سيڪشن؛ لوڪ ادب

ڪتاب: سنڌي پھاڪا ۽ محاورا

باب: --

صفحو :9

 

 

پھاڪن جي ورھاست

الف- بي وار ترتيب

جدا جدا ٻولين ۾ پھاڪن جا جيڪي ڪوش ڇپيل آھن، انھن ۾ گھڻو ڪري پھاڪن کي ان ٻوليءَ جي الفابيٽ مطابق، سلسليوار ترتيب ڏيئي داخل ڪيو ويو آھي. اِن طرح سنڌيءَ ۾ بھ پھاڪن جا گھڻا مجموعي اھي آھن، جن ۾ پھاڪا الف- بي وار ڏنل آھن. مثال طور، گل شڪر ۾ ڪيولرام سلامتراءِ آڏواڻيءَ ۽ درن جي دٻلي ۾ سترمداس جڙيا سنگھاڻي سائل اِنھيءَ طريقي سان پھاڪا درج ڪيا آھن. ٻئي طرف، ڀيرومل مھرچند آڏواڻيءَ پنھنجي ڪتاب گلقند ۾ الف- بي وار پھاڪا ڏيڻ سان گڏوگڏ، ڪيترن ھنڌن تي ڀيٽ ڪندي، ساڳئي، مطلب وارا پھاڪا بھ انھن سان گڏ شامل ڪيا آھن.

 

موضوع موجب ورھاست

ٻين ٻولين ۾ پھاڪن جا ڪجھھ مجموعي اھڙا بھ شايع ٿيل آھن، جن ۾ پھاڪن کي جدا جدا موضوعن موجب ورھائي داخل ڪيو ويو آھي. مثال طور، وشوناٿ دنڪر نرواڻي پڻي (مھاراشٽر) مان ٽن ڀاڱن ۾ ڀارتيھ ڪھاوت ڪوش ڇپائي پڌرو ڪيو آھي. انھيءَ جي پھرين ٻن ڀاڱن ۾ ڀارت جي مکيھ ٻولين جا پھاڪا موضوع موجب ورھائي ڏنا ويا آھن.

ٽئين ڀاڱي ۾ ھر ھڪ ٻوليءَ جون چونڊ ڪھاوتون آھن. ھر ھڪ پھاڪي جي انگريزيءَ ۽ ھنديءَ ۾ معنيٰ بھ سمجھايل آھي. اِنھيءَ ڪوش ۾ اٽڪل ٻارھن سو سنڌي پھاڪا انگريزي ۽ ھندي ترجمي سان بھ شامل ڪيل آھن. اھي مون چونڊي ۽ ترجمو ڪري مرتب کي ڏنا آھن- سنڌيءَ ۾ مون کي اڃان تائين سنڌي پھاڪن جو ڪوبھ اھڙو ڪتاب شايع ٿيل نظر نھ آيو آھي، جنھن ۾ موضوع موجب پھاڪن کي ورھائي ڏنو ويو ھجي. حقيقت ۾ ڏٺو وڃي تھ موضوع مطابق پھاڪن جي جدا جدا ڪلاسن ۾ تقسيم ڪرڻ نھايت ئي اٺڪاٺيو آھي. اِن ڪري پھاڪا گڏ ڪندڙن اڪثر اھا واٽ اختيار نھ ڪري الفابيٽ جي اکرن مطابق پھاڪا پنھنجن ڪتابن ۾ ڏنا آھن. اچو تھ اِنھيءَ سوال تي وڌيڪ ويچار ڪريون.

 

موضوع موجب ورھاست ۾ مسئلا

پھاڪن ۽ چوڻين جي وچ ۾ فرق بابت ويچار ڪندي اسان ڏٺو تھ چوڻين فقط اکري معنيٰ ظاھر ڪنديون آھن- جيئن تھ،

(١) ترت دان مھا پڃ.

(٢)    ڀلو ڪر تھ ڀلو ٿيئي.

(٣)    اِنسان خطا جو گھر آھي.

(٤)    ڏياريءَ جو ڏيئو ڏٺو، ننڍو وڏو چڀر مٺو.

اھڙين چوڻين جي مکيھ مقصد کي ڌيان ۾ رکي، انھن کي جدا جدا موضوعن موجب ورھائڻ ۾ ڪوبھ مسئلو نھ آھي. پھرين چوڻيءَ ۾ ڪنھن گھرجاءَ واسطي سر قربان ڪرڻ لاءِ چيو ويو آھي. ٻين چوڻيءَ ۾ ڀلائي ڪرڻ جي نصيحت ڏنل آھي. ٽينءَ چوڻيءَ جو مطلب آھي تھ ھر ھڪ اِنسان کان ڪڏھن نھ ڪڏھن ڪا ڀل ٿي ويندي آھي. چوٿين چوڻيءَ ۾ اِھو ڄاڻايل آھي تھ ڏياريءَ جي موسم ۾ چڀر مٺا ٿيندا آھن.

چوڻين کان پھاڪا اِنھيءَ لحاظ کان علحدا آھن، تھ پھاڪن جي اکري معنيٰ ھڪ ھوندي آھي، تھ انھن جو حاصل مطلب ٻيو ھوندو آھي. بيان ۾ استعمال ڪرڻ تي اڪثر پھاڪن جو حاصل مطلب کڻبو آھي. جيئن تھ،

مال چورايو ھن، تھ پوليس پڪڙي ويئي سندس پاڙيسريءَ کي. اٽو کاڌو ڪوئي، تھ مار پيئي گابي تي

ھن بيان ۾ اسان جو مطلب ڪوئي جي اٽي کائڻ ۽ گابي جي مار کائڻ سان بلڪل نھ آھي. پر اِنھيءَ ڳالھھ طرف اِشارو آھي، تھ ڏسو تھ ڏوھھ ھڪڙي ڪيو آھي، پر انھيءَ جي سزا وري ٻئي کي ملي آھي. ھن پھاڪي ۾ ڪوئو ۽ گابو فقط مثال طور آيل آھن. مالڪ جو اٽو جنھن ھنڌ رکيو ھو، اتي ڪوئا بھ گھڻا ھئا. اھي اٽو کائي وڃي ٻرن ۾ لڪا. اتفاق سان ڪو گابو اچي اتي پھت. جڏھن مالڪ واپس آيو، تڏھن ڏٺائين، تھ اٽو آھي ئي ڪونھ ۽ ڀرسان گابو پيو ڦري. ھن ائين سمجھيو تھ سندس اٽو اِنھيءَ گابي کاڌو آھي. پوءِ ڪاوڙ وچان گابي تي لٺين جو وسڪارو ڪرڻ لڳو.

پھاڪن جي ورھاست ڪرڻ وقت ھن پھاڪي کي ڪوئي يا گابي جي موضوع وارن پھاڪن ۾ رکڻ غلط ٿيندو. اِنھيءَ بدران پھاڪي جو حاصل ملطب کڻڻ گھرجي تھ ڏوھھ ھڪڙو ڪري ۽ ان جي سزا ٻئي کي ملي. پوءِ اِنھيءَ معنيٰ وارن پھاڪن کي گڏي ھڪ حصي اندر رکڻ صحيح ٿيندو. جيئن تھ ھيٺ ڏنل پھاڪا اِنھيءَ موضوع اندر رکبا:

- کٽيو کائي کتيجا، ڌڪ جھلي ڌيڻس.

- کٽيو کائي فقير، لٺيون جھلي ڀولڙو.

- ڪري ڪلو، تھ ڀري للو.

- ڪري ڪلو، مري الو

- ڪري ڪو، تھ ڀري ڪو.

پر ڪجھھ پھاڪا اھڙا بھ آھن، جيڪي بيان جي حوالي موجب اکري معنيٰ ۾ بھ کڻي سگھجن ٿا، تھ ٻئي ڪنھن حوالي ۾ انھن جو حاصل مطلب پڻ کڻي سگھجي ٿو. مثال طور، اٺ ٻڍو، تھ بھ ٻھ ڪنواٽ لھي اِنھيءَ جي اکري معنيٰ آھي تھ اٺ پوڙھو ٿي ويندو، تھ بھ ٻن ڪنواٽن (ڪچن يا ننڍن اٺن) جي برابر آھي، ڇاڪاڻ تھ اھو انھن جيترو بار کڻي سگھندو. جڏھن اٺن تي بار ڍوئڻ وقت اِھا ڳالھھ ڪن ٿا، تھ اتي سندن مقصد اکري معنيٰ ئي آھي. پر جڏھن ڪي شخص گفتگو ڪندي، ڪنھن وڏيءَ عمر واري آزمودگار ۽ تجربيڪار ماڻھو جي باري ۾ ڳالھھ ڪن ٿا. تڏھن ٻڍي اٺ جو مطلب سياڻو آزمودگار شخص کڻبو ۽ ڪنواٽ مان مطلب ٿيندو ننڍيءَ عمر وارو، اڻ آزمودگار، الھڙ، ٻاراڻي سڀاءَ وارو، وغيره. اِن حالت ۾ ھن پھاڪي جو حاصل مطلب آھي، پير مرد سياڻپ ۽ عقل ۾ ٻن نوجوانن جي برابر آھي. يا انھن کان بھ وڌيڪ آھي. اھڙن پھاڪن جي درجھ بندي ڪرڻ وقت، انھن کي جانورن جي درجي اندر، اٺ تي پھاڪن ۾ بھ شامل ڪبو، تھ ٻئي طرف وڏن ۾ وڏي ڪلا واري معنيٰ ڏيندڙ پھاڪن جي موضوع ۾ بھ داخل ڪبو.

ڪجھھ پھاڪا اھڙا آھن، جن ۾ ھڪ کان وڌيڪ مرڪزي ويچار سمايل ھوندا آھن. جيئن تھ، اڻندو اھا، جاڪوريءَ جي من ۾ ھوندي. ھيءُ پھاڪو ظاھري طور ڪوريءَ سان واسطو ٿو رکي. ڪوريءَ جي من ۾ ڪپڙي اڻڻ بابت، يا ان جي ڊزائين ٺاھڻ جي باري ۾ جيڪو ويچار ھوندو، ان موجب ھو ڪپڙي جي اڻت ڪندو. پر وھنواري زندگيءَ ۾ گھڻا ماڻھو اِنھيءَ مان خالق يا پرماتما طرف بھ اشارو کڻي، ھن پھاڪي جو استعمال ڪندا آھن. مطلب تھ سرجڻھار مڙني کان سگھارو آھي. مٿس ڪنھن بھ بند جو زور ھلي نھ ٿو سگھي. ھو پنھنجيءَ مرضيءَ مطابق ڪائنات سرجڻ ڪري ٿو. ان لحاظ کان ھن پھاڪي کي ٻن حصن ۾ (يعني ڪوري ۽ سرجڻھار) رکي سگھجي ٿو.

ساڳئي طرح، ھيءَ چوڻي ڏسو: جھڙ (يا چٽ) جي اس، انڌي جي ٿڪ، ماٽيجي ماءُ جي مڪ، جتي لڳي تتي سڪ ھن چوڻيءَ ۾ ٽيئي ڳالھيون برابر اھميت رکندڙ آھن، ٽيئي جيتري تڪليف پھچائيندڙ آھن. برسات جي مند ۾ بادلن جي ھٽي وڃڻ تي جيڪا اس نڪري ٿي، اھا گھم ۽ گرميءَ ڪري وڌيڪ ستائيندڙ آھي؛ محفل جي وچ ۾ ويٺل انڌو ماڻھو بھ جيڪڏھن بنا سوچ ويچار جي ٿڪ ڦٽي ڪري ٿو، تھ اھا جنھن کي لڳندي، ان کي گھڻي تڪليف ڏيندي، ماٽيجي ماءُ بھ ٻار کي جڏھن ڪاوڙ وچان مڪ ھڻندي، تھ اھا ٻار کي گھڻو ايذاءُ رسائيندي. ھن چوڻي کي ٽن ڪلاسن ۾ شامل ڪري سگھجي ٿو: (١) موسم يا ماحول (٢) انڌو (٣) ماٽيجي ماءُ جو وھنوار.

ڪي پھاڪا اھڙا آھن، جن کي ڪي ماڻھو ھڪ معنيٰ ۾ تھ ڪي ٻيءَ معنيٰ ۾ بھ استعمال ڪن ٿا. مثال طور،

اڀ ڦاٽي کي بھ ڪڏھن اڳڙي پيئي آھي؟

اِنھي پھاڪي جون سترامداس سائل ٻھ معنائون ڏنيون آھن. (١) فاٽل اڀ کي چتي ھڻڻ ان ٿيڻي ڳالھھ آھي. مطلب تھ جنھن ڪم جو ٿيڻ محال يا جنھن ٿيڻ واري ڪم کي دفع ڪرڻ محال آھي، تنھنجي چنتا ڪرڻ نھ گھرجي. (٢) پڌري يا ظاھر ظھور ڳالھھ کي لڪائڻ ممڪن نھ آھي. اِن ڪري، ھن پھاڪي کي ٻن جدا ڪلاسن ۾ رکي سگھجي ٿو.

اھڙن مسئلن کي ڌيان ۾ رکندي چئي سگھجي ٿو تھ موضوع يا مرڪزي ويچار جي آڌار تي پھاڪن کي جدا جدا درجن يا ڪلاس ۾ ورھائڻ آسان ڪم نھ آھي. پر انھيءَ ۾ شڪ نھ آھي تھ انھيءَ قسم جي ورھاست ڪرڻ سان اسين ڪنھن جاتيءَ جي سياڻپ، سوچ- ويچار، وھنواري جيون جي آڌار تي حاصل ڪيل آزمودن، وغيره جو آسانيءَ سان اڀياس ڪري سگھو ٿا. ھتي سنڌي پھاڪن کي موضوع جي آڌار تي مکيھ درجنن ۾ ورھايو ويو آھي. باريڪيءَ سان ڇيد ڪرڻ تي ھر ھڪ درجي کي ننڍن ننڍن ٻين درجن ۾ بھ ورھائي سگھجي ٿو. ھر ھڪ درجي ۾ مثال طور ڪجھھ چوڻيون ۽ پھاڪا ڏنا ويا آھن. انھن جي اپٽار ڪرڻ ۽ سمجھاڻي ڏيڻ کان ھتي ڪنارو ڪيو ويو آھي، ڇاڪاڻ تھ ائين ڪرڻ سان ھيءُ مقالو تمام گھڻو وڌي ويندو.

 

موضوع موجب پھاڪن جا مکيھ درجھ

تاريخي سنٻنڌي پھاڪا

پھاڪا پيڙھيءَ در پيڙھيءَ ايامن کان زباني روايت ذريعي ھلندا پيا اچن. اِنھيءَ ڪري آڳاٽي دور جي تواريخ، واقعن، شخصيتن، ملڪي حالتن وغيره سان انھن جو واسطو ھئڻ سڀاويڪ آھي. سنڌيءَ ۾ اھڙا گھڻيئي پھاڪا ملن ٿا، جن کي جدا جدا ننڍن درجن ۾ ورھائي سگھجي ٿو.

١. واردات سنٻنڌي

سنڌو نديءَ جو وھڪرو موجوده سنڌ صوبي ۾ ڪنھن زماني ۾ اڀرندي طرف کان ڦري، الھندي پاسي ھليو ويو، اِھا تواريخي واقعو آھي. اِن سان واسطو رکندڙ ڪجھھ لوڪ ڪٿائون ۽ بيت سنڌيءَ ۾ مشھور آھن. دلوراءِ جي لوڪ ڪھاڻيءَ ۾ سندس ظلمن سببان ھن جي حڪومت ڀڙڀانگ ٿيڻ جو مکيھ ڪارڻ، سنڌو نديءَ جو رخ بدلائڻ ڄاڻايل آھي. ھيٺين بيتن ۾ بھ سنڌو نديءَ جي رخ مٽائڻ طرف اشارو آھي. اِھي سنڌيءَ ۾ پھاڪن جي روپ ۾ مشھور آھن ۽ عام طور ماموئي فقيرن جا چيل بيت ڄاڻايا ويندا آھن:

١- ھاڪ وھي ھاڪڙو، ڀڳي ٻنڌ اروڙ،

     بھھ، مڇي ۽ لوڙ، سمي ويندا سوکڙي.

 

٢- جِم ويجھا مڙھئا، ننگر جي آڌار،

    پراڻا پرار، نوان آڏجو نجھرا.

 

اِھي بيت ھن روپ ۾ بھ مروج آھن:

 

١- ھاڪ وھندو ھاڪڙو، ڀڄندي ٻنڌ اروڙ،

    بھھ، مڇي ۽ لوڙھھ، سمي ويندي سوکڙي.

 

٢- ننگر جي آڌار، متان ويجھو مڙھئا،

     پراڻا پرار، نوان اڏجئو نجھرا.

اِنھن بيتن جي پھرين ڏنل پڙھڻي نبي بخش خان بلوچ مقرر ڪئي آھي. ھن صاحب اِنھن سان واسطو رکندڙ ڳالھين کي ھن ريت سمجھايو آھي:

اندازن چوٿين صدي ھجريءَ جي وچ ڌاري، اروڙ وٽان درياءَ جي رخ ۾ ڦيرو آيو. جنھن سببان درياءَ جو مکيھ وھڪرو ڦري، بکر وٽان ۽ پوءِ ھيٺ سيوھڻ ۽ ٺٽي طرف کان ٿيڻ لڳو ۽ اڳئين مکيھ درياءَ ھاڪڙي (اڀرندي ناري) ۾ پاڻي گھٽجڻ لڳو. اِن بعد ايندڙ ٽن سون سالن ۾- يعني اٺين صدي ھجري (١٤ صدي عيسوي) جي وچ ڌاري، سڄو درياءُ پلٽ کائي بکر ۽ سيوھڻ وٽان وھڻ لڳو ۽ ھاڪڙي ناري جي حيثيت فقط ھڪ فاٽ جي وڃي رھي. اِنھي ڪري ھيٺ پراڻ ۽ ھاڪڙي ڍوري وارا گھڻا پٽ غير آباد ٿي ويا ۽ ٺٽي وارو پاسو وڌيڪ سرسبز ۽ آباد ٿيو. اِھوئي سبب ھو جو سيوھڻ ۽ ٺٽي طرف جي سمن زميندارن زور ورتو ۽ وڳھھ ڪوٽ، روپاھھ ۽ عمر ڪوٽ واري سومرن جي مرڪزي ايراضيءَ جي شادابي گھٽجي وئي ۽ پڻ سومرن جي مالي حالت ڪمزور ٿيڻ لڳي. سمن جي اسرندڙ طاقت جي مقابلي ۾ سومرن جي پوئين حاڪم ھمير پٽ دودي کي سلطان فيروز شاھ تغلق جي طرفان ملتان ۽ گجرات جي گورنرن مدد پئي ڪئي، ۽ سنڌ ۾ سومرن جا گھڻگھرا پڻ اِنھن اميدن تي پئي تڳيا، جيڪي اِنھن بيتن ۾ ظاھر ڪيل آھن، يعني تھ-

١-   شال ھاڪڙو درياءَ وري ڇوٽ وھي! اروڙ ٻنڌ ڄاڻ ڀڳي! پوءِ (ٺٽي- سيوھڻ طرف سمن يا سندن سردار) سمي ڏانھن بھھ، مڇي ۽ لوڙھھ سوکڙي ٿي ويندا (ڇاڪاڻ جو درياءُ ھاڪڙي واري وھڪري مان سير ڪري وھندو ۽ ٺٽي واري پاسي ايترو پاڻي ڪونھ ويندو، جو اِتي بھھ، مڇي ۽ لوڙھھ ٿين.)

٢-     اي ماڙھئا! (سمن جي نئين وسايل) ٺٽي شھر (جي شاھوڪاري ۽ رونق) جي اسري متان وڃي ان طرف ويھو (جو اتي پاڻي بھ ڪونھ ملندو؛ ھاڪڙو درياءَ ڄاڻ وري ڀرجي وڙھو، اِنھيءَ ڪري چڱو ائين ٿيندو تھ) پر ان جي پريان وڃي پنھنجا نوان گھر اڏيو (جتي وري وڏيو آباديون ٿينديون).

بابرڪت شيخ پٺو، ھڪ مئو، ھڪ ٽٺو.

ھي پھاڪو بھ، سمن جي اوائلي دور جي ھڪ واقعي سان لاڳاپو رکي ٿو. دھليءَ جو بادشاھھ محمد تغلق سنڌ تي چڙھائي ڪري آيو، پر عيسوي سن ١٣٥١ع ۾ ٺٽي جي ٻاھران بيمار ٿي گذاري ويو. ان بعد سن ١٣٦٥ع ۾ سلطان فيروز شاھھ ٺٽي تي چڙھائي ڪئي. پر سندس لشڪر ۾ رسد جي ڪمي ٿي پيئي ۽ گھوڙن ۾ وبا جي بيماري ڦھلجي ويئي. اِن ڪري سلطان ڪوچ ڪري گجرات طرف ھليو ويو. ان تي سنڌ جي لشڪر ۾ خوشيءَ جو مٿيون نعرو پھاڪي جي صورت ۾ مروج ٿي ويو. شيخ يا پير پٺو ڏک سنڌ ۾ ان زماني درويش ھئو، جنھن جي دعا سان ھي مصيبتون سنڌ تان ٽري ويون.

٢. خاص شخص ۽ راڄ گھرائڻ سنٻنڌي

چوڏھين عيسوي صديءَ جي آخري دور ۾ سنڌ ۾ سمن جي حڪومت ھئي. سن ١٣٧٥ع ڌاري ڄام جوڻي جي سازش سببان، ڄام تماچي کي دھليءَ ۾ نظربند ڪيو ويو ۽ ڄام جوڻو، علاولدين جي خطاب سان سنڌ جو حڪمران ٿيو. پر سندس راڄ جي ماڻھن جي ساڻس ڪابھ دلي محبت ڪانھ ھئي. ڄام جوڻي اٽڪل ١٣٧٥ع کان ١٣٨٨ع تائين راڄ ڪيو. ان بعد ڄام تماچي آزاد ٿي واپس سنڌ ۾ پھتو. ھن ڄام جوڻي کي ھٽائي حڪومت جون واڳون پنھنجي ھٿ ۾ ڪيون. اِنھن شخصن سان واسطو رکندڙ درويش جا چيل ڪي بيت بھ سنڌيءَ ۾ پھاڪن طور مشھور آھن:

جوڻو، مت اوڻو، ڄام تماچي آءُ،

سٻاجھي ٻاجھھ پيئي، تو سين ٺٽو، راءُ!

(ھي بيت شيخ حماد جو چيل آھي. ڄام تماچيءَ کي دعا ڪندي، ھو چوي ٿو تھ ڄام جوڻو مت جو اوڻو يعني گھٽ (عقل وارو) آھي، جنھن اھڙو ڪڌو ڪم ڪيو. اي ڄام تماچي تون جلد اچ. توتي ڌڻيءَ جي مھر آھي. سڄو ٺٽو توسان گڏ آھي.

اِنھيءَ سلسلي ۾ درويش نوح ھوٿياڻيءَ جي بھ ساڳي معنيٰ واري دعا مشھور آھي:

جوڻو وڃي جھوري ماريو،

جام تماچي شھرين چاڙھيو.

جيئن تھ اِھي درويش ان دور جا آھن، تنھن ڪري اِھي پھاڪا بھ چوڏھين عيسوي صديءَ جي آخري سالن جا ليکبا.

ميرن جي گھران ڦٽي

يا

ميرن کي گھر مان لڳي

- اِھي پھاڪا ميرن جي گھرو ڦوٽ جي ياد ٿا ڏيارين، جنھن جو فائدو وٺي سر چارلس نيپئر سن ١٨٨٣لع ۾ سنڌ تي قبضو ڪيو.

آيا مير، ڀڳا پير پھاڪي جو اشارو

سنڌ ۾ ڪلھوڙن جي حڪومت جي خاتمي ۽ ميرن يا ٽالپرن جي حڪومت شروع ٿيڻ طرف آھي. سنڌ ۾ ڪلھوڙن جي صاحبي ١٧٠١ع کان ١٧٨٢ع تائين ھلي. ان بعد ميرن جي حڪومت شروع ٿي. ڪلھوڙن کي ماڻھو پير بھ ڪري سڏيندا ھئا ۽ سندن ڪيترائي مريد ھئا. اِنڪري ھتي پير جو مطلب ڪلھوڙن سان آھي.

٣- اڳوڻين حالتن سنٻنڌي

ڪيترن پھاڪن مان سنڌ جي اڳوڻين حالتن طرف بھ اشارو ملي ٿو.

جيئن تھ:

پارسي گھوڙي چاڙھسي

يا

پڙھي پارسي وڪڻي کڙ تيل، ڏسو ھي قسمت جو کيل

- اھي پھاڪا مسلمانن جي حڪومت ۾ پارسي ٻوليءَ جي اھميت توڙي پارسي دان عالمن جي اوج طرف اشارو ڪن ٿا.

انگريزن جي بادشاھيءَ تان سج لھي ئي ڪونھ

پھاڪي مان اِن حقيقت طرف اشارو آھي تھ ڪنھن زماني ۾ انگريزن جي حڪومت تمام وسيع ھئي. سندن حڪومت جي ڪنھن نھ ڪنھن ڀاڱي تي ھر وقت سج جي روشني ھوندي ھئي.

٤. لوڪ ڪٿائن سٻنڌي

مڪاني لوڪ ڪٿائون ۽ نيم تواريخي قصا ڪيترن ئي پھاڪن کي جنم ڏين ٿا. جيئن تھ،

عمر وٺي وٺي مارئي وٺندو، ٿر تھ ڪين ٿيلھيندو؟

اِن پھاڪي جو بنياد عمر مارئيءَ جو مشھور قصو آھي.

چنيسر جي راڄ ۾ لکين ليلائون

پھاڪي جو آڌار ليلا چنيسر جي لوڪ ڪٿا آھي.

دلوراءِ جي نگري جان ناس ٿي ويندو

اِنھيءَ جو اڌار دلوراءِ جو نيم تواريخي قصو آھي.

ٻارن يج نصيحتت آميز آکاڻين بھ گھڻن ئي پھاڪن کي جنم ڏنو آھي.

مثال طور،

گدڙ ڊاک نھ پڄي آکي ٿو کٽا

پھاڪي جو بنياد گدڙ ۽ ڊاک جي منھن واري آکاڻي آھي. جنھن ۾ گدڙ ڊاک جا ڇڳا ھٿ نھ ڪري سگھڻ، بعد، نيٺ نااميد ٿي چوي ٿو تھ اھا ڊاک مون کي ڪانھ کپي، ڇاڪاڻ تھ کٽي آھي.

اھا ڪڪڙ ئي مري ويئي، جا سونا آنا ڏيندي ھئي

ان پھاڪي جو واسطو ان آکاڻيءَ سان آھي، جنھن ۾ ھڪ ٻڍيءَ عورت لالچ وس ٿي سڀيئي آنا ھڪ ڏينھن حاصل ڪرڻ جي خيال کان ان ڪڪڙ کي ڪٺو، پر کيس ھڪ آنو بھ حاصل نھ ٿيو. ان تي ھوءَ پنھنجي ڪيتي تي پڇتائڻ لڳي.

ڪڄا راجا ڀرڄ ڪڄا گنگو تيلي؟

يا

ڪٿي راجا ڀوڄ ڪٿي گنگو تيلي،

اھو پھاڪو نھ فقط سنڌيءَ ۾ پر ٻين بھ ڪيترن ئي ڀارتي ٻولين ۾ مشھور آھي. ٻن شخصن جي وچ ۾ گھڻو فرق ڏيکارڻ لاءِ ان پھاڪن جو استعمال ڪيو ويندو آھي. ڀارت جي اتھاس ۾ ڀوڄ نالي سان گھڻئي راجائون ملن ٿا. ھن پھاڪي ۾ ڪھڙي راجا ڀوڄ جو ذڪر آھي، ان باري ۾ عالمن جي راين ۾ گھڻو اختلاف آھي، ساڳيءَ طرح، گنگو تيلي ڪير ھئو، - ان جي پوري سڃاڻپ نھ ٿي سگھي آھي.

مھاراشٽر واڪ سمپردايھ ڪوش جي سمپادڪن (مرتبن) داتي ۽ ڪروي جي ويچار ۾ ھن پھاڪي ۾ پرمارونش جي راجا منج طرف اشارو آھي، جيڪو ڀوڄ جي نالي سان بھ مشھور ھئو. کيس گنگ راج تيلپ (٩٧٣-٩٩٧ع) ھڪ جنگ ۾ ماري ڇڏيو. انھيءَ جي نالي جو بگڙيل روپ تيلي آھي. ڀانڊار ڪر اسنٽيٽيوٽ پوني جي اڳوڻي ڪيوريٽر شري پي ڪلي گوڊي ھن پھاڪي جو بنياد سنسڪرت قلمي نسخن ۾ مليل ھڪ جھوني لوڪ ڪٿا ۾ ڏيکاريو آھي. ان ۾ ڏيکاريل آھي تھ اجين جي راجا ڀوڄ پنھنجيءَ درٻار ۾ ھڪ گھمنڊي ودوان کي بحث مباحثھ ۾ ھڪ رواجي تيليءَ ھٿان شڪست ڏياري ھئي.

مولانا نياز فتح پوريءَ ھن پھاڪي جو بنياد ان لوڪ ڪٿا ۾ ڄاڻايو آھي، جنھن ۾ ڏيکاريل آھي تھ، مالوا ۽ گجرات جي راجا ڀوڄ پنھنجيءَ ڌيءَ جي شادي ھڪ رواجي تيليءَ سان ڪرائي ڇڏي، جنھن ديپڪ راڳ ڳائي راجا جي محل جا چراغ روشن ڪري ڏيکاريا ھئا. ان طرح، ھن شرط پورو ڪري راجڪماري حاصل ڪئي.

 

قدرتي ماحول، وڻن ٽڻن ۽ پسن پکين سنٻڌندي

انسان قدرت جي گود ۾ پلجي ٿو. وڏن شھرن ۾ رھ ندي پڻ ھو قدرتي ماحول جي اثر ھيٺ اچي ٿو. وڻ ٽڻ، پسون، پکي بھ سندس روزمره جي آزمودي جي دائري ۾ اچن ٿا. اِنڪري ھر ھڪ ٻوليءَ ۾ اِنھن بابت اسان کي گھڻيئي پھاڪا ملن ٿا. سنڌيءَ ۾ بھ اھڙي قسم جا پھاڪا جھجھي تعداد ۾ ملن ٿا. انھن جا ڪجھھ مثال ھتي ڏجن ٿا.

الف: آب ھوا ۽ موسم

- اتراڻ اتريو، اڌ سيارو ڪتريو.

(اتراڻ يا مڪر اسنڪرانت پوھھ جي مھيني ۾ ٿيندو آھي. ان بعد سنڌ ۾ سيءَ گھٽجڻ شروع ٿيندا آھن)

- ڦڳڻ ڦولاريو، راتيان سيارو، ڏينھان اونھارو.

(پڳڻ يعني مارچ جي مھيني ۾ رات جو ٿڌ محسوس ٿيندي آھي، پر ڏينھن جو چڱي گرمي شروع ٿي ويندي آھي)

- ڏکڻ مينھن نھ وسڻا، جي وسي تھ ٻوڙي، ڪانئر ڌڪ نھ ھڻڻا جي ھڻي تھ جھوري

(سنڌ ۾ اڪثر ڪري ڏکڻ اولھھ طرف کان برسات نھ ايندي آھي، پر جي اِن طرف جي برسات پيئي تھ چڱي ٻوڙ ٻوڙان ڪري ڇڏيندي آھي)

- سياري ۾ سيءَ پوي آڙھڙ ۾ آرايون، سند ڪنھين ۾ ڪونھ ڪو، ڪنھن کي سارھايون.

(سنڌ ۾ خاص طور اتر سنڌ ۾ سردي ۽ گرمي ٻئي گھڻيون ٿينديون آھن، جيڪي پريشان ڪندڙ آھن)

- وسي تھ ڪوھھ نھ تھ روھھ

(ڪوھستان وارو سنڌ جو علائقو برسات ۾ سھڻو لڳندو آھي، نھ تھ اھو بٺ ملڪ آھي)

- وٺو تھ ٿر، نھ تھ بر.

(ٿر ۾ برسات پيئي تھ سڄو علائقو سکيو ستايو ۽ سندر بڻجي پوي ٿو، نھ تھ اھو ريگستان آھي)

ب: وڻ ٽڻ ۽ ٻوٽا گاھھ

- اڪ کان الله رکي.

(خراب ماڻھن يا مصيبتن کان ڀڳوان بچائي)

- اڪن کان ٿو انب گھري ۽ ٻٻرن کان ٻير.

(جنھن مان ڪنھن ڪم ٿيڻ جو آسرو نھ ھجي، ان ۾ اميد رکجي)

- انبن سندو ساءُ، ڪٿان اچي اڪٽٽڙن مان.

- آمون ڏھھ گامون

(انب جا وڻ ھڪ ٻئي کان پري چڱي مفاصلي تي پوکبا تھ ڦل جھجھو ڏيندا)

- اندر ٻڏ ٻھون، ٻاھر آٽڻ ان جو.

(ٻڏ = لاڙ ملڪ ۾ پيدا ٿيندڙ ھڪ گاھھ جي پاڙ، جنھن کي ماڻھو ڏڪار  ۾ اناج نھ ملڻ ڪري، پيھي اٽو ڪري کائين،  ٻڏ جي اٽي کي چاھي ڪڻڪ جي اٽي جو آٽڻ لڳائبو، تڏھن بھ ان جو سواد نھ بدلبو.)

- انبان ٻور، ڪلالان لاھا.

(انب جي وڻ ۾ پھرين ٻور جھجھو نظر ايندو آھي، جيڪو ھوا ۾ ڇڻي ويندو آھي ۽ ڦل تمام گھٽ ملندا آھن. ساڳيءَ طرح، ڪلال جي ڪماڻي ڏسڻ ۾ گھڻي اڍي، پر اوڌر- سوڌر ۾ ختم ٿي باقي ٿوري وڃي بچي)

- لنب، مکڻ چنب

(ٿر ۾ لنب نالي گاھھ پيدا ٿئي ٿو، اھو جڏھن کير ڏيندڙ چوپايو مال کائي ٿو، ان جي کير مان مکڻ جي چنبو يعني جھجھو مکڻ نڪري ٿو.)

- سھنا ٽوھھ پٽن ۾ گھڻا

(ٽوھھ ھڪ جھنگلي ول ۾ پيدا ٿيندڙ ڦل آھي، اھو گدري کان بھ وڌيڪ سھڻو نظر ايندو آھي، پر سواد ۾ تمام ڪوڙو ھوندو آھي، ٻاھران جيڪو سٺو نظر اچي، پر اندر ۾ برو ھجي، تنھن لاءِ چئجي.)

ٻ: ميوا، ڀاڄيون

- ڏياريءَ ڏيئو ڏٺو، ننڍو وڏو چڀر مٺو.

- گولاڙو ڳئيان پچي.

(گولاڙو جھنگلي ول جو ھڪ ميوو آھي؛ جيڪو ٻين ڦلن جي ابتڙ يعني ڳئيان ھيٺيان پچندو آھي.

- پلي سيري کان بھ ڀلي، سيري ۾ نھ ساءُ، پلي گوڏا کوڙي کاءُ.

(پلي = گاھھ جو ھڪ قسم جيڪو کاڌي جي ڪتب اچي ٿو)

- ڄٽ بکيو موري کائي، موري بک گھڻيئي لائي

(موري پاڻ دير ھضم آھي، پر ٻئي کاڌي سان گڏ کائڻ تي پاڻ بک کي واڌائيندي آھي)ڱ

- واڱڻ ڪن کي وائي، ڪن پيٽي

(واڱڻ ڪن کي وائي سور پيدا ڪن تھ ڪن کي ڀاءِ پون)

- انبن جون سڪون انبڙين مان نھ لھن.

پ: پسون پکي، جيو جنتو

پسون اٺ جي وات ۾ وڻ وجھھ تھ بھ رڙي، ڳڙ وجھھ تھ بھ رڙي.

- اٺن جا بار ڪي گڏھ کڻن.

- اٺ پنھنجي مٽ ۾ ترڪي.

- ڪتو ڇا ڄاڻي ڪڻڪ جي مانيءَ مان

- ڪتو ڪڙم جو ويري.

- ٻڪري کير ڏئي ڦولھڙين گاڏر.

- اٺ چري ٻٽيھھ تھ ٻڪري چري ڇٽيھھ.

- ڪا نياري ٻلي ڪوئي سندي (جي) جوءِ.

- کيرتيءَ گانءِ جي لت بھ ڀلي.

- ٻھ شينھن ٻيلي ۾ نھ ماپن (رھن).

پکي: - مادي ڪڪڙ بھ ڪڏھن ٻانگ ڏني آھي؟

- ڪانگ کي لڙ ۾ لانو (مزو).

- سياڻو ڪانءُ ٻھ ٽنگو ڦاسي.

- مور گھڻو ئي سھڻو، پر سندس پير ونگا.

جيت: - مڱڻ ڏانڊيد، ڪارڙي ٽانڊي، مڱ پچي ڪارڙو مچي، مڱ لئو ڪارڙو مئو.

(ڪارڙو = ھڪ تر کان بھ ننڍو ڪارو جيت جيڪو لاڙ ۾ ٿيندو آھي، مڱن جي پوک ۾ پيدا ٿئي ۽ مڱن جي لاباري ۾ ناس ٿي وڃي)

- ڪيليءَ کي ڪڻ، ھاٿي کي مڻ.

- ککر ۾ کڙو نھ ھڻجي.

- گنجي جي مٿي ۾ نڪا جون نڪا ليک.

- جتي ڳڙ ھوندو اتي مکيون ضرور اينديون.

- ڏٻري ڍور کي مڇر بھ گھڻا.

کيتي ٻاريءَ سنٻنڌي

- جي وسي چيٽ، تھ ان نھ ماپي کيٽ

(چيٽ جي برسات وسي تھ اناج جام پيدا ٿئي)

- اتم کيتي وڌندڙ واپار، نيچ نوڪري، پنڻ بيڪار.

- ڪلر منجھان ڪين ٿئي، توڙي جال پيارينس جر.

- ڪني ڦرائجي پر ٻني نھ ڦرائجي

- زمين کري تھ اڪ ڪري.

- پوک ڪڻو تھ ٿئي گھڻو.

- پوکين تان ڪي پوک جيسين پاڻي اٿيئي ٻار ۾.

- ڀاڻ تھ کيتي، نھ ڪوري ريتي.

- جتي ھر تتي گھر، جتي ماني تتي ماڳ.

- کيتي سر سيتي.

- اڳي بھ ان ھئو، پوءِ بھ ٿيو ان، ڪانو ۽ پن، ويو وچئون نڪري.

 

سماجي سرشتي سٻنڌي

گڏيل ڪٽنب ۽ رشتيدارن سنٻنڌي

سماجي سرشتي جو ننڍي ۾ ننڍو ايڪو آھي ڪٽنب يا آڪھھ ڪو زمانو ھئو، جڏھن گڏيل ڪٽنب جو رواج ھئو. ھڪ ئي چلھھ تي پنجاھ سٺ ڀاتين جو کاڌو ٺھندو ھئو، وقت گذرنديد جدا جدا ڪارڻن ڪري اِھو رواج ويو گھٽبو. اڄ ڪالھھ جي حالتن ۾ جڏھن ھڪ ئي ڪٽنب جا ڀاتي روزگار سانگي الڳ الڳ ھنڌن تي وڃي نوڪريون ڪن ٿا، تڏھن گڏيل ڪٽنب جو ڍانچو گھڻ ڪري ٽٽي پوي ٿو. ڪٽنب جا جدا جدا ڀاتين سان ۽ ٻين رشتيدارن سان واسطو رکندڙ پھاڪا ھر ھڪ ٻوليءَ ۾ گھڻي تعداد ۾ ملن ٿا. ھتي اِنھيءَ قسم جي سنڌي پھاڪن جا ڪجھھ مثال ڏجن ٿا:

الف: برادري يا نيات

- ڪڙم قبيلي کان شل ڪو ڪتو بھ ڌار نھ ٿئي.

- پنھنجا وري بھ پنھنجا.

- رت ھميشھ دانگيءَ ڏي (تي بھ) ورندو آھي.

- نيات آھي گت گنگا.

- پيو پر، ويو گھر.

- ڀت پيئي، وٿ پيئي.

 

ب: پنھنجي گھر جو سک

- پنھنجو گھر داتا جو در.

- پنھنجي گھر جھڙي ڪا ٻي بادشاھي؟

- جو سک اپني چوٻاري ۾، سو نھين بلخ بخاري ۾.

- جھنگ جو تتو گھر ٺري، گھر جو تتو ڪٿي نھ ٺري.

 

ب: پيءَ

- سنت اھو جو گھاءُ سھي، پيءُ اھو جو بار سھي.

- بابي جي بھار آھي.

- اب جو ڏنو ڪھڙي ڪم جو، جاسين رب نھ ڏئي.

- باپ جي کٽيءَ ۽ آپ جي کٽيءَ وڏو سنڌڳو.

 

پ: ماءُ

- بي مندو بھار، ملي ماتا جي گود ۾.

- ماءُ ڏسي پيٽ، زال ڏسي خيسا.

- ماءُ جنڊ ڪڍني، ت بھ ڌيءَ آسائتي.

- ماءُ ڄڻيندي پٽڙا، ڀاڳ نھ ڏيندي ونڊ.

 

ڀ: پٽ

- پٽ پٽيتيءَ سندو، ڏھاڙي ٻھ ھٿ وڌي.

- پراوا پٽ جي پنھنجا ٿين ھا، تھ زالون سور ئي نھ سھن ھا.

- پٽ وڻي کٽئي وارو، نھن وڻي لڌي واري.

- پٽ وڌيو سون وڌيو، ڌيءَ وڌي سئڙي لڳي.

- پٽ ڄائي کان پوءِ پٺ پڌري ٿئي.

- کاٽائو پٽ ڪاڻو بھ ڀلو.

-  پٽ ڪپٽ پينگھي ۾ پڌرو.

 

ت: ڌيءَ

- ڌيءَ ڌڻ وڌندڙ وڻ (ڌيءَ وڻ وانگر جلد وڌندي آھي)

- پيئيءَ ليئيءَ ڌيءَ ڪم اچي.

- ڄاٽي وڻ ھڪڙو ڄاٽي وڻ ٽيھھ، شال نھ ڄمي ڌيءَ جا ڏجي پرائي پٽ کي.

- ڪپاٽ پٽ کان سپاٽ ڌيءَ ڀلي.

- ڌيءَ پيڪي گھر جي ڏائڻ، ناٺي ساھري گھر جو ڪتو.

(شاديءَ بعد ڌيءَ کي پيڪن ۾ گھڻو نھ رھڻ کپي: ناٺيءَ کي ساھرن جي گھ ر۾ گھڻو رھڻ نھ گھرجي)

- ڌيءَ پاڙي اندر ساڙي، ڌيءَ دور کائي چور.

- ڌيءَ گھر جي لڇمي آھي.

 

ٿ: ڀاءُ

(١) ڀاءُ آھي ڀاءُ، پر جي ٿئي دشمن تھ ڪڍي ساھ.

(٢)    ڀائر وڍيا بھ وير نھ چئجن.

(٣)    ڀاءُ مٽ، ڀاڄائي ساھيڙي.

(٤)    ٻھ ڀائر تيون ليکو.

(٥) ڌڪ کائجي ڀاءُ لڳ شاھدي ڏجي الله لڳ.

(٦)    ڀائر ڪوٽ جا ڪنگر، پٽ گھر جي سونھن؛

ويٺا ڪن ورونھن، ڏجڻ ڏوران ئي ڏري.

 

ٽ: ناناڻا

(١) ناناڻن جي اڳيان ٿي ڏاڏاڻا ساراھي.

(٢)    ناني رڌڻ واري، ڏوھٽا کائڻ وارا.

(٣)    ناني نوري جتي ڪٿي پوري.

(٤)    ڏوھٽا وڌندي جا ويري.

(٥)     کائي پي ڏوھٽا، ڪوٺبا ڏاڏي پوٽا.

 

ٺ: زال مڙس جو رشتو

(١) ڪني ۽ وني ساھھ ڏني بھ نھ ڇڏجي.

(٢)    ڪاڻي وڻي بھ ڪانھ، ڪاڻيءَ بنا سري بھ ڪانھ.

(٣)    ڪرڪڻي ڪانڌ کان ور ويلا جھنگ ۾.

(٤)    گھوٽ ڪنوار راضي تھ ڪوھھ ڪندو قاضي؟

(٥) ور کٽيو کائجي، ور ڏٺو نھ کائجي.

(٦)    ڀولڙن کي بھ پنھنجون زالون پياريون آھن.

(٧)    راڻي جا راءِ کي وڻي.

(٨)    لڄن تان لک بھ قربان.

(٩)    سچ مرچان ڪوڙ ڳڙ، پير پيسا جوءِ گر، جيئن آکي تئين پيو ٽر.

 

ڊ: زال مڙس جو گڏجي گھر ھلائڻ

(١) مرد جي کٽي زال جي ڪيوٽي.

(٢)    مرد جي کٽي زال جي سٽي؛ جي زال ٿي چٽي، تھ مرد جي پاڙ ئي پٽي.

(٣)    گھنين زالين گھر نھ ھلي، گھڻين مردين ھر نھ ھلي.

(٤)    بيبي، نيڪ بخت تھ پائيءَ جي دال ٽي وقت؛

بيبي بدبخت تھ مھيني جي پگھار ھڪ وقت.

 

ڍ: نونھن

(١) نونھن سڀڪو ٻئي جي سارھائي، ڌيءَ سڀڪو پنھنجي سارھائي.

(٢)    نونھن آھي ٻن گھرن جو ڏيئو، پيڪو بھ ٺاري تھ ساھرو بھ ٺاري.

(٣)    ڌيئڙي سو ڪر جو ڏٺئھ ماءُ گھر، ننھڙي سو ڪر جو ڏٺئھ سس گھر.

(٤)    ڌڪ ھڻ ڌيءَ کي تھ سکي نونھن.

(٥) نونھن گھر جي لڇمي آھي.

 

چ: ناٺي

(١) پٽ پيٽئون، ناٺي اکيئون.

(٢)    ڌيءَ پيڪي گھر جي ڏائڻ، ناٺي ساھر گھري جو ڪتو.

(٣)    ڄاٽا ابتا ڏاٽا.

(٤)    ناٺي آھي ڪاٺي، پيو ھردم چڀي.

 

ڇ: مرد جا ساھرا

(١) سس ري نھ ساھرا، ساليءَ ري نھ نينھن،

چنڊ ري نھ راتڙي، سج ري نھ ڏينھن.

(٢)    سالا کائين ساليون کائين واھھ مارئي جي کٽي،

ڀائر کائين ڀينر کائين پيئي مارئي تي چٽي.

(٣)    سالا شينھن کي بھ پيارا.

 

ج: سيڻ

(١) سيڻ آھن نيڻ

(٢)    سيڻ ڪونھ ٿا ڳالھائن، ڳالھائن ٿا نيڻ.

(٣)    جن کي ڏنيون ڄايون، تن سان ڪھڙيون باھيون.

(٤)    ڏني ڄائي ڇٽي وائي.

(٥) سيڻ جو ڏنو سانوڻ جو مينھن.

(٦)    سيڻن جو ڏنو آھي اکين جو ڍؤ.

(٧)    سيڻپو، ويڻپو، ويرپو.

(٨)    جن اڳيان وار وڇايان، تن سان ڪھڙو سينو سايان.

(٩)    سيڻ تھ سڪ، نھ تھ ڇڪ.

(١٠)   سيڻ تھ نيڻ، نھ تھ ويڻ.

 

جھھ: ڏيراڻيون

(١) کھھ پيو ڏيرپو، جنھن وڃايو ڀيڻپو.

(٢)    ڪني ڪني، پر ڏيراڻيءَ نھ ڏني.

(٣)    ڏيراڻيون توڙ جون ويراڻيون.

(٤)    ڀيڻ نھ ڪجي ڏيراياڻي، ٿي پوي (نھ) ويرياڻي.

 

ج: شاديءَ جو رشتو

(١) انگ اڙيو ڇوڪرو کريو.

(٢)    پٽ پرڻيو معنيٰ پرنيو.

(٣)    ڄائو پٽ لٿي سڪ، پرڻيون پٽ پيئي ڀڪ،

(٤)    پٽ تيسين جيسين جوءِ ملي اٿس، پر ڌيءَ ھميشھ ڌي آھي.

(٥) مڱيو تھ ويو ملڪ کان، پرڻيو تھ ويو ماءُ پيءُ کان، ڄائس ٻار تھ ويو پاڻ کان.

(٦)    ڪنو وٽي، وھھ جي وٽي.

(٧)    پريو مڙس پئھ نھ ڪجي، وڃائجي نھ وھي.

ڪڻڪن ۾ لابارا پوندا تھ ماريو پوندو ڊھي.

(٨)    مڙس پوڙھو زال جوان، تنھن کي ڄاڻج ڪک جو ڪان.

 

پاڙو

ڪٽنب جي دائري کان پوءِ سماج ۾ ٻيو دائرو آھي پاڙو. پاڙيسرين ۾ مٺ محبت آھي تھ پاڙو جنت جھڙو چئبو آھي. پر جيڪڏھن منجھن ڦڪت يا اڻبڻت پيدا ٿئي ٿي، تھ پوءِ پاڙو دوزخ بنجيو پوي،. اِنھن ٻنھي حالتن تي پھاڪا ملن ٿا. جيئن تھ:

(١) پاڙو ابو امڙ آھي.

(٢)    پاڙو نبين کي بھ پيارو.

(٣)    سؤ ڏيئي پاڙو وٺجي، سؤ ڏيئي پاڙو ڇڏجي.

(٤)    جتي ويڙھا، تتي جھيڙا.

(٥) جتي باھھ ٻري، اتي جاءِ جلي، پاڙي واري کي ڪھڙو سيڪ.

 

مذھب موجب ورڇ

ڀارتي سماج ۾ مذھب جي آڌار تي مکيھ ٻھ درجا آن، ھڪڙا ھندو ٻيا مسلمان. ٻنھي ۾ وري ذاتين ۽ وڏ ننڍائيءَ موجب گھڻيئي ننڍا ننڍا درجا آھن، جن تي چڱي تعداد ۾ پھاڪا ملن ٿا. اھڙن پھاڪن جا ڪجھھ مثال ھن ريت آھن:

الف: ھندو ۽ مسلمان

(١) ھندو ۽ مسلمان ٻئي پوٽا ھڪ ڏاڏي جا.

(٢)    ھندو آھن ھوند تي.

(٣)    واڻيو وڙھي ويسيءَ سان

(يعني کاڌي پيتي ۾ ڪنجوسي ڪري ناڻو جوڙي ٿو)

(٤)    واڻيو اڏي کڏ مٿان کڏ، ڄٽ اڏي چڏ مٿان چڏ.

(واڻيو ڪمائي ٿو تھ جايون جڳھون اڏائي ان ۾ پيسي جي سيڙپ ڪري ٿو. ٻئي طرف، ھوند وارو مسلمان وري گھڻيون شاديون ٿو ڪري)

(٥) ميمڻ وڇي مڪي، تھ بھ سير ساھمي (وٽ تاراجي) تڪي.

(٦)    ميمڻ وڃي مڪي، تھ بھ وٽ سندس کوٽا.

(٧)    چانڊيا چور، شابراني (شباڻي) شاھد.

(٩)    گھر ڄائي، گھر ۾ ئي ڏجي.

(مسلمانن ۾ شاديون ويجھن عزيزن ۾ ٿين ٿيون، اِن طرف اشارو)

(١٠)   ميان (ملان) جي ڊوڙ مسيت تائين.

(١١)   ڄٽ جي دمڙي ڇني چمڙي، واڻئي جو سؤ ڪونھي ڀؤ.

(١٢)   ڄٽ پڙھيو، الله اڙيو.

(١٣)   ڪر ڀلائي ڄٽ سان، ڦيري ھڻيئي پٽ سان.

(١٤)   ڪامورو وڙھي قلم سان، ڄٽ وڙھي ڌڪي سان.

ب: ملا ۽ قاضي

(١) نئون ملو زور سان ٻانگ ڏيندو آھي.

(٢)    ملو چور ٻانگو شاھد.

(٣)    منھن ۾ ملو دل ۾ ڪاسائي.

(٤)    ملو مئو، مھابو لٿو.

(٥) قاضي ڄاڻي، قيامت (قيام) ڄاڻي.

(٦)    قاضي رشوت تي راضي.

ٻ: ٻانڀڻ

(١) ٻانڀڻ ٻنھن لاءِ محتاج.

(٢)    براھمڻ جو وچن سورج جي ساکيا.

(٣)    مورک ٻانڀڻ، ٻھ ٻارسيون.

(٤)    بڊو پنو، ٻانڀڻن چاڙھيو ڪنو، تھ ڪانون ويھي رنو.

(٥) مئي تٿ ٻانڀڻ بھ نھ واچي.

(٦)    سنتو کي براھمڻو سکي.

ڌنڌي مطابق ذاتيون

(١) ذات بھ تيلي سينڌ بھ ملي.

(٢)    ڪٿي راجا ڀوڄ، ڪٿي گنگو تيلي.

(٣)    تيليءَ جو تيل سڙي، مشعالچيءَ جي گانڊ سڙي.

(٤)    ھلڪڙي ذات حجم جي ٺڪر کي ٺنگو.

(٥) ڪنڀر جي گھر ٻٽو دلو.

(٦)    ڪنڀر ڪنڀارڻ سان نھ پڄي، تھ گڏھھ جا ڪن مروڙي.

(٧)    ڌوٻيءَ جو ڪتو، نھ گھر جو نھ گھاٽ جو.

(٨)    ڌوٻيءَ جي گھر پيا چور، ھو نھ مٺو مٺا اور.

(٩)    ڌوٻيءَ جي گھران ويئي ڇو (شو).

(١٠)   سونارو ماءُ جي نٿ مان بھ نھ ٽري (مڙي)

(١١)   شير نھ ڏيکيا ڏيک ٻلاڙا، چور نھ ڏيکيا ڏيک سونارا.

(١٢)   سوناري جا سؤ ڌڪ لوھار جو ھڪ ڌڪ.

(١٣)   لکيا لوھارن کي ٽڪر ۾ ٽانڊا.

(١٤)   موچيءَ جا گھڙيا موچيءَ جي منھن ۾.

(١٥)   موچڪي رنبي حلال ۾ بھ وھي تھ حرام ۾ بھ وھي.

(١٦)   ڪوري کڏ کڻي، پر پاڻ ان ۾ پوي.

(١٧) ڪوري ھڻي تڙو، تھ ٿئي نھ دڙو.

(١٨) نھ سٽ نھ ڪپاھھ، ڪورين ۾ لٺيون ڌڪا.

سرڪاري عملدار

(١) آفيسر جو اڳ ۽ گھوڙي جي پٺ ڪڏھن نھ وٺجي.

(٢)    حاڪم جي ياري، ٻھ آڱر ٽاڪ ٻي سڀ واري.

(٣)    ديوان جو دم دمڙيءَ جي دال تي.

(٤)    سيد ۽ سپاھي تن کان رکج يا الاھئي.

(٥) عامل (سپاھي) نھ دوست، ڦڦڙ نھ گوشت.

(٦)    ڪامورو معنيٰ ماڪوڙو، جي چنبڙيو تھ مئي بھ نھ ڇڏي.

(٧)    حڪيمين ۽ حاڪمين شال نھ ڪو تات پوي.

يا حڪيمين ۽ حاڪمين شل ڪنھن کي ڌڻي نھ وجھي.

 

زندگي ۾ ناڻي جي اھميت

ھر دور جي سماج ۾ ناڻي کي گھڻي اھميت ڏني ويئي آھي. ناڻو سماجي سرشتي جو مکيھ انگ بڻجي ويو آھي. اِن ڪري پيسي جي مھمان ۾ چڱي تعداد ۾ پھاڪا ملن ٿا. مثغال طور،

(١) اٿ بھ ناڻو، ويھھ بھ ناڻو، ناڻي بنا نر ويڳاڻو.

(٢)    جنھن جي گنديءَ ۾ داڻا، تنھنجا چريا بھ سياڻا.

(٣)    شاھوڪار جو ٽٽ بھ کستوري

(٤)    لڇمي، ڪلڇڻ ڍڪڻي.

(٥) مايا اچي تھ انڌو ڪري، وڃي تھ چيلھھ ڀڃي.

(٦)    سڀڪو بيٺي جو يار آھي.

(٧)    سون سؤ ورھئين بھ سوايو.

(٨)    سون کي ڪھڙي ڪس.

(٩)    مايا ميڙ مڪر سان، ماني کاءُ شڪر سان.

(١٠)   پئکسي پلو مھانگو، رپئي پلو سھانگو

(جڏھن ناڻو ڳنڍ ۾ آھي، تڏھن مھانگي شيءَ خريد ڪرڻ ۾ ڪو ويچار نٿو ڪجي)

 

جيون درشن، لوڪ وھنوار ۽ نيتيءَ سنٻنڌي

ھر ھڪ ٻوليءَ ۾ اھڙاپھاڪا چڱي تعداد ۾ ملن ٿا، جن ۾ جيون جي فلاسافي، لوڪ وشواس، نيتي اديش، لوڪ وھنوار، وغيره بابت اظھار يا ھدايت ھوندي آھي.ا ِن حصي جي پھاڪن جا ڪجھھ مثال ھن ريت آھن:

الف:  ايشور (خدا) جي ھستيءَ ۾ اعتقاد

(١) ڪک پن ۾ پاڻ وسي ٿو.

(٢)    ڪول کي ڪڻ، ھاٿيءَ کي مڻ.

رازق سڀ ڪنھن کي رزق رسائي ٿو.

(٣)    سر سر رزق سنباھي ٺاڪر.

(٤)    جنھن کي رب رکي، تنھن کي ڪير چکي.

(٥) ڏس آگي جا اسرار، جو عيب دار اڳي ڪري.

(٦)    عيبن کان آجو ھڪ الله.

(٧)    جيڏانھن ڪريان پرک، تيڏانھن صاحب سامھون.

ب: قسمت يا ڀاڳ ۾ وشواس

(١) سڀ داڻي پاڻيءَ جي اختيار آھي.

(٢)    تقدير اڳيان ڪھڙي تدبير.

(٣)    جيڪي ھوندو ڀاڳ ۾، سو وھي پوندو پاڳ ۾.

(٤)    ڪرم ھيڻ کيتي ڪري، بلد مري يا ٽوٽا پڙي.

(٥) ڪنھن جي ڀاڳ سان ڪا ريس.

(٦)    روپ روئي ڪرم کائي.

يا سونھن سڪي قسمت کائي.

ٻ: دنيا فاني آھي

(١) ڪڏھن ڳاڙھو گھوٽ، ڪڏھن مڙھھ مقام ۾،

واريءَ سندو ڪوٽ، اڏيو اڏبو ڪيترو؟

(٢)    ڪوڏر ۽ ڪاني آھي سر ھر ڪنھين.

(٣)    ماڪ جي قطري جئان ٿي زندگي انسان جي.

(٤)    گھوڙن ۽ گھوٽن جيئڻ ٿورا ڏينھڙا

پ: نيتي وچن

(١) ري پنھنجي کٽيءَ سڀر ٻري نھ باھھ.

(٢)    خون ۽ کستوري ڳجھو نھ رھي.

يا خون ۽ کستوري لڪائي نھلڪي.

(٣)    اڄ جو ڪم سڀاڻ تي نھ وجھجي.

(٤)    ڀت، ننھن تي پاڻي آھي.

(٥) اندر ڌوتو ئي نھ آھي ڌوئي ٿو ڌاڳا.

(٦)    من نھ ٿيو مسلمان، ڪلمو پڙھيو تھ ڇا ٿيو.

(٧)    انڌن وڃي ملتان لڌو آ.

(٨)    زبان شيرين، ملڪ گيري.

(٩)    ڪچيءَ ڪنا نھ وريا تھ پڪيءَ ڇا ورندا.

(١٠)   ڪم کي ڪم سيکاري.

 

ٻين موضوعن تي پھاڪا

ھتي جن مکيھ موضوعن تي پھاڪن جا مثال ڏنا ويا آھن، انھن کان سواءِ ٻيا بھ گھڻيئي ننڍا ننڍا موصوع آھن، جن تي پھاڪا ملن ٿا. حقيقت ۾ ڏسجي تھ اِنسان جي وھنواري زندگيءَ ۾ جو اھڙو ڪو پھلو مسڪل ملندو، جنھن تي پھاڪمو چيل نھ ھوندو اِنھيءَ ۾ کل ڀوڳ، طعنا طنڪا، ويس وڳا، کاڌا پيتا، ريتون رسمون، ساٺ سوڻ، وغيره گھڻيئي پھلو شامل آھن، جن تي پھاڪا چيا ويا آھن. مثال طور:

- ڏھھ ڪري ڏپياري تھ ھرچند ڪري ھولي (وڏا ڏڻ)

- مئي جو ڏيئو ڏھھ ڏينھن (رسم)؛

- ستي نھ چڙھي ڏاگھ تھ ٿئي ڪتن ڪانون ھاب (رسم)؛ پنجابي ايڪ تھ ڀاوين ڏون، پنجابي ڏون تھ جھڳائي جھون. (ڪن خاص علائقن جا ماڻھو)؛

- انڌر رکن روزا تھ ڏينھن بھ ٿين وڏا؛

- انڌي رن ڀونڊي ۾ خوش؛

- ڪاڻا سوامي نمسڪار، چي بابا وڙھڻ جا پار (وڏ وارن ماڻھن جو حوالو)؛

- کدڙي جي ڪمائي، ڏاڙھي مڇ جي صفائيءَ ۾ ويئي.

- شيرو ٻلو شاھھ جو نھ پيءُ جو نھ ماءُ جو؛

- ڏندن ڀڳي ڏيڏري کائي ڪچا ڪوئا. (کل ڀوڳ)؛

- جيڪو ڪري گيھھ سو نھ ڪري ماءُ پيءُ.

- ان وڏڌائي کوپري (کاڌا پيتا)

 

فاحش پھاڪا

ھر ھڪ ٻوليءَ ۾ فاھش ۽ گارين وارن پھاڪن جو بھ تعداد چڱو آھي،  جيتوڻيڪ انھن جي استعمال جو دائرو ڪن خاص طبقن جي ماڻھن تائين محدود ھوندو آھي. اھڙا پھاڪا گھڻو ڪري لکيل ۽ اوچي درجي جي ساھت ۾ ڪتب نھ آندا ويندا آھن. پر وھنوار زندگيءَ ۾ ڪن خاص طبقن جا ماڻھو جڏھن انھن جو استعمال ڪندا آھن، تھ اڳلي جو منھن وڃي ڀت سان لڳندو آھي. اِنھيءَ قسم جي پھاڪن کي بھ اثرائتي ۽ سڀاويڪ اظھار جي لحاظ کان نظر انداز نٿو ڪري سگھجي. اِن ڪري فلمن جي گفتگوءَ ۾ يا ادب ۾ ڪن خاص طبقن جي ماڻھن جي ڪردار نگاريءَ ۾ اھڙن پھاڪن جو استعمال ڪرڻ سان زمان ۽ مڪان جي خاص ماحول کي چٽڻ ۾ گھڻي مدد ملي ٿي. اھڙن پھاڪن جا ڪجھھ مثال آھن:

- ٿڪ بھ کدڙي جي، تھ ڳئي بھ کدڙي جي.

- وڌو لن قاضيءَ بھ نھ ڪڍيو.

-واڻيو اڏي کڏ مٿان کڏ، ڄٽ اڏي چڏ مٿان چڏ.

- چڏ ڀاءُ کائي چورما، لن ڀاءُ کائي لپاٽون.

- جن کي چڏن ۾ پير، سي کائين کنڊون ۽ کير،

جن کي چڏن ۾ پيلا، سي کائين ڌڪا ۽ ٿيلھا.

(مطلب تھ سماج ۾ مرد جي ڀيٽ ۾ عورت کي مان مرتبو، نوڪري، وغيره ملڻ ۾ آساني آھي.)

- ٿلھيءَ ڳئيءَ ٿڪ ناھي.

(وڏن ماڻھن جيڪڏھن ڪو آجوڳو ڪم ڪيو، تھ کين ڪوبھ چئي يا ورجائي شرمسار ڪرڻ جي ھمت نھ ڪري سگھندو.

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

 Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com