سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: ڪليات حسين ديدڙ

صفحو :2

 

 

داستان پهريون

 

مُعجِزه

 

آک آلَہ ديٖ آسِريٖ، صاحِب، جو سُبحانُ،

صِفَت نَبِي سَردارُ دي، ظاهِر نالِ(1) زبانُ،

 

مِيرُ مُحَمدُ مُصطَفيٰ، ڄاڻُ(2) وَسيلا ڄامُ،

پَڙهو پيغمبَر پاڪ تي، دِلَون(3) دُرُودُ سَلامُ،

 

سُڻو نَبِي دا معجزا، ڪَريٖ بيان فقير:

هڪ ڏينهن پاڪُ رَسُول ڪُون، سِر دا دَردُ ڪثيرُ،

 

گوڏا يارُ صديقُ دا، ڪَر وِهاڻا وِيرُ،

سُتا اَحمَدُ عاربِي، بانڪا(4) بَدرُ مُنِيرُ،

 

اَبُوبَڪرَ ڪُون آکِيا(5)، اِهو سُخنُ سَچار،

ڪَرڪا گُذري ڳالِ دي(1)، گويا تُون گُفتار،

 

پَوي دَفعا پِيڙِ(2) ڪُون، سُڻِ حقيقت حالُ(3

جَڏان اِيوينِ آکِيا، سَرورَ ڄام سُوالُ،

 

چولِيا(4) چُستُ زبانَ ڪُون، ايويـٖـن جو اَصحابُ،

آئِي دِل تـٖـي ڳالِهڙِي، ميَڪُون مانَند(5) خوابُ،

 

جَڏان آهَسِ(6) يا نَبِي، مَين وَت(7) ننڍا ٻالُ،

اَجَڙ(8) ڇـٖـيڙيَم آپِڻا، ڳَيُس تَنهِين ديٖ نال،

 

پَهَرُو، پَريٖ پَنڌُ تي، نِيتُم سڀ سنڀال،

مَين اُٿانهِين راندِ تـٖـي، لَڳُس خود خيال،

 

اَلبت اُهِين جاءِ تـٖـي، لَڳي مَيڪُون ديـٖـرِ،

جان سَنڀالان ٻَڪريان، ڪونِهي پَکِي پيـٖـرُ(9

ڳَيا ڳُليـٖـنديٖ(1) سَڀئِي، ڏِينهُن تَمامِي لَنگههِ(2

ٿَئِي تَڏاهِين تَنها، طَبَع مَيڏِي تنگِ،

 

مَين کَڙاهَس راه تـٖـي، روندا زاروزارُ،

اِهو جيها سڀ سـٖـي، سائِين، رَبّ سَتارَ،

 

ناگَہ نَظَر سامُهان، آيُم هِڪ سوار،

ڏُوجها گهوڙا سَنج نال، تِنهِين دِي هَٿ مهار،

 

اُتُون ميڏيٖ آکَڙا(3)، جَڏان او جُوانُ،

ڏِٺُس ننَڍا نِينگُرا، مَيڪُون پشِيمانُ،

 

پُڇُس ذاتِ صفاتِ دا، قِصا ڪُلّ بَيانُ،

ڏَسِيُم وَطَن آپِڻا، مَڪّا ماڳُ مَڪانُ،

 

آکِيُس مَين هان تڪڙا، پَريٖ پنڌُ ضروُرُ،

ڪَر سُڻاوَئين ڪِتلا(4)، ظاهِر مَين مَذڪُور،

 

بابا مَيڏا مَرڳِيا، آهَس مَين نادانُ،

 

چاچـٖـي، چانـٖـي(1) آپِڻـٖـي، لايا گِريبانُ،

 

اَها اُهِين شخص ڪُون، هِڪو گهَر وِياءِ،

سَڏ آندِيانِس آدِمِي، سَڀئي راڄُ - ڀِراءِ،

 

آنديٖ مِيـٖـلِ مِراثيان، گڏ گهَڻي اَشرافُ،

ڪوتَهه(2) ڪِيتُس ڳالِ ڪُون، هِڪو سُخنَ صافُ،

 

گَلـٖـي گهَتِيس ڪَپڙا، چڱِي لُنگِي چا،

چاچيٖٖ، چايان کارِڪان، ڏِتيان وَنڊ وِلها،

 

ڏِينهُن آلَهه ديٖ گُذرِئـٖـي، جَڏان پُنج ڏَههَ سال،

مَين اُهِين ڪُون آکيا، سائِين سَخنُ پال(3):

 

ٻال ٻهان مين آپڻي(4) جيوين جڳ جهان،

کاڌم تيڏا خير دا، گهڻا نمڪ نان،

 

اِهو ذِڪر زال ديٖ، ڪَنهِين لايا ڪُنِ،

ڏيٖ صَلاحان ڏِنِگيان، گهَتيا تَنهِين ڀَنِ(5

ڏِتُس ڏوُجهي ڏِينهن تي، اِيهو جوڙِ جَوابُ،

تُون اَسا ڏي ڪَم دا، ٻيلِي نَهِين بابُ،

 

قِصا ڪِيتُم ڪونه ڪو، اَتـٖـي اُهِينِ روزُ،

ڇوڙِيُم وَطَن واسِطا، ڪِيتُم ثَمَلُ(1) سوزُ،

 

پَريٖ، پَرائـٖـي ڏيـٖـہُ تـٖـي، ڪَران مَين گُذرانُ،

راتِيان ڏِينهان روُحَ تـٖـي، غَم اِهو اَرمانُ،

 

چاچـٖـي چا، ڌيٖ آپڻِي، ڪِيتي ڪَنهين نالِ،

ويـٖـچس شَرَم شانُ ڪُون، ڳِڌُس مُهران، مالُ،

 

اَڄ اُهِين جو ٻانهن دا، پَهتا آ پيغامُ،

آکِيُس تَيڪُون آوِڻا، کاوَڻُ طَعام حَرامُ،

 

آلَہ سائِين ڏيکِدا، هادي حَقُ وَڪِيلُ،

هِڪو ويندان هيکلا، قُوت نالِ قَلِيلُ،

 

جَڏان قِصا ڪَرِ رَهيا، چاڙهِيُس مَيڪُون ٻيلَ،

ڇوڙيا گهوڙا ڇوههَ چُون، تِکا، تيزُ طُريـٖـلَ(2

 

ڪِيتُس پَريٖ پَنڌُ گهڻا، مَنزل دُورِ دَراز،

اِيوين ڀيـٖـليٖ پنَڌ ڪُون، جيوين بَحري بازُ،

 

آکي آلَہ پاڪ ڪُون، رَبّ غَرِيبُ نَواز،

ڪَنهين ڪُون ڏَسان ڏُکُدا، تَين بِنان مَين رازُ؟

 

اَجها، تيڏا آسِرا، خاوَندَ خاصُ خُداءِ،

مَوليٰ، مَيڏي حَقُ دا، تَيڪُون سُڌ سماءُ،

 

اِوِين وَڃـٖـي آکِدا، ڳِڌي روندا راهَ،

سَو ڀيـٖـري دا سُڏڪـٖـي، چائِي ٿڌيٖ ساه،

 

آيا اُهِين ديس تي، دانَہ وچ دَوار(1

نظر آيُس ننگري(2)، نـٖـيڙيٖ(3) نَحس(4) وار(5

 

گويا پِيس گوش تي هاٻا(6)، هُل، هنگامُ،

آهِي وٺ(7) وِهانءُ ڪُون(8)، آندي رات انجامُ،

 

گردون(1) تنهين گامُ(2) ديٖ، قابو قِلعا، ڪوٽ،

مشڪل ڪرڻ مَعلمي(3)، نَڪا راه رپوٽ،

 

اَندر ٻاهر آدمي، شادي دا سَرانجام،

ڏينديٖ، کانديٖ گذِري، گهڻي رات تمام،

 

تنهن شهر دي ٻاهِرُون، گهوڙا ٻَڌ شِتاب،

ڪَڍي دانهن فِراق دي، دَردَون دِل ڪباب،

 

ڪِيتُس نال وقُوفُ(4) دي، ڪوئي وڃ وڪيل،

ڏي پيغام سنـٖـيهڙيٖ، آيا نيڪ دليل،

 

اڃا ساعت گذري، آئي نِڪِل زال،

مشڪ، کٿوري واسِئـٖـي، ڀنڀـٖـي(5) سر تي وال،

 

ڪُنگورتـٖـي(6) ڪپڙي، چڱي چندن هار،

ڳهه ڳَٺيا ڪِتلـٖـي، زيور زينتدار،

 

بَينسَر بولِ، سونهي وچ بيني، ڳچي موهن مال،

دهري وَه، دُر موتيان، طِلا دِي ڪَٺمال،

 

گوناگون عجائب زيور، مل مهانگـٖـي هار،

دنيادار، گهَڙاوِن، پاوِن، قيمت بهت هزار،

 

والِـٖـي دُرّ، ڪنان دي جهالر، ڏيوي جهلڪي جهالان،

موتي، مِينَ تِنان تي، مَلمعي نال، لپيٽيان لعلان،

 

ٻانهِين ٻيڙي، چوڙي، پوچان، بازوبند طِلائي،

آڳلين دي ڳَهه ليکين ڪيهي، لوڪ وتي سڀ پائي،

 

قيمتدار ڪڙي وَه ڏوهين، نوريٖ پيـٖـران والـٖـي،

ڏور ڳيا ڏک ڀائي جنهن دا ڪنهن ڪون حال ڏکالـٖـي،

 

رَتيان(1) تنهن ديان تُليان، ميندي رتـٖـي پير(2

سونهـٖـينديٖ سڀ ڪپڙي، اَنگ عُروسي ڀير(3

 

آوڻ سيتـٖـي اُسديٖ، پئـٖـي پيران تي ڪِر،

آکِيُس ڪنهين صدقي، سَو واري مين سِر،

روويٖ کڙِي روبرو، هاري هَنجُون رت،

آکـٖـي ايوين اَديون، ڏاڍا ڪِيتيءَ ڏَت(1

 

اُچا ڪِيتُيءِ آپُ ڪُون، اُچا مَيڏا ڪَرُ(2

نَه تان روندي رَڙدي، مَين وَڃان ها مَر،

 

مِلئي، ڏوهِين وِڇِڙئـٖـي، آڻـٖـي سِڪ مُداءِ،

ڪَڍيا ڪَپ فِراق ڪُون، خاوَند رَبّ خُداءِ،

 

ڪوَتل(3) ڇوڙ ڪُنوارِ ڪُون، چاڙهِيس چا فِي الحالُ،

ڏوُجها هـٖـيٺون آپِڻـٖـي، مَين پُٺِي ديٖ نال،

 

اِيويـٖـن گهوڙيٖ هَڪلِئـٖـي، جِيويـٖـن تِيرُ ڪمانُ،

ڇوهَون وَڃن ڇُٽڪئـٖـي، ڳِڌي راهَ روانُ،

 

لِکئِـٖـي اکر اَزَلِي، قَلَم لوحِي مَس،

اوڙَڪ(4) اُوهـٖـي پالُڻِـٖـي، ڪونِهِي ڪنهن دا وَس،

 

لِکئـٖـي اکر اَزَلِي، سائِين رَبّ سَتار،

ڪَريٖ ڀَلا ڪِتلا، بَندا بـٖـي اختيار!

سُورج صفا اُڀريا، آئـٖـي ڪَنهين جاءِ،

ويـٖـري، وارثِ زال ديٖ، پِڇُون(1) ڀَنـٖـي آءِ(2

 

اَڃا اَکين بُکيان، ناهي لَٿي سڪ،

اَجل آيا اوچتـٖـي، گهِن اُتهين ڇِڪ،

 

لَٿا جودان جلدي، ڳِڌس مَيڪُون لاهَ،

آکيس ٻيلي ڇوڪرا: تيڏا واهي شاهَ،

 

اُهين ايوين آکيا، ظاهر نال زبان،

ايهو آيا نينگرا، مَيڏي نال اَمان،

 

لاهيم سِروَن آپڻي، سَڀو حق و بال،

مڪي وچ پُڄاوِڻا، ايهو تُسان ٻال،

 

ڪڍي زُودي ظالمان، ڪيتي هٿ هٿيار،

اوهي ڏوهين آدمي، گهتئـٖـي موذيان مار،

 

ڪُهه قريبان آپڻيان، ناحق زورا زور،

کٽ، برابر قَبران، ڪيتي داخل گور(3

 

ميڪُون، مَرڪب(1)، آدمي هڪ حوالـٖـي ڪر،

دشمن، دُز، دلير ديٖ، ڳئي سڀئي گهر،

 

اُهين مَيڪون آدمي، وچ مڪـٖـي دي آڻ،

آکيس، وڃ تون آپڻي، آپيٖ جاءِ سڃاڻ،

 

گهڻي اُهين ڳال ڪُون، ڳئي ڏهاڙي لنگهه،

مَين، عجائب مصطفيٰ، ڏٺا اِهو رنگ،

 

اُٿيا اَحَمدُ  عارَبِي، عالَم دا سَردارُ،

آلَہ ڪِيتي عافِيَت، لَٿا سِر دا بارُ،

 

سَچـٖـي يار صِدِيق ڪُون، نَبِي نُور نِشانُ،

پاڪُ پيغمبَر آکِيا، دُولَہ دُرُّ فِشانُ،


آلَہ دي آسِري، دانِه دِل هوشيارُ،

يار صِديق ٿِي، سِگها تُرتُ تيارُ،

 

چَلئِـٖـي، نالِ رَسُولُ ديٖ، چَڱي چارَئي يارَ،

ڪامِلَ سُونهَن ڪُنگِري، گردون گرد ڪِنار،

 

پاسـٖـي ڪَندي پاڪ ديٖ، آوِن اَصحابُ،

گُل عَباسِي کُليا، اَتـٖـي گُل گُلابو،

 

آوِن لَهه، اَفلاڪَ تون، چَنڊ مَلائڪ چَل،

سِج ڪَريـٖـندا سَجديٖ، پيـٖـر نَبِي ديٖ مَل،

 

واٽان سَڀَئِي واسِيان، واسِئـٖـي جهَنگل جهَر،

واسِئـٖـي پَٿر پاهِڻيان، واسِئـٖـي مارو ٿَر،

 

آيا اُهِين جاءِ تـٖـي، اَحمَد ﷺ ڄام اَمِينُ،

اَبُوبَڪر آکيا، اُوها ايـٖـہِ زَمِينَ،

 

لَٿا حامِي هاشِمِي، ڪَنُون گهوڙيٖ گهوٽُ،

اَصلُ اَجها عاصِيان، عَربِي آڌَر، اوٽَ،

 

سَيّد ڪِيتا سَجدا، مِير مَڪـٖـي ديٖ ڄامُ،

آندي وَحيُ رَبُ ديٖ، پَل تَنهِين پَيغامُ،

 

اَلَہ سائِين آکيا: سِرڪُون سَيّد چاءِ،

اُوهـٖـي ڏُوهِين آدِمِي، مَين ڦيـٖـرِ جِواءِ(1

 

ڪامِلَ اُتُون قَبرا، ڪِيتا پَهلا سَڏُّ،

ٿَئِـٖـي سَلامَت سَڀَئِي، نال حياتِي هَڏُّ،

دانَہ دوست خُداءِ ديٖ، سَڏيا ڏوجهـٖـي وار،

گوروَن ٻاهر نِڪلـٖـي ڏوُهِين ڪانڌ، ڪُنوار،

 

اُهـٖـي عُروسِي ڪَپڙيٖ، اُويـٖـن ڳِچِي ڳههّ،

اُوهـٖـي ساڳـٖـي آدمِي، اُهِين وَهِي وَههّ،

 

اُوِيـٖـن، کَڙيٖ کِلديٖ، نَوان لَڳا نِينهنُ،

اُنهان ليـٖـکـٖـي اُڀريا، اَڃا اُوهو ڏِينهنُ،

 

دامَن لَڳِي دوسِتُ ديٖ، آندونِي اِيمانُ،

خَوفُ ڳَئـٖـي سَڀ خَطريٖ، لَٿا شڪ گُمانُ،

 

ايڏا شان رسول دا، ايڏا هـٖـي اقبال،

وير، وسيلا، واهرو، نور ڀريا، ننگ پال،

 

هـٖـي حمايت هاشمي، ڪامل ڏينهن قيام،

ضامن سڀ ضعيف دا، چايُس ڪل دا عام.

 

اِهو قِصا معتبر، آکن ماڻهو عام،

تڏان جوڙيا معجزا، هي ”حسين“ تمام.

 

جيڪو نال يقين دي، ياد ڪري يڪبار،

سائين تنهن دي سِردا، لاهي سڀ آزار.

 

توڙي سڻي صدقون، ڪوئي ڪنان نال،

لهي اُوهو عافيت، منگها صحت حال.

 

ميڏي خام ڪلام ڪون، شالا رب، رسول،

مالڪ ملڪ جهان دا، ڪري آپ قبول.

 

ٻئي پناريٖ پاڪ ديٖ، تڳي جيڪي لام،

برڪت، ڪلمي دين ديٖ، دوزخ باهه حرام.

لاالٰہ الاّاللهُ مُحمد رسول الله

صلي الله عليہ وَسَلِم.

 

T


(1) نال= ساڻ.

(2) ڄاڻ = سمجهه.

(3) دلون= دل سان.

(4)  بانڪا= بانڪو، بهادر.

(5)  آکيا= چيو.

(1) ڳالدي= ڳالها جي.

(2) پيڙ= پيڙا، سور.

(3) پوي دفعا... حالُ= حقيقت ٻڌي، سور ڇڏي وڃي.

(4) چوليا= چوريو، هلايو.

(5) مانند= وانگر.

(6)  آهس= هئس.

(7)  وت= وري.

(8)  اجڙ= ٻڪري.

(9) ڪونهي پکي پير= پکيءَ جو پير به ڪونهي، يعني سُڃ لڳي پيئي هئي.

(1) ڳليندي= ڳوليندي.

(2) ڳيا ڏينهن تمام لنگهه= سڄو ڏينهن لنگهي ويو.

(3) آکڙا= اچي بيٺو.

(4)  ڪتلا= ڪيترو.

(1) چاني= کڻي ني، کڻي وڃي.

(2) ڪوتهه= ڪوتاهه، گهٽ.

(3) سخن پال= انجام پورو ڪر.

(4) ٻال ٻهان اَپڻي= پنهنجي ٻاري ويهان يعني پنهنجي مڙسي ڪيان.

(5)  گهتيا تنهن ڀن= تنهن ڀڃي وڌو.

(1) ثمل= ثمر، سامان.

(2) طريل= طره وارو گهوڙيسوار.

(1) دوار= ديار، ديس، ملڪ، وطن.

(2) ننگري= ڳوٺ.

(3) نيڙي= ويجهو.

(4)  نحس= نڀاڳو.

(5)  وار= ڏينهن، وقت، ندوري ڏينهن تي هڪ ويجهو ڳوٺ ڏٺائين.

(6)  هاٻا= هُل.

(7)  وٺ= وٺ پڪڙ.

(8)  آهي وٺ وهان ڪون= شاديءَ جي وٺ پڪڙ ۾ هئا.

(1) گردون= چوڌاري.

(2) گام= ڳوٺ.

(3) معلمي= معلومي، معلوم ڪرڻ.

(4)  وقوف= خيال، سمجهه.

(5) ڀنڀي= ڀنڀا، ڪارا.

(6) ڪنگو= لَوَن جو ڳاڙهو ٻُورُ، مجازاً ڳاڙهو، ڪنگو رتي ڪپڙي= ڳاڙها رتل ڪپڙا.

(1) رتيان= رتل، ڳاڙهيون ٿيل.

(2) رتيان... پير= هن جي هٿن جون تريون توڙي پير مينديءَ رتل هئا.

(3) ڀير= نمونو. انگ عروسي ڀير= ڪنوار جي عضون جهڙو نمونو، ڪنوار جهڙو سينگاريل.

(1) ڏَت= مهرباني.

(2) ڪر= ڳاٽ.

(3) ڪوتل= سلهاڙين گهوڙو.

(4)  اوڙڪ= نيٺ، آخر.

(1) پِڇون= پويان.

(2) ڀني آءِ= ڀڳا آيا.

(3) گور: قبر.

(1) مرڪب= گهوڙو.

(1) ڦير جواءِ= وري جياريان ٿو، جيئرا ڪيان ٿو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org