|
منٽو بنيادي طور تي هڪ حقيقت نگار يا
کڻي چئجي ته
تلخ حقيقتن
کي بيان ڪرڻ وارو
ليکڪ هو،
جنهن معاشري
جي
مُنهن
تان شرافت، ڪوڙ، ڌوڪي ۽ فريب جو
نقاب لاهي ڦٽو ڪيو،
۽ ماڻهن کي
سندن اصل سڃاڻپ کان متعارف ڪرايو هو، جنهن سبب
اهي
ماڻهو
پنهنجو اصلي چهرو ڏسي نه
پئي سگهيا ۽
نتيجي ۾
هن تي
تهمتن جا تير
وسايا ويا.
ڪڏهن
هن کي
ملحد ته
ڪڏهن غدار،
ڪڏهن فحش نگار ته
ڪڏهن
شرابي
سڏيو ويو. ايئن کيس
هر قسم
جي
بهتانن
سان نوازيو ويو، ۽
هن
جي مختصر زندگيءَ
۾
مٿس
ڪيترا ئي مقدما
هلايا ويا.
ساڳيءَ
ريت
مٿي بيان ڪيل
سنڌي افسانا
نگارن کي
پڻ ساڳي
مخالفت ۽
الزامن سان نوازيو ويو هو،
پر
اها به
پنهنجي جاءِ تي هڪ
حقيقت آهي ته هنن ليکڪن سماج جي
جن
تلخ حقيقتن کي
پنهنجي
فن ۽
فڪر جو موضوع بنائي پيش ڪيو هو،
اهي لکڻيون
اڄ به
پڙهندڙن
۾ مقبول ۽ مشهور
آهن.
جنسيات تي لکيل ڪهاڻيون:
منٽو اهو ليکڪ هو،
جنهن جنس تي سڌو سنئون لکيو.
سندس جنس تي لکيل ڪهاڻيون جنسي لذت حاصل ڪرڻ لاءِ
لکيل
نه
آهن،
پر سماجي حقيقتن تي مشتمل آهن، انهن ڪهاڻين ذريعي
منٽو اهو ڏيکارڻ چاهي ٿو ته
ڪيئن سماج جا بظاهر
شريف
نظر ايندڙ چهرا
پنهنجي جنسي تسڪين لاءِ
عورت جو استحصال ڪن
ٿا، پوءِ اها
عورت
نوڪري
ڪرڻ
واري هجي
يا
گهريلو عورت هجي،
غريب
۽
لاچار
عورت
هجي يا ڪوٺي تي ويٺل طوائف هجي. اهي ئي مرد آهن،
جيڪي سندن استعمال هڪ ٽشو
پيپر جيان ڪري،
کيس ڦٽو ڪري ڇڏين
ٿا. منٽو
پنهنجي افسانن ۾
اهڙن ڪردارن جي ڀرپور نندا ڪري ٿو.
’هتڪ‘
جو حولدار ”ماڌو“ هجي
يا
”سڙڪ
ڪي
ڪناري“
جو نيرين اکين وارو هيري
جو ڪردار
هجي،
جيڪو هڪ عورت
جي جسم مان
خواهش
پوري ڪري
ٿو، پر هن کي اڌورو ڪري
سندس وجود جا ٽڪرا ڪري هليو
وڃي ٿو.
يا
وري
”الله
دتا“
ڪهاڻي
جو اهو منافق پيءُ
جو ڪردار
هجي، جيڪو پنهنجي جنسي اُڃ
پنهنجي ڌيءُ
زينب
مان اجهائي ٿو
۽ گڏوگڏ ننهن تي به ميري نظر رکي ٿو.
منٽو اهڙن سڀني ڪردارن کي بي نقاب ڪري سندن اصليت
بيان ڪري ٿو، بقول ممتاز شيرين جي ته:
"معاشرے
کی
بدی،
بدصورتی
اور گندگی
کو اس نے
بہت قریب
سے
دیکها
اور زندگی
کے
زہر کو اس طرح چکھا کہ اس کی
تلخی
کام و دہن سے
گذر کر رگ و پے
میں
اتر گئی۔
زندگی
کے
مشاہدے
اور تجربے
میں
منٹو
نے
اپنے
آپ کو موم شمع کی
طرح پگهلایا
اور زندگی
کے
ایسے
پہلوئوں
کو پوری
جرات بے
باقی
اور بے
رحم صداقت کی
ساتھ پیش
کیا
جنہیں
چهونے
کی
ہمارے
ہاں
بہت کم ادیبوں
کو جرات ہو سکتی
تهی۔"(9)
گڏوگڏ هو
مذهب جي نالي تي غريب ماڻهن جي
ضعيف الاعتقادي
کي
پنهنجي ڪهاڻي
”ڪرامت
بابا“
۾ ڏاڍي اثرائتي انداز ۾ پيش ڪري ٿو،
جنهن ۾ هن هڪ ٺڳ ماڻهوءَ
جو ذڪر ڪيو آهي،
جيڪو ڳوٺ جي سادي سوچ رکندڙ ماڻهوءَ
کي مذهب جي
فريب ۾ آڻي،
سزا جزا جا ليکا ڪري،
نه
صرف سندس مال
۽ ملڪيت
کائي وڃي ٿو،
پر سندس ننگن ڌيءُ ۽ زال جي
به
عزت لٽي ڀڄي وڃي ٿو ۽ اهي
اٻوجهه،
بي سمجهه
ماڻهو ان کي
الله جي طرفان موڪليل هڪ بزرگ
سمجهي،
پنهنجي تباهيءَ کي
به
پنهنجي
خوش
نصيبي
مڃي خوش
ٿين ٿا.
سنڌي افسانا
نگارن
۾ محمد
عثمان ڏيپلائي،
نجم عباسي
۽ امرجليل
ان موضوع تي تمام گهڻيون ڪهاڻيون لکيون آهن،
جن ۾ محمد عثمان ڏيپلائي جون ڪهاڻيون”
مرشد جي ڏاڙهي“،
”وهابيءَ
جي سزا“،
”مرشد
جي زال“
۽
نجم عباسيءَ
جون ڪهاڻيون”ڪرامت“،”پير
لوڻ“،
”ڇوڏو“،
”دعا
۽ تاڙيون“،
امر جليل جون ڪهاڻيون
”اروڙ
جو مست“،
”پلصراط“،
”ڇتي
ڪُتي
جو موت
“۽
ٻيون ڪيتريون ڪهاڻيون مذهب جي نالي ڌوڪو
کائيند
اٻوجهه
ماڻهن جي ضعيف
الاعتقاديءَ جي تصويرڪشي ڪندي نظراچن ٿيون،
پرهتي جيئن ته
اسان جو موضوع گهڻي ڀاڱي منٽو جي جنس تي لکيل
ڪهاڻين تي
مبني
آهي،
ان ڪري اسان اهڙين ڪهاڻين
کي
مدنظر رکيو آهي،
جيڪي
گهڻي ڀاڱي
ان موضوع تحت لکيل آهن.
مثال
منٽو جي
ڪهاڻي
’دُهنوان‘،
جنهن ۾
هو ننڍي عمر جي ٻار مسعود جو ڪردار پيش ڪري ٿو،
جيڪو
ڇهين ڪلاس ۾ پڙهي ٿو ۽
بلوغت
واري عمر
ڏي وڌي
رهيو
آهي
۽
هن ۾ ڪجهه تبديليون ظاهر ٿي رهيون آهن ۽ انهن
جسماني تبديلين سبب
هن کي دڪان تي تازو
ذبح
ٿيل ٻڪريءَ
جي کل لهڻ کان پوءِ رکيل گوشت ڦڙڪندي محسوس ٿئي ٿو
۽ گهر ۾ وري
پنهنجي ڀيڻ کي لتون ڏيندي ٽنگن جي جڳه تي نرم گوشت
جو ڇهاءُ
به
هن کي
ساڳي حيرت ۾
مبتلا ڪري ٿو.
منٽو
ان ٻار جي نفسيات جو ڪنهن ماهر نفسيات دان جيان
جائزو وٺي ٿو ته
ڪيئن ان ٻار جي
اندر ۾ تبديل ٿيندڙ
هر ڪيفيت ان کي
ان عمر ۾
حيران ڪري ٿي.
ڪهاڻيءَ
جون هي سٽون ته
”مسعود
اهڙين ڳالهين بابت سوچي رهيو هو،
جنهن جو مطلب هو پاڻ به سمجهي نه پئي سگهيو.
هو انهن ڳالهين کي محسوس ته ڪري رهيو هو، پر ان جو
مطلب
هُن جي
سوچ کان مٿي هو، پر انهن سوچن ۾ کيس مزو ضرور اچي
رهيو هو.“
(10)
ان ڪهاڻيءَ
۾
ليکڪ
ان
ٻار
کي مجرم ڪونه
ٿو سمجهي،
ڇو
ته
اسان جي معاشري ۾ سيڪس تي ڳالهائڻ گناه
برابر
آهي ته
پوءِ اهي ننڍا ٻار جيڪي
بلوغت جون ڏاڪڻيون چڙهي رهيا
هجن،
انهن کي انهن شين
بابت ڄاڻ
صرف
پنهنجي مشاهدي
ڪرڻ
مان ئي
حاصل
ٿي
سگهي ٿي.
انهيءَ
ڪشمڪش ۾ هو هاڪي کي ڀڃڻ جي ڪوشش ڪري ٿو، منٽو هن
افساني ۾ ڪٿي به ان ٻار کي فحش حرڪتون ڪندي ڪونه
ٿو ڏيکاري، بس هن جي اندر ۾ ڪجهه سوال آهن، جيڪي
هن کي پريشان ڪري رهيا آهن، انهن بابت آگاهي ڏئي
ٿو.
سندس لکيل
هڪ ٻي ڪهاڻي
”بلائوز“
به
ان موضوع کي بيان ڪري ٿي.
منٽو جنس جو جائزو مختلف زاوين کان پيش ڪري ٿو.
مثال سندس ڪهاڻي
”
بُو“
جنهن تي
پڻ
فحش نگاريءَ
جا الزام لڳايا ويا
هئا،
ان
۾ رنڌير نالي هڪ شخص برسات جي هڪ رات
هڪ
ڇوڪريءَ
سان
اتفاق سان
ملي ٿو،
جيڪا ڪارخاني ۾ ڪم ڪندي آهي ۽ جڏهن هو
برسات جي ڪارڻ
هڪ ٻئي جي ويجهو اچي وڃن
ٿا،
تڏهن ان ڇوڪريءَ
جي جسم مان نڪرندڙ بوءِ
جنهن کي هو ڪيڏي
مهل بو ته
ڪيڏي مهل خوشبو ڀانئين
ٿو
۽
اها
بوءِ،
هن جي اندر ائين سمائجي وڃي ٿي،
جو هو ڪيترن سالن کان پوءِ
جڏهن
شادي ڪري ٿو، ته
باوجود ان جي ته
سندس زال خوبصورت،
امير
۽ ان وقت
خوشبوءِ
سان
معطرآهي،
پر هو،
ان وقت به
ان
ڇوڪريءَ
کي ياد ڪري
رهيو
هو، جنهن جي جسم ۾ عجيب
قسم جي
بوءِ
هئي، جنهن هن جي دل ۽ دماغ ۾
هميشه لاءِ
واسو ڪري
ڇڏيو هو.
ڪهاڻيءَ
جون هي سٽون ان جي ڪيفيت کي چڱيءَ
طرح بيان ڪن ٿيون ته:
"ساری
رات رندهیر
کو اس کے
جسم سے
ایک
عجیب
قسم کی
بُو آتی
رہی
تهی۔
اس بُو کو جو بیک
وقت خوشبو بهی
تهی
اور بدبُو بهی۔
وہ ساری
رات پیتا
رہا۔ اس کی
بغلوں
سے،
اس کی
چهاتیوں
سے،
اس کے
بالوں
سے،
اس کے
پیٹ
سے،
جسم کے
ہر حصّے
سے
یہ
جو بدبُو بهی
تهی
اور خوشبو بهی،
رندهیر
کے
پورے
سراپا میں
بس گئی
تهی۔"(11)
هن ڪهاڻي ذريعي منٽو ٻُڌائڻ
چاهي ٿو ته انسان جو اصل حُسن
فطري هوندو آهي، مصنوعي حُسن
صرف ان کي ظاهري خوبصورتي ڏئي سگهي ٿو.
سنڌي افسانه
نگارن ۾ غلام نبي مغل
۽ منير احمد ماڻڪ ٻه
اهڙا
ليکڪ هئا،
جن جنسيات تي ڪهاڻيون لکيون آهن.
اهي
ڪهاڻيون پڻ جنسي لذت
حاصل ڪرڻ جو ذريعو
نه
آهن، پر
اهي جنس جي حوالي سان مختلف
ذهني ڪيفيت رکندڙ
ماڻهن جي نفسيات
جي عڪاسي ڪندڙ
ڪهاڻيون
آهن.
مثال
غلام نبي مغل جي
ڪهاڻي
”ککو
پلو ڄام تماچي الرجي“
پڻ اهڙي
ئي
موضوع کي بيان ڪري ٿي، جنهن ۾ هڪ
شهري
آفيسر
جي بدلي ڳوٺ ۾ ٿئي ٿي،
جنهن
کي
هر
قسم جي مٽي،
دز
،گند
۽ بوءِ
کان نفرت آهي، خاص ڪري، مڇي پلي
کان
ته
کيس شديد الرجي آهي
۽
هو هر
وقت
پنهنجي نوڪرن کي
صابڻ سان
هٿ ڌوئڻ جي تاڪيد ڪندو رهي ٿو،
پر
هڪ ڏينهن
جڏهن،
هن جي
زال
پنهنجي پيءُ جي آپريشن سبب
شهر وڃي ٿي،
تڏهن
رات جو
سندس نوڪر جي زال زينا هن کي
اڪيلو
ڏسي،
مهڻو ڏيندي ناز مان چئي ٿي ته”
ڇا صاب تو ڏٺو به
ڇاهي؟ اهي صابڻ سان ڌوتل گسيل بدن. بس نه!
صاب انهيءَ پلي ۾ ڪهڙي لذت،
جنهن کي پاڻي منجه ڌوئي ڌوئي ترجي. پلي جي لذت ته
تڏهن آهي، جڏهن جيئرو جاڳندو ڦٿڪندو پلو درياءَ
مان ڪڍي رڌيس ۽ پوءِ کائي
ته ڏس، چپ به چٽيندين ته
آڱريون به.
پڇاڙي جو ڇلر به
نه
ڇڏيندين.“
(12)
تڏهن اهو شهري آفيسر
ان ادا تي
هرکجي،
ساڻس گڏ رات گذاري
ٿو.
غلام نبي مغل مرد جي
ٻٽي
معيار
واري رويي
کي
بيحد فنائتي نموني
بي نقاب ڪري ٿو.
هن جي
هڪ ٻي ڪهاڻي”
ريشمي وار“
پڻ
هڪ
انوکي موضوع کي بيان ڪري ٿي، جيڪا
پيشي ور عورت (طوائف) جي ڪهاڻي
آهي،
جيڪا پنهنجي گراهڪن جي رحم وڪرم تي زندگي گذارڻ تي
مجبور آهي.
هڪ
ننڍي عمر جو گراهڪ سندس بغل جا وار ڏسي بُڇان
مان هن کي پئسا ڏئي
چوي ٿو
ته
، اهي وار
بالصفا
وٺي،
صاف
ڪري
ڇڏ-
جڏهن ته
هڪ وڏي عمر وارو سيٺ
رحيم
انهن وارن تان
ٻلهار ٿيندي،
کيس
چوي ٿو ته،
”الماس!
تنهنجا هي وار ڏاڍا سٺا آهن.
مون کي انهن کي ڏسي اهي کهريون بغلون سوچي ڏاڍي
بڇان پئي اچي، جي وار ڪوڙي ڪوڙي اهڙيون
ڀوائتيون ۽ کهريون ٿي ويون آهن ڄڻ اهي هنڌ عورت جي
جسم جا ئي نه هجن.
اهڙو ريشم هن جڳه
مان نڪري ٿو
۽
تون هن کي بال صفا
سان صفا
ڪري ٿي ڇڏين.“
(13)
هن ڪهاڻيءَ
۾ ان عورت جي ذهني ڪشمڪش کي ليکڪ
ڏاڍي اثرائتي انداز سان بيان ڪيو آهي. منٽو جيان
غلام نبي مغل
به
انهن
سماجي
روين
جي نندا ڪري ٿو، جيڪي جنس
کي صرف لذت ماڻڻ جو ذريعو سمجهن ٿا، ۽ ڪنهن ٻئي
ماڻهو جي خواهشن
جو قتل ڪن ٿا.
مغل جي
انهن
ڪهاڻين کان علاوه
جنس
تي لکيل
ٻين
ڪهاڻين ۾
”باه
۽ برف“،
”ٻوساٽ“
وغيره
شامل آهن. شمس الدين عرساڻي سندس ڪهاڻين تي راءِ
ڏيندي لکي ٿو ته
”مغل
جون ڪهاڻيون سماجي ماحول جي انهن پهلوئن کي ڇُهن
ٿيون، جن ۾ مرد ۽ عورت جي جنسي ڇڪتاڻ ۽ رغبت جو
عڪس هوندو آهي. سندس ڪهاڻين کي پڙهڻ سان معاشري ۾
پوندڙ ڦوٽ ۽ ٽٽندڙ اخلاقي قدرن جو لامحاله
احساس جاڳي ٿو ۽ انسانيت جو مسخ ٿيل مهانڊو نظر
اچي ٿو“(14)
سنڌي
افسانا
نگارن ۾
منير احمد ماڻڪ پڻ اهڙو افسانا
نگار هو، جنهن
پڻ
جنس جي موضوع تي
ڪهاڻيون
لکيون،
ان
جي فڪر
تي پڻ منٽو جي افسانن جا اثر چٽا نظر اچن ٿا. هن
منٽو وانگي حياتي به
تمام گهٽ ماڻي، ۽ هو بي انتها تنقيد جو نشانو پڻ بڻيو.
سندس اهڙين
لکيل
ڪهاڻين ۾
”حويليءَ
جا راز“
اهميت جوڳي ڪهاڻي آهي،
جنهن ۾ هن جاگيرداري سماج ۾ عورت
جي حقن کي غضب ڪرڻ
سان گڏوگڏ اهو پڻ
انڪشاف ڪيو آهي ته
ڪيئن وڏيرو پنهنجي ڌيءُ جي شادي قرآن سان رچائي
ٿو،
جنهن سبب هوءَ ڇوڪري
گناه ۽ ثواب ۾ الجهي،
جنسي مونجهارن جو شڪار بڻجي
وڃي ٿي.
نتيجي ۾
هوءَ پنهنجي
ئي
حويلي ۾ ڏڌ وٺڻ لاءِ ايندڙ
هڪ
الهڙ نينگر کي ڪجهه پئسا ڏيئي،
پنهنجي جنسي
اُڃ
اجهائي،
پنهنجي ذهني توڙي جسماني
آسودگي حاصل ڪري ٿي. ڪهاڻيءَ
جون
هي سٽون
ڪهاڻيءَ
جي
سڄي
وايومنڊل
کي
ظاهر ڪن ٿيون.
”ساهه
روڪي لاڳيتو ڳالهائڻ ڪري، حڪيم جو سينو ڀرجي آيو ۽
وات مان ڊگهو ساه ڪڍي اڳتي چوڻ لڳو، آخر هي
ڪيستائين قهر جا ڪوٽ رهندا، نيٺ ته ڪرندا. ڌيئن
سان ظلم ته ڏسو، انسان جي قرآن سان شادي! سا به
زائفان! حڪيم جالينوس جو قول آهي ته عورت کي مرد
کان چاليهه
دفعا وڌيڪ نفسياتي خواهش ٿيندي آهي. چڱو ڪيائين،
نه ته حويلي ۾ عمر ڳري وڃيس ها.
عمر،
جيئن ٻين بيبين جون عمريون پيون ڳرن. هُون!
قرآن سان ٿي عورت پرڻجي. واه ڙي سنڌ جا سيد)“
(15)
ممتاز مهر هن ڪهاڻيءَ
تي نظر وجهندي لکي ٿو ته”
هن ڪهاڻيءَ
۾ منير احمد سنڌ ۾ زوال پذير
جاگيردارانه
سماج جي هڪ خراب رسم ۽ ان مان پيدا ٿيندڙ
نتيجن کي نهايت فنائتي ۽ سادي انداز ۾ پيش ڪيو
آهي. منير احمد اها شاهڪار ڪهاڻي لکي ڄڻ ته
سنڌ جي ان ڊهندڙ نظام جي حويلين تي هڪ زبردست شيل
ڦٽو ڪيوآهي.
اهو ئي سبب آهي،
جو کيس ان ڪهاڻي لکڻ تي ڪن حلقن طرفان گاريون ۽
ڌمڪيون ڏنيون وينديون هيون.“
(16)
منٽو جي ڪهاڻين جو
ٽيون
وڏو موضوع
ورهاڱو
۽ ان جا سانحا
آهن، جن ۾
”کولدو“،
”شريفن“،”
ٽوبه ٽيڪ سنگ“
وغيره شامل آهن.
پنهنجي ڪهاڻي
”کولدو“
۾ هو سماج جي ٻٽي معيار کي بي نقاب ڪري ٿو، جنهن ۾
هو ٻُڌائي
ٿو ته
فسادن جي آڙ ۾ ڪيئن
پنهنجا هم قوم
۽ هم مذهب ماڻهو انهن وڳوڙن ۾
گم ٿيل
نينگري سڪينا
جي
پاڻ ئي
لڄا لٽ ڪن ٿا
۽
ٻئي پاسي سندس
پيءُ کي به آسرو ڏين ٿا ته
هن جي ڌيءُ جلد هن کي ملي ويندي.
ان ئي موضوع تي لکيل سندس هڪ ٻي ڪهاڻي
”ٺنڊا
گوشت“
به
آهي، جنهن
۾ هو ان سک جي ذهني ڪشمڪش کي بيان ڪري ٿو،
جيڪو ورهاڱي جي
فسادن ۾
ڦرلٽ دوران هڪ ڇوڪري کي کڻي جهنگ ۾ زيادتي جو
نشانو بنائي ٿو،
جيڪا ان زيادتيءَ کان ڪجهه وقت اڳ ئي مري چڪي هئي،
پر هن کي (سِک)
ان جي خبر
پوءِ پئي ٿي ۽
هن جو ضمير هن تي ملامت ڪري ٿو ۽ هو ان ڪشمڪش ۾
ڪيترائي ڏينهن پنهنجي محبوبه
کان دور گذاري ٿو، ۽ سندس محبوبه
هن کي
بي وفا
سمجهي، هن جو قتل ڪري ڇڏي ٿي.
ائين ئي پاڪستان جي تاريخ ۾ هڪ ٻئي ورهاڱي
بنگلاديش جي ٺهڻ بعد پيدا ٿيندڙ حالتن جي عڪاسي
ڪندڙ
امرجليل
جي ڪهاڻي
”سرد
لاش جو سفر“
آهي،
جنهن ۾
پڻ هڪ هندو خاندان کي
سنڌ سان محبت ڪرڻ جي
ڏوه
۾،
لڏائڻ جو بهانو وٺي لڄالٽ جو شڪارڪيو وڃي ٿو.
ڪهاڻيءَ
جون هي سٽون
ڪهاڻيءَ
جي موضوع کي چٽو ڪن ٿيون
ته”
جتي ڌيئرن ۽ ڀينرن جي عزت گهرن ۽ گهٽين ۾ لٽجي وڃي،
اتي اهڙي ملڪ ۾ رهي ڇا ڪبو“.
چيم
”
هو جيڪو
ڪجهه ڪري رهيا آهن،
خدا جي راه
۾ ۽ خدا جي خوشنوديءَ لاءِ ڪري رهيا آهن،
اسان دوزخي ڪافرن
کي ان تي اعتراض نه هئڻ گهرجي.
هن
ڪهاڻي تي راءِ ڏيندي پروفيسر پيرسرهندي لکي ٿو ته،
”مون
کي انگريزي ۽ اردوءَ جي افسانوي ادب پڙهڻ
جو تمام گهڻو موقعو مليو. سرد لاش جو سفر پڙهيم ته
مون کي منٽو جو ”ٺنڊا گوشت“
ذهن تي تري آيو، جنهن هندستان جي ادبي دنيا ۾
طوفان مچائي ڇڏيو هو.“
(17)
ائين
ٻين به
ڪيترن ئي
سنڌي افسانا
نگارن جي فن ۽ فڪر تي
منٽو جي افسانن جا
اثر نمايان طور تي
نظر اچن ٿا، پر موضوع جي طوالت سبب مختصر
طور
ڪهاڻين جو جائزو پيش ڪيو ويو آهي.
حوالا:
1.
منٽو، سعادت حسين (1952ع)، اوپر نيچے
اور درميان، ناشران گوشه ادب لاهور، چوڪ انارڪلي.
2.
شيخ اياز، (1998ع)، جي تند برابر توريان،
سهيڙيندڙ: انور فگار هڪڙو، سنڌ اڪيڊمي ڪراچي.
3.
منٹو
کے
بهترين افسانے،
کالی
شلوار، ”مڪتبه شعر، ص ادب سمن آباد لاهور“.
4.
منٹو،
نوری
نہ ناری،
(1985ع)، ممتاز شيرين،
منٹو
نوری
نہ ناری،
مرتب: آصف فرخي، مڪتبه اسلوب ڪراچي.
5.
ترقي پسند ادب (1994ع)، (پچاس سالا سفر، ترتيب
پروفيسر قمر رئيس سيد عاشور ڪاظمي، ايجوڪيشنل
پبلشنگ هائوس دلي.
6.
ڊاڪٽر، مرزا حامد بيگ، (1903ع)،
منٹو،
نيا قانون اردو افسانے
کی
روايت سے
1990 تک.
7.
شيخ اياز، (1998ع)، تند برابر توريان، ڪراچي سنڌ
ادبي اڪيڊمي سنڌ:
8.
ممد
بھائی،
منٹو
کی
بيس کهانياں،
ترتيب: ڊاڪٽر اي بي اشرف ۽ ڊاڪٽر انوار احمد،
بهاول الدين زڪريا يونيورسٽي ملتان.
9.
ممتاز شيرين، (1985ع)، منٹو
نوری
نہ
ناری،
مرتب: آصف فرخي، مڪتبه اسلوب ڪراچي سنڌ.
10.
دونهان بشير منگي، (2012ع)، منٽو جا سو سال، بشير
منگي، ٽي اينڊ ٽي پبلشر لاهور ص 83.
11.
پاڪستاني ادب 1947ع کان 2008ع. انتخاب افسانه اردو
اڪادمي ادبيات پاڪستان مرتب: رشيد احمد سال 2009ع
12.
غلام نبي مغل، (1989ع)، سٺ ستر اسي، سهڻي پرنٽرز
حيدرآباد.
13.
غلام نبي مغل، (1978ع)، رات منهنجي روح ۾،
نيوفيلڊس پبليڪيشن حيدرآباد سنڌ
14.
شمس الدين عرساڻي، آزاديءَ کانپوءِ سنڌي افسانوي
ادب جي اوسر.
15.
حويلي جا راز، (2003ع)، روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو
16.
ممتاز مهر، ويچار ادبي تنقيد ۽ اڀياس، نئون نياپو
اڪيڊمي ڪراچي.ص 74
17.
طارق اشرف، ايڊيٽر، سرهندي پير پروفيسر. ايڊيٽر
سهڻي، ص 253
اختر
ملاح جي ڪهاڻين جو مختصر جائزو
قصا ۽ ڪهاڻيون ٻُڌڻ ۽ ٻُڌائڻ شروع کان وٺي انساني
سماج جو حصو رهيا آهن. آڳاٽن زمانن ۾ جڏهن وندر ۽
ورونهن جا ذريعا ناپيد هئا تڏهن ماڻهو پنهنجي
زندگي جي رونق، دلچسپي ۽ وقت گذارڻ لاءِ قصا ۽
داستان جوڙيندا هئا، گهڻي ڀاڱي سفر دوران قافلي
سان گڏ هڪ داستان گو به کڻندا هئا ته جيئن مسافر
سفر جي طوالت جي ڪوفت کان تنگ نه ٿين. اهي داستان
ايڏا وڏا هوندا هئا، جو مهينن جا مهينا پيا هلندا
هئا.
ڳالهه يا ڪهاڻيون وري گهرن ۾ گهر جو ڪو وڏڙو يا
وڏڙي (ناني، ڏاڏي) ٻارن کي وندرائڻ لاءِ رات جو
پهرين پهر ويهي ٻڌائينديون هيون. انهن داستانن ۽
ڪهاڻين ۾ بادشاهن، امير امرائن، شهزادن، شهزادين،
راڻين، بزرگن ۽ خاص طور تي مافوق الفطرت مخلوق جو
ذڪر لازمي هوندو هو. گڏوگڏ انهن داستانن، قصن ۽
ڪهاڻين ۾ نيڪي، بدي نصيحت آميز موضوع عام هوندا
هئا، جن جو سڄو تصور ڌيان مقصد تي ڏنو ويندو هو،
يعني نيڪي جي بدي تي فوقيت لازمي عنصرن ۾ شامل
هئي. وقت سان گڏ داستان ۽ قصا طوالت سبب گهٽجندا
ويا، انهن جي جاءِ تي لوڪ ڪهاڻيون عام ٿيڻ لڳيون ۽
جڏهن شاعرن پنهنجي شاعري ۾ انهن ڪهاڻين کي موضوع
بنايو ته هيڪارو وڌيڪ مقبول ٿي ويون. ادب ۾ اڄ به
انهن لوڪ ڪهاڻين جي پنهنجي تمثيلي حيثيت برقرار
آهي.
وقت گذرندو ويو دور بدلبا ويا. جڏهن انگريزن سنڌ ۾
پنهنجي حڪومت قائم ڪئي، تڏهن سياسي ۽ سماجي تبديلي
سان گڏ ڪجهه نوان علمي ۽ ادبي لاڙا به ادب جو حصو
بنيا، جن ۾ مختصر ڪهاڻي به لکجڻ هيٺ آئي. وقت جي
تيز رفتاري هن صنف کي عام ماڻهن ۾ تمام گهڻو مقبول
۽ مشهور ڪري ڇڏيو. اڄ مختصر ڪهاڻي نه صرف فنون
لطيفه جي اهم صنف آهي، پر ڪيترن ئي اديبن جي سڃاڻپ
جو مظهر پڻ آهي. لعل چند امر ڏنو مل، مرزا نادر
بيگ، امر لعل هڱوراڻي، جمال ابڙو، غلام رباني
آگرو، محمد عثمان ڏيپلائي، امر جليل، نسيم کرل،
ماهتاب محبوب، نجم عباسي، نورالهديٰ شاهه ۽ ٻين
سوين اديبن جي سڃاڻپ جي نشاني آهي. انهن اديبن عام
ماڻهن جي زندگيءَ سان لاڳاپيل مسئلن تي ڪهاڻيون
لکي، عام ماڻهن جي دلين ۾ پنهنجي جاءِ ٺاهي ۽ ادب
کي ادب براءِ ادب جي جهنجهٽن مان ڪڍي ادب براءِ
زندگي جو نعرو ڏيئي، سماجي بُراين کي نه صرف وائکو
ڪيو، پر انهن بُراين ۽ مسئلن کي ختم ڪرڻ جون واٽون
پڻ ڏيکاريون، جن جو مقصد سماج مان هر قسم جي
بُراين جو خاتمو ۽ نون سماجي ڀلائي جي قدرن کي
اجاگر ڪرڻ هو ۽ انهن وقت به وقت اڀرندڙ سياسي توڙي
سماجي مسئلن تي لکي پاڻ موکيو.
تازو اختر ملاح جي ڪهاڻين جو مجموعو ”نئون جهان
جوڙجي“ منظر عام تي آيو آهي، جيڪو پڻ انهيءَ فڪر
جي ڪڙي نظر اچي ٿو.
اختر ملاح بنيادي طور تي سياسي سوچ رکندڙ هڪ سماجي
ڪارڪن ۽ ڪالم نويس آهي. سنڌي سماج خاص طور تي
ٻهراڙيءَ جي مسئلن تي سندس گهڻو ڌيان هو، جيڪو
سندس هنن ڪهاڻين ۾ واضح نظر اچي ٿو.
سنڌي سماج جو ڪينسر، پير پرستي ۽ وڏيرا شاهي جو
شڪار اٻوجهه ماڻهو سندن مال، ملڪيت ۽ ننگن ۾ سندن
وارثي، خاص طور تي عورتن سان ٿيندڙ ظلم نه صرف
ايترو، پر پنهنجي وڏين شاندار حويلين اندر قيد ڪيل
سندن ڀينرون، زالون ۽ نياڻيون سندن ارمانن ۽
خواهشن جو ٿيندڙ قتل هر ڪهاڻي جو موضوع نظر اچي
ٿو. هيٺ سندس ڪهاڻين جو مختصر جائزو پيش ڪجي ٿو.
نئون جهان جوڙجي:
هن ڪهاڻيءَ ۾ هڪ پڙهيو لکيو وڏيرو جيڪو پاڻ ته سڀ
عياشيون ڪري ٿو، پر گهر جي عورتن کي رڳو پسند جي
شادي جي اجازت به نٿي ملي سگهي. هن ڪهاڻي جو ڪردار
رحيمان پنهنجي مضبوط ارادن سان رسمن ۽ رواجن جا
ڪوٽ ڪِيرائي پنهنجي لا حاصل خواهشن کي حاصل ڪرڻ
لاءِ جدوجهد ڪري پنهنجو مقصد ماڻي ٿي.
رات وچ ۾:
هن ڪهاڻيءَ ۾ هڪ عورت جي بيباڪي، بهادري ۽ بدلي جي
باه ۾ سندس کنيل قدم جي عڪاسي ڪئي ويئي آهي، جنهن
۾ سورٺ پنهنجي نيڪ سيرت ڀيڻ، جنهن تي وڏيري جي اک
ميري ٿي هئي ۽ جڏهن هن وڏيري کي موٽ نه ڏني، تڏهن
کيس بدڪار قرار ڏيئي مارائي ڇڏيائين. تنهن جو بدلو
رات جي اونداهي ۾ سورٺ وڏيري جو خون ڪري چڪائي ٿي.
نظيران:
هي ڪهاڻي، ڳوٺاڻي سماج جي دقيانوسي رسم ادلي بدلي
جي عڪاسي ڪري ٿي، جنهن ۾ هڪ عورت جي جذبن ۽ خواهشن
کي ختم ڪري زوريءَ رسمن رواجن جي ور چاڙهي کيس دفن
ڪيو ويو. هن نالي سان شيخ اياز جي ڪهاڻي پڻ لکيل
آهي، جنهن ۾ عورت جي مظلومي جي تصوير پڻ نمايان
ڪئي ويئي آهي.
جڏهن محبتون المائجي وڃن:
جاگيرداري نظام ۾ عورتن مٿان مڙهيل بي وجهه
پابنديون ڪڏهن ڪڏهن بغاوت کي جنم ڏينديون آهن.
اهڙي ئي بغاوت هن ڪهاڻيءَ ۾ پيش ڪيل آهي. جتي
ڇوڪري گهڙيءَ پل لاءِ ئي سهي، پر محبت ماڻڻ جي
جذبي هيٺ پنهنجي ۽ پنهنجي محبوب جي جان وڃائي ٿي.
گناهن کي شڪست:
هن ڪهاڻيءَ ۾ ليکڪ عورتن کي سمجهائي ٿو ته چاهڻ ۽
بدلي جي باه ۾ پنهنجي نسل کي قربان ڪرڻ بجاءِ هنن
لاءِ زندگيءَ جي تلخ حقيقتن کي قبول ڪرڻ ئي بهتر
عمل آهي.
ڪاتيءَ هيٺان ڪنڌ:
هن ڪهاڻيءَ ۾ ليکڪ سنڌي نوجوانن کي پنهنجي ڌرتي،
قوم ۽ ان جي ثقافت سان پيار ڪرڻ جو هڪ صحيح فڪر
ڏئي ٿو ته پنهنجي قوم کي آزاد ۽ خودمختيار بنائڻ
لاءِ توهان کي قابل انسان ٿيڻو پوندو. ڪهاڻيءَ ۾
سرهاڻ نالي ڇوڪري جو ڪردار نمايان طور تي ان جي
عڪاسي ڪندي نظر اچي ٿو.
جتي ڏوهه پلجن ٿا:
پدر شاهي سماج ۾، عورت هميشه مرد لاءِ جنسي لذت جو
ذريعو سمجهي ويندي آهي، ڪيتريون عورتون ان جو شڪار
ٿين ٿيون، پر انهن ئي عورتن ۾ ڪي اهڙيون بهادر
عورتون به آهن، جيڪي جان جو جوکو کڻي انهيءَ نا
انصافي ۽ ظلم جو مقابلو ڪن ٿيون، توڙي جو ائين ڪرڻ
سبب سماج کين ڌڪاري ٿو.
هن ڪهاڻيءَ ۾ سنڌي سماج جي وڏي ۾ وڏي خرابي توهم
پرستي ۽ ان جي انڌي عقيدي ۾ وڪوڙيل ماڻهن جي تصوير
پيش ڪيل آهي. سنڌ جي سماج ۾ اڄ به انڌي عقيدي جي
سبب ماڻهو پنهنجو مال، دولت ۽ ننگ به نذرانو ڏيئي
پنهنجي آخرت سنوارڻ چاهين ٿا. بدلي ۾ انهن پيرن
مرشدن وٽ بيجا دولت ۽ عورتن جي گهڻائي ڏسڻ ۾ ايندي
آهي.
عشق نه پڇي ذات:
هن ڪهاڻيءَ ۾ پڻ حويلين ۾ قيد نياڻين جي جذبن جي
اڇل ۽ ان جي ڀرپور موٽ جو اظهار ڪيل آهي، جتي هڪ
ننڍڙو سوراخ به روشني ۽ هوا جو ذريعو هوندو آهي.
ساڳيو فڪر هن ڪهاڻي ۾ سمايل نظر اچي ٿو. جتي وڏيري
جي سهڻي ڌيءَ اوچي ذات هوندي به غريب هاريءَ جي پٽ
مٿان پنهنجو جوڀن نڇاور ڪري ٿي ڇڏي. مطلب ته سندس
ڪهاڻين جو هي ڳٽڪو گهڻي ڀاڱي سنڌي سماج ۾ عورتن
سان ٿيندڙ ناانصافين ۽ سندن حق تلفين جي نشاندهي
ڪندي نظر اچي ٿو.
اختر ملاح جي هن مجموعي تي نظر وجهڻ سان هيءُ تاثر
سامهون ٿو اچي ته، بنيادي طور تي سندس ڪهاڻيون
سنڌي سماج جي قبيح رسمن۽ فرسوده رواجن جو عڪس پيش
ڪن ٿيون، جن ۾ طبقاتي سماج جون اوڻايون واضح نظر
اچن ٿيون ۽ ليکڪ نه صرف انهن کي سچائي سان بيان
ڪري ٿو، پر انهن خلاف مزاحمت جو احساس پڻ جاڳائي
ٿو. ڪهاڻين ۾ نج سنڌي ٻولي ۽ کليل موضوع ڪٿي به
پڙهندڙن کي منجهائڻ جي ڪوشش نٿا ڪن. البته ساڳيو
ساڳيو ورجاءُ ڪهاڻين ۾ يڪسانيت جو سبب بنجي ٿو.
ساڳيو وڏيرو ۽ سندس عورتن جي اونچي ذات ۽ حويلين
جي قاعدن قانون سان بغاوت، پڙهندڙن کي ڪٿي ڪٿي
بوريت جو احساس ڏياري ٿي.
ٻي وڏي کوٽ جيڪا ڪهاڻين جي ڪمزور ڪڙي کي ظاهر ڪري
ٿي، سا عورتن کي ڪهاڻين ۾ صرف ظاهري حسن ۽ جنسي
زاويي هيٺ رکيو ويو آهي. ٻهراڙي جو نج حسن ٻنين ۾
ڪم ڪندڙ پورهيت عورتن جا سج جي تپش ۾ وهندڙ پگهر
جا موتين جهڙا پاڻي ڦڙا ۽ گهرن ۾ لسي ولوڙيندڙ
عورتن جي لوڏ يا وري ميلن تان پاڻي جا گهڙا مٿي تي
رکي هلندڙ عورتن جو اٽڪل سان هلڻ واري سونهن، ڀرت
۽ رلين تي نوان نوان نمونا ٺاهڻ وارو عقل ۽ هنر
جا جوڙيل شاهڪار ۽ گڏوگڏ گهرن کي سينگارڻ سنوارڻ،
اهي ٻهراڙيء جي عورت جا سوين روپ ۽ خوبيون آهن جن
کي ڪٿي به ظاهر نه ڪيو ويوآهي. جڏهن ته هن مجموعي
جون سڀ ڪهاڻيون ڳوٺاڻي ماحول تي مشتمل آهن.
ليکڪ جيئن ته بنيادي طور تي ڪالم نويس آهي ۽ سماج
سڌارڪ واري فڪر سان لاڳاپيل آهي، ان ڪري سندس
ڪهاڻيون مختصر ۽ ادب براءِ زندگيءَ جي منشور جي
نشاندهي ڪن ٿيون. جيتوڻيڪ انهن ڪهاڻين جو تخليقڪار
اڄ هن دنيا ۾ موجود ڪونهي، پر سندس سادي اسلوب هيٺ
ٻهراڙيءَ جي پس منظر ۾ لکيل هي ڪهاڻيون سندس آدرشي
۽ سماج سڌارڪ ڪردار ۽ فڪر کي واضح ڪندي نظر اچن
ٿيون.
ٻارن
لاءِ لکيل ڪجهه ڪهاڻين جو مختصر جائزو
ننڍڙن ٻارن کي ڪهاڻيون ٻُڌڻ سٺيون لڳنديون آهن، جن
جي ذريعي انهن کي ڪابه ڳالهه سمجهائڻ سولي هوندي
آهي، ڇاڪاڻ ته ٻارن لاءِ لکيل اهي ڪهاڻيون، نه صرف
انهن جي خيال، فڪر پر انهن جي شخصيت سازيءَ ۾ پڻ
اهم ڪردار ادا ڪنديون آهن، اهو ئي سبب آهي جو اڪثر
ڪري والدين، استاد، ليکڪ يا ٻولي جا ماهر اهو
طريقو اختيار ڪري، ٻارن جي ذهني تربيت ڪرڻ کي
ترجيح ڏيندا آهن، ڇاڪاڻ ته ان طريقي سان ٻارن کي
نه صرف وندر ۽ ورونهن ڏيئي سگهجي ٿي، پر ٻيو به
گهڻو ڪجهه سيکاري سگهجي ٿو.
شروع ۾ اهي ڪهاڻيون زباني طور بيان ڪندي هڪ نسل
کان ٻئي نسل تائين سفر ڪنديون نظر اچن ٿيون، جن ۾
ٻارن جي سوچ، فڪر، خواهشن ۽ دلچسپين کي مدنظر
رکندي ڪهاڻيون جوڙيون ويون، جن جو مقصد ٻارن کي
زندگيءَ جي مختلف تجربن مذهبي، تهذيبي ۽ تمدني
روايتن کان آگاه ڪرڻ سان گڏ سندن اخلاقي تربيت ڪرڻ
پڻ شامل هو. اڳتي هلي اهڙيون ڪهاڻيون لکجڻ جو رواج
شروع ٿيو.
ٻارن جي ادب تي نظر وجهبي ته اهو دور ارڙهين
صديء کان مغرب کان شروع ٿيندي ملي ٿو، جنهن ۾ وقت
جي تبديليءَ سان گڏ ڪهاڻين جي موضوعن ۾ پڻ تبديلي
آئي، ۽ ان کي جديد علمن سان سلهاڙي دلچسپ پيرا ۾
پيش ڪرڻ جا نوان نوان طريقا ايجاد ڪيا ۽ ٻارن جي
لاءِ اهڙا ڪتاب لکيا ويا، جيڪي دلچسپيءَ سان گڏ
ٻارن کي معلومات به ڏئي سگهن، جيئن ٿامس بورمين جو
ڪتاب،
'Description of three hundred animals’،
جنهن ۾ مختلف جانورن بابت معلومات کي اهڙي موثر
انداز سان بيان ڪيو ويو آهي ته، جيئن ٻار ان مان
ڄاڻ سان گڏوگڏ تفريح به حاصل ڪري سگهن.
اردو ادب ۾ پڻ ٻارن جي ادب تي تمام وڏن ليکڪن
ڪهاڻيون ۽ نظم تحرير ڪيا، جن ۾ اسماعيل ميرٺي،
محمد حسين آزاد، علامه اقبال، منشي پريم چند، عصمت چغتائي، ڪرشن چندر وغيره. پريم چند جي
ٻارن لاءِ لکيل انهن
ڪهاڻين ۾
”عبرت، عيدگاه، معصوم بچه اور سيب وغيره
شامل آهن.
سنڌي ادب ۾ مرزا قليچ بيگ هر ادبي صنف جيان، ٻارن جي ادب کي
به تحرير ڪرڻ جي شروعات ڪئي،
هن اصلاحي ۽ مقصدي ادب ذريعي ٻارن جي ذهني، جسماني
۽ اخلاقي تربيت لاءِ ڪهاڻيون لکيون، جن ۾ ٻارن کي
نيڪي ،سچائيءَ جي تلقين ۽ چوري ڪوڙ ۽ غيبت کان
پرهيز ڪرڻ سان گڏ ڳالهائڻ ٻولهائڻ جي طور طريقن ۽
وقت جي اهميت بابت سمجهاڻيون ڏنل آهن.
سندس لکيل اهڙين ڪهاڻين ۾ ”شيطان جي ناني“ پڻ شامل
آهي، جيڪا هڪ ترجمو ڪيل ڪهاڻي آهي، جنهن ۾ خليفي
هارون الرشيد جي دور جو هڪ دلچسپ قصو بيان ڪيل
آهي. جنهن ۾ هڪ چالاڪ ۽ مڪار عورت جي حرفت بازين
جو شڪار ڪيترن ئي ڪردارن جي روءِ داد پيش ڪئي ويئي
آهي. هيءَ ڪهاڻي وندر ۽ ورونهن جي لحاظ کان هڪ
انوکي ڪهاڻي آهي.
سنڌي ادب ۾ ان سان گڏ جيڪي ڪهاڻيون ٻارن لاءِ لکيون ويون، اهي گهڻي ڀاڱي لوڪ ادب جي ڪهاڻين سان
مشابهت رکن ٿيون، جن ۾ نيڪي، بهادري ۽ همدردي
نصيحت سان گڏ تفريح جا عنصر نمايان طور تي شامل
آهن،
انهن ڪهاڻين جا ڪردار عام رواجي ڪردارن
سان
گڏ مافوق الفطرت ڪردارن سان پڻ جڙيل آهن. مثال جن،
ڀوت، ديو، پريون، جل پريون، ڏائڻيون جانور ۽ پکي
وغيره هوندا هئا، ڇاڪاڻ ته ٻارن کي انهن ڪردارن ۾ گهڻي دلچسپي هوندي آهي، ننڍپڻ جا اهي
ڪردار ٻارن جي تخيل ۽ لاشعور
کي پختو ڪندا
آهن، اهو ئي سبب آهي جو ٻارن جي ڪهاڻين جا گهڻا
ڪردار انهن موفوق الفطرت عنصرن سان سلهاڙيل نظر
اچن ٿا.
هيٺ
سنڌي
ادب ۾ ٻارن لاءِ لکيل ڪجهه
اهڙين
ڪهاڻين جو مختصر جائزو پيش ڪجي ٿو.
ڪئي جي شادي:
هن
ڪهاڻي
۾ ٻارن لاءِ هيءَ نصيحت رکيل آهي ته قدرت جي هن
ڪارخاني ۾ هر جيو ۽ شيءِ جي پيدا ڪرڻ جو هڪ ڪارڻ آهي، ۽ انسان کي
پنهنجي وِت
۽ وس
آهر سوچڻ گهرجي.
ريسارو هنج:
هيءَ
هڪ بهترين ٻاراڻي ڪهاڻي آهي، جنهن ۾ ٻارن
جي دلچسپيءَ سان گڏ ڪارائتي انداز
۾ اها نصيحت
پڻ ڪئي
ويئي آهي ته الله تعاليٰ هر مخلوق کي پنهنجي
پنهنجي انفرادي شناخت سان پيدا ڪيو آهي، ان ڪري هر
ڪنهن کي پنهنجي اصليت ۾ رهندي پنهنجو نمايان ڪردار
ادا ڪرڻ گهرجي،
البته ڪهاڻين جي ان مجموعي
(آکاڻيون ٻاراڻو ادب سيريز)
۾ شامل ڪهاڻي شاعر جي سزا ٻارن جي ڪهاڻي کان وڌيڪ
وڏن جي ڪهاڻي محسوس ٿئي ٿي،
ڇاڪاڻ
ته هن ۾ هڪ شاعر
جي مزاحمت ڪندڙ شاعريءَ
کي خاموش ڪرائڻ لاءِ ان جي زبان وڍڻ بجاءِ ان کي
پئسا ڏئي
سندس قلم خريد ڪيو وڃي ٿو.
سدا گلاب:
هي پڻ هڪ فينٽسي ڪهاڻي آهي، جنهن ۾ گلاب جي گل جي
سدائين ٽڙڻ بابت هڪ دلچسپ ڪهاڻي ڏني ويئي آهي.
گڏوگڏ اها معلومات پڻ ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي ويئي آهي ته
گلاب جي گل کي ٽڙڻ لاءِ سج جي تپش جي ضرورت آهي.
ائين ئي ماڻهو بـ تڪليفون ڪشالا ڪڍڻ کانپوءِ ئي
ڪنهن منزل تي رسي سگهي ٿو.
اجايو وهم:
هن ڪهاڻي ۾ ليکڪ اها نصيحت ڪري ٿو ته ٻارن کي اجايا وهم ۽
وسوسا وجهي ڊيڄاريو نه، ڇاڪاڻ ته ان سان نه صرف
سندن دماغ متاثر ٿئي ٿو، پر ان سان سندن
خوداعتمادي پڻ ختم ٿي وڃي ٿي.سندس انهن ڪهاڻين جي ڳٽڪي
(مريخ جامسافر ۽ ٻيون ڪهاڻيون) ۾ هڪ ترجمو ڪيل
ڪهاڻي چيتي جا چٽڪمرا نشان به شامل آهي، جنهن ۾ هيءُ
سبق آموز فڪر شامل آهي ته انسان کي پنهنجي ماحول ۽
حالتن مطابق تبديل ٿيڻ گهرجي، نه
ته
اهي گهڻو وقت جيوت رهي نه سگهندا.
وڏائيءَ جو انجام:
ٻارن جي ادب ۾ لکيل ڪهاڻيون گهڻي ڀاڱي نصيحت سان ڀريل موضوعن
تي آڌاريل هونديون آهن، پوءِ اهي دنيا جي ڪنهن به
ادب ۾ لکيل ڪهاڻيون ڇونه هجن. مثال هانس ايڊرسن جي
ڪهاڻي،
جنهن ۾ هڪ بال جي وڏائي ۽ ان جو
‘The
top and ball’انجام
ڏيکاريو آهي. جڏهن اهو هڪ عام لاٽوءَ کي سندس سادي
بناوٽ تي ٽوڪي ٿو ۽ پنهنجي رنگ، نسل ۽ بناوت تي
تڪبر ڪري ٿو ۽ هڪ بيٽ جي زوردار ڌڪ سان هو گپ ۾
وڃي ڪري ٿو ۽ اتي ئي سڙي خراب ٿي وڃي ٿو.
انهن کان علاوه ٻارن جون ڪجهه ڪهاڻيون، جن جا
عنوان ميون ۽ ڀاڄين جي نالن تي پڻ رکيا ويا آهن،
جن جي ذريعي ٻارن کي انهن (ڀاڄين) جي فائدن ۽ ان
کي اپائڻ جي طور طريقن جي ڄاڻ مهيا ڪئي ويئي آهي،
جنهن سان ٻارن کي وندر سان گڏ معلومات به حاصل ٿئي
ٿي، مثال جيئن”ڪهاڻي پٽاٽو خان“، جنهن ۾ پٽاٽن جو
مختلف ملڪن ۾ اپائڻ جي تاريخ ۽ ان جي واهپي ۽ قسمن
بابت ٻارن کي ٻڌايو ويو آهي.
عام وراجي زندگيءَ جي ڪردارن سان سلهاڙيل ڪهاڻين ۾
ادل سومري جو ڪتاب” آچر جو احوال“ جي عنوان هيٺ
لکيل ڪهاڻيون پڻ شامل آهن، جن ۾ ليکڪ هڪ ڇوڪري
(آچر) ۽ ان سان لاڳاپيل ڳوٺاڻي ماحول ۾ جنم وٺندڙ
مسئلن جو ذڪر پيش ڪيو آهي، جنهن ۾ وڏيرڪي نظام ۾
غريبن جو استحصال، مذهب جي نالي ۾ مولوي جو ٻهروپ
۽ ٻٽو معيار، ڪامورن ۽ وڏيرن جو سن مک ٿي غريبن
مٿان ظلم ڪرڻ جهڙن مسئلن جي عڪاسي ڪئي ويئي آهي.
بقول رفيق سومري جي ته، ”هي ڪهاڻيون ستر اسي جي
ڏهاڪي جون آهن جيڪي ان وقت جي حالتن جي نمائندگي
ڪن ٿيون.“
(1)
ان ساڳي تتبع کي کڻي غلام مصطفيٰ سولنگي ’ناني
نوران جون آکاڻيون‘ نالي ڪتاب لکيو آهي، جيڪو
2017ع ۾ سنڌي ادبي بورڊ ڄام شوري جي طرفان شايع
ٿيو آهي، هن ڪهاڻين جي ڳٽڪي ۾ شامل ڪهاڻيون ٻارن
جي لاءِ اخلاقي تعليم، وندر ۽ نصيحتن تي آڌاريل
آهن، البته فني لحاظ کان انهن ڪهاڻين ۾ ڪافي
ڪچايون نظر اچن ٿيون. مثال سندس لکيل ڪهاڻي ”مها
ٻوڏ ۽ ناني نوران“ هيءَ ڪهاڻي گهٽ، رپورتاز وڌيڪ
لڳي ٿي. ڪهاڻي ۾ جيڪو ماحول پيش ڪيو ويو آهي، اهو
گهڻي ڀاڱي ٻوڏ جي صورتحال کان مختلف آهي. ڪهاڻي
”ببلو“ ۾ سنڌ جي قديم سماج مطابق زندگي گذاريندڙ
ڪٽنب ۾ هڪ ڇوڪري جو نالو ببلو اوپرو محسوس ٿئي ٿو،
ان کان علاوه ليکڪ مداري ڪهاڻي ۾ هڪ جادوگر جي
ڪرتب سازيءَ کي بيان ڪري ٿو، جڏهن ته ڪهاڻي جو
عنوان مداري آهي. جيڪو ڪنهن ٻئي جي ڪرتب کي پيش
ڪندو آهي. ٻارن جي ڪهاڻين ۾ لفظن جو اهڙو مغالطو
نه هئڻ گهرجي، ڇو ته ڪهاڻيون ٻارن جي علم ۾ پڻ
اضافي جو ڪارڻ هونديون آهن.
بهرحال ’ناني نوران جون آکاڻيون‘ ان وقت جي ياد
ڏيارين ٿيون جڏهن ناني ۽ ڏاڏي فيمليء جو حصو
هونديون هيون، اهي نه صرف پنهنجي گهر جي ٻارن کي
پر اوڙي پاڙي جي ٻارن کي هڪ هنڌ گڏ ڪري اهي
ڪهاڻيون ٻڌائينديون هيون ۽ ٻار به انهن جي هر
ڳالهه مڃيندا هئا. ليکڪ پنهنجي انهن ڪهاڻين لکڻ جو
سبب به اهو بيان ڪيو آهي ته، ”مون به ٻالڪپڻ ۾
نانيءَ جي واتان اهڙيون ڪهاڻيون ٻڌيون ۽ جڏهن
شعور جي اک کلي ته باشعور ٿي انهن کي قلمبند ڪرڻ
جي ڪوشش ڪئي آهي. مون ٻارن جي ان نفسيات کي سمجهيو
آهي ۽ ناني نوران جي آکاڻين جي صورت ۾ ٻارن لاءِ
ڪهاڻيون لکي، هر ڪهاڻي ۾ ڪا نه ڪا نصيحت ڏيڻ جي
ڪوشش ڪئي اٿم ته جيئن ٻار اهي آکاڻيون پڙهي پنهنجي
اصلاح ڪري سگهن.“
(2)
’اڌوري تصوير‘ هيءُ شوڪت چاچڙ جو لکيل ٻارن جي
ڪهاڻين تي مشتمل ڪتاب آهي، جنهن جي ٽائيٽل ڪهاڻي
اڌوري تصوير تعليم جي اهميت بابت ڄاڻ ڏئي ٿي، جنهن
۾ ٻڪرار ڇوڪري جي تصوير جون اکيون ٺهيل ڪونهن،
جنهن مان ليکڪ ٻارن کي اها نصيحت ڪري ٿو ته علم
بنا انسان انڌو يا نابين آهي.
ان ئي ڪتاب جي هڪ ٻي ڪهاڻي ”جهڳڙو“ ۾ ليکڪ ٻارن
تان وڏن ماڻهن جي پاڻ ۾ وڙهڻ کي نندي ٿو. هيءَ
ڪهاڻي ٻارن بدران وڏن کي نصيحت ڪندي نظر اچي ٿي.
ٻارن تان وڙهي وڃي ٿاڻي ڪچهريءَ تائين پهتا ۽ ٻار
پاڻ ۾ پرچي وڃن ٿا.
’سنڌ پري‘ هيءُ عزيز ڪنگراڻيءَ جو لکيل ڪهاڻين جو
ڪتاب آهي، جنهن ۾ ڪل ڇهه ڪهاڻيون شامل آهن، جنهن ۾
ٽائيٽل ڪهاڻي ”سنڌ پري “ علامتي انداز ۾ سنڌ جي
تاريخ، اتان جي معاشي خوشحالي ۽ اخلاقي قدرن جي
سبب، ان مٿان لڳاتار ڌارين جا حملن، ظلم،
قبضاگيرين جوذڪر سان گڏ ان کي(سنڌ پريءَ) قيد ڪرڻ
جو بيان ڏاڍي تڪليف ده انداز سان پيش ڪيل آهي ۽
ان سان گڏ سنڌ جي ساڻيهن ۽ سڄڻن جو اهو وچن بـ
دهرايل آهي تـ هو هڪ ڏينهن سنڌ پريءَ کي ضرور آزاد
ڪرائيندا. ان سڄي ڪهاڻي ۾ ڀٽائيءَ جو ڪردار پڻ
علامتي انداز سان بيان ڪيو ويو آهي، جيڪو هر مشڪل
وقت ۾ سندن ٻانهن ٻيلي ٿئي ٿو.
حقيقيت ۾ هن ڪهاڻيءَ ۾ جيڪو فڪر ڏنل آهي، اهو
ٻارن جي سوچ کان وڌيڪ گهرو ۽ پيچيده آهي. اسحاق
سميجو ان ڪهاڻيءَ بابت لکي ٿو ته ”جيتوڻيڪ سنڌ پري
يا روشني وغيره ڪجهه علامتي ڪهاڻيون لڳن ٿيون، پر
ڇاڪاڻ ته عزيز استاد آهي، تنهنڪري هن جي آڏو
اسڪولي سطح جا ٻار ۽ ڪردار آهن، ۽ جهڙوڪر هي
ڪهاڻيون انهن لاءِ ئي لکيل آهن، ان ڪري اهي عام
ٻارن جي سطح کان مٿي هوندي به، انهن کي سوچڻ ۽
ويچارڻ تي آماده ڪن ٿيون“.(3)
ٻارن جون لکيل اهي آکاڻيون يا ڪهاڻيون ٻار جي ذهني
اوسر ۾ پيڙه جي پٿر واري حيثيت رکن ٿيون، ڇاڪاڻ ته
ان تي سندن آئيندي جا اجرا خواب اڻيل هوندا آهن،
اهو ئي سبب آهي جو دنيا ۾ ٻارن لاءِ ادب سرجڻ تي
تمام گهڻو ڌيان ڏنو وڃي ٿو. انعام شيخ جي لفظن ۾
ته ”دنيا جي هر عظيم قوم جا ڪامياب نسل پنهنجي
معياري ٻاراڻي ادب منجهان اتساه حاصل ڪندا آهن.
انهيءَ ڪري سجاڳ ۽ سڄاڻ قومن جا ليکڪ ۽ علمي ادارا
ٻاراڻي ادب جي واڌ ويجه لاءِ خاص اپاءَ وٺندا آهن،
ڇوته کين چڱيءَ ريت اها سُڌَ هوندي آهي ته هر قسم
جي ناانصافي ۽ ڏاڍ کان آجي سماج جي اڏاوت ان ريت
ئي ممڪن ٿي سگهي ٿي. اهڙا سماج پنهنجي آئيندي،
يعني ٻارن لاءِ اعليٰ اخلاقي ۽ علمي ادب سرجيندا
آهن.“
(4)
ٻارن جي ادب لکڻ لاءِ ليکڪ کي پاڻ ٻار جي سوچ تي
لهي اچڻو پوي ٿو. ٻارن جون دلچسپيون، سادي ۽ صاف
ٻولي انهن جي پهرين ترجيح تي هجي، اهو ئي سبب آهي،
جو تعداد جي لحاظ کان ٻارن جو ادب تمام گهٽ لکيو
ويو آهي. زوار نقوي ان بابت لکي ٿو ته ” ٻاراڻو
ادب ڪنهن به سماج جي اها پيڙه آهي، جنهن تان ان
قوم جو نئون نسل، نئين اتساه، نئين عزم ۽ جديد
تعمير جا اعليٰ آدرش کڻي اڳتي وڌي ٿو. ٻاراڻو ادب
لکڻ ڪا معمولي ڳالهه ڪونهي، ان لاءِ ٻار جي ذهني
سطح تي لهي اچي لکڻو پوي ٿو، جنهن سان انهن جو
آئيندو روشن ٿئي ۽ هڪ فڪري طرح سان اعليٰ ۽ لائق
پيڙهي جنم وٺي.“
(5)
ٻارن جون ڪهاڻيون لکڻ مهل ڪجهه ڳالهين جو خاص خيال
رکڻ ضروري آهي. مثال انهن ڪهاڻين جا عنوان يا
ٽائيٽل ڳرن ۽ مشڪل لفظن ۾ ڏنل نه هجن، ڪهاڻين جا
موضوع اخلاقي ۽ نصيحت ڀريل مواد سان ڀرپور، وطن
دوستي ۽ ڀائپي برادري جي درس هيٺ ڏنل هجن، جيڪي
موضوع کنيا وڃن، اهي رنگين تصويرن جي مدد سان ڪتاب
تي لڳل هجن ته جيئن ٻارن ۾ اهي ڪهاڻيون پڙهڻ سان
ٻارن جو پڙهڻ جي شوق سان گڏ ذوقِ جماليات به وڌي ۽
سندن تخيل ۾ وسعت پيدا ٿئي. ٻارن جون ڪهاڻيون لکڻ
مهل هيٺيان ترڪيبي اصول ڪهاڻين جو حصو ضرور هئڻ
گهرجن. وندر، علم، هنر، محنت، ۽ انهن سڀن جزن
جوحصول مقصد به واضح هجي، جيڪو ٻار جي نفسيات تي
گهرو اثر ڇڏي سگهي ۽ اهو ٻار جي اخلاقي تربيت ۽
ڪردارسازيءَ ۾ پڻ مددگار ثابت ٿئي.
حوالا:
1.
سومرو ادل آچر جا احوال
2.
سولنگي غلام مصطفيٰ،
2017
ع،
ناني نوران جون آکاڻيون،
سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو،
ص 14.
3.
عزيز ڪنگراڻي،
2017
ع،
سنڌ پري سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو،
ص 9 .
4.
شيخ انعام،
2005ع،
آکاڻيون سهيڙيندڙ ولي محمد طاهرزادو،
سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو ڇپائيندڙ پاران.
5.
نقوي زوار اڌوري تصوير،
2008ع،
شوڪت چاچڙ سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو
.
* متفرقھ
*
محمد
ابراهيم جويو-
بحيثيت سماجي نقاد
ويهين صدي دنيا جي تاريخ ۾، نه صرف انقلابي رجحان
۽ لاڙا کڻي آئي، پر انهيءَ سان گڏ ان انقلابي فڪر
سان مالا مال ماڻهن کي پڻ جنم ڏنو، جن پنهنجي
سياسي، سماجي ۽ علمي ڏاهپ سان پنهنجي خطي جي اٻوجهه
۽ پسمانده سماج جي ماڻهن جي نئين علم ۽ شعور ذريعي
رهنمائي ڪري کين دنيا جي بدلجندڙ حالتن
۽ انقلابي لاڙن کي پرکڻ جي سوچ ۽ سمجهه
پڻ ڏني.
چوندا آهن ته سجاڳ ۽ سڄاڻ انسان زندگيءَ جي گهڻ
رخي سوچ رکندا آهن. هو عام ماڻهن وانگُر گولا جي
گراه، جا نه هوندا آهن. هنن جي سوچ ڌرتي ۽ ڌرتي
واسين سان گڏ هجڻ کان علاوه ڪائناتي سچائيءَ
کي تسليم ڪندڙ هوندي آهي. اهڙن کاهوڙين ۾ محمد
ابراهيم جويي جو نالو به شامل آهي.
محمد ابراهيم جويو سنڌ جي قديم فڪري فلسفي تصوف ۽
روحانيت جي تسلسل جو هڪ تمام وڏو نالو آهي. جيڪڏهن
وسيع تناظر ۾ ڏسجي ته هو سنڌ جي سماجي ۽ ثقافتي
فڪر جي تاريخ جو رول ماڊل آهي.
جويو صاحب سنڌ جي هڪ ننڍڙي ڳوٺ ”آباد“ لڪي تيرٿ ۾
پيدا ٿيو. هن پهريان چار درجا پاس ڪري پوءِ اين جي
وي اسڪول ۾ داخل ٿيو. ان بعد سنڌ مدرسي ڪراچي مان
مئٽرڪ جو امتحان پاس ڪيائين. ان کانپوءِ ڊي . جي
سنڌ ڪاليج مان بي. اي جو امتحان پاس ڪري، سنڌ
مدرسي ۾ اسسٽنٽ ماستر طور ڀرتي ٿيو.
اهو دور هندستان تي انگريز تسلط جو دور هو، جنهن ۾
مشرقي ۽ مغربي تهذيبن جو سماج ۾ ميلاپ ٿي رهيو هو.
نوان علم، نوان نظريا، نئين ٻولي ۽ شعوري قدر
هندستاني معاشري جو حصو بڻيا، جن جي شعوري سهڪار
سان پراڻن دقيانوسي رسمن ۽ رواجن جا بند ٽوڙي هڪ
اهڙي سماج جوڙڻ جي رٿابندي ڪئي وئي، جنهن ۾ رهندڙ
ماڻهو پنهنجي زندگي پنهنجي مرضيءَ
مطابق گذاري سگهن، پنهنجي محنت ۽ پورهئي جو اجورو
هو پاڻ حاصل ڪن، نه ڪي وڏيرا، سيٺ يا سرمائيدار
وغيره، جيڪي هميشه کان کين محڪوم ۽ مجبور سمجهي سڀ
ڪجهه هڙپ ڪري کين مذهب، تقدير يا قسمت جي ڌاڳن ۾
الجهائي پنهنجا مفاد ماڻيندا رهيا. سنڌ جو سماج به
ساڳي پستي ۽ غلاميءَ
جو شڪار هو. اهڙي حالتن ۾ اهي ساڃاه وند طبقا، جن
۾ دانشور، عالم ۽ اديب شامل هئا، سي اڳتي آيا ۽
هنن پنهنجي قوم، وطن جي ماڻهن ۽ ٻوليءَ
سان وابستگي ظاهر ڪندي، عام لوڪن اندر سياسي ۽
سماجي شعور جون شمعون روشن ڪيون، اهڙن سنڌ جي عظيم
فرزندن مان محمد ابراهيم جويو به هڪ آهي، جنهن
فطري ۽ شعوري طرح سنڌي سماج کي پنهنجي علم ۽ قلم
جي شعور سان مالا مال ڪيو.
هو سيڪيولر سماج جو متلاشي هو. هڪ اهڙو سماج، جيڪو
هر طرح مذهبي ڪٽرپڻي ۽ طبقاتي فرق کان بالاتر هجي،
جتي وَسندڙ سڀني ماڻهن کي مساوي حق حاصل هجن، جتي
ذات پات جو تصور اڻ لڀ هجي ۽ ماڻهو پنهنجي مرضيءَ
مطابق زندگي بسر ڪري سگهن. اهڙي مثالي سماج جي
جوڙجڪ لاءِ هن پنهنجي پوري زندگي وقف ڪري ڇڏي ۽
اهو سندس علمي قابليت ۽ مطالعاتي شعور ئي هو، جو
هن ان وقت مذهبي بنياد تي قومن جي تشڪيل واري
نظريي جي مخالفت ڪئي ۽ هن بجا طور سمجهيو ته مذهبي
بنياد تي قومن جي ورهاست ۽ ملڪ جي تشڪيل سان سنڌي
قوم کي وڏو هاڃو رَسندو، ڇاڪاڻ ته قوميت جي آڌار
تي سنڌ، مسلمانن ۽ هندن جي قومي وحدت جو اعليٰ
مثال هئي، اهو ئي سبب هو، جو جڏهن سڀ تجربيڪار
سياستدانن، عالمن، دانشورن ۽ سياسي بصيرت رکندڙ
ماڻهن ان نظرئي جي حمايت پئي ڪئي، تڏهن جويي صاحب
”سيو سنڌ سيو ڪانٽينيٽ“
(Save Sindh Save Continent)
لکي،
سڄي دنيا کي آگاه ڪري رهيو هو، ته سنڌ جي سلامتي
سان ئي سڄي ننڍي کنڊ جي سلامتي ۽ بقا جو سوال جڙيل
آهي. توڙي جو ان وقت جي دانش ۽ سياست سندس ڳالهه
تي ڌيان نه ڌريو ۽ نيٺ ورهاڱي،
سنڌ کي قومي وحدت جي حوالي سان ائين ڇيهو رسايو ته
سنڌ جو وچون طبقو، جيڪو پڙهيل لکيل شهري ۽ هندو
هو، ان کي زوريءَ سنڌ ڇڏڻ تي مجبور ڪيو ويو.
هن ان صورتحال ۾ به جويي صاحب همت هارڻ بجاءِ
ورهاڱي ۾ قومي وحدت جي حوالي سان، سنڌ جي وچين
طبقي جي لڏپلاڻ بعد پيدا ٿيل خال کي پنهنجي علمي،
ادبي، سياسي ۽ سماجي شعور سان پُر ڪرڻ جي ڪوشش
ڪئي. هن پنهنجي ڏاهپ ۽ شعور جي هٿيار سان سنڌي
سماج جي نئين سر اوسر لاءِ عمل جي ميدان ۾، پير
کوڙي هڪ نه کٽندڙ جدوجهد جو آغاز ڪيو، جيڪا آخري
دم تائين جاري رهي.
رسول بخش پليجو پنهنجي ڪتاب ۾ لکي ٿو ته: ”ائين ٿي
لڳو ته، جويو صاحب ڪنهن ٻئي پار جو مسافر آهي، سڄي
ملڪ کي، دنيا جي سمورن ماڻهن کي اوڏانهن وٺي وڃڻ
ٿو چاهي. هندو، مسلم جهيڙن کان اڳتي وڏيرن، پيرن،
سيدن جي راڄ کان اڳتي، ان وقت جي سياستدانن، سر
غلام حسين، جي.ايم.سيد،
کهڙي، سر عبدالله هارون، نواب بهادر يار جنگ،
جناح، نهرو ۽ گانڌيءَ
جي دنيا کان اڳتي شعوري طور مون کانئس وڌ ۾ وڌ سکڻ
جي ڪوشش ڪئي. دنيا جي جديد سائنسي
۽ انقلابي سماجي سوچ سان منهنجي واقفيت به جويي
صاحب ڪرائي، جنهن جي هدايت هيٺ مون زندگي ۾ پهريون
ڀيرو ان نئين سماجي سوچ مطابق لکيل سياسي لکڻيون
انگريزي ۾ پڙهيون. هو مون کي ايم.اين.راءِ
جي هفتوار انگريزي اخبار
‘Radical’
پڙهڻ لاءِ ڏيندو هو، اتان ئي
اهو سوچ ۽ عمل جو سفر شروع ٿيو، جنهن آڻي في الحال
هتي رسايو آهي“(1)
محمد ابراهيم جويي سنڌي قوم جي وکريل سوچن ۽ سگهه
کي مرڪز ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي. ورهاڱي کان پوءِ پيدا
ٿيندڙ ڏک ۽ ويڳاڻپ کي گهٽائڻ لاءِ پنهنجي قلم
ذريعي نئين قوت بخشڻ جي ڪوشش ڪئي.
محمد ابراهيم جويو سنڌ جي قومي ۽ جمهوري جدوجهد جو
حصو رهيو، ون يونٽ دور ۾ سنڌ سان ٿيندڙ سياسي،
سماجي ۽ ثقافتي استحصال هجي يا حڪومت جو سنڌي
ٻوليءَ سان ٿيندڙ عقوبتون، هرهنڌ پنهنجي ڏات ۽
ڏاهپ کي قلم جي شمشير بڻائي نه صرف وڙهيو، پر وڙهڻ
به سيکاريائين، هو بنيادي طور تي قومي سوچ رکندڙ
ترقي پسند دانشور هو، سنڌ ۽ سنڌ واسين سان سندس
روحاني رغبت هئي. هن وٽ قوم، قوميت، قومي جدوجهد ۽
قومي سماج جي اڏاوت جو تصور خالص سائنسي بنيادن تي
مڃڻ انسان دوست ۽ عوام دوست رهيو، جيڪو سندس فڪري
تخليقن ۾ هرهنڌ موجود نظر اچي ٿو.
مثال طور سندس تخليق ڪيل ”ڪتاب شاه، سچل سامي کي
ئي ڏسجي،
جنهن ۾ هن لکيو آهي ته، ”شاه، سچل ۽ سامي هڪ وڏي
بحراني دور جي پيداوار آهن، هو ذهني دنيا جا عظيم
تخليقڪار آهن ۽ هو سنڌي سماج جي نئين جنم جا نقيب
آهن. هنن سنڌي سماج جي آڏو نئين انسان جو تصور پيش
ڪيو. هنن سنڌي سماج کي نئين اجتماعي وحدت جي شعور
کان واقف ڪيو ۽ ان لاءِ کين عملي راه ڏيکاري. قومي
تهذيب، قومي مذهب ۽ قومي سياست جي راه، مشترڪ مفاد
۽ باهمي تعاون جي راه، محبت، رواداري ۽ اتحاد جي
راه، عمل ۽ قرباني جي راه هنن جي سامهون سنڌ ۽
سنڌي سماج جي آزاد، باوقار، بامقصد ۽ خوشحال وجود
جو مقصد هو.
(2)
ترجمن جي حوالي سان محمد ابراهيم جويو، مرزا قليچ
بيگ کان پوءِ سنڌي ادب ۾ ٻيو نمبر چئجي ته وڌاءُ
نه ٿيندو. هن ڪيترائي تنقيدي، تخليقي، تحقيقي ۽
معلوماتي ڪتاب ترجمو ڪري، سنڌي ماڻهن جي شعوري حس
بيدار ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي.
سندس
اهڙن ئي ترجمو ڪيل ڪتابن ۾، ”فڪر جي آزادي“ سندن
شاندار تخليق آهي. 16هين صدي ۾ عيسائيت ۾ پيدا
ٿيندڙ فرقيوارانه واقعن تي مشتمل هي ڪتاب پهرين
جرمني زبان ۾ ڇپيو هو، پوءِ انگريزي ۾
“The Right to Heresy”
جي
نالي سان 1936ع ۾ ڇپيو.
هن ڪتاب جو ترجمو ڪري جويو صاحب سنڌي قوم کي
فرقيواريت ۽ مذهبي انتهاپسنديءَ جي هاڃيڪار تباهين
کان واقف ڪيو. پنهنجي راءِ جي آزادي، پنهنجي شعور،
پنهنجي فڪر کي اظهارڻ جي آزاديءَ جو حق، هر انسان
کي حاصل آهي. مذهبن مان فرقيواريت کان سواءِ تباهي
جي، ڪجهه به حاصل ناهي. سورهين صدي وارو دور مذهبي
انتهاپسندي جي انتها تي پهتل هو ۽ سچ ڳالهائڻ وارن
لاءِ دنيا جهنم بڻيل هئي.
مائيڪل سورويٽس ۽ سيباسٽيان ڪاسٽيلو به اهڙن ماڻهن
مان هئا، جن کي مذهبي انتهاپسندن پنهنجي سوچ جي
اظهارڻ تي سخت سزائون ڏيئي، انهن کان جيئڻ جو حق
کسي ورتو هو.
”سيباسٽيان ڪاسٽيلو هڪ اڪيلو آدرشي انسان هو، هن
فڪر جي آزاديءَ خاطر ڪال ون جي بعيت کان ۽ ٻيءَ هر
قسم جي روحاني غلاميءَ ۽ ذهني تشدد کان بغاوت جو
اعلان ڪيو هو. هو ڇا هو؟ ڪال ون جي مذهب ۽ حڪومت ۽
انهن جي شمار کان زياده ديولين ۽ پادرين جي طاقت ۽
انهن جي قانون ۽ ان جي زنجيرن، ڪال ڪوٺڙين، ڦاسي
گهاٽن ۽ باه جي اوڙاهن جي ڀيٽ ۾، ڪجهه به نه ٺلهو
هڪ نالو، هاٿيءَ جي کڄيل پير هيٺان هڪ ماڪوڙي،
طوفان جي آڏو هڪ ڪک هو، مسڪين ماستر هو، جيڪو
پنهنجي زال ۽ پنهنجن ٻچن جي پيٽ ڀرڻ ۽ انگ ڍڪڻ
لاءِ ڪتابن جا ترجما ڪندو هو ۽ خانگي ٽيوشن ڏيندو
هو. هو پنهنجي ملڪ کان جلاوطن، ڌارئي ملڪ ۾ هڪ
پناه
گزين هو، جتي هن کي نه شهريت جو ڪو درجو هو ۽ نه
رهائش جو ڪو حق هو. دنيا ۾ اهڙا دور به ايندا آهن،
جڏهن انسانن جو خير ۽ خوشيءَ جو ڪو طالب، هٺ
ڌرميءَ ۽ ڪروڌ ۾ ورتل ٻن ڌرين جي وچ ۾ به ائين
هيڪلو ۽ بيوس بنجي ويندو آهي، جيئن وڙهندڙ سانن جي
تکن کُرن هيٺان ڪو ٻُوڙو.
سيباسٽيان ڪاسٽيلو پنهنجي دور جو اهو هڪ ٻُوڙو
هو“.(3)
جويو صاحب مختصر طور تي، ڪتاب جي مهاڳ ۾ جهڙي طرح
’ڪاسٽيلو‘ جو تعارف
ڏنو آهي، اهو نهايت متاثر ڪندڙ آهي. رياستي ڏاڍ،
جبر سان جهيڙيندڙ ماڻهن لاءِ هي ڪتاب اتساه
ڏياريندڙ آهي. جويي صاحب جيڪي ڪتاب ترجما ڪيا آهن،
انهن جي چونڊ تمام باريڪ بينيءَ سان ڪئي آهي، انهن
ڪتابن جا موضوع اهڙا آهن، جيڪي اسان جي سماج سان
ٺهڪي اچن ٿا.
ڪتاب ’فڪر جي آزادي‘ جو موضوع به اهڙو ئي
ڇرڪائيندڙ آهي. تعصب، جبر ۽ ظلم جي باه ۾ ساڙيا
ويندڙ سچا ماڻهو دنيا وارن لاءِ مثال بڻجي وڃن ٿا.
16هين صديءَ جو دور اهڙو ڪربناڪ دور هو، جنهن ۾
گرجا ذريعي ماڻهن کي ڪنٽرول ڪيو ويندو هو. مذهب
کي
منفي استعمال ڪري عام ماڻهن کان جيئڻ جو حق ڦريو
ويو هو. آزاديءَ جي اظهار جو تصور ختم ٿي چڪو هو.
ڪاسٽيلو مذهبي ڪٽرپڻي خلاف جنگ ڪئي، پر پنهنجي
آدرش تي قائم رهيو. ڪاسٽيلو جو ڏوه اهو هو ته، هُن
بنيادي انساني حقن جي تحفظ جي ڳالهه ڪئي، غير
انساني سزائن کي ننديو ۽ اختلاف راءِ جي حق کي
اهميت ڏني.
ڪال ون جهڙي ظالم شخص سان مهاڏو اٽڪايائين، جيڪو
زور ۽ زبردستيءَ پنهنجا حڪم عام انسانن تي مڙهيندو
هو ۽ انهن کي سخت سزائون ڏيندو هو. ڪال ون عيسائيت
کي خطرناڪ حد تائين مضبوظ ڪيو هو ۽ پاڻ جڏهن مقدس
انجيل جي خطيب جي عهدي تي ويٺو، تڏهن جيڪو دستاويز
لکيائين ان تي عام ماڻهن کان زوريءَ عمل ڪرايو
ويندو هو ۽ انڪار يا غفلت تي کين سخت سزائون ڏنيون
وينديون هيون.
ڪاسٽيلو کي پنهنجي نظريي پيش ڪرڻ جي سزا ملي، پر
ان جو نظريو فنا نه ٿي سگهيو.
”ڪاسٽيلو جو سهپ ۽ رواداريءَ جو فڪر ۽ ضمير جي
آزاديءَ جو آدرش، ظاهر هو ته ساڻس گڏ سندس قبر ۾
دفن ڪونه ٿي ويو هو، اهو جيتوڻيڪ تنگدليءَ، روايت
۽ دهشتگرديءَ جي تهن هيٺان دٻجي ويو هو، پر ان ۾
اڃا جان هئي ۽ اهو هاڻي انهن تهن جي ڳرڻ سان اڳي
کان اڳرو، تازو توانو، نئين سر ڦٽي نڪتو ۽ رنگ
برنگي گل جهليائين ۽ يورپ جي اُسرندڙ معاشري کي
پنهنجن شيرين ۽ زندگي بخش مِيون سان مالا مال
ڪيائين.
شخصي راءِ ۽ فڪر جي دنيا ۾ رواداريءَ جا شيدائي
ڪاسٽيلو جي اڳ ڇپيل ڪتابن تي مطمئن ٿي ڪين ويٺا،
هنن پنهنجي روحاني رهبر جا اڻ ڇپيل ڪتاب ۽ ٻيون
خطي تحريرون، جيڪي هن اڌ ۾ ڇڏيون هيو ن،
اهي سڀ چونڊي گڏ ڪري ٻاهر آنديون، اهي هو پهريائين
هاليندر کڻي ويا ۽ پوءِ اتان پهريائين اصل ۽ پوءِ
ترجمن جي صورت ۾ شايع ڪيون“.(4)
جويي صاحب هن ڪتاب جو ترجمو ڪري، نه رڳو خيال جي
آزادي، فڪر جي آزادي جي تاريخي ويڙه ۽ جدوجهد کان
سماج
کي آگاه ڪيو آهي. انسانيت جي آجپي جو گس ڏسڻ سان
گڏ ڪنهن به سماج تي تنقيد ڪرڻ ۽ ان جي ڇنڊڇاڻ ڪرڻ
جون بنيادي ۽ شعوري واٽون پڻ ڏسيون آهن
سنڌي ادب ۾ شيخ اياز جو پنهنجو مقام آهي، پر سچ پچ
ته جنهن مهل جويي صاحب جا شيخ اياز جي ڪتابن تي
لکيل مهاڳ پڙهجن ٿا ته، پروڙ پوي ٿي ته جويي صاحب
ڪيڏي نه مهارت ۽ گهرائيءَ سان ڪتابن جا مهاڳ لکيا
آهن اهو مهاڳ ئي هوندو آهي، جيڪو ڪتاب جي تشريح
ڪندڙ هوندو آهي، جنهن جي وسيلي پڙهندڙ سڄو ڪتاب
پڙهڻ ۽ سمجهڻ لاءِ مجبور ٿي ويندو آهي. جويي صاحب
پنهنجي علمي قابليت ۽ ادبي ڄاڻ مطابق شيخ اياز
جي ڪتابن تي مهاڳ لکي، انهن لکڻين کي امر بڻائي
ڇڏيو آهي.
جويي صاحب جيڪي به مهاڳ شيخ اياز جي ڪتابن تي لکيا
آهن، اهي پنهنجي جاءِ تي ادبي شاهڪار آهن. جويي
صاحب اياز جي شاعريءَ کي باه سان تشبيه ڏني آهي،
جيڪا ڏاڍ ۽ ڪوڙ جي ڪوٽ کي ساڙي ڀسم ڪرڻ جي سگهه
رکي ٿي، جنهن جي مڃتا خود شيخ اياز هنن لفظن سان
ڪئي آهي ته، ”منهنجي ۽ محمد ابراهيم جويي جي دوستي
رومي ۽ شمس تبريز واري هئي. جنهن، رومي جي ڪتابن
تي نظر وڌي هئي ته انهن ۾ آگ لڳي ويئي هئي“.(5)
جويي صاحب، اياز جي فڪر، سوچ جي وسعت ۽ فني گهاڙيتي
تي تفصيلي مهاڳ لکي، اياز جي شاعريءَ کي عوام ۾
متعارف ڪرايو آهي. هو لکي ٿو ته،
”اياز جي شاعري سنڌي ٻوليءَ جو هڪ ڪرشمو آهي،
ٻولين جا اهڙا ڪرشما جُڳن کان پوءِ ظاهر ٿيندا آهن
۽ جڏهن ٿيندا آهن، تڏهن اهي ٻولين سان گڏ، پنهنجي
دور جي ڪاياپلٽ جاداعي ۽ اٽل سبب بڻبا آهن“.(6)
جويو صاحب جتي اياز جي لکڻين کي ٻوليءَ جو ڪرشمو
چيو آهي، اتي هو انهن لکڻين ۽ شعرن کي سماج ۽ دور
جي تبديليءَ جو سبب به سمجهي ٿو.
هن پنهنجي سموري زندگي سنڌي سماج جي ڀلائي ۽
خوشحالي لاءِ پاڻ پتوڙيندي گذاري آهي. سنڌ جا
ڪيترائي عالم، اديب
۽ دانشور سندس فڪري رهنمائي جي ڪري وڌيڪ سُچيت ۽
سگهارا ٿيا ۽ اڳتي هلي اهي ادب جي اعليٰ منصب تي
رسيا، جن ۾ سنڌ جو مهان ڪوي شيخ اياز سرفهرست آهي.
شيخ اياز جي ڪيترن ئي شاعري جي مجموعن جا تحقيقي
مهاڳ جويي جي قلم جي سڳنڌ سان واسجي، سنڌي ادب جا
لازوال شپهارا بنجي ويا ۽ اڄ اهي شاعري جا مجموعا
سنڌي قوم جا قومي گيت بنجي، جتي ڪٿي گونجي رهيا
آهن. بقول شيخ اياز جي ته ”ابراهيم ايڏو ته وڏو
نانءُ آهي، جو مون کي هن جي ادبي فتويٰ قاضي ازل
جي فتويٰ وانگر لڳندي آهي. هو اهو جڳادي الوپ
ماڻهو آهي، جيڪو نوورنيءَ جي سنيڌ ۾، ستارا سجائي،
گم ٿي ويندو آهي. هن ئي مون کي سيکاريو ته شاعري
سرمهرير جي برف نه آهي، جهنم جي آڳ آهي ۽ جڏهن ان
جا شعلا تيز ٿي وڃن ٿا، تڏهن اوچتو جنت جا درواز
کُلي وڃن ٿا.“
(7)
شيخ اياز کان علاوه رسول بخش پليجو، ع.
ق شيخ، ڊاڪٽر الهداد ٻوهيو، شمشيرالحيدري، جمال
رند، نجم عباسي، غلام رباني آگرو، ابن حيات پنهور،
سراج ميمڻ، حميد سنڌي، جامي چانڊيو، تاج جويو،
علي آڪاش
۽ ٻين
نئين ٽهي جي
ڪيترن اديبن ۽ قلم ڪارن جي تربيت ۾ جويي
صاحب
جو وڏو هٿ رهيو آهي.
ابراهيم جويو صاحب جو ڪتاب ”عورتا آزاد“ به نهايت
اهميت جوڳو آهي، ڇو ته جويو صاحب جتي فرد جي
آزاديءَ جي ڳالهه ڪري ٿو ته، عورت جي آزاديءَ
کي به نظرانداز نه ٿو ڪري. جويو صاحب جتي غلاميءَ
کي موت سان ڀيٽ ڏي ٿو ۽ عورت جي غلاميءَ جو ذميوار
به جاگيرداري سماج کي سمجهندي، ان جي تبديليءَ
جي خواهش رکي ٿو. جويي صاحب عورتن جي تحريڪ کي
”عورتازاد“ نالو ڏنو آهي، جنهن جو ذڪر به ڪتاب ۾
ڪري ٿو. هو عورت جي آزاديءَ
کي سماج جي ترقيءَ
لاءِ ضروري سمجهي ٿو.
”سڄو سماج سجاڳ ٿيندو، ان جون عورتون، مرد، هاري،
مزدور ۽ شاگرد سڀ اٿندا. تحرڪ ۾ ايندا ۽ جاگيردار
سماج بدلبو ۽ ان کي پيچ
درپيچ
غلاميءَ جون هٿڪڙيون لڳنديون ۽ پيرن جا زنجير
ٽُٽندا. اسان جون مائرون آزاد ٿينديون، ڀينرون
آزاد ٿينديون، معصوم ڌيئرون آزاد ٿينديون. اسان جا
پڙهيل ۽ اڻ پڙهيل، ٻهراڙيون ۽ شهر، مسجدون ۽ مندر،
مڪتب، مدرسا، اسڪول ۽ ڪاليج آزاد ٿيندا ۽ اسان جي
سڄي انساني دنيا آزاد ٿيندي ۽ پوءِ ئي وچ جا فرق ۽
مفاصلا ميٽبا ۽ شڪ، وسوسا، حوس ۽ حسد ختم ٿيندا ۽
ماڻهو مان ماڻهو جي بي اعتمادي ختم ٿيندي ۽ بهار
ايندو ۽ بهار جا گل ٽڙندا ۽ انهن جي حسن جو وستار
۽ خوشبوءِ
جو واس چوڏس پکڙندو. اسين ان سڄي پنهنجي پربهار
مستقبل جا جيئن اڄ سرچشما آهيون ۽ مقصد به تيئن
وڌي ان جا مالڪ به ٿي وياسين ۽ اسان جا نسل ۽ انهن
جا ايندڙ نسل انهن جا وارث به اوس بڻبا.“(8)
جويو صاحب نهايت ئي خوبصورتي سان سماج جي امن ۽
ترقي کي آزادي ۽ وري عورت جي آزادي سان ڳنڍيو آهي.
عورت جي آزادي جي اهميت کي واضح ڪندي، عورتن پاران
سندن حقن جي حاصلات لاءِ هلايل تحريڪ جي حمايت ڪئي
آهي. اديب ۽ شاعر پنهنجي سماج ۽ پنهنجي دور جا
نقاد هوندا آهن، جيڪي پنهنجي دور جو سچ پڌرو ڪندا
آهن ۽ انقلابن جو سبب بڻجندا آهن. جويي صاحب جو
شمار به اهڙن اديبن ۾ ٿئي ٿو.
جويو صاحب بنيادي طور شعور پکيڙيندڙ
مفڪر ۽
اديب آهي، جنهن پنهنجي سموري زندگي سنڌي قوم جي
شعوري نشونما ڪندي گذاري آهي. هن ئي سنڌ ۾ وطن
دوست ۽ قومي حوالي سان فرض شناس سياسي دانشمنديءَ
۽ فڪر
جا بنياد وڌا. سندس پختو يقين هو ته جيڪو ماڻهو
پنهنجي صلاحيتن کي پنهنجي قوم، وطن ۽ عوام جي
ڀلائيءَ
لاءِ استعمال نه ٿو ڪري، اهو ڪڏهن
به تاريخ ۾ پاڙون نٿو کوڙي سگهي. پاڪستان جي قيام
کانپوءِ سنڌ سان جيڪي سياسي، ثقافتي، اقتصادي ۽
لساني ويساه گهاتيون ڪيون ويون، ان خلاف هلندڙ هر
مزاحمتي تحريڪ
۽ فڪر
جو روح روان جويو صاحب هو.گڏوگڏ هن سماجي سطح تي
سنڌ جي جاگيرادري
نظام
جي فرسوده وهنوار کي تبديل ڪرڻ جا
فڪري
دڳ ٻڌايا ۽ هر قسم جي پرماريت خلاف جنگ ڪرڻ جو
سگهارو فڪر ڏنو. انسان جي ترقي، آزادي، امن،
برابري ۽ ڀائيچارو
سندس زندگي جا رهنما اصول رهيا آهن. هن مذهبي فرق
کان بالاتر سماج جي اڏاوت لاءِ متحرڪ قلمي جدوجهد
ڪئي، جنهن جو مقصد طبقاتي فرق کان آجو معاشرو جوڙڻ
هو، جنهن ۾ رهندڙ ماڻهو قومي ايڪي هيٺ پنهنجي
زندگي آزاديءَ
سان بسر ڪري سگهن.
ان سلسلي ۾ سندس ترجمو ڪيل، تعليمي، تحقيقي،
سائنسي، معلوماتي ڪتاب ۽ انقلابي فڪر سان لاڳاپيل
ڪتاب شامل آهن. ٻي وڏي ۾ وڏي جيڪڏهن نعمت ڪري ڳڻجي
ته اهي سنڌي ٻوليءَ
لاءِ ورتل سندس ڪاوشون آهن. هن عظيم مفڪر
۽ سنڌ جي رهبر سنڌي ٻولي جي کوجنا تي نور نچوئي نه
صرف ان جي بڻ بنياد، قدامت، اهميت ۽ تاريخي حيثيت
کان پڙهندڙن کي واقف ڪرايو، پر ان سان گڏ، هن سنڌي
ٻوليءَ
جي صرفي ۽ نحوي درستگي، لغت ۽ گرامر تي گران قدر
ڪتاب لکيا آهن، جن ۾ ”ٻوليون ۽ سندس سٽاءُ ۽
ڦهلاءُ“،
”ادب، ٻولي ۽ تعليم“،
”اسان جي ٻولي اسان جي تعليم“،
”سنڌي زبان جي بنيادي لغت“ ۽ ٻيا ڪيترائي تحقيقي
مقالا ۽ مضمون لکي سنڌي ٻوليءَ جي شاهوڪاريءَ
کي ثابت ڪري ڏيکاريو. سندس اهي ڪم اڄ به سنڌ واسين
لاءِ تحقيق، معلومات ۽ کوجنا جا دروازا کولين ٿا.
بقول عبدالواحد آريسر جي ته ”محمد ابراهيم جويو
سرزمين سنڌ جو اهو ڇٽيه لکڻو پٽ آهي، جنهن ڪتابن
سان گڏ ادارن کي به جنم ڏنو، پاليو، وڏو ڪيو ۽
تندرست ۽ توانو بنايو.“
(9)
سنڌي ادبي بورڊ ۾ جويي صاحب ڏهن سالن تائين
سيڪريٽري جا فرض سرانجام ڏنا، سندس ڪيل خدمتن کي
غلام رباني آگرو هنن لفظن سان ڀيٽا ڏئي ٿو ته، ”هن
ڏه سال نهايت محنت، محبت ۽ ايمانداريءَ سان سنڌي
ادبي بورڊ جي سائي سلي جي آبياري ڪري، ان کي ثمر
آور درخت بڻايو“.(10)
ڪنهن مسئلي جي تهه
تائين پهچڻ لاءِ ان جي سببن تائين پهچڻ ضروري
هوندو آهي ۽ وقت جا ليکڪ اهي سڀ شيون کولي عام
اڳيان نروار ڪندا آهن. قلم وسيلي سماجي اوڻاين کي
بيان ڪري سماجي شعور گهڙيندا آهن ۽ اهي ئي سماج جا
نقاد هوندا آهن، جن جي تنقيد سماج کي بهتريءَ طرف
وٺي ويندي آهي ۽ بلاشڪ جويي صاحب جو شمار اهڙن ئي
مهان ماڻهن ۾ ٿئي ٿو.
حوالا:
1.
جويو، محمد ابراهيم
مهراڻ، خاص نمبر،
(2014ع)،
ڄام شورو سنڌ: سنڌي ادبي بورڊ.ص
47
2.
جويو، محمد ابراهيم (2016ع)،
شاهه،
سچل، سامي، هڪ مطالعو، ڪنڊيارو سنڌ: روشني
پبليڪيشن.ص25
3.
جويو، ابراهيم (2015ع)،
”فڪر جي آزادي“، ڄام شورو سنڌ: سنڌي ادبي بورڊ.
ص 18
4.
ايضاً،
263 264
5.
اياز (1986ع)،
ساهيوال جيل جي ڊائري،
ٽنڊو ولي محمد حيدرآباد،
سنڌ نيو فيلڊس پبليڪيشن 173
6.
جويو، ابراهيم، (2001ع)،
”ڳالهيون ڪتابن جون“ حيدرآباد سنڌ: سنڌي اديبن جي
سهڪاري سنگت،
حيدرآباد. ص
7.
شيخ، اياز (2014ع)،
مهراڻ خاص نمبر،
ڄام شورو سنڌي ادبي بورڊ ص 30 31
8.
جويو تاج (2003ع)،
محمد ابراهيم جويو، ترتيب ۽ تحقيق: حيدرآباد سنڌ: سنڌ ماڻڪ موتي تنظيم ص 263 264
9.
ايضاً،
ص 207
10.
آگرو، غلام رباني (2007ع)،
”جهڙا گل گلاب جا“ ڄام شورو،
سنڌي ادبي بورڊ.
حوالا:
1.
محمد ابراهيم جويو، 2003ع تعليم جو موثر ذريعو
ماردي زبان آهي، محمد ابراهيم جويو شخصيت، علمي،
ادبي ۽ قومي خدمتون، ترتيب: تاج جويو، ماڻڪ موتي
تنظيم حيدرآباد سنڌ، ص 148
2.
زبيده مصطفيٰ، 2017ع، تعليم ۾ ٻوليءَ جو جبر مسئلو
۽ حل، مترجم: ڊاڪٽر فهميده حسين، سنڌي ٻوليءَ جو
بااختيار ادارو حيدرآباد سنڌ.
3.
ايضاً ص 19
4.
آصف جاويد، 14 مئي 2017ع، ڪالم نيا زمانا. |