سيڪشن؛ لوڪ ادب

ڪتاب: سنڌي پھاڪا ۽ محاورا

باب: --

صفحو :11

  

 

محاورن جي ورھاست

 

الفابيٽ موجب محاورن جي ترتيب

جدا جدا ٻولين ۾ محاورن جا جيڪي بھ ننڍا وڏا مجموعا تيار ڪيا ويا آھن، انھن ۾ محاورن کي انھن ٻولين جي الفابيٽ موجب ترتيب ڏيئي رکيو ويو آھي. اھوئي سڀ کان سھڻو طريقو آھي، جنھن موجب ڪنھن بھ محاوري جو مطلب آسانيءَ سان ڳولي سمجھي سگھجي ٿو. سنڌيءَ ۾ پڻ محاورن جا مجموعا تيار ڪندڙن اھا واٽ ورتي آھي.

موضوع موجب ورھاست

پھاڪن ۽ چوڻين جو اڀياس ڪندي اسان ڏٺو تھ لساني جي بيھڪ جي خيال کان پھاڪا ۽ چوڻيون پورا جملا آھن يا جملن جا ايڪا آھن. ان ڪري انھن ۾ ڪنھن خاص موضوع جو ذڪر ھوندو آھي. ان ۾ شڪ نھ آھي ھت ھڪ ئي پھاڪي ۾ الڳ الڳ موضوعن جو بيان ٿي سگھي ٿو، يا جدا جدا بيان جي حوالي ۾  ڪتب اچڻ تي پھاڪو الڳ الڳ مطلب ظاھر ڪري سگھي ٿو. ان ڪري پھاڪن کي موضوع موجب جدا جدا درجن ۾ رکڻ ۾ مشڪلات ٿئي ٿي. ٻئي طرف ڏسجي تھ ٻوليءَ جي بيھڪ جي لھاظ کان محاورو يا اصطلاح فقط ھڪ لفظي ميڙ آھي يا فقرو آھي، جيڪو ڪنھن جملي جو جزو ٿي ڪتب ايندو آھي. انيھءَ جو حاصل مطلب بيان جي حوالي مان ظاھر ٿعيندو آھي.ا ن ڪري محاوري ۾ ڪنھن خاص موضوع جو ذڪر نھ ھوندو آھي.  انيھءَ ھوندي پڻ محاوري جي بيھڪ ۾ جيڪو خاص مرڪزي لفظ ڪتب ايل آھي، جنھن جي آڌر تي اھو مھاورو جڙيل آھي. تنھن کي ڌيان ۾ رکي اسين ان مھاوري جو واسطو الڳ الڳ موضوع يا شين وغيره سان ڏيکاري سگھون ٿا. مثال طور.

اڀ ۾ ترارون ھڻن (وڏائي ڪرڻ) ۾ اڀ مرڪزي لفظ آھي.

بخت کي اٽون ھڻڻ (بيعقلي بي شڪريءَ جي ھلت ڪرڻ) محاوري ۾ بخت مکيھ لفظ آھي.

اٽي ۾ لوڻ ھئڻ (ٿوري انداز يا تعداد ۾ ھئڻ) محاوري ۾ اٽو مکيھ لفظ آھي.

جن محاورن ۾ مصدر کان سواءِ فقط ٻيو ھڪڙو ئي لفظ ڪتب آيل آھي. (جيئن تھ، اک ڪڍڻ، پيٽ پوڻ، سيج پڄائڻ) اتي مکيھ لفظ جي چونڊ ڪرڻ جو سوال ئي نٿو اٿي. انھيءَ طرح محاورن جي رچنا ۾ مکيھ لفظن جي آڌار تي اسين محاورن کي الڳ الڳ درجن ۾ ورھائي سگھون ٿا.

انسان جي تجربي جو دائرو جيترو وسيع ھوندو، اوترائي گھڻا ۽ الڳ الڳ موضوعن سان واسطو رکندڙ محاورا سندس ٻوليءَ ۾ ملندا، جيئن جيئن نئين تھذيب ۽ ثقافت جي اثر ھيٺ ڪا لساني سماج اچي ٿي، تيئن تيئن انھيءَ جي ٻولي ۾ محاورن جو تعداد وڃي ٿو وڌندو. ھتي سڀنيم وضوعن جي آڌار تي ٺھيل محاورن جي ورھاست ڪرڻ منھنجو مقصد نھ آھي. ان ڪري فقط مکيھ موضوع جو ھتي ذڪر ڪجي ٿو، جن جي آڌار تي سنڌيءَ ۾ محاورا ٺھيا آھن، ھر ھڪ موضوع جي درجي بندي اندر ننڍا ننڍا ٻيا بھ درجھ مقرر ڪري سگھجن ٿا.

١. اتھاس، لوڪ ڪٿائون ۽ آکاڻيون

رامايڻ ۽ مھاڀارت سڀني ڀارتي ٻولين جي ادب لاءِ سرچشما آھن، انھن جي ڪٿائن ۽ شخصيت جي آڌار تي ٺھيل محاورا ڪيترين ئي ھاڻوڪين ٻولين ۾ مروج آھن، سنڌيءَ ۾ اھڙن محاورن جا مثال آھن:

رام ٻاڻ ھئڻ (اچوڪ، اڻٽر ھئڻ)،

ڪنڀڪرڻ واري ننڊ ھئڻ (گھري ننڊ ھئڻ)

مھا ڀارت مچڻ يا شروع ٿيڻ (جھڳڙو، لڙائي شروع ٿيڻ)

نادري حڪم ڪرڻ، نادر شاھي ھئڻ (ظلم، زور زبردستي ڪرڻ) محاوري جو سنٻنڌ نادر شاھھ بادشاھھ (١٦٨٧-١٧٤٧ع) سان آھي. سن ١٧٣٦ع ۾ ھن ايران جي تخت تي قبضو ڪري، صفوي خاندان جو خاتمو آندو. ان بعد ھن اتر اولھھ ھندستان جي ڪن حصن تي حملو ڪيو. ١٧٣٩ع ۾ سنڌ تي حملو ڪري، اتي گھڻي تباھي آندائين، ھو نھايت ظالم بادشاھ ھئو، جنھن تان اھي محاورا مشھور ٿيا.

گھوڙا گھوڙا ڪرڻ يا گھوڙا ڙي گھوڙا (دانھون ڪرڻ) يا گھوڙا پونس (مصيبت پويس) محاورن جو لاڳاپو ڌاڙيل يا دشمن جي حملن سان آھي، دشمنن جي لشڪر کي گھوڙن تي ايندو ڏسي، خابرو حملي کان اڳ ۾ ئي ڳوٺ وارن کي رڙيون ڪري خبردار ڪندا ھئا، ڪن عالمن جي راءِ ۾ اھو محاورو سنڌ تي مدد خان پٺاڻ جي حملي ڪرڻ وقت ٺھيو آھي. ھن سنڌين تي گھڻي ئي ظلم ڪيا. ان ڪري سندس لشڪر کي پري کان ئي ايندو ڏسي ماڻھو گھوڙا ڙي گھوڙا چوندا، ڳوٺن مان ڀڄڻ لڳندا ھئا.

رستم ھئڻ (وڏو پھلوان ھئڻ) محاوري جو اشارو ايران يج مشھور پھلوان رستم ڏانھن آھي. ساڳيءَ طرح، سڪندر ھئڻ (ٻلوان ھئڻ) مقدر جو سڪندر ھئڻ (پنھنجي قسمت پاڻ ٺاھڻ) محاورا يونان جي مشھرو بادشاھ سڪندر جي ياد ٿا ڏيارين. جنھن آڳاٽي زماني ۾ اتر اولھھ ھندستان تي ڪاھھ ڪئي ھئي ۽ سنڌ تي بھ حملو ڪيو ھئو.

ليلا مجنون ھئڻ (پاڻ ۾ تمام گھڻو پريم ھئڻ)، ڪٽي کائون مجنون ھئڻ (آرام پسند ھئڻ) محاورا ليلا مجنونءَ جي قصي تي ٺھيل آھن. ساڳيءَ طرح، نوري نماڻي ھئڻ (تمام حليم ۽ نھٺي ھئڻ) جو  لاڳاپو نوري ڄام تماچيءَ جي قصي سان آھي.

ٻارن جي نصيحت آميز آکاڻين جي آڌار تي بھ گھڻيئي محاورا ٺھيل آھن، جيئن تھ، سونا آنا ڏيندڙ مرغي ھئڻ (گھڻيءَ آمدنيءَ وارو وسيلو ھٿ ۾ ھئڻ)ؤ محاورو ان آکاڻيءَ تي بيٺل آھي، جنھن ۾ ڪنھن ٻڍيءَ کي ھڪ مرغي ھوندي ھئيد، جيڪا ھر روز ھڪ سونو آنو ڏيندي ھئي. ھڪ ڏينھن ان ٻڍيءَ عورت سڀ سونا آنا ھڪ ئي وقت حاصل ڪرڻ جي لالچ ۾ ان مرغيءَ جو پيٽ چيري ھن کي ماري ڇڏيدو. پوءِ آنا نھ ملڻ تي پنھنجي ڪئي تي پڇتائڻ لڳي.

انگور کٽا ھئڻ (پڄي نھ سگھڻ ڪري ڪو بھانو ڏيئي ڪا ڳالھھ ڇڏي ڏيڻ) محاوري جو آڌار گدڙ ۽ ڊاک جي منھن واري مشھور آکاڻي آھي. گدڙ جڏھن منھن ۾ مٿي لٽڪندڙ ڊاک حاصل ڪري نھ سگھيو، تھ پوءِ ٿو کٽا چئي اتان ھليو ويو.

٢. قدرتي ماحول، وڻ ٽڻ ۽ پسون پکي، وغيره

انھن موضوع سان واسطو رکندڙ محاورا ھر ھڪ ٻوليءَ ۾ گھڻي تعداد ۾ ملن ٿا. سنڌي محاورن جا ڪجھھ مثال ھن ريت آھن:

الف: قسمتي ماحول:

آسمان سان ڳالھيون ڪرن (تمام اونچو ھئڻ)؛

اڀ ۾ ڪڪر ٿيڻ (اميد پوري ٿيڻ)؛

وڄ ڪرڻ (مصيبت پوڻ)؛

الٽي گنگا وھڻ (ابتي ريت ھئڻ)؛

پاڻيءَ تي ليڪو ھئڻ (کن ڀنگر، اسٿر ھئڻ)؛

جل ۾ ڪنول جئان ھئڻ (نرليپ، نرمل ھئڻ)

 

ب: وڻ ٽڻ، ٻوٽا، ونسپتي

ٻٻر پوکڻ (حاڃي رسائڻ)،

اڪ ڪرڻ (خراب ڪرڻ)؛

موري گجر سمجھڻ (تڇ، خسيس سمجھڻ)،

کارو کٻڙ ھئڻ (ٻئي کي خراب ڪندڙ ھئڻ)

 

ٻ: پسون پکي

گھاڻي جي ڏاند وانگر وھڻ (ڀٽڪڻ، سخت محند ڪرڻ)،

گونگي گاءِ ھئڻ (حليم، ماٺيڻو سڀاءُ ھئڻ)؛

سوئر وانگي ڪنڌ ۾ ڪلي ھئڻ (مغروري ھئڻ)؛

ڪتي ٻليءَ کان قابو ھئڻ (بلڪل سوگھو ھئڻ)؛

ٺاٺارڪي ٻلي ھئڻ (نٺر، نود ھئڻ).

پڇ: جيو جنتو

کوھھ جو ڏيڏر ھئڻ (محدود ڄاڻ رکندڙ ھئڻ)؛

ڄور ٿي لڳڻ (چنبڙي پوڻ)؛

چچڙ ٿي پوڻ (جند نھ ڇڏڻ، چنبڙي پوڻ)،

سانڊي وانگر رنگ بدلڻ (ھڪ زبانو يا ھڪ پاسي نھ ھئڻ)؛

نانگ کي کير پيارڻ (دشمنس ان ڀلائي ڪرڻ)؛

گھر جي گھريتڙي ھئڻ (گھر کان ٻاھر نھ نڪرڻ)؛

ڏٺي مک ڳھڻ (ڏسي وائسي خراب ڪم ڪرڻ).

 

ڀ: کيتي ٻاري:

کوڙيءَ کي گھمرو ھئڻ (سڀ ھڪجھڙا ھئڻ)؛

کيٽ کانڀاڻي ڇڏڻ (سڀ لاڳاپا لاھڻ)لله

ڪي مينھاڻو ڪي رجاڻو اچڻ (گھڻن پاسن کان آمدني اچڻ)؛

ربيع نھ خريف ھئڻ (ڪوبھ واسطو نھ ھئڻ)؛

ڪلر ۾ ٻج ڇٽڻ (ڪجھھ بھ حاصل نھ ٿيڻ، اجائي محنت ڪرڻ).

 

٣. جسم جي عضون سان واسطو رکندڙ

ھن درجي ۾ محاورا تمام گھڻي تعداد ۾ ملن ٿا، انھن ۾ خاص ڪري فعل جي مٽ، سٽ سان محاوري جو مقصد بھ بدلجي ويندو آھي.

ڪجھھ مثال ھن ريت آھن:

الف: اک: اک ڏيکارڻ (ڇينڀڻ)؛

اک ٽيٽ ڪرڻ (اڻ لکو ڏسڻ)

اکيون چرخ ٿيڻ (حيرت ۾ پوڻ)؛

اکيون پوري ڪم ڪرڻ (بنا سوچ وچار جي ڪم ڪرڻ).

 

ب: ڪن: ڪن ڏيڻ ڌيان سان ٻڌڻ)؛

ڪن ڀرڻ (ڪوريون سچيون ڳالھيون ٻڌائي ڀڙڪائن)؛

ڪن ھڻڻ (ٽھڻ).

 

پ: ڪنڌ: ڪنڌ ڪڍائڻ (ناڪار ڪرڻ)؛

ڪنڌ کڻڻ (مانائتو ڏسڻ ۾ اچڻ)؛

ڪنڌ کي وھاڻو ڏيئي وھڻ (بي اونو، بي پرواھھ ٿي وھڻ).

 

ڀ: نڪ: نڪ وڍيو ھئڻ (بي شرمو ھئڻ)؛

نڪ کي مر نھ لائڻ (پاڻ کي لڄي نھ ڪرڻ)؛

نڪ وڍڻ (جٺ ڪرڻ).

 

ت: ھٿ: ھٿ اٽڪائڻ (وڙھڻ)؛

ھٿ ڪرڻ (حاصل ڪرڻ)؛

ھٿ ٽنگڻ (سوال ڪرڻ)؛

ھٿ ڪپي ڏيڻ (لکي ڏيڻ).

 

ٿ: پيٽ: پيٽ ڀريو ھئڻ (مغروري ھئڻ):

پيٽ پٺيءَ سان لڳڻ (ڪمزور ھئڻ)؛

پيٽ ۾ ساھھ پوڻ (دل جاءِ ٿيڻ)؛

پيٽ پوڻ (ڀاءِ پوڻ).

 

ٽ: پير: پير تي ڪھاڙو ھڻڻ (پاڻ کي پاڻيھي نقصان رسائڻ)؛

پير تپڻ (وڃڻ لاءِ آتو ٿيڻ)؛

پير ۾ پدم ھئڻ (وڏي ڀاڳ وارو ھئڻ)؛

پير ڀرڻ (سٺي ھلت ڪرڻ).

 

سماجي حالتون، ۽ ريتون رسمون

ھن درجي جي محاورن جو آڌار سماج جون حالتون، ريتون رسمون وغيره آھن، انھن جي باريڪ اڀياس ڪرڻ سان سماج جو چتر اکين سامھون ظاھر ٿي بيھندو آھي. پھاڪن ۽ محاورن ۾ سنڌيت واري باب اندر ان موضوع تي ويچار ڪيو ويو آھي. ھتي فقط ڪجھھ محاورا مثال طور ڏجن ٿا:

جڃ تي بيھڻ (اڍنگو خرچ ڪرڻ)؛

پڳڙيو ٿين (نقصان پوڻ)؛

ٽانڊو ٽوپي بند ڪرڻ (نيات مان ڪڍڻ)؛

ٿالھيئون لاھڻ (برادريءَ مان ڪڍڻ)؛

ڏينھن جو ڏيئو ٻارڻ (ڏيوالو ڪڍڻ)؛

گورو ئي گنگا تي ھئڻ (آخري وقت ھئڻ، نقصان ٿيڻ)؛

ڏتر سنوان نھ ھئڻ (پاڻ ۾ اڻبڻت ھئڻ)؛

ڏاڙھي ڏيڻ يا ڏاڙھيءَ تي ھٿ رکڻ (وچن ڏيڻ).

 

لوڪ وشواس ۽ عقيدا

ستارو گردش ۾ ھئڻ قسمت خراب ھئڻ)؛

ستارو زور ھئڻ (نصيب زور ھئڻ)؛

گرھڻ لڳڻ (ھاڃي ٿيڻ، بدنصيبي ھئڻ)؛

ڇايا پوڻ (جن بوت جي لڳت ھئڻ)؛

مين ميک ڪرڻ (سوچ ويچار ڪرڻ)؛

ڍپير ۾ پدم ھئڻ (ڀاڳن ورو ھئڻ). 

 

سنگيت ۽ ناچ گانا

ڌڪڙ تي اٽو لڳڻ (جھڳڙو ٿيڻ)؛

ڌمال ڪڍڻ ٠ڇنڊ ڪڍڻ، ڇينڀڻ)؛

دھل تي ڏونڪو لڳڻ (ڳالھھ ظاھر ٿيڻ، کلي عام چوڻ)؛

کڳيون ھڻڻ يا ھنڀوڇيون ھڻن (تمام خوش ٿيڻ)؛

سر ۾ سر ملائڻ ) ٻئي جي پٺڀرائي ڪرڻ)

مينڍ ۾ مارئي ڳائڻ (سس پس ڪرڻ، کليءَ طرح نھ چوڻ)؛

مرليون وڄائڻ (خوشامد ڪرڻ، ريجھائڻ)؛

ست سري ٻڌائڻ (سڌي طرح ٻڌائڻ)؛

تيرھن تالو ھئڻ (نخريلو، چالان ھئڻ).

 

رانديون

ڪمر ڪشڻ (تيار ٿيڻ)؛

حٻانھون کنجڻ (وڙھڻ لاءِ تيار ٿي اچڻ)؛

پنئن ھئڻ (گھڻي سوڀ حاصل ڪرڻ)؛

ٽي داڻيون پوڻ (ھار ٿيڻ)؛

ساري سر ھئڻ (قسمت زور ھئڻ)؛

پنجون لڙائڻ (مقابلو ڪرڻ)؛

ٻاون ڏيڻ (شڪست ڏيڻ).

 

فاحش محاورا

فاھش محاورا عام ماڻھن جي روزاني وھنوار واريءَ زندگيءَ جي اپج آھن. ان ڪري سماج جي ھيٺئين طبقي جي ماڻھن جي گفتگوءَ ۾ اڪثر فاحش لفظ ۽ محاورا پيا استعمال ٿيندا آھن. انھن جي واھپي جو دائرو جيتوڻيڪ محدود آھي، تنھن ھوندي پڻ انھن مان سماج جي ڪنھن خاص طبقي جي سوچ ويچار ۽ من جي حالتن توڙي جذبن جو عڪس ظاھر ٿئي ٿو،ا ھڙن محاورن جا ڪجھھ مثال ھن ريت آھن:

ٽٽ ڏيڻ )اجايو بڪڻ)؛

ٽٽ سان سوپاريون ڀڃڻ (وڏو دم ھئڻ؛ اجائي ھام ھڻڻ)؛

ھنگڻ مھل وٽ سنڀالڻ (عين وقت تي گھربل شيءِ ھٿ ڪرڻ جي ڪوشش ڪرڻ)؛

ڪچن جون ڳنڍيون ھئڻ (گھاٽي دوستي ھئڻ)؛

ڪنڌ ڪچن ۾ ھئڻ (شرمندو ٿيڻ)؛

ٽٽ منجھڻ (پريشان ٿيڻ)؛

ڳئيءَ ڳورو ھئڻ (وڏو ماڻھو ھئڻ)؛

ڳئيءَ سان ڳالھائڻ (سڌو منھن ڏيئي نھ ڳالھائڻ)؛

ڳئي اجٽ تي رکڻ (ڳالھھ نھ مڃڻ، اجائي سيٽ، وڏائي ڏيکارڻ)؛

اڳڙيءَ جو لن ھئڻ (بلڪل نمڪو، بي ھمٿ ھئڻ)؛

ليکي تي للوو ڏيڻ (حساب ڪتاب ختم ڪرڻ، رستو ٽوڙڻ)

ڀيٽيو جاڳي ڏٺائين جڳ جي، ليکي اتي للو ڏيڻ ساميءَ جا سلوڪ، ڀاڱو پھريون ڀوڄراج ناگراڻيءَ، صفحو ١٩١)

انگريزيءَ ۽ ٻين ڪن يورپي ٻولين جي عالمن پنھنجين ٻولين جي فاحش محاورن ۽ بازاري ڳالھھ ٻولھھ جي استعمال (Slangs) جون ڊڪشنريون تيار ڪري ڇپائي پڌريون ڪيون آھن، ادب ۾ بھ چورن جوارين، ڳنڍي ڇوڙن جي ڪردار نگاريءَ جي لحاظ کان سندن گفتگوءَ ۾ اھڙن محاورن جو ڪن ليکڪن استعمال ڪيو آھي. سنڌيءَ ۽ ٻين ڀارتي ٻولين جي اِنھيءَ پھلوءَ تي علم السان جي نقطي نگاھھ کان تحقيق ڪرڻ جي گھڻي ضرورت آھي.

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

 Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com