سيڪشن؛ لوڪ ادب

ڪتاب: سنڌي پھاڪا ۽ محاورا

باب: --

صفحو :2

 

لوڪ ادب ۾ پھاڪا ۽ محاورا

لوڪ ادب ڇا آھي؟

لوڪ ادب ھڪ مرڪب لفظ آھي، جنھن جو مطلب آھي. لوڪ جو ساھت يا لوڪ جو ادب، لوڪ سنسڪرت ٻوليءَ جو لفظ آھي. جنھن جون لغت موجب ڪجھھ معنائون آھن:

(١) سنسار، جھان (٢) ڌرتي. (٣) قوم، قبيلو، سماج (٤) علائقو، پرديش. (٥) رعيت، پرجا.

انھن معنائن ۾ اھو لفظ سنڌي ٻوليءَ ۾ بھ ڪتب اچي ٿو. سنڌيءَ ۾ لوڪ لفظ ڪي قدر بدليل روپ ۾ بھ استعمال ٿيندو آھي. جيئن تھ- لوگ (ماڻھو)؛ لوءُ (ڪٽنب، قبيلو، ٽولي)؛ لوءِ (جڳھھ، جھان).

لوڪ لفظ مان سنڌيءَ ۾ ٺھيل ڪجھھ مرڪب لفظ ھن ريت آھن:

پرلوڪ، ترلوڪ، سرڳ لوڪ، مرتيو لوڪ، پاتال لوڪ، لوڪا

چار، لوڪا چاري، لوڪ- مرجات، لوڪ- وھنوار، لوڪ- ڌرم،

لوڪ- تنتر، لوڪشاھي، لوڪ- مت، لوڪناٿ، لوڪ- پريھ،

لوڪ- سڀا، وغيره.

لوڪ جو مطلب ڇا آھي؟

جڏھن اسين، لوڪ لفظ جو استعمال لوڪ- ادب، لوڪ- گيت، لوڪ ڪٿا،  لوڪ- وشواس، لوڪ- ناٽڪ، جھڙن مرڪب لفظن ۾ ڪريون ٿا، تڏھن لوڪ لفطن کي ھڪ خاص معنيٰ ملي ٿي، جيڪا جرمن زبان جي فوڪ (Folk) لفظ جي معنيٰ برابر آھي. انھيءَ فوڪ مان انگريزي ٻوليءَ ۾ گھڻيئي مرڪب لفظ جڙيا آھن؛ جيئن تھ، فوڪ لور (Folk lore)، فوڪ لٽريچر ( Folk Literature)، فوڪ سانگس (Folk Songs)، فوڪ ٽيلس (Folk tales)، وغيره.

ڪن عالمن اھڙي قسم جي مرڪب لفظن ۾ لوڪ يا فوڪ (Folk) جو مطلب ڄاڻايو آھي: ڳوٺاڻا اڻپڙھيل، ڳنوار، دھقاني. منھنجي ويچار ۾ اھڙن لفظن ۾ لوڪ جو اھو مطلب کڻڻ صحيح نھ آھي. لوڪ ساھت جا سرجڻھار ۽ لوڪ گيت ڳائيندڙ ڪلاڪار چاھي مکيھ طرح ڳوٺن ۾ رھن ٿا، پر اڄ ڪالھھ اھي دائمي طور شھرن ۾بھ رھيا پيا اھن. ٻيو تھ کين اڻپڙھيل ۽ ڳنوار سڏڻ بھ ٺيڪ نھ آھي، ڇاڪاڻ تھ سندن لوڪ گيتن ۾ امنگن جو جيڪو نزاڪت ڀريو اظھار نظر اچي ٿو، اھو اوچي درجي جي لکيل ادب کان ڪنھن بھ حالت ۾ گھٽ نھ آھي. اھڙن عوامي شاعرن جي رچيل پرولين ۽ ڳجھارتن، ھنرن ۽ ڏور- بيتن ۾ ٻوليءَ جي نرالي سٽاءَ ۽ معني  جي گھرائيءَ جون جيڪي خاصيتون ملن ٿيون، رنگين زبانيءَ جو جيڪو دلڪش استعمال ملي ٿو، اھي اعليٰ درجي جي اديبن جي شاعريءَ کان ڪنھن بھ حالت ۾ ھيٺ نھ آھن. ٻيو تھ اسين روزاني زندگيءَ ۾ ڏسون پيا تھ ڪيترائي اعليٰ تعليم حاصل ڪيل شخص بھ ڀرمن- سنسن، ٽوڻن- ڦيڻن، جنترن- منترن، جنن- ڀوتن، ساٺن-  سوڻن ۽ ريتن- رسمن  ۽ اعتقاد رکن ٿا. مثال طور، پڙھيل ڳڙھيل ماءُ پڻ پنھنجي ٻار کي بريءَ نظر کان بچائڻ لاءِ کيس ڪاجل يا سرمي جو ڪارو تلڪ لڳائيندي آھي. تعليم يافتھ ماڻھو بھ  نئين مڪان کي بريءَ نظر کان بچائڻ لاءِ، دليءَ کي رڱي، ان تي ڀوت جي شڪل چٽي، عمارت جي منڍ واريءَ ديوار تي ٽنگيندا آھن. دھليءَ ۾ شاھي سڙڪن تان لنگھندي، آفيس ڏانھن يا ڌنڌي- ڌاڙيءَ تي ويندي، ڪيترائي ماڻھو، فوٽ پاٿن تي تيل جي بالٽين ۾ رکيلن، ٽين جي ٽڪرن کي ڪاٽي، ان مان ٺاھيلن شني گوھھ جي بوتن مٿان ڇنڇر- ڇنڇر تي پيسا رکندا نظر ايندا آھن. موٽر- ڪار يا آٽو رڪشا پٺيان اڪثر ڪاري سڳي لٽڪندي ڏسڻ ۾ ايندي آھي. ڪي وري سڳيءَ بدران جتي ٽنگي ڇڏيندا آھن. ٻنھي جو  مقصد اھو ھوندو آھي تھ ڪاريءَ نظر کان بچاءَ ٿئي. تعويذن ۽ گرھن جي پٿرن واريون منڊيون پائڻ ۾ گھڻيئي پڙھيل ماڻھو بھ وشواس رکن ٿا. پوءِ ڀلا اڻپڙھيلن ڳوٺاڻن ۽ اعليٰ تعليم حاصل ڪيلن شھري ماڻھن وچ ۾ ڪھڙو فرق ٿيو؟

منھنجي ويچار ۾، لوڪ- ادب، لوڪ- گيت، لوڪ ڪٿا، وغيرھ مرڪب لفظن ۾ لوڪ لفظ جو صحيح مطلب آھي. اھي ماڻھو، جن جو پنھنجي ورثي ۾ حاصل ڪيلن رسمن- رواجن، ڀرمن- سنسن، ٽوڻن- ڦيڻن ۽ اڳاٽين روايتن ۾ پورو پورو اعتقاد آھي ۽ ھو ان موجب پنھنجي روزاني زندگي بھ گذارين ٿا. اھي لوڪ ڳوٺن ۾ رھن ٿا، تھ شھري پڙھيل- ڳڙھيل سماج جي ھر طبقي ۾ پڻ موجود آھن. مطلب تھ لوڪ اھو آھي، جنھن جي دل ۽ دماغ تي سندس آباڻي ورثي  ۾ مليل ڳالھين جو گھرو  واثر ھوندو آھي ۽ گھڻو ڪري ان موجب ئي ھو پنھنجي زندگي گذاريندو  آھي.

ادب ڇا آھي؟

ھاڻي اچو ڏسون تھ ساھت يا ادب ڇا آھي؟ ادب جون وصفون سمجھائيندي، عالمن ڪيئن ڪاغذ ڪارا ڪري ڇڏيا آھن. ھتي انھيءَ ڊيگھھ ۾ نھ وڃي، ٿوري ۾ سمجھائجي تھ ساھت يا ادب آھي ٻوليءَ وسيلي اِنسان جي امنگن ۽ ويچارن جو سھڻي نموني اظھار.

چتر ڪاري (Painting) سنگتراشي (Sculpture)، سنگيت ڪلا (Music)، ناچ (Dance) ۽ عمارت سازي (Architecture) وانگر، ساھت بھ ھڪ ڪلا آھي. ساھت- ڪلا ۾ ليکڪ يا ساھتڪار، لفطن جي سھڻي چونڊ ذريعي، فنائتي نموني گھربل معنيٰ جو اظھار ڪري ٿو. ٻين لفظن ۾ چئجي تھ ادب ۾ لفظ ۽  معنيٰ، جو سندر ميلاپ آھي. انھيءَ ڪري ادب جي رچنا پڙھڻ سان من ۾ آنند يا رس جي لھر پيدا ٿئي ٿي.

معياري ادب ۽ لوڪ ادب

ھاڻي سوال ٿو پيدا ٿئي تھ اسڪولن، ڪاليجن ۾ دستوري تعليم حاصل ڪيل ليکڪن جو رچيل ادب، جنھن کي عام طور اعليٰ معياري ادب سڏيو وڃي ٿو، تنھن ۾ ۽ لوڪ ادب ۾ ڪھڙو فرق آھي؟ حقيقت ۾ ڏسجي تھ معياري ادب  (Standard literature)، دستوري تعليم حاصل ڪيل ڪنھن ھڪ ليکڪ جي شخصي آزمودن، امنگن ۽ ويچارن جو اظھار ھوندو آھي. اھو تحريري يا لکيل صورت ۾ ھوندو آھي. ٻئي طرف لوڪ ادب اھو آھي. جيڪو شروعات ۾ ڪنھن ھڪ شخص جي جذبات ۽ ويچارن جو اظھار ھوندي پڻ، وقت گذرندي لوڪن يعنيٰ عوام جي رچنا بڻجي ويو آھي. اھو زباني روايتن ذريعي پيڙھي در پيڙھي محفوظ رکيو ويو آھي، ۽ گھڻو عرصي پوءِ انھي جو ڪجھھ حصو قلمبند ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ويئي آھي. لوڪ ادب جو رچيندڙ اڪثر نامعلوم شخص ھوندو آھي، پر ڪڏھن ڪڏھن ڪنھن ڄاتل سڃاتل شعر يا گيت بھ عام ماڻھن ۾ مشھور ٿي وڃڻ بعد، وقت گذرندي لوڪ گيتن جو درجو حاصل ڪري وٺندا آھن. ڀٽائي گھوٽ شاھھ عبداللطيف رح جا ڪيترا بيت، ڪافيون ۽ وايون انھيءَ جا سھنا مثال آھن. ڪنھن بھ شاعر جي شاعري عوام ۾ مشھور تڏھن ٿي ٿئي، جڏھن انھيءَ ۾ لوڪ- مانس (لوڪ جي من، ويچارن ۽ امنگن جي) ڇاپ ھجي ٿي. ٻين لفظن ۾چئجي تھ لوڪ- ادب جي سرجڻ ۾ لوڪ- سنسڪرتيءَ (عوامي تھذيب ۽ تمدن) جا تت بنيادي پٿرن طور ڪتب آندل آھن.

لوڪ ادب، لوڪ ثقافت جو ھڪ ڀاڱو

لوڪ- ثقافت جنھن کي ھنديءَ ۾ لوڪ وارتا بھ سڏيو ويو آھي، تنھن کي انگريزيءَ ۾ فوڪ ڪلچر (Folk Culture) چئجي ٿو. انھي لاءِ ھاڻي انگريزيءَ ۾ فوڪ لور (Folk lore) لفظ وڌيڪ واھپي ۾ اچي ويو آھي. ڪنھن بھ ملڪ يا سماج جي لوڪ- ثقافت جي اڏڻ ۾ جيڪي بنيادي جزا يا تت ڪم اچن ٿا، انھن ۾ مکيھ آھن: لوڪ وشواس يا عوامي عقيدا ۽ اعتقاد، سوڻ- ساٺ، ٽوڻا- ڦيڻا، ريتون رسمون، رھڻي-ڪھڻي، ڏڻ- وار، ميلا- ملاکڙا، وندر جا طريقا ۽ کيل- تماشا، ھنر- فن ۽ لوڪ- ادب انھيءَ مان ظاھر آھي تھ ڪنھن ملڪ يا سماج جو  لوڪ- ادب، انھي ملڪ يا سماج جي لوڪ- ثقافت جو ھڪ ڀاڱو آھي. جيئن تھ ادب ۾ لوڪ- ثقافت جي بنيادي تتن جو عڪس گھڻي قدر نظر ايندو آھي. ھتي انھيءَ ڳالھھ جو ڌيان رکڻ جڳائي تھ ثقافت (Culture) لفظ جي وسيع معنيٰ جي دائري ۾، انسان ذات جي طبعي ۽ باطني ترقيءَ جا سڀ پھلو اچي وڃن ٿا. سنسڪرتي لفظ سنسڪرت ٻوليءَ جو آھي، جنھن جو ڌاتو آھي.

سنس + ڪر سڌارڻ، سنوارڻ، سينگارڻ؛ پوتر ڪرڻ سيکارڻ گيان ڏيڻ

انھيءَ لحاظ کان (ثقافت) جو مطلب آھي سڌارو، سينگار، پوترتا؛ شکشا؛ علم، ڄاڻ. انگريزيءَ ۾ ثقافت کي چون ڪلچر  (Culture)، جنھن جي اشتقاق جي لحاظ کان معنيٰ- زمين سڌاري سنواري کيتيءَ لائق بڻائڻ؛ کيتي- ٻاري، زراعت. انھيءَ موجب چئبو تھ ثقافت توڙي ڪلچر، ٻنھي لفظن ۾ سڌاري، سجاوٽ، سونھن ۽ سٺن گڻن جو مطلب سمايل آھي.

ٽيلر نالي ھڪ سماج ماھر، ڪلچر لفظ جي معنيٰ سمجھائيندي لکيو آھي تھ، ھيءُ ھڪ اھو پورو مرڪب آھي، جنھن ۾ ڄاڻ، اعتقاد، ڪلا، اخلاق، قانون، ريتون، رسمون ۽ ٻيون اھي سڀئي لياقتون ۽ عادتون سمايل آھن، جيڪي انسان، سماج جي ميمبر ھئڻ جي حيثيت ۾ حاصل ڪيون آھن. [1]

ھن سمجھاڻي ۾ سما جي ميمبر ھئڻ جي حيثيت لفطن تي خاص ڌيان ڏيڻ جڳائي. اھي لفظ ڏيکارين ٿا، تھ ثقافت جو سماج سان گھاٽو رشتو آھي. انسان ھڪ سماجڪ مخلوق آھي. ڪيترا جيوت- جنتو، پسون- پکي، بھ پاڻ ۾ گڏجي، ھڪ ٻئي جو ساٿ ڏيئي زندگي گذارين ٿا، ان ڪري اھي بھ سماجڪ مخلوق چئبا، چاھي سندن سماج جو سرشتو انسان جي سماج وانگر، پيچيدو ۽ مضبوط نھ آھي، پر انسان اھا سماجڪ مخلوق آھي، جنھن کي ثقافت يا ڪلچر جو گڻ حاصل ٿيل آھي. ان ڪري کيس اشرف المخلوقات يعني سڀني اپايل مخلوقن مان اعليٰ ھئڻ جو درجو ڏنو ويو آھي. انسان جي انھي ثقافت جو بنياد آھي ٻولي. انسان کي جيڪڏھن ٻوليءَ جي ڏات نھ ملي ھا، تھ اڄ ھو ھيتري ترقي نھ ڪري سگھي ھا.

ان ۾ شڪ نھ آھي تھ انسان کان سواءِ ٻيا بھ ڪيترائي ساھوارا، پنھنجي واتان طرحين طرحين آواز ڪري، پنھنجن ساٿين کي خوشيءَ، غم، وغيرھ جو پيغام پھچائين ٿا. پر سندن آواز جو سرشتو ايترو پيچيدو ۽ ڳوڙھو نھ آھي، جيترو انسان جي ٻوليءَ ۾ ملي ٿو. انسان ان ٻوليءَ جي ڏات سان ئي پنھنجي حاصل ڪيل علم ۽ ڄاڻ، تجربي ۽ جذبات کي ٻين ساٿين تائين پھچائي ٿو، نھ فقط ايترو، پر انھيءَ کي ايندڙ پيڙھين لاءِ بھ محفوظ ڪري سگھي ٿو.

ڪن سماج جي ماھرن ثقافت ۽ سڀيتا (تھذيب) ۾ فرق ڄاڻايو آھي. سڀيتا کي انگريزيءَ ۾ چون Civilization، جنھن جو اکري مطلب سھڻي، شانائتي شھري زندگي جي رھڻيءَ ڪھڻي سان آھي. حقيقت ۾ سڀيتا جي اشتقاقي معنيٰ بھ آھي سڀيھ ھئڻ جي ڀاونا يا حالت سڀيھ معنيٰ اھو جيڪو سڀا، مجلس ۾ اٿڻ- ويھڻ جو طريقو ڄاڻي ٿو ۽ ان موجب ھلت ڪري ٿو. مطلب تھ معزز، شانائتو ماڻھو. ان ڪري عالمن جي ويچار موجب سڀيتا يا  Civilization لفظ جي معنيٰ ۾ انسان جي فقط طبعي يا سماجي ترقي سمايل آھي. ٻئي طرف ثقافت يا ڪلچر جو واسطو انسان جي زندگي جي اندروني، دماغي، ذھني ۽ روحاني ترقيءَ سان آھي. عام طور ثقافت يا ڪلچر لفظ جو وسيع معنيٰ ۾ استعمال ڪيو وڃي ٿو. انھيءَ جي دائري اندر انسان جي جيوت جو دماغي ۽ ذھني پھلو (علم ۽ ڄاڻ، ويچار ۽ جذبات، اعتقاد ۽ مذھب وغيره) توڙي سندس زندگيءَ جون ٻاھريون پھلو (جسماني سجاوٽ، ويس- وڳا، ھار- سينگار، کاڌو- پيتو، رھائش جو ڍنگ، وغيره) اچي وڃن ٿا.

لوڪ ثقافت جا مکيھ تت يا جزا

لوڪ ثقافت يعني عوامي تھذيب- تمدن جا مکيھ ڪھڙا ڀاڱا آھن؟ انھن ۾ لوڪ ادب جي ڪھڙي جاءِ آھي؟ لوڪ ادب ۾ پھاڪن- محاورن جي جڳھھ  ڪٿي آھي؟ انھن مڙني سوالن کي ھتي چارٽ ۾ سمجھايو ويو آھي:

 


 

لوڪ ثقافت جا مکيھ ٻھ ڀاڱا آھن

1)         لوڪ جيون يعني لوڪن جي زندگيءَ جو طريقو. (Folk Ways  of  Living)

2)        لوڪ جي جذبات ۽ ويچارڻ جي اظھار جو طريقو. (Folk Ways  of  Expression)

 ھر ھڪ ڀاڱي کي وڌيڪ ڀاڱن ۾ ورھائي سگھجي ٿو.

١- لوڪ جيون طريقو

الف: لوڪ- اعتقاد (Folk Beliefs)

سنسار جي پيدائش، خلقڻھار جي ھستي، وڻ- ٽڻ، پسون پکي، ديو پريون، جن ڀوت، جادو ٽوڻا، سوڻ اپسوڻ، جھاڙ ڦوڪ، پير- فقير، لوڪ- پرلوڪ، وغيرھ موضوھن بابت عوام جا عقيدا ۽ وشواس ھن ڀاڱي ھيٺ اچن ٿا.

ب: لوڪ ريتيون (Folk Customs and Practices)

کيتي ٻاري شروع ڪرڻ وقت زمين جي پوڄا، سمنڊ جي سفر تي اسھڻ وقت پاڻيءَ جي پوڄا، قدرت جي عبادت، مذھبي ڏڻ وار ملھائڻ، انسان جي جنم کان وٺي مرڻ تائين جدا جدا موقعن تي ريتيون رواج ۽ اعتقاد، درگاھن، عبادتگاھن، مندرن- ٽڪائڻ ۾ وڃي دعائون گھرڻ ۽ سکائون ڪرڻ، اوجھن ۽ ڀوپن جي جھاڙ- ڦوڪ ذريعي بيمارين جو علاج ڪرائڻ، وغيرھ لوڪ- ريتن جا ڪجھھ مثال آھن.

ٻ: لوڪ- وندر (Folk ways of Entertainment)

ملا- ملاکڙا، ملھھ- ڪشتيون، ڪڪڙن، سانن، تترن جي ويڙھھ، ڏڻ- ڏينھن تي رانديون ۽ شغل، بازيگرن جا کيل، ڳوٺاڻيون ڪچھريون، ڪٺپتليءَ جا ناچ، ڏاندن، اٺن ۽گھوڙن جي ڊوڙ، وغيره عوام جي وندر جا ڪجھھ مثال آھن.

پ: لو ڪ- رھڻي ڪھڻي (Folk dresses, Food habits, etc)

سماج ۾ پئنچاتي سرشتو، گڏيل ڪٽنب جو سرشتو، روايتي ويس- وڳا (اجرڪ، سنڌي ٽوپي، ميراڻي ٽوپي، شڪارپوري پڳڙي، ڀرت جو ھنر، وغيره) روايتي نموني جا زيور (نٿ، بولو، ڏانواڻي، وغيره) کاڌي پيتي جا نرالا ڍنگ ۽ شيون (ڌارڃورا، لوڙھھ، پٻڻ، بھھ، گيدوڙا، وغيره)، اھي سڀ لوڪ رھڻي- ڪھڻيءَ جا ڪجھھ مثال آھن.

 

٢- لوڪ اظھار جو طريقو

لوڪ پنھنجن امنگن ۽ ويچارن جو اظھار جدا جدا طريقن سان ڪري ٿو، انھن جا مکيھ ٻھ قسم آھن: ٻوليءَ ذريعي اظھار ۽ ٻوليءَ کان سواءِ ٻين طريقن سان اظھار. ھن ٻئي طريقن جي اظھار تي لوڪ- مانس ۽ لوڪ- پرميرا جي ڇاپ ھوندي آھي. ڪنھن ھڪ ڪلاڪار جي رچنا، عوام ۾ مشھور ٿي وڃڻ بعد سموري لوڪ سماج جي رچنا بڻجي ويندي آھي. وقت گذرندي اھا خبر نھ پوندي آھي تھ انھيءَ جو اصل رچيندڙ ڪير ھئو؟ سرلتا، سڀاويڪتا ۽ غير- مصنوعي سونھن توڙي نزاڪت، اھي لوڪ- اظھار جون مکيھ خاصيتون آھن.

ٻوليءَ کان سواءِ ٻين طريقن سان اظھار

الف: لوڪ ڪلائون (فن ) (Folk Arts)

لوڪ ڪلائن (فن) (Folk Arts) جا مثال آھن: عمارت- سازي (Tranditional Architecture)؛  مورتي ڪلا (Folk Sculpture)؛ (پتلا ۽ بت ٺاھڻ، مٽيءَ جون مورتيون ۽ رانديڪا ٺاھڻ، ڪپڙن مان گڏا- گڏيون ٺاھڻ، ڪٺپتليون ٺاھڻ وغيره)؛ لوڪ- چترڪاري ڪلا (Folk Painting ) (رنگن سان ديوارن، ڌرتيءَ، سرن، ڪاٺ، ڪاغذ، وغيره تي چٽ چٽڻ)؛ لوڪ ناچ (Folk Dancing) (ڇيڄ، ٽپو، جھمر، چيڪلي، گھڙي جو ناچ، ڏونڪن جو ناچ، مغرمان، اٺن جو ناچ، گھوڙي جو نچائڻ)؛  لوڪ موسيقي (Folk Music) (روايتي سازن جو وڄڻ  يا سازن وڄڻ سان گڏ ڳائڻ ۽ نچڻ، جھمريون پائڻ).

ب: لوڪن جا ھنر ڌنڌا  (Folk Crafts)

لوڪن جا اھڙا ھنر ۽ ڌنڌا جيڪي پيڙھي در پيڙھي ھلندا پيا اچن. انھن جا ڪجھھ مثال آھن: واڍي جو جنڊيءَ جو ڪم، سوناري جو زيورن تي مينا ڪاريءَ جو ڪم، لھار جو برتن ۽ اوزار ٺاھڻ، ٺاٺارڪو ڌنڌو، ڪنڀر جو مٽيءَ جي رانديڪن ۽ برتنن ٺاھڻ جو ھنر، زالن جو ڀرت ڀرڻ، سبڻ ۽ رلين وغيره ٺاھڻ جو ھنر.

 

ٻوليءَ ذريعي اظھار

ٻوليءَ ذريعي لوڪ جڏھن پنھنجي امنگن ۽ ويچارن جو اظھار ڪن ٿا. تڏھن ادب جو سوچڻ ٿئي ٿو. لوڪ ادب جا مکيھ قسم ھيٺينءَ طرح آھن:

الف: لوڪ شاعري (Folk Poetry)

انھيءَ ۾ شعر جا سڀ قسم اچي وڃن ٿا. انھن مڙني جي مکيھ وصف اھا آھي، تھ انھن کي سر، تال، لئھ ۾ ڳائي، سگھجي ٿو. ان لاءِ نظم جي بحر- وزن، وغيره جي پابندي لازمي نھ آھي . لوڪ شاعريءَ جا مکيھ ٻھ ڀاڱا آھن: لوڪ گيت  (Folk songs Lyrics) انھيءَ ۾ ڪنھن ڳالھھ يا قصي جو بيان نھ ھوندو آھي؛ فقط نفيس جذبن جو سھڻي نموني اظھار ھوندو آھي.

لوڪ شاعريءَ جو ٻيو ڀاڱو آھي: نظم ۾ ڳاتل قصا ۽ داستان (Folk Poetic Narration) جن ۾ ڪنھن ڳالھھ جو سلسليوار بيان مکيھ ھوندو آھي.

ب: لوڪ ڪٿائون  ۽ ڪھاڻيون: (Folk Dream & Stage)

جيئن تھ، ديوان-  پرين، بادشاھن ۽ شھزادين، جانورن- پکين، ٺڳن- چورن وغيره جون ڪھاڻيون؛ ٻارن جون آکاڻيون.

ٻ:  لوڪ- چوڻيون، ننڍا گفتا ۽ ٻول: (Moinr Folk Utterances)

پھاڪا، چوڻيون، محاورا، پروليون، جھاڙ- ڦوڪ ۾ ڪتب ايندڙ منتر، ٻاراڻا ٻول، جيڪي ٻارن جي راندين ۾ چيا ويندا آھن، ننڍڙا لطيفا، گاريون ۽ فحش گفتا، وغيره ھن قسم جا ڪجھھ مثال آھن.

منھنجي ويچار ۾ لوڪ ادب جي جدا جدا قسمن کي نظم ۽ نثر ۾ ورھائڻ ٺيڪ نھ آھي، ڇاڪاڻ تھ نثر ۾ چيل ڳالھين، آکاڻين وغيره ۾ بھ ڳاھون، بيت، ڏوھيڙا وغيره اڪثر ڪتب ايندا آھن. ساڳئيءَ طرح، ڏسبو تھ لوڪ چوڻيون، وغيره ۾ پھاڪا، پروليون، وغيره نثر توڙي نظم جي صورت ۾ ملن ٿا.

 


 

 

[1] Culture or civilization is that complex whole, which includes knowledge, belief, art, morals, law, customs, and any other capabilities and habits acquired by man as a meber of society. (New York (New Kroeber A.L., Anthropology, Harcourt, Brace and World, Inc. Edition, Revised, 1948), P. 252

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

 Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com