.
بقول موهن ڪلپنا جي ته، ”ليکڪ ڏيکارڻ چاهي ٿو ته
اسين جن کي ڌاڙيل يا دادا سمجهو ٿا، سي خود مظلوم
آهن. سماج جا سچا دشمن رئيس ڌڱاڻي
خان جهڙا وڏيرا آهن، جن وٽ پوليس ۽ ڪامورا سلام ڪن
ٿا، جن تي ڪو ڪيس نٿو هلي . سندن اهو ظلم صدين کان
چالو آهي.“(4)
سندس ان ڪهاڻيءَ
جي تعريف ڪندي رسول بخش پليجو لکي ٿو ته ”منهنجي
نظر ۾ موضوع توڙي فن جي لحاظ کان هي افسانه
نگاريءَ جو اهڙو عمدو شهپارو آهي، جو ان کي دنيا
جي ٻين ترقي يافته
ٻولين جي بهترين افسانن سان بنا ڪنهن هٻڪ جي ڪلهو
ڪلهي سان ڏياري بيهاري سگهجي ٿو.“
(5)
ان کانسواءِ ان موضوع تي ”پن ٻوڙين پاتال ۾“ ڪهاڻي
پڻ لکيل آهي، جنهن ۾ سدوري کي وڏيرو صرف ان ڪري
تباه ۽ برباد ڪري ڇڏي ٿو، جو هن کيس ووٽ ڏيڻ کان
انڪار ڪيو هو. اهڙي طرح اهي ڪهاڻيون ڳوٺ جي مظلوم
ماڻهن سان ٿيندڙ راتاه سان ڀريل نظر اچن ٿيون.
ممتاز مهر سندس ڪهاڻين بابت لکي ٿو ته ”غلام رباني
جي ڪهاڻين جو ماحول ٺيٺ ڳوٺاڻو آهي. جمال
ابڙي وانگر رباني به ڳوٺاڻي ماحول ۽ حالتن جي
عڪاسي ڪئي آهي“.(6)
سندس ڪهاڻين جو ٻيو وڏو موضوع شهري زندگيءَ بابت
آهي، جنهن ۾ سندس افسانو ’نيٺ بهار ايندو‘
به شامل آهي. هن ٽائيٽل تي سوڀي گيانچنداڻي جي
ڪهاڻي پڻ ادبي حلقن ۾ گهڻي مڃتا ماڻي چڪي آهي .
غلام رباني جي هيءَ ڪهاڻي سنڌي سماج جي ناسور جيان
ٽمندڙ انهن
رواجن ۽ رسمن جي ڦٽن تي ٻڌل آهي، جنهن جي سبب ٻه
ماڻهو بغير ڪنهن جذباتي لڳاءَ جي شادي جي ٻڌڻن ۾
ٻڌا ويندا آهن، ائين فاطمھ
جيڪا ڊاڪٽر گل کان ست سال وڏي هئي، ان سان پرڻائي
وڃي ٿي. ڪافي سال گذرڻ کانپوءِ به جڏهن هنن ٻنهي
جي وچ ۾ ڪابه ذهني يا جذباتي هم آهنگي پيدا نٿي
ٿئي، تڏهن ڊاڪٽر گل ٻي شادي ڪري ڇڏي ٿو، پر اهو
پڇتاءُ هن سان هر وقت ساڻ رهي ٿو ته، هن فاطمھ
سان بي واجبي
ڪئي آهي، جنهن جو ذڪر هو پنهنجي دوست سان ڪندي چوي
ٿو ته ”تون مون کي خود غرض سڏين ٿو ته ڀلي سڏ، پر
اهو به ٻڌاءِ ته فاطمھ
جي زندگي تباه ڪرڻ ۾ ڪنهن جو هٿ آهي؟ منهنجو يا
سماج جو، جيڪڏهن تون ڏوهيءَ کي سزا ڏيڻ چاهين ٿو
ته هن سڄي سماج کي سوريءَ تي لٽڪاءِ، ڀنڀور کي باه
ڏي ! انهن پوڙهن جي پيشانيءَ تي لکي ڇڏ ته هي آهن
اهي انسان، جي پنهنجي جگر جي ٽڪر سان راند ڪندا
آهن.“
ڪيڏو نه ڪڙو سچ لڪيل
آهي ربانيءَ جي انهن سِٽن ۾. هن ڪهاڻيءَ
۾ شهري زندگيءَ
جي پڙهيل لکيل ماڻهن جي نفسيات انهن جي شعور،
مشاهدي ۽ انهن جي وچ ۾ ٿيندڙ گفتگو کي به ڏاڍي
اثرائتي انداز ۾ پيش ڪري ٿو. مثال هڪ جاءِ تي
پروفيسر گل، بيگم تاج کي ٽوڪيندي چوي ٿو ته“عورت
کي ٿلهي ٿيڻ کان زياده پوڙهي ٿيڻ جو خوف ستائيندو
آهي.
آسڪر وائيلڊ چوي ٿو ته، ”هر عورت اهو چاهيندي آهي
ته، هوءَ
پنهنجي ڌيءُ کان ڏه ورهيه ننڍي ڏسڻ ۾ اچي.“
جواب ۾ بيگم تاج هن کي چوي ٿي ته ”آسڪر وائيلڊ
عورت جي نفسيات تي سند نه آهي.“
تنهن تي وري پرو فيسر گل هن کي چوي ٿو ته ”وائيلڊ
انسان جي فطرت جو اونهو
اڀياس ڪيو آهي، هو وڏو آدم شناس هو
.“
آدم شناس نه مردم شناس چئو بيگم تاج ٽهڪ ڏيندي چيو“.(7)
هن ڪهاڻيءَ جو اسلوب آرٽ ۽ فن جي بلنديءَ
تي نظر اچي ٿو.
آبِ
حيات:
هيءَ
ڪهاڻي،
سنڌو درياءَ جي تاريخ ۽ سندس مٿان پيل نالي مهراڻ،
جي پس منظر کي بيان ڪري ٿي، جنهن کي ليکڪ ڀرپور
فني اسلوب سان گهڙي ديو مالائي ڪردارن جي روپ ۾
فطرت نگاريءَ
جي جوهر سان جڙي دلنشين ۽ لڀائيندڙ انداز سان پيش
ڪيو آهي. هن ڪهاڻيءَ ذريعي هو اهو تاثر ڏيڻ جي
ڪوشش ڪري ٿو ته، دنيا ۾ نيڪي، سچائي
۽
انسانذات سان محبت ڪرڻ وارو هميشه زنده رهندو، ان
کي ڪڏهن به آبِ
حيات پيئڻ جي ضرورت پيش نه ايندي.
بدلو:
هن ڪهاڻيءَ
۾ هڪ ماڻهو گلاب، جيڪو ٽانگو هلائيندو آهي ۽
پنهنجي گهوڙي
’پکيءَ‘
سان بيحد پيار ڪندو آهي، پرجڏهن هو بيمار ٿئي ٿو،
گهوڙي جو مالڪ اهو گهوڙو ٻئي ٽانگي واري (خيرو) کي
ڏهاڙيءَ تي ڏئي ٿو ۽ جيڪو ان گهوڙي
پکي جي ڪري گهٽ ڪمائيندو هو، سو پنهنجي حسد ۽ ساڙ
جي باهه
ان بي گناهه
جانور تي بي انتها ظلم ڪري ڪڍي ٿو، پر گلاب
بيماريءَ مان جڏهن ٺيڪ ٿي وڃي ٿو ته اهو گهوڙو
گلاب کي ٻيهر موٽي ملي ٿو. سندس حالت ڏسي نه صرف
هو، پر ننڍڙي ڌيءُ زليخا به ڏکاري ٿي وڃي ٿي. جڏهن
سندس نظر خيروءَ تي پئي ٿي، هيءَ معصوم ڇوڪري خيرو
کي حقارت ۽ نفرت مان ڏسي، جيڪي لفظ چوي ٿي، اهي
لفظ ۽ اها نظر،
خيروءَ جي ضمير ۾ چُهنڊڙي جيان چُڀي وڃن ٿا ۽
معصوم ٻار جي ان رويي جو کيس اهڙو ته پڇتاءُ ٿئي
ٿو، جو سندس ڪنڌ شرم کان جهُڪي
وڃي ٿو.
هن ڪهاڻيءَ ۾ ليکڪ ٻُڌائي ٿو ته معمولي زندگي
گذارڻ وارن ماڻهن جا هڪ ٻئي سان ڪهڙي قسم جا
اختلاف هوندا آهن ۽ اهي اختلاف ڪيئن تعصب جو سبب
بنجي بيگناهه
جانور مٿان تشدد جي صورت ۾ سامهون اچن ٿا. جمال
ابڙو سندس ڪهاڻين بابت لکيو آهي ته ”غلام رباني
تمام سٺيون ڪهاڻيون لکيون آهن. هن جو انداز، ڏاڍو
پيارو هو، منهنجو انداز سخت گير هو، پر رباني جو
مٺو لهجو هو. جيئن فيض احمد فيض جو پيارو لهجو هو.
هر ڳالهه پيار سان ڪندو هو، ته چئبو هو ته ٺنڊڪ ٿي
ويئي، ربانيءَ جو اهڙو لهجو هو“.(8)
سندس ڪهاڻين جي پهرين مجموعي ”آبِ
حيات“ کان پوءِ سندس لکيل ڪهاڻيون گهڻي ڀاڱي سندس
سنڌ کان ٻاهر گذاريل زندگيءَ جي مشاهدن تي مبني
نظر اچن ٿيون، جن جا موضوع
۽ ڪردار لڳ ڀڳ هڪ ٻئي سان ملندڙ جلندڙ آهن. انهن
ڪهاڻين ۾ وڏن شهرن-
اسلام آباد، لاهور ۽ ڪراچي جي ماڻهن ۽ گهڻ پاسائين
سماج جي مسئلن جي نشاندهي ڪئي وئي آهي. سندس اهڙين
ڪهاڻين ۾ لهرن لک لباس، خواب ۽ همسفر شامل آهن، جن
۾ هن زندگيءَ
جي سفر ۾ گڏجندڙ انهن خوبصورت ماڻهن ۽ انهن سان
گهاريل ڪجهه دلفريب لمحن جون يادون بيان ڪيون
آهن، جيڪي زندگيءَ ۾
ته همسفر بنجي نه سگهيا، پر پڄاڻان پرين حسرتن جا
ڪوٽ کڙا ڪري مسافرن کي هميشه لاءِ
قيد ڪري هليا ويا.
سندس ڪهاڻين جي خاص خوبي حقيقت پسنديءَ سان گڏ
زندگي جي تلخ تجربن مان حاصل ڪيل مشاهدن جي بنياد
تي جوڙيل ننڍا ننڍا معنيٰ
خيز جملا پڻ آهن، ان کان علاوہ سندس ڪهاڻين ۾ شامل
تشبيهون به ڪمال جون آهن. هيٺ ٻنهي جا ڪجهه مثال
پيش ڪجن ٿا:
§
”بس ملن جو ملڪ آهي دڪاندار مرڪندي چيو:
غلاميءَ
۾ رهي اونده تي اهڙو ته هري مري ويا آهن سو سوجهري
جا ڪرڻا اکين ۾ تير ٿي ٿا چُڀن“
(اکڙيون اڃايون)
§
”ملٽري وارا اشارو ۽ ڪنايو هميشه گهٽ سمجهندا آهن،
هو ته فقط حڪم ڏئي ۽ ٻڌي ڄاڻن“. (اکڙيون اڃايون)
(9)
§
”شاعرن جي دنيا جو ڪوبه وجود ڪونه هوندو آهي، هو
ته فقط تخيل ۾ رهي ڄاڻن.“ ( نيٺ بهار ايندو)
(10)
§
”بي خواب زندگي حقيقت ئي سهي، پر ڪيڏو نه عذاب
آهي. ”ڪيڏو نه
خوشنصيب آهي اهو انسان جنهن جي اکڙين ۾ ڪو خواب
آهي.“ (خواب)(11)
§
”بيشڪ ڪاري روح ۽ بي حياءَ اک کي ڌوئي پاڪ ڪرڻ
لاءِ آب حيات جا هزارين چشما به ڪافي ناهن.“ ( آب
حيات)
(12)
تشبيهون
”مهراڻ جي سطح ائين پئي لڳي ڄڻ ڪو چانديءَ جو ته
هجي“ (آب حيات)
(13)
”ڇوڪرا ٽنگو ٽالي ڪري شيدو کي ماستر ڏانهن ائين
کنيون پئي ويا، جيئن ماڪوڙيون ڪنهن مئل ڏينڀوءَ کي
پنهنجي ڏرڙ ڏانهن نينديون آهن.“
(شيديو ڌاڙيل)
(14)
§
”هن جهڙي حسن وارو هن ملڪ ۾ هو ئي ڪونه. سدائين
نيڻن ۾ جواني جا جام پيا ڇلڪندا هئس،
ڳلن ۾ شفق مثل لالاڻ
وارن ۾ اماوس جي اونده،
ڳالهائيندو هو ته ائين ڄڻ جل ترنگ پيو وڄي“. (آب
حيات)
§
”سندس پيرن پٿرن تي ائين ٿي آواز ڪيو جيئن مينهن
جون ڪڻيون ٽامي جي ٿالهه
تي ڪرڻ مهل ڪنديون آهن.“ (آب حيات)
(15)
سراج سندس ڪهاڻين جي باري ۾
لکي ٿو ته ”سنڌي ادب بلڪه پاڪستاني ادب ۾ ربانيءَ
جون ڪهاڻيون هڪ خوبصورت پهڻ آهن. جنهن ٻئي سموري
خس وخاشاڪ کي ٻوڙي پنهنجو اعليٰ مقام پيدا ڪيو
آهي. هن جي هر ڪهاڻي سنڌي ادب جو قيمتي زيور آهي،
سموري سنڌي ادب ۾، ربانيءَ
جي ٻولي نهايت اعليٰ مقام ٿي رکي. هن جون تشبيهون
۽ استعارا
سنڌي سماج جو خوبصورت مظهر آهن. رباني جي ڪهاڻين ۾
سنڌ ڳالهائي ٿي ۽ اهو ڳالهاءُ عالمگير آهي“.(16)
فڪري حوالي سان جائزو وٺجي ته رباني جون
اڪثرڪهاڻيون سنڌ جي ڳوٺن ۾ رهندڙ غريب ۽ اٻوجهه
ماڻهن جي نفسيات سندن رهڻي ڪهڻي، سوچ ويچار ۽
ٻوليءَ جو انداز بيان پيش ڪرڻ سان گڏوگڏ سندن مٿان
ازل کان مسلط طاقتور ڌرين جي ظلمن جي پڻ نشاندهي
ڪندي نظر اچن ٿيون.
شمس الدين عرساڻي سندس ڪهاڻين تي راءِ ڏيندي لکي
ٿو، ته ”غلام رباني جون مختصر ڪهاڻيون پنهنجي
مخصوص فڪر، نج ٻوليءَ ۽ تشبيهن جي لطافت، سنڌي
ڳوٺاڻي ماحول جي عڪاسي، موضوع ۽ اسلوب جي هم
آهنگيءَ ڪري ۽ سماجي بڇڙاين کان نفرت ۽ انسان
دوستيءَ
جي جذبي جي حوالي سان پاڻ ۾ گهڻي ڪشش رکن ٿيون“. (17)
سندس ڪهاڻين جي مقبوليت جو اندازو ان مان لڳائي
سگهجي ٿو ته سندس ڪهاڻين جا هن وقت تائين انگريزي
کان علاوه گجراتي، هندي، جرمني، چيني، مرهٽي،
فارسي ۽ اردو زبان ۾ ترجما ڪيا ويا آهن.
حوالا:
1.
آگرو، غلام رباني، 1955ع،
مهراڻ سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو، ص.66
2.
شورو، شوڪت، 2017ع،
سو سالن جون چونڊ ڪهاڻيون، انسٽيٽيوٽ آف
سنڌالاجي،، ص.138
3.
ساڳيو، ص. 139
4.
موهن ڪلپنا، 2007ع،
افسانوي ۽ فڪري ادب،
مرتب:
جامي چانڊيو،
سنڌيڪا اڪيڊمي ڪراچي، ص 31
5.
پليجو، رسول بخش،
2011ع،
آب
حيات ڪهاڻي،
ڪليات غلام رباني،
روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو، ص241
6.
مهر، ممتاز، ويچار، 2013ع،
ادبي تنقيد ۽ اڀياس،
نئون نياپو، ڪراچي، ص.120
7.
آگرو، غلام رباني، 2011ع،
آب حيات ڪهاڻي ڪليات،
روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو ، ص.50
8.
ساڳيو ص. 43
9.
ابڙو جمال، 2009ع،
آءٌ به جاڳي پوندس، سهڙيندڙ:
بدر ابڙو، سنڌيڪا اڪيڊمي، ڪراچي، ص.303
10.
آگرو، غلام رباني، 2011ع،
آب حيات ڪهاڻي ڪليات،
روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو ، ص.45
11.
ساڳيو ص.209
12.
ساڳيو، ص.134
13.
شورو، شوڪت، 2017ع،
سو سالن جون چونڊ ڪهاڻيون، انسٽيٽيوٽ آف
سنڌالاجي، ص.136
14.
آگرو، غلام رباني، 2011ع،
آب حيات ڪهاڻي ڪليات،
روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو ، ص.129
15.
ساڳيو، ص.132
16.
ساڳيو، ص.15
17.
عرساڻي، شمس الدين،
1984ع،
آزاديءَ کانپوءِ سنڌي افسانوي ادب جي اوسر،
انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي، ص 392 |