سيڪشن؛ لوڪ ادب

ڪتاب: سنڌي پھاڪا ۽ محاورا

باب: --

صفحو :13

  

 

پھاڪن، چوڻين ۽ محاورن ۾ سنڌيت

 

سنڌي پھاڪا، چوڻيون ۽ محاورا عام سنڌي ماڻھن جي جذبات، آزمودن ۽ سوچ، ويچار جو اظھار آھن. اِنھيءَ ڪري انھن ۾ سندن تھذيب ۽ ثقافت جو عڪس وسيع پيماني تي ملي ٿو. ان ۾ سٺا ۽ مٺا، ڀلا ۽ بُرا ٻئي پھلو شامل آھن. ھتي اوھان کي ھڪ طرف پير ۽ فقير، ساڌو ۽ سنياسي، سکر ۽ رڄ مڙس، واڻيا ۽ وڪال، شاھ ۽ سوداگر نظر ايندا، تھ ٻئي طرف ٺڳ ۽ چور، لچا ۽ لفنگا، نشئي ۽ ڀنگئي، ڀڙوئا ۽ ڀانڊ بھ ڏسڻ ۾ ايندا.

عام طور، وڏ گھراڻيون عورتون گھر اندر ڍڪ پردي ۾ رھنديون آھن. ھو ست ڌارين اڳيان اچڻ پسند نھ ڪنديون آھن. پر پھاڪن، چوڻين ۽ محاورن جي دنيا ۾ اھي بي حجاب اوھان سان ڳالھيون ٻولھيون ڪرڻ لاءِ ٻاھر نڪري ٿيون اچن.  نھ فقط ايترو، پر لوڪن جي انھن لساني استعمالن ۾ نچڻن ۽ ڳائڻڻ، سازيندڙھن ۽ سرنداين، رنن ۽  ڪنڃرين سان بھ اوھين ملاقات ڪري سگھو ٿا. عام ماڻھن جي گفتو ۽ ٻوليءَ جو رنگ ڍنگ بھ نرالو آھي. ٽپ ٽپ تي چرچي گھٻي گارگند جو ھڪو پيو پوندو. اھڙا لفظ ۽ اصطلاح جن کي اعليٰ ادب ۾ ڪم آڻڻ فاحش ۽ متروڪ ليکيو ويو آھي، اھي عوام جي ٻوليءَ ۾ عام جام استعمال ٿين ٿا. مطلب تھ لوڪ سماج ۽ لوڪ نمانس جو اھڙ پھلو مشڪل ملندو، جنھن جو اظھار ٻوليءَ جي ھنن ننڍڙن استعمالن ۾ نھ ٿيو ھجي.

پھاڪن، چوڻين ۽  محاورن ۾ سماجڪ حالتن ۽ عوام جي گوناگون رنگن سان چٽيل زنگيءَ جي تصوير جو جائزو وٺڻ نھايت اوکو ڪم آھي. ان تي جيترو لکجي اوترو گھٽ آھي. اِنھيءَ ڪري مان ھتي فقط نموني طور ڪجھھ پھلوئن تي روشني وجھندس.

١. سماجي حالتون

سماج ۾ ڪجھھ ڪرسمون (غلط رسمون) ايتري قدر پختي پائي ٿي ويون آھن، جو سماج سڌارڪن ۽ اڳواڻن جي سخت ڪوششن باوجود اھي ختم ٿي نھ سگھيون آھن. ڏيتي ليتيءَ جي ڪرسم انھن مان ھڪ آھي. ان ڏانھن اشارو ڪندڙ پھاڪو آھي.

ابو گسي، ڌيءَ وسي. پيءَ پنھنجي ڌيءَ جي شاديءَ لاءِ قرضن جا ڪوٽ چاڙھڻ کان بھ نٿو ڪيٻائي.، پوءِ ڀلي تھ سندس گھر ڏولائن ۾ اچي وڃي. نياڻيءَ جي شاديءَ بعد ھن جي جند آزاد ٿي. ائين بھ نھ آھي. کيس ڏڻ وار تي بھ سيڻن کي راضي رکڻو پوي ٿو، جيڪڏھن ائين نھ ڪيائين، تھ پوءِ سندس ڌيءَ کي ساھرن ۾ جيڪي طعنا طنڪا سھڻا پون ٿا، انھن جو ڪاٿو ئي نھ آھي.

سڃي، ابي ڄائي، ڇڄ ڇنڊيندي آئي.

يا

سڃن اباڻن ڌوڙ  مرڪن ڌيئرون

ان ڪري ڇوڪريءَ جو پيءُ وس پڄندي سيڻن سان ڏند نٿو ڏئي، ڇاڪاڻ تھ، سيڻن جا ڳلاھائين نيڻ، نھ ڪ ڏند. سيڻ آھن ينڻ. انھن سان چٻي چٿي ڳالھائڻو پوي ٿو. جيڪڏھن اتفاق سان ڪو گٿو لفظ نڪري پيو تھ اجائي ڦڪت ٿي پوندي. سيڻپو ويڻپو، ويرپو ماءُ  پيءُ پنھنجي ڌيءَ کي اھائي نصيحت ڏين ٿا تھ شاديءَ بعد ساھرن جي ڀيت تي ھلجي:

ڌيئڙي سو ڪر، جو ڏٺئھ ماءُ گھر،

نونھڙي سو ڪر، جو ڏٺئھ سس گھر.

سلڇڻي ڇوڪري وس آھر اھائي ڪوشش ڪري ٿي تھ پنھنجيءَ ھلت چلت سان سڀني جو راضپو ھٿ ڪري. ان ۾ سندس پيڪن جي بھ نيڪ نامي آھي. نونھن آھي ٻن گھر جو ڏ يئو، پيڪو بھ ٺاري، تھ ساھرو بھ ٺاري. ان ھوندي بھ جيڪڏھن کيس ساھرن ۾ ڏکيا ڏينھن ڏسڻا ٿا پون، تھ لاچار چئي ٿي ڇڏي تھ:

ساھرا آھرا ٻاٻرا ڪنڊا،

جو پاسو وراءِ، چڀ چڀ ڪندا.

ڇوڪريءَ جا مائٽ صبر سان مٺو ڪري ڀوڳين ٿا. ھو سمجھن ٿا تھ جيڪڏھن سيڻن سان چپ پياسين، تھ اِن مان وکاند وڌڻ کانسواءِ ٻيو ڪو نتيجو مشڪل نڪرندو.

ڏني ڄائي، تھ ڇٽي وائي.

يا

جن کي ڏنيونسين ڄايون، تن سان ڪھڙا سينا ساھيون.

يا

جتي وڇاياسين وار، اتي ڪھڙا پار!

مطلب تھ حالت اھا آھي، جو جنڊ کڻ تھ جنڊ ڳورو، پڙکڻ تھ پڙڳورو. ساھرن جي انھن سھمن ۽ سورن ڀئھ ڊڄي، ڪڏھن ڪڏھن ڇوڪري اھو ٿي چاھي، تھ کيس اھڙ گھر ملي، جتي سس سھرو نھ ھجن.

ڀڳوان تنھنجو ٿورو، مڙس ڏجانئم ڇورو.

ان ۾ شڪ نھ آھي تھ ڌيءُ گھر جي لڇمي آھي ھوءَ ڄمڻ سان ئي ڀاڳ بھ کنيو ٿي اچي. پر ٻئي طرف، مائٽ اھو بھ سمجھن ٿا: ڌيئر پرائو ڌن آھن. ڪاليداس پنھنجي ناٽڪ اڀڳيان شاڪنتلم ۾ بھ ان قسم جو اظھار ڪيو آھي ارٿو ھي ڪنيا پر ڪي ايو يعني ڌيءَ اھڙو ڌن آھي، جيڪو ٻئي جي امانت آھي. ان ڪري مائٽن جي من ۾ ھميشھ اھو انديشو رھي ٿو تھ خبر نھ آھي تھ نياڻيءَ کي ور گھر سٺو ملندو يا نھ؟ شاديءَ بعد سندس زندگيءَ  سکي گذرندي يا نھ؟ انھيءَ وسوسي ڪري ئي سماج ۾ ٻيءَ خواھشن جو جنم ٿيو آھي. اھا آھي ڌيءَ جي ڀيٽ ۾ پٽ جي جنم جي آس رکڻ.

انھيءَ جو ٻيو ڪارڻ اھو بھ نظر ٿو اچي، تھ اسان جي سماج ۾ خاندان جو سلسلو پٽن جي جنم سان ڳ نڍيل آھي. پٽ ڄائو معنيٰ پيڙھي وڌي، پٽن پيءَ ھئڻ محاوري جو اشارو اِن خواھش تي بيٺل آھي، جنھن جي اصطلاحي معنيٰ آھي بي ڦلڪو يا ڳڻتين کان آجو ھئڻ.  ٻئي طرف، ڇوڪريءَ شادي ڪئي تھ ان کي اصطلاحي ٻوليءَ ۾ چئو ھوءَ وڃي شينھن ڪلھي چڙھي. نياڻيءَ جو پيءُ ھو ڳڻتين ۾ ڳيٿل، سو ڌيءَ پرڻائي سمجھيائين تھ ھوءَ ھاڻي وڃي شينھن مڙس جي ڪلھي چڙھي يعني لائق شخص جو سھارو حاصل ڪيائين. ڌيءَ پرڻائڻ کي ھندو پيءُ ائين ٿو سمجھي، ڄڻ تھ گنگا سنان ڪيائين. پھرين پٽ ڄمڻ جي آس رکندي بھ جيڪڏھن ڪنھن کي ڌيءَ ڄمي ٿي، تھ ھو پاڻ کي آٿت ڏيڻ لاءِ ائين ٿو چوي، پھرين ڌيءَ پٽ برابر. سماج ۾ اڪثر اِھو ڏٺو ويو آھي تھ ڌيءَ جي بنسبت پٽ جي ڄمڻ تي وڌيڪ خوشي ملھائي ٿي وڃي. ڪي ماڻھو تھ پٽن جي ڄمڻ تي شان- مان سان ڇٺيون ڪندا آھن. ٻئي ھو ڌڏيئرن جون ڇٺيون بھ ڪونھ ٺھرائين. پٽ ۽ ڌيءَ سان واسطو رکندڙ ٻيون بھ گھڻيئي چوڻيون سنڌيءَ ۾ ملن ٿيون. انھن مان اِھو بھ ظاھر آھي تھ ڪن حالتن ۾ ڌيءُ جو جنم بھتر سمجھيو ويو آھي. مثال طور:

- نامراد پٽ کان ڌيءَ بھ چڱي.

- ڪپاٽ پٽ کان سپاٽ ڌيءَ ڀلي.

- پيئيءَ ليئيءَ ڌيءَ ڪم اچي.

اڄڪلھ جي زماني ۾ ڌيءَ پٽ جي وچ ۾ خاص فرق ليکيو نٿو وڃي، ڇاڪاڻ تھ ڇوڪريون بھ سماج جي جدا جدا کيترن ۾ ڇوڪرن سان ڪلھو ڪلھي ۾ ملائي ڪم ڪري رھيون آھن. ڪيترين  حالتن ۾ تھ اھي ڇوڪرن کان گوءِ کڻي ويون آھن.

گڏيل ڪٽنبن ۾ ڏيراڻين جي وچ ۾ رشتو ناتو اڪٿر مٺ محبت ۽ سڪ پريم وارو نھ رھيو آھي. انھيءَ جي جھلڪ گھڻين ئي چوڻين مان ملي ٿي. جيئن تھ:

- کھھ پيو ڏيرپو، جنھن وڃايو ڀيڻپو؛

- ڪني ڪني، پر ڏيراڻيءَ نھ ڏني؛

- ڏيراڻيون توڙ جون ويريانيون؛

- ڏيھھ چوي، ڏيراڻي نھ چوي؛

- جرنئيس، جيڏي نئيس، پنھنجي نھ نئيس.

گھريلو جيوت ۾ جدا جدا رشتن ناتن بابت سنڌيءَ ۾ گھڻيئي چوڻيون ملن ٿيون. جيئن تھ،

- ڄائو پٽ لٿي سڪ، پرڻيو پٽ پيئي ڀِڪ.

-  پٽ پرڻيو معينٰ پر نيو.

- ڪنو وٽي، وھھ جي وٽي.

- کٽيو کائي مڙس جو، چي جيئي منھنجو ابو.

- سس ري نھ ساھرا، ساليءَ ري نھ نينھن.

چندري نھ راتڙي، سج ري نھ ڏينھن.

- سالا کائين ساليون کائين، واھھ مارئي جي کٽي،

ڀائر کائين، ڀينر کائين، پيئي ماري تي چٽي.

- سالا شينھن کي بھ پيارا آن.

- ڀائر ڪوٽ جا ڪنگر، پٽ گھر جي سونھن،

ويٺا ڪن ورونھن، ڏڄڻ ڏوران ئي ڏري.

- کائي پي ڏوھٽا، ڪوٺبا ڏاڏي پوٽا.

- لوڪ ليکي چري کري، مڙس ليکي حور.

ڄڻي ڏنائينس پٽڙا، تھ لھي ويس سور.

- مرد جي کٽي، زال جي سھير.

- گھڻين زالين گھر نھ ھلي، گھڻين مردين ھر نھ ھلي.

سماج ۾ ٻڍاپي ۾ شاديءَ کس ٺو نھ ليکيو ويو آھي. ساڳيءَ طرح ھندو سماج ۾ اِھو بھ صحيح قدم نھ سمجھيو ويو آھي. تھ مرد ھڪ زال جي حيات ھوندي ٻي شادي ڪري. اِن تي ڪجھھ چوڻيون ڏسو:

          پريو مڙس پئھ نھ ڪجي، وڃائجي نھ وھي،

ڪڻڪن ۾ لابارا پوندا تھ ماريو پوندو ڊھي.

          پيريءَ جي شادي آھي خيراتي کوھھ کڻائڻ

          ٻن ونين جو ور، تنھن جو مساڻن ۾ گھر،

          مڙس پوڙھو، زال جوان، تنھن کي ڄاڻج ڪک جو ڪان.

سنڌي براھمڻن لاءِ چوڻي مشھور آھي، تھ ٻانڀڻ ٻانھن لاءِ محتاج.

ڪو وقت ھئو، جڏھن  سنڌ جي براھمڻن ۾ ڏي وٺ ۽ شادي وھانءُ جي لحاِظ کان تمام گھڻو ڪٽرپڻو ھئو.

(وڌيڪ پڙهو)

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

 Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com