سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: ڪليات حسين ديدڙ

صفحو :5

 

(2)

دشمن، دُزد، دُرنگا، دَغلہ، رنگ ڪنون هـٖـي زردا-

مُٺا مردا،

نيمڪ خور، نِدورا، نانگي، پَروش دا پروردا-

ڪُتا دَر دا.

سُڃا ڇوڙ سَناخت، ساڃَهه، پِٽيا ٿيا بـٖـي پردا-

حَيضِي هَردا.

يا ڪِي مَست، مواس، منافق، موڳا، مِرون بَردا-

وتـٖـي چَردا.

شاهه، شڪار ڪَريسي تنهن ڪون، لڳس نيزا نَردا-

علي حيدر دا.

حَسن، ”حسين“، حمايت تيڏا، ڪامل ڪوٽ پٿر دا-

تون ڪِيون ڏردا.

(3)

دشمن، دُزد، دُرنگا، دغلہ، موذي رب مريسِي-

بار لَهيسِي.

مُنڪر ڪون محبوب خدا دا، دَستين شاهه دَسـٖـيسِي-

ڳاهه ڳليسِي.

ظالم زُود ڪراچِي بندر، شالا قيد ڪٽيسِي-

عمر لنگهيسِي.

سُهمان جهَل سپاهيان اڳون، دِلـٖـي دُز ڀريسِي-

اڳون ڪم ڪريسِي.

شهه مَردان هـٖـي شير خُدا دا، وَرنهه واڳ ولـٖـيسِي-

غم ٽَلـٖـيسِي.

حق وڪيل ”حسين“ خدا هـٖـي، شالا شرع ڪريسِي-

دل ٺريسِي.

(4)

ماڻَ ڀريا، مشتاقان دي، آءُ سڄڻ تون ڳَلِي-

ايهه جندجان ڏکان وچ ڳَلِي.

درد ميڏي دا، تون هَين دارون، جيوين مڻڪا مَلِي-

اي دل سوز فراقان مَلِي.

جيريٖ جانِ، بُڪيان هِن حاضر، توڙي کاويٖ تَلِي-

سر ڪپ ڏيوان رک تَلِي.

حال تيڏي دِي، ڳالهه سَڀا مَين، وال نه مُڪرِي اَلِي-

جو هـٖـي شاهد عَلي.

شوق تُساڏي شرط ذبح ڪر، کل ٻڪري وانگي کلِي-

آويٖ ڪم ڀَلِي ڪر کَليِ.

ڪر ارشاد ”حسين“ بندي تي، تان ٻَهه ڇِڪـٖـي جهلِي-

جو دل دام تيڏي وچ جهلِي.

 

(ڀاڱو-4)

هير رانجهو

(1)

پار وڃي، لَنگهه يار ڏَهُون،

جِٿان ڪُنُ ڪَريندي ڪَڙڪـٖـي،

دهشت، داٻُ، دَرياهان دِي،

نِتُ سُڻدِي دُوسان دڙڪـٖـي،

لَنگهه نِسنگُ اُمالڪ وڃي،

اوريٖ مُولُ نه اَڙڪـٖـي،

ڪاهان ديٖ وچ، داهان ڪَر ڪَر،

سَڏي رانجهو رڙڪـٖـي،

سُرڪي، پَلٽ پياري هٿون،

ڪجهه پِلايس پڙهه ڪـٖـي،

آتش عِشق اُلانبي لائـٖـي،

بِره ڏتانس ڀڙڪـٖـي،

سانگ سِياليان والا سانگا،

ڇوڙيس چکي چَڙهه ڪـٖـي،

غيرت، غير ڪنون چايس،

تَرڪ طمع ڪون تڙڪـٖـي،

پيتس پِيالا، وَحدت والا،

نال خوشي دي، کڙڪـٖـي،

رانجهُو نال، ”حُسين“ هميشہ،

جالي ويڙهي، وڙڪـٖـي.

(2)

غالب عشق ماهي ديٖ غَلبي،

موج ڪيتـٖـي مستانِي،

قَول اَلستِي دِي ڪا، ڪن تي،

ڪُوڪ پَيُس وِچ ڪانِي،

روندِي، روز ڪريندي رِيهان،

دونهـٖـين ڏٖيکِ، دِوانِي،

ڪِڻڪان، ڪاليان واليان سُڻڪِي،

ٿِيويٖ روزُ رَوانِي،

لنگهه ڪنون، نا لنگهه ڪريندي،

ناهَس تِل طمع نِي،

گهِر دِي، گهيرُ نه جاچي گهمري،

يڪ دل نال يَگانِي،

چُڪي، چُور ڪيتِي جا چُسڪي،

پِيتُس سُرڪي سا، نِي،

رانجهو نال، ڪري وڃ ريجهان،

حال حوال حَقانِي،

حب، ”حسين“ جنهن ڪون هوسِي،

لهسي، جانِب، جانِي.

 

(3)

هِير لنگهي نِت سِير ڏهاڙي،

تَرسَن جِٿان تاريٖ،

 

جڏان راتـٖـين اُڀرن تاريٖ.

 

 

 

 

 

 

لَهرئين دي لک لوڏيٖ سهندِي،

ٻانهَن اُلاري، ڪر ڪر واريٖ،

 

سِر، سڄڻ تون مول نه واريٖ.

 

 

 

 

 

 

سُڻندي کرڪي، چانهڪ چَرڪـٖـي،

ڳولي چاهون چاريٖ،

 

جِٿان ماهي، مِنجهِيان چارٖي.

 

 

 

 

 

 

پاڻـٖـي دل ڪُون پاڻِي آڻِس،

ٻـٖـيلـٖـي گهڙيان گهارٖي،

 

توڙي وچون واهُڙ، گهاري.

 

 

 

 

 

 

وڃ ”حسين“، هميشہ حاضر،

ٿِيوِن دلبر ڌاري،

 

تان من ماهي مَينُون ڌاري.

 

 

 

 

 

 

(4)

ڪر ڪر ڳالهين، يار سڄڻ ديان،

وَوڙٖي واٽان ڀالي،

 

مارئـٖـي بره جنهين ڪون ڀالـٖـي.

 

 

 

 

 

 

سَڏي، سُڏڪـٖـي، سَڏ ڪريندِي،

نِيل وهيندٖي نالـٖـي،

 

آکي مِل اَلہ دي نالـٖـي.

 

 

 

 

 

 

زيوَر زَردٖي، لاهه رکيانِس،

کهُنبـٖـي کيڙٖي والـٖـي،

 

پوچان، پَٽ سَٽيندٖي والـٖـي.

 

 

 

 

 

 

تُرها ٻنڌُ، توڪّل تردِي،

ڪيا جـٖـي ڪَڙڪَن پالي

 

انگ اَزل دٖي پالـٖـي.

 

 

 

 

 

 

حق، ”حسين“ عُشاقان سمجها،

ٻئـٖـي سڀ غير مَسالي،

 

توڙي ڪرن مَسالـٖـي.

 

 

 

 

 

T

 

داستان ڇهون

 

ڪافي

(1)

ڪـٖـيهو ڏوراپو ڏيندس پنهل کي،

سيج سُتِي، او، جاڳي ناهيان.

هيئن نه ڄاتم، ويندا سنجهيئي،

نَومَ(1) نِدوري، وٺي مون ويٺي،

 

ڀينر، تڏهن ڪَڍَ، ڪيچن ڪاهيان.

 

 

 

 

 

 

جيڪر جاڳيم، ننڊ ڪيم ٿوري،

نا نه لڳي ها، تَن کي لوري(2

 

وِره تـٖـيناهُون(3)، ويـٖـڙهي آهيان.

 

 

 

 

 

 

جارُ(4)، نه جاڳڻ سان مون لايو،

بار بِره جو، تڏهن سر آيو،

 

ســٖڻن سان، سڱ ڪهڙو ساهيان(5).

 

سهس پنهل کي، سِڪ کون سارن،

ڪين ويچاريون، سي سِر وارن(1

 

ڏونگر ڏوريم، تان مان ڇاهِيان؟

 

 

 

 

 

 

حال ”حسين“، سڄڻ کي سارو،

چونديس، پاندُ وجهي ڳَل ڳارو،

 

درد اهو شَل، دل تون لاهيان.

 

 

 

 

 

 

(2)

سانگي ميل ستار، ڏسان شال وطن جون واڙيون.

پَلپل پُور وڃن دل ڀـٖـيليُون،

ساعِت ساعِت، ياد سهـٖـيليون،

اَلا ميان، حيف پائڻ هس هار،

ڀانيان مَحل، مَڱر(2) جان ماڙيون.

 

تُنهنجا ٻوڙ، وِجهان ٻَنِ(3) قيمان،

لذت ڪين ڏين ٿا ليمان،

اَلا ميان، اَنبن جا اَچارَ،

وڃن صوف اندر کي ساڙيون.

 

ڏوٿِن ڏاج ڪُلهن ۾ ڪاهيون،

وَتن پٽ ٻَهُن(4) سان پايون،

اَلا ميان، ڏَونرن هاڻا ڏارَ،

ڏين لامَ، اَجَڙ(5) کي لاڙيون.

 

سَڱَرُ، قُوت سدائين آهي،

آڻِن روزُ لوئِن ۾ لاهـٖـي،

اَلا مِيان، پاڙيـٖـچا پَنهوارَ،

پين کير، کٽا ڪَيون ڪاڙهيون.

لاهڻ عيب عمر، مُون لوئِي،

مارُو، مِهڻا ڏيندم روئِي،

اَلاميان، ٻاجهارا ٻڪرار،

ڏِينهان رات رَنجَل(1)، ڪن راڙيون.

 

ٻُڌ ”حسين“، متان ٿئين ٻوڙو،

ڳالهه عمر جي ڀانئج اوڙو(2

الاميان، ڪَنبج کانءُ قَهارَ،

هڻ نه هيئن دُزن(3) جان ڊاڙيون.

(3)

چَر چانگا، ڪَڏان ڪک،  ڀَڃ هـٖـير گُلَن جي هاڻي.

وِچ ڪِينَ ڪچـٖـي ڏي ڪاهـٖـي،

جاتـٖـي آڻ(4)، ڌَڻَنِ جي آهي،

ڪَئِي راکن(5) ڏاڍي رَک(6

جـٖـي پـٖـيرُ کَنيُهءِ تان کاڻـٖـي(7).

 

ڪَل رکج، ڪاراوا، ڪامِي،

متان خام، پَوين تون خامي،

آٿِي واهون، وِيهنُون لَک،

ويٺا  دامُ وِجهُون سرواڻـٖـي (8).

 

تَڪ ڪِين چِڪَڻ جو چُوڻو(9

جاني جالِ(10)، اَڌُورو اُوڻو(11

پَل پاڻُ، نه پُسَنِي پَک(1

چُڳُ پَري، پَکِي جـٖـي ڄاڻـٖـي (2).

   

رُلئين ڪـٖـي، رولاڪَن وانگي،

ڪم آئين تون، ڪَهڙي سانگي،

رَهه جُوٺا، مارِ نه جک،

ڏِس ڳالِ عَقُل سان آڻـٖـي.

 

 

رک هوشُ، ”حسين“، هوشياري،

دنيا تلخ، خراب، خواري،

چَٽِ ماکيءَ واري مَک،

ڪَل پوندَءِ، پِيتـٖـي پاڻِهـٖـي.


(2) زنگ= ڪٽ؛ ضد؛ حسد. زردا= پيلو، ڦڪو. مٺا= مُٺل. مُٺا مردا= مُٺل مري ٿو. نانگي= ننگو. اگهاڙو؛ بيشرم. ڇوڙ سناخت ساڃهه= ساڃهه ۽ ڄاڻ سڃاڻ ڇڏي يعني بي شناس ٿي. حيضي هردا= حيضي ڦر؛ بدنسل. بردا= بَرَ جو.

(3) ڳاهه ڳليسي= ڳاهي ناس ڪندو.

سهمان، سهمون= ڇڙٻون. دز، دزد= چور. حق وڪيل= حق جو حمايتي. شرع ڪريسي= شرع ڪندو، انصاف ڪندو.

(4) ماڻ ڀريا= اي ماڻ ڀريا. ڳلي= گهٽي، ايوان. ڳلي= ڳري وئي. تون هين= تو آهين. ملي= ڦرڙي (ڳلن واري). جيوين مڻڪا ملي= جئن مَلِيءَ لاءِ مڻڪو (هڪ ٽڪ علاج) آهي. ملي= ملي ڇڏي يعني ايذائي. تلي= تَري. تلي= تَري (هٿ جي) سڀا= سڀ. وال= ول، ڪڏهن نه. مڪري= انڪار ڪئي. الي= لڪائي، ڪُوڙي ڪئي. ضد ”سَلِي.“ ذبح ڪرڻ= حلال ڪرڻ. کلي= کَلَ لاٿي. کَلَڻُ= کَل لاهڻ. کل= مشڪ، پخال. شوق...... کلي= اوهان جي عشق ڪهڻ جو شرط وجهي، پوءِ ٻڪريءَ وانگي کَل لاٿي.

ٻهه ڇڪي جهلي= ويهي (تنهنجي اڳيان) جهلي ڇڪي. جهلي= قابو ڪئي.

(1) دوسان= دوسون، مَهٽون، مهميزون. نسنگ= ظاهر ظهور، نروار. اوري= اورتي، هن پاسي. مول= مور، هرگز، اصلي، پَٽيءَ. اڙڪي= اٽڪي، روڪجي بيهي. ڪاهان= گاهه جو قسم. رڙڪي= رڙ ڪري، وڏي دانهن ڪري. پڙهه ڪي= پڙهي ڪري. الانبي= اولانڀي چوانتي. چُوچڙي. چکي چڙهه ڪي= چکي چڙهي، چِٺي چڙهي، نِيشانبر ٿي. کڙي= کڙي ڪري، بيهي ڪري. جالي= گذاري. وڙڪي= ڳولي ڪري.

(2) ڪاني= ڪا+ني. ڪا ڪوڪ وڃي ڪَنَ تي پيس ٺي. ڪڻڪان= ڪڻڪون، رَنڀُون. لنگهه= گهير. لنگهه= گذر. ساني= سا+ني، اها ئي. حقاني= سچو پچو.

(3) تاري= تاروئڙا، ڪارڙا تارو. تاري= تارا، آسمان جا تارا. اُلاري= هڻي. ٻانهن اُلاري= ٻانهون هڻي يعني تري. ڪر ڪر واري= وارا وارا ڪري، همت ڪري. مول= هرگز، پٽيءَ، اصلي. واري= وانجهي، پاسيرو رکي. کرڪي= کرڪا، وڏا چڙا. چانهڪ= گاهه جو قسم. چرڪي= چري ڪري،  کائي  ڪري.  چاهون= چــاهه - مون عشق مون

چاري= چارا، رستا، پيچرا. چاري= چرائي. گهاري= گذاري. گهاري= گهارا،. لانگها.  ٻيلي.... گهاري= توڙي وچ تي واهڙ ۽ گهارا (پاڻيءَ جا لانگها) هئا ته به ٻيلي ۾ وڃي گهڙيُون پئي گهاري. ڌاري= وٽ. ڌاري= رکي، پنهنجو ڪري، پالي.

(4) ڀالي= ڏسي. مارئي= ماريا. هنيا. ڀالي= ڀالا، نيزا. نيل= نير، پاڻي، لڙڪ، هنجون. نالي= نارا. نالي= نام تي. پوچان= ٻانهن رکيون. والي= ڪن جا والا.

پالي= پارا، سخت سيءَ. پالي= پاڙي، پورا ڪري. مسلي= مسئلا. مسالي= بحث مباحثه، ڳالهيون ٻوليون.

(1) نوم= ننڊ.

(2) لوري= جهوري، ڳڻتي.

(3) تيناهون= تنهنڪري.

(4) جار= عشق.

(5) سڱ ساهيان= سڱ ڇڪيان، برابري ڪيان.

(1) سر وارن= سر پيارو ڪن.

(2) مڱر= باهه.

(3) ٻن= کُهه، کَڏ.

(4) پهن= رڍن.

(5) اجڙ= ٻڪريون.

(1) رنجل= ڏکويل.

(2) اوڙو= اوٽ، لِڪُ.

(3) دُزن= چورن.

(4) اَڻ= روڪ، منع.

(5) راکن= رک ڪندڙن، پوک جا مالڪ.

(6) رک= سنڀال.

(7) کاڻي= ساڙيهءِ.

(8) سرواڻي= سرواڻ، سالار، مهندار.

(9) چڪڻ جو چوڻو= ڏکئي هنڌ جو کاڌو.

(10) جال= گذار.

(11) اڌرو اوڻو= اوڻو اڌيڪو. شاعر هدايت ڪري ٿو ته، ”اهڙي چوڻي جو خيال ئي نه ڪر، جو توکي پڇتائڻو پوي. بهتر ائين آهي ته جيڪي ملي ٿو، تنهن تي گذر ڪندو رهه.

(1) پک= کنڀ.

(2) چڳ..... ڄاڻي= اي پکي (دل جا)، جيڪڏهن چڱو ڄاڻي ته (دنيا جي دام کان پري) ٿي چڳ.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org