|
چيڻو:
هي پڻ ٿر۽ ڪاڇي جو مشهور لوڪ گيت آهي، جنهن ۾ پري پرڻجي ويل عورت پنهنجي سس، سهري ۽ ڏير جي ظلم جو
داستان پنهنجي مڙس کي
هن گيتن
ذريعي ٻڌائي ٿي ته، تو پڄاڻان
تنهنجا مائٽ مون
سان ڪهڙو سلوڪ ڪن ٿا، چيڻو اصل ۾ هڪ ان جو
داڻو ٿيندو آهي، جنهن
تي ست کلون چڙهيل هونديون آهن، جنهن کي ڳوٺ جون
عورتون اکري مهري ۾
ڇڙَي
ان
مان ڀت رڌينديون آهن، جنهن کي اتان جي
مقامي زبان ۾ ڏٿ چيو وڃي ٿو. هن گيت ۾ هڪ
گهريلو عورت جو درد سمايل ملي ٿو، جيڪا سڄو ڏينهن ڪم ڪري ٿي،
پر هن کي اها مڃتا
نٿي
ملي،
پر ان جي برعڪس هن جو ڏير هن جي مڙس جي غير
موجودگيءَ
۾
هن تي ميري
نظر رکي ٿو، جنهن جو فرياد هن گيت
۾
نمايان نظر اچي ٿو. هوءَ پنهنجي دل جي ڪيفيت جو
اظهار هن طرح ڪري ٿي ته:
چيڻو ڪونه
ڇڙيندي سانءِ
چيڻو ڪونه
ڇڙيندي سانءِ
وهنجان ٿي ته ڏسي ٿو ڏير
منهنجي آهي مٿي مير
ڳولي گهاٽ ڪٿي ڪو گهير
وهنجي سهنجي ايندي سانءِ
چيڻو ڪونه ڇڙيندي سانءِ(13)
يا وري نياز همايون جو چيڻو تي لکيل هي
گيت:
ڪانگ منھ تي ، رَئو اُره تي چيڻو ويٺي ڇڙيان
ڇڄ
۾ داڻا منهنجا راڻا چيڻو ويٺي ڇڙيان
مــــــــــــان ته چيڻو ويٺـــــــــــــي ڇـــــــــڙيــــــــــــان(14)
ڍاٽيئڙو:
هي گيت ٿرپارڪر سان تعلق رکي ٿو، جنهن کي ڌنار مال
چارڻ وقت
ڀٽن تي ڳائيندا آهن. هن
گيت
۾
عورت جو پنهنجي محبوب کان وڇوڙي جو درد ۽ وري ملڻ
جي آس سمايل هوندي
آهي.
سندس سٽاءَ هن طرح رکيل آهي.
سارو تان سيارو مون گنديءَ ۾ گذاريو
رليءَ جي رولاڪيءَ ماريو ڙي ڍاٽيئڙا
هيلوڪو وري آءُ(15)
يا جديد شاعري ۾ نياز همايونيءَ جون هي سٽون:
ڏاڍا مينهن وٺا
ڙي ڍاٽيئڙا!
ٿا وڇڙيا ڪٺا ڙي ڍاٽيئڙا!
پيا پارا اڪن تي ڙي
ڍاٽيئڙا
ڪانهي وندر
وڻن تي ڙي ڍاٽيئڙا
هيلوڪو
وري آءُ !
هيلوڪو وري آءُ .
(16)
’هيلوڪو وري آءُ‘ هن جي وراڻي ۾ اچي ٿو. مجموعي
طور تي هي سڄو گيت عورت جي
پنهنجي مڙس يا محبوب جي تڙپ ، سڪ وڇوڙن
جي ورلاپ ۽ اميدن جي اوسيئڙي جي
ڪيفيت تي مشتمل هوندو آهي.
وڻجارو:
هي گيت پڻ ٿر سان تعلق رکي ٿو، جنهن ۾ بقول بلوچ
صاحب ته، ڌڻ ۽ ڍولو جي ٻن ڪردارن جي محبت ۽ ڪيفيت
بيان ڪئي وئي آهي، جنهن ۾ ڌڻ عورت آهي،
جا پنهنجي ور يا محبوب جي وڇڙي وڃڻ تي هي گيت
آلاپي ٿي، جنهن جا ٻول ڪجهه هن طرح آهن ته:
ٿَلهي مٿي پِيپڙِي جِڪِي رِي ڇايا ۾ بيٺا مور،
(اڱڻ ۾ پپر جو وڻ، جنهن جي ڇانوَ ۾ مور ويٺا آهن)
هاءِ! وڻجارو بالم ڙي....
(هاءِ وڻجارو سڄڻ)
اونچي ميڙهي اوجَڙي، مِهينان لُونٻاڙِي کاٽ
(اوچي ۽ سفيد ماڙيءَ تي ڇپر کٽ رکيل آهي)
هاءِ! وڻجارو بالم ڙي....(17)
وڻجارن کي ڪلاسيڪي شاعريءَ
۾ پڻ ڳايو ويو آهي، شاهه عبداللطيف ڀٽائي سُر
سامونڊي ۾ وڻجارين جي پنهنجي وڻجارن جي وڇوڙي جي
ڪيفيت کي هنن سٽن ۾ بيان ڪيو آهي:
سي ئي جوڀن ڏينهن،
جڏهن سڄڻ سفر هليا،
روئان رهن نه سپرين آيل ڪريان ڪيئن،
مون کي چاڙهي چيئن،
ويو وڻجارو اوهري.(18)
ريگستان جا اهي لوڪ گيت اتان جي عورتن جي جذبات ۽ احساسات
سان گڏ انهن جي
سوچ ۽ فڪر جا ترجمان پڻ آهن، جن کي ٻڌڻ سان درد ۽ پيڙا جي ڪيفيت طاري
ٿي
ويندي
آهي. انهن گيتن جي موسيقي به
گهڻي ڀاڱي
هو پاڻ ئي ترتيب ڏينديون آهن،
جيئن
مائي ڀاڳي جو ڳايل
لوڪ گيت ”کهڑی
نیم
کے
نیچی
میں
تا ہیکلی“
جنهن موسيقي جي دنيا ۾ تمام گهڻي شهرت
حاصل ڪئي. اهڙي طرح ٻيا به ڪيترائي ٿري
لوڪ
گيت، ٿري عورتن جي رهڻي ڪهڻي، ڏکن
سکن جي تصوير پيش ڪندي نظر اچن ٿا.
بقول اڪبر لغاري جي ته،
”ٿر جي لوڪ گيتن، راسوڙن، دوهن جو پنهنجو
انداز آهي،
ڇاڪاڻ
ته لوڪ گيتن ۾ وڏي حسناڪي، جماليت، فراق، ۽ وصال
ميسر هوندو
آهي
”سچ
پچ ته ٿر جي لوڪ گيتن ۾ صدين جو سفر شامل آهي.)
(19)
اهي لوڪ گيت ريگستان جي تهذيب ۽ ثقافت جا آئينه
دار هوندا آهن،
جنهن جي وسيلي ٿر جي منفرد ۽ هر رنگ سان رچيل
زندگي بابت ڄاڻ ملي ٿي.
هتي مينهن جي وسڻ، مهمان جي اچڻ، مورن جي ٽهوڪن،
سس نڻان جي ظلمن، مائٽن جي سڪ، تهوارن، پاڻي ڀرڻ،
ڀرت ڀرڻ تائين لوڪ گيت چيا وڃن ٿا، جيڪي ٿر جي
عورتن جي جذبات جي ڀرپور عڪاسي ڪندي نظر اچن ٿا.
ڀارو مل امراڻي ان بابت لکي ٿو ته، ”لوڪ گيت جا
موضوع سوين نه پر هزارين آهن. سمورا موضوع عورت،
ڌرتي، سماج ۽ عوامي پيشن سان لاڳاپيل آهن. عام
ماڻهو جا ڏک سک، جذبا، خوشيون ۽ غميون، احساس لوڪ
گيتن ۾ موجود آهن.“
(20)
مٿين سڄي
بحث
مان هيءَ
ڳالهه واضح ٿي اچي ٿي ته، ٿر لوڪ گيتن جي سرزمين
آهي، جنهن ۾ گهڻي ڀاڱي چيل گيت عورتن جي جذبات جي
ترجماني تي ٻڌل آهن. گيت جيئن ته ڳائڻ سان تعلق
رکي ٿو،
ان ڪري اهو گهڻو ڪري عورتاڻي مزاج سان وڌيڪ ٺهڪي
اچي ٿو.
ٿر ۾ عورتون راسوڙن کان وٺي محبوب جي درد فراق ۾
گيت ورلاپين ٿيون، جن ۾ ڪجهه پورهئي تي چيل گيت،
ڪجهه گيت شڪوي شڪايت ۽ ڪجهه شادي کانپوءِ مٽن
مائٽن جي سار ۽ ڪجهه وري موسمن جي مٽ سٽ تي مشتمل
آهن.
هي لوڪ گيت انسان جي جذبات جي مڪمل طور تي عڪاسي
ڪندي نظر اچن ٿا، جنهن ۾ فن ۽ فڪر جي
گهڻي ڀاڱي پابندي ڪونهي،
پر سُر، لئي جي مڌرتا جي اڪثريت ملي ٿي. نارائڻ
داس ڀارتي ان بابت لکي ٿو ته، ”لوڪ گيت من ۾ اٿندڙ
يا پيدا ٿيندڙ قدرتي جذبات يا امنگ آهن، انهن ۾
تشبيهون نه آهن،
پر رس آهي؛ ڇند يا بحر وزن نه آهن،
پر لئي آهي، رواني آهي، مڌرتا آهي. انسان جو من
جڏهن موج ۾ اچي ٿو تڏهن هو نچڻ ۽ ٽپڻ ۽ ڳائڻ ٿو
لڳي؛ تڏهن ڳائڻ ۾ هرديا جو اتهاس، اهڙي طرح ته
ظاهر ٿو ٿئي، جهڙي طرح پريم ۾ ڪشش، شرڌا ۾ وشواس
۽ ڪُروڻا ۾ ڪوملتا“.(21)
هن سڄي تحقيق مان هي نتيجو اخذ ٿئي ٿو ته،
ٿر جا لوڪ گيت گهڻي ڀاڱي عورت جي نفسيات، جذبات ۽
احساسن سان سلهاڙيل آهن، جن ۾ هوءَ پنهنجي زندگي ۾
پيش ايندڙ هر وارتا، ڪيفيت، جذبي ۽ احساس حالتن ۽
واقعن کي سليس ۽ سادن لفظن ۾ اظهاري ٿي، جنهن ۾
ٻولي جي لطافت، ترنم ۽ موسيقي جي لئي ان جي تخيل
کي گيت جي روپ ۾ وڌيڪ نکاري ٿي، جيڪا ٻڌندڙن تي
درد جي ڪيفيت سان گڏ زندگيءَ
جي ڏکن سکن جا احساس نه رڳو ظاهري ڪري ٿي، پر انهن
۾ کين شامل ڪري انهن جو احساساتي لطف ۽ ڪيفيتي ڪرب
پڻ محسوس ڪرائي ٿي ۽ اها خوبي ئي لوڪ گيت کي
شاعريءَ جي ٻين صنفن کان مختلف ۽ منفرد بڻائي ٿي.
حوالا:
1.
رئیس
قمر
ڈاکٹر
، 1990ء:
مرتب:
اردو میں
لوک ادب ۔ سیمانته
پرکاش، دریاء گنج نئی
دہلی،
ص 7
2.
آغا وزیر
ڈاکٹر
، 1974ء: اردو شاعری
کا مزاج ، ایجوکیشنل
بوک شاپ علی
گڑه
، ص۔ 188،
3.
سوٽهڙ،
امراڻي ڀارومل
2017ع:
ڌرتي ڳائي ٿي،
ثقافت ۽ سياحت کاتو حڪومت سنڌ،
ص 13
4.
بلوچ، نبي بخش خان ڊاڪٽر، 2006ع:
سنڌي ادبي بورڊ ڪتاب گهر حيدرآباد،
ص 327
5.
ايضاً
6.
فياض لطيف،
2017ع:
شيخ اياز جي شاعري جو جديد
مطالعو،
پوپٽ پبليڪيشنگ هائوس خيرپور سنڌ، ص
296)
7.
شيخ ٻانهون خان، 2012ع:
سُر پورب، داستان پهريون، بيت 28، شاهه عبداللطيف
ڀٽائي چيئر ڪراچي يونيورسٽي، ص148)
8.
https://sindhsalamat.com/threads/2876/
9.
سوٽهڙ
،
امراڻي ڀارومل،
2017ع:
ڌرتي ڳائي ٿي، سهڙيندڙ:
ثقافت ۽ سياحت کاتو، حڪومت سنڌ، ص98 .
10.
بلوچ، نبي بخش خان ڊاڪٽر، 2006ع:
لوڪ گيت، سنڌي ادبي بورڊ ڪتاب گهر حيدرآباد.
ص
339
11.
ايضاً،
ص305
12.
فياض لطيف،
2017ع:
شيخ اياز جي شاعري جو جديد
مطالعو،
پوپٽ پبليڪيشنگ هائوس خيرپور سنڌ ص
295)
13.
ايضاً،
ص
287
14.
همايوني نياز ، ترتيب و تحقيق تاج جويو،
دل ڌرتي جا گيت، روشني پلبيڪيشن ڪنڊيارو، ص.60
15.
بلوچ، نبي بخش خان ڊاڪٽر، 2006: لوڪ گيت، سنڌي
ادبي بورڊ ڪتاب گهر حيدرآباد،
ص 251
16.
نياز همايوني، دل
۽
ڌرتي جا گيت، ، روشني پلبيڪيشن ڪنڊيارو، ترتيب و
تحقيق تاج جويو، ص.62
17.
بلوچ، نبي بخش خان ڊاڪٽر، 2006: لوڪ گيت، سنڌي
ادبي بورڊ ڪتاب گهر حيدرآباد، ص. 217
18.
آڏواڻي، ڪلياڻ، شاهه
جو رسالو، مڪتب اسحاقيه جهونا مارڪيٽ ڪراچي، ص.79
19.
سوٽهڙ، ڀارو مل امراڻي، 2017: ڌرتي ڳائي ٿي،
ثقافت ۽ سياحت کاتو، حڪومت سنڌ، ص.9 .
20.
ايضاً،
ص.25،
21.
مهراڻ، لوڪ ادب نمبر4، 1991: سنڌي ادبي بورڊ ڄام
شورو، ص.71
مورو ۽ نڙ بيت ۾ موضوعاتي هڪجهڙائيءَ جو
تحقيقي جائزو
لوڪ ادب جو تعلق سڌو سنئون انساني
معاشري
سان آهي. لوڪ ادب انسان جي
فڪري
ڏاهپ، جذبن، احساسن جي ترجماني ڪندڙ آهي، لوڪ ادب
جي جُڙڻ ۾ ڪنهن به مخصوص ٽيڪنڪ ۽ نظريي جو اثر نه
آهي، پر لوڪ ادب جي تخليق انسان پنهنجي ذهني تسڪين
لاءِ ڪئي، جنهن جو مقصد وندر ۽ تفريح سان گڏوگڏ
مثبت
۽ منفي نفسياتي
رجحانن ۽ لاڙن جو فروغ پڻ ٿي سگهي ٿو. خالص نج
انساني جذبا
لوڪ ادب وسيلي بيان ڪيل هوندا
آهن.
اهو ئي سبب آهي،
جو
لوڪ ادب کي عام ماڻهو يا عوام جو ادب چيو وڃي ٿو.
انگريزي ٻوليءَ ۾ هن کي فوڪ
(Folk)
۽ جرمني ۾ ووڪ
(Volk)
به چيو وڃي ٿو.
ان لاءِ
فوڪ لٽريچر
(Folk Literature)
فوڪ لور يا ان لاءِ هڪ ٻيو لفظ
“Oral Tradition”
به استعمال ٿئي ٿو.
فوڪ معنيٰ
”عام
ماڻهو“
جرمني ۾ فوڪ لفظ جي بدران وري
“Volk”
(ووڪ) لفظ ڪتب اچي ٿو، جنهن جي معنيٰ ساڳي فوڪ
واري آهي.
لوڪ ادب ڪڏهن شروع ٿيو، ان لاءِ
ڊاڪٽر
سنجوڪ جو چوڻ آهي ته:
It is older than literature older than alphabet;
it is lore and belongs to the illiterate.(1)
1846ع ۾ وليم ٿامس
“The Athenaeum”
۾ ڪالم لکيو،
جنهن ۾ اهو لفظ
”فوڪ
لور“
جنهن ۾ فوڪ سان گڏ لور
Lore
(To learn)
جيڪو انگريزي لفظ
“learned”
مان نڪتل آهي،
جنهن جي معنيٰ آهي
”سکڻ“.
انسائيڪلوپيڊيا
برٽينڪا
مطابق
“The traditions and Customer of the Common
People”
بهرحال
“Folk Literature”
يا
“Folk Lore”
جي معنيٰ اهائي ساڳي نڪري ٿي ته
”عام
ماڻهو ءَ جو ادب“.(2)
ڊاڪٽر
الانا صاحب
ان
حوالي سان
لکي
ٿو
ته ”لوڪ ادب
معنيٰ
عوام جو ادب، يعني جو لوڪ جو ادب، سو ملڪ جو ادب.
لوڪ لفظ
جي
انگريزي جي
“Folk”
جرمني جي
“Volk”
جي جيئن
جو
تيئن معنيٰ ته ڪونهي پر،
گهڻي قدر ان جو مفهوم ادا ڪري ٿو. فوڪ لور
“Folklore”
به ساڳي قسم جو لفظ آهي ۽ اهو اصطلاح وليم ٿامس
1846ع ۾ ايجاد ڪيو.
لوڪ ادب مان مراد آهي عام ماڻهن جو ادب يعني اهو
ادب جو تصنع، هٿ ناٽ ۽ جڙتو ڪاريگريءَ
کان صاف هجي. يعني
لوڪ ادب عوام جو ادب آهي،
جنهن ۾ عوام جو شعور آهي.
نه صرف لوڪ ادب روح کي راحت بخشي ٿو بلڪ انهيءَ
سان گڏ ڏاهپ ۽ نصيحت ڀريل ٻولي به ٻُڌائي ٿو.“(3)
لوڪ ادب جي وصف
انسائيڪلوپيڊيا يا برٽينڪا مطابق:
The Folk Literature is also called folk lore or
oral traditional.
it
is a record of customs out tradition of any
culture have not written in the language.(4)
انسائيڪلوپيڊيا آف آمريڪا مطابق
”
لوڪ ادب جي وصف هن طرح واضح ڪئي وئي آهي ته، هي
اهو علم آهي، جو عام ماڻهن جي قديم مانتائن، ريتن
رسمن، ڀرمن وهمن، قديم روايتن، اعتقادن تي مشتمل
هجي.“(5)
ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ
جي راءِ
مطابق
”
لوڪ ادب لاءِ يورپي
لفظ فوڪ استعمال ڪرڻ صحيح نه آهي.“(6)
ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلي چواڻي ته،
”لوڪ ادب احساسن، اڌمن، خيالن ۽ خوابن وغيره جي
اها پونجي آهي، جنهن جا تخليقڪار سادا سودا انسان
آهن.“(7)
اهي پراڻا تاريخي قصا،
يا پراڻن ماڻهن يا پراڻن ماڻهن جي رهڻي ڪهڻي يا
ماضي جي وقت جا اثرات آهن،
جن
جو ذائقو اسان کي لوڪ ادب مان ملي ٿو. لوڪ ادب
عوامي آهي،
پر ان کي ماڻهن اڳيان نروار ڪرڻ ڏاهن جو ڪم آهي.
مختلف
ڏيهي ۽ پرڏيهي
اديبن يا محققن جا
ان بابت
مختلف خيال ۽ رايا ملن ٿا. ڊاڪٽر مرليڌر جيٽلي
مطابق
ته،
”لوڪ
اصل سنسڪرت ٻوليءَ جو لفظ آهي،
جيڪو بعد ۾ سنڌي ۾ آيو،
جنهن جي معنيٰ آهي سماج، جهان ۽ عام عوام وغيره“.(8)
ڊاڪٽرعبدالمجيد سنڌي پنهنجي ڪتاب
”سنڌي
ادبي ۽ تنقيدي اڀياس“
۾ لوڪ ادب بابت لکيوآهي ته “لوڪ ادب مان مراد عوام
جو ادب آهي، جنهن ۾ عوام جا احساس آهن.
هي لوڪ ادب لوڪ شاستر جو هڪ امر سروپ آهي.“.(9)
لوڪ ادب ۾ عوام جي
احساسن ۽ محرومين، ڏکن ۽ مايوسين توڙي خوشين،
امنگن ۽ چاهتن جو رس ڀريل هوندو آهي، لوڪ ادب کي
ائين کڻي چئجي ته اهو عوام جي جذبن ۽ احساسن جو
سرچشمو آهي.
جرمني
جي
مؤرخ ڊاڪٽر جاهن
گٽفي
(Johann Gottfi)
جنهن ارڙهين صديءَ ۾ اهو واضح ڪيو ته”
ڪنهن به قوم جي ادب جو بنياد عوام جي تخليق ۾ آهي“.(10)
اها حقيقت آهي ته جڏهن عوام جا احساس پاڻ ۾ ملندا
آهن تڏهن ڪنهن موضوع جو روپ وٺندا آهن.
انهن
مٿين
ڳالهين کي نظر ۾ رکندي
چئي سگهجي ٿو
ته، هي ادب عوام جو گڏيل ورثو آهي،
جنهن
۾
سماج جون سڀئي ريتون،
رسمون،
طور طريقا،
سونهن،
سينگار،
ڏک،
درد جون ڪهاڻيون،
وڇوڙي
۽
ورلاپ جا گيت
۽
وصال جا ڳيچ وغيره شامل آهن.
لوڪ ادب جي
تاريخ
لوڪ ادب ڪڏهن سرجيو ويو؟
شايد تڏهن
کان
جڏهن
انسان جنم
ورتو! يا جڏهن انسان ڳالهائڻ سِکيو!
يعني اهو ٻولي
۽
آئيويٽا کان به اڳ
۾
پيدا ٿيوآهي.
معنى
هن جي تاريخ اوتري
ئي
قديم آهي، جيتري بني نوع جي ڌرتيءَ تي جنم وٺڻ جي
تاريخ قديم آهي. ائين به چيو وڃي ٿو ته جڏهن انسان
پهريون ڀيرو ڳايو،
گنگنايو يا جڏهن ٻار کي ماءُ پهريون ڀيرو ننڊ
ڪرائي هوندي ۽ جهونگاريو هوندو ته اهو آواز، جيڪو
لولي جي صورت ۾ ٻار ٻڌو اها به شروعات ٿي سگهي ٿي،
ان ڪري ئي هن کي زباني ادب به ڪوٺيو وڃي ٿو، ڇاڪاڻ
ته هي پيڙهي در پيڙهي، نسل در نسل زباني سفر ذريعي
اڳتي وڌيو آهي.
ڊاڪٽر
عبدالڪريم
سنديلي
مطابق ”سنڌي
لوڪ ادب جون پاڙون پاتال ۾ بيٺل آهن.
ان جا بنياد ويدن تائين وڃن ٿا.“(11)
چارسؤ قبل مسيح ۾ سميري تهذيب ۾ ڪجهه اهڙيون
لکڻيون ملن ٿيون،
جيڪي پهرين زباني روايتن تي مشتمل هيون ۽ اهي
پٿرن تي لکيل مليون آهن. بعد ۾ جڏهن مصر ۾
لکت جو رواج پيو،
ته پوءِ لوڪ ادب کي به محفوظ ڪيو ويو.
سڀ کان
پراڻو لوڪ ادب عربن جي دور ۾ ملي ٿو.
بقول الله بخش نظاماڻي ته
”جيتري
قدرمعلوم ٿي سگهيوآهي، تنهن مان ڏسجي ٿو ته عربن
جو لوڪ ادب سڀ کان پراڻو آهي، عربن جي قديم زبان
توڙي لکت واري عوامي ادب جو زمانو 500 کان 632
وارو آهي. ان کانپوءِ روم يونان هيروڊش لوي جو ڪم
ملي ٿو، جرمني ۾ فلپ اسٽئي ايڊورڊ هيلر جو ڪم ملي
ٿو،
جتي
اتان جي تهذيب ۽ ثقافت تي ڪتاب لکيا. ان کانپوءِ
لوڪ ادب جو مشهور تاريخي ڪتاب“The
Antiquities Common People”
جيڪو 1946ع ۾ فرانس ۾ لکيو ويو.“(12)
لوڪ ادب گهڻو ڪري اڳ پرين جي ڪهاڻين، ڏند ڪٿائن،
جنن، ڀوتن ۽ ديون جي قصن تي مشتمل
هو، پوءِ جيئن جيئن انسان شعور جون سرحدون طئي
ڪندو ويو تيئن ان جي سوچ ۾ تبديلي ايندي ويئي، لوڪ
ادب ۾
جنهن
جو
اظهارموجود نظراچي ٿو.
لوڪ
ادب ۾ نثرهجي يا شاعري اها ڪڏهن به پراڻي
ناهي ٿيندي.
خاص طور تي
لوڪ
شاعري جيڪا
ڪنهن به قوم جي
مجموعي شعور جي
سڃاڻپ هوندي آهي. قومن جي تهذيب،
تمدن ۽ ثقافت جا
اهڃاڻ لوڪ شاعري مان
ليا پائيندا نظرايندا
آهن. سماج ۾ مروج ريتون رسمون هر قوم کي ٻئي قوم
کان الڳ سڃاڻپ ڏينديون آهن ۽ انهن
جو اوائلي ذڪر لوڪ گيتن مان ئي ملي ٿو،
جن ۾
شادين کان وٺي مرڻي تائين انساني زندگيءَ جي
هرمرحلي، هرتبديليءَ
کي لوڪ گيتن وسيلي نروار ڪيو ويندو آهي.
ماءُ جا احساس
هجن،
زال جي
پنهنجي
مڙس لاءِ اڪيرهجي يا محبوبا جي محبوب لاءِ تڙپ ۽
اداسي هجي. ڌيءَ کي پنهنجي پرديسي مائٽن لاءِ
يادگيري هجي،
يا وري
ڀيڻ جي ڀاءُ لاءِ سڪ هجي
مطلب ته
هر جذبي هر رشتي لاءِ لوڪ گيتن ۾ مختلف صنفون
رچيل آهن. سنڌ جي ڌرتيءَ جي هرعلائقي ۾ گيتن يا
ڳيچن جون مختلف صنفون مروج آهن،
جنهن
جو اظهار لوڪ
شاعريءَ
۾ ملي ٿو،
پوءِ اهو اظهار ماءُ جي
ٻار لاءِ
ڳايل
لولي
هجي يا وري
محبوب
جي وڇوڙي
لاءِ
ورلاپ ڪندي رچيل
مورو
هجي،
مطلب ته لوڪ ادب ۾ لوڪ شاعري عام ماڻهن جي سادن
سودن جذبن جو ڀرپور اظهار هوندي آهي.
لوڪ شاعري
اهڙي تحرير يا لکڻي کي چيو وڃي
ٿو،
جنهن ۾ هن سماج جو عڪس سمايل هجي يعني سماج ۾
رهندڙ ماڻهن جي ريتن رسمن، اهنجن خوشين ۽ سورن جو
مواد شامل هجي.
لوڪ ادب جي اهميت
لوڪ ادب جي اهميت بابت
هرمحقق پنهنجي تحقيق ۽ مشاهدي مطابق مختلف خيال
پيش ڪيا آهن.
دنيا ۾ هر شيءِ جو ڪونه ڪو ڪارج يا اهميت هوندي
آهي. اهڙي ريت لوڪ ادب جي ڪارج يا اهميت
بابت
تاريخ تي نظرثاني ڪبي ته لوڪ ادب دنيا جي سڀني
معياري ٻولين ۾ ڪثرت سان نظر ايندو. جرمني،
انگريزي، بنگالي، سنسڪرت ۽ پراڪرت
ٻولين
۾ ان جو
چڱو
ذڪر ملي ٿو. لوڪ ادب
جي اهميت ان ڪري به گهڻي آهي،
جو اهو
هر سماج جي ماضيءَ جو آئينو، حال ۽ مستقبل
جو
عڪاس هوندو آهي، جنهن ۾ اسان گذريل دور جي تاريخ،
تهذيب، اٿڻي ويهڻي، ريتن رسمن کي ڄاڻي ۽ پروڙي
سگهون ٿا.
لوڪ ادب جي اهميت ان ڪري به آهي، جو اهو اسان جي
سماج ۾ ائين سمايل آهي
جيئن گلن ۾ خوشبو سمايل هوندي آهي ۽ اهو ائين ئي
خوشبو وانگرسفرڪندو
نسل درنسل زباني
توڙي
روايتن ذريعي
هر سماج هر قوم جي ماڻهن جو قيمتي اثاثو رهيوآهي،
جنهن مان اهو اندازو لڳائي سگهجي ٿوته،
لوڪ ادب
مجموعي طور تي
سماج ۾ رهندڙ عام ماڻهن جي
نفسيات جو آئينو آهي، جنهن ۾ عام ماڻهن جي
ڏکن، سکن، خوشين ۽ وڇوڙن جو ورلاپ ملي ٿو، يعني
لوڪ ادب
ڪنهن به سماج ۾ وسندڙ
عام انسانن جي خيالن، احساسن، جذبن، خوابن، خواهشن
۽ اڌمن جو کليو اظهار هوندو
آهي،
جيڪو،
صدين تائين اهي عام ماڻهو ساه ۾ سانڍيو اچن ٿا،
بقول رائچند چيلهار،”درحقيقت
لوڪ ادب ملڪ جي ٻولي ۽ ادب جو بنياد آهي، ٻهراڙي
جي سگهڙن وٽ اڪيچار بي بها خزانا موجود آهن
۽ اهي
پشت به پشت سيني
۾
سانڍيندا آيا آهن“.(13)
انهن عام ماڻهن کي سگهڙ ڪوٺيو ويو آهي.
سگهڙ مرد توڙي عورت به ٿي سگهي ٿي.
جيئن ته
مٿي بيان ڪري آيا آهيون ته
دنيا ۾ لوڪ ادب کي ٻن حصن ۾ ورهايو ويو آهي، هڪ
نثر ٻيو نظم، نثر ۾ ڪهاڻيون، قصا ۽ داستان وغيره
اچي وڃن ٿا ۽ نظم ۾ وري ڏور،
ڏهس،سينگار،
دراهو، هنر، پرولي، ڳجهارت، پنجڪا ۽ ٻيا لوڪ گيت
اچي وڃن ٿا.
گمان غالب آهي ته
لوڪ
ادب پوءِ اهو چاهي نثر هجي يا شاعري ان
جي تخليق پهرين پهرين عورتن هٿان ٿي
هوندي، ڇاڪاڻ ته
جڏهن سندن مرد شڪار يا ڪمائي واسطي ٻاهر ويندا
هوندا
تڏهن هو
(عورتون)
انهيءَ
غم
۽
فراق ۾ وڇوڙي جا ورلاپ ڪنديون هيون يا وري جڏهن
گهر ۾ سندن سس يا ڏير هنن جي مٿان سختي ڪندا هئا
ته هو ان جي دانهن به گيتن ذريعي ڪنديون هيون،
گهرن جون جهونيون عورتون ڏاڏيون يا نانيون ٻارن کي
رات جو اهي قصا ۽ ڪهاڻيون ٻڌائينديون هيون. ائين
لوڪ ادب انهن عام ماڻهن ذريعي وڌندو ويجهندو رهيو
۽ جڏهن ڪتابن جي زينت بنيو،
تڏهن هي اڃا وڌيڪ مقبول ٿيو.
ائين لوڪ ادب دنيا جي ڪُنڊ
ڪڙڇ
۾ وڌندو ويجهندو
رهيو.
اڄ به ارتقا جي سفر ۾ روا دوان آهي، سنڌي
ادب
۾، لوڪ ادب جي لکت ۾ شروعات سومرن جي دور کان ملي
ٿي، جنهن ۾ مرکان شيخڻ جا ڳيچ
به
شامل آهن.
لوڪ ادب سادو به آهي ته مشڪل به، سادو ان ڪري جو
اهو عام ماڻهن جي اظهار جو ذريعو آهي ۽ مشڪل ان
ڪري جو ان ۾ ڪيتريون ئي ڏاهپ جون رمزون لڪيل
هونديون آهن،
جن کي ڪو سگهڙ ئي پروڙي سگهي ٿو. مثال ڳجهارت يا
ڏور يا هنر جي صنفن ۾ معنيٰ جا خزانا سمايل هوندا
آهن.
شري
پياري لعل شرنگارشاستر ۾ لکي ٿو ته
”لوڪ
ادب پراچين ڪال کان هلندو اچي ٿو. لوڪ سنڌي نج لفظ
آهي، اهو لفظ سومرن جي دور ۾ پير صدرالدين جي ڪلام
۾ پهرين ملي ٿو.“
(14)
لوڪ ادب جون اهي خاصيتون اسان کي ڪلاسيڪل شاعرن
جي شاعري ۾ به ملن ٿيون،
سومرن جي دور کان وٺي پير صدرالدين،
قاضي قادن، شاهه عبدالڪريم بلڙي وارو، شاهه
عبداللطيف ڀٽائي به پنهنجي شاعري ۾ هن لفظ کي هن
ريت
کي شامل ڪيو آهي.
مثال طور:
ڪاپائتين
ڪتيو،
جڏهن ستو لوڪ.
(پير صدرالدين )
لوڪان نحو
صرف،
من مطالع سپرين.
(قاضي
قادن)
شاهه عبدالڪريم بلڙي واري جي شاعري ۾ به اهو لفظ
هن طرح ملي ٿو.
هينئون ڏجي حبيب کي،
لڱ گڏجن لوڪ،
تاڙي جي لاهين،
ته اجارو لوڪ ٿئي.
(شاهه عبدالڪريم)
لوٺيون سهن لوڪ،
جا وهاڻي سي ويڻ،
لاڻي وجهان لوڪ، تون ڪهڙي اکر آهڙي.
(شاهه
لطيف)
لوڪ ادب ۾ جتي نثر ۾ قصا، ڪهاڻيون، ڳجهارتون،
هُنر، ڳاهن سان ڳالهيون، پهاڪا ۽ چوڻيون ملن
ٿيون،
اتي لوڪ شاعري ۾ وري ٽيهه اکريون، سينگار، جنگ
نامه ۽ بيت
۽ لوڪ گيت
پڻ ملن ٿا،
جنهن جو تعلق گهڻي ڀاڱي ٿر سان آهي. ٿر لوڪ گيتن
جي ڪهڪشان آهي، جنهن ۾ هر قسم، هر ماحول، هر
ڪيفيت ۽ هر احساس سان سلهاڙيل گيت چيل آهن، ٿر
کانسواءِ ٻين ڀاڱن جا پڻ گيت لوڪ شاعريءَ
۾
مشهورآهن.
ٿرجي ماڻهن لاءِ مينهن،
مور ۽ مهمان ٽي اهڙيون شيون آهن،
جن کان سواءِ ٿري لوڪ شاعري رچي نٿي سگهجي، مينهن
سان لاڳاپيل صنفون ساوڻ ٽريج، بادليو، ورسارو،
چوماسو ۽ همرچو وغيره. ان کانسواءِ ٿري ماڻهو جيئن
ته مينهن نه وسڻ ڪري شهر ڪمائڻ هليا ويندا آهن ته
سندن ونيون ڏک ۽ درد ۾ گيت جهونگارينديون آهن.
جيئن،
مورو.
لوڪ شاعريءَ جي ڪجهه صنفن ۾ موضوعاتي هڪ جهڙائي
هوندي آهي، ته ڪٿي وري فني گهاڙيتي
۾ به هڪجهڙايون هونديون آهن.
هن تحقيقي مقالي جو موضوع موري ۽ نڙ
بيت
جي موضوعاتي هڪجهڙائين جي ڇنڊ ڇاڻ ڪرڻ آهي .ان ڪري
انهن ٻن صنفن تي تفصيلي بحث ڪيل آهي.
ڏٺو وڃي ته لوڪ گيتن ۾ جيڪي گيت جدائي ۽ محبت جي
اظهار لاءِ چيل آهن، انهن ۾ مورو ۽ نڙ بيت نمايان
آهن .
اسان جي لوڪ شاعريءَ ۾ اجتماعيت جوتصور گهڻو آهي.
اڪثرگيت گڏجي ڳايا وڃن ٿا ۽ انهن جا سرجڻهار به
ڪو هڪ نه هوندو آهي،
پر لوڪ گيتن جا سرجڻهار هڪ کان وڌيڪ هوندا آهن.
ڪا سٽ هڪ ڄڻو چوندو آهي ته وراڻي ڪو ٻيو ڏيندو
آهي. ڪچهري هجي، خوشيءَ جو ڪاڄ هجي يا غمي جي مهل
هجي، محبوب جي ملڻ جي آس يا انتظار هجي،
هر موقعي ۽ مهل جي مناسبت سان گيت رچيا ويندا
آهن. مطلب ته اهي لوڪ گيت گهڻي ڀاڱي عام ماڻهن جي
جذبن، اڌمن، ڏکن سکن ۽ احساسن جا ترجمان آهن.
بقول ڊاڪٽرفياض لطيف،
”لوڪ گيت انسان جي سچن پچن جذبن، احساسن، ڪيفيتن،
پيار، پورهئي، محبت، وصل، جدائي، قرار، بي قراري،
واعدن، وفائن، بيوفائين، آزين، نيازين، ماڻن،
ٽاڻن، نازن، نخرن، ادائن، قدرتي منظرن ۽ مظهرن جو
اهڙو منظر نامو آهن، جيڪي هرتصنع ۽ تڪلف کان آجا
۽ آزاد هوندا آهن .“
(15)
لوڪ گيت موري جو موضوع محبت، اڪير، سڪ ۽ جدائيءَ
جي پيڙا بيان ڪرڻ سان تعلق رکي ٿو. جهڙي طرح
خوشيون گڏجي ملهايون وينديون آهن ساڳي ريت، سنڌي
سماج ۾ ڏک جي گهڙين ۾ پڻ هڪ ٻئي جو ساٿ ڏيڻ جي
روايت موجود آهي. اها ساڳي صورتحال موري ۾ پڻ
محسوس ٿئي ٿي. مورو
گڏجي ڳايو ويندو آهي. مورو
جي ٻولي عورتاڻي آهي، گهرجي ڪمن ڪارين دوران يا
وري ٻني ٻاري ۾ ڪم دوران هڪ عورت مورو چئي، پنهنجن
وڇڙيلن کي ياد ڪري ٿي ته، ٻيون عورتون به ان سان
شامل ٿي وڃن ٿيون. اهڙيءَ طرح اها رچنا اجتماعي
شڪل اختيار ڪري وٺي ٿي .
لوڪ شاعريءَ ۾ مورو ۽ نڙ بيت جي صنفن ۾ موضوعاتي
هڪ جهڙائيءَ آهي. حالانڪه ’
انهن
جو تعلق
مختلف
علائقن
سان آهي
.
’مورو‘ جو موضوع محبت آهي، محبوب جي اڪير، انتظار،
حب، ڇڪ، ملاقات جو شوق، وڇوڙي
جو درد وغيره
موري،
جا خاص موضوع
آهن.
مورو سڀ کان پهرين ڪنهن چيو يا ڳايو ان بابت
ڊاڪٽر بلوچ جي اها راءِ آهي ته
”پهريون
مورو غالبن ڪنهن عورت چيو، جا دور دراز پنڌ تي
پرڻجي ويئي، مائٽن ۽ وطن کان وڇوڙي سبب التجا طور
تي هي ٿي چيائين.“
(16)
مورو لوڪ ادب جي مشهور صنف ۾ ڳڻيو وڃي ٿو.
موري بابت مختلف محققن جا مختلف رايا ملن ٿا،
ڊاڪٽر فهميده حسين مطابق
”مورو
ڪوهستاني لوڪ گيت آهي، محبت ۽ مجاز ان جا مضمون
آهن. پيار جو پيغام پرين تائين پڄائڻ مقصد اٿس“.(17)
ڪمال ڄامڙي مطابق
ته”
مورو عورتون ڀرت ڀرين ٿيون، ان جو قسم آهي،
جيڪو سهيلين جي سڪ ۾ چيو وڃي ٿو.“
(18)
ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلي
جو چوڻ آهي ته ”
مورو
جي اصطلاحي معني آهي مور جهڙو يعني سهڻو گيتن ۾
مورو لفظ بار بار ڪم اچي ٿو.“
(19)
مطلب
ته جيئن
مور پکي سهڻو آهي،
انهيءَ جي ڳچي سهڻي
هوندي
آهي، اهڙي نموني
مورو لوڪ گيتن ۾ سهڻو آهي.
محبوب جي سِڪ يا اڪير کي پيش ڪرڻ لاءِ ان کي نالو
مورو ڏنو ويو آهي، ڪن محققن جو رايو آهي ته سنڌ جا
جوکيا ۽ برفت وغيره بلوچستان ويا ۽ اتي مورو عام
جام هو، اهڙي نموني سان
اهي
به ڳائڻ لڳا، جڏهن واپس سنڌ ۾ آيا پوءِ ان کي سنڌ
۾ ڳائڻ لڳا. مورو حقيقت ۾ نڙ بيت سان مشابهت رکي
ٿو، جهڙي طرح نڙ بيت ۾ ڪنهن جي سِڪ،
اڪير يا درد سمايل هوندو آهي ساڳي نموني سان مورو
۾ به درد،
فراق،
انتظار ۽ بيقراري
جا
موضوع
سمايل هوندا آهن.
مورو لوڪ ادب جي مشهور صنف آهي، مورو لفظ بابت
ڪيتريون ئي روايتون ملن ٿيون، ڪي چون ٿا ته مورو
ڪو شهر آهي جيئن هڪ مورو ۾ لکيل آهي.
حاڪم موري موڪل ڏي
ڪن جو چوڻ آهي ته مورو نالي هڪ مرد هو، ان جي
جدائي ۾ ڪنهن عورت اهو گيت ڳايو آهي. جيئن:
مورو ويٺي ڏيانءِ
ڪنهن جو چوڻ آهي ته اهو نالو مور پکي جي ڪري مٿس
پيوآهي.
موري ۾ مختلف وراڻيون هونديون آهن.
1. حاڪم موري موڪل ڏي
2. مورو ناهي ٿورو مورو ويٺي ڏيانءِ
مورو بلوچن، جوڳين جو گيت آهي ۽ اهو جوڳين،
پالارين ۽ خاصخيلين ۾ عام آهي. اڄ به اهي ماڻهو مچ
ڪچهرين ۾ مورو ڳائيندا آهن. ’مورو‘ ڳائڻ جا مختلف
طريقا آهن،
موضوع مطابق ته عورت جي زباني چيو وڃي ٿو، پر
ڊاڪٽرعبدالڪريم سنديلي
مطابق، ”ڪچهريءَ ۾ مورو هڪ ڄڻو يا ٻه ڄڻا، واري
وٽيءَ تي ڳائي سگهن ٿا. هڪ موري جو بند چئي پورو
ڪندو ته ٻيو ڄڻو ٻئي بند کي کڻي وٺندو.
اهڙي طرح ٻنهي جي وچ ۾ گويا
چٽاڀيٽي ٿي ويندي.“.
(20)
موري گيت ۾ گهڻي ڀاڱي جبل تي جيڪي شيون هونديون
آهن، ان سان تشبيهه ڏني ويندي آهي. جيئن:
جبل مٿي ڳيرو دل کاڌو آ گهيرو
جبل مٿي ٽڪر ڏاڍو اوکو آ عشق جو چڪر.
فني گهاڙيتي
مطابق،
مورو غزل جي فارميٽ
۾ به هوندوآهي ته وراڻي جي صورت ۾ به،
اهو وائي جي صورت ۾ هوندو آهي.
جيئن ڪلاسيڪل صنف وائيءَ جو سڄو دارومدار وراڻي تي
هوندو آهي، اهڙي نموني سان موري ۾ به وراڻي ٿيندي
آهي، جيڪا سڄي موري جي روح جي تسلسل کي ڳنڍي ٿي.
سگهڙ ۽ ڏاهپ وارا درد جي ڪيفيت کي اهڙي نموني بيان
ڪندا آهن، جو اچرج
اچي وڃي ٿو ته ڪيئن هو انهيءَ ۾ رس ۽ رچاءُ پيدا
ڪن ٿا. مورو ۾ جلال کٽيءَ جو نالو مشهورآهي، هتي
سندس چيل مورو جو بيت ڏجي ٿو.
تنهنجي آهيان ٻانهي تون ته مان جو آ جاني،
وڻ جي چون ٿا ٽاري اڱئين
آهيان ماري،
جبل مٿي هاٿي سڄڻ منهنجي دل آ ڦاٿي،
اي سڄڻ تولاءِ منهنجو،
جبل مٿي لڪ منهنجي دل ۾ تنهنجا ڌڪ،
اي سڄڻ مورو تنهن لاءِ منهنجو،
جبل مٿي ڳاه منهنجو توسان ساه،
اي سڄڻ مورو تولا منهنجو.“(21)
هن سٽ ۾
”مورو
تولا منهنجو“
جيڪا وراڻي آهي،
جيڪا سڄي بيت جي تسلسل کي ڳنڍي ٿي. جلال کٽي کان
سواءِ طالب پالاري
جو نالو به
مشهور آهي، جيڪو مورو ڳائيندو آهي.
موري جي هرسٽ ۾ ٻه قافيا هوندا آهن، جيئن پهرين
سٽ ۾ ”ٻانهيءَ ۽ جاني“ ٻئي سٽ ۾ ”ٽاري ۽ ماري“ ان
کان پوء ترتيب وار ”هاٿي ۽ ڦاٿي“،
”لڪ ۽ ڌڪ“،
”گاه ۽ ساه “.
هن شاعريءَ ۾ فطري تسلسل،
رڌم ۽ رواني آهي، حلانڪه ان دور ۾ عام ماڻهن کي
علم عروض جي ڄاڻ نه هئي،
پر فطري طرح، انهن جي شعور ۾ ٻوليءَ
بابت جيڪا ڄاڻ هئي، ان مطابق اها ڏاهپ ۽ ڄاڻ شاعريءَ
۾ ظاهر ٿئي ٿي . موري جي فني گهاڙيٽي کي ڪنهن به
هڪ صنف جو نالو ڏيڻ ڏکيو ٿو محسوس ٿئي .
مورو سڪ ۽ اڪير جي اظهار جو پيغام به آهي ته محبت
جو اظهار به آهي. موري ۾ نهايت حساسيت سان لطيف
جذبا بيان ڪيل هوندا آهن،
جيڪي ٻڌندڙن تي پڻ اها ڪيفيت طاري ڪري ڇڏيندا آهن،
جن ڪيفيتن مان شاعر گذري رهيو هوندو آهي.
نڙ بيت
نڙ بيت سنڌي شاعريءَ جي
هڪ مشهور
۽
معروف ڪلاسيڪل صنف آهي،
جنهن هر دور ۾ پنهنجو پاڻ مڃرايو آهي،
۽ هر دور ۾ پنهنجو اثر قائم رکيو آهي. نڙ بيت جي
خاص ڳالهه اها آهي ته، نڙ بيت، شاعري به آهي ته
ساز به آهي. هي شاعري ۽ سرساز جو انوکو سنگم آهي.
نڙ نه صرف سنڌ جو، پر وچ اوڀر جو قديم تاريخي
ساز آهي. قديم دور جي انسان لاءِ جهنگ ۾ جبلن جي
اڪيلائيءَ ۾ نڙ، وندر ۽ ورونهن جو موثر ذريعو هو،
ائين ٿو محسوس ٿئي ته انسان پنهنجي اڪيلائي ءَ کي
ختم ڪرڻ لاءِ پاڻ کي وندرائڻ لاءِ نڙ ايجاد ڪيو،
جيڪو پنهنجي تيز آلاپ سبب جهر جهنگ پکڙجي مشهور
ٿيو.
مشهور محقق ناظم خضر پنهنجي مقالي
“North
desert flute of Pakistan”
۾ لکي ٿوته:
“Reed flutes have been
commonly used across the middle east, central
asia and the surroundings areas
Narh is therefore very important in the history
of reed instruments serving as a link between
modern and prehistoric music. Narh’s music is
linked to love, parting and pain as per the folk
traditions and comes into light in the story of
Yousif Zulaikha. Narh is also linked to the
famous sufi poet shams Tabriz and probably is
related to the middle eastern ney in this
sense which is an established instrument of
sufi orders specially in turkey .narh was also
mentioned in his poetry by great sufi poet of
Sindh ,Hazarat Shah Abdul Latif Bhitaai and the
famous poem from Rumi ,Ney Namih which talk
about lover’s separation , personified in reed
, from the beloved as, a ney is separated from
the reed-bed and produces songs of longing”.
ترجمو:
بانس عام طور تي وچ اوڀر وچ ايشيا ۽ ڀرپاسي وارن
علائقن ۾ استعمال ڪيو ويندو آهي.
وڄت وارن سازن جي تاريخ ۾، نڙ، جديد ۽ قديم دور
جي سازن جي وچ ۾ اهميت رکندڙ ڳانڍاپو آهي. نڙ اهڙو
ساز آهي،
جنهن جو تعلق درد ۽ محبت سان آهي.
علائقائي روايتن مطابق يوسف ۽ زليخا جي داستان جي
روشنيءَ
۾ آيو، نڙ مشهور صوفي شاعر شمس تبريزي سان پڻ
ڳنڍيل آهي ۽ ممڪن آهي ته وچ اوڀر ۾ ”ني“ سان
تعلق رکي ٿو،
جيڪو
خاص طور تي ترڪيءَ
۾ صوفي طريقي جو هڪ قائم ڪيل ساز
آهي، نڙ جو ذڪر سنڌ جي عظيم شاعر شاهه عبدالطيف
ڀٽائيءَ جي شاعريءَ
۾ به آهي ۽ روميءَ
جي مشهور نظم
“Nay Naim”
، جنهن ۾ محبوب جي جدائي ۽ ان جي شخصي تصور جي
باري ۾ ڳالهايل آهي.
جيئن،
نئين سر کند کان ڌار آهي ۽ گيت ٺاهي ٿي.“
(22)
ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ پنهنجي ڪتاب ”نڙ جا بيت “
۾ نڙ جي باري ۾ لکي ٿو ته ”اصل ۾ هي ترڪن جو گيت
آهي،
جيڪو ترڪيءَ مان بلوچي ۽ بلوچيءَ مان سنڌيءَ ۾
داخل ٿيو. جيڪي اڪثر نڙ ۽ ڪاٺيءَ تي آلاپجن ٿا ۽
انهيءَ لحاظ سان اهي سنڌي شاعريءَ ۽ ادب ۾ لوڪ
گيتن جو درجو رکن ٿا. اهي بيت عموماً
نڙ جا بيت سڏجن ٿا.
حالانڪ
نڙ بيتن جي ڪچهرين ۾ انهن کي صرف عام سنڌي شاعري
جو نج ۽ نادر نمونو سمجهيو ويندو آهي، جنهن ۾ عوام
جي شاعرن
پنهنجي ٻهراڙيءَ جي عام فهم مگر شاهوڪار ٻوليءَ ۾
عوامي زندگيءَ جي هر پهلوءَ کي ڳايو ۽ وڄايو ويندو
آهي.
(23)
شاهه
عبداللطيف
پڻ نڙ بلوچن جي ويجهي قبيلي جتن جو ساز ڪري لکيو
آهي.
هو لکي ٿو ته
”جا وڄائن جتڙا نه تنهن نڙ جهڙي“(24)
نڙ بيتن جا موضوع مخصوص نه آهن،
پر نڙبيت جيئن جو تيئن ڪچهرين ۾ ۽ گڏجاڻين
۾ ڳايو ويندو آهي، ان ڪري ان جي موضوعن ۾
گوناگونيت آهي.
پراڻا
ڪلاسيڪي قصا
ٻڌائڻ کان وٺي مذهبي موضوع پڻ نڙ بيت ۾ شامل هوندا
هئا. نڙ بيتن وسيلي شرعي مسئلن جي ڄاڻ پڻ ڏني
ويندي هئي.
فني گهاڙيٽو
جيستائين فني گهاڙيتي
جو تعلق آهي،
نڙ
بيت هر دور ۾ پنهنجون صورتون بدلايون آهن،
پر سنڌ جي ڪلاسيڪل شاعرن مثال طور لطف الله قادري،
ميين شاهه عنات رضوي يا شاهه ڀٽائي جي شاعري ۾ بيت
ستن اٺن سٽن ته،
ڪٿي پندرهن سورنهن سٽن ۾ به ملن ٿا.
ماهرن جي راءِ موجب اهي نڙ بيت جا شروعاتي اهڃاڻ
آهن،
جن اڳتي هلي هڪ الڳ صنف
”نڙ
بيت“
جي صورت اختيار ڪئي.
نڙ بيت کي ڪبت به چيو وڃي ٿو.
نڙ بيت جي آخر ۽ وچ ۾ قافيو ايندوآهي.
ان ۾ سلسليوار موضوع جي ڪڙي ڪڙي سان مليل هوندي
آهي. نڙبيت
بابت اسان کي تاريخ جا ٻه حوالا ملن ٿا،
جن جي آڌار تي نڙ بيت جي شروعات جو ثبوت ملي ٿو.
هڪ مثال
جنهن جو مٿي مختصر بيان ڏنو ويو آهي يعني
بيبي زليخان ۽ يوسف وارو قصو،
جنهن ۾ چيو وڃي ٿو ته بيبي زليخان حضرت يوسف عليھ
السلام جي سڪ ۾ جنهن جاءِ تي وضو ڪيو هو،
ان پاڻي مان اهو ٻوٽو (ڪنگور) ڦُٽي نڪتو هو. ڪن جو
وري هيءُ
خيال آهي ته جڏهن حضرت شمس تبريز جي کل لاٿي ويئي
هئي ته پوءِ هو جهنگ ۾
رهندو
هو ۽ اهو ساز هڪ ڪاٺي جي شڪل ۾ وڄائيندو هو، ڪن جو
هيءُ
به چوڻ
آهي ته اهو ترڪيءَ وارن جو ساز آهي ۽ اهي ئي ان
جا مؤجد آهن.
اصل ۾ نڙ هڪ ساز آهي،
جيڪو ڪنگور جي ٻوٽي مان ٺهندو آهي.
ڪنگور جي ٻوٽي جا پن پٽي ڪاني مان ڳڀ ڪڍي ان کي
پورو ڪيو ويندو آهي
۽ پوءِ
ان جي مٿان اڳڙيون ويڙهي،
ان کي باه
جو سيڪو ڏنو
ويندو
آهي
۽ پوءِ سيخ تپائي ان ۾
سوراخ ڪيو ويندو آهي.
نڙ هڪ درديلو ساز آهي، جنهن جو آواز ڏک ۽ غم جي
ڪيفيت کي ظاهر ڪندو آهي. نڙ ساز
ايترو ته مشهورآهي، جو رومي
پنهنجي مثنوي ۾
بي ڌڙڪ چيو ته:
” بشنو از نئي چون حڪايت مي کنڊ
ازجدائيها ســــــکايت
مــــــــي
کنڊ.“
يعني
ته
:
نڙ کان ٻڌو ته هو ڪهڙي
ڳالهه ٿو ڪري ؛ هو جدائي جي (درد جي) دانهن
ٿو ڪري.“
جڏهن ته
ڀٽائي صاحب
نڙ جي ان درد جي ڪيفيت کي پنهنجي
شاعريءَ ۾ هيئن بيان ڪري ٿو
ته
وڍيل ٿي وايون ڪري ڪُٺل ڪوڪاري،
هن پن پنهنجا ساريا هي هنجون هڏن لاءِ هاري.“(25)
نڙ ساز هڪ تاريخي ساز آهي، جنهن
جو
اثر دل کي جهوري ۽ ڪوري وجهندو
آهي. هڪ روايت هيءَ به ملي ٿي ته
”سڀ
کان مٺو نڙ
ڄام ساهڙ نگامري
يعني ميهار سهڻيءَ
جي جدائيءَ ۾ وڄايو هو.
نڙ نه رڳو درد جي علامت طور ڳايو وڃي ٿو، پر زخمن
جي مرهم پٽي به ڪري ٿو.
ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ
نڙ بيت جي موضوع بابت
لکي ٿو ته ”نڙ
درد فراق ۽ بيقراريءَ جو آوازآهي.“
(26)
نڙ بيت جا اهڃاڻ جپاني شاعريءَ
۾
به ملن ٿا.
مثال جڏهن نڙ
کي هٿ لايان ٿو،
ته ان مان سڏڪا
نڪرن ٿا،
ائين ته ڪونهي ته ان جي پورن ۾،
منهنجي زال جو روح لڪيو
ويٺو آهي؟ .“
(27)
سنڌيءَ ۾ نڙ بيت کي عروج ڏيڻ وارا ڪبير شاهه،
سانوڻ فقير،
مولابخش خاصخيلي، محمود شيخ ۽ ٻيا
آهن،
پر انهن ۾ سانوڻ
فقير جا نڙ
بيت تمام گهڻا مشهور آهن.
سانوڻ فقير
75-
1870ع
۾ ڄائو، سانوڻ فقير ذات جو خاصخيلي هو، ننڍي
هوندي مال چاريندوهو.
هن کي ننڍي هوندي کان ئي بيت ٻڌائڻ جو شوق هوندو
هو،
رات جي وقت محفلن ۾ ويندو هو ۽ اتي بنا حجاب جي
بيت ٻڌائيندو هو. ڪن جو خيال آهي ته علي خان
ڪورائيءَ جي چوڻ تي نڙ بيت چوڻ لڳو. روايت مطابق
سانوڻ فقيرسانوڻ
جي مهيني ۾
ڄائو،
انهيءَ ڪري سندس نالو سانوڻ رکيو ويو.
جڏهن،
وبائي بيماريءَ ۾ هن جي زال ۽ ٻه ٻار گذاري ويا
تڏهن انهيءَ ڏک مان هن نڙ بيت چيا،
ڇو ته نڙ جا بيت ڏک،
درد
۽
غم جا آلاپ هوندا
آهن!
هڪ ٻي روايت آهي ته ڳوٺ بخشي ديري ۾ هڪ حسين ڇوڪري
ڏٺائين، جنهن تي فدا ٿي پيو. ڪي چون ٿا ته سامين
جي سري ۾ نماڻي نار ڏٺي هئائين،
جنهن تي اڪن شڪن ٿي پيو هو
۽ ان جي فراق ۾ بيت چيائين. ان سان گڏ هڪ روايت هيءَ
به آهي ته
سندس ڀاءُ جيئو به سخت بيماريءَ جي حالت ۾ فوت ٿي
ويو هو، سامين به سرو ٻڌو جن کي ويندو ڏسي هيءُ
مڙس ماندو ٿي پيو ۽ خالي ٿاڪ ۽ ٿاڻا ڏسي چيائين ته
”سامي سفر هليا، خان هليا کائين،
ڏسيو اڱڻ آديسين جا ويٺي واجهائين.
جوڳي منهنجي جان تي، ويا دونهون دکائي،
تن سنگهارن کي سانوڻ چئي ويٺس وڃائي.
سانوڻ تنهنجي سڪ منجهان آديسي آيو،
پائي چيو ٻانهي کي ويندل ورايو.“
چوندا آهن ته،
سانوڻ فقيرايڏي سڪ ۽ درد واري ڪيفيت ۾ نڙ بيت
ڳائيندو هو، ته انهيءَ وقت سندس قميص لٿل ۽ گوڏا
کوڙي ڪنن ۾ آڱريون وجهي پوءِ ڳائيندو هو ۽ انهيءَ
کان سواءِ سيارو هجي يا اونهارو دلو پاڻيءَ جو
ڀريل هوندو هو،
جنهن مان ٿوري ٿوري دير کان پوءِ پاڻي پيئندو
رهندو هو، جلدي جلدي پاڻي پيئڻ جو مقصد ايڏو درد
هوندو،
جنهن سان هو ڳائيندو هو. الانا صاحب مطابق ته
”سانوڻ
فقير جوش ۽ جذبي وچان بيت چوندو هو، ڪلام چوندي
بدن ۾ ايڏي ته باه وٺي ويندي هئس، جو هر بيت کان
پوءِ پاڻيءَ جو وٽو ضرور پيئندو هو.”سڙيو
مَران سانوڻ چوي“
يا
”سورن
۾ آهيان سانوڻ چوي“
سان سندس جسم
جا وار
اُڀا
ٿي ويندا
هئا.
فقير جي ڪلام ۾ تڙپ، جوش ۽ جذبو گهڻو هوندو آهي.“
(28)
سانوڻ فقيرڪيترن ئي موضوعن تي نڙ بيت ڳايا آهن.
جيئن عمرمارئي،
زال ۽ ٻارن جي وڇوڙي،
سسئي پنهون جي ڪيفيت کي درد واري انداز هيٺ نڙ بيت
۾ ڳايوآهي. سانوڻ فقيرجي نڙ بيتن ۾ تصوف،
درد،
فراق،
وصال لاءِ واجهائڻ،
سڪ،
تڙپ،
اڪير،
نبين
۽
ولين جا واقعا تمثيلي توڙي ظاهري صورت ۾ ملن ٿا.
فني توڙي فڪري حوالي سان اهي بيت ڇند وديا تي
آڌاريل آهن،
جن ۾ رسيلا لفظ ۽ وڻندڙ قافيا موجود آهن.
نڙ بيت ۽ موري ۾ ڪجهه هڪجهڙايون
جيئن ته مٿي ذڪر ڪري آيا آهيون ته نڙ بيت توڙي ساز
ٻئي درد ۽ وڇوري جي علامت طور ڳايا ۽ وڄايا وڃن ٿا.
ساڳي طرح لوڪ گيت مورو به مجازي محبوب جي درد ۽
وڇوڙي جي ڪيفيت ۾ پري ويل سڄڻن کي ساريندي نينهن
جا نياپا موڪلڻ سان گڏ مختلف حوالن سان پنهنجي
اندرجي غم کي دانهن جي صورت ۾ لکيل ملي ٿو
.
مثال مائٽن مٽن جي ياد ۾ چيل مورو:
پري اٿم پيڪا، رب رضا ٿي جيڪا
جاني
مورو ويٺي ڏيان
ڀيڻ هنجون هاري، ڀائر ڀينر ساري
جاني
مورو ويٺي ڏيان
محبوب کي ياد ڪندي هن طرح مورو ڏيئي ٿي:
اٺ ته تنهنجو ڳاڙهو،
هنئي دل جو ڌاڙو
مينهن جي چون پٺي،
تنهنجي قرب ڪٺي
پکي چون ڪانگو،
سڄڻ لاءِ ٿئي سانگو
هنجون تولاءِ هاري،
ڏکيا ڏينهن گهاري
جانب!
مورو ويٺي ڏيان
مورو بنيادي طور تي هڪ نياپو آهي،
جيڪو عورت جي زباني ڏنو وڃي ٿو.
نڙ بيت ۾ پڻ عورت جي جذبن جي
وارتا
داستان جي ڪردارن ذريعي بيان ڪئي ويندي
آهي، جنهن جا موضوع ساڳيا هجرو فراق جي درد سان
ڀريل نظراچن ٿا. مثال سسئي جي دربدر هئڻ واري درد
کي ڪيڏو نه اثر انگيز ڪيفيت هيٺ بيان ڪيو اٿس ته:
سرتيون پرتيون رب کي آءٌ هن اڄوڪي،
قسمت مون کي قيد ڪري رات هن روڪي،
سج لهي سانجهي ٿي ڪئي چنڊ به چانڊوڪي،
مرڪي ڏينم
مهڻا،
تاربه نوڪي،
ڪلهي
ڦاٽم
ڪنجرو،
ٻڌان ڪيئن ٻوڪي،
چوڙيان ڪيئن ڇپر ۾، ڪمر ڪالهوڪي،
سڄي
ٿي،
سانوڻ چوي اها منزل مهندوڪي،
پنهل
پانڊوڪي،
وڃي ٿيو وڻڪار ۾.
(سانوڻ
فقير)
(30)
يا وري مارئي جي وطن جي سڪ ۽
مارن لاءِ اڪيرکي هيئن بيان ڪري ٿو ته
:
سرتيون وڃن سڱر مٺ تي، وٺيوگهيڙ
گهٽيون گهٽڙا
آءٌ
لوئي ڪيئن لاهيان، پهريان ڪيئن پٽڙا
سونهن ٿا سگهارن کي، ڪي لڱن تي
لٽڙا
تنهنجا سڱ ٺهن سومرن سان مارو نه
اٿئي مٽڙا
شل پيان وڃي پنهوارن سان، ڪي کاهڙ
۾ کٽڙا
عمر کڻي آيو کوه تان، هڻي جهنگن
مان جهٽڙا
پنهوارن پٺڙا آءُ چمان شال چپن سان.
(مولا
بخش خاصخيلي)
(31)
حاصل مقصد:
لوڪ گيتن جي سونهن سندن سادگي
هوندي آهي. نج لفظ، نج جذبا ان شاعريءَ کي دوام
بخشي ڇڏيندا آهن. لفظن ۽ آثارن جو سنگم انهن سُرن
۽
آلاپن
کي وڌيڪ امر بڻائي ٿو ڇڏي. جيئن ته لوڪ بيتن جو
تعلق انساني جذبن ۽ احساسن سان آهي،
ان ڪري سڀني صنفن جو هڪ ٻئي سان ڳانڍاپو فطري آهي.
مختلف
علائقن ڪلچر ۽ ٻوليءَ جي توڙي گهڻي
رڌم جي فرق
سان گهاڙيتي جي فرق سان مختلف
صنفون پنهنجن علائقن ۾ مروج ۽ مقبول آهن.
مورو ۽ نڙ بيت جو سنگم درد
۽ فراق
جو سنگم آهي، وڇوڙي ۽ جدائي جو سنگم آهي،
انتظار ۽ محبت جو
ميلاپ آهي. محبوب جي جدائيءَ جي پيڙا،
ملڻ
جي
سڪ ۽
اڪير جو اظهارآهي.
بقول
ڊاڪٽر
سنديلي جي
ته
”
مورو ساز تي توڙي ساز بنا ڳائي
سگهجي ٿو، پر نڙ تي وڌيڪ
لئي
رکي ٿو، دِلي ۽ سُرندي تي به ڳائي
سگهجي ٿو ۽ مرد توڙي عورتون ٻئي ڳائي سگهن ٿا.
(32)
’موري‘ جي پيڙا کي نڙ جا سُر ۽ ساز
جي لئي
سان دلين کي کٽي وٺن
ٿا.
نڙ بيتن جي جهونگار ’موري‘ ۽ ’نڙ بيتن‘ جي
موضوعاتي هڪجهڙائي،
علائقائي فرق جي باوجود ٻنهي صنفن
کي هڪ ٻئي جي ويجهو آڻي ٿي ڇڏي. انهن صنفن تي اڃان
به وڌيڪ تحقيق جي ضرورت محسوس ٿئي ٿي.
حوالا:
3.
الانا،
غلام
علي
ڊاڪٽر
(1981ع)،
لاڙجي ادبي ۽ ثقافتي تاريخ:
ڊي.فل
(سنڌي) ۾ پيش ڪيل ٿيسز،
انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي،
ڄام شورو،
ص 243
.
9.
سنديلو.
عبدالڪريم
(1986ع)،
لوڪ ادب جو تحقيقي جائزو:
انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي،
ڄام
شورو،
ص2،
12.
شيخ اياز 1999ع، خط، انٽرويو ۽ تقريرون، نيوفيلڊس،
پبليڪشن حيدرآباد ص 279.
13.
راءِ چند چيلهار،
(1961ع)،
مهراڻ 4
سنڌي ادبي بورڊ
ص،138
17.
ڄامڙو، 2008ع،
سنڌوءَ جا گيت ثقافت ۽ سياحت کاتو، حڪومت سنڌ،،
19.
ايضاً 393
20.
ايضاً ص 394
21.
‘Narh - the desert flute of
Pakistan
Nazim khizer
23.
ايضاً
24.
ايضاً ص 20
26.
ايضاً
27.
پليجو،
رسول بخش
(2004ع)،
اوهان جي پڄاڻان،
سنڌي
ساهت گهر حيدرآباد
29.
بلوچ نبي بخش خان، نڙ بيت، سنڌي ادبي بورڊ ڄام
شورو
30.
ايضاً
31.
ايضاً
32.
فهميده حسين، ڊاڪٽر،
(1993ع)،
شاهه لطيف جي شاعري ۾ عورت جو روپ،
شاهه لطيف ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز،
حيدرآباد،
ص 106 |