|
سارا شفگته- هڪ بي باڪ شاعره
تخليق جي ديوي، سونهن جي مورتي، جنت جي حور، محبت
جو مٺڙو احساس، سڀ جو سڀ سراب، سڀ جو سڀ ڌوڪا.
عورت جي ازل کان آخر تائين صرف هڪ حقيقت ۽ هڪ
سڃاڻپ، هڪ ئي نشاني آهي قرباني! جيڪا ڄمڻ کان وٺي
قبر تائين سندس جسم ۾ رت سان ڀري وڃي ٿي. عورت جي
اصل هڪ زمين ۽ حقيقت، جنهن کي ڪڏهن به تبديل ڪري
نٿو سگهجي.
”کہ عورت کے
لیے
زمین
ضروری
ہے".
جيڪڏهن هوءَ پنهنجي بنيادي حقن کان غافل رهي ٿي،
تڏهن به جيئڻ هن لاءِ جنجال بنجي وڃي ٿو. ڪڏهن
هوءَ پيءُ جي ڪيل گناه ۾ سڱ چٽيءَ طور ڏني وڃي ٿي
ته، ڪڏهن وري ڀاءُ جي گهر وسائڻ لاءِ ادلي بدلي ۾
سڄي زندگي وقف ڪري ٿي، ڪڏهن وري مڙس هٿان ڪنهن
مينهن ٻڪري يا زمين جي ٽڪري تي ڪاري ٿي، بي ڪفني
دفن ٿئي ٿي ته ڪڏهن وري چاچي ۽ مامي جي ڪيل ڏوه ۾
سڱ چٽيءَ طور ڏنل سزا ۾ عمر قيد جي سزا يعني قيدي
جيان پٿر ڪٽيندي عمر بسر ڪري ٿي.
عورت جي لفظي معنيٰ ڪجهه هن طرح ڪري سگهجي ٿي ته:
ع-عزت، و+وار، ر+رت، ت+تاريخ. يعني ”عزت جي نالي
تي وار ٿيندڙ رت جي تاريخ“.
۽ عزت ته ڪهڙي به ٿي سگهي ٿي.
بقول سارا جي:
عزت کی
بہت سے
قسمیں
ہیں
گھونگھٹ،
تهپڑ،
گندم
عزت کا سب سے
چهوٹا
اور سب سے
بڑا
حوالا
عورت گهر سے
لیکر
فٹ
پاتہ
تک
کچھ
بهی
ہمارا نہیں"
جيڪا عورت پنهنجي بنيادي حقن ۽ سماجي شعور کان
وانجهيل آهي، اها سڀ درد، سڀ تڪليفون، قسمت ۽ مقدر
جو فيصلو سمجهي، رضا خوشيءَ سان هر جاءِ تي خريد و
فروخت جو وکر بنجي، ماڻهن لاءِ ذائقي جو سامان
مهيا ڪري ٿي ۽ سندس حيثيت صرف گهر ۾ موجود ڪاٺ جي
سامان جيتري هوندي آهي، جيڪو جڏهن پورو ٿي کاڄي
ويندو آهي، تڏهن ٻارڻ جو ڪارج بڻبو آهي، جنهن کي
صرف هڪ تيلي خاڪ بڻائي ڇڏيندي آهي! جيڪا عورت ان
طبقاتي فرق، جنهن ۾ مرد مجازي خدا بڻجي عورت جو
روحاني توڙي جسماني مالڪ سڏائي، کيس هر طرح جي
غلاميءَ ڪرڻ تي مجبور ڪري ٿو. تڏهن اها عورت جيڪا
خاص طور تعليمي، مذهبي يا سماجي شعور رکي ٿي، ۽ ان
خلاف سراپا احتجاج بڻجي اُڀري ٿي تـ ان کي اڃا
وڌيڪ اهنج رسايا وڃن ٿا، اها عورت مٿي بيان ڪيل
عورت کان وڌيڪ ڪڙي ڪسوٽيءَ مان گذري ٿي.
بقول شاهه لطيف جي ته، ’الله ڏاهي مَ ٿيان، ڏاهيون
ڏک ڏسن‘، ڇو ته هي سماج عورت کي صرف عزت، ذلت ۽
آخر ۾ درد جي تصوير بنائي، گهر جي زينت وڌائڻ لاءِ
هميشه لاءِ ڀتين تي ٽنگڻ جو عادي رهيو آهي ۽ جيڪا
عورت عزت، ذلت ۽ غيرت جي ان صليب تي ٽنگجڻ کان
انڪار ڪري ٿي، ان کي جيئري سنگسار ڪيو وڃي ٿو!
سارا شگفته جو حوالو به انهن عورتن مان کنيو وڃي
ٿو، جيڪي پنهنجي شعوري پختگيءَ سبب، بي حس بي
مرورت سماج جي وچ مان ذلت ۽ حقارت جو صليب پنهنجي
ڪلهن تي کڻي هميشه لاءِ هڪ اڻ ڄاڻ سفر تي روانيون
ٿي ويون. هو چوندي هئي ته ”مور پنهنجا پير ڏسي
روئي ٿو ۽ مان پنهنجا انسان ڏسي روئان ٿي“.
سارا جو گناه ڪهڙو هو؟ ڇو ڪڇڻ هن لاءِ ڪُفر بڻجي
ويو؟ زندگيءَ جي گلن هن لاءِ صرف خار ئي ڇو رکيا،
جن قدم قدم تي کيس زخمي ڪري وڌو ۽ جڏهن هوءَ رتو
رت ٿي وئي، هن ان دور کي هنن نُڪتن ۾ پروڙيو.
ہم توبن آس کے
پهول ہیں
اور کہتے
ہیں
کہ عورت تو بن آس کی
کهیتیاں
ہوتی
ہیں
کبهی
کسان نے
اپنی
کهیتی
کو اجاڑا
ہے۔
سارا شگفته جي زندگيءَ جو وچور فقير محمد لاشاري
جي عورت لاءِ ڏنل هن حوالي سان ٺهڪي اچي ٿو ته،
”عورت جو مثال ان ڳوهيل اٽي وانگي آهي، جيڪو
جيڪڏهن گهر اندر رکيو ويندو ته ڪُئن جو کاڄ بنجي
ٿو ۽ جڏهن ٻاهر ڪڍيو وڃي ٿو تڏهن ڪانوَن جي ٺونگن
جو شڪار ٿئي ٿو.“
سارا جي زندگي به ان عورت جيان هئي، جنهن گهرن جي
ڪُوئن جي چڪن کان بچڻ لاءِ چادر ۽ چار ديواري ڇڏي
ٻاهر جي کلي فضا ۾ ساه کڻڻ جي خواهش ڪئي. تڏهن
ڪانوَن ٻهروپ وٺي، ڪڏهن مورن جي روپ ۾ کيس ٺونگا
هنيا ته ڪڏهن وري باز جيان هن کي جهٽي پنهنجو شڪار
بنائي، سندس جي جسم هڏن کي ويرانيءَ ۾ ڦٽو ڪيو،
جنهن مٿان سرڻيون لالچي نگاهن سان ڦيرا ڏينديون
رهيون.
آدم کي عبادت جي آسمان تان زمين تي وٺي اچڻ واري
الزام هيٺ آخر ڪيستائين عورت کي سنگسار ڪيو ويندو.
اڃا ڪيترا ڪوڙا، ڪيترا پٿر هن جي جسم تي وَسايا
ويندا. سندس ڏوه ڪهڙو آهي. هن جي خطا ڇا آهي. هن
جي خواهش ته فقط ايتري تي هئي ته.
میں
تو عبادت کے
لیے
غار نہیں
انسان چاہتی
ہوں
تلاوت کے
لیے
انسانی
صحیفہ
سارا شگفته شڪست کاڌل لشڪر ۾ اهو مال غنيمت جو
سامان سمجهي وئي، جنهن تي سڀني فاتح سپاهين جو
برابر جو حق هوندو آهي، پر سارا انهن جي هٿان
نيلام ٿيڻ بجاءِ قيدي ٿيڻ کي وڌيڪ فوقيت ڏني. قيد
بند جي انهن سختين سندس حوصلا پست ضرور ڪيا، پر هن
همت نه هاري ۽ آخرڪار هن پنهنجي همت ۽ جوش سان اهي
لوهيون سيخون ڪٽي پاڻ کي آزاد ڪيو ۽ بي ساخته
اعلان ڪيو ته:
اب میری
چوڑیوں
کے
نیزے
بن گئے
ہیں
جن سے
میں
اپنی
داستان لکهوں
گی
سارا آخر ڪهڙو داستان لکڻ چاهي پئي، ظلم جو،
برداشت جو، درد جو، ذلت جو يا در بدر ڀٽڪڻ جو،
ڪيترو ڪجهه نه توکي هن انسانن جي سماج دان ڪيو هو.
تم دکھ
کو پیوند
کرنا
میرے
پاس ادهار زیادہ
ہے
اور دکان کم.
سارا جو گناه صرف اهو هو، جو هن رانديڪو بڻجي دل
وندرائڻ کان هٿيار بڻجي وڙهڻ کي وڌيڪ ترجيح ڏني،
ڇو ته هو ڄاڻي پئي ته:
کهلونے
کا مقدر تو
زیادہ
سے
زیادہ
ٹوٹنا
ہی
ہوتا ہے.
اسان جي سماج ۾ ڪيتريون ئي عورتون روزانو عزت ۽
حوس جي نالي تي قتل ٿين ٿيون. پوءِ وفادارين ۽
الزامن جي ڪٽهڙي ۾ عورت هميشه ٻئي خاني ۾ قيد ڪئي
وڃي ٿي.
سارا جي زندگيءَ جو سفر به انهن آڏن ٽيڏن رستن تي
شروع ٿيو، جنهن ۾ هن انهن پيچرن تي مضبوط قدم
ڄمائڻ جي هر ممڪن ڪوشش ڪئي- پر تنهن هوندي به هوءَ
ٿاٻو کائي منهن ڀر ڪري پئي. هوءَ اٿي ۽ ٻيهر تيز
وکون کڻي هلڻ شروع ڪيائين. تڏهن منزل کيس ٿوري ئي
پنڌ تي نظر آئي.
میں
کفن ہارنے
چلی
مٹی
دریافت
کر چلی
رستي جي کاٻڻ کڙن کيس باربار ڪيرايو، پر تنهن
هوندي به هن پاڻ کي زندگيءَ جي رحم و ڪرم جي حوالي
ڪرڻ کان انڪار ڪيو ۽ جيئڻ جي ان جذبي هن کي اڳتي
وڌڻ سيکاريو.
میں
نے
موت کی
آنکھ پر زبان رکھہ دی
ہے
اس لیے
میرا
ذائقہ لوگوں
کی
زبان پر برا ہے
سارا پنهنجي رشتن جي هٿان نيلام ٿي در در ڀٽڪندي
رهي ۽ زندگي هن لاءِ هر هنڌ سقراط جي هٿ ۾ جهليل
اهو زهر جو جام رهي، جنهن کي پي به هوءَ زنده
رهي. ضمير جو درد زهر کان وڌيڪ اثر رکي ٿو.
ضمیر
کا زہر تو سقراط کے
پیالے
سے
بهی
بڑا
ہے
دعا فقیر
سے
زیادہ
بهوکی
ہوتی
ہے.
سارا شگفته اهو ٽٽل ستارو هئي، جيڪو آسمان جي هنج
مان ڪري ڪنهن جي دعا پوري ڪرڻ بجاءِ ذرا ذرا ٿي،
ڪائنات جي حصار ۾ هميشه گم ٿي ويو. آخر هن جو ڪهڙو
ڏوه هو، جو سماج هن سان ايڏي بي رخي ۽ بي حسي
اختيار ڪئي. بقول سارا جي ته:
بے
قصوری
کی
سزا جرم سے
زیادہ
ہوتی
ہے.
هڪڙي پاسي عورت لاءِ صنف نازڪ جو چوٻول ته، ٻئي
پاسي وري مڻ گناهن جا مٿي تي، آخر به هوءَ
ڪيستائين برداشت ڪري سگهندي!
انسانوں
کے
داغ دهوتے
دهوتے
میرے
ہاتھ
کالے
پڑ
گئے
ہیں.
هن جو جسم هر بار شڪست مڃيو وڃي، اسپتال جو مهمان
ٿيو پوي، ۽ ضمير کي بجليءَ جي شاڪن ذريعي جاڳڻ جي
سزا ڏني پي وئي. سارا خاموش تماشائي جيان وقت جي
زندگيءَ سان اها راند ڏسندي، جيئندي رهي. هي هيڏي
ساري زمين هن لاءِ صرف قبر جي مٽي تائين محدود
هئي. ٻه گز قبر جا هر وقت هن جو انتظار ڪندا رهيا.
میں
جب بهی
پودا لگاتی
ہں
مٹی
اپنا منہ قبر کی
طرح کهول دیتی
ہے.
وقت هر وک تي ڪنهن جابر جيان سندس روح تي ڪوڙا
وسايا. سماج هر سطح تي کيس سورن جا سامان ”دان“
ڪندو رهيو. ڪنهن چيو!
"سارا اپنے
جسم اور
اپنی
شاعری
میں
تمیز
پیدا
کرو."
ته تڏهن کلي چيائين:
صاحب! میں
تو بے
ضمیری
سے
لکهتی
ہوں
مجهے
کیا
معلوم ضمیر
اور تمیز
کسے
کہتے
ہیں.
ڪنهن واعظ ڪندي چيو ته:
سارا نماز پڑها
کرو
ته تڏهن سوچيائين:
اس کا قد جائے
نماز سے
بهی
چهوٹا
تها.
ڪنهن چيس ته بنا ڄار جي مڇي آهي، مان کيس ڀيڻ ڪوٺي
ويٺو آهيان.سارا مرڪي انهن سڀني سان مقابلو ڪيو ۽
چيو ته:
ہم تو کفن بانده کر پیدا
ہوئے
ہیں
کوئی
انگوٹهی
پہن کر نہیں
جسے
تم چوری
کرلوگے.
سارا شگفته جيڪا جڳ مشهور هندستاني اديب امرتا
پريتم جي ساهيڙي هئي، جنهن سندس ڏک، درد، ذلت ۽
تڪليف کي پنهنجي دل اندر ڪنهن خزاني جيان سانڍي
رکيو. مشهور شاعره ۽ ليکڪا عطيه دائود مرڻ گهڙيءَ
تائين هن کان زندگي جيئڻ جا وچن ورتا. هوءَ زندگي
کان هارايل اهي وچن ۽ وعدا ٽوڙي زماني جا الزام ۽
فتوائون پنهنجي سيني تي ڪنهن تمغي جيان سجائي،
زندگي کي شڪست ڏيئي هلي وئي.
میں
نے
گالیان
جیتی
ہیں
تم نے
گالیاں
ہاری
ہیں.
سارا کي ايتري ننڍڙي عمر ۾ موت نه هارايو- نه وري
چئن مڙسن جي بي وفائي کيس بي حال ڪيو. سارا ته
پنهنجي رت جي رشتن کان شڪست کاڌي هئي. جڏهن
اڪيلائيءَ جي درد ۽ خوف سندس دل ۾ ديرو ڪري هلچل
مچائي ۽ سندس دل ۽ دماغ کيس مفلوج ڪيو، تڏهن سندس
حوصلن شڪست تسليم ڪئي.
تنہائی
اتنے
حرامی
بچے
جنتی
ہے
کہ ایک
کو بیاہنے
کے
لیے
وقت کو ہلاک کرنا پڑتا
ہے.
همت ۽ حوصلو، دوستن جا دلاسا هن کي زندگي جيئڻ
لاءِ ڏڍ ڏيندا رهيا، پر سندس دل گهڻو وقت حالتن کي
هارائي نه سگهي:
میرے
ہاتهوں
میں
کوئی
دل مرگیا
ہے
موت کی
تلاشی
مت لو.
هن عورت جي هر روپ ۾ سماج سان بغاوت ڪئي، پر صرف
هڪ ماءُ جي روپ کيس شڪست ڏني. آخر اهو روپ ڪنهن جو
هو، سندس ماءُ جو يا هن جو پنهنجو، جنهن جي لڳايل
الزامن جو صليب هوءَ پنهنجي ڪلهن تي کڻي نه سگهي.
چيو وڃي ٿو ته سندس آخري ملاقات سندس پٽ سان ٿي
هئي- الائي ڪهڙي ماجرا ٿي، الائي ڪهڙا وڍ سندس روح
تي لڳا، جنهن سبب دنيا مان سندس اميد ۽ چاه فنا ٿي
ويو.
جنگل چراغوں
سے
نہیں
بنتا
اور نہ رات سے
کوئی
مرتا ہے
سارا جيڪا چوندي هئي ته، ”پکين جي چر چراهٽ ئي
منهنجو جنم ڏينهن آهي“. تنهن جي آخري خواهش صرف
ايتري هئي ته:
میرے
کتبے
پر پهولوں
کو دهرانا مت
ک
*
ڪهاڻي
*
سنڌي ڪهاڻي جو سؤسالا سفر ۽ جديد دور جا افسانا
سنڌي ڪهاڻي جي تاريخ تي نظر وجهبي ته، ان جي
باقاعده شروعات ويهين صديءَ جي ٻئي ڏهاڪي ٿيندي
نظر اچي ٿي، جنهن ۾ مرزا قليچ بيگ جي شريف بيگم ۽
لعلچند امرڏني مل جي ڪهاڻي حر مکي جا ٻئي ڪهاڻيون
ملن ٿيون، جن جا موضوع ان وقت جي سياسي حالتن تي
ٻڌل نظر اچن ٿا. ان کان پوءِ سنڌي ڪهاڻي حقيقيت
نگاري جو سفر طئي ڪندي، روشن خيال ترقي پسند دور
جي فڪر تائين رسي ٿي.
جديد سنڌي ڪهاڻي جي شروعاتي دور تي نظر وجهبي ته،
ان دور جون لکيل ڪهاڻيون گهڻي ڀاڱي سماج جي اصلاح
هيٺ تعميري ۽ اخلاقي پهلوءَ کي ظاهر ڪن ٿيون، جنهن
۾ پرسرام گلراجاڻي جون ڪهاڻيون چمڙا پوش جون
آکاڻيون پڻ شامل آهن، جن ۾ ان وقت جي سماجي حالتن،
خاص طور تي هندو سماج جي مسئلن (ڏيتي ليتي، ننڍي
عمر جي شادي ۽ بيوه جي ٻيهر شادي نه ڪرڻ وغيره)
جهڙن مسئلن جي عڪاسي ڪئي ويئي آهي.
1917ع ۾ روس ۾ جيڪو ڪميونسٽ انقلاب رونما ٿيو، ان
پڻ سنڌي ڪهاڻي تي پنهنجا فڪري اثرڇڏيا ۽ ان دور ۾
ترجمي جو فن پروان چڙهيو. خاص طور تي پرڏيهي ادب
مان ترجمو ڪيل ڪهاڻين جي ڪتابن جو ترجموڪيو ويو،
جنهن جا فني توڙي فڪري اثرسنڌي مختصر ڪهاڻي ۾ نظر
اچڻ لڳا. ان سان گڏوگڏ بنگالي ادب پڻ ترجمو ڪيو
ويو، جنهن سان پڙهندڙن جو وڏوحلقو پيدا ٿيو، ڇاڪاڻ
ته غلام ربانيءَ جي لفظن ۾ ته، ”انسان جي سماجي
زندگي جي پهلوءَ جي ترجماني جيتري افساني يا ڪهاڻي
۾ ٿي سگهي ٿي، اوتري نه شعرو شاعري ۾ ٿي سگهي آهي
۽ نه تاريخ ۾ .
(1)
1930ع ۾ امرلعل هنگوراڻي جي ڪهاڻيءَ ادو
عبدالرحمان ڇپي، جيڪا نقادن جي راءِ موجب صحيح
معنيٰ ۾ پهرين جديد ڪهاڻي هئي، جنهن ۾ سنڌ جي
سيڪيولر سماج جو ڏيک پسي سگهجي ٿو. ڪيرت ٻاٻاڻي جي
لفظن ۾ ته ”ادو عبدالرحمان“ سنڌي ساهت ۾ نئين يعني
جديد ڪهاڻي جي بنيادي ڪڙي آهي، ان ۾ جديد ڪهاڻي جا
سڀ بنيادي عنصر موجود آهن.
(2)
ان کانپوءِ ’مرزا نادر بيگ جون ڪهاڻيون‘ ادب جي
رومانوي تحريڪ جي پسمنظر هيٺ لکيل ملن ٿيون، جن ۾
موهني جي ڪردار ۾ مختلف سماجي موضوعن جي اپٽار ڪيل
نظر اچي ٿي. 1940ع کانپوءِ سنڌي ڪهاڻي ۾ روشن
خيال ترقي پسند فڪري رجحان نموندار ٿين ٿا، ان ڏس
۾ شيخ اياز جي ڪهاڻي ’سفيد وحشي‘، جيڪا انگريز
سامراج جي ظلمن خلاف ڀرپور مزاحمت ڪندي نظر اچي ٿي
پڻ شامل آهي، ان سان گڏ ڪهاڻي مسافر مڪراني، جيڪا
طبقاتي سماج ۾ سرمائيدار جي ظلم ۽ مزدور جي
استحصال تي گهري رنج و غم جو اظهار ڪندي نظر اچي
ٿي. ان دور جي ٻين ڪهاڻيڪارن ۾ موهن پنجاپي،
آسانند مامتورا (جنهن جنس ۽ نفسيات تي پهريون ڀيرو
قلم آزمائي ڪئي)، گوبند مالهي، سوڀوگيانچنداڻي
وغيره شامل آهن.
ورهاڱي کانپوءِ سنڌي ڪهاڻي ۾ ڪيترائي نوان موڙ ۽
لاڙا شامل ٿيا، ۽ سنڌي مختصر ڪهاڻيون مختلف سياسي
۽ سماجي بحرانن ۽ تجربن مان گذرندي، ترقي پسند
تحريڪ جي فڪر سان سلهاڙجي ويون. ليکڪن اهڙيون
ڪهاڻيون لکيون، جيڪي ادب ۾ زندگي جي ترجماني ڪندڙ
هيون، جن ۾ مختصر ڪهاڻي جا سمورا ترڪيبي جزا
(پلاٽ، اسلوب، ڪردارنگاري، ٻولي ۽ منظرنگاري
وغيره) شامل هئا، جيڪي ڪهاڻي جي فن ۽ فڪر کي موثر
انداز ۾ بيان ڪري رهيا هئا، جنهن سبب پڙهندڙن جو
وڏو انگ ڪهاڻين پڙهڻ ۾ دلچسپي وٺڻ لڳو.
ورهاڱي کانپوءِ سنڌي ڪهاڻي ۾ جيڪي موضوع شامل ٿيا،
انهن ۾ سرِفهرست لڏپلاڻ جو ذڪر شامل هو، جنهن ۾
مختلف تهذيبن ۽ سماجن جي ڦير گهير سنڌ جي اصل
رهاڪن هندو سنڌين جو سنڌ مان لڏڻ ۽ ان جي جاءِ تي
هندستان جي مختلف سماجن تي ٻڌل ماڻهن جو سنڌ ۾
اچڻ، جنهن سبب معاشرو تمام وڏي ردوبدل ۽ انتشار جو
شڪار بنجي ويو، گڏوگڏ ورهاڱي جي سبب تشدد، قتل
وغارت، عصمت دريءَ جا واقعا پڻ ادب جو خاص ڪري
مختصر ڪهاڻين موضوع بنجي ويا، اياز قادري جي ڪهاڻي
مان انسان آهيان، شيخ اياز جي پاڙيسري، ۽
’تندبرابر توريان‘ (جيڪا هن پنهنجي دوست نارائڻ
شيام جي سنڌ ڇڏڻ جي پس منظر هيٺ لکي آهي) نجم
عباسيءَ جي ڪهاڻيءَ دوستي نه ڏسي دين ڌرم ۽ ڪلا
پرڪاش جي ڪهاڻي ’خانواهڻ‘ وغيره ان موضوع سان
سلهاڙيل ڪهاڻيون آهن.
سنڌ ان وقت وڏي سياسي بحران جو شڪار بنجي ويئي. هڪ
پاسي هتان جي ڏيهي ماڻهن، جن جو سنڌ جي علم ادب،
اشاعتي ادارن ۽ وڻج واپار ۾ تمام سگهارو ڪردار هو،
انهن جو اوچتو لڏي وڃڻ، جنهن سبب هڪ پاسي سنڌ کي
سياسي ثقافتي ۽ معاشي بحران کي منهن ڏيڻو پيو، ته
ٻئي طرف وري هندستان مان هجرت ڪري آيل ماڻهن جو
ملڪي وسيلن تي قابض ٿيڻ ۽ پاڻ کي پاڪستان جو حقيقي
وارث ۽ فاتح تصور ڪرڻ ۽ پنهنجي ڪلچر ۽ ٻولي کي
ڏيهي ماڻهن جي مٿان زبردستي مسلط ڪري، سنڌ جي
تاريخ ۽ تهذيب وتمدن جو تمسخر اڏائڻ ان حالتن سنڌي
ماڻهن کي مايوس ڪري ڇڏيو، ع.ق شيخ جي ڪهاڻي
حيدرآباد؟ ’پورس جا هاٿي‘ ۽ ٻيون مختلف ڪهاڻيون
ورهاڱي جي انهيءَ درد ۽ ماڻهن جي ناسٽلجيا کي ظاهر
ڪن ٿيون.
گڏوگڏ سنڌي سماج جي پراڻن روڳن (پير پرستي، وڏيرا
شاهي پدرشاهي سماج اندر عورتن جو مختلف پيراميٽرس
ذريعي ٿيندڙ استحصال وغيره) جيڪي ناسور بنجي، سنڌي
سماج کي جهالت طرف ڌڪي رهيا هئا، انهن جي خلاف پڻ
سنڌي ڪهاڻيڪارن پنهنجي ڪهاڻين ذريعي مزاحمتي فڪر
هيٺ پرپور اظهار ڪيو، ان سلسلي ۾ جمال ابڙي (جنهن
کي سنڌي مختصر ڪهاڻي جو امام به چيو وڃي ٿو) فني
توڙي فڪري لحاظ کان شاندار ڪهاڻيون لکيون، جن ۾
پيراڻي، شاهه جو ڦر، خميسي جو ڪوٽ، مُنهن ڪارو ۽
بدمعاش وغيره شامل آهن. انهيءَ فڪري پس منظر هيٺ
محمد عثمان ڏيپلائي، غلام رباني، نجم عباسي ، حميد
سنڌي، ثميره زرين وغيره پڻ بهترين ڪهاڻيون لکيون.
سنڌي ڪهاڻي توڙي شاعري جو عروج وارو دور ون يونٽ
وارو رهيو، جنهن ۾ قومي ۽ مزاحمتي فڪر ڪهاڻين جو
خاص موضوع بنجي ويو، ان دور جي ڪهاڻين ۾ سنڌ جي
تهذيب، ثقافت ۽ ٻولي تي جيڪي يوسف برادران
(حڪومتن) جي ٿيل قهرن جا ڪهاڻين ۾ منظر چٽا نظر
اچڻ لڳا، ان سلسلي ۾ محمد عثمان ڏيپلائي جي ڪهاڻي
ڪونڍير، جمال ابڙي جي پشوپاشا، نجم عباسي جون
ڪهاڻيون ناچڻي، دوکو، آءُ ڪنور، ڪر ڳالهه ۽ دٻي ۾
ٺڪريون، ثميراه زرين جي ’وطن‘ ۽ ’آءُ اهائي مارئي‘
وغيره شامل آهن، جن ۾ ان دور جي حالتن جا داستان
رقم ٿيل آهن. ان ئي دور جو هڪ سگهارو ليکڪ امر
جليل آهي، جنهن جون ڪهاڻيون تمام گهڻيون پڙهيون ۽
پسند ڪيون ويون، امر جليل پنهنجي ڪهاڻين ۾ ملڪ جي
سياسي حالتن، سنڌ سان ٿيندر ناانصافين، طبقاتي
ڪشمڪش جهڙوڪ هيڻي ڏاڍي، امير غريب، زميندار، هاري،
پير ۽ مريد جهڙن موضوعن تي طنزيه توڙي خشڪ موضوعن
هيٺ ڪهاڻيون لکيون.
سندس ڪهاڻين جيان پلاٽ رائيزنگ ايڪشن يعني اڀار
واري عمل تي مشتمل نظر اچن ٿا، جيئن مثال سندس
ڪهاڻي سوجهرو، اروڙ جو مست، جڏهن مان نه هوندس،
مٽي جا ماڻهو، سرد لاش جو سفر، چرٻٽ ۽ ڪلفي، سچل
اِن ٽربل، موسٽ ڊينجرس مين آف پاڪستان وغيره شامل
آهن. امر جليل جون ڪهاڻيون فن توڙي فڪر جي لحاظ
کان بهترين ڪهاڻيون مڃيون وڃن ٿيون، جن جو اسلوب
شاندار نوعيت جو آهي.
ڪهاڻي جي فن ۾ اسلوب جي تمام گهڻي اهميت آهي، ادب
۾ اسلوب جي اهميت بيان ڪندي امير چانڊيو لکي ٿو
ته، ”اسلوب، ڏانءُ، اسٽائيل اها خوبي آهي، جنهن
سان ڪو ليکڪ پنهنجي انفراديت پيدا ڪري سگهي ٿو،
شخصيت جي وحدت مان نڪتل تحرير، جنهن ۾ وحدت ۽
تاثر مختلف انداز ۾ هجي، ان کي اسلوب سڏجي ٿو،
مطلب ته اسلوب منصف جي ذهن جو عڪس آهي.“
(3)
1970ع کانپوءِ ملڪ جو ٻيهر ورهاڱو ٿيو، جنهن ويتر
ئي سياسي صورتحال کي سنگين بنائي ڇڏيو، ماڻهن جو
سياسي آدرشن مان ويساه ئي ختم ٿيڻ لڳو. موهن ڪلپنا
ان بابت لکي ٿو ته، ”1970ع جڏهن ون يونٽ ٽٽو ته
پاڪستان جي سياست ۾ وڏو سانحو پيش آيو. اوڀر
پاڪستان هڪ الڳ ملڪ بنگلاديش ٿي ويو. بنگال ۾ قتل
عام تصوف جي انهيءَ نظريي کي ڌڪ هنيو ته سڀ انسان
برابر آهن. گهرو لڙائي جنگ قتل عام خود سنڌي عوام
سان ٿيل ڏاڍائي ۽ بند معاشري جي گهٽ ۽ ٻوسٽ سنڌي
ڪهاڻي ۾ جدت پسنديءَ جو دور پيدا ڪيو. ان دور ۾
ملهن جو ٽٽل ڏيکاريل آهي، شخص ڪمزور، ڊپ، حراس ۽
خوف جو شڪار ٿي وڃي ٿو. جديد دور ان نظام جي خلاف
هڪ ٿڪل ۽ بي جوڙ احتجاج طور ڏسڻ ۾ اچي ٿو.
(4)
سنڌي ڪهاڻي ۾ اهو فڪري رجحان وجودي بحران هيٺ
ڪهاڻين جو موضوع بنيو ۽ ليکڪن جي هڪ ٽهي ان مطابق
ادب تخليق ڪيو، وجوديت جو اهو فڪر مغربي ادب ۾ ٻي
مهاڀاري جنگ جي تباه ڪارين جي نتيجي ۾ پروان چڙهيو
هو، جنهن جا بانيڪار ڪاميو، ساتر، ڪافڪا ۽ فرائيڊ
وغيره مڃيا وڃن ٿا. هن لاڙي جي فڪر ۾ فرد جي داخلي
پيڙا، تنهائي، ڪرب، مايوسي ۽ اهڙين ٻين وارتائن جي
عڪاسي نظر اچي ٿي.
بقول تاج بلوچ جي ته، ”وجودي تحريڪ جو تت اهو هو
ته انسان غير يقيني دنيا جو رهواسي آهي زمان ۽
مڪان ۾ سچ جو وجود ئي ڪونهي“(5)
سنڌي افسانوي ادب ۾ ماڻڪ جي حويليءَ جا راز، ۽
لڙهندڙ نسل، شوڪت حسين شورو، اکين ۾ ٽنگيل سپنا،
اوپرو ماڻهو، خوف جو موت وغيره، مدد علي سنڌي جي
احساسن ۽ جذبن جو موت وغيره ڪهاڻيون انهيءَ فڪر جي
ترجماني ڪندي نظر اچن ٿيون. ان کان علاوه ڪيهر
شوڪت، مشتاق حسين شورو ۽ لياقت رضوي ۽ ڪجهه ٻيا
نئين ٽهيءَ جا ليکڪ اڀريا، جن وجودي فڪر جي اثر
هيٺ سنڌي ڪهاڻي جي موضوعن ۾ مايوسي، بک، بدحالي،
بيروزگاري ۽ خودڪشي وغيره جهڙن داخلي احساسن ۽
ڪيفيتن کي پيش ڪيو، پر اها به حقيقت آهي ته سنڌ جي
سماج جا پراڻا ۽ دائمي روڳ مثال وڏيرا شاهي،
طبقاتي فرق، پيري مريدي، وهم وسوسا، عورتن سان غير
امتيازي سلوڪ جهڙا مسئلا سنڌي ڪهاڻين جي فڪري
ڪينواس تي هميشه ڇانيل رهيا، ۽ سنڌي ڪهاڻيڪارن
انهن سماجي براين تي ڪيتريون ئي ڪهاڻيون تخليق
ڪيون.
نجم عباسي (ڇوڏو)، امر جليل، (پلصراط، تاريخ جو
ڪفن)، نسيم کرل (ڪافر، چوٽيهون در)، عبدالقادر
جوڻيجو، (واٽون، راتيون ۽ رول)، نورالهديٰ شاهه
(جلاوطن، ڪربلا)، علي بابا (ڌرتي ڌڪاڻا ۽ چنڊ ۽
ماني)، خيرالنساء جعفري (حويلي کان هاسٽل تائين،
تخليق جو موت) وغيره، انهن موضوعن تي ڪهاڻيون
لکي، سنڌ جي سماجي حالتن ۽ رسم و رواجن جي قيد
معاشري جي عڪاسي ڪئي آهي جڏهن ته ان دور ۾ ماهتاب
محبوب جون ڪهاڻيون سنڌ جي ڳوٺاڻي ماحول ۽ ان جي
رسمن رواجن ۽ خاص طور محاوراتي ٻوليءَ سبب تمام
گهڻو پسند ڪيون ويون، جن ۾ مٺو ڀت، سريت، مِٺي
مراد وغيره شامل آهن.
لڳ ڀڳ ايڪيهين صدي جي پهرين ڏهاڪي تائين مٿي بيان
ڪيل موضوع ڪهاڻين جو اهم حصو رهيا. البته ڪهاڻي
ڪرافٽ ۾ ڪافي نوان تجربا ڪيا ويا ۽ مختصر ڪهاڻي
مختلف پيراميٽرس هيٺ لکي ويئي. فليش ڪهاڻي، سو
لفظن جي ڪهاڻي، ڊريبل ڪهاڻي، ٻڙي اکر ڪهاڻي ۽
سائنسي ڪهاڻي وغيره جي عنوان سان منظر عام اچڻ
لڳيون، جن ۾ ادبي فڪر ۽ فن سان گڏوگڏ بين الاقوامي
معاشري جي تبديل ٿيندڙ مختلف قدرن ۽ روايتن جي
پچار ۽ ڊجيٽل دور سان منسلڪ واقعن ۽ حادثن کي
مختصر پيرائي هيٺ ڪهاڻين جو موضوع بنائي پيش ڪيو
ويو. سنڌي ادب ۾ پڻ ڪجهه ڪهاڻيڪارن اهڙا تجربا
ڪيا، هيٺ سندن اهڙين ڪهاڻين جو مختصر ذڪر پيش ڪجي
ٿو .
احساس ۽ جذبن جو موت: مددعلي سنڌي
مدد علي سنڌيءَ جي هيءَ ڪهاڻي وجودي فڪر کي ظاهر
ڪري ٿي. ان ساڳي موضوع تي شوڪت حسين شوري جي
ڪهاڻي، اوپرو انسان، پڻ لکيل آهي، جنهن ۾ هڪ
ايماندار ماڻهو پنهنجي ئي گهر ۾ رٽائرڊ ٿيڻ
کانپوءِ هڪ مجرم جيان زندگي گذاري ٿو. سندس ڏوه
ايترو آهي ته، هن گهر ڀاتين جي آسودگيءَ لاءِ غلط
ڪم ڪري پئسا نه جوڙيا.
اڻ ڄاتل شهر جو نقشو: شبنم گل
هن ڪهاڻيءَ ۾ ليکڪا جيئن ته پاڻ به هڪ عورت آهي ۽
هڪ باشعور عورت هئڻ جي ناتي هوءَ پنهنجي ذاتي
خواهش جي عيوض ٻي عورت جو گهر اجاڙڻ نٿي چاهي، ڀلي
ته ان لاءِ هن کي پنهنجي محبت، جذبن ۽ احساسن جي
قرباني ڇونه ڏيڻي پئي هجي. هيءَ ڪهاڻي پيار ۽
وڇوڙي جي انهيءَ درد جي تصوير بيان ڪري ٿي.
ڪرفيو ۾ اڏامندڙ ڪاغذ: رسول ميمڻ
هن ڪهاڻيءَ ۾ ليکڪ علامتي انداز بيان هيٺ اها
ڳالهه ٻڌائڻ جي ڪوشش ڪري ٿو ته، هن ملڪ جا اصل
دشمن جمهوري قوتون نه، پر هڪ ٻي طاقت آهي، جيڪا
سڀني کي ويڙهائي سڄي ملڪ تي قبضو قائم ڪريو ويٺي
آهي.
منهنجا شهيد ٿيل چهرا: رسول ميمڻ
هيءَ ڪهاڻي، اسان جي ملڪ جي سٺ سالا تاريخ جي
عڪاسي ڪندي نظر اچي ٿي، جنهن ۾ هڪ ڪردار پنهنجي
سٺ سالن جي حياتيءَ ۾ مختلف واقعن ۾ قتل ٿيندڙ
ماڻهن کي ڏسي چوي ٿو ته، اهي سڀ منهنجا چهرا آهن.
مان بار بار شهيد ٿي رهيو آهيان.
ڇوڪري شينهن ٿي نه سگهي: ضراب حيدر
هن ڪهاڻيءَ ۾ ليکڪ علامتي طور اهو ٻڌائڻ جي ڪوشش
ڪئي آهي ته، غلامي ۽ قيدوبند جي زندگيءَ ۾ ماڻهن
جون سڀ خصلتون ۽ خوبيون تباه ٿي وڃن ٿيون. آزادي
انسان توڙي جانور کي نئون اتساه ۽ جيئڻ جو جذبو
جاڳائيندي آهي. هن ڪهاڻيءَ ۾ هڪ ماڻهو سرڪس لاءِ
شينهن خريد ڪري اچي ٿو، جيڪو پڃري ۾ رهي رهي آخر
ڪار ڪمزور نستو ٿي مري وڃي ٿو. پاڙي جي گهر جي ڇت
تان روز هڪ ڇوڪري ان عمل کي ڏسي ۽ پرکي ٿي ۽ پوءِ
شادي کي اهڙو ئي کيل سمجهي، شادي کان انڪار ڪري ٿي
۽ پنهنجي زندگي آزاد گذارڻ جو فيصلو ڪري ٿي، ڇاڪاڻ
ته هوءَ قيد ۾ رهي روز روز مرڻ کان آزاد فضا ۾
ڪنهن لغڙ جيان ڦڙڪڻ کي ترجيع ڏئي ٿي.
جل پري باندري: محمد صديق منگيو
هن ڪهاڻيءَ ۾ هڪ غريب ۽ مفلس ڇوڪري جو ڪردار پيش
ڪيو ويو آهي، جنهن جي ريپ ڪئي وڃي ٿي، جنهن سبب
هوءَ هڪ ناجائز ٻار جي ماءُ بنجي وڃي ٿي، پر هوءَ
خوش رهي ٿي! بدقسمتيءَ سان هن جو اهو ٻار مري وڃي
ٿو ۽ جنهن سبب هن جو دماغي توازن ختم ٿي وڃي ٿو ۽
محلي جا ٻار هن کي جل پري باندري ڪوٺي مارين ٿا.
هڪ ڏينهن هن کي گند جي ڍير تان هڪ ٻار ملي ٿو،
جيڪو هن جون وڃايل خوشيون موٽائي اچي ٿو.
مختصر ڪهاڻيءَ بابت ڪنهن جو چوڻ آهي ته، مختصر
ڪهاڻي ائين آهي جيئن ٻاٽ اونده ۾ اوهان ماچس جي
تيلي ٻاري ٿوري دير لاءِ فضا کي روشن ڪري ڇڏيو ،
هي ڪهاڻي ان ڳالهه کي ثابت ڪري ڏيکاري ٿي.
جاڙيون اوڇنگايون: محمد صديق منگيو
هن ڪهاڻي ۾ هڪ روايتي موضوع ڏنل آهي، جنهن ۾ شادي
جي ڪيترن سالن گذرڻ کان پوءِ جڏهن ڪهاڻي جي مرڪزي
ڪردار جي گهر ٻار ٿيڻ واري خوشخبري اچي ٿي، تڏهن
سڄو ڪٽب ان جي آمد جي تياري ڪري ٿو، پر ان دوران
جڏهن عورت ۽ ٻار جي زندگي کي موت جو خطرو لاحق ٿئي
ٿو ته، ڊاڪٽر ٻنهي مان ڪنهن هڪ کي بچائڻ جي ڳالهه
ڪري ٿو، تڏهن مڙس باوجود ان جي ته هو زال کي پسند
گهٽ ڪندو هو، پر ان موقعي تي هو ڊاڪٽر کي ماءُ کي
بچائڻ جي هدايت ڪري ٿو. هن ڪهاڻي ۾ صديق منگيو جي
ڳوٺاڻي ماحول جي عڪاسي تي مشتمل ٻولي، نسيم کرل جي
ڪهاڻين جي ٻولي وانگي شاهوڪار نظر اچي ٿي.
ڪپيل نڪ: عباس سارنگ
عباس سارنگ جي هيءَ ٽائيٽل ڪهاڻي ٻڌائي ٿي ته
موجوده حالتن ۾ اسان جي معاشري جو هر فرد وڪري جو
وکر بنجي ويو آهي، جتي هو ڪنهن جي جسم جي اعضاءِ
کي به وڪڻ ۾ به ڪا شرمندگي محسوس نٿو ڪري. ڪپيل نڪ
اهڙي بيحس ماڻهن جي سماج جي نمائندگي ڪندي نظر اچي
ٿي.
فليش ڪهاڻي ڌماڪو: عباس سارنگ
هن ۾ انهن خودڪش حملن جو ذڪر ڪيل آهي، جن ۾ صوفي
بزرگن جي مزارن کي نشانو بنايو ويو. خاص ڪري قلندر
جي روضي تي جيڪو خود ڪش ڌماڪو ٿيو، ان جي نشاندهي
ڪئي ويئي آهي.
موٽي ايندس مان: ابراهيم کرل
مٿين نالي سان ابراهيم ڪهاڻين جي ٽرالاجي لکي آهي.
هن کان اڳ سنڌي ادب ۾ ناول جي ٽرالاجي لکي ويئي
هئي، پر ڪهاڻي ۾ هي پهريون تجربو ابراهيم کرل ڪيو
آهي، جنهن ۾ ملياڻي حليمان، رحيمان ۽ صفوران ٽي
ڪردار آهن، جن کي ملائي هڪ ڪهاڻي لکي آهي، جنهن ۾
ڪردار هڪ ئي ڳوٺ ۽ ماحول جا ستايل آهن، پر ليکڪ
طوالت کان بچڻ لاءِ يا نئي تجربي خاطر ٽن ڪهاڻين ۾
ان سموري واردات کي بيان ڪيو آهي. ٽئي ڪهاڻيون هڪ
ٻئي سان ملندڙ هڪ ٻئي جي انجام ۾ مختلف آهن. ڳوٺ ۾
نياڻي کي هڪ طرف ست قرآن جو درجو ڏنو وڃي ٿو ته،
ٻئي طرف وري هن کي رڳو پنهنجي پسند جو ور چونڊڻ جي
حق کان به محروم ڪيو وڃي ٿو. اهڙي ڪهاڻي ملياڻي
حليمان جي آهي، جيڪا شادي کان انڪار ڪرڻ سبب ڀاءُ
جي هٿان قتل ڪئي وڃي ٿي. ائين ٻي ڪهاڻي رحيمان
وڏيري جي فيصلي مطابق ’حليمان‘ جي قاتل سان شادي
ڪرڻ تي مجبور ڪئي وڃي ٿي، جنهن سبب هوءَ به شاديءَ
رات پاڻ کي درياءَ جي حوالي ڪري خودڪشي ڪري ٿي.
رهي ’صفوران‘ جيڪا انهن حالتن کان باغي ٿي، ڳوٺ
مان ڀڄي وڃي ٿي.
مان دودو آهيان: عباس ڪوريجو
هي ڪهاڻي سنڌ جي تاريخي ڪردار دودي سومري جي
لمحه فڪر جي نشاندهي ڪري ٿي، جنهن ۾ ڪهاڻيڪار هي
ٻڌائڻ گهري ٿو ته اسان پنهنجن سورمن کي بت بنائي
پوڄيون ته ٿا، پر انهن جي نقش قدم تي هلي زندگي
نٿا گذرايون.
پنهنجي ڌرتي: عباس ڪوريجو
ڪتاب جي ٽائيٽل ڪهاڻي، هن ڪهاڻي ۾ ڪهاڻيڪار سنڌ ۾
رهندڙ هندن جي حالتن کي بيان ڪيو آهي. هو ٻڌائي ٿو
ته هندو پنهنجي ڌرتيءَ تي رهڻ لاءِ ڇاڇا نه ڀوڳي
رهيا آهن. اغوا تاوان، نياڻين جو جبري مذهب تبديل
ڪري سندن زوري نڪاح ڪرائڻ، ڀتو ڏيڻ سهن پيا، صرف
پنهنجي ڌرتيءَ تي زندگي گذارڻ جي هنن ڪيڏي قيمت
ادا ڪئي آهي.
خوابن جا رستا: منور سراج
هن ڪهاڻي ۾ ڪهاڻيڪار ٻڌائي ٿو ته زندگي جي مارڪيٽ
۾ سچ ۽ ڪوڙ ٻئي وکر گڏوگڏ هلڻ لڳا آهن، پر زندگيءَ
کي بهرحال مارڪيٽ ٿيڻ نه گهرجي. يونيورسٽي ۾
پلجندڙ پيار جي ڪهاڻي، جيڪا طبقاتي فرق هئڻ سبب
خوشنما تعبير حاصل نه ڪري سگهي.
دل جي ڪنڊ ۾ ڄمي ويل برف: ماڻڪ
هي ڪهاڻي سنڌي ڪهاڻي جي بيباڪ ڪهاڻيڪار ماڻڪ جي
خودڪشي کان پوءِ ان جي ڪٽنب جي ڏکي حالتن سان گڏ
ترقي پسند ليکڪ جي پٽ جو مذهبي جنونيت اختيار ڪرڻ
واري موضوع جي ترجماني ڪري ٿي.
ٻٻرن جهليو ٻور: جهان آرا سومرو
هيءَ هڪ لاوارث هٿ آيل اوڏن جي ٻار جي ڪهاڻي
آهي، جنهن کي هڪ رن زال ’راستي‘ جيڪا مسلمان آهي،
پالي نپائي وڏو ڪري ٿي، پر معاشرو ان کي اوڏ جو
ٻار سمجهي هر جاءِ تي ڌڪاري ٿو.
تون به نه سمجهين: ممتاز لوهار
هيءَ ڪهاڻي، پدرشاهي سماج ۾ رهندڙ انهن مرد جي
نفسيات جي عڪاسي ڪري ٿي، جيڪي زال هوندي ٻين عورتن
سان معاشقو ڪن ٿا. خاص ڪري جڏهن هو گهر ۾ ڪنهن
ڳالهه تي ناراض ٿين ٿا تڏهن ڌارين عورتن سان دل
وندرائن ٿا. هڪ اهڙي ئي مرد جي هن ڪهاڻيءَ ۾
نشاندهي ڪئي ويئي آهي، جنهن کي پنهنجي محبوبا هڪ
ڏينهن طنز ڪندي هيءَ چُهنڊڙي پائي ٿي ته، جيڪڏهن
توهان مرد گهر کان رسي ٻي عورت سان دل وندرايو ٿا
ته، توهان جي زال به ڪنهن ٻي مرد دل وندرائي سگهي
ٿي تڏهن ڪهاڻيءَ جو اهو مرد ڪردار پنڊ پهڻ ٿي وڃي
ٿو.
ڪهاڻين جي هن مختصر جائزي مان اهو نتيجو ظاهر ٿئي
ٿو ته، سنڌي مختصر ڪهاڻي، جنهن جي شروعات ويهين
صديءَ کان ٿي، افسانه نگارن سَو سالا سفر دوران
ڪهاڻي کي زمان ۽ مڪان جي تبديلين، مختلف سياسي ۽
سماجي تحريڪن، ادبي ۽ فڪري لاڙن ۽ نون رجحانن کي
ڪهاڻين جي ڪينواس تي مختلف رنگن ۽ روپن سان سلهاڙي
افساني جي فن ۽ فڪر کي عام ماڻهن تائين رسايو آهي.
اهوئي سبب آهي جو اها اڄ به پنهنجي مقبوليت قائم
رکندي اچي ٿي.
حوالا:
1.
غلام محمد گرامي: امر جليل جو افسانوي فن ماهوار
سهڻي امر جليل نمبر ص 11
2.
ڪيرت ٻاٻاڻي: 2007ع، افسانوي ۽ فڪري ادب مرتب:
جامي چانڊيو سنڌيڪا اڪيڊمي ڪراچي ص 115
3.
ادل سومرو ۽ ٻيا: 1993ع، سنڌي ڪهاڻي نمبر، سنڌي
ادبي سنگت سنڌ ص 20
4.
موهن ڪلپنا: 2007ع، افسانوي ادب ۽ فڪري ادب،
مرتب: جامي چانڊيو، سنڌيڪا اڪيڊمي ڪراچي ص 20
5.
تاج بلوچ: 2016ع، ٽه ماهي تخيل مارئي اڪيڊمي،
حيدرآباد، ص 219 |