سيڪشن؛ لوڪ ادب

ڪتاب: سنڌي پھاڪا ۽ محاورا

باب: --

صفحو :15

  

٤. سنڌ جي تاريخ ۽ جاگرافي

سنڌيءَ ۾ ڪجھھ پھاڪا، چونيون ۽ محاورا اھڙي قسم جا آھن، جن جو بنياد سنڌ جون تاريخي وارداتون، يا شخص آھن، اِنھن ۾ سنڌ جون مشھور لوڪ ڪٿائون ۽ قصا بھ اچي وڃن ٿا. ساڳيءَ طرح، سنڌ جي مڪاني حالتن ڏانھن اشارو ڪندڙ چونيون بھ چڱي تعداد ۾ ملن ٿيون. ھتي ڪجھھ مثال پيش ڪن ٿا:

لاکي جي مھل محاوري جي اصطلاحي معنيٰ آھي صبوح جي ويل. ھن محاوري ۾ جنھن لاکي بابت اشارو ڪيل آھي. ان کي سڃاڻڻ ھڪ پرولي آھي. پرمانند ميوارام سنڌي انگريزي ڊڪشنريءَ ۾ ڄاڻايو آھي تھ لاکو، ھڪ پير جو نالو آھي. دوڪاندار صبوح جو دڪان کولڻ وقت اول انھيءَ جي پرارٿنا ڪندا آھن، جيئن ڌنڌو واپار سٺو ٿئي. سنڌ ۾ لاکي پير جي نالي سان ڪوسي پاڻيءَ جا چشما مشھور آھن. ساڳيءَ طرح، لاکا ڳوٺ ۽ لاکا روڊ اسٽيشن بھ مشھور آھي، سنڌ ۾ مھاڻا ٻيڙيون ھاڪارڻ وقت اڪثر ائين چوندا آھن لاکا لھراڻي، لھر بحر جا سائين.

ٻئي طرف واڻيا وڪال صبوح جو دڪان کولڻ وقت چون لاکي جي مھل، سخي نر جي ٻھڻي. انھن چوڻين جي آڌار تي چئي سگھجي ٿو، تھ لاکو ضرور ڪو پھتل شخص يا درويش ھئو، ڪن عالمن جو رايو آھي تھ، ھتي اشارو لاکي ڦولاڻيءَ نالي راجا ڏانھن ڪيل آھي. ھڪ ڪڇ ۽ سنڌ جي لوڪ ڪٿائن ۾ پنھنجيءَ بھادريءَ ۽ سخاوت جي ڪري گھڻو مشھور آھي. ھو روز صبوح جي ويل غريبن ۽ گھرجائن کي ڏاڻ ڏيندو ھئو. ڪوبھ سوالي سندس در تان خالي نھ ويندو ھئو. اِنھيءَ ڪري ممڪن آھي تھ سندس نالي تي اِھي چوڻيون ۽ محاورا امروج ٿيا ھجن.

لاڙڪاڻي شھر بابت چوڻي مشھرو آھي تھ:

ھو قوم لاڙڪن جي ھتڙي قديم ٿاڻو،

پيو نانءُ پوءِ ھن تي، لاڙڪ تان لاڙڪاڻو.

ھتي اصل ۾ لاڙڪ يا لاڏڪ نالي ذات وارن جو ڳوٺ ھئو، جنھن تان پوءِ ان علائقي کي لاڙڪاڻو چوڻ لڳا. تاريخ نويسن لاءِ لاڙڪ ذات وارن جو اصل نسل سڃاڻڻ بھ وڏو مسئلو بڻجي پيو آھي. ڪن جو رايو آھي تھ، سنسڪرت ساھتيھ ۾ جنھن لاٽ نالي جاتيءَ جو گھڻن ئي ھنڌن تي ذڪر آيو آھي، اھي لاڙڪ يا لاڏڪ ذات وارن جا ابا ڏاڏا آن.

جي ھجيئي ناڻو تھ گھم لاڙڪاڻو، نھ تھ وت ويڳاڻو.

يا

ڳنڍ ۾ کڻي تون ناڻو، گھم خان لاڙڪاڻو.

ھي چوڻيون ضرور ڪلھوڙن جي ايامڪاريءَ ۾ مروج ٿيون ھونديون، جڏھن لاڙڪاڻو پنمھنجي شان شوڪت ۽ اوج ڪري گھڻو مشھور ٿي ويو ھئو.

ڪنن جي ڳالھين ميربجر مارايو پھاڪي جو مطلب آھي، تھ گھني ڳجھھ ڳوھھ نھ ڪجي يا لڪي ڇپي ڪنن ۾ ڳالھيون نھ ڪجن. ان مان اڳلي کي ڪنھن خطري جو شڪ ٿو ٿئي. اِنھيءَ پھاڪي جي بنياد وارو واقعو، رائچند ھريجن پنھنجي ڪتاب تاريخ ريگستان ۾ ھن ريت لکيو آھي:

ميان عبدالغنيءَ، مير بجار خان جي وڌندڙ طاقت مان خوف سمجھيو، جنھن ڪري مير کي مارائڻ لاءِ، جوڏپور جي راجا بجيھ سنگھھ سان صلاح ڪري مدد گھريائين. ان موجب ٥ نومبر ١٧٧٩ع= ١٨٣٦ سنبت = ١١٩٣ ھجريءَ جي ٻھ راٺوڙ سردار ھرناٿ سنگھھ، ۽ محڪم سنگھھ راجا جي طرفان مير وٽ خدا آباد ۾ وڪيل ٿي آيا، جن ڪجھھ وقت کان پوءِ ھندي ٻوليءَ ۾ ڪي ڪاغذ مير وٽ پيش ڪيا، تھ اِھي ميان عبدالغنيءَ توھان جي خلاف راجا کي لکيا آھن، ۽ ٻيون بھ ڪي ڳالھيون ڪرڻ لڳا ۽ وجھھ وٺي کيس ھڪ ڄڻي ڪک ۾ ڀالو ھنيو ۽ ٻئي ترار جو وار ڪيو. ڦٽيل مير ترار سان ھڪڙي کي ماري وڌو ۽ ٻيو ڀڄي ويو؛ ۽ انھنھ جي ٻن نوڪرن کي، مير جي نوڪرن ماري وڌو. پوءِ مير پاڻ مري ويو.

سنڌي لوڪ ڪٿائن تي بيٺل ڪجھھ پھاڪا ۽ چوڻيون ھن ريت آھن:

- اڃان اٺ ڪڍن سسئي.

- عمر وڍي وڍي ماروئي وٺندو، ٿر تھ ڪين ٿيلھيندو؟

- ڇا جي ڏنگا ڏير، منھنجو ڏينھن ڏونگو م ٿئي.

-  منھنجو ڪم واڪا ڪرڻ، ٻڌڻ ڪم ٻروچ جو.

- دودو ڌوڙ، چنيسر ڇائي، ھن جي ڪسر ھن ۾ آئي.

- سوڍن مڙس سو، تھ بھ مٽ نھ ڀانئج مينڌري.

- لکين ليلائون، چنيسر جي راڄ ۾.

- لک لھي ٿي لوڏ، جيجان تن جتن جي.

سنڌ جي جاگرافيءَ ۽ مڪاني حالتن ڏانھن اشارو ڪندڙ ڪجھھ چوڻيون ڏسو:

- جڏھن ڪڏھن سنڌڙي توکي قنڌاران جوکو.

- لاڙ ساڙ.

- گوني سدا اونھي.

- سنڌ سمو، ڪاڇي چنو، ڀاٽي جيسلمير.

- راھوجن ۾ رات قادر ڪنھن جي نھ وجھي.

- وٺو تھ ٿر، نھ تھ بر.

- لاڙ جو پڙھيو، سري جو ڍڳو.

 

٥. سنڌي ٻوليءَ جو روپ

اسان کي پھاڪن، چونين ۽ اصطلاحن ۾ ڪيترائي لفظ اھڙا ملن ٿا، جيڪي عام ڳالھائڻ ٻولھائڻ ۾ ڪتب نٿا اچن. اڄ پڻ سنڌ جي سنڌيءَ ٻوليءَ ۾ چڱائي ٺيٺ لفظ ۽ ڳوٺاڻا اصطلاح عام فھم آھن، جيڪي ڀارت جي سنڌين لاءِ، خاص طور ننڍي پيڙھيءَ وارن لاءِ بلڪل نوان آھن. اِنھن ننڍڙن استعمال ۾ ويا ڪرڻ جا بھ چڱائي اھڙي قسم جا روپ ملن ٿا، جيڪي روزاني گفتگوءَ واري ٻوليءَ ۾ واھپي ۾ نٿا اچن يا تمام ورلي ڪتب آندا وڃن ٿا. مروج استعمال جو انھيءَ لحاظ کان اڀياس ڪرڻ بھ ناھيت دلچسپ آھي. ھتي فقط  ڪجھ مثال پيش ڪجن ٿا:

ڀيڏي = ڪرائيءَ واري اڀريل ھڏي (ڀيڏي ھڻڻ = تور ۾ ٺڳڻ)؛

پھير = لوڙھو (پھير چور ٿئي تھ واھي ڪيترو وھي)؛

سيلھھ = ڪنڊو (جي گھڙندا سورھئين، سيلھھ بھ لڳندا تن)؛

ڏگھڙي = ڪاٺ جي پٽي يا ميخ جيڪا ڪاٺ ڳنڍڻ لاءِ ھڻجي

        (ڊگھري لھڻ= شرم حياءُ ھليو وڃڻ)؛

سڀر = زور سان (ري پنھنجيءَ کٽيءَ سڀر ٻري نھ باھھ)؛

ڪرنھن = جھيڙو ڪلڪل (آ تھ ڀيڻ ڪرنھن ڪريون)؛

اھري = آرسي (آنڌي اڳيان آھري).

وياڪرڻ جا پراڻا روپ:

اھڙن روپن جا ڪجھھ مثال ھن ريت آھن؛

ڪرند پسند ڏيند لھند

 

 (وڌيڪ پڙهو)

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

 Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com