سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: ڪليات حسين ديدڙ

صفحو :12

 

وڙهيا تن وچ تنهين ڪون شينهن چوري،

بهادر بره اڙٻنگ نينهن جهوري.

وسارِي درد ماري ننڊ پياري،

پئي ڦڙڪي، ڦٽي سڀ رين ماري.

رهي جا رين(1) باقي پهر پاچا(2

نه کوڙيس  پلنگ پاسا، جهل طماچا(3).

 

ڪيتس موقوف ڪنگي، تيل، لاوڻ،

نه ٿيوي طلب تنهن ڪون طعام کاون.

مِٽيَس کٽ، سيج، پَٽ اختيار ڪيتس،

شَڪر، شربت محض مردار ڪيتس.

 

چريان وانگي چوڌاري راه ڀالي،

ڪري دردون ديوان آه نالي(4).

نهين سڌ جو سڄڻ ڪٿ يار هوسي،

ڪران مين وِڃ تنهين دي پاءِ بوسي(5).

ڪهي ڪيوين ڪران هڻ مين وچاري،

سڄڻ دي عشق سر وچ سانگ ماري.

 

ڪهان ڳيا يار ميڏا خواب والا،

مُئي ڪون مار چوري ڏي ڏکالا.

 

ڪهان ڪر ڳيا اسان ڏي جانِ بيوس،

نهين ڳيا ڏيہ مين ڪون آپڻا ڏس.

نه ڄاڻان ڪير آها خواب اندر،

ڏِکايا جنهن ڏُکان دا باب بندر.

 

نه ڄاڻان يار، ڪهڙي وار(1) آسي،

ماريا جوڳي جنهين داڻا سناسي(2).

سسئي دي سر، بره چا باه ٻالي،

جلي جولان ڪيتس جانِ ڪالي.

 

ڏٺاهس يار جو دلدار خوابون،

نه ڪجهه ڪنهن ڪون ڏَسي هرگز حجاتون.

نه آکي درد دل دا، صاف ظاهر،

نه ڪڍ دي ڪنهن اڳون چا ٻاڦ ٻاهر.

 

وتي توڙي بره دا بار چائي،

نه ڪنهن دي در فڪر اِهه ڳالهه آئي.

شرم شبروز حق همراه ڪيتس،

لڪايس بره، صدقي ساه ڪيتس.

 

رهي شبروز رب دي نال واصل،

ڪري ذاتي ذڪر دا حال حاصل.

آهس جيڪو طريقا نقشبدي،

تڏان پايُس صبر دي ڳل ڪمندي(1).

 

سڄڻ دا نانءُ وظيفا، رات ساري،

نه ٻُوٽي اک، نه پاسا ڏئي پٿاري.

وتي سڙدي ڏکان دي نال ڏينهان،

پون ول ول اُهين اوقات ويهان.

 

نه ڀاوي(2) تن انهين دي طعام پاڻي،

ڏکالي ڏي ڳيا جنهن ڪون آرياڻي.

 

در بيان خواب ديدن سسئي بار دوم و ديدن پنهل را و نام و شان و مقام پرسيدن از آن، و بيدار شدن خواب و نيافتن محبوب خود و فرياد خواستن.

 

ڪنهين ويلي پلنگ تي پاس کوڙيس،

خدا صاحب عجب اسباب جوڙيس.

 

اهين ڪون اوچتي ول خواب آيا،

حسن جنهن دي تنهين دا تن تپايا.

ڏٺس نوشہ(1)، نول(2) نزديڪ ڪيچي،

کڙا پاسي ٻڌي، سر نال پيچي.

 

سڃاتس ڪر صحيح سو يار ساڳي،

ڪيتا ميڏا بدن، جنهن جو براڳي.

اُهين ويلي اَڳون فرياد ڪَرڪي،

قدم تي ڪِر پَئي، دوست ڌرڪي.

 

پَڪڙ دامن، پڙهيس کَڙ نيازمندي،

چُنواڪي(1) چول(2)، چشمؤن هار چَندي(3).

سڄڻ دا پاند گهِن، آکيس زبانون،

هِڪو سُڻ عرض مَيڏا دل بَجانون.

 

ڪيتِيءِ مَيڪُون وچاري، ڪر جدا ڌار،

خدا دي واسطي ڏي تون خبرچار.

ڪِٿان هي مُلڪ تيڏا، ڪِيا اسم ذاتِ،

ڪريسان مين برابر ساهه سوغات.

 

تُسان ڏي عشق، ميڏي جان ساڙي،

پُڇان واٽان سڄڻ! تيڏيان ڏهاڙي.

 

ڏسيس نروار پنهل نانءُ، وطن ڪيچ،

پيس محڪم اُهين دي عشق دا پيچ.

 

جَڏان جاڳي خمارئون خواب والي،

نظر آئي اُهين ڪون رات ڪالِي.

ڳَئِي سَڙ، سيج سَکڻي ڏيک خالِي،

اُهين سر آپڻي چا خاڪ ڊالِي.

 

وَلا سَرنَو(1) لڳا نوبت نغارا،

ڏيکو لَڙ دي بهادر مار نعرا.

پنهون دا اسم ڪيتس ورد در وات،

ڏينهان راتين، ڏينهان راتين، ڏينهان رات.

 

حسن صورت، سڀا مهتاب جيهي،

ڏُکان ڳالِي(2)، اُهين دي ڏيک ڏيهي(3).

 

وتي پُڇدي ڏهاڙي ڪيچ واٽان،

اکئين چون هار لوهُو(4)، وانگ لاٽان(5).

 

نجومي نِت کڙي، پانڌي پڇاوي،

بَهاني ڪنهن خُدا، دلبر ملائي.

پُڪاري ڀر شُڪاري، سڏ فقيران،

پنهل ميلين سِگها، يا غوث ميران!

 

آکي وَهندو وَلين، بغداد والا!

اَسان ڏي سر اُتون ٽالين ڪشالا.

ٻَڌس سندلا(1)، سَنبِر، سوگها سچائِي،

نه آهي تِل تَنهين ڪون وَلَڻ وائي.

 

جيڪو تهدل اُٺي دلبر ڳَليسِي،

سِگها محبوب تنهن ڪون رَب مِليسِي.

سَٽي(2) تحقيق جو طُولان وِهاڻِي،

مُلڪ عرفات دا سو مِيرُ ماڻي.

 

سفر، سختي، جنهين منظور ڪِيتا،

ڪنون زمزم اُهين وڃ آب پيتا.

 

ڪَرن حارص(3)، جيڪي هٿ وچ تراجِي(4

سڏيجن سي ڪِيوين مردود حاجي؟

پڇن ڪوڙي، اصل وڻواند(1) واٽان،

ولن وچ تون اهي جهل جهل چماٽان.

ڪماوڻ بات اوکي، بره بازي،

نِهين ودي سدا سرويچ غازي.

 

هوون جيڪي مُخنث عمر ساري،

قدر ڪيها تنهان  ڪون ياد ياري.

همت ”حسين“ ڪر سمجهي سرائي،

سچائي رک، سچائي رک، سچائي.

 

در بيان آمدن هندو براي واپار، و اور طلبانيدن سسئي، و احوال پُرسيدن از او.

 

اَلَہ   سائين   سچي   اسباب   ٺاهيا،
سوداگر   آڻ     ڪيچي،    ساٿ  لاهيا.

 

جنب   هندو   وڏا    وڻپا    وپاري،
ڀريندا  سو   سَوان  دي   مُنهن  مَـهاري(
2).

اسم    آکن     سوداگر   دا    ٻيها،
آيا   ويچڻ  ولي   رڪ،   لوهه،   سيها.

 

آئي  سڻ  قافلا،   ڪمدار   ڪامي،
اُڳاڙن   جي   سدا   محصول   دامي(
1).

 

پڇن خبران تنهين ڪون ڪر تلافي،
اَلاون    نرم،    نوڙت    نال   صــافي.

 

آکن   تيڏا   وطن   ڪهڙا،  وَپاري؟
ڪٿان   گذارنُ   ڪيتيءِ  عمر  ساري؟

 

اُهين  آکيا  وطن  هي ڪيچ مڪران،
ميڏا  وه  سيٺ صاحـب هي پنهون خان.

 

نسل   پڌرا   اصل   اولاد آري،
حڪم  تنهن  دا  هلي  هر  ديـس جاري.

 

رهي جيڪو اُهين دي جو پناري،
هميشہ  هر  ملڪ  وچ  خوش  گــذاري.

 

نڪو  توصل  تنهين  دا   ڪو   وچارا،

ڪري  پروشَ  پنهل  سڀ  دي   سهارا.

سخي صاحب، سدا سردار سائين،
ڪيهيان صفتان تنهين ديان مين سڻاوئين.

 

نماڻيان دا نبي، ننگپال، ننگي،
سدا   سرتاج   دي   سر هي   ڪــلنگي.

 

گنهگاران نهين وسواس ڪو غم،
رکئي  مين شــاه تنهن شهزور تي ڪم.

 

سڻياني(1) سڀ خبر ساري تمامي،
ٿئي   واقف   هــمہ   هـــرحال   ڪامــي.

 

آئي ول جلد حاضر ڪول مائي،
حقيقت   جوڙ-  هٿ   سڀڪا   ســڻائي.

 

پنهل دا هي هندو نوڪر وپاري،
نهين   نابر(
2)  ڏيـسي   مَهتا   مــهاري.

 

پَيا گلنار ڪون دلدار دا ڏس،
لٿي  البت  اُهين  دي  قلب  تون ڪس.

 

آهي مردي مثل اندر مَماتِي،
پُنهل   دا   نانءُ   سُڻ،   هويَس  حياتِي.

 

آکي سائين! ڪوئي اسباب جوڙين،
پُنهل   دي   واڳ، ميڏي طرف موڙين.

 

نهين مشتاق دا ڪوئي حال حيلا،
محمد  (صلعم)  مير!  ٿي مـيڏا وسيلا.

 

ڪهيس جيڪر سَڏيجي سو وپاري،
پُڇان   مَين   روبرو   سڀ  خبر ساري.

 

ڏِکيجي آدمي جي ڪيچ والي،
سڄڻ   مَيڏا،  سدا  جنهن  جاءِ جـالي(
1).

 

سڏيا هڪ آدمي، ڪوئي اهلڪار(2
ڪريندا   زيب   زينت    نال   گــفــتار.

 

اُهين ڪون جلد ڪيتس چا روانا،
آيا  وچ   سـاٿ   دي   شـاطر(
3)   شهانا.

 

پڇايس قافلي دا جو جمعدار،
نِڪل   آيا   هندو   حــاضــــر   خــبــردار.

 

ٻٻيهي ڪون پڪڙ نِپ(1) نال چايُس،
اُهين   دم   آڻ   حاضر   چا   ٻـــلهايُس.

 

سسئي ڪون وڃ خبر ساري سُڻائي،
آکيس   آندم   سوداگر،   نال،   مائـي!

 

سڏايس روبرو هندو ٻٻيها،
آيا   شهباز  دي   در   دست    چِيها(
2).

 

ڪهيس ڪهڙا وطن تيڏا، وپاري؟
خبر   ڏَس،   ڏي   سڀا  سر حال ساري.

 

ميڪون محصول ڏيين سخت دامي(3
تون  هين  خود  شاه  يا نوڪر سلامي؟

 

آکيس مين هان هندو ڪمدار، ڪامي،
ميڏا   هر   ملڪ   دي   وچ شـاه حامي.

 

رهي خوشحال هردم خانُ خاني،
اسان سـڀ لوڪ ٻيلي(
1)، ٻئي بــيگاني.

 

ڪري جيڪو آسان ڏي ال بازي،
سِگها   صاحب   ڪريسِي غـور، غازي.

 

وڄي شہ شير دا نوبت نغارا،
حڪم   تنهن   دا مَني سڀ لوڪ سارا.

 

ڪريسون بامدا(2) سودا رضا ئي،
نه   ڏيسون   دِرَمۡ   هڪ   البت اجـائي.

 

ڪهيا گل نار سڻ نُڪتا وپاري،
ڀريسين سُنگ(
3) سِگها، محصول باري.

 

اندوئي(4) قافلا گهِن، شهر ڀنڀور،
ڳيا   اختيار   تيڏا   سڀ   زبــر   زور.

 

ڪريسين جي زباني گفتگو ئي،
نـه هوسِي  مَــود   تيڏي   ڪاڻ  ڪوئي.

منگيس محصول جي مهتا ڀريندا،
وپاري   رقم   ساري   گم    ڪـــريندا.

 

ڪري سرڪار جنهن دي نال بازي،
نهين   هَلدا   حڪم   گردن   فـــــرازي.

 

هندو ٻوليا همت ڪر، سُخن ڪوئي،
تنهين   تعظيم  تَنُون  هٿ  چا سڀوئي.

 

نهين ميڪون حڪم ڏيوڻ، مهاري،
ڪريـسين   قيد   توڙي   عمر   ساري.

 

اَمر ڪيتس پَٽيداران(1) شتابي،
رهيا    گفتا    گذر    ڳيا    لاجـــــوابي.

 

جهلايا قافلا سڀ رخت(2) راڻي،
هوئي   موقوف   ولدي   تي   وراڻــي.

 

ٻٻيها ول سِگها در ساٿ آيا،
مــــسافر    مـــعاملا    مُـــنشي     هَـرايا.

 

کَڙي   چَــوطرف   چوڪـــيدار   واهِــي،

هويا   اِيوين   حڪم   فرمان   شاهـــي.

 

ڪري واڻيا وِچارا سَو تميزان،
ٿيا   بيوس   جنهين   ديان  بـند چيزان.

 

رهن فڪرات اندر ساٿ والي،
پِياني   ياد   ڪـــوهان   دي   ڪـــشالي.

 

در بيان رفتن سوداگر براي خبر دادن با پنهون خان

 

اڃا گذرئي ڏهاڙي ڏينهن ڏُون چار،
ڏيکو   ٿيندا   هندو   دا   بخت  بيــدار.

 

پَٽيوالي ٻَٻيهِي ڪُون ٻِلهايا،
آکِيس   تَيڪون   سِگها،   راڻِي سـڏايا.

 

آيا حاضر هندو ڏردا وچارا(1
کسايا   خير   وچ(
2) جنهن سـاٿ  سارا.

 

ڏٺا   مشتاق   منشي   ڪون  ڪـوماڻا،

آکيس   آ   ٻَهه   سوداگر،  مـشڪ هاڻا!

 

اُني ڪُرسي اُهين ڪون چا ٻلهايس،
پلٽ   شربـــت،   پــــيالا   چـــا   پِلايُـــسِ.

 

ڪهيس: ”ڪاڪا! نه ڪر ڪو غم وپاري،
ڪِيتاسي  معاف  تَيڪون   گنـــهگاري.

 

ڪيتانِس سڀ غلامين لوڌ، پاسي،
ڏتيانِس   ساڌ   ڪون   دل گهن دلاسي.

 

سڀو بخشين خدا نام اسان ڪُون،
اَلايا بيش  ڪم جو مين تُسان ڪُون(
1).

 

آکيس ’سُڻ تون ميڏي هڪ ڳالهه‘ ڀائي،
اَسان   ڪون   عشق  اڙٻنگ  آڳ آئـي.

 

ڪران جي مين قصا ڏک، درد والا،
ٿيوي   ڏونگر   جبل   ڏک   نال ڪالا.

 

نهين ڪو حالڀائي مين وچاري،
ڪـــــران ڪنهن دي آڳون مين خبر ساري.

سچي سڻ بات، آکان قسم جيهي،
پنهل  دي  عشق سـاڙيا، ڏيل(
1)   ڏيهي.

 

سڻاوئين مين سڀا تيڪون ڪهاڻي،
مِلا   ميڪون   ميڏا   دلـــبر   آرياڻـــي.

 

نهين درواش(2) ڪائي مال زر دي،
پنهل   دي   ڪاڻ  مـين  مشتاق مَردي.

 

جهلايم ساٿ، ڪجهه ڪيتم بهانا،
ڏيوان   تيڪون  منگين جـي زر خزانا.

 

اُٿي نام خدا، ڪر ڪارسازي،
ملي   جيوين   سِگها   غمـخوار غازي.

 

نهين تين بن ميڏا ڪوئي وسيلا،
وڃايا سِڪ سڄڻ دي حال حِيلا.

 

تيڏا انصاف گهِنسان مين وچاري،
هوسان خادم خُلاصي عمر ساري.

 

تون  هين  ميڪون  مثل هميشر ڀائي،

ٽَليسين(1) تون وڇوڙا تي جُدائي.

 

اجل ڪون هميشہ هٿ ڪٽاري،
متان مين مر وڃان ٿيوين ڏُهاري.

 

مدد ڪوئي ڪري ٻِئي نال ٻانهان،
آجر ڏيوي خدا تنهن ڪون ڏهانا(
2).

 

ڪري ڪوئي ڪنهين دي ڪار جاري،
هو وي تنهن دا هميشہ بخت باري.

 

در بيان پاسخ دادن ٻٻيها کاروان، دلاسه دادن در بندوبست آوردن پنهون، رفتن بلڪ کيچ

 

ڪريندا هڻ هندو، سُڻ گفتگوئي،
اَليندا سخن سهڻا ڏيک ڪوئي.

 

صحيح سڻ تون سخن گلنار راڻي،
زوراور ذات البت هي آرياڻي.

 

سلامي   ڪيچ    تـي   ڪستان   سارا،

طبل تنهن دا وڄي نوبت نغارا.

 

پنهل سردار تيڏا جوڙ ثاني،
هميشہ ڪيچ دا صاحب ڪِنعاني.

 

سَوين سِڪديان اُهين دي ڪاڻ گوليان،
آون ڏيَکڻ ڏهاڙي، جوڙ ٽوليان.

 

قبولي جي پنهل تيڪون پيارا،
وڏا طالع تُساڏا بخت بارا.

 

ڪري تيڏا خدا جي بخت شامل،
تَڏان تيڪون ملي سو ڪانڌ ڪامل.

 

جڙيسي رب سبب، الله تعالى،
ڪريسان وس وڏائي تي ڪشالا.

 

خدا تي رک، نه رو، خوش ٿي سياڻي،
اَڻيسان(
1) هوت هيڪر گهِن ارياڻي.

 

رُقعي(2) لــک ڏي، وڃان گهِن ڪيا(3) نياپي؟

پنهون  پڙهسي  سڀئي  خود  خان آپـي.

 

مين هان مودي اُهين در دا سدائي،
مَيڏي سڻدا پنهل ڪن ڳالهه لائي.

 

ٿئي در دل سسئي خوشنود تازي،
آکيس هو وَئي ادا، رحمان راضي.

 

ٻٻيهي ڪُون ڪري لَک لَک دعائين،
اَجر ڏيوَ ئي شلا، سُبحان سائين!

 

لِکيُس ٻہ جوڙ دل دا درد سارا،
اُلَٽ تي پيس آ بره بارا.

 

لِکيُس ٻہ جوڙ دل دا دردناما،
وڄايس عشق سر تي آ، دمامان.

 

لِکي رو رو پنهون دي پيش آزي،
ڪڏان ملسين سڄڻ، غمخوار، غازي.

 

ڪتوئي ڪيون وچاري ڪون فراقي،
خدا دي واسطي مِل، ٿي مُلاقي.

 

اکيان ميڏيان، ڀَلينديان(1) راه راهان،
وڃن فلڪين، فراقون عرش آهان.

 

پنهل سائين تُسان ڪون الہ آڻي،
شلا! بنرا(
2)، سگها تون سيج ماڻي.

 

لِکيا خط خوب سارا پر سلامان،
لِفافا ڪَر لَپيٽيس درد نامان.

 

لِکي ڪاغذ، وهن ڳوڙهي ڪَپاري،
وهائي قلم ڪيين، درد ماري؟

 

جَڏان لنب جوڙ ڪيتس ڳالهه پوري،
مَليس چا، مشڪ، عنبر وچ کٿوري.

 

قدر(3) مهران پلوَ وچ پلٽ آئي،
ڪهيس قاصد! ثمل(
4) وڃ نال چائي.

 

پنهل جنهن ڏينهن در ڀنڀور آسي،
ڏيسان  تيڪون  تَڏان  سر  پاه  خاصي.

شُتر مَهري، مَيا(1) رفتار والا،
عجب رفتار جنهن ڪون ٽور، چالا.

 

ڪرن جنهن تي سدا سلطان سواري،
نه تنهن ڪون ڪنهن عمر چا ڪام(
2) ماري.

 

ڪِتوني آڻ هندو دي حوالي،
ٿيا راهي روانا راه نالي.


(1) رين= رات.

(2) پهر پاچا= پهر پاچو، پويون پهر، ٿورو وقت.

(3) طماچا= چماٽون، ٿَڦڙون.

(4) نالي= دانهون.

(5) پاءِ بوسي= قدم بوسي.

(1) وار= ڏينهن.

(2) ماريا جوڳي....... سناسي. جنهن جوڳيءَ (پنهونءَ)، هي داڻو (سسئيءَ جو پاڻ ڏانهن اشارو) ماريو آهي.

(1) ڪمند= ڦاهي.

(2) ڀاوي= وڻي.

(1) نوشہ= نوجوان شهزادو.

(2) نول= نئون.

(1) چنواڪي= چنواڪر، ٽيمون، ڳوڙهو، لڙڪ.

(2) چول= چوري.

(3) چندي= گهڻائي، ڪيترائي.

(1) سرنو= نئين سر.

(2) ڳالي= ڳاري.

(3) ڏيهي= ديهي، بدن.

(4) لوهو= رت.

(5) لاٽان= لاٽون، ڌارون.

(1) سندلا= سندرو.

(2) سٽي= ڦٽي ڪري، اڇلي.

(3) حارص= حريص، حرص ڪندڙ.

(4) تراجي= تارازي.

(1) وڻواند= نيچ، ڪمينو.

(2) مهاري= محصول.

(1) محصول دامي= شرحوار محصول، مقرر اگهه موجب محصول.

(1) سڻياني= ٻُڌوني، هنن ٻڌي.

(2) نابر= انڪاري.

(1) جالي= گذاري.

(2) اهلڪار= لائق.

(3) شاطر= چالاڪ، قاصد.

(1) نپ= اصل، بنهه، بلڪل.

(2) چيها= پکيءَ جو قسم.

(3) سخت دامي= ڳرو محصول.

(1) ٻيلي= نوڪر.

(2) بامدا= بامدعا، بامطلب. مرضيءَ مطابق.

(3) سُنگ= محصول، چُنگي.

(4) اندوئي= تو آندو آهي.

(1) پٽيداران= وصول ڪندڙ.

(2) رخت= سامان.

(1) ڏردا وچارا= ڀَو جو ماريو.

(2) خير وچ= چڱائي ڪندي.

(1) الايا......... ڪون= جيڪي مون گهٽ وڌ توهان کي ڳالهايو آهي.

(1) ڏيل= بدن.

(2) درواش= درڪار، ضرورت.

(1) ٽليسين= ٽاريندين.

(2) ڏهانا= ڏهوڻو.

(1) اڻيسان= آڻيندس.

(2) رُقعي= خط.

(3) ڪيا= ڇا، ڪهڙو.

(1) ڀلينديان= ڏسن ٿيون.

(2) بنرا= گهوٽ.

(3) قدر= ڪجهه.

(4) ثمل= ثمر.

(1) ميا= ميو، اُٺ.

(2) ڪام= لڪڻ.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org