سيڪشن؛ لوڪ ادب

ڪتاب: سنڌي پھاڪا ۽ محاورا

باب: --

صفحو :15

  

مياس (جنين ڪاڻ مياس، سي ڪلھي ڪانڌي نھ ٿيا)؛

ٻاليتو نھ ماليتو؛ اڄ ھمان سڀان تما؛

ڳالھوڙو (ڳالھھ مان ڳالھوڙو)؛

ري = کانسواءِ

سيتي = سان، ذريعي (کيتي سر سيتي)

آخر ۾ ھتي پھاڪن، چوڻين ۽ محاورن بابت ھڪ ٻي اھميت ڀريءَ حقيقت طرف ڌيان ڇڪائڻ چاھيندس. جيڪڏھن اسين ڀارت جي آڳاٽين ٻولين سنسڪرت، پالي، پراڪرت ۽ اپڀرنش جي ساھتيھ (ادب) جو اڀياس ڪريون، تھ ھڪدم معلوم ٿي ويندو تھ انھن ۾ ڪيترائي اھڙا سندر ٻول ۽ استعمال آھن، جيڪي خيالات توڙي اظھار جي نرالي ڍنگ جي لحاظ کان سنڌيءَ ۽ ڀارت پاڪ اپکنڊ جي ٻين ھاڻوڪين ٻولين جي مروج استعمال سان گھڻي مشابھت رکن ٿا. اِنھيءَ جو ڪارڻ ڇا آھي؟ منھنجي ويچار ۾ انھيءَ جا ٽي مکيھ سبب آن.

١.   ڀارت پاڪ اپکنڊ جي ھاڻوڪين آريائي ٻولين جو ساڳيو تاريخي ورث.

٢   انسان ذات جي عالمي جذبات ۽ آزمودي جي ھڪجحڙائي.

٣- جدا جدا ٻولين جو ھڪ ٻئي تي اثر.

پوني جي ھڪ عالم وشوناٿ نروڻي ٽن جلدن ۾ ڀارتبيھ ڪھاوت ڪوش نالي سان ڀارت پاڪ اپ کنڊ جي جدا جدا ٻولين جي پھاڪن ۽ چوڻين جي وڏي لغت شايع ڪئي آھي. انھيءَ ۾ سنڌي چوڻيون ۽ پھاڪا انگريزي ۽ ھندي ترجمي سان گڏ مون کيس لکي ڏنا آھن.  اِنھيءَ ڊڪشنريءَ جي پھرين ٻن جلدن ۾ سڀني ٻولين جا ھم معنيٰ پھاڪا جدا جدا موضوعن جي بابن ھيٺ ڏنل آھن ۽ ٽئين جلد ۾ ھر ھڪ ٻوليءَ جا، علحديءَ وصف  وارا خاص پھاڪا ڏنل آھن. اِن لغت تي سرسري نگاھھ وجھڻ سان ئي ھڪدم ظاھر ٿي پوي ٿو، تھ سنڌيءَ ۾ بھ ڪيترائي پھاڪا اھن، جيڪي ٻين ٻولين جي پھاڪن سان بلڪل ھڪجھڙائي ڏيکارين ٿا، مثال طور، انڌن ۾ ڪاڻو راجا پھاڪو گھڻو ڪري سڀني ٻولين ۾ ملي ٿو. ساڳيءَ طرح سؤ ڪوئا کائي، ٻلي ھلي حج تي پھاڪو بھ لڳ ڀڳ سڀني ٻولين ۾ ملي ٿو. اِنھيءَ جي بنياد واري لوڪ ڪٿا سنسڪرت جي پنچتنتر نالي ڪتاب ۾ ڏنل آھي. اھا پاليءَ جي جاتڪ ڪٿائن ۾ بھ ملي ٿيل. گدڙ ڊاک نھ پڄي، آکي ٿو کٽا پھاڪو بھ گھڻين ٻولين ۾ ملي ٿو. اِھو تھ انگريزيءَ ۾ بھ مروج آھي: Grapes are Sour اِن جي بنياد واري آکاڻي پڻ سنسڪرت جي پنچتنتر ۾ موجود آھي.

محاورن ۽ ورجيسن جو لاڳاپو گھڻي قدر ٻوليءَ جي بيھڪ سان آھي. اِن ھوندي پڻ جدا جدا ٻولين جي محاورن ۾ چڱي قدر ھڪجھڙائي ملي ٿي. جيئن تھ،

مکي چوس ھئڻ،

مارواڙي ھئڻ

نادر شاھي يا نادري حڪم،

رستم ھئڻ،

ستارو بلند ھئڻ،

محاورا  اردو، ھندي، پنجابي ۽ ڪن ٻين ٻولين ۾ ملن ٿا.

ھاڻوڪي سماجڪ ماحول سان واسطو رکندڙ ڪي نوان محاورا بھ جدا جدا ٻولين ۾ عام جام استعمال پيا ٿين. مثال طور،

چار سؤ ويھھ آھي،

دس نمبري آھي؛

چور بازاري؛ ڪارو ناڻو؛

مسڪو لڳائڻ؛

چمچو ھئڻ؛

لال يا سائي جھنڊي ڏيکارڻ؛

بائڪاٽ ڪرڻ.

جدا جدا ٻولين جي پھاڪن، چوڻين ۽ محاورن ۾ ھڪجحڙائيءَ جو اڀياس ڪرڻ بھ ھڪ دلچسپ موضوع آھي. ان مان عوامي زندگيءَ لوڪ جي تھذيب ۽ ثقافت جي عالمي وصفن، قدرن ۽ ماڻن جي ڄاڻ ملي سگھي ٿي.

 


 

 

مددي ڪتاب

سنڌي ڪتاب:

١.   ڪوڙو مل چندنمل کلڻائي سنڌي پھاڪا ١٨٨٩ع

٢. ڪيولرام سلامتراءِ آڏواني گلشڪر گورنمينٽ سينٽرل بوڪ ڊيپو، ڪراچي ١٩٠٥ع.

٣. گھنشامداس رامداس ڀڳت سنڌيءَ ٻوليءَ جي سونھن حيدرآباد سنڌ، ١٩١٠ع.

٤. ڀيرو مل مھر چند آڏواڻي پھاڪن جي پيڙھھ حيدرآباد سنڌ

٥.   قليچ بيگ مرزا پھاڪن جي حڪمت حيدرآباد سنڌ، ١٩٢٨ع.

٦. ڀيرو مل مھرچند آڏواڻي گلقند (ڀاڱو ١-٢) حيدرآباد سنڌ ١٩٨٢.

٧. غلام اصغر سنڌي کٽمٺڙا عرف اصطلاحات اصغر، حيدرآباد سنڌ، ١٩٥٦ع

٨. عبدالڪريم سنديلو پھاڪن جي پيڙھ، حيدرآباد سنڌ، ١٩٦٦ع

٩- الھھ بخش ٽالپور پھاڪن جي پيڙھھ حيدرآباد سنڌ ١٩٦٩ع

١٠-    تيرٿداس پيسومل ھاٿيراماڻي پھاڪن جي پاٻوھھ بمبئي، ١٩٧٣ع

١١. ليکراج ڪشنچند عزيز سنڌي اصطلاح (ٻھ ڀاڱا) بمبئي. ١٩٧٦ع، ١٩٧٨ع

١٢. سترامداس جڙيا سنگھاڻي ماڻڪ، موتي (ورجيسون ۽ محاورا) ٻھ ڀاڱا احمد آباد، ١٩٨٢-١٩٨٣ع.

١٤.    نبي بخش خان بلوچ (ايڊيٽر)، جامع لغات سنڌي (پنج ڀاڱا)  سنڌي ادبي بورڊ، حيدرآبادس سنڌ، ١٩٦٠-١٩٩٠)

١٥.    سنتداس پنھونمل ڪشناڻي سنڌي پھاڪا ۽ محاورا (سمپادڪ: مرليڌر ڪشنچند جيٽلي) پي وي ڪشناني ٽرسٽ، پڻي ١٩٩٣ع)

 

انگريزي ڪتاب

1.        Kripalani, Rochiram Gajumal, A Hand Book of Sindhi Proverbs. Karachi, 1892.

2.       Shahani, M.J., A Hand Book of Sindh idioms Karachi, 1983.

3.       Fallon, S.W.A., Dictionary of Hnindustani Proverbs, London, 1886.

4.       Smith, W.G., Oxford Dictionary of a Proverbs, Oxford, 11935.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

 Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com