سيڪشن؛ لوڪ ادب

ڪتاب: سنڌي پھاڪا ۽ محاورا

باب: --

صفحو :3

 

ٻوليءَ ۾ پھاڪا ۽ محاورا

انسان ٻوليءَ ذريعي جڏھن پنھنجي جذبات ۽ ويچارن جون اظھار ڪري ٿو، تڏھن ھو گھربل لفظ چونڊي، پنھنجي مرضيءَ مطابق جدا جدا نمونن ۾ انھن کي ڪتب آڻي سگھي ٿو. ھن تي فقط اھا پابندي آھي تھ ٻوليءَ جي ويا ڪرڻي (گرامر) سرشتي جي ڀڃڪڙي تھ ڪري. مثال طور، جيڪڏھن ڪنھن کي ڪو ڪتاب گھرجي، تھ ھو الڳ الڳ جملن ذريعي پنھنجي خواھش ظاھر ڪري سگھي ٿو:

مون کي ھيءُ ڪتاب کپي.

ھيءُ ڪتاب گھرجيم.

ھن ڪتاب جي گھڻي ضرورت اٿم.

مون کي ھيءُ ڪتاب ھٿ ڪرڻو آھي. وغيره.

ھنن جملن جي بيھڪ چاھي ھڪ ٻئي کان بدليل آھي، پر انھن ذريعي جيڪا خواھش ظاھر ڪئي ويئي آھي، اھا گھڻي قدر ھڪ جھڙي آھي. ٻوليءَ جي اھڙن جملن کي آزاد استعمال (Free Expressions) چئجي ٿو، ڇاڪاڻ تھ انھن جي ڪتب آڻڻ وقت ڳالھائيندڙ کي آزادي آھي تھ، ھو پنھنجي مرضيءَ مطابق لفظن جي چونڊ ڪري، انھن کي جدا جدا بيھڪ وارن جملن ۾ ڪتب آڻي سگھي ٿو.

اھڙن آزاد استعمال جي ڀيٽ ۾، ٻوليءَ ۾ ڪيترائي اھڙي قسم جا استعمال آھن، جن جي بيھڪ مقرر ٿي ويئي آھي، ان ٻوليءَ جو ھرڪو ماڻھو ڪنھن گھربل مطلب جي ظاھر ڪرڻ لاءِ اھي استعمال بلڪل ساڳئي نموني پيو ڪتب آڻي. اھڙن استعمالن کي مروج استعمال (Formulas Usages) چئجي ٿو. ڪجھھ مثال ڏسو:

1)         ھو ھميشھ پيو ٻين مان ويڪون ڪڍي. اھو ڪونھ ٿو ڏسي تھ ٻين کان وڌيڪ پاڻ عيبن مان ڀريو پيو آھي.

مينھن پنھنجي ڪارنھن ڏسي ڪانھ، ڳئونءَ کي چوي تھ ھل ڙي پڇ ڪاري.

2)        رامداس اٿيئي ڳھلو ڀڳت. کانئس خبردار رھجانءِ.

3)        ڪمل ساھيڙين واتان اھا ڳالھھ ٻڌي پاڻي پاڻي ٿي ويئي.

4)        ٻوڏ ۾ ستايلن جي مدد ڪرڻ جو ويچار ڪيو اٿيئي، تھ پوءَ دير ڇو ٿو ڪرين؟ ترت دان، مھا پڃ.

5)        ڪالھھ ميدان تي گھڻي ئي ڇوڪر ٻاڪر اچي ڪٺا ٿيا ھئا.

انھن مثالن ۾ جيڪي استعمال نمايان ٿيل آھن، انھن کي ٻوليءَ ۾ نرالي اھميت ملي چڪي آھي، اھي اسان جي ٻوليءَ ۾ اھڙا فارمولا آھن، جيڪي ھر ڪو ماڻھو ساڳئي نموني پيو ڪتب آڻي. انھن جي اندروني بيھڪ ۾ تبديل ڪرڻ جو کيس اختيار ڪونھي. جيڪڏھن ڳالھائيندڙ انھن جي لفظن ۾ ڪابھ تبديل ڪندو تھ استعمال جو گھربل مطلب حاصل نھ ٿيندو، يا انھيءَ بدليل ٿيل بيھڪ ۾ اھو استعمال مروج ليکيو نھ ويندو. مثال طور، پاڻي پاڻي ٿي وڃڻ ھڪ مروج استعمال آھي. جنھن جي معنيٰ لڄي ٿيڻ، شرمسار ٿيڻ. انھيءَ ۾ جيڪڏھن اسين ھم- معنيٰ لفظ ڪتب آڻي چئون- جل جل ٿي وڃڻ يا نير نير ٿي وڃڻ تھ گھربل معنيٰ ڪانھ ملندي، نڪو انھيءَ صورت ۾ اھو مروج ليکبو.

انڌن ۾ ڪاڻو راجا (اڻڄاڻن ۾ ٿوري ڄاڻ وارو تھ ھوشيار ليکيو ٿو وڃي.) سنڌيءَ ۾ ھڪ مروج استعمال آھي. ان ۾ جيڪڏھن تبديل ڪري چئون سور داسن ۾ ڪاڻو راجا، نابينن ۾ ڪاڻو سلطان يا بي نور ۾ ھڪ اکيو بادشاھ تھ چاھي انھيءَ جي مطلب ۾ ڦيرو ڪونھ ٿو اچي، پر ا بدليل صورت ۾ اھي استعمال سنڌيءَ ۾ مروج نھ ليکيا ويندا.

موھني گونگي گانءِ آھي، ھتي گونگي گانءِ ھئڻ ھڪ مروج استعمال آھي، جنھن جو مطلب آھي، نھٺو، نماڻو، حليم سڀاءَ وارو ھئڻ. ان جملي ۾ جيڪڏھن ھر معنيٰ لفظ وجھي چئون تھ موھني ڍڳي آھي تھ مطلب ئي ڦري ويندو.

ٻوليءَ ۾ جڏھن ڪو ھڪ لفظ اکري معنيٰ بدران ٻوليءَ جي رواج موجب ڪنھن ٻيءَ معنيٰ ۾ ڪتب آڻجي ٿو، تڏھن اھو لفظ بھ مروج استعمال بڻجي پوي ٿو. جيئن تھ، ھوءَ اميدواري آھي. ھن جملي ۾ اميدواري ھئڻ جي معنيٰ آھي گرڀوتي ھئڻ، حاملھ ھئڻ. ھتي لفظ جي صورت ڪي قدر بدلائي جيڪڏھن چئون ھوءَ اميدوار آيھ يا ھن مائيءَ کي اميد آھي تھ پوءِ گھربل مطلب نھ نڪرندو. ساڳيءَ طرح ڪنھن ڇوڪر کي چئجي، گڏھھ ھيءُ ڇا پيو ڪرين؟ ڪجھھ تھ سمجھھ کان ڪم وٺ تھ ھن جملي ۾ گڏھھ لفظ بيوقوف، ناسمجھھ جي معنيٰ ڏئي ٿو. اتي جيڪڏھن گڏھھ لفظ بدران ھم- معنيٰ لفظ کودڙو، خر ڪم آڻبو تھ ان مان ساڳي معنيٰ حاصل نھ ٿيندي.

سنڌي ٻوليءَ جي رواج موجب ڪيترائي ٻٽا لفظ اسين ڳالھائڻ ٻولھائڻ ۾ پيا ڪتب آڻيندا آھيون. جئين تھ،

ننڍو نيٽو، دوست دڙو، ماڻھو ڇيڻو، پڪوڙو ڌڪوڙو، وغيره.

اھي ٻٽا لفظ اھڙا آھن، جيڪي اسان جي ٻوليءَ ۾اچي ويا آھن. انھن جي طرز تي اسين ٻيا نوان ٻٽا لفظ نٿا ٺاھي سگھون، يعني ٻوليءَ جي بيھڪ ۾ اھڙا ٻٽا لفظ غير- اپجائو (Unprodutive) آھن، پر انھن جي ڀيٽ ۾ ٻيا ڪجھھ ٻٽن لفظن جا اھڙا نمونا آھن، جن جي طرز تي اسين نوان ٻٽا لفظ ٺاھي استعمال ڪري سگھون ٿا. جيئن تھ ٻ وينجن دھراءَ سان ٺھيل ٻٽا لفظ،

دوا ٻوا، پاڻي ٻاڻي، شربت ٻربت،

ان طرز تي اسين ٻين ٻولين مان اڌارا ورتل لفظ بھ ٻ جي دھرائڻ سان ٺاھي سگھون ٿا. جيئن تھ،

فونو ٻونو، ريڊيو ٻيڊيو، ٽي. وي ٻيوي، اسٽيشن ٻسٽيشن وغيره.

ان مان ظاھر آھي تھ سنڌي ٻوليءَ ۾ ٻٽا لفظ جوڙڻ جو اھو نمونو اپجائو (Productive) آھي. ھاڻي ثابت ٿيو تھ غير- اپجائو ٻٽا لفظ بھ ٻوليءَ ۾ مروج اسعتمال آھن، جيڪي اسان کي جيئن جو تيئن، ڪنھن بھ ڦير گھير ڪر کانسواءِ استعمال ڪرڻا آھن.

مروج استعمالن جا قسم

سنڌيءَ ۾ ڪتب ايندڙن سڀني مروج استعمال کي اسين ٻن قسمن ۾ ورھائي سگھن ٿا.

1.          اھو مروج استعمال، جيڪو بيان ۾ ڪنھن جملي جي بيھڪ ۾ نھ ٻڌجي، ھڪ الڳ ايڪي يا جملي وانگر ڪتب اچي ٿو.

2.         اھو مروج استعمال، جيڪو بيان ۾ ڪنھن  جملي جو جزو بڻجي وڃي ٿو.

ھر ھڪ قسم جي مروج استعمال کي معنيٰ جي لحاظ کان ٻن ڀاڱن ۾ ورھائي سگھجي ٿو.

الف: اھو مروج استعمال، جيڪو اکري معنيٰ نھ ڏيئي، ٻوليءَ جي رواج موجب ٻي ڪا معنيٰ ڏئي.

ب:   اھو مروج استعمال، جيڪو پنھنجي اکرين معنيٰ ۾ ئي ڪتب اچي ٿو.

 

 

 

 

 

 

ھتي ڏنل سمجھاڻيءَ موجب مروج استعمال ڪل چئن قسمن جا آھن:

1.          اھو مروج استعمال جيڪو بيان ۾ الڳ ڪتب ايندڙ ھڪ پورو جملو يا ايڪو ھوندو آھي ۽ اکري معنيٰ بدران ٻوليءَ جي رواج موجب ٻي معنيٰ ڏيندو آھي. انھي کي پھاڪو چئبو آھي. مثال:

ھو ھميشھ پيو ٻين مان ويڪون ڪڍي، اھو ڪونھ ٿو ڏسي تھ ٻين کان وڌيڪ تھ پاڻ عيبن سان ڀريو پيو آھي.

مينھن پنھنجي ڪارنھن ڏسي ڪانھ، ڳئون کي چوي تھ ھل ڙي پڇ ڪاري.

ھتي ٿلھي ٽائيپ ۾ ڇپيل پھاڪو آھي. ان جي اکري معنيٰ آھي تھ مينھن پاڻ سڄي ڪاري آھي، پر پنھنجي ڪارنھن طرف ھن جو ڌيان ڪونھ ٿو وڃي. ويچاري ڳئون جنھن جو فقط پڇ ڪارو آھي، تنھن کي پيئي نفرت جي نگاھھ سان ڏسي ۽ پيئي ٽوڪيس تھ تون پڇ- ڪاري آھين. بيان ۾ اسان کي ان مروج استعمال جي اکري معنيٰ گھربل ڪانھي. حقيقت ۾ ان ذريعي اھو مطلب ٿو ظاھر ٿئي، تھ نيچ ماڻھو پنھنجون اوڻايون ڪونھ ڏسندو آھي. پر ٻئي ۾ ھڪ ٻھ عيب ڏسي بھ کيس ٽوڪيندو آھي. ھتي نيچ انسان جي ڳجھي ڀيٽ مينھن سان ڪيل آھي ۽ گھٽ عيبن واري شخص جي ڀيٽ ڳئون سان ڪيل آھي. ھيءُ مروج استعمال بيان ۾ ڪنھن ٻئي جملي جو جزو نھ آھي، پر پنھنجو الڳ، وجود رکي بيٺو آھي. اھو ھڪ ايڪو (Unit) آھي، جنھن ۾ ٽي جملا آھن.

.2     اھو مروج استعمال جيڪو بيان ۾ الڳ استعمال ٿيندڙ ھڪ پورو جملو يا ايڪو ھوندو آھي ۽ پنھنجي اکري معنيٰ ۾ ئي ڪتب ايندو آھي، انھي کي چوڻي سڏبو آھي. مثال:

ٻوڏ ۾ ستايلن کي مدد ڪرڻ جو ويچار ڪيو اٿيئي تھ پوءِ دير ڇو ٿو ڪرين؟ ترت دان، مھا پڃ.

ھن بيان ۾ ترت دان، مھا پڃ ھڪ چوڻي آھي، جنھن جو مطلب آھي تھ ڪنھن گھرجائو شخص جي وقت تي مدد ڪرڻ ئي ثواب جو ڪم آھي. ھتي اسان کي ان استعمال جي اکري معنيٰ ئي گھربل آھي ۽ اھو بيان ۾ ڪنھن ٻئي جملي جو جزو نھ آھي.

.3     اھو مروج استعمال جيڪو بيان ۾ ڪنھن جملي جو جزو ٿي ڪتب ايندو آھي ۽ اکري معنيٰ بدران ٻوليءَ جي رواج مطابق ٻي معنيٰ ڏيندو آھي، انھي کي محاورو يا اصطلاح چئبو آھي. مثال:

ڪمل ساھيڙين جي واتان اھا ڳالھھ ٻڌي پاڻي پاڻي ٿي ويئي.

ھن جملي ۾ پاڻي پاڻي ٿي وڃڻ ھڪ محاورو يا اصطلاح آھي، جيڪو جملي جو جزو ٿي ڪتب آيو آھي. ان جي اکري معنيٰ مان جيڪو ٻيو مطلب لڄي ٿيڻ، شرمسار ٿيڻ نڪري ٿو، اھوئي اسان کي گھربل آھي.

.4     اھو مروج استعمال جيڪو بيان ۾ ڪنھن جملي جو جزو ٿي ڪتب ايندو آھي ۽ ان جي اکري معنيٰ ئي گھربل ھوندي آھي، تنھن کي ورجيس چئبو آھي. مثال:

           پوليس کي ايندو ڏسي چور ائين ڀڳو، جيئن کاريءَ ھيٺان ڪانءُ،

           ماستر جڏھن موھن کان سوال پڇيو تھ ھو اھڙو ڪڇي، جھڙي ڀت.

           ڪالھھ ميدان تي گھڻي ئي ڇوڪر ٻاڪر اچي ڪٺا ٿيا ھئا.

انھن مثالن ۾ ٿلھي ٽائيپ ۾ ڇپيل استعمال ورجيسون آھن. اھي جملي جو ھڪ ڀاڱو ٿي ڪتب آيا آھن ۽ پنھنجي اکري معنيٰ ئي ڏين ٿا.

مروج استعمال جا ٻيا مثال:

١. پھاڪا

-  گدڙ ڊاک، نھ پڄي آکي ٿو کٽا   ،

-  جتي اٺ ترندو، اتي پڇ بھ تري ويندو     ،

-  ڏڌو کير ٿڻين نھ پوي   ،

-  بک ۾ بصر مٺا   ،

-  ڪتي جو پڇ ٻارھن مھينا نڙ ۾ وجھھ تھ بھ ڏنگي جو ڏنگو   ،

-  سيرو کاڌو پاتل ڦاٽي   ،

-  ٻليءَ  کي خواب ۾ ڇيڇڙا   .

 

٢. چوڻيون

           ڏياريءَ جو ڏيئو ڏٺو، ننڍو وڏو چڀر مٺو   ،

           .يار اھو جو اوکيءَ ويل ڪم اچي   ،

           آھھ غريبان، قھر خدائي   ،

           ڏکڻ مينھن نھ وسڻا جي وسي تھ ٻوڙي،

        ڪانئر ڌڪ نھ ھڻڻا جي ھڻي تھ جھوري،

           انسان خطا جو گھر آھي.

           جھڙي ڪرڻي تھڙي ڀرڻي  ،

           لالچ بري بلا   ،

           دير پيا درست پيا.

 

٣. محاورا يا اصطلاح

           کير کنڊ ٿي وڃڻ (ميل ميلاپ سان رھڻ)؛

           پنھنجي پير تي پاڻيھي ڪھاڙو ھڻڻ، (پنھنجي ھٿن سان پاڻ کي ھاڃو رسائڻ)؛

           دل نھ ڳرڻ  (پڄي نھ سگھڻ)؛

           وات ۾ مڱ پوڻ ( نھ ڪڇڻ، جواب نھ ڏيڻ)؛

           ڀت ۾ ڪٻر وجھڻ (ڪم ۾ رنڊڪ وجھڻ)؛

           منھن ٽامڻي ھڻڻ (جوش ۾، ڪاوڙ ۾ اچڻ).

 

٤. ورجيسون

چور چڪار، وھٽ واٽو، ڀاڙو ڀتو، لاءُ لشڪر، ڇڊو پاڊو، ڳجھھ ڳوھھ، گھڻو تڻو، بڪ شڪ، تيوڻ- تلھو، ڏسڻو وائسڻو، مار مانجھان، مار ڀيڻي؛ اڇو جھڙو کير؛ پيلو جھڙو ھيڊ.

سنڌي پھاڪن جي ڪيترن ئي مجموعن ۾ ڏٺو ويو آھي تھ پھاڪا ۽ چوڻيون ھڪ ھنڌ گڏ ڏنا ويا آھن، ڇاڪاڻ تھ ٻنھي جي بيھڪ ۾ فرق نھ آھي. ٻئي پوري معنيٰ ڏيندڙ ايڪا يا جملا آھن. انھن جي گڏ ڪندڙن عالمن جي راءِ ۾ پھاڪو ۽ چوڻي ٻئي ھم معنيٰ لفظ آھن. سندن ويچار ۾ پھاڪو اڪثر اکري معنيٰ بدران ٻي معنيٰ ۾ ڪتب ايندو آھي. اھو ٻيو مطلب ئي اسان کي بيان ۾ گھربل ھوندو آھي. پر ڪجھھ پھاڪا فقط اکري معنيٰ ۾ استعمال ٿيندا آھن. جن کي چوڻي بھ چئبو آھي.

ساڳيءَ طرح، محاورن يا اصطلاحن جي مجموعن ۾ ڪيترائي اھڙا لفظي ميڙ (Phrases) ڏنا ويا آھن، جيڪي فقط پنھنجي اکري معنيٰ ۾ استعمال ٿين ٿا. ڀيرومل مھر چند آڏواڻيءَ گلقند (پھاڪن ۽ اصطلاحن جو مجموعو) جي ٻئين ڀاڱي اندر اصطلاحن ۽ ورجيسن کي ھم معنيٰ لفظ ليکيو آھي. ھن ڪتاب جي آخر ۾ سمجھاڻي ڏيندي لکيو آھي. اصطلاھ يا ورجيس ان کي چئجي ٿو، جنھن جي اکري معنيٰ ھڪڙي ۽ رواج موجب ٻي آھي.  پر انھيءَ ڀاڱي ۾ ڪجھھ اھڙا لفظي ميڙ بھ ڏنا آھن، جيڪي اصطلاح نھ آھن. اھي فقط اکري معنيٰ ۾ ڪتب ايندا آھن. مثال طور،

آڳت يا جمع ڪرڻ (بنديءَ ۾ جمع واري پاسي ۾ پيسا داخل ڪرڻ)؛

ڀاڱي ڀائي (حصيدار، ڀائيوار)؛

لڄ آيس (لڄي ٿيو)؛

سج ڪني ڪڍي (سج ٿورڙو اڀريو).

انھيءَ ۾ شڪ نھ آھي تھ سڀني عالمن اھا ڳالھھ مڃي آھي تھ پھاڪا ياچوڻيون، محاورن (اصطلاحن) يا ورجيسن کان الڳ آھن. چاھي ھنن معنيٰ جي لحاظ کان انھن کي وڌيڪ قسمن ۾ نھ ورھايو آھي. پر منھنجي ويچار ۾ جيڪڏھن سنڌيءَ ۾ انھن مروج استعمال جو باريڪيءَ سان ڇيد ڪبو، تھ پوءِ انھن کي چئن قسمن ۾ ورھائڻو پوندو، جيئن ھتي  (مٿي) سمجھايو ويو آھي.

پھاڪن ۽ محاورن ۾ ٻي معنيٰ ڪيئن ٿي ملي؟

اسان ڏٺو تھ بيان ۾ پھاڪن ۽ اصطلاحن جي اکري معنيٰ نھ کڻيي، ٻي معنيٰ کڻجي ٿي. ھاڻي سوال ٿو پيدا ٿئي تھ، اھڙن استعمالن ۾ لفظن جي اکري معنيٰ مان ٻيو مطلب ڪيئن ٿو حاصل ٿئي؟ ھيءُ اھڙو موضوع آھي جنھن تي علم لسانيات ۽ شاعريءَ  جي علم ۾ گھڻي تفصيل سان بحث ڪيل آھي. ھتي اپٽار نھ ڪري، فقط ٿوري ۾ انھيءَ تي روشني وجھڻ ٺيڪ ٿيندو.

جڏھن اسين ڪنھن کي چئون ٿا.  فلاڻو اٿيئي ٻگھلو ڀڳت، متان سندس ڦندي ۾ ڦاٿو آھين. تڏھن اسان جو مطلب اھو نھ آھي. تھ بيان ڪيل ماڻھو ٻگھلو پکي آھي. ٻڌندڙ بھ ڄاڻي ٿو، تھ جنھن جو بيان ڪيو ويو آھي، اھو ماڻھو آھي، پکي نھ آھي. تڏھن ھو ٻوليءَ جي رواج مطابق انھن لفظن جي ٻي معنيٰ کڻي ٿو، جا آھي ٺڳ، دوکيباز، مڪار. ھن مان ظاھر آھي تھ، جنھن لفظ جي اکري معنيٰ بيان ۾ نٿي ٺھڪي، تڏھن ان جي ٻي معنيٰ کڻجي ٿي، پر انھيءَ جو اھو مطلب نھ آھي تھ، جيڪا بھ ٻي معنيٰ اسان کي وڻي، اھا کڻون. حقيقت ۾ اھڙي حالت ۾  لفظ جي ٻي معنيٰ اھا کڻبي آھي، جنھن جو لفظ اکري معنيٰ سان ڪونھ ڪو لاڳاپو ضرور ھوندو آھي. ھتي ٻگھلو لفظ جي اکري معنيٰ آھي.  ٻگھلو پکي؛ ۽ ڀڳت لفظ جي معنيٰ آھي، ڀڳتي ڪندڙ؛ سنت ساڌو، ھتي انھن لفظن جو مطلب ٺڳ، دوکيباز، مڪار، کنيو ويو آھي، جنھن جو لفظن جي اکري معنيٰ سان گھرو لاڳاپو آھي. ھتي ٻگھلي ۽ ٺڳ ماڻھوءَ جي سڀاءُ ۾ ھڪجھڙائيءَ طرف اشارو ڪيل آھي. ھتي ٻگھلي ۽ ٺڳ ماڻھوءَ جي سڀاءُ ۾ ھڪجھڙائيءَ طرف اشارو ڪيل آھي. اوھان ڏٺو ھوندو تھ ٻگھلو پکي جڏھن ڳچي بدن ڏانھن سرڪائي، اکيون ٻوٽي، چپ چاپ چنڍ ۾ ھڪ ٽنگ تي بيٺو ھوندو آھي، تڏھن ائين لڳندو آھي، ڄڻت ھ ڪو ساڌو مھاتما پاڻيءَ ۾ ھڪ ٽنگ تي بيٺو تپسيا ڪري، پر جيئن ئي پاڻيءَ ۾ ذري بھ چرپر ٿي، تيئن ئي اھو اکيون ڦرڙائي، مڇيءَ کي ڏسندي ئي جھٽ ھڻي چھنڀ ۾ پڪڙي وٺندو آھي. ٺڳ ماڻھو بھ انھيءَ ٻگھلي پکيءَ وانگر آھي. ھو ٻاھران تھ ٻالو ڀولو، سادو لڳندو آھي. پر اندر ۾ پڪو ابليس ھوندو آھي.

اتي ٻيدو سوال ھو ٿو پيدا ٿئي، تھ اسين ٻوليءَ ۾ اھڙا لفظ ڪتب ئي ڇو ٿا آنيون، جو بيان ۾ انھن جي اکري معنيٰ نٿي ٺھڪي، جنھن ڪري اسان کي پوءِ ٻي معنيٰ کڻڻي ٿي پوي. انھيءَ جو جواب ھيءُ آھي، تھ اسين ٻوليءَ ۾ اھڙا لفظ ان ڪري ٿا استعمال ڪريون، جو منجھنن زور ۽ اثر پيدا ڪرڻ جي جيڪا قوت آھي، اھا فقط اکري معنيٰ ڏيندڙ لفظن ۾ ڪانھي. ڪنھن کي ٺڳ يا دوکيباز، چوڻ ساڻ انھيءَ ماڻھوءَ جو سڀاءُ چٽيءَ طرح ۽ اثرائتي نموني ظاھر نٿو ٿئي، ڇاڪاڻ جو ٺڳي ھڪ خيالي (Abstract) عمل آھي، پر انھيءَ ماڻھوءَ کي ٻگھلو ڀڳت چوڻ سان اسين ٻگھلي پکيءَ جي تمثيل تي سندس سڀاءَ جو چٽو ۽ اثرائتو چٽ چٽي ٿا ڇڏيون. اھڙن لفظن کي استعمال ڪرڻ جو اھوئي مکيھ مقصد آھي. سنسڪرت ۾ شاعريءَ جي علم جي ڄاڻن شبد شڪتي (لفظن جي طاقت) موضوع ھيٺ، انھن سوالن جي باريڪيءَ سان ڇنڊڇاڻ ڪئي آھي. ڪنھن بھ ٻوليءَ ۾ محاورا ۽ پھاڪا ان طرح پنھنجي اکري معنيٰ کي ڇڏي، ٻوليءَ جي رواجم مطابق ٻي معنيٰ جو اظھار ڪندا آھن.

مروج استعمال جي اھميت

مروج استعمال يعني پھاڪا، چوڻيون، محاورا ۽ ورجيسون آھن، ٻوليءَ جي سونھن، انھن جي جوڳي استعمال سان ٻولي سلوڻي، دلڪش ۽ اثرائتي بڻجي پوي ٿي. مثال طور،

دشمن کي ايندو ڏسي ھو پڇ پائي اٿي ڀڳو

يا

دشمن کي ايندو ڏسي ھو ائين ڀڳو، جيئن کاريءَ ھيٺان ڪانءُ.

انھن جملن ۾ جيڪا سونھن، نزاڪت ۽ اثر آھي، اھو دشمن کي ايندو ڏسي ھو ڀڄي ويو انيھءَ سادي رواجي جملي ۾ نھ آھي. انگريزي آيا ھندستان ۾ واپاري بڻجي، پر پو٣ ملڪي ڦوٽ جو فائدو وٺي حاڪم بڻجي ويھي رھيا. آئي ٽانڊي لاءِ بورچاڻي ٿي ويٺي، انھيءَ مان پھاڪي ڪڍي ڇڏڻ سان بيان جو اثر گھڻو گھٽجي ويندو.

موضوع جي لحاظ کان پھاڪا ۽ چوڻيون وھنواري زندگي جي آزمودن مان حاصل ڪيل ڏاھپ ڀريا گفتا آھن. اسان جي آبن ڏاڏن، زندگيءَ جي لاھين چاڙھين،  ڏکن ڏولائن، غمن خوشين ۾ رھندي، وھنواري زندگيءَ جي آزمودن مان جيڪي پرايو، اھو سڀ ننڍڙن سخنن جي صورت ۾ سھيڙي پونئين کي ورثي ۾ ڏيئي ويا. اھڙن ننڍن ڏاھپ ڀرين گفتن، سماج ۾ مروج ٿي پھاڪن ۽ چوڻين جو درجو حاصل ڪيو. ھتي اھا ڳلاھھ ڌيان ۾ رکڻ جڳائي تھ پھاڪا ۽ چوڻيون ھڪ شخص جي دماغي ورزش جي پيدائش نھ آھن. ڪو عالم جيڪڏھن ڪنڊ پاسيرو اڪيلائيءَ ۾ ويھي سوچ ويچار ڪري ۽ نصيحت آميز، پر معنيٰ نڪتا لکي عوام اڳيان رکي، تھ اھي پھاڪي يا چوڻيءَ جو درجو مشڪل حاصل ڪري سگھندا. انھيءَ ۾ شڪ نھ آھي تھ ھر ڪو پھاڪو ھرڪا چوڻي پھرين پھرين ڪنھن ھڪ شخص جي واتان نڪتل آھي، پر انھيءَ ۾ جيون جي سچائي اھڙي تھ سھڻي، دلچسپ ۽ اثرائتي نموني پيش ڪيل آھي، جو ان سماج جا ٻيا  ماڻھو ٻڌندي ئي متاثر ٿيو ٿا وڃن ۽ پوءِ اھي انھيءَ سخن کي اپنائي ڳالھائڻ ٻولھائڻ ۾ پاڻ بھ ان جو استعمال ٿا ڪن. اھڙيءَ طرح ھڪ شخص جي آمودن ۽ جذبات جي سڀاويڪ اظھار تي بيٺل سخن، عوام ۾ مروج ٿي، پھاڪا يا چوڻي، بڻجي وڃي ٿو. ڪن حالتن ۾ اعليٰ شاعرن جي بيتن جون ننڍڙيون تڪون بھ اثرائتيون ۽ دلڪش ھئڻ سببان عوام جي دل ۽ دماغ تي پانئجي ٿيون وڃن. مثال طور، شاھھ لطيف جي ڪلام جون ھي سٽون ڏسو:

- ديسي سيڻ ڪجن، پرديسي ڪھڙا پرين.

- ڏک سکن جي سونھن، گھوريا ڏک سکن ري.

- تتيءَ ٿڌيءَ ڪاھھ، ڪانھي ويل ويھڻ جي.

اھڙا سخن بھ عام ماڻھن ۾ مروج ٿي، وقت گذرندي پھاڪي يا چوڻيءَ جي درجي تي پھچي ٿا وڃن.

 

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

 Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com