سيڪشن؛ لوڪ ادب

ڪتاب: سنڌي پھاڪا ۽ محاورا

باب: --

صفحو :14

  

 

 

براھمڻن ۾ جدا جدا ڪلاس ھئا، جئن تھ ٻاڙھي، ٻاونجاھي، سيتپال، رتنپال، وغيره. ڪن ڪلاسن جا براھمڻ پاڻ کي ٻين کان اوچ ليکيندا ھئا، ۽ ھيٺين ڪلاسن يعني طبقن مان شادي مرادي نھ ڪندا ھئا. جيڪڏھن ڪنھن شادي ڪئي تھ اھو پنھنجي طبقي مان ڪريل ليکبو ھئو. پو٣ ان سان بھ رشتي ناتي جي واٽ ٽوٽي. اِن ريت شاديءَ جي خيال کان دائرو ڏينھون ڏينھن تنگ ٿيندو ويو، جيڪي طبقن جي پابنديءَ ۾ ڪثر بڻيا، انھن ۾ ڪيترا يا عمر ڪنوارا رھجي ويا. انھيءَ سماجي حالت تي اِھا چوڻي ٺھي ويئي آھي. وقت گذرندي جيئن اِھو ڪٽرپڻو ھٽي ويو آھي، تھ ھاڻي اِھا چوڻي سنڌي براھمڻن سان لاڳو نٿي ٿئي.

آڳاٽي زماني کان وٺي ھر ھڪ سماج ۾ طبقاتي ڪشمڪش ٿوري يا گھڻي ھلندي پيئي رھي آھي. شاھوڪار غريب، امير- فقير، ظالم- مظلوم، وغيره طبقن جو وجود اڃان تائين آھي. انھيءَ جي جھلڪ بھ پھاڪن ۽ چوڻين ۾ ملي ٿھي. جيئن تھ،

- شاھوڪار جو ٽٽ بھ کستوري.

- شاھوڪار جو سالو بھ سڀڪو سڏائي، غريب جو ڀيڻويئو بھ ڪونھ سڏائي.

- آفيسر جو اڳ ۽ گھوڙي جي پٺ ڪڏھن بھ نھ وٺجي.

- عامل نھ دوست، ڦپڙ نھ گوشت.

- ڪامورو ۽ ماڪوڙ، ٻئي چنبڙيا تھ ڪڏھن نھ ڇڏيندا.

- حاڪم جي ياري، ٻھ آڱر ٽاڪ، ٻي سڀ واري.

- سيد ۽ سپاھي، تن کان رکج يا الاھي.

- سپاھيءَ جھڙو يار، ٻيو دشمن نھ ڌار.

ساڳيءَ طرح، انسان زندگيءَ جي تجربن مان اِھو بھ مھسوس ڪيو آھي تھ اڄ ڪالھھ پيسي کي وڏي اھميت آھي. پيسي جي طاقت تي ماڻھو سماج ۾ جيڪي گھرجيس، سو ڪري سگھي ٿو. گھٽ ذات وارو بھ ناڻي جي ٻل تي اعليٰ درجي جو ليکيو وڃي ٿو. ھ ر ٻوليءَ ۾ ڌن جي اِنھيءَ مھمان تي گھڻيئي چوڻيون ۽ پھاڪا ملن ٿا. سنڌيءَ جا ڪجھ مثال ھن ريت آھن:

- اٿ بھ انڻو، ويھھ بھ ناڻو، ناڻي بنا نر ويڳاڻو.

- جنھن جي گنديءَ ۾ داڻا، تنھن جا چريا بھ سياڻا.

- پير عيسيٰ پير موسيٰ، بڙا پير پيسا.

- لڇمي ڪلڇڻ ڍڪڻي.

- ناڻو نر بھ چتون ڪري.

- پيءُڙ سندس پيھون ڪٽيون ڏاڏي ڪٽيا ڌاڻا،

اڳي پڇيائون ٿي ذات پات، ھاڻي پڇن ٿا ناڻا.

- زر بسيار تھ عشق ٺھ ڦھھ، زر نيست تھ عشق پون پون.

٢. ريتيون رسمون

ھنن جا پاڻ ۾ ڏتر سنوان نھ آھن. انھيءَ جملي ۾ ڏتر سنوان نھ ھئڻ، ھڪ محاورو آھي. جنھن جي معنيٰ آھي تھ منجھن وکاند، گھپي ڪلڪل آھي  (يا پاڻ ۾ ناٺاھھ آھن). ھن اصطلاح جو بنياد شاديءَ ۾ ڏترن مئڻ جي رسم آھي. ڪنوار شاديءَ بعد جڏھن پھريون ڀيرو ساھري گھر ۾ قدم رکندي آھي، تھ کانئس، اِھا ريت ڪرائيندا آھن، ٿالھھ ۾ لوڻ يا ڪڻڪ رکبي آھي. ڪنوار انھيءَ مان ٻڪ ڀري گھوٽ کي ڏيندي آھي ۽ پوءِ گھوٽ وري کيس ٻڪ ۾ واپس ڏيندو آھي. ان طرح اناج يا لوڻ کي ٻڪن ۾ ڀري ڏي وٺ ڪرڻ کي ڏتر مئڻ چئجي ٿو. گھوٽ سان ڏتر مئڻ بعد ھوءَ ٻين ساھرن مائٽن سان بھ واري وٽيءَ اھا رسم ادا ڪندي آھي. ان وقت زالون چونديون رھنديدون آھن جيترا ڏتر مئيندي، اوترا پٽ ڄيندي. لوڻ جي ڏي وٺ ڏيکاري ٿي. تھ جيئن کاڌي ۾ لوڻ جو جوڳو استعمال ڪرڻ سان کاڌو لذيذ ۽ سوادي بڻجي ٿو، تيئن ڪنوار بھ نئين گھر ۾ پنھنجيءَ سٺيءَ ھلت چلت ذريعي سڀني سان سڪ محنت ۽ سونپ سان ھلي پاڻ کي گھر لڇمي ثابت ڪندي.

لوڻ جي ڏي وٺ ڪرڻ مان ھڪ ٻئي سان نمڪ حلال ٿي رھڻ جي ڀاونا پڻ ظاھر ٿئي ٿي. عوامي عقيدو آھي تھ جيڪڏھن ڪن پاڻ ۾ ٻوڪن کي سڌو رکي، ھٿن جي وچين حصي کي کولي، ڏتر نھ ميا آھن تھ پوءِ اڳتي ھلي منجھن وکاند ۽ جھڳڙي ٿيڻ جو امڪان آھي.

پڳڙيون ٿيڻ جي اصطلاحي معنيٰ آھي، خاتمو ٿيڻ، گھڻ نقصان ٿيڻ. انھيءَ محاوري جو بنياد قضئي جي ٽئين يا چوٿين ڏينھن جي رسم سان آھي، جنھن کي چائٿو يا اوٿارو بھ چئبو آھي. ھندن ۾ ريت آھيتھ جڏھن ڪو گذري ويندو آھي تھ ڪانڌي ٽن چئن ڏينھن تائين گھر ۾ مٿي اگھاڙو رھندا آھن. ھو ڌنڌو واپار بھ بند رکندا آھن. پڳڙين جي رسم وقت برادريءَ وارا ۽ واقفڪار انھيءِ  گھر ۾ اعزا پرسيءَ لاءِ شام جو اچي گڏ ٿيندا آن، جتي قضيو ٿيو آھي. ان وقت ڪانڌين کي پڳڙي ٻڌڻ جي رسم بھ اد ڪئي ويندي آھي. انھيءَ جو اندروني مطلب آھي تھ اھي ان بعد وري وڃي ڌنڌي- واپار ۽ دنيوي ڪرت ڪار کي منھن ڏين. اِنھيءَ جو واسطو گھر جي جوابداري سنڀالڻ ۽ ورثي سان بھ آھي.

ڪنھن شخص ڪو ڪم نھ ڪيو يا صحيح نموني ان جي پوئواري نھ ڪئي، تھ ٽوڪ ۾ چئبو سورھن ئي سراڌ پورا ڪيائين. اِنھنيءَ جو اکري معنيٰ جي لحاظ کان لاڳاپو ھندن ۾ موت جي ڪريا ڪرم سان آھي، جنھن ۾ پنڊ پائڻ ۽ براھمڻن کي کارائڻ جي ريت ھوندي آھي. اِنھيءَ تي ٻيو بھ ھڪ پھاڪو مشھور آھي. پيءُ ڏيکار يا شراڌ ڪر. اِن جو حاصل مطلب آھي تھ ھڪ ھيڪاڻي ڪر.

گورو ئي گنگا تي اٿس. اِنھيءَ محاوري جي اصطلاحي معنيٰ آھي. سڀ ڪجھھ ناس ٿي وڃڻ، خاتمو ٿيڻ، حال نھ ھئڻ. اِنھيءَ جي حقيقي معنيٰ جو لاڳاپو مئل پراڻيءَ جون ھاٺيون ميڙي وڇي گنگا ۾ پرواھھ ڪرڻ سان آھي.

ڳڙ جيرو کائي، پٽن ماءُ نت نت ويائي چونيءَ جو واسطو ٻار جي ڄمڻ بعد روھي پوڄڻ جي رسم سان آھي. اِن ۾ جنڊ وٽ ويھي پوڄا ڪبي آھي ۽ ويائي زال کي ڦيرن ڏيارڻ وقت وات ۾ ڳڙ ۽ جيرو ڏيئي اِھا چوني بھ ٻيون زالون دھرائينديون آھن.

- حقو پاڻي بند ڪرڻ

- ٽانڊو ٽوپي بند ڪرڻ، ڀت مان ڪڍي ڇڏڻ

- ٿالھيئون لاھڻ

اصطلاحن جو مطلب آھي ڪنھن کي پنچائت مان ڪڍي ڇڏڻ، ڀت برادريءَ مجان ڪڍي ڇڏڻ. ڪو زمانو ھئو، جڏھن سماج ۾ پنچائتي سرستي کي گھڻي اھميتھ ئي. اڄ ڪالھھ چاھي وڏن شھرن ۾ اِنھيءَ جو اثر گھٽجي ويو آھي، پر ننڍن ڳوٺن ۾ پنچائت جي سرشتي جي مڃتا اڃا تائين موجود آھي. جڏھن پنچائت ڪٺي ٿيندي آھي، تھ حقو تيار ڪري پنجچن سامھون رکيو ويندو آھي. برادريءَ وارن ۽ شريڪن کي حق آھي تھ ان حقي جو استعمال ڪن. اتي پنچائتي ٽھليو بھ حاضر ھوندو آھي. جيڪو پاڻيءَ پيارڻ جو ڪم ڪندو آھي. ساڳيءَ طرح ڏڻن وارن يا خاص موقعن تي جڏھن پنچائت لاءِ کاڌي پيتي جو بندوبست ڪيو ويندو آھي، تھ برادريءَ وارا قطار ۾ گڏ ويھي، کائيندا پيئندا آھن. ڪنھن جيڪڏھن پنچائت جي نيمن جي خلاف ھلت ڪئي تھ پوءِ کيس سزا ڏيڻ لاءِ برادريءَ ۾ گڏ ويھي حقي پيئڻ ۽ کاڌي پيتي جا حق کسي وٺندا آھن. انھيءَ ڏانھن اشارو ڪندڙ اِھي محاورا آن.

جڃ تي بيھڻ يا جڃ ڪرڻ جي اصطلاحي معنيٰ آھي ھٿ ڦاڙ ٿيڻ، آڍنگا خرچ ڪرڻ. جڃ جي اکري معنيٰ آھي شاديءَ وقت ۽ ان بعد ڪجھھ ڏينھن گھوٽيتن کي کارائڻ پيئارڻ. آڳاٽي زماني ۾ جڏھن اڃان ريلون ڪين پيئون ھيون، تڏھن گھوٽيتا شاديءَ بعد بھ ڪجھھ ڏينھن ڪنواريتن جي ڳوٺ ۾ ٽڪيا پيا ھوندا ھئا. ڪنواريتا، ڄڃ جي رھڻ ۽ کاڌي پيتي جو سمورو بندوبست ڪندا ھئا. روزانو ڄڃ کي ٽي ويلا دعوتون ڏيندا ھئا. اھڙي موقعي تي ھڪ طرف گھوٽيتا اڪثر وجھھ پيا ڳولھيندا ھئا، تھ ڪھڙيءَ طرح ڪنواريتن کي مھمان نوازي ڪرڻ ۾ ٿڪائي پريشان ڪريون، تھ ٻئي طرف ڪنوار جي طرف وارا بھ آڌرڀاءُ ۽ خاطرداري ڪرڻ ۾ وسان نھ گھٽائيندا ھئا، ڄقاڃين کي ٽيھھ ٽيھھ جڃ بھ ملندا ھئا. ھر ھڪ  جي کاڌي تي آرتي ڪري اوتيل نج ديسي گيھ پاتل تان وھي ھيٺ نھ ڪريو، تھ چئبو ڪنواريتن ڪنجوسي ڪئي آھي. ان ڪري ڪنوار جي طرف وارن جو پيسو ۽ کاڌو پيتو گھڻ نقصان ٿيندو ھئو. اِنھيءَ ڪري جڃ ڪرڻ جي اصطلاحي معنيٰ ٿي ويئي، اڍنگو خرچ ڪرڻ. اڄ ڪالھھ ويچارن ۾ ڦيرو اچي ويو آھي. مھانگائيءَ جي زماني ۾ صرفي کان ڪم ورتو وڃي ٿو. جڃ جي بدران ھاڻي شادين ۾ گڏيل دعوت جو رواج پئجي ويو آھي، جتي گھوٽيتا مھمان ۽ ڪنوار جي طرف وارا سڀيئي گڏجي دعوت ۾ وھن ٿا. اِن کي پريتي ڀوڄن، (يعني پريت، سڪ پريم جي دعوت) چئجي ٿو.

مسلمانن جي مذھبي رسمن رواجن تي بھ چڱائي پھاڪا ۽ محاورا ملن ٿا، جيئن تھ،

- فاتحھ پڙھي ڇڏڻ (ڪنھن کي جيئري ئي مئن برابر ليکڻ)،

- محررمي ھئڻ (ھميشھ اداس، ملول ھئڻ)؛

- ملان جي ڪٺي حلال ھئڻ (وڏو ماڻھو جيڪو ڪري سو حلال آھي)؛

- تڪبيرون چوڻ (جيئري ئي مئل ليکڻ)

- ملان ٻانگ نھ ڏيندو تھ صبوح نھ ٿيندو ڇا؟

- مري ويو مردود، نھ ختمو نھ درود.

- جھڙا روح تھڙا ختما.

- آھي تھ عيد، نھ تھ روزو.

- ويا روزا ڇڏائڻ، تھ نماز گلي پين.

٣. لوڪ اعتقاد

الف: لوڪ وشواس جو مطلب آھي عوام جا عقيدا. عام ماڻھن جو ڌڻيءَ جي ھستيءَ ۾ پورو پورو اعتقاد آھي. ڪنھن بھ ٻوليءَ ۾ اھڙو پھاڪو يا چوڻي مشڪل ملندي، جنھن ۾ خلقڻھار جي وجود بابت شڪ ظاھر ڪيو ويو ھجي.

- انسان خطا جو گھر آھي.

- عين کان آجو آھي ھڪ الله

- انسان کي ڀڳوان جي ڀاڻي تي راضي رھڻ گھرجي،

- ڏنا جي ڏاتار، سي جھوليءَ پائي مون جھليا

- مارڻ واري کان بچائڻ وارو ڏاڍو (ويجھو) آھي.

- راکي رام تھ ماري ڪونھ (يا جنھن کي رب رکي، تنھن کي ڪير چکي)

- بندي جي من ۾ ھڪڙي، صاب جي من ۾ ٻي

- سچيءَ دل تي صاحب راضي

- ايشور  (ڌڻيءَ) جي در دير آھي، پر انڌير نھ آھي.

اِن قسم جون ڪيتريون ئي چوڻيون سنڌيءَ ۾ ملن ٿيون، جن مان ڌڻيءَ جي ھستيءَ ۽ رضا ۾ انسان جو اعتقاد ظاھر ٿئي ٿو.

عام ماڻھن جو قسمت  جي ليک ۾ بھ گھڻو اعتقاد آھي.  چاھي انسان کي پنھنجي تدبير تي ڪيترو ڀروسو ھجي، تھ بھ ھو تقدير کي ڏاڍو ٿو سمجھي. اِن بابت ڪجھھ چوڻيون ڏسو:

- سڀ ڌاڻي پاڻيءَ جي اختيار آھي.

- جيڪي ھوندو ڀاڳ ۾ سو وھي پوندو پاڳ ۾.

- تقدير اڳيان ڪھڙي تدبير؟

- داڻي داڻي تي مھر آھي.

- جيڪي لکيو منجھھ ازل، تنھن کي ڪير وجھي جھل؟

(يا لکيو منجھھ نراڙ قلم ڪيڙيءَ نھ وھي).

- ڇا جي ڏنگا ڏير، منھنجو ڏينھن ڏنگو نھ ٿئي.

- ڪنھن جي ڀاڳ سان ڪا ريس؟

ب: جوتش يا نجومت، گرھھ نکتر، سوڻ آپسوڻ بھ عام ماڻھن جي دل ۽ دماغ تي ڇانيا پيا آھن. اِن بابت ڪجھھ پھاڪا، چوڻيون ۽ محاورا ھن ھن ريت آھن؛

پير ۾ ڇنڇر اٿس جي اصطلاحي معنيٰ آھي تھ ھو ڀٽڪندو ٿو رھي. جوتش موجب پيرن تي ڇنڇر جو گرھھ ھجي، تھ انسان کي ٿر ٿاءُ ڪرڻ نھ ڏيندو آھي. ڇنڇر جي ساڍي ست ورھي يا اڍائي ورھي دشا بھ عوام ۾ گھڻي مشھور آھي.

ھنن جو پاڻ ۾ چوٿون چندرما آھي، يعني منجھن ھميشھ کٽپٽ، جھڳڙو ھلندو ٿو رھي. راس کان چوٿين گھر ۾ چندرما جو ھئڻ سٺو نھ ليکبو آھي.

ساڳيءَ طرح، اٺڇٽاڪو ھئڻ، ڏوئا ٻاري ھئڻ محاورن جو مطلب آھي: پاڻ ۾ ميل ميلاپ نھ ھئڻ. اِنھن جو اکري مطلب ٻن ڄڻن جي جنم ڪنڊليءَ کي ملائڻ وقت اٺن ۽ ڇھن، يا ٻن ۽ ٻارھن راسين جي لھڻا ڏيڻيءَ سان آھي، جوتش موجب اِن کي سٺو نھ ليکيو ويندو آھي.

ڄيٺي، سک نھ ويٺي، يا ڄيٺو، سک نھ ويٺو، چوڻين جو مطلب آھي تھ جيڪو ٻار ڄيٺ جي مھيني ۾ ڄمي ٿو. ان کي زندگيءَ ۾ گھڻي ڪشمڪش ڪرڻي پوي ٿي.

ستارو زور اٿس يعني ڀاڳ زور اٿس. ٻئي طرف ستارا گردش ۾ ھئڻ جو مطلنب آھي.

ڏکيا ڏينھن ھئڻ. چولو مٽائڻمعنيٰ گذاري وڃڻ، اِنھيءَ جي بنياد ۾ پنر جنم يني وري نئون جنم وٺڻ جي ڀاونا سمايل آھي.  آتما امر آھي.  ان کي جيستائين  مڪتي نھ ملي آھي، تيستائين اھا ھڪ چولو ڇڏي، ٻيو چولو وٺندي رھي ٿي. يعني جنم مرڻ جي چڪڙ ۾ ڦري ٿي.

ڇايا پوڻ يعني پاڇو پوڻ، جن ڀوت، ڏائڻ وغيره جو اثر ٿيڻ.

(وڌيڪ پڙهو)

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

 Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com