سيڪشن؛ لوڪ ادب

ڪتاب: سنڌي پھاڪا ۽ محاورا

باب: --

صفحو :12

  

 

 

پھاڪن ۽ مھاورن جون لساني خاصيتون

 

پھاڪن ۽ محاورن جي خاصيتن  بابت ويچار ڪندي اسان ڏٺو تھ ٻوليءَ ۾ اھي مروج استعمال آھن. اھي مقرر روپ ۾ سوين سالن کان وٺي ھلندا پيا اچن. انھيءَ ڪري لسانيات جي لھاظ کان انھن کي تمام گھني اھميت آھي. وقت گذرندي ٻوليءَ جي روپ ۾ تبديل اچيو وڃي، پر پھاڪا ۽ محاورا اڪثر پنھنجي آڳاٽي بيھڪ  کي قائم رکندا پيا اچن. اھوئي مکيھ سبب آھي جو انھن ۾ اسان کي ڪيترائي اھڙا لفظ ملن ٿا جيڪي ھاڻوڪي ٻوليءَ ۾ عام طور واھپي ۾ نٿا اچن، يعني اھي عام فھم نھ آھن.س اڳيءَ طرح، وياڪرڻ جي لحاظ کان پڻ لفظن، فقرن يا جملن جي بيھڪ جا يڪترائي آڳاٽا روپ پھاڪن ۽ محاورن پاڻ وٽ گڏ ڪري رکيا آھن. انھيءَ نقطي نگاھھ کان پڻ انھن جو اڀياس ڪرڻ لازمي آھي. ھيءَ ھڪ اھڙو موضوع آھي، جنھن تي جيڪڏھن تفصيل سان لکجي، تھ ھوند ھڪو وڏو مقالو جڙي پوي. انھيءَ ڪري ھتي ڪجھھ مثال ڏيکي، ٿوري ۾ پھاڪن ۽ مھاورن جي ٻوليءَ وارين خاصيتن تي ويچار ڪجي ٿو.

١.   ٻوليءَ جا جھونا لفظ جيڪي ھاڻي عام ڳالھھ ٻولھھ ۾ استعمال نٿا ٿين يا عام فھم نھ آھن؛

آڪيڙو = وڪڙ، وراڪو، پيچ (آڪيڙا چاڙھڻ = سختي ڪرڻ)

اتوتي = حاسد، ساڙ ڪندڙ (اتوتي ھئڻ = چپ پوڻ، ريسارو ٿيڻ)

ايل = ڦاھو، سزا، قيد (ايل چاڙھڻ = سزا ڏيڻ)

بيٺ = ڪمر پٽو، ھمت (بيٺ ٻڌڻ = سندرو ٻڌڻ؛ ھمت ڏيکارڻ)

ٻڏ = لاڙ ۾ ٿيندڙ ھڪ گاھھ (اندر ٻڏ ٻھون، ٻاھر آٽڻ ان جو)

ڀنجر = اک جي پنبڻي (ڀنجر ڀرڻ = ڏک سور ٿيڻ، اثر ٿيڻ

ڀيڏي = ٻانھن جي ڪرائيءَ جو اڀريل ھڏو (ڀيڏي ھڻڻ = تور ۾ ٺڳي ڪرڻ)

ٿڙو = وھٽ جو سنج، گدي جا گھوڙي جي ھني ھيٺيان رکجي. (ٿڙا مٿي تي ڏيڻ =) بي مانو ڪرڻ)

مارنگ = چلھھ تي برتن جي ھيٺيان رکيل ڀتر (گھر جو پير، چلھھ جو مارنگ)

مھارو = گھر ۾ اھو ڪمرو جتي شاديءَ بعد گھوٽ ڪنوار سمھن.

(آھاري، وھنواري، گھوٽ مھاري، لڄا ڪري تھ ھاري).

پراڇت = پڇتاءُ، پرايشپت (پاپ جي مايا، پرڇت جاءِ)

ڦلھير = رک، ڀسم (ڦلھير ۾ ڦوڪون ڏيڻ = اجائي ڪوشش ڪرڻ)

سيلھھ = ڪنڊو (جي پوندا سوڙھين، سيلھھ بھ لڳندا تن).

چيري = سوڙ، رلھي (چيريءَ آھر پير ڊگھيرجي)

رائرو = راجا جو، راجائي (رائري گھران گيھھ جھلجي پاند ۾)

رڻو = راجا جو، راجائي (رائري گھران گيھھ جھلجي پاند ۾)

رڻو = قرض (سنسڪرت رڻ) رائر = سرڪاري ڍل (سنسڪرت راجڪر)

رڻي ۽ رائر جو سڏ جنھين کي ھوءِ

منجي اتي جوءِ، وڇيت نھن کي وسري.

 

٢. وياڪرڻ جا جھونا روپ

ھوءِ = ھجي (سڏ جنيھن کي ھوءِ)

ھئي = ھجي (گھر ۾ کڏ ھئي، تھ ٻھر ٻاھر ڇو اڇلجي (گلشڪر)

وڌنت = وڌندڙ (اتم کيتي وڌنت واپار)

چراند = چرپر، ھلچل (ھٿ چراند ڪرڻ)

چڪيتو = ڪيل ڪم (ڪيتو لوڙڻ = ڪيل ڪرمن جو ڦل ڀوڳڻ)

سيتي = سال (کيتي سر سيتي)

مياس = مئس (جني ڪاڻ مياس، سي ڪلھي ڪانڌي نھ ٿيا).

 

٣. واڪيھ رچنا جو علحدو نمونو

الف: آئون بھ ويندي پيڪي، مون بھ لھندي سڪ.

(ھاڻي چئبو: آئون بھ ويندس پيڪي...)

ب: جملي ۾ فاعل نھ ھئڻ

- اندر اڇو نھ ڪري، ڌوئي ٿو ڌاڳا.

- اڪن کان آما (انب) گھري، ٻٻرن کان ٻير.

ٻ: جملي ۾ فعل نھ ھئڻ

- ٻھ ڀائر تيون ليکو.

- ٻليءَ کي خواب ۾ ڇيڇڙا.

- جڙيءَ کي جس.

پ: حرف جدي حالتن جا جھونا روپ

- سلو سو، جو انگورين ڀلو.

- مروان موت، ملوڪان شڪار.

ڀ: تڪ ملائڻ

- ان پلي، ذات ڀلي.

- آمون، ڏھھ گامون.

ت: سماس

اڏ وڏائي،

چلھھ،

مٽڻو؛

ٽٽونگو،

ٻگھرو.

٣. ٻين ٻولين جا پھاڪا ھوبھو يا ٿوريءَ ڦير گھير سان کڻڻ

الف: سنسڪرت: يٿا راجا تٿا پرجا.

ھندي: ايڪ پنٿ، دو ڪاج.

فارسي: دراز ريش، خضر يا ابليس.

ب: سرائڪي: اپڻي گھوٽ تھ نشا ٿيوئي.

اپڻا مال ھئھ روسون ڀي کاسون ڀي.

ٻ: رجسٿاني: آج ھمان، ڪل تمان.

جدا جدا ٻولين جي پھاڪن ۽ محاورن ۾ وياڪرڻي بيھڪ توڙي معنيٰ جي لحاظ کان جيڪا ھڪجحڙائي ملي ٿي، ان جو باريڪيءَ سان اڀياس ڪرڻ پنھنجي ليکي ھڪ دلچسپي موضوع آھي. انھيءَ سان ٻولين جي آوپسي سنٻنڌ توڙي ھڪ ٻوليءَ جو ٻيءَ ٻوليءَ تي ڪيئن اثر پيو آھي. انھيءَ تي بھ چڱي قدر روشني وجھي سگھبي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

 Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com