سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: ڪليات حسين ديدڙ

صفحو :10

 

 

نهين پرواهه مالِڪ ڪُون ڪهين دا،

حڪم هر طرف هلدا هي جَهين دا.

 

در بيان لوڙهڻ سسئيءَ جو منجهه درياهه

۽ احوال اُن جو

وَهي درياهه هَيبت نال هاسي(1

وڃن مُڙ شير، ڪيتي پيل(1) پاسي.

 

اُهين وچ جال آئي جو سسئي ڪون،

وَسيلا ڪَونُ آها بيوسي(2) ڪون.

 

گُذاري سِرهڪي تَنها وچاري،

اندر صندوق سوڙهي وچ انڌاري.

 

انڌارا زور، وانگُون گور(3) آهس،

سوا مالڪ تَڪيا(4) تِل اور ناهس(5).

 

لڳن لهريان چڙهن چوطرف فوجان،

اُڀي آوي ڪري مهراڻ موجان.

 

بحر وچ بيخبر رووي نماڻي،

رهائي(6) مثل مادر اُهنُڪون پاڻي.

 

ٿئي همراهه ڇوري نال ڇوڏي،

پنگهوڙي(1) وانگ ڏيوس لهر لوڏي.

 

اُهين گذران، پاڻي پيش ڏينهن رات،

لڌا توڙون(2) جنهين جو درد، غم ڏات.

 

ڪريندي ڪن ڪڙڪي، تک تنواران،

ڏيوي هڪلان بحر ڌڌڪا، ڌڪاران(3).

 

چڙهن موجان، ڏيوي درياهه دڙڪي،

ڪپر ڪيري، ڪري وچ وانگ ڪڙڪي.

 

کاون لرزي جٿان تک ڏيک تاري(4

اُٿاهين طِفل تنها(5) نِت گذاري.

 

تَري صندوق اندر تيز درياهه،

اُتي اُڀري، اُڀي(6) ڏيوي، لَمي(7) لاهه.

 

ڏيوس لوڏي لهر ڇاڇوڙ ڇولِي،

ابر گجدا سُڻي مانند لولِي.

 

گَهي پَنڌ پار(1)، گہ(2) اوراڙ(3) آوي،

گهي وچ سر سختي، لڙهدي جاوي.

 

بَلائين بَهت حملي ڪر هزاران،

ڏکالي اُس ڪون ڏيون، بيشماران.

 

پکي لک تاک ويندي وات ڦاڙي،

گهتن جهٽ جوڙ کاوڻ ڪون ڏهاڙي.

 

لکين آفات آوِن ڪر اُماري،

سڀئي دشمن اُنهين دي ڪاڻ ماري.

 

ڪڇون، سيسر، ڪميان، هر هر هٽاون،

مُدامي مَڇ مانگر چا لِٽاون.

 

رکن سانگا طلب تانگها بَگولي(4

پکي آوِن هزاران جوڙ ٽولي.

 

ڪڪوها، ڪونج، چڪوا ڏيک چٽروڙ،

سَٽان ڏيوِن سدائي سي ولر جوڙ.

 

وَلائي حڪم رب دي ڪون آکي،

جنهين دي نال محڪم ملڪ راکي(1).

 

هووي جنهن دا سچا سبحان واهي،

ڪريسن ڪيا تنهين ڪون مڇ ماهي.

 

خدا صاحب ته جنهن ڪون آپ ماري،

نَهين پرواه دُشمن دي تساري.

 

پَليندا نال پروش رات- ڄائِي،

جميعت جاءِ هردم خوش سدائي.

 

اَنگل آهي اُهين ڪون دست در وات،

تنهين چون چوپ کاوي کير ڏينهن رات.

 

بِنان مالڪ، نه ملڪ الموت ماري،

خدا راضي، ته دشمن ڪيا وچاري.

 

نبي يعقوب دا فرزند جانِي،

پيارا پاڪ يوسف ماه ثانِي.

 

بدن نازڪ، نسب نبوي، سِياڻا،

مصر وڃ مفت گولا ٿِي وِڪاڻا.

 

اول اُس ڪون ايوين بيواه ڪيتس،

ولا يوسف، مصر دا شاه ڪيتس.

 

اهو جيهي خدا ڪم هي هليندا،

بِنان مادر پدر مالڪ پليندا.

 

خليل الله در آڙاهه آيا،

خدا وچ باهه بالڪل خوش ٻِلهايا.

 

پيا يونس نبي وچ پيٽ ماهي،

سلامت سو رکيس، ٿي آپ واهِي.

 

طفل ڪون رب پليندا وچ بحر دي،

سَهي لک لک اُها لوڏي لهر دي.

 

بِنان ان، آب، توشي طفل جيوي،

انگل چون چوپ دمدم کير پيوي.

 

وچالي دام دهشتناڪ درياهه،

لَنوهاري(1) لُڙهندي آئي پهر پنجاهه.

 

ڪناري ڪول(2) پاسي شهر ڀنڀور،

ولايس واڳ قسمت ڪر زبر زور.

 

نڀاڳي ڪون نوان هڻ بخت لڳدا،

دماما(3) ڏيک(4)، در اُهندي تي وڳدا(5).

 

در بيان بدست آمدن سسئي با رنگريز

و خوشي ڪردن آن گاذر

ملائم اسم مالڪ، ذات رنگريز،

هُنر، هريڪار دا اُستاد رنگريز.

 

رکي ٻانهي غلام زرخريدي،

ڌووڻ ڪپڙي، وڳي مشروع(6)، زري دي.

 

دنيا دولت گهڻي گهر مال مايا،

مگر ناها تنهين ڪون ٻال ڄايا.

 

سدا رنگريز هي ربّ ڪون سوالي،

تُخم منگدا ڪَنون درگاه عالِي.

 

هميشہ گهير ڪنهن تي تَڙ ڪريندا،

سدائي صاف، ميلي کَڙ ڪَريندا.

 

ڏِٺي ناگاه ڌوٻِي لُڙهدي صندوق،

نظر وچ آڻ البت وانگِ بندوق.

 

اُهِين ڪون دُور لُڙهدي نظر آئِي،

کَڙا صندوق ڏيکي، نِگَہ پائِي.

 

جَڏان لُڙهه لُڙهه آئي ويجهي ڪناري،

گهرڻ اختيار ڪِيتس آپ آري(1).

 

گهَي آکي، گهِران وڃ گهِل(2) آوان،

گَهي تَرسي، متان لُڙهه نال جاوان.

 

ڪمر ٻَڌ دل ڪون محڪم ڪر، سِڌايا(3

وِچون پاڻي، پڪڙ صندوق آيا.

 

سڪي تي رک، تنهين جا ڪُلف لاهيا،

ستاري سعد تنهن دي، بخت ساهيا.

 

نگهه ڪر، ڏيک، ڏَر ڏَر لاهه طافِي،

ڏِٺس اندر طفل نَوزاد(1) خاڪِي.

 

لڳس عبرت عجب آکي نِماڻا،

ڏِتا حضرت خضر، ياقوت داڻا.

 

ڀري صندوق ناڻي نال پُربار،

ڪِيتي رنگريز ڪون امداد سرڪار.

 

اُهِين ڪون گنج، ڏاتر چا ڏِوايا،

خزانا مفت، مايا، ٻال ڄايا.

 

ٿيا خوش حال، ڏيکڻ نال زَر دي،

روانا ٿيا، طرف چا ٻال گهر دي.

 

طفل نُون لا ڳِچِي، گهر زُود آيا،

ملي رنگريز ڪُون وه! مفت مايا.

آيا ڌوٻي جَڏان، در گهر وچالي،

ڪِيتس نَوزاد ڪون، عورت حوالي.

 

آکِن ڏُونهين، ڏِتِي اولاد، سائين،

قبولت پِيان، فقيران دِيان دُعائين.

 

ڪَهَن لاٿي، سڀي قادر ڪَشالي،

ولي(1) ٿيا سي، آسي اولاد والي.

 

ٿئي زَن، مَرد، ڏُونهين زور دلشاد،

ڏِٺياني جو اکئين دي نال اولاد.

 

عزيزان ڪون انهين دم چا سڏيوني،

سسئي سهجون تهين دا رکيوني.

 

منگايان سو مڻان ديان ڳڙ، مِٺايان،

وٽي چائي ونڊينديان، دوڙ دايان.

 

سليمي، اسم اس دي زال آهي،

ڄڻيندي مول هرگز ٻال ناهي.

 

تئي ممنون مادر زور تازي،

خدا صاحب ٿياهس آپ راضي.

 

بزارون بهت ريشم چا اَڻايا،

هندورا، حور دا وهندو(1) وڻايا.

 

ٻَڌوني ٻال داپينگها جنهين وار،

پڪايا طعام تنهن ويلي اڪيچار.

 

عزيزان ڪون اهين دم چا سڏيوني،

اَلہ دي آس ڪر پينگها  لُڏيوني.

 

ڪرن رنگريز ڏيکڻ نال ريان،

ڪران ڪيهيان اهين ديان مين حديثان؟

 

سليمي خوب خدمتگار، دائي،

اَراڻي(2) اُس ڪون ڏيوي، چُوڙ چائي.

 

عطر تي تيل تازي گهن ڌَنوائي(3

مکڻ، ماکي، شڪر، خوش ٿي کَوائي.

 

چڱي چولي ڳچي سهڻي سهس(4) رنگ،

هنڊاوي(1) هر همہ جنسان اتي انگ.

 

ٻهون(2) ٻي چيز کاوڻ خورش والي،

رکي هرطرف هي نت نت نرالي.

 

ڪُنگو(3)، ڪيسر، ڪجل ديان ڀرسلايان،

گهتي سهجون سليمي، وانگ(4) دايان.

 

پلي بُهري(5) اندر اولي(6) ڪنون عام،

وڃن گهولي(7) پدر مادر صبح شام.

 

عمر گذري ڏهاڙي سال ڏون- چار،

زماني دي رسي تنهن ڪون خبرچار.

 

نِڪل آوي درون ٻاهر جڏاهين،

ٿيوَن صدقي پدر مادر تڏاهين.

 

سهيان(1) سيڳيان(2) سدائي ڪول موجود،

اَڪابر عقل واليان، ڪار آزمود.

 

کڙيان حاضر هميشہ نال پاسي،

رِجهاون روز، دمدم ڏي دلاسي.

 

شهر دي لوڪ ڏيکڻ نال آوندي،

نه هوندا صحن گهر دا مول واندي.

 

بنان مادر پدر تي ڀيڻ ڀائي،

مڻيندي عيش عشرت نت سدائي.

 

هڪو هووي خدا جنهن دا نگهبان،

هوون ماڻهو، ملڪ تنهن دي مهربان.

 

در بيان بالغ شدن سسئي و

طلبانيدن بادشاه بَراي ديدن

 

عمر گذري ڏِهاڙي سال يارهن،

خدا ڄاڻي ڪي يا ڪم  بيش ٻارهن.

بلوغت دي ٽڪاڻي جان رَسِي اوههُ،

ڪري ديوانَ سوگهي(1) سَو سسئِي موههُ(2).

 

جڏان گذرئي ڏهاڙي چند مَہ سال،

نِڪل ٻاهر ڳئي کيڏڻ سَهيان نال.

 

ڪريندي سَيل(3) سيڳيان نال راڻِي،

اڪابر عقل، صورتمند سِياڻِي.

 

گهَي اندر شهر دي دَوڙ آوي،

گهَي بيرون بحر دي سَيل جاوي.

 

گَهي بازار آوي گهِن سَهيليان،

گَهي ڦِردي شهر، ڪوچي، حويليان.

 

ڪريندي لوڪ عبرت، ڏيک چالِي،

ٿِيون انسان لک مي بِن موالِي.

 

هميشہ هر بشر دي، وات وائِي،

آکِن فردوس چُون هي حُور آئي.

 

رهي هڪ آدمي وچ شهر بدنام،

تَنهين دا خوف رَکدا خاص تي عام.

 

گِلا غِيبت اَتي گذران آهَس،

ڪَنُون چُغلي، شرم تي شان ناهس.

 

جِيوين اِبلِيس اندر مُلڪ مشهور،

تِيوين تنهن دا ڪريندا لوڪ مذڪور.

 

اُهِين ڪون اوچتي هڪ روز راڻِي،

پَئي مهتاب مُنهِين، سسئِي سِياڻِي.

 

ڏِٺِي تصوير تنهن صورت تَمامِي،

ٿِيا حيران هُڙڪِيا(1) بي آرامِي.

 

ڳِيان تنهن ڪون چنبڙ چوطرف باهِين،

آيا هڪدَم اُهو درٻار دانهين.

 

ڪِيتُس شہ ڪون بيان خود خيرخواهي،

نه ڪَڍ دا سو سِيہ(2) مُنهن زاغ(3) سياهِي.

”اُهِين چاري(1) صحيح ڪر ڏيک سسئي“،

غَمازي غرض گو، وڃ شَہ ڪون ڏَسي.

 

آکِيُس مَين جو ڏٺي، سلطانَ صورت،

سُونهي تيڏي سدا محلات، مُورت.

 

سُڻيم دُختر عجب گازر(2) نِپائِي،

اُهِين ڪون در بحر دي دستِ آئِي.

 

مُدا(3)، مهتاب، انور آسماني،

پَري پُر نُور صورت ماه ثاني.

 

کُليا سورج، سَمن، هي گُل عباسي،

ڪُجا ڪچنار، سُنبل، تي سَناسي.

 

اَنگاسِي مرغ(4) هي بانُو(5) هَوائِي،

بِلاشڪ بي عذر بِجِلي سَمائِي(6).

 

قدش(1) قامت صنوبر، سرؤ بالا،

بدن بلغار، بخمل، وانگ لالا.

 

اکئين دا هي نمونا مثل بادام،

و ليڪن دردمندان ڪاڻ هي دام.

 

زنخ(2) چون چاه(3)، چشمہ آب زمزم،

بدڪ چالي(4) ڏٺي ٿئي چور ابغم.

 

ڀنڀي(5) سر تي اهين ڪون وال ونگي،

ڏراون(6) زور ظالم زلف ڏنگي.

 

بشيهر(7) زلف ڪالي پيچ پاون،

ونگي واسينگ سجدي سر نواون.

 

ابر(8) ڪيتي  کڙي   ايرو  سياهي(9

بره دي بار آون جوڙ ٺاهي.

 

ڪمانون تير مڙگان ڪانَ ڪاري،

ڪريندي ذبح ظالم چون شڪاري.

 

ڪري ديوان بيني، دل اداسي،

تکي تلوار وه، خمدار خاصي.

 

اهين دي لال لب ياقوت داڻي،

ٿيون بيهوش ڏيکڻ نال سياڻي.

 

رهن مشتاق بلبل خوش چمن تي،

پون اوٽار(1) اَڀون(2) گلبدن تي.

 

نرم تليان نڍي هٿ پير پوري،

ڪرن ڇم ڇم عجب آواز نوري(3).

 

نخل قامت(4) عجائب بي نهايت،

نهين ڪا اس برابر وچ ولايت.

 

سڻي سڀ ڳالهه شہ، صورت تمامي،

ٿيا دل تنگ تنهن دم بي آرامي.

 

هويا سڻ ڳالهه شہ في الحال ڳهلا،

رکيا تنهن شوق ڏيکڻ ڪاڻ وهلا.

 

اصل سرڪار دا شيوا مدامي،

سڻائي حال ڪو ڪمدار، ڪامي.

 

سڄي سچ، ڪوڙ توڙي ڪو اَلاوي،

همہ يڪبار حاڪم گوش لاوي.

 

شهاڻي شوق هن درياه وانگي،

هوون هردم، هميشہ تار تانگهي.

 

ڪنيزڪ(1) معتبر ڪائي سڏائي،

ٿئي حاضر هڪي دم دوڙ آئي.

 

اهين تي جو آمر، فرمان آيا،

خبر سڻ تنهن قدم ڪون تيز چايا.

 

آئي في الحال ڌوٻي ڪول(2) دائي،

حڪم دي سڀ خبر ساري سڻائي.

 

آکيس ميڪون امر هي لاجوابي،

سسئي دي ٻانهن نيسان(1) مين شتابي.

 

رنا مالڪ هنجون رت هار ڳوڙهي،

آيانس غم، وهم در پيش ڏوڙي(2).

 

رووي مادر ڪري هَي هَي وچاري،

ڏتياني ٻانهن ڪڍ دختر پياري.

 

هڪي لحظي سسئي حاضر ڪتوني،

حقيقت شاه دي ڪن تي گهتيوني.

 

سڏي في الحال راجي شرم والي،

ٿيا رخ ڏيک مجنون منڌ موالي.

 

هويا واقف سڀا ترتيب تيوين،

غمازي اَڻ آکيا اُس ڪون جيوين.

 

لڳي عبرت، عجب آيا اُهين شاه،

ڪهيُس ڪنب ڪنب صحيح سبحان الله!

ڏريا صاحب ڪنون صاحب زمان زور،

پيس دل تي هڪل هيبت حشر گور.

 

ٿيا تحقيق  تهدل سو ترسناڪ،

اُهين ڪون ياد آيا جو خدا پاڪ.

 

خدا دي خوف دا باري پيس بار،

ٿيا ڦِر دور تنهن دم دست بردار.

 

آکيس دنيا دورنگي ڪوڙ بازي،

هميشہ ظالمان تي رب بي راضي.

 

ڪهيس دنيا دورنگي ڏون ڏهاڙي،

وڃيسون ڇوڙ، هڪ دن ملڪ هاڙي.

 

ڪيتم ناحق وڏا مين ڪيون وچاري،

اَڻائي سڏ، اُهين لايم خواري.

 

ڏتيس توفيق رب، ڪيتس عدالت،

آکيس لائق نهين چاوڻ ملامت.

 

جيڪو راجا رعيت ڪون رنجاوي،

ملڪ تنهن دا، خدا ٻئي ڪون ڏوائي.

 

ڪري وچ خلق، حاڪم جو خرابي،

ٿيوي ظالم سگها ضايع شتابي.

 

دلاسا بهت ڪيتس سينہ مالي،

سڏي دختر دلون، چا شاه عالي.

 

شهاني(1) شرط لائق شہ ڪيتانس،

خزاني خرچ ڏاتين لک ڏتانس.

 

رسي رنگريز دي، رب ڪول آزي،

تڙئي تنهن دي سڀئي دشمن غمازي.

 

ملي رخصت، ٿئي موقوف شامت،

ڏتي شہ ڪون الاهي استقامت.

 

خدا ٿيوي جنهين تي آپ راضي،

ري مخلوق تنهن تي سرفرازي.

 

مدامي رب ڪون هن مظلوم پياري،

نه ڪنهن ساعت خدا صاحب وساري.

 

هووي جيڪو نماڻا، بيوسيلا.

پوي دشمن تنهين دا منهن پسيلا(1).

 

متان مالڪ ڪنهين ويلي وسارين،

حياتي دي ڏهاڙي جي گذارين.

 

نصيحت نيڪ ميڏي گهن پيارا،

رهين راضي رضا تي خوش، متارا.

 

پڪڙ دامن پيغمبر دي مدامي،

رهين دارين دي وچ خوش آرامي.

 

شريعت تي قدم، قابو رکيجي،

تڏان مطلوب دا ميوا چکيجي.

 

هڪا ”حسين“ سڻ ميڏي حڪايت،

منگين محمّد ڪنون هردم حمايت.


(1) هاسي، هاسو، گوڙ، شور.

(1) پيل= هاٿي.

(2) بيوسي= نڌڻڪي.

(3) گور= قبر.

(4) تڪيو= آسرو.

(5) ناهس= نه هئس.

(6) رهائي= ريجهائي، کيڏائي، ڪُڏائي.

(1) پنگهوڙي= پينگهي.

(2) توڙون= توڙ کون، منڍ کون.

(3) ڌڪاران= ڌوڪارا، آواز.

(4) تاروئيڙا، پاڻيءَ جا ننڍڙا جيت.

(5) تنها= اڪيلي.

(6) اُڀي= اوڀر.

(7) لمي= اولهه.

(1) پار= پرئين طرف.

(2) گہ= گاهي، ڪڏهن.

(3) اوراڙ= اورين ڀر.

(4) بگولي= ٻگهه.

(1) راکي= راکا، نگهبان.

(1) لنوهاري= هيٺ، وهڪري جي طرف.

(2) ڪول= ڀرسان.

(3) دماما= دهل.

(4) ڏيک= ڏس.

(5) وڳدا= ڏس ته هن (سسئي) جي در ڪيئن نه خوشيءَ جا دهل وڄن ٿا.

(6) مشروع= ريشمي ڪپڙي جو قسم.

(1) آري= آر ۾، وهڪري ۾.

(2) گهل=گهلي، ڇڪي.

(3) سڌايا= سڌايو، موڪلايو، روانو ٿيو.

(1) نوزاد= نئون ڄاول، تازو ڄاول.

(1) ولي= مگر.

(1) وهندو= جلدي، تڪڙو.

(2) اَراڻي= اوراڻا، لولي.

(3) ڌنوائي= وهنجاري.

(4) سهس= هزار.

(1) هنڊاوي= چوڙي، ماڻي، پائي.

(2) ٻهون= گهڻي.

(3) ڪنگو= ڳاڙهو رنگ.

(4) وانگ= وانگر.

(5) بهري= بهرو، تهخانو. هت معنيٰ ڪُهنو يا سخت ستر.

(6) اولي= پردو.

(7) گهولي= گهور گهور، قربان، ٻلهار.

(1) سهيان= ساهيڙيون، سهيليون، هڪجيڏيون.

(2) سيڳيان= سيڳيون، سيبتيون.

(1) سوگهي= قابو، هٿيڪا.

(2) موهه= موهي. ڪري ديوان......... موهه= سسئي، سَوَن کي موهي، مستان پئي ڪري.

(3) سيل= شيل، سير.

(1) هڙڪيا= هُڙڪيو، بدنيت ٿيو.

(2) سيہ= سياه، ڪارو.

(3) زاغ= ڪانءُ.

(1) چاري= رستي.

(2) گازر= ڌوٻي، کٽي.

(3) مدا= مطلب ته.

(4) انگاسي مرغ= انگاس تي ويٺل پکي يعني نشانبر، حسن ۾ لاثاني.

(5) بانو= عورت.

(6) سمائي= سَماوي، آسماني.

(1) قدش= سندس قد.

(2) زنخ= کاڏي.

(3) چاه= کوه.

(4) بدڪ چالي= بدڪ جي چال جهڙي. بدڪ جي چال سهڻي ٿيندي آهي.

(5) ڀنڀي........ ونگي= هن کي سهڻا ۽ ڪارا گهنڊيدار وار مٿي تي هئا.

(6) ڏراون= ڊيچارن.

(7) بشيهر= نانگ جو قسم.

(8) ابر= ڪڪر.

(9) ابر ڪيتي سياهي= ڪارا ڀِرون، جهُڙ لايو بيٺا هئا.

(1) اوٽار= اُٽلي، ليٽي.

(2) اَڀون= اڀريل ڇاتيءَ ڏانهن اشارو.

(3) نوري= نورو، پيرن جو زيور.

(4) نخل قامت= کجيءَ وانگر قد سڌو ۽ ڊگهو.

(1) ڪنيزڪ= پورهيت، ٻانهي.

(2) ڪول= وٽ، ڀرسان.

(1) نيسان= نينديس، وٺي وينديس.

(2) ڏوڙي= ڏوڙا، ٻيڻا الاهي، گهڻا.

(1) شهاني= شاهاڻا.

(1) پسيلا= تنهن جو دشمن، مُنهن ڀر ڪري يعني خوار خراب ٿئي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org