سيڪشن؛ لوڪ ادب

ڪتاب: سنڌي پھاڪا ۽ محاور

باب: --

صفحو :8

 

 

پارسي گھوڙي چاڙھسي

۽

پڙھي پارسي، وڪڻي کڙتيل، ڏسو ھي قسمت جو کيل

 

اھي چوڻيون سورھين عيسوي صدي کان وٺ سنڌ ۾ سن ١٨٤٣ع ۾ انگريزن جي حڪومت برپا ٿيڻ واري عرصي تائين، تعليم ۽ ادب جي ميدان ۾ پارسي ٻوليءَ جي اوج طرف اشارو ڪن ٿيون. ان زماني ۾ پارسيءَ جو بول بالا ھئو. پارسي دان وڏن سرڪاري عھدن تي مقرر ٿ يندا ھئا، جيڪڏھن پارسي پڙھڻ بعد پڻ ڪو ماڻھو رواجي ڌنڌي ۾ وڃي پوندو ھو، تھ سندس بدقسمتي تي ٻيا ڏندين آڱريون ڏيندا ھئا.

راجا دلوراءِ ھڪ نيم-تاريخي شخصيت آھي، جنھن جو دورو ڪن تاريخ نويسن جي راءِ مطابق يارھين عيسوي صدي آھي. ھن جو واسطو ڪيترن ئي ڏند ڪٿائن سان آھي، جن ۾ سندس ظلم ۽ اتياچار جو چٽ چٽيو ويو آھي. برھمڻ آباد شھر جي برباد ۽ ڀڙڀانڪ ٿيڻ جو سبب پڻ راجا دلوراءِ جو ظلم ڏيکاريو ويو آھي. دلوراءِ جي نگريءَ وانگر ناس ٿي ويندين چوڻي بھ انھي بنياد تي ٺھي آھي.

دلوراءِ سان واسطو رکندڙ ھڪ ٻيو پھاڪو آھي:

وھڻ منڍو ئي ناھھ، دلو پڇي نار کي.

جڏھن ڪو ماڻھو اڻ ھ ونديءَ ڳالھھ جي اميد رکندو آھي يا گھر ڪندو آھي، تڏھن ھيءُ پھاڪو ڪتب ايندو آھي. ڀيرومل مھرچند پھاڪن جي پيڙھھ ڪتاب ۾ انھيءَ پھاڪي جي بنياد ۾ موجود واقعي جو بيان ڪندي لکيو آھي:.

دلوراءِ جنھن جي نگري ناس ٿي ويئي، تنھن ھڪ لڱا ٻڌو تھ ھڪ حسين عورت ٻيڙيءَ ۾ چڙھي پيئي وڃي. ھن يڪدم پنھنجن ماڻھن کي حڪم ڪيو تھ اھا عورت وٺي اچو. عورت کي جڏھن اھا خبر پيئي، تڏھن ھن ڌڻي کي سوال ڪيو تھ مون کي دلوراءِ کان بچاءِ، ڌڻي جي قدرت، جو جھٽ درياھھ ور کائي دلوراءِ جي نگريءَ کان ڳچ پري وھڻ لڳو، جنھن ڪري دلوراءِ جا ماڻھو ھن عورت جي ٻيڙي کي پھچي ڪين سگھيا. ڳچ مھل کان پوءِ دلوراءِ پنھنجي ماڻھن کان پڇيو تھ ھوءَ عورت آئي؟ سندس ماڻھن چيو تھ قبلا خود درياھھ ئي ڪونھي تھ پوءِ عورت وري ڪيئن ايندي؟ انھيءَ ڳالھھ تي اھو پھاڪو چيائون. (پھاڪن جي پيڙھھ، ص ٥٧).

٣.  سياڻن جا سخن ۽ نصيحت آميز نڪتا.

روزاني وھنوار ز ندگي ۾ ويچاروان شخصن ۽ث سياڻن جيڪو آزمودو حاصل ڪيو. انھيءَ کي ھنن پھاڪن ۽ چوڻين جي روپ ۾ ظاھر ڪيو. عوام جي رھنمائي لاءِ ھنن نصيحت ڀريا نڪتا بھ چيا، عام جنتا ۾ مشھور شاعرن جي بيتن ۽ث سلوڪن جي ڪن سٽن بھ مشھوري حاصل ڪري پھاڪي جو درجو حاصل ڪيو. اھڙي قسم جا پھاڪا ھر ھڪ ٻوليءَ ۾ جھجھي تعداد ۾ ملن ٿا. انھن جو واسطو ان لساني سماج جي خاصيتن، رھڻ-ڪھڻيءَ، سڀيتا ۽ ثقافت سان گھڻو ھوندو آھي. ان طرح جي سنڌي پھاڪن جا ڪجھھ مثال ھن ريت آھن:

-ڌڪ ھڻ ڌيءُ کي، تھ سکي نونھن.،

- وٿ نھ کٽي، وٿ جو ويٺن کٽي.

- نھن سان ڇڄي تھ ڪاتي ڇو وجھجھي؟

- نانءُ مردان، ڌن آوي جاوي.

- ڀلي بک ڀرم جي شال م وڃي شان،

- لکيو منجھھ نراڙ، قلم ڪياڙيءَ نھ وھي.

- گھڻن کنئي ڇپر کڄي.

- سنگت تاري، ڪسنگ ٻوڙي.

- ڪاڻيءَ جي وھانءُ ۾ نکٽ بھ گھڻا.

- صبر جني جو سيڱ، تير نھ گسي تن جو.

- سوڙھيءَ سياندريءَ وھنوار نھ ڪجي.

- سنسار مھاڄار.

٤- انساني جذبات جو رد عمل

انسان سماج ۾ رھي ٿو. ھڪ ٻئي سان لھھ وچڙ ۾ اچي ٿو. انساني رشتن ناتن ۾ محبت، نفرت، ھمدردي، بي رحمي، دشمني، کل خوشي چرچو گھٻو، طنز ۽ سٺ وغيره جذبا جدا جدا وقتن تي حالتن مطابق پيدا ٿين ٿا. اھي انسان يج سڀاءُ جو ھڪ انگ آھن. اِنھيءَ کانسواءِ ڀرم سنسبا، مذھبي اعتقاد، تقدير ۽ تدبير جا کيل، آتما ۽ پرماتما وشواس وعيره بھ لوڪ جي دل ۽ دماغ تي ڇانيا پيا آھن. ان ڪري اھڙن جذبن جو اظھار پڻ گھڻن ئي پھاڪن کي جنم ڏئي ٿو. جيئن تھ،

- پنجابي ايڪ تھ ڀاوين ڏون، پنجابي ڏون تھ جھڳا ئي جھڳون.

- خيرپوري نيت بُري، ھٿ ۾ قرآن ڪڇ ۾ ڇري.

- بندرو ٻڌي سندرو تھ الھھ بھ نھ پڄي.

- بندرو شيطان.

- ٻٽيھھ منڊ منڊي ۾، اسيءَ ۾ ڪاڻو، جڏھن گنجھھ ساماڻو تھ مڙني کڻي ماٺ ڪئي.

- شيرو ٻلو شاھ جو، نھ پيءُ جو نھ ماءُ جو.

- چريا ڏيئي چار، واڇان وٺجي ھڪڙي (سا بھ چرين جي آچار)

- عشق نھ پڇي ذات،

- عشق انڌو آھي.

- منھن تھ موسيٰ جھڙو، اندر ۾ ابليس.

- ڪر چڱائي ڄٽ سان، تھ ڦيري ھڻي پٽ سان.

- ڇوڪر ڇتيءَ ذات جا، ڀون ڀون ڪن ڀڳت ۾.

- ديوان جو دم، دمڙيءَ جي دال تي.

- لولي ڇٽي ڪتڻ کان، نچڻ لڳس ٻار.

٥.  پروليون ۽ ٻول

سنڌيءَ ۾ ڪجھھ چوڻيونا ھڙيون آھن، جن جو بنياد نظم ۾ چيل پروليون ۽ سگھڙن جا ٽوڪن وارا ٻول آھن. حقيقت ۾ پروليءَ جو مقصد ھوندو آھي، ڪنھن جي عقل ۽ جي پرک ڪرڻ، ڳوٺاڻين ڪچھرين ۾ سومھڻيءَ مھل جڏھن ڳوٺاڻا روزاني ڪم ڪار مان واندا ٿي اچي رھاڻيون ڪندا آھن، تڏھن اڪثر شعر ۽ بيت ڳائيندا آھن، ڳالھيون کڻندا آھن ۽ ٻئي کي ڳجھارتون توڙي پروليون ڏيندا آھن. گروءَ ۽ چيلي جي وچ ۾گفتگوءَڙ واريون پروليون ھندي، راجسٿاني، سنڌي ۽ ٻين ڪن ڀارتي ٻولين ۾ مشھور آھن. انھن ۾ گرو سوال پڇندو آھي تھ چيلو انھيءَ سوال جو جواب ڏيندو آھي. جيئن تھ،

گرو: سئيءَ ۾ ڌاڳڪو پوي ڇو نھ.

طعام ۾ پاڻي وجھي ڇو نھ،

مرد گھر ۾ رھي ڇو نھ؟

چيلو: گرو جي لڙ آھي.

(سئيءَ ۾ ڌاڳو نٿو پوي جو اکين ۾ لڙ يا ڌنڌ آھي، تنھن ڪري پامکو نظر نٿو اچي، پاڻي بھ طعام ۾ نٿو وجھي جو لڙاٽيل يا ميرو آھي؛ ۽ مرد بھ گھر ۾ نٿو ويھي جو گھر ۾ لڙ يعني جھيڙ جھٽو ۽ گوڙ آھي.)

اِنھيءَ ۾ ٿوري تبديل ڪري، ھن ريت بھ چوڻي مروج آھي سئيءَ ۾ ڌاڳو، طعام ۾ پاڻي ۽ گھر ۾ رمدنھ آھي، ڇو تھ لڙ آھي.

سگھڙن جا ڪجھھ اھڙا ٻول بھ عام ماڻھن ۾ مشھور آھن، جن ۾ ساڳين شين يا گڻن وغيره جو بيان ھوندو آھي. انھن کي ڪي ٿوڪ بھ سڏين. انھيءَ قسم جا ٻول يا انھن جا ڪجھھ حصا پڻ چوڻين وانگر مروج ٿي ويا آھن. مثال طور،

انڌو ۽ اڻ سونھون، ٻئي ھڪ آچار.

- حاڪم، باھھ ۽ پاڻي، اھي ٽيئي گھٽ نھ ڄاڻ.

- ڪاچ ڪٽورو، گيھھ گھڙو، موتي ۽ من،

ڀڳا وري نھ ٺھن، تن جو ڪجي جتن.

- ھڪ انڌو، ٻيو پوڙھو، ٽيون ٻوڙو، چوٿون ٻار، پنجون بيمار،

اھي پنج ئي بي ميار

ھن قسم جا ٻول حقيقت ۾ پڇيل سوالن جي جوابن طور چيل آھن.

جيئن تھ،

ڪھڙا ٻھ ڄڻا آچار وارا آھن؟

ڪنھن کي گھٽ نھ ڄاڻجي؟

اھي ڪھڙيون چار شيون آھن جيڪي ھڪ دفعو ڀڳيون تھ وري جڙي نھ سھگنديون؟

اھي پنج ڪير  آھن،ج ن تي ميار نھ آھي؟

ڪڏھن ڪڏھن ٻولن جا ڪي ٽڪرا ھوبھو يا ٿوريءَ ڦير گھير سان چوڻين جي روپ ۾ مشھور ٿي ويندا آھن. ھڪ سگھڙ جو ٻول آھي:

ڳئون ۽ مينھن ويٺي ڏڀي، بيٺي ڏڀي اٺ،

چاري اٽي ڏجي سڃ، گئو اٽي مٺِ،

جھڙو لڳي واءُ، تھڙي ڏجي پٺ.

ھن ٻول جي آخري سٽ چوڻي آھي. وچين سٽ ۾ سگھڙ ٻڌائي ٿھو تھ، (چاري اٽي....  مٺ، يعني چانورن جي اٽي کي ڳوھڻ وقت تريءَ جو زور ڏجي، ۽ ڪڻڪ جي اٽي کي ڳوھڻ لاءِ مٺ جو زور لڳائجي.) ھڪ ٻي چوڻي مشھور آھي ڏڍر گھوڙي، سچر زال، ٻئي کڏ پيا. اھا ھيٺ ڏنل ٻول جي بنياد تي ٺھيل آھي.

ڏچر گھوڙي، سچر زال،

ڇڊي ڪڻڪ، گھاٽا تر

اڌارو وھانءُ، پنجئي نھ ٿيا.

٦- ٻولين جو ھڪ ٻئي تي اثر ۽ لساني ورثو

پھاڪا ۽ چوڻيون عام طور ڪنھن لساني سماج جي پنھنجي پيدائش ھوندا آھن. پر ھڪ ٻولي وارن ماڻھن جو ٻين ٻويلن جي ڳالھائيندڙن سان لھھ وچڙ ۾ اچڻ سڀاويڪ آھي. انيھءَ ڪري ڪنھن ھڪ ٻوليءَ جون چوڻيون ۽ پڇھاڪا، زباني روايتن ذريعي ٻين ٻولين ۾ ڦھلجي ٿا وڃن. ڪڏھن ڪڏھن ھڪ ٻوليءَ جا ليکڪ، ٻين ٻولين ۾ پھاڪا ترجمو ڪري پنھنجين لکڻين ۾ ڪتب آڻين ٿا، تھ اھي پڻ وقت گذرندي ان ٻوليءَ ۾ وھنوار ۾ مروج ٿي ٿا وڃن. انھيءَ کانسواءِ آڳاٽين ٻولين (سنسڪرت، پالي، پراڪرت، اپڀرنش) جا ڪيترائي سھڻا ۽ ويچارن سان ڀريل وچن پڻ  ھاڻڪين ڀارتي ٻولين ۾ پھاڪن ۽ چوڻين جي روپ ۾ واھپي ۾ ھلندا پيا اچن. ان طرح ٻين ٻولين جي اثر توڙي آڳاٽين ڀارتي ٻولين کان ورثي ۾ ملڻ سببان پڻ ڪيترن ئي پھاڪن ۽ چوڻين جو سرجڻ ٿيو آھي. ھتي ڪجھھ مثال پيش ڪجن ٿا:

يٿا راجا، تٿا پرجا (سنسڪرت)

ايڪ پنٿ دو ڪاج.

بڙا ڪھاوڻ، بڙا دک پاوڻ، ڇوٽي ڪا دک دور (ھنديد)

آج ھمان ڪل تمان (راجسٿاني)

يڪ تندرستي ھزار نعمت.

دراز ريش خضر يا ابليس (پارسي)

سنڌيءَ ۾ مشھور چوڻيون آھن، جيڪي ھوبھو ٻين ٻولين مان ورتل آھن: تڪڙ ڪم شيطان جو، چوڻي عربيءَ جي التمجيل فعل الشيطان جو ترمو آھي، تھ ٻھ ڀائر ٽيون ليکو پارسي چوڻي دو برادر، سوم حساب جو ترجمو آھي.

سنڌيءَ ۾ آڳاٽين ڀارتي آريھ ٻولين مان آيل پھاڪن ۽ چوڻين جا ڪجھھ مثال ھن ريت آن:

1.        لڙن سپاھي، نالو ٿئي سردار جو.

لڙن جوڌا ۽ جس ملي سيناپتيءَ کي. (مھاڀارت)

2.       تيل ترن مان ئي نڪرندو آھي.

3.       سنئين ڪاٺيءَ جو واڍو ويري.

اھا سڪند پراڻ جي چوڻي آھي، جنھن جو مطلب آھي تھ سڌا وڻ ڪٽجن ٿا، پر ڏنگا ڦڏا وڻ اتي ئي بيٺا آن.

4.       ھڪ ھٿ سان تاڙي نھ وڄندي آھي.

پراڪرت جي ھڪ چوڻيءَ ۾ پڻ ھوبھو ساڳيو ويچار ظاھر ڪيل آھي.

5.        ھٿ جي ڪنگڻ کي آرسيءَ جو ڪھڙو ضرور؟

راجشيکر پنھنجي ڪتاب ڪرپورمنجريءَ ۾ پڻ ان ويچار کي ظاھر ڪرڻ لاءِ اھو ساڳيو مثال ڪتب آندو آھي.

سنسڪرت زبان ۾ اھو ھڪ مشھور سڌانت (نيايھ) بھ آھي.

 

پھاڪن ۽ چوڻين  جي قدامت

پھاڪن ۽ چوڻين جي سرجڻ جا جدا جدا ڪارن جاچڻ بعد، ان ڳالھھ تي بھ ويچار ڪرن ضروري آھي تھ انھن جو سرجڻ ڪڏھن ٿيو آھي؟ ڪنھن بھ ٻوليءَلله ۾ مروج پھاڪا ۽ چوڻيون گھڻو ڪري ايترائي آڳاٽا آھن، جيتري اھا ٻولي آڳاٽي آھي. سنڌي ٻولي، ٻين ڀارتي آريھ ٻويلن وانگر ارتقا جي جدا جدا منزلن (سنسڪرت، پالي، پراڪرت، اپڀرنش ٻولين جي دورن ۾ ڳالھ ٻولھھ وارن روپن جون منزلون) کي پار ڪري، اٺين نائين عيسوي صديءَ جي آس پاس وڪاس جي نئين منزل ۾ داخل ٿي آھي. ان زماني کان وٺي، ھاڻوڪي دور تائين پڻ ٻوليللهءَ جي آوازن، وياڪرڻي بيھڪ وغيره ۾ ڦيرو ايندو رھيو آھي. جھڙيءَ طرح ھاڻوڪي سنڌيءَ ۾ مروج ڪيترن ئي لفظن ۽ وياڪرڻ جي روپن جو بنياد، اسين ويدن واري سنسڪرت ۽ ان زماني جي آريائي ۽ غير آريائي ٻولين ۾ ڏيکاري سگھو ٿا، تھڙيءَ طرح ھاڻوڪي سنڌيءَ ۾ واھپي ۾ ايندڙ ڪيترن ئي پھاڪن ۽ چوڻين جو اتھاس پڻ ان ساڳئي قديم دور ۾ ثابت ڪري سگھجي ٿو. انھيءَ جا ڪجھ مثال سنسڪرت ۽ پراڪرت جي چوڻين سان ڀيٽ ڪندي ڏنا ويا آن. جدا جدا ٻولين ۾ جڏھن اسان کي ساڳين ويچارن ۽ ڀاونائن وارا پھاڪا ملن ٿا، تڏھن ان ھڪجھڙائيءَ جا ڪارڻ بھ جدا جدا ٿي سگھن ٿا، جيڪي آھن:

١.   ٻويلن جو ساڳيو اباڻو ادبي ورثو.

٢. ھڪ ٻوليءَ جو ٻيءَ ٻوليءَ تي اثر.

٣. انسان ذات جي سوچ ويچار، من ورتين ۽ تجربن ۾ ھڪ جھڙائي.

انيھءَ ڪري ڪيترن پھاڪن جي باري ۾ اھو بلڪل خاطريءَ سان فيصلو ڏيڻ مشڪل ھوندو آھي تھ انھن ۾ ھڪجھڙائي ڪھڙي سبب ڪري نظر اچي ٿي؟ اھو بھ ضروري نھ آھي تھ جيڪڏھن ڪنھن سنڌي پھاڪي جي سنسڪرت جي ڪنھن چوڻيءَ سان ويچارن ۾ ھڪجھڙائي آھي،ت ھ اھو سنڌي پھاڪو سنسڪرت مان ئي نڪتو ھوندو. ممڪن آھي تھ اتي ٻن شخصن جو ساڳيو آزمودو ڪارڻ ھجي. ان ڪري ھر ھڪ پھاڪي جي جنم جو تز وقت ڄاڻائڻ يا ڪٿڻ ناممڪن آھي. انھيءَ ۾ شڪ نھ آھي تھ تواريخي واقعن، حالتن يا شخصيتن وغيره سان واسطو رکندڙ پھاڪن ۽ چوڻين جي سرجڻ بابت ٿلھي ليکي فيصلو ڏيئي سگھجي ٿو. مثال طور، ڪنن جي ڳالھين مير بجار مارايو پھاڪو ١٧٨٠ع ۾ مير بجار جي وفات بعد ئي ٺھيو آھي. ساڳيءَ طرح، راجا دلوراءِ سان سنٻنڌ رکندڙ پھاڪا، يارھين عيسويءَ صديءَ ۾ دلوراءِ جي حڪومت ختم ٿيڻ بعد ئي جڙيا آھن. شاھ عبداللطيف جي ڪلام جون ڪجھھ سٽون (ڏک سکن جي سونھن، گھوريا سک ڏکن ري؛ يا ڇاجي ڏنگا ڏير، منھنجو ڏينھن ڏنگو م ٿئي) سندس حياتي٤ءَ ۾ يا ھن جي وفات کان ٿورو عرصو پوءِ پھاڪن جي در جي تي پھتيون آھن.

 

پھاڪن جي ارتقا

پھاڪن جو استعمال روزاني زندگيءَ ۾ ڳالھائڻ ٻولھائڻ ۾  ٿيندو رھي ٿو.  ھڪ شخص کان ٻئي شخص، ھڪ پيڙھيءَ کان ٻيءَ پيڙھيءَ ۽ ھڪ ٻوليءَ مان ٻيءَ ٻوليءَ ڏانھن سفر ڪندي پھاڪا ڪڏھن ڪڏھن پنھنجي لفظي بيھڪ توڙي معنيٰ ۾ ڪي قدر تبديل بھ ڪن ٿا ڇڏين. اھڙيءَ ڦير گھير کي پھاڪن جي ارتقا چئجي ٿو.

انھيءَ کي مکيھ طور ٻن قسمن ۾ ورھائي سگھجي ٿو: (روپ وڪاس ۽ ارٿ وڪاس.

١. روپ واڪس (بيھڪ موجب ارتقا)

انھيءَ جو مطلب پھاڪي جي روپ يعني لفظڻ جي بيھڪ ۾ تبديل، جيڪا ھيٺئن نموني نظر اچي ٿي:

الف: ڪنھن ھڪ لفظ جي تبديل

- ڪسيري جي ڪتي، ٽڪي جا کائي ٽڪر (يا نان)

- ڪاڻيءَ جي وھانءَ ۾ سنڪٽ (يا نکٽ) گھڻا.

- ٻڏيءَ ٻيڙي جون ھريڙون ڀليون (يا لوھ ڀلو)

ب: ھڪ کان وڌيڪ لفظن جي ڦير گھير

- لکيا لوھارن کي ٽپڙ تي ٽانڊا

(يا لکيون لوھارن کي ڇڏن ۾ چڻنگون)

- ٻن ٻيڙين ۾ جيڪو چڙھي، تنھنجون ٽنگون ڦاٽن.

(يا ٻن ٻيڙين ۾ جيڪو  چڙھي، تنھنجا چڏا چيرين)

ٻ: فقرن يا لفظي ميڙن جي سلسلي ۾ تبديل

- بخشيش سؤ سؤ، حساب جؤ جؤ

(يا حساب جؤ جؤ،ل بخشيش سؤ)

- ٻيو سڀ رھندو ھت، نيڪي نيندين پاڻ سين.

(يا نيڪي نيندين پاڻ سين، ٻيو سڀ رھدنو ھت)

پ: روپ جو وستار

- ڏاڍي جي لٺ کي ٻھ مٿا.

(يا ڏاڏڍي جي لٺ کي ٻھ مٿا، جيڏانھن کوڙ تيڏانھن کپي)

- اڀ ۾ ٿڪ اڇلائي، سو منھن ۾ پائي.

(يا اڀ ۾ ٿڪ اڇلائي، سو منھن ۾ پاءِ، جيڪو ھٿ کڻي وڏن ڏي، تنھن سان ھھڙي ٿئي ھا٣.)

- واڻيو آھي اٽي جو ڏيئو.

(يا واڻيو آھي اٽي جو ڏيئو، اندر کائينس ڪوئا، تھ ٻاھر کائينس ڪانءَ)

- اڌ کي ڇڏي جوس ڄيءَ پٺيان ڊڪي، تنھنجو اڌ بھ وڃي

(يا اڌ کي ڇڏي جو سڄيءَ پٺيان ڊڪي، تنھن کي سڄي نھ ملي، پر اڌ ڪاڻ سڪي)

- ڀائر ڪوٽج ا ڪنگر، پٽ گھر جي سونھن.

(يا ڀائر ڪوٽ جا ڪنگر، پٽ گھر جي سونھن، ويٺا ڪن ورونھن، ڏڄڻ پوران ئي ڏري.)

(نوٽ: آخري مثال بابت اِن  طرح بھ سمجھاڻي ڏيئي سگھجي ٿي، تھ ڪڏھن سڄو بيت، تھ ڪڏھن اڻ جو فقط ھڪ حصو پھاڪي جي روپ ۾ مشھور ٿي وڃي.)

 

٢. ارٿ وڪاس (معنيٰ موجب ارتقا)

وھنواري زندگيءَ ۾ جدا جدا حالتن ۾ استعمال ڪرڻ تيڪ جھھ پھاڪا ھڪ کان وڌيڪ معنائون (يا ٻٽي معنيٰ) ظاھر ڪن ٿا. مثغال طور، کيتي، سر سيتي

يعني اھا کيتي سٺي پيدائش ڏيندي، جيڪا ھاري پنھنجي ھٿن سان يا پاڻ محنت ڪري اپائي ٿو. مطلب تھ جيڪڏھن پوک جو ڪم ٻين کي سونپيو ويو، تھ پوءِ ممڪن آھي تھ انھن جي لاپرواھيءَ سببان فصل دل گھريو نھ ٿئي. جيڪڏھن کيتيءَ ڪندي اِھي لفظ ڪڙميءَ ٻئي کي چيا آھن تھ پوءِ اتي ان جي اکري معنيٰ ئي لاڳو ٿيندي. پر جيڪڏھن ڌنڌي واپار ۾ ڪو شخص پنھنجي فرض ادائي پوريءَ طرح نٿو ڪري ۽ پنھنجو ڪم ٻين کي سونپي پاڻ لاپرواھھ ٿي وڃي ٿو، تھ ان وقت کيس تنبيھھ ڪندي جيڪڏھن ڪنھن اِھي لفظ چيا آھن، تھ پوءِ اتي کيتيءَ جو مطلب ڪوبھ ڪم يا ڌنڌو واپار کڻبو. ان حالت ۾ ھاصل مطلب ٿيندو تھ ڪوبھ ڪم سٺي نموني پورو تڏھن ٿيندو،  جڏھن ماڻھو پاڻ ڌيان سان اھو ڪندو.

ساڳيءَ طرح، جھڙو وڻ، تھڙو پر جي اکري معنيٰ آھي تھ وڻ سٺي جنس جو ھوندو تھ اڻ مان ڦل بھ سٺا ملندا، پر جيڪڏھن وڻ جي جنس ئي جڏي  آھي تھ ان مان عمدو ميوو حاصل ڪرڻ جي اميد رکڻ اجائي ڳالھ آھي. وٿھنوار ۾ اِن جو اِھو مطلب بھ نڪري ٿو تھ جنھن جو  جھڙو بڻ بنياد يا خاندان ھوندو، تھڙو ئي سندس سڀاءَ ٿيندو. (سنڌيءَ ۾ ساڳيءَم عنيٰ وارو ٻيو پھاڪو بھ آھي، جنھن جو بد بڻياد تنھن جو ميوو ئي مٺو نھ ٿئي)

ھر ھڪ ٻوليءَ ۾ ڏٺو ويو آھي تھ ڪيترائي پھاڪا ھڪ کان وڌيڪ مطلب ظاھر ڪن ٿا. اھڙيءَ حالت ۾ جيڪڏھن ٻڌندڙ ڪنھن پھاڪي جو صحيح مطلب نٿو سمجھي، تھ پوءِ ان جو ٻيءَ معنيٰ ۾ استعمال ڪري ٿو. وقت گذرندي، ان پھاڪي جو اصل مطلب بدلجيو وڃي. مثال طور، آپ نھ مريئي، سرڳ نھ جاءِ جي اکري معنيٰ کڻي، روچيرام گجومل ان يج سمجھاجڻي لکي آھي، پاڻ (آپ، آپو، خودي) مارڻ کان سواءِ، ماڻھو سرڳ ۾ وڃي نھ سگھندو.

Without the annihilation of self, one can not go to heven

(A hand bookof Sindhi Proverbs, Fourth edition, 1935 p.2)

سترامداس سائل بھ پنھنجي ڪتاب درن جي دٻلي ۾ ان پھاڪي جي معنيٰ ساڳئي نموني سمجھائي آھي: جيسين آپي يا خودءَ جو انت نھ آڻبو، تيسين سچو آنند يا سرڳ وارا سک نصيب نھ ٿيندا،

پر مون اڪثر اِن پھاڪي جو استعمال ھن بيھڪ ۾ بھ و آھي، تھ جيستائين ماڻھو پاڻ تڪليفون سھي، پنھنجو ڪم نٿو ڪري، تيستائين اھو ان کي صحيح نموني پورو ڪري، ان جو آنند ماڻي نٿو سگھي. مطلب تھ ٻين تي ڪم رکي، پاڻ آرام سان ويھي رھڻ سان اھو ڪم سڦل ٿي نھ سگھندو. منھنجي  ويچار ۾ اِن پھاڪي جو اِھوئي صحيح مطلب آھي. ھنديءَ ۽ ٻين ڪن ٻولين ۾ پڻ اِن معنيٰ ۾ اِھو پھاڪو ڪتب ايندو آھي. ڀولاناٿ تواريءَ ھندي ڪھاوت جي ڪوش ۾ پڻ اِن پھاڪي جو اِھو مطلب ڏنو آھي:

(ڀيٽيو: آپ مري بنا سورگ نھين ملتا = اپني ڪئي بنا ڪوئي ڪام نھين ھوتا، برھت ھندي لوڪي ڪتي ڪوش. ص ١٢٣)

سترامداس سائل مينڍ ۾ ٿي مارئي ڳائجي پھاڪي جي معنيٰ ھن ريت سمجھائي آھي:

١.   شاديءَ ۾ دک جا گيت ڳائجن، تھ ائين چئجي.

٢. ڪابھ اڻ موقعائتي يا نامناسب ڳالھھ ٿئي، تھ ائين چئجي.

(دردن جي دٻلي، ڀاڱو ٻيو، ص ٢٢١)

لڳي ٿو تھ سترامداس سائل اِھا سمجھاڻي روچيرام گجومل جي پھاڪن جي ڪتاب تان کنئي آھي، جنھن ۾ پڻ ساڳي معنيٰ انگريزيءَ ۾ ڏنل آھي. (ص ١٢٢)

حقيقت ۾ اِھو پھاڪو مينڍ مارئي ڳائڻ محاوري جو بدليل روپ آھي، جنھن جو مطلب آھي اشاري سان چوڻ؛ ڳجھيءَ طرح ڳالھھ ڪرڻ؛ ھلڪي، ڌيمي آواز سام سر ۾ ڪنھن کي ڳجھي نموني ڪا ڳالھھ چوڻ. اِن موجب ھن پھاڪي جو مطلب آھي: اشاري ۾ يا ڳجھھ ڳوھھ ۾ پيون ڳالھيون ٿين. ڪڏھن ڪڏھن ڪنھن پھاڪي جي روپ ۾ ڪجھھ تبديلي ٿيڻ ڪري، انھن جي معنيٰ ۾ بھ فرق اچي ويندو آھي. جيئن تھ:

- چريو، تھ بھ گھر ڏي وريو.

- ڪو چريو، تھ بھ ڀتر قاڇلي گھر ڏي.

- سيوھاڻي چريو ڀتر چوئي گھر ڏي.

اِنھن پھاڪن تي ويچار ڪندي، موتي لال بٽاڻيءَ لکيو آھي تھ انھيءَ پھاڪي جي صحيح صورت آھي: سيوھاڻي چڙھيو، ڀتر ڍوئي گھر ڏي؛ سيوھاڻي چڙھيو، تھ بھ ڀتر اڇلي گھر ڏي. مطلب تھ سيوھڻ سنڌ جا رھاڪو ڪفايت ۽ صرفي وارا آھن. ھو زندگيءَ ۾ چاھي ڪيتري بھ ترقي ڪن، شاھوڪار ٿي وڃن، تھ بھ ڪفايت کان ڪنارو نھ  ڪندا آن. رستي ويندي ڪي ڀتر ڏٺائون، تھ اھي بھ گھر کڻي وڃي سنڀالي رکندا، ڇاڪاڻ تھ وقت تي اھي بھ ڪتب اچي سگھندا.

وھڻ منڍو ئي ناھھ، دلو پڇي نار کي.

روچيرام گجومل ۽ ڀيرومل مھرچند پنھنجن ڪتابن ۾ اِھو پھاڪو اِن روپ ۾ ڏنو ۽ سمجھايو آھي تھ درياھھ پنھنجو رخ ڦيرائي ٻئي پاسي ھليو ويو ۽ دلوراءِ جي نگريءَ کان گھڻو پري وھڻ لڳو. تڏن بھ دلوراءِ پيو حسين عورت جون  پڇائون ڪري. مطلب تھ جڏھن ڪو ماڻھو اڻ ھونديءَ ڳالھھ کي حاصل ڪرڻ جي اميد رکندو آھي، تڏھن ھي پھاڪو ڪتب ايندو آھي.

سترمداس سائل پنھنجي ڪتاب ۾ اِھو پھاڪو ھن روڇپ ۾ درج ڪيو آھي:

وھڻ منڍوئي ناھھ، دلو پڇي نار کان. (صفحو ٢٢٨)

لڳي ٿو تھ ھن اڻ روپ ۾ اِھو پھاڪو ٻڌو آھي. جنھن ۾ کي  بدران کان حرف جر ڪتب آندل آھي. ٻيو تھ سندس ڌيان مٿي ڄاڻايل ڪتابن ۾ درج ڪيل اِنھيءَ پھاڪي طرف بھ شايد نھ ويو ٰآھي. ان ڪري ھن سمجھاڻي بھ ٻيءَ ريت ڏني آھي. جنھن ۾ پھاڪي جو  واسطو دلوراءِ راجا سان نھ ڏيکاريل آھي. ھو لکي ٿو: وھڻ = سمنڊ، درياھھ، منڍو = ڇيڙو، دلو = ڪنھن پرش جو نالو. درياھھ جو ڇيڙو ڏسڻ ۾ ئي ڪين آيو آھي، تھ دلو زال کان سوال پڇڻ لڳو تھ ھاڻي ڇا ڪبو؟ مطلب تھ ڪا ڳالھھ ڏسجي ئي ڪانھ، ۽ ان بابت ويھي سوال پڇجن، تھ ائين چئجي. (درن جي دٻلي، ڀاڱو ٻيو، ص ٢٥٨)

اِنھن مثالن مان ظاھر آھي تھ نھ فقط پھاڪي جي صورت ۾، پر انھيءَ جي معنيٰ ۾ بھ تبديلي اچي ويندي آھي. گل شڪر نالي سنڌي پھاڪن جي آڳاٽي مجموعي ۾ انھيءَ جي ليکڪ ڪيولرام سلامتراءِ آڏواڻيءَ ھر ھڪ پھاڪي جي معنيٰ بھ سمجھائي آھي. ڪيتنر پھاڪن جو مطلب سمجھائيندي ھو اڪثر انھن ۾ ڪي نھ ڪي روحاني راز ۽ نصيحتت آميز نڪتا بيان ٿو ڪري. منھنجي ويچار ۾ ڪيترن پھاڪن جي حاصل مطلب سان انھن جو ڪوبھ واسطو نھ آھي. حقيقت ۾ اھا اجائي ڇڪتاڻ آھي. مثال طور،

ٻھ گدرا ھڪڙي مٺ ۾ نھ ماپن.

اِن جو عام رواجي مطلب اھو آھي تھ، اِنسان ھڪ ئي وقت ٻھ يا ٻن کان وڌيڪ مشڪل ڪم ڪري نھ سگھندو. اِن ڪري صھيح طريقو اِھو آھي تھ ھڪ ڪم پورو ڪري پوءِ ٻئي کي کڻي. ڪيولرام سلامتراءِ اِن پھاڪي کي سمجھائيندي لکيو آھي: مطلب ھي آھي تھ جو ماڻھو ڌڻيءَ کي ڳولي، سو جڏھن دنيا جي ڌنڌن کان پاڻ کي آجو رکي، تڏھن ڌڻيءَ ڏي مھاڙ ٿئيس. يعني دنيا جو ڌنڌو ۽ ڌنيءَ جي يادگيري ٻھ ڪم گڏ پورا ٿيڻ اڻانگو ڪم آھي.

آھاري، وھنواري، ٽيون گھوٽ مھاري، لڄا ڪري تھ ھاري.

اِن جو مطلب ايترو ئي آھي تھ آھار (کاڌي پيتي) وھنوار ۾ ماڻھوءَ کي لڄ شرم ڪرڻ نھ گھرجي. ساڳيءَ طرح، مھاري ۾ يعني شاديءَ بعد گھوٽ ڪنوار جي سمھڻ واري ڪمري ۾ بھ گھوٽ کي لڄ حياءُ ڪرڻ نھ کپي. اِنھن ٽنھي ڳالھين ۾ يا چئجي تھ ڌنڌي واپار، وھنوار ۾ جيڪو حجاب ڪري ٿو، اھو نيٺ پاڻ کي ئي نقصان رسائيندو. ڪيولرام اِھيءَ دنيوي نصيحت کي بھ ڇڪي روحاني مارڳ طرف کڻي وڃي ٿو. ھو لکي ٿو، مطلب ھي آھي، جو سياڻا چوندا آھن تھ لڄ چڱي آھي، پر اِنھن ٽن ڪمن ۾ لڄ ڪرڻ مرڳو گھاٽو آھي. تھڙيءَ ريت جيڪڏھن ڌڻيءَ جو ڳولھو پڻ سنسار جا حجاب نھ ڀڃندو، تھ ڌنيءَ کي واصل نھ ٿيندو.

ھتي اِنھيءَ ڳالھھ جو ڌيان رکڻ گھرجي، تھ ارتقا جي سلسلي ۾ جڏھن ڪنھن پھاڪي جي روپ يا معنيٰ ۾ تبديلي اچي وڇي ٿي، تھ انھيءَ بدليل روپ ۾ ان پھاڪي کي غلط سڏڻ ٺيڪ نھ آھي. اھڙيءَ حالت ۾ اھو فيصلو ڏيڻ درست ٿيندو تھ اھو ٻن يا وڌيڪ روپن يا معنائن ۾  مروج آھي. اھا ڳالھھ بھ ممڪن آھيتھ ھڪ ئي پھاڪو الڳ الڳ علائقن ۾ ٿوري ڦير گھير سان واھپي ۾ اچي وڃي. اوسر جي دوران اڪثر اھو بھ نظر اچي ٿو تھ ڪي پھاڪا وقت گذرندي، حالتن جي ڦير گھير سببان يا ڪن ٻين ڪارڻن جي ڪري واھپي مان گھٽبا ٿا وڃن. اھي پوءِ فقط ٻوليءَ جي عجائب گھر ۾ وڃي جاءِ والاريندا، باقي وھنواري زندگيءَ ۾ انھن جو خير ڪو استعمال ٿيندو. مٿال طور، ڀارت جي سنڌين ۾ اھڙن پھاڪن جو واھپو بلڪل گھٽ ٿي ويو آھي، جن جو واسطو سنڌ جي ماحول، جاگرافيءَ يا اڳونين حالتن سان آھي. جيئن تھ: وٺو تھ ٿر، نھ تھ بر؛ گوني سدا اونھي؛ لاڙ آھي ساڙ.

ٻيو تھ اھڙا پھاڪا جن ۾ ڪي فاحش اڻوڻندڙ لفظ ڪتب آيا آن، انھن جو استعمال بھ تعليم يافتھ طبقي ۾ بند ٿي ٿو وڃي. جيئن تھ:

ڪانون کي پيلا ھجن ھا، تھ اڏامندي نظر اچن ٿا.

جيڪي ڪانچ پائيندا آھن،سي مٽڻ جي جاءِ بھ رکندا آھن

ھنگڻ ٿورو، ڦڙ ڦڙ گھڻي

گولاڙو ڳئيان پچي

اڻ گھريو ماءُ ٻار کي ببو نھ ڏئي

شاھوڪاري ٻار چريو يا چتو

ٻوليءَ ۾ جيڪڏھن ڪي پھاڪا واھپي ۾ گھٽجي، نيٺ متروڪ ٿي ٿا وڃن،  تھ ٻئي طرف وري نين حالتن پٽاندر ٻين پھاڪن جو جنم بھ ٿئي ٿو. ڀارت جي موجوده حالتن مطابق، سرڪاري نيتيءَ موجب جوڙيل نعرا ھم دو، ھماري دو، ڇوٽا پريوار، سکي پريوار (يا ھت پاڪستان ۾ وري- ٿورا ٻار- پيار ئي پيار.) وغيره جيڪي ننڍڙي ڪٽنب قائم رکڻ جي ھدايت ٿا ڏين، اھي سنڌيءَ ۽ ٻين ڪيترن ئي ٻولين ۾ ھوبھو ساڳئي روپ ۾ يا ترجمي جي صورت ۾ چوڻين جي درجي کي حاصل ڪري چڪا آھن. اِھو بھ نظر آيو آھي تھ ھندءَ، اردوءَ ۽ ٻين علائقائي ٻولين جي اثر ھيٺ ڪي نوان پھاڪا بھ سنڌيءَ ۾ استعمال پيا ٿين.

اھڙن پھاڪن کي جنم ڏيندڙ اڪثر اھي ليکڪ آھن، جيڪي ٻين ٻولين جا پھاڪا ساڳئي روپ ۾ يا ترجمي جي صورت ۾ پنھنجين لکڻين ۾ ڪتب ٿا آڻين. انھن جو استعمال پوءِ ٻيا لکندڙ بھ ڪرڻ لڳن ٿا.

مثال طور، سترامداس سائل جي تيار ڪيل پھاڪن جي مجموعي درن جي دٻلي ۾ ھيٺ ڏنل پھاڪا ملن ٿا، جيڪي ظاھر آھي تھ ھن ھنديءَ تان ترجمو ڪري، انھيءَ ڪتاب ۾ شامل ڪري ڇڏيا آھن:

          جتي نھ پھچي روي، اتي پھچي ڪوي.

 (ھندي: جھان نھ پھنچي روي، وھان پھنچي ڪوي.)

          جنھن جي لٺ، تنھنجي مينھن.

  (ھندي: جسڪي لاٺي، اسڪي ڀئنس.)

          جو پوئجي ويو، سو موتي ٿيو.

 (ھندي: جو بند گيا، سو موتي.)

          جيڪو ٿيندو تنگ، سو ڪندو جنگ.

 (فارسي: تنگ آمد، بھ جنگ آمد.)

          ڌوڌا ۾ ٻئي ويا، نھ دنيا ملي نھ رام.

  (ھندي: تنگ دوڌا ۾ دونو گئي، نھ مايا ملي نھ رام.)

ڀيرو مل مھرچند پڻ گلقند نالي پھاڪن ۽ محاورن جي مجموعي ۾ اِن طرح ٻين ٻولين جا (خاص طور ھنديءَ جا) پھاڪا، اصل روپ ۾ يا ترجمو ڪري شامل ڪري ڇڏيا آھن. جيئن تھ،

- ڇڙھيءَ جو صرف ڪيو تھ ٻار کريو. (گلقند، ص. ١٤)

(انگريزي: Spare the rod spoil the child)

- مجيدا ڪونھ ڪھي صاحب ڪون، يون نا ڪرو تم يون ڪرو. (گلقند، ص. ٢٥)

- ڪم قوت، غصا بھت، مار کاني ڪي نشاني. (گلقند، ص. ٣٢)

- دم سگ راست نشود، (فارسي: گلقند، ص. ٣٥)

- ھٿان پيئي نانڪا، در در ڌڪا کاءِ. (پنجابيءَ تان. ص. ٥٥)

- بجا ڪھي جسي عالم، اس ڪو بجا سمجھو.

- آواز- خلق ڪو نقارھھ- خدا سمجھو. (اردو، ص. ٥٨)

- جسڪا ڪام تسڪو ساجي. (ھندي، گلقند، ص. ٦٥)

اھڙي طرح، سنڌيءَ ۾ زباني روايتن وسيلي يا وڏن ليکڪن جي لکڻين ذريعي، ٻين ٻولين جا چڱائي پھاڪا اصلي روپ ۾ يا ترجمي جي صورت ۾ داخل ٿي ويا آھن. انھن مان جيڪي عوام ۾ مروج نٿا ٿين، سي وقت گذرندي پاڻمرادو مري ٿا وڃن. پر جن کي عوام اپنائي ٿو، اھي وڏي حياتي ماڻين ٿا. حقيقت ۾ جن پھاڪن ۾ ڪنھن عالمي سچائيءَ کي سھڻي نموني پيش ڪيو ويو آھي، اھي ٻوليءَ ۾ رتنن مثل چمڪندا رھن ٿا.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

 Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com