سيڪشن؛ لوڪ ادب

ڪتاب: سنڌي پھاڪا ۽ محاور

باب: --

صفحو :7

 

 

پھاڪي ۽ محاوري ۾ فرق

پھاڪي ۽ محاوري جي روپ ۽ خاصيتن تي ھيستائين جيڪو ويچار ڪيو ويو آھي، انھي مان ظاھر آھي تھ پھاڪو ۽ محاورو ٻئي ٻوليءَ جا اھڙا مروج استعمال آھن، جيڪي اکري معنيٰ بدران ٻوليءَ جي رواج موجب ٻي گھربل معنيٰ ڏيندا آھن. انھن ٻنھي جي استعمال ڪرڻ سان ٻولي دلڪش، نزاڪت ڀري ۽ اثردار بڻجي پوي ٿي پر ٻنھي جي وچ ۾ ڪيترين ڳالھين ۾ فرق بھ آھي، جيڪو ٿوري ۾ ھيٺ ڄاڻائجي ٿو.

١.   پھاڪو ھڪ الڳ پورو جملو يا جملن جو ايڪو ھوندو آھي پر محاورو ھميشه ڪنھن جملي جو جزو ھوندو آھي، جيئن تھ،

-انڌن ۾ ڪاڻو راجا،

- مينھن پنھنجي ڪارنھن ڏسي ڪانھ، گانءِ کي چوي تھ ھل ڙي پڇ-ڪاري.

اھي پھاڪا آھن، پھرئين پھاڪي ۾ ھڪ جملو آھي ۽ ٻئين پھاڪي ۾ ٽي جملا آھن.

          ساھيڙين جي واتان اھا ڳالھھ ٻڌي ڪمل پاڻي پاڻي ٿي ويئي.

          سوڍو اٿيئي ٻگھلو ڀڳت- کانئس خبردار رھ جانءِ.

انھن مثالن ۾ پاڻي پاڻي ٿي ويئي ۽ اٿيئي ٻگھلو ڀڳت اھي محاورا آھن، جيڪي جمل يجو ھڪ حصو آھن.

٢.  پھاڪي ۾ گھٽ ۾ گھٽ ٻھ لفظ ھوندا آھن، جيئن تھ، قرض مرض پر محاورو ھڪ لفظ وارو بھ ٿي سگھي ٿو، جيئين تھ، ڪنھن ڇوڪر کي چئجي، گڏھھ! ھيڏانھن ڌيان ڏي تھ ھن جملي ۾ گڏھھ (بيوقوف، ڪم عقل) لفظ محاورو آھي، جيڪيو اکري معنيٰ بدران ٻيءَ معنيٰ ۾ ڪتب آيو آھي، ساڳيءَ طرح ھو ريشما تي مئو، تھ اگر تگر مٿس لٽائي ڇڏيائين! انھي مثال ۾ مرڻ فعل جو مطلب آھي. فدا ٿيڻ، موھب ٿيڻ ان ڪري اھو بھ محاوريدار استعمال آھي.

٣.  پھاڪو نثري جملي، گفتگوءَ، سوال جواب، بيت وغيرھ جي صورت ۾ ٿي سگھي ٿو، پر محاورو پنھنجي اصلي روپ ۾ گھڻو ڪري مصدر ۾ ختم ٿيندو آھي، جيئن تھ،

پھاڪا:

- ڄٽيءَ سٽ پسايو، واڻئي وڌيس وٽي،

- ڄٽيءَ ليکي واڻيو مٺو، واڻئي ليکي ڄٽي،

- مٺٽي سائي ڄٽي، مٺي سائي ڄٽي.

- پيءَ سندس پيھون ڪٽيون، ڏاڏي سندس ڌاڻا،

- اڳي پڇيائون ٿي ذات پات، ھاڻي پڇن ٿا ناڻا.

- کڏ! چي، جيءَ سڏ!

پر وات ۾ مڱ پوڻ، ٻانھون ڊگھيون ھئڻ محاورا آھن، جيڪي جملي ۾ ڪتب اچڻ کان اڳ پنھنجي اصولڪي روپ ۾ مصدر ۾ ختم ٿين ٿا.

٤.  بيان ۾ پھاڪو ڪنھن ڳالھھ جي پٺڀرائي يا کنڊن ڪرڻ لاءِ ھڪ مثال وانگر جدا ايڪي جي روپ ۾ استعمال ٿ يندو آھي. ٻئي طرف، محاورو جملي جي ب يھڪ ۾ جدا جدا روپن ۾ ڪتب ايندو آھي.

پھاڪو؛ انگريز ھندستان ۾ آيا واپاري بڻجي پر ھندستانين جي ڦوٽ جو فائدو وٺي، ھتي حاڪم ٿي ويٺا. آئي ٽانڊو کڻڻ بورچاڻي ٿي ويٺي.

محاورو؛ پيٽ تي لت ڏيڻ (روزگار کسڻ ڪمائي کسڻ) جڏھن ڪنھن جملي ۾ استعمال ڪبو تھ اھو جدا جدا روپ اختيار ڪري سگھي ٿو.

مثلا: پيٽ تي لت ڏنائينس. ھن جي پيٽ تي لت نھ ڏي. ھو تنھنجي پيٽ تي لت ڏيندو، ڪنھن غريب جي پيٽ تي اوھين لت ڇو ٿا ڏيو؟

٥.   پھاڪا، بيان ۾ ڪتب نھ اچڻ تي بھ پنھنجي ليکي پوريءَ معنيٰ جو اظھار ڪندا آھن، ٻئي طرف محاورا گھڻو ڪري بيان ۾ استعمال ٿيڻ بعد پنھنجي گھربل معنيٰ ظاھر ڪندا آھن، جيئين تھ گڏھھ (بيوقوف مورک)، مرڻ (فدا ٿيڻ، موھت ٿيڻ)، وغيرھ جڏھن بيان ۾ ڪتب آڻبا، تڏھن انھيءَ جي حوالي مان ٻڌائي سگھبو تھ اھي لفظ اکري معنيٰ ۾ آھن يا انھن جي اصطلاحي معنيٰ گھربل آھي.

٦. پھاڪا گھڻو ڪري سياڻپ جا سخن ۽ نصيحت ڀريا نڪتا آھن، جيڪي انسان جي زندگي ۾ رھنمائي ڪن ٿا. ٻئي طرف، محاورا فقط ڪنھن ڪم جي ھئڻ، ٿيڻ، وغيرھ جو نرالي ۽ اثردار نموني بيان ڪن ٿا. انھن جو گھڻو واسطو ٻوليءَ جي سھڻي عبارت سان آھي.


 

 

پھاڪن جو جنم ۽ ارتقا

پھاڪن جو جنم

ٻوليءَ جي وسيع آسمان ۾ پھاڪا، نکتن ٧ گرھن جئان، سوين سالن کان پنھنجي پر ڦھلائي، پنھنجي نرالي ۽ انوکي ھستي قائم رکندا آيا آھن. انھن جو جنم داتا ڪير ھو، اھي ڪڏھن وجود ۾ آيا، اھڙن سوالن جو تز جواب ڏيڻ اڪثر ممڪن نھ آھي پر ڪجھھ پھاڪا اھڙا بھ آھن، جيڪي اصل ۾ ڪنھن ڄاتل سڃاتل شاعر جي شعر جون تڪون آھن يا ڪنھن سياڻي جا سخن آھن، جيئن تھ، شاھھ لطيف جي بيتن جون ھيٺيون سٽون، جيڪي پھاڪا بڻجي چڪيون آھن:

- ديسي سيڻ ڪجن، پرديسي ڪھڙا پرين.

- ڏک سکن جي سونھن، گھوريا سک ڏکن ري.

ھائو، اھڙن پھاڪن کي جنم ڏيندڙ بابت اسين خاطريءَ سان ڄاڻ ڏيئي سگھون ٿا پر انھيءَ قسم جي پھاڪن جو تعداد تمام گھٽ آھي. انھيءَ ۾ ڪو بھ شڪ نھ آھي تھ ھر ھڪ پھاڪو اصل ۾ ڪنھن ھڪ شخص جي تجربي ۽ جذبات جو اظھار آھي. ڪنھن سياڻي روزاني زندگيءَ جي وھنوار ۾ جيڪو محسوس ڪيو. اھو اچانڪ سڀاويڪ نموني سندس واتان ڪنھن سخن جي صورت ۾ ڦٽي نڪتو. انھيءَ جي اظھار جو طريقو اھڙو تھ دلڪش ھو ۽ منجھنس سمايل ويچار ايترا تھ دل کي ڇھندڙ ھئا، جو ٻڌندڙن جي دل ۽ دماغ تي ڇانئجي ويا. ان ڪري ھنن ھڪدم ان سخن کي اپنائي ڇڏيو. پوءِ اھو پڻ وھنواري زندگي ۾ ڳالھائڻ ٻولھائڻ ۾ ان سخن جو جيئن جو تيئن استعمال ڪرڻ لڳا. اھڙيءَ طرح ڪنھن ھڪ جو چيل سخن يا ٻول ھڪ ٻولي ڳالھائيندڙ سماج جي لوڪن جو سخن بڻجي ويو، جنھن کي پھاڪو يا چوڻي سڏيو ويو.

ھتي انھي ڳالھھ جو ڌيان رکڻ گھرجي تھ ڪنھن سياڻي شخص يا مفڪر، اڪيلائي ۾ ويھي سوچ ويچار ڪري پھاڪن کي جنم نھ ڏنو آھي. نڪو ڪنھن ٻولي ڳالھائيندڙ سماج پئنچات ڪوٺائي، ڪن رڄ مڙسن کي ويھار، کانئن پھاڪا جوڙايا آھن ۽ پوءِ انھن جو عوام ۾ پرچار ڪيو آھي. پھاڪا تھ جيون جي حقيقتن جي پيدائش آھن، انھن جا رچيندڙ اھي شخص آھن جن زندگي جي سچاين کي ڀوڳيو آھي ۽ خود محسوس ڪيو آھي پرواھھ نھ آھي جيڪڏھن ھنن دستوري طور اعليٰ تعليم حاصل نھ ڪئي آھي، روزاني وھنواري جيوت ئي سندن سوچ جي حاصلات جو مکيھ وسيلو آھي. ان طرح حاصل ڪيل سمجھھ ۽ شخصي آزمودن کي سموھي، ھنن ننڍڻ نڪتن ۽ سخنن جي روپ ۾ ظاھ رڪيو آھي جيڪي وقت گذرندي پھاڪن جو پد حاصل ڪري چڪا آھن، پھاڪن جا رچيندڙ تھ ھليا ٿا وڃن پر سندن چيل سخن امر ٿي ٿا وڃن. اھي پيڙھيءَ در پيڙھيءَ، ھڪ کان ٻئي کي ورثي ۾ ملندا پيا اچن، ڪجھھ مثال ڏسو:

١.   ڪنھن شخص کي جڳھھ جوڙائڻ لاءِ پيسن جي سخت ضرورت ھئي کيس اميد ھئي تھ سيٺ ڌنراجمل کان ڪجھھ رقم اڌاري وٺندس، تھ ھو انڪار نھ ڪندو، اھو سوچي ھن سيٺ وٽ وڃي کيس عرض ڪيو. سيٺ کيس گھربل رقم قرض طور تھ ڏني پر ان لاءِ پنڌ بھ ڏاڍا ڪرايائينس. مثان وري حرف بھ پٽيائينس. انھيءَ تي ھن شخص کي ھڪ نظارو يا اچي ويو، جنھن ۾ ڏٺو ھئائين تھ ڪنھن ٻڪرار ٻڪريءَ کي پئي ڏڌو، کيس ٻڪريءَ کير تھ پئي ڏنو پر ان سان گڏ ڦولھڙيون بھ پئي ڪيرايائين، ٻڪرار ويچاري کير ڏھندي، ساندھھ اِھا بھ خبرداري پئي ڪئي تھ متان ڦولھڙيون کير جي ٿانءُ ۾ نھ ڪرن، انھي تي ھن شخص محسوس ڪيو تھ سيٺ صاحب مدد تھ برابر ڪئي پر ان لاءِ رلايائين تمام گھڻو. سندس ھلت پڻ ان ٻڪريءَ وانگر ھئي جنھن کير ڏيڻ سان گڏوگڏ ڦولھڙيون پئي ڪيرايون. ان تي ھن جي واتان امالڪ نڪري ويو. ٻڪري کير ڏئي ڦلھڙين گاڏڙ. اھو گفتو جن ٻڌو، تن کي بھ ڳالھھ دل سان لڳي آئي، پوءِ ضرورت پوڻ تي وھنواري زندگي ۾ ٻڌندڙ بھ اھو سخن اھڙين حالتن ۾ استعمال ڪرڻ لڳا.

٢.  مينھن ۽ ڳئون ٻئي پالتو جانور آھن، جن کي سڀني ڏٺو آھي، اھا بھ اسان کي ڄاڻ آھي تھ مينھن جو رنگ ڪارو ھوندو آھي، ٻئي طرف، ڳئون جو رنگ چاھي اڇو، ڀورو يا چٽڪمرو ھجي پر سندس پڇ جا روار ضرور ڪارا ھوندا آھن، ھر ھڪ انسان انھن حقيقتن کي پرکيو آھي، جڏھن ڪو سياڻو ۽ ويچارو ان شخص ڏسي ٿو تھ ڪو عين ھاڻو ماڻھو، ڪنھن ٻئي جي معمولي غلطيءَ يا ڀل تي کيس ٽوڪي ٿو ۽ سندس عيب جوئي ڪري ٿو، تڏھن ھن جي من جي پردي تي مينھن ۽ث ڳئون جو چٽ اڀري اچي ٿو. ھو محسوس ٿو ڪري تھ عيبن سان ڀريل ماڻھو جيڪو مينھن مثل سڄو ڪارو آھي، اھو ويچاري ڳئون جي صرف ڪاري پڇ وانگر ٻئي جي رواجي غلطيءَ تي کيس ڇينڀي رھيو آھي. انھيءَ تي سندس اھو احساس لفظن جو جامو پائي، اچانڪ ھن ريت ظاھر ٿي پوي ٿو تھ، مينھن پنھنجي ڪارنھن ڏسي ڪان، ڳئون کي چوي تھ ھل ڙي پڇ ڪاري. ھيءَ سخن جيڪو ڪنھن ھڪ سياڻي جي واتان نڪتو آھي، اھو ٻڌندڙن جي دلين کي ڇڪي ٿو وٺي، پوءِ ھو بھ روزاني زندگي ۾ ساڳي حالت پيدا ٿيڻ تي، ساڳئي حوالي ۾ انھيءَ سخن جو ھوبھو استعمال ڪرڻ ٿا لڳن. ان طرح اھو گفتو لوڪ جو گفتو بڻجي پھاڪي جو پد حاصل ڪري ٿو وٺي.

انھن مثالن مان ظاھر آھي تھ چاھي پھاڪن جي جنم-داتا جي باري ۾ اسان کي ڄاڻ نھ ھجي پر انھن جو سرجڻ سماج ۾ ڪنھن سياڻي جي شخصي آزمودي وسيلي ٿيو آھي.

پھاڪن جي جنم جا مکيھ ڪارڻ

پھاڪن جي جنم جا مکيھ ڪارڻ يا آڌار (سرچشما) ھن ريت آھن:

١. لوڪ ڪٿائون

الف: ھر ھڪ ٻوليءَ ۾ ڪيترائي اھرا پھاڪا ملن ٿا جن جو لاڳاپو لوڪ ڪٿائن سان ھوندو آھي، سنڌي ساھت ۾ دودو-چنيسر، عمر-ماروئي، لالا-چنيسر، سس-يپنھون، سھڻي-ميھار، مومل راڻو، وغيرھ عوام ۾ مشھور لوڪ ڪٿائون آھن، جن ڪيترن سنڌي پھاڪن کي جنم ڏنو آھي. جيئن تھ،

دودو ڌوڙ چنيسر ڇائي، ھن جي ڪسر ھن ۾ آئي

يا

وينيءَ وھاڻيءَ دودي ناناڻا آيا

پھاڪن جو بنياد دودي-چنيسر جو مشھور قصو آھي. ڀونگر سومري جي مري وڃڻ بعد، جڏھن آميرن امرائن ڀونگر جي ننڍي پٽ دودي کي پڳ ٻڌائي، تڏھن وڏو پٽ چنيسر اھا ڳالھھ سھي نھ سگھيو. ھو دھليءَ جي بادشاھھ علاءُ الدين وٽ دانھين ويو، جنھن چنيسر جي واھر لاءِ وڏو ڪٽڪ سنڌ تي چاڙھي موڪليو. سخت جنگريون لڳايون، جنھن ۾ گھڻيئي سومرا سردار ۽ سندن ساٿي مارجي ويا. چنيسر ۽ دودو ٻئي ڀائر پڻ اِنھن چڪرين ۾ شھيد ٿي ويا. نتيجو اھو نڪتو، جو نھ چنيس رکي راڄ مليو ۽ نھ وري دودي جي حڪومت ھلي. ٻئي طرف، سنڌ جي عام ماڻھن کي بھ انھن جنگرن ڪري گھڻيون تڪليفون سھڻيون پيون. اِھا حالت ڏسي ڪنھن سگھڙ چيو تھ دودو چوڙ چنيسر ڇائ (يعني) سنڌ ملڪ کي ڀڙڀانڪ ڪرڻ لاءِ ٻئي ساڳيءَ طرح جوابدار ھئا.

لڙائي ختم ٿي وڃڻ کان گھڻو عرصو پوءِ، دودي جي ناناڻي پھر کي ڪا اِنھيءَ جنگ جي سڌ پيئي تھ ناناڻا مائٽ دودي جي مدد لاءِ لشڪر وٺي اچي اتي پھتا، ڏٺائون تھ کيل ختم ٿي چڪو آھي، اِن تي ڪنھن چارڻ چيو،

ويئي وھائيءَ دودي ناناڻا آيا.

اڃان اٺ ڪڍن سسئي

(مطلب تھ سسئي پيرين پنڌ جو پنھون کي ڳولھڻ لاءِ ڀنڀور مان نڪتي آھي، سو پيدل ڪيچ مڪران تائين پھچڻ نھايت مشڪل اٿس. اڃا اٺن تي چڙھي ھوءَ سفر طئھ ڪري تھ پنھنجيءَ منزل تي پھچي سگھي ٿي):

          منھنجو وس واڪا ڪرڻ، ٻڌڻ ڪم ٻروچ جو؛

          ديسي سيڻ ڪجن، پرديسي ڪھڙا پرين؟

          ڀنڀوران جي ڀڳڪيون، سي ڇٽيون

          ِنھن پھاڪن جو بنياد سسئي-پنھونءَ جو مشھور قصو آھي.

ب: ٻارن لاءِ وندرائيندڙ نصيحت آميز آکاڻيون پڻ ڪن پھاڪن جو بنياد آھن. جيئن تھ،

گدڙ ڊاک نھ پڄي، آکي ٿو کٽا

پھاڪي جو بنياد انھيءَ مشھور آکاڻيءَ تي آھي، جنھن ۾ ھڪ گدڙ ڪنھن منھن تي ولين ۾ ڊاک جا ڇڳا ڏٺا تھ ھن جو وات پاڻي پاڻي ٿي ويو. ھن ڊاک کائڻ لاءِ گھڻيئي ٽپا ڏنا پر ولين تائين پھچي نھ سگھيو. آخر ٿڪجي ساڻو ٿي پيو ۽ پوءِ چوڻ لڳو تھ مون کي اھا ڊاک نھ کپي، ڇاڪاڻ تھ اھا کٽي آھي.

اھا ڪڪڙ ئي مري ويئي، جا سونا آنا ڏيندي ھئي

پھاڪي جو بنياد ان لالچي مائيءَ جي آکاڻي آھي، جنھن کي سندس ڪڪڙ ھر روز سونو آنو ڏيندي ھئي. ھڪ ڏينھن مائيءَ لالچ وس ٿي ويچار ڪيو تھ ڇو نھ انھيءَ ڪڪڙ کي ماري سڀ آنا ھڪ ئي وقت حاصل ڪريان. انھيءَ تي ھن ڪاتي کڻي ڪڪڙ کي ماري ڇڏيو ۽ سندس پيٽ چيري ڏٺائين تھ منجھانئس ھڪ بھ آنو نھ نڪتو. انھيءَ تي ھوءَ زار زار روئي پڇتائڻ لڳي تھ مون ناحاق پنھنجيءَ ڪڪڙ کي ماريو. ھر روز جيڪو ھڪ سونو آنو ملندو ھو، اھو بھ وڃائي ڇڏيم.

ٻ: ڪي پھاڪا اھڙا آھن، جن جو بنياد سمجھائڻ لاءِ موزون آکاڻين جي ڪلپنا ڪئي ويئي آھي. اِھا ڳالھھ بھ ممڪن آھي تھ اصل ۾ انھيءَ پھاڪي جو بنياد ڪا ٻي آکاڻي ھجي. مثال طور، ڀريءَ ٻيڙيءَ ۾ واڻيو ڳورو پھاڪي جو بنياد ڀيرو مل مھر چند ھڪ طرح سمجھايو آھي تھ عبدالڪريم سنديلي ٻيءَ آکاڻيءَ ذريعي سمجھايو آھي. ڀيرومل مھرچند پھاڪن جي پيڙھھ ڪتاب ۾ ھن ريت آکاڻي ڏني آھي:

ڪنھن تڙ تي ڪي مسافر پتڻ لنگھڻ لاءِ منتظر وکيٺا ھئا، جو ٻيڙيءَ پرينءَ ڀر ھئي. جڏھن ٻيڙي پراران آئي، تڏھن سڀيئي پنھنجا ٽپڙ کڻي ٻيڙيءَ ۾ ڪاھا پيا. پاتڻيءَ چين تھ سڀيئي ماڻھو ھيڪاندا چاڙھي ڪين سگھندس. تنھنڪري ھڪڙو ٻھ توھان مان لھي. ٻيا پتڻ لانگھائو سڀ مسلمان ھئا. باقي ھڪڙو واڻيو ھو ۽ ھن سان بولجو بھ ٻين کان گھڻو ھو. تنھنڪري سڀني اچي مٿس زور رکيو تھ تون لھھ، تنھن تي واڻئي ائين چيو، جڏھن ڪنھن پاٿاريءَ مان ڪنھن کي ڪنھن سبب اٿاري ڪڍندا آھن، تڏھن ائين چئبو آھي، انھيءَ معنيٰ سان تھ ھن ڪھڙو بار ڏنو اٿو، جو لوڌيوسٿا.

عبدالڪريم سنديلي پنھنجي ڪتاب پھاڪن جا پاڙ ۾ انھيءَ پھاڪي جي آڌار واري آکاڻي ھن ريت ڏني آھي:

ڀري ٻيڙيءَ ۾ واڻيو ڳورو يعني غريب جو واھي اللھھ. اڳي درياھھ تي گھڻو ڪري پليون ڪونھ ھونديون ھيون، جنھنڪري واپار ۽ ماڻھن جي اچ وڃ، ٻيڙين تي ٿيندي ھئي ھينئر بھ درياھھ تي اھڙا ڪيترائي پتڻ آھن جن تان ٻيڙيون اچن وڃن ٿيون.

ڳالھھ ٿا ڪن تھ ھڪڙي ٻيڙي، اڃا ڪناري کان ٿورو اڳڀرو مس ھلي تھ ٻيڙيءَ ٻڏڻ جو انديشو نظر آيو، ناکئي چيو تھ، ڪجھھ ماڻھو لھن، ورنھ ٻيڙي، درياھھ داخل ٿيندي. ھر ڪنھن ائين پئي چيو تھ، مان نھ لھان. ڀلا لھي سو لھي ڪيري! آخر انھيءَ ڳالھھ تي متفق ٿيا تھ سڀ ماڻھو صف ٻڌي بيھن، جنھن جو بھ نائون نمبر اچي، سو ٻيڙي مان لھي، ڳڻپ شروع ٿي، پھريون نائون نمبر، خير سان، واڻيو آيو، ٻيو (ٻيھر) نائون نمبر بھ واڻيو آيو. ٽيون (ٽيھر) نائون بھ واڻيو آيو. مطلب تھ، ائين ڪرڻ سان پنجويھھ ماڻھو لھي بيٺا، جي سڀ ئي واڻيا ھئا واڻين جي اھڙ: رحم جوڳيءَ حالت کي ڏسي، ڪنھن ائين چيو.

٢.  تواريخي شخصيتون، واقعا ۽ حالتون

ڪن پھاڪن جو بنياد تواريخي شخصيتون، واقعا ۽ حالتون ھونديون آھن. مثال طور:

الف:آيا مير ڀڳا پير

 

(جڏھن ڏاڍا اچن، تڏھن ھيٺا بيھي نھ سگھن).

انھي پھاڪي جو بنياد عبدالڪريم سنديلي ھن ريت سمجھايو آھي: سنڌ ۾ ڪلھوڙن جي صاحبي ١٧٠١ع کان ١٧٨٢ع تائين ھلي. ڪلھوڙن کي ميان ۽ پير بھ ڪري سڏيندا ھئا، ڇاڪاڻ تھ کين ڪيترائي مريدا ھئا. اڃا ت ائين پير ميان شاھل محمد عباسي (قنمبر تعلقھ-ضلع لاڙڪاڻو) ۽ پير ميان الياس عباسي (تعلقھ ڏوڪري-ضلعي لاڙڪاڻو) جي مقبرن تي سوين سائيل ڍرندا رھن ٿا. ۽ پنھنجو باسون باسيندا رھن ٿا.

جڏھن ڪلھوڙن جي حڪومت ڪمزور ٿي، تڏھن مير حاڪم ٿيا ۽ث پير (ڪلھوڙا) ڀڄي، ميدان ڇڏيا ويا. (پھاڪن جا پاڙ، ص ١٠).

ھيءَ پھاڪو ھندي-اردو ٻولين ۾ بھ مشھور آھي پر انھن بولين ۾ ھن پھاڪي جو بنياد فئلن ھن ريت سمھجھايو آھي.

امروھي ۾ شيخ سدو يا ميران جي نالي ھڪ شخص رھندو ھو. کيس ھڪ ڏينھن ٻنيءَ ۾ ھڪ ڏينھن ٻنيءَ ۾ ھڪ ڏيئو ھٿ آيو، جنھن ۾ چار وٽيون جلنديون ھيون. ھو ڏيئو گھر کڻي آيو ۽ چارئي وٽيون ٻاريائين تھ سندس سامھون چار جن اچي حاضر ٿيا. ان تي ھن ڏيئو وسائڻ جي ڪوشش ڪئي پر اھو ڪونھ وساڻو ۽ جن بھ اتيئي بيٺا ھئا. ھنن شيخ کي چيو تھ اسان کي ڪو ڪم ڏس. شيخ ھئو بدچلن، تنھن جنن کي حڪم ڏنو تھ ھڪ خوبصورت عورت وٺي اچو. جنن ھڪ حڪم جي تعميل ڪئي، شيخ جي سامھون ھڪ نازنين ظاھر ٿي بيٺي، جنھن کي ڏسي ھو مٿس اڪن ڇڪن ٿي پيو. ان تي جنن شيخ کي چيو تھ جيڪڏھن تو ھن عورت سان بدسلوڪي ڪئي تھ اسين تو کي ماري ڇڏينداسين. ھڪ ڏينھن شيخ پاڻ کي قابوءَ ۾ رکي نھ سگھيو ۽ ان نازنين سان ڇيڙ ڇاڙ ڪيائين. ان تي جنن کيس ھڪدم ماري ڇڏيو. مرڻ بعد شيخ ماڻھن ۾ اچي واسو ڪندو ھو ۽ کين ستائيندو ھو. ھن جي اڳيان ٻيا پير فقي بھ بيھي نھ سگھندا ھئا. شيخ سدو ميرانجي وڏو پير بڻجي پيو. اڄ تائين سندس درگاھھ امروھي ۾ آھي، جتي گھڻيئي سوالي زيارت ڪرڻ ويندا آھن (ڏسو ھندستاني ڪھاوت ڪوش، نئشنل بوڪ ٽرسٽ، نئين دھلي ١٩٦٨، ص ٣٤).

ڪنن جي ڳالھين مير بجار ماريو (مطلب تھ ڪنن جي سس پس يا لڪ ڇپ جي ڳالھين ڪرڻ مان خراب نتيجا نڪرن ٿا).

ھن پھاڪي جو بنياد ھڪ تواريخي واردار آھي، جنھن جو ذڪر سنڌ جي تواريخ ۾ ملي ٿو. عبدالڪريم سنديلي انھيءَ واقعي کي ٿوري ۾ ھن ريت بيان ڪيو آھي:

جڏھن مير بجار خان، ١١٩٠ ھھ مطابق ١٧٧٧ع ۾، حج تان واپس وريو، تڏھن چار ھزار بلوچ ۽ ٻي قوم کيس مجبور ڪيو تھ ميان غلام نبيءَ سان جنگ ڪجي، ڇاڪاڻ تھ ھن، مير بجار خان جي پيءَ مير بھرام خاخن کي ماريو ھو. آخر عمرڪوٽ ڀرسان جنگ لڳي، جنھن ۾، ميان غلام نبي مارجي ويو ۽ سندس لاش، حيدرآباد آندو ويو. مير بجار، سنڌ جي حڪومت پاڻ قبول نھ ڪئي ۽ ان ميان غلام نبي جي ڀاءُ، ميان عبدالنبي ڪلھوڙي کي حاڪم ڪيو.

ھينئر ميان عبدالنبي کي، مير بجار خان کان ھر وقت خوف رھندو ھو تھ مبادھ وجھھ وٺي، کيس مارائي، ڇاڪاڻ تھ مير بجار خان، وزير ھو ۽ صحيح معنيٰ ۾، حڪومت جو چرخو ئي پاڻ ھلائيندو ھو ۽ ميان عبدالنبي نالي ماتر حاڪم ھ و، تنھنڪري ميران صاحب کي اھائي آنڌ مانڌ ھئي تھ ڪنھن پر، مير بجار جو انت آڻجي، آخر جوڌپور جي مھاراجا بجيھ سنگھھ کي، عمر ڪوٽ ڏيڻ جو واعدو ڪري، مير بجار خان جي قتل ڪرائڻ تي آمادھ ڪيو.

مھاراجا بجيھ سنگھھ، ٻھ راٺوڙ-ھرناٿ سنگھھ ۽ موڪم سنگھھ خط سان، ميان عبدالنبيءَ ڏي، جوڌرپور مان وڪيل بڻائي، خدا آباد روانا ڪيا. مصنيف تاريخ سنڌ لکي ٿو تھ ٻن راٺوڙن سان، ٻيا بھ ڪي ماڻھو ھئا، اھي ڪيترائي ڀيرا، ميان صاحب ۽ مير بجار سان، الڳ الڳ مليا. ھڪ دفعي، انھن مير کي عرض ڪيو تھ اسان جي مھاراجا کي اجھو ھينئر خط آيو آھي. ان ۾ اھڙيون ڳالھيون لکيل آھن، جي اوھان کي اڪيلائي ۾ ئي ٻڌائي سگھبيون. خط ۾ لکيل آھي تھ، ميان عبدالنبي اوھان جي خلاف ڪيئي خط مھاراجا کي لکيا آھن. مھاراجا جو خط ھنديءَ ۾ آھي. جيئن تھ اوھان مان ڪو بھ ھندي ڪونھ ڄاڻندو آھي، تنھنڪري اجازت ملي تھ اسان ئي خلاصگيءَ ۾ خط پيش ڪريون. ميان صاحب سڀني کي ٻاھر ڪڍيو ۽ فقط ھڪ ملازم ايسر کي پاڻ وٽ رکيائين. ھڪ وڪيل، مير جي ڀرسان اچي خط پڙھڻ لڳو. پڙھندي پڙھندي، دوکيبازي کان چيائين تھ ھي لفظ منھنجي سمجھھ ۾ نٿا اچن. ائين چئي، جھٽ ٻئي کي گھرائي ورتائين، اھڙيءَ طرح، انھن ٻنھي، مير کي خط پڙھڻ ۾ رڌل رکي، اوچتو ئي اوچتو مٿس تلوارن جا وار شروع ڪري ڏنا. جيتوڻيڪ مير صاحب زخمي ٿي چڪڪو ھو، تھ بھ اڪيلي سر، ٻنھي قاتلن کي ماري وڌائين. مير بجار خان جي شھادت جو سال تواريخ ۾ ١١٩٤ھجري-١٧٨٠ع ڏنو ويو آھي.

(وڌيڪ پڙهو)

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

 Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com