سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: ڪليات حسين ديدڙ

صفحو :28

 

 

ڳئي زوري زمين وچ مار غوطا،
اڏر   دستون   ويا   افــــسوس   طــوطا.

 

چني دا پاند رهه ڳيا قدر ٻاهر،
نشاني   ڏيـــک   هــي   نــروار   ظاهــر.

 

ميڪون منڌ ماه ڪر ڳئي هي مسافر،
هٿون ڳـئي حور هي هي! جو اِٿان گهر.

 

فدا في الحال ٿيا سُڻ ڳالهه ساري،
لڳـي   بلــوچ   ڪــون   بـنـدوق   لاري.

 

ڏِتيان بزدار هي هٿ شهه مَهاران،
ڳـــــيا  جــلدي  قـدم چــا پانــــد  ڌاران(
3).

 

مليس چا پاند منهن ڪون سرخ شالون،
ٿــيا  رو   رو   پنهون   بيحال   حالون.

 

کاوي جولان، جل ڳئي جان ساري،
چُني   دي  پاند چيريا  چون(
1) ڪـٽاري.

 

اکيس، ميڏا سگها سڻ سوال سائين!
خدايا!   ني   ميڪون   محبوب تائـين.

 

وڇوڙا ٽال، ڏي وهندو وصالِي،
نه  ڪر  سائين!  سچا تون سوال خالي.

 

نه ڪر ميڪون فراقي الہ تعالى!
مِلا   ساڳي   سڄڻ   ســو   ساهه   والا.

 

الاهي! سڻ ميڏي فرياد زاري،
اساڏي   ڪر   اُڏاهــــين   راهه   جــاري.

 

ڌُٻي ڌرتي زمين جا وات ڦاڙيا،
پـــنهون   ڪــيـچي   قلندر   آپ   لاڙيا.

 

خدا پورا تنهين دا سوال ڪيِتا،
اُهين  دم  رب  پنهون ڪـون اندر نيِتا.

ٿئي معشوق عاشق وڃ وصالِي،
وِڇا ٻيٺي(
1) ڏونهين گـڏ گهت(2) نِهالِي(3).

 

رَلائي(4) رب ڏوهين في الحال سائين،
حوالي   ٿيان   تنان   دي  جنت  جائين.

 

هوون ازلي جيڪي عاشق سونهاري،
وڄاون   نينهن   دي   نوبـت   نـــغاري.

 

سَهن سر تي سدا جيڪي هلاڪِي،
تِـــــنان   دا   تا   قيامـــت   نام   باقــــِي.

 

پنهون سسئي ڏوهين ڪيتي ڪشالي،
خدا   ڪيتي   تــڏان   جــنت   حــــوالي.

 

همٿ ”حسين“ ڪر جان تان حياتي،
رهـــين   مـــشغول  اندر   ذڪر   ذاتِــي.

 

ڪمر ٻڌ ڪر اٿي، رب دي عبادت،
تڏان  تون  فيض  پائين،  تي  ســـعادت.

فرض فرمان دي رک سڀ هوشياري،
متان  غافل  وتين  دل  تــون  وســـاري.

 

صحيح سمجهين قيامت ڄاڻ آئي،
نهين  فرصت  تنهين  وچ  دير  ڪائي.

 

ڪهان آدم، ڪهان ڳيا شيث موسى؟
ڪهان   دائود   يونس   نوح   عيـسى؟

 

ڪهان ادريس ابراهيم جيهي؟
ڳيا  گــل  ٽـــوڙ   عـــزرائيل   ڪـــيهي!

 

ڪهان يعقوب تي يوسف ڪنعاني؟
دنيا  چون  ڪوچ  ڪر  ڳئي  ماه ثانـي.

 

ڪهاَن سردار سرور ڳيا سونهارا؟
وڄي  هر  طرف  شہ  جنهن   دا  نغارا.

 

اَجها تي آسرا جو عيبداران،
حشر  دي   ڏينهن   حامي   گنــهگـاران.

 

ڪهان ڳئي انبياء اصحاب عالي؟
عجب   درگــــاه   رب   دي   لاؤبالي(
1).

ڪرين جي ياد رب تون رات ڏينهان،
هوسن   تيڏي   تڏان   محتاج   ويـهان.

 

هڪي سائين سچي دا هو سلامي،
نه  ڪڍ مخلوق  ٻـي ڪنهن دي غلامي.

 

خدا والي هميشہ خوش گذارن،
توڙي  ترڪا(
1)  نه  ڪو اسباب   ڌارن.

 

سدائي شرط شيوا هي عشاقان،
ڏيون  درويش  دولت   ڪون   طـلاقان.

 

نهين پرواهه رکدي رند راجي(2
رکن  هـر  دوجهانون    پلون   آجــي(
3).

 

جڳاوي ڪر صبر، گفتار ٿولي(4
متان   ٻيهر   ڪرين   ٻي    بات ٻولي.

 

عمر افراد ويندي هي وهاڻي،
ڪريجي   چا   اها  ڪوتہ(
5)   ڪـهاڻي.

قصي ڪون مين اٿاهين آڻ چوڙيا،
نشاني   ڪاڻ  چا  نــيشان(
1)   کــــوڙيا.

 

اهي رت چيٽ دي موسم بهاري،
ڪهاڻي  عشق  دي  مين  ڪر  گـذاري.

 

آهن باقي رجب ديان پنج راتين،
ڪيتا،   سي   بس،   پڄايم  بره باتين.

 

جمعي دا ڏينهن اَها الہ ڄاڻي،
ڪيِتا   سي   ميل   ڪڍ   ياقوت داڻي.

 

لنگهي هجرت ڪنون سَن صاف ٻارنهن،
اتي   پنجاهه   تي   پنج   سال  يارنهن.

 

ڪهاڻي نفس ميڪون هي ڪرائِي،
نهين   توفيق   مين   ماڻهو   ســـِرائِي.

 

هووَن جيڪي فضيلت فيض هاڻي،
مَريهن(
2) سي ڀـلــين(3) لافان(4) سياڻي.

رهان مين شور ڌرتي(1) دي ڪناري،
ڪران   اِيهي   عقل   والي   پَــــساري.

 

مين هان ڏردا ڪنون هوشيار لوڪان،
متان  مين  تي  ڪرن مـذڪور ٽوڪان.

 

سڄڻ ماڻهو منافق بي بنيادي،
چونڊيسن چُغل چوچي(
2) حرف  ســادي.

 

ڳئي منصف سچائي سمجهه والي،
بچي   بد   زيب   باقي   اندر   ڪـالي.

 

رهن اشراف سالِڪ جي سونهاري،
گـــذارن  وچ  خــلق  دي  ٿـــي  وچـــاري.

 

ڪرايا نفس ميڪون هي پسارا،
ڪرين مولى  مِٺا   ڪَوڙا   ڪَسارا(
3).

 

توڙي هي تُرش تا شيرين هووي،
ڀلــــي   نامـــوس   مــســـڪين   هــووي.

شهر مشهور ملڪين لاڙڪاڻا،
اُهيڪون   ويـــجهڙا    مـــيڏا    ٽِــڪاڻا.

 

رهان مين خيرپور(1) نال پاسي،
گهران  دي  نال  گهر  هـوندي خلاصي.

 

ڪرين اُجرا ڏَسيندا نانءَ تهندا،
سڏيندي  سو  شهر  هِـــن   ديدڙانـــدا(
2).

 

مين ها درگاهه عالي دا سوالِي،
خدايا،   سوال   ڪر   مــــنظور   والــي.

 

ميڏي مخلص يگاني يار جانِي،
ٿيون  خوش  نقش  مر  ڏيکن  نــشانِي.

 

سُيم(3) شاعر سخي هرگز نه مردا،
اگر   مدخول(
4)  ني   ٿيوي   قــبر   دا.

 

سدا شاعر دا پڙهين شوق ناما،
سخي  دا  وچ  سـخا خـوش خند خاما(
5).

سنگت ميڏي سڀا جي خويش ڀائِي،
ڪرين  خاوند!  تَناڪون  خوش سدائِي.

 

ميڏا فرزند شالا شاد هووي،
همــيــشہ   آلُ   خـــوش  اولاد   هــــووي.

 

ڪَرين صالح سڀي مضبوط مولى!
نه  لاوين  تَن  تَنان  دي  جهڪ   جهولا.

 

هووي مسجد عمر آباد شالا!
فقيران  ڪون  ڪرين خوش فيض والا.

 

ميڏي شاگرد جيڪي هِن ختابي،
لَهَن   طالب   سگهي    مطلب  شِـتابي.

 

منگان مسڪين مين جيڪي دعائين،
قبولت   وچ   ڪرين   سبحان  سـائين.

 

سڻي ميڏا قصا جيڪو جڏاهين،
ڪري   ميڪون   دعا  سڀڪو تـڏاهين.

 

متان سڻ سوال ميڏا ٽال(1) ڇوڙو،
متان  ڪر  ڪاهلي،  منهن خيال موڙو.

نه ٿيووِ تا خدا دي در ڏهاري،
ڪرڻ   رد  سوال  سمجهو  گنــهگـاري.

 

ڪَريا هي(1) دعا اسان نول دل بجانون،
اَجُـر   لهـــسو   تُـــسان   در   دوجهانون.

 

پڄايم شعر ڪون آندم اِٿاهين،
پڙهو  ڪلما  نبي تـي سمجهه صباحين.

 

لااِلہ الا الله محمدُ الرسول الله صلي الله عليه وسلم.

 

ï


 


(3) ڌاران= وٽ.

(1) چون= وانگر.

(1) وڇا ٻيٺي= وڇائي ويٺا، پٿاري ويٺا.

(2) گهت= وجهي.

(3) نهالي= فراسي؛ ٽپڙ، غاليچو، پٿراڻي.

(4) رَلائي= مِلايا.

(1) لاابالي= بيپرواهه.

(1) ترڪا= ترڪو، ملڪيت، ورثو.

(2) راجي= راجائون.

(3) آجي= آجا، خالي، واندا.

(4) ٿولي= ٿوري.

(5) ڪوتہ= ڪوتاهه، ننڍي ٿوري.

(1) نيشان= عَلم، جهنڊو.

(2) مريهن= مارن، هڻن.

(3) ڀلين= ڀلي جان، مَرجان.

(4)  لافان= لافون، ٻٽاڪون، ڊاڙون.

(1) شور ڌرتي= ڪلراٺي زمين. ديدڙن جي آسپاس ڪلر آهي.

(2) چوچي= چُوچا، ننڍا ننڍا.

(3) ڪرين.........ڪسارا= اي موليٰ، منهنجي ڪوڙن ۽ ڪسارن لفظن کي مِٺو ڪر.

(1) خيرپور= خيرپور جوسو، قنبر تعلقي ۾ هڪ ڳوٺ.

(2) ديدڙاندا= ديدڙن جو شاعر ”ديدڙ“ ديدڙ ڳوٺ جو ويٺل هو.

(3) سُيم= ٻڌم.

(4) مدخول= داخل.

(5) خاما= خامه، قلم. سدا....... خاما= شاعر چوي ٿو ته ”شاعر ۽ سخي جي مني کان پوءِ، شاعر جا شوتنامہ ۽ سخيءَ جون سخائون، خوشيءَ سان زير قلم اينديون.

(1) ٽال= ٽاري، موٽائي.

(1) ڪرياهي= اوهان ڪجو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org