سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: ڪليات حسين ديدڙ

صفحو :17

 

 

در بيان باز گشتن سسئي از باغ و پريشان شدن در حالت درد عشق

 

سڻو دل نال يارو! داستانا،

جُڙيندا پُر محبت در فشانا(5).

 

پَيُس اَوقات، سڏ سڀڪا سهيلي،

چلي غم گهن دواني درد ٻيلي.

 

لڳا گز ڪونج ڪون، ڪاري ڪپاري،

ٿئي اَهل ڳئي(1)، دستون شڪاري(2).

 

وڃي پروس، پنهل ڪون ڇوڙ سسئي،

جنهين دي ڪر حڪم دل يار کَسئِي.

 

ڳُليندي، اوچتي سرچاه(3) آئي،

نه پيتس اَب، ول ويندي تَسائي(4).

 

شڪاري، دام وچ آهو ڦَسايا،

ڳيا ڪپ دام ٿيا رولا اَجايا.

 

ٿيوي تهدل ڪوئي تڪرار ڳولا،

ڪري تنهن دا سجايا اَلہ رولا.

 

آَئي ول ڏيک دلبر ڪون جڏاهين،

پئي ڪِر سرزمين تي سٽ تڏاهين.

 

ڪري در دل دواني، درد دانهان،

چريان وانگون گهَتي چڪ، وات ٻانهان.

 

وهي لوهو(1) اَکئين چون، آب لاٽان(2

وتي پڇدي سڄڻ ديان ووڙ واٽان.

 

پوي ڪِر ڪِر، فرياد نالي(3

پنهل ڪون ياد ڪر، دمدم سنڀالي.

 

نه ڪجهه آن آب توشا، طعام کاندي،

ڪتي محبت وڇوڙي مار ماندي.

 

ڏينهان ڏک نال، ٻهه رو رو گذاري،

لنگهاوي رات راڻي ڀر شُڪاري(4).

 

وڳي، زيور، زري دي پٽ سٽيانس،

پراڻي ويس ميلي، ڪڍ ڪتيانس.

 

صحيح ڪِيتا ڪَنيزڪ ڪنهن سِياڻي،

اَهي پُرفند، محڪم، مَڪر هاڻِي.

 

اُنهين ڪون عشق دي آهي خبرچار،

سڻي وڄدي، تنهين ڪا بِره دي تار.

 

آکيس سائڻ! سچي ڪر ڳالهه ميڪون،

ڪيهي ويڌن لڳي، تن نال تيڪون.

 

وڃايئي روپ رنگ، مهتاب جيها،

پيوئي ڪڙڪ سر تي، قهر ڪيها؟

 

جهليان مين عشق ديان سر سخت تبران(1

پڇين جيڪر ڏوان مين خوب خبران.

 

گهي مين آپ عاشق درد والِي،

گهي معشوق آهس بيخيالِي.

 

سچي ڪر ڳالهه ڳهلي، سٽ مونجهاري،

ڪريسان جلد تيڏي  ڪار جاري.

 

ڪرين جي حال، ميڏي نال مائِي!

مِلين مقصود ڪون وڃ جلد جائِي.

 

ڪنيزڪ ڪون اڳون سڌ، چا ٻِلهايُس،

اکئين چون آب هاريس، تي(1) الايُس(2).

 

اکيس ميڪون بِره چا باهه لائي،

اَٿي ڪر ڪو ميڏا عيلاج، دائي!

 

ڏِٺم ڪيچي، سوداگر ساٿ والا،

لڳا سر وِچ اُنهين دا سخت ڀالا.

 

پنهل، ميڏي حياتي، جان جاني،

مِلا ميڪون، ميڏا يوسف ڪنعاني.

 

ميڏي ماءِ پِيُو، ڏونهين ڪر ريهه(3) راضي،

تڏان آوِي برابر پيش بازي(4).

 

ڪهيا گولِي نه ڪر غم ٿي سياڻي،

پيا تيڏا اسان ڪون ننگ نياڻي!

ڪريسان مين رضامند، جوڙ ڏونهين،

ٿيسن تيڏي اڳون ڀِڄ(1)، سبز سونهين.

 

هوسِي آباد شالا عشق وادي،

ٿيسي تيڏي پنهل دي نال شادي.

 

رمن جي رند راوت عشقِبازي،

ٻڌن سر نال شملي شير غازي.

 

صبر والي سدا مقصود پاون،

اَمالڪ وڃ شتابي(2) گوءِ چاون(3).

 

در بيان راضِي ڪردن دائِي، پدر و مادر سسئِي را بَرائي وصال هردو

 

ڪَنيزڪ سَرسُ ڪيتا، سَنبر سعيا،

اَلہ دِي آسِري تَنهن هَٿ رَلايا.

 

هُنر هَرڪارِ دي اَستاد آ هَي،

سَڀا تعليمَ تنهن ڪُون ياد آ هَي.

پڙهائي دَرس دانشمند چَندان(1

سِکائي سَبَق، حِڪمت هوشمنَدان(2).

 

اَڳُون مالِڪ، وَڄايُس آ دَنبُورا،

سَلِيمِي ڪوُن صحيح سُر نالِ پُنورا.

 

ڪَهيُس ڪوئِي سوداگر ڪيچون آيا،

تَنهين سَستا عطر تي مُشڪ لايا.

 

رکيم هڪ روزُ ڏِيکڻ دا اِرادا،

پُڇايُم ساٿ والا شاهزادا.

 

ڏِٺُم ڪيچِي ڪَلاداري(3) سوداگر،

نظر آَيُم، عجب مسڪينُ پرور.

 

نَه ڪا پَرواهَ تنهن ڪُون مال زَردا،

اُچا اِقبانُ، نادر ناموَر دا.

 

مُدَمِغ(4) مير مانجهِي، نيڪ نُورِي،

تَنهِين دِي جانِ، جِندُ خالص کٿُوري.

 

عَقل والا اَڪابر، چُون(1) وَزيران،

سَخِي، سردار هي وانگُون(2) اَميران.

 

پُنهُون پَڌرا جَنهِين دا نانءُ پهلوان،

ڪَنبايا جنهن ڪَڇِي تي ڪيچ مڪران.

 

نهايت نوجوان، فرزند شاهي،

آندا آپي(3) اِٿان قِسمت اِلٰهي.

 

تُساڏي دَر سُجهي مَيڪُون نِياڻِي،

اَڪابر عقل والِي هي سياڻِي.

 

نه ڪو نِياڻيان سَدائِي گهَر ٻِلهائي،

شَرع دا آبُ، سر سڀڪو وَهائي.

 

رسم هي ريت، پاڪان مُسلمانان،

هَلائِي جابَجا هي خاص خانان.

 

وَتن ويهان اُتي رنگريزَ رُلدِي،

نَهين مَٽُ جُوڙ ڪُجهه ڪَجهه گُلزار گُل دِي.

 

تُسان ڪنُون جي هووِي دُختر پِياري،

ڪَرو تنهن دِي اَٿِي اڄڪلهه تياري.

 

ڏيونِ گُل تي سَدا بُلبل لَمارِي،

ڪِها ڪانوان قدر جي سياه ساري.

 

ڪَڍو تَڙ، ٻِئي تُسان رنگِريزَ روڳي،

وَٺُــووِن آ، ڀَلِي واسينگُ، جوڳي(1).

 

پُنهَل جيها نه ڪو ٻيا ڳول لَهسو،

هميشه خوش حياتِي نالِ رَهسو.

 

تُسان مرَ آپ جِيندِي(2) بارُ لاهو،

پُنهون دِي نال ڪر ڪم ڪُون نباهو.

 

اَسان آکِي تُسان ڪُون چا چڱائِي،

عقل دِي قدر آهَر، پَسند آئِي.

 

اِهو ڪم هي تُسان ڏِي ڪاڻ خاصا،

ڏِتا اَپي تُسان ڪُون بَختَ پاسا.

ڪَها رنگريز: رَهه ڪمذات ٻانهي،

لَڌُءِ مَيڏا مُسافِرُ ڳول ثاني؟

 

ڏَوان تَيڪُون سزا مين جوڙِ جيڪر،

عَقل آوَئِي برابر هوش هيڪر.

 

پَلَؤ تَيڏي پيا تحقيق جُوفا(1

تَڏان مَيڪُون ڏَسيوئِي غير ڪُوفا(2).

 

اَسان ڏا ٻالُ هي اقبال هاڻا،

جواهر بي بها ياقُوت داڻا.

 

نَهين آيا اڃا ڪوئِي بار بارِي،

ڪَڍان ڪَيوين اڳي دُختر پياري.

 

ڏيسِي توفيق تنهن ڪُون شاهُ شالا،

ڪَريسِي ياد ٻيٺِي الہ تعالي.

 

اَصيليان سؤ سدا سر بار سهنديان،

عمر اشراف بي حق بخش ٻهنديان(3).

 

لِکيا هوسِي قضا اڳهين سڀوئي،

ڪريجي اڄ ڪيها وسواس ڪوئي.

 

ڪَيتاسي معاف تيڪون گنهگاري،

متان آکين سخن ساڳي دوباري.

 

اڃا لمحا لنگهيا، ٿي دير ٿولِي(1

سڏي مالڪ وَلا(2) في الحال گولِي.

 

عزت ڏي اُنهه ڪون حاضر چا ٻلهايس،

نزاڪت نال نرمش ڪجهه الايس.

 

آکيس تيڏي سڀا گفتار سالم،

تون هين صحيح اَستاد عالم.

 

تون هين هوشيار هردم زور ڏاهي،

ڪريندي عمر ساري خير خواهي.

 

ڪرڻ هي خوب خويشان(3) وچ سڱاوت(4

 

نهين پڄندي(1) بگانان(2) چون ننگاوت(3).

 

جنهين اشراف ڪون احتياج هوسِي،

ڪريسِي سو سِگها آ قدم بوسِي.

 

ڏِيوَن سُورهه سدا سر آڻ اَپي،

نهين منجدي وڪيلان هٿ نياپي.

 

سهي ڪيتا ڪَنيزڪ سُڻ اِشارا،

رکيا رنگريز مخفي طور لارا(4).

 

اُٿي الحمد ڪر گولي سياڻِي،

ٿئي حاضر هڪي دم پيش راڻِي.

 

ڏتيانس حور ڪون، دل گهن دلاسي(5

سڻئي حال گفتي ٻهه خُلاصي.

 

آَکيس تيڏا ٿيا ور(6) ڪيچ والا،

آئي ڀر پِي، شرابون پُر پيالا.

 

ڏٺم مالڪ، سَليمِي ڪُون ارادا،

ڏتوني مڙس تيڪون ملڪزادا(1).

 

ڪِتاني نَنهن(2) نه ڪجهه اختيار آرِي(3

ٿيا معلوم چون ايوِين اشارِي.

 

ڪِتوني سُخن پڌرا صاف ظاهر،

نه ڏِيسون ٻال ڪڍ پرديس ٻاهر.

 

جيڪو ٿيسي اساڏي گڏ غازي،

اسان تنهن ڪون ڪريسون مفت راضي.

 

سڻ، مہ رخ(4)، مدعا(5) دي گفتگوئي(6

بهت ممتاز ماندي شاد هوئي(7).

 

ڪهيا گلنار وڃ در ساٿ جلدي،

سڄڻ ڪون ڏي سگهي دلجاءِ ولدي.

 

مَنيا(1) فرمان دانشمند دائِي،

سگهي دائي، پنهل دي پيش آئِي.

 

سُڻائِي ڳالِهه سڀڪا ڪَر سِياڻِي،

ٿِيا خوش خانُ راجا رِند آرياڻِي.

 

ڪَهيُس جا مَين وَهِيڻي(2) ڪارِ آهي(3

سَڀئي سِر آپڻي سا حاجَ لاهِي(4).

 

اَڳي چَونڪِي(5) ڪَنُون لَنگهِه فوج آئِي(6

ڪَريسِن شاهَ، خود آپي لڙائِي.

 

اُٿِي سر آپڻي تُون ڪاهه ڪامل!

وسِيلا عشق ڪُون ڪَر شير! شامل.

 

جَنهِين ڪُون، عشق محڪم مَدد ڏِيوِي،

سيئِي کاوِن اَڳُون محبُوبَ ميوِي.

 

مَدد جَهين دِي ڪَري چا عشق اَڙٻنگ،

ڪَري جَلدِي فتح في الحالُ مو جنگِ.

 

ڦِٽِي ڪَر هوڏَ، هَستِي، شانُ، شِيڪا(1

اُٿِي گهِن عَشق دا، تهدل طَرِيقا.

 

نه ڪُجهه تِرسَن پتنگ، باڪي، بهادر،

ڪَرِن سي سر شمع تي آڻِ حاضر.

 

صلاح پُرسِيدن پُنهون از دائِي و دادن صلاح آن با پُنهون

 

پُنهل آکيا سُخن سهُڻا زبانُون،
ڪِتُيءِ   دائي،   ڪَشالا   دل   بـجانُون.

 

نِهين سَورهه ڪَرِيندي سِر پياري،
قِلعي  تي  ڪاهه ويـنــدي  مـــار  نــعري.

 

ڪِتوئِي   مفت   ميڏي   نال  ٿــورا(2


(5) درفشانا= روشن، چمڪندڙ، عاليشان.

(1) اهل ڳئي= آهلي پيئي، ليٽي پيئي، ڪِري پيئي.

(2) دستون شڪاري= شڪاريءَ جي هٿان. لڳا....... شڪاري= شڪاريءَ جي هٿان، ڪونج (محبوب) کي ڪاپار وارو (هنڌائتو) ڪاري گز لڳو ۽ ڪِري پيئي يعني عشق ۾ گرفتار ٿي ويئي.

(3) سرچاه= کوهه مٿان.

(4) تسائي= اُڃايل.

(1) لوهو= رت.

(2) لاٽان= لاٽون، ڳوڙهن جون قطارون، نار.

(3) نالي= دانهون.

(4) ڀر شڪاري= شوڪارا ڀري، ٿڌا ساهه کڻي ٿي.

(1) تبران= تبرون، ڪهاڙيون. هت معنيٰ عشق جون مهٽون ۽ مهميزون.

(1) تي= ۽.

(2) الايس= ڳالهايائين، گفتگو ڪيائين.

(3) ريهه= ريهي، ريبي، ڌتاري.

(4) بازي= راند. ميڏي......... بازي= منهنجي ماءُ ۽ پيءُ کي ريهي راضي ڪر ته پوءِ بازي اسان جي آهي.

(1) ڀِڄ= ڀِڄي، نرم ٿي؛ راضي ٿي.

(2) شتابي= تڪڙو، جلدي.

(3) گوءِ چاون= ساري کڻن، بازي کٽڻ، ميدان مارين.

(1) چندان= ڪيترن.

(2) پڙهائي...... هوشمندان= ڪيترن ئي سياڻن ۽ هوشمندن کي حڪمت جا سبق پڙهائي.

(3) ڪلاداري= ڪلدار وارو، دولتمند، تونگر، شاهوڪار.

(4) مدمغ= اعلي دماغ.

(1) چون= وانگر.

(2) وانگون= وانگيان، وانگر.

(3) آپي= پاڻهي، پاڻمرادو.

(1) وٺوون...... جوڳي= ڀلي، جوڳي (پنهل) اچي، واسينگ (سسئيءَ) کي وٺن.

(2) جيندي= جيئري.

(1) جوفا= لالچ.

(2) غير ڪوفا= ڌاريا.

(3) حق بخش ٻهنديان= حق بخشائي ويهن ٿيون، پرڻي کان انڪار ڪن ٿيون.

(1) ٿولي= ٿوري.

(2) ولا=  وري، ٻيهر.

(3) خويشان= پنهنجن.

(4) خويشان وچ سڱاوت= پنهنجن سان مائٽيءَ رشتو.

(1) نهين پڄدي= نٿي پڄي، نٿي ٺهي.

(2) بگانان= ڌاريا.

(3) نهين.......... ننگاوت= ڌارين سان مٽي مائٽي نٿي ٺهي.

(4) لارا= لارو، لاڙو، ميل.

(5) دل گهن دلاسي= دل وٺڻ جهڙا دلاسا، دل پسندي جهڙا دلاسا.

(6) ور= مڙس.

(1) ملڪزادا= بادشاه جو پٽ، شهزادو.

(2) ننهن= انڪار.

(3) آري= هائو. ڪياني..... آري= انڪار ڪيائون مگر هائو نه ڪيائون.

(4) مہ رخ= (چنڊ جهڙي سهڻي)، سسئي ڏانهن اشارو.

(5) مدعا= مطلب.

(6) سڻ....... دي گفتگوئي= پنهنجي مطلب واري ڳالهه ٻولهه ٻڌي.

(7) بهت..... هوئي= پريشانيءَ جي عيوض نهايت خوش ٿي.

(1) منيا= مڃيو.

(2) وهيڻي= وس، اختيار.

(3) جا مين وهيڻي ڪار آهي= جا منهنجي هٿ وس جي ڳالهه هئي.

(4) سڀئي....... لاهي= منهنجي مٿي تي جيڪو بوجو هو سو مون لاٿو.

(5) چونڪي= پهرو.

(6) اڳي........ فوج آئي= چونڪيءَ واريءَ جاءِ کان (حسن جي) فوج اندر لنگهي آئي.

(1) شيڪا= شيڪو، هوڏ، ضد.

(2) ٿورا= احسان.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org