سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: ڪليات حسين ديدڙ

صفحو :3

 

 

بسم الله الرحمٰن الرحيم

 

داستان ٻيون

 

جاڳِي حَرڪَت، وِچّ جَهانُ،

چارَئِي، کَر ڳَئـٖـي دُرسُ دوڪانُ.

(1)

ماڻُهُو، قِسمُ ڪُلِي هِن، چار:

پَهلا حِصّا، هـٖـي سَرڪار،

ڏُوجها، ڏِنگـٖـي زَمّيِندار،

ٽِيجها ڪُڙمِي، ڪاهَن نار،

چوَٿا پِير، چَڱـٖـي چوَڌار،

سُڻو بات ميڏي، بِالجانُ:

 

جاڳِي حَرڪَت، وِچّ جَهانُ،

چارَئِي، کَر ڳَئـٖـي دُرسُ دوڪانُ.

 

(2)

حاڪمِ سَختُ فِرَنگِي آيا،

هَرجا هوڪا، هِڪ ڦِرايا،

محبت، ساءَ، مَزيٖ مُڪلايا،

ڦيري رَبّ، رَنان دِي ڪايا،

ٻانِهـٖـي، ڇيـٖـنـٖـي سَڀُ، سِڌايا،

جيها گولا، تيـٖـها خانُ:

 

جاڳِي حَرڪَت، وِچّ جَهانُ،

چارَئِي، کَر ڳَئـٖـي دُرسُ دوڪانُ.

 

(3)

دِينُ نَبِي دا، وَڏا وِيرِي،

ماڻهان دِي ڪَل، ڪافِر ڦـٖـيرِي،

سَڀ سَماڻي، نِينگر، نـٖـيرِي،

ڪونَه وَجہَ، تي ڪائِي سـٖـيرِي،

وَتَن پيـٖـچُ، پَڳان دا ڦـٖـيرِي،

گهُلِي خارِجِ، بادِ خِزان:

 

جاڳِي حَرڪَت، وِچّ جَهانُ،

چارَئِي، کَر ڳَئـٖـي دُرسُ دوڪانُ.

 

(4)

ظالِمً زَمِيندار، ندوريِ،

رَکّن ڪامِي، لُچِي، لوري،

ڪُڪُڙ، ڇيليٖ، چاوِن زوريٖ،

گِههُ پُلاءِ، ڪَر پِيوَن، شوري،

رونديٖ وَتّن، رَنّان، ڇوريٖ،

آکِن هووي، جَسّ جوان:

 

جاڳِي حَرڪَت، وِچّ جَهانُ،

چارَئِي، کَر ڳَئـٖـي دُرسُ دوڪانُ.

 

(5)

پوکِن پوکَ، وِچاري هاريٖ،

بيـٖـگَرِ بِٺّ تِنان تـٖـي باري،

جوڙِن جائِين، ڪُڙمِي ڪارِي،

پَڪـٖـي پوکَ، ته ڇوڙِن چارِي،

جَڏان ٿِيوَن، داڻـٖـي تياري،

ڏيـٖـوَن گهَتِ، گهَڻا گَمّانُ:

 

جاڳِي حَرڪَت، وِچّ جَهانُ،

چارَئِي، کَر ڳَئـٖـي دُرسُ دوڪانُ.

 

(6)

چَوٿـٖـي دُرَّ، وڏيٖ، دِهدار،

واهَڻ، وَستِي، وِچ هوشيار،

چور، تَنهان ديٖ، چَندِين يار،

وَتَن گهُمديٖٖ، ٻانهان مارِ،

خرچ کاوَن، هَٽِ اُڌارِ،

ڪوجهـٖـي، ڪَمّ ڪَرِن نقصانُ:

 

جاڳِي حَرڪَت، وِچ جَهانُ،

چارَئِيٖ، کَر ڳَئـٖـي دُرسُ دوڪانُ.

 

(7)

دَم، وَڏيـٖـرَپ والا، مارِن،

ڀَليان، ڀَليان، گهوڙِيان ڌارِن،

ڪاسا ڪاسا، داڻا چارِن،

توڙيٖ کاوِن، توڙي هارِن،

سالُ، سڄي دا، پورهيا کارِن،

مَلًمَلً ديٖ، سِرِ، ٻَڌن ٿانُ:

 

جاڳِي حَرڪَت، وِچ جَهانُ،

چارَئِي، کَر ڳَئي دُرس دوڪانُ.

 

(8)

رَکَن پِيران، شَرطُ شَهانـٖـي،

مَهري، گهوڙيٖ، ٻيـٖـلِي، ٻانِهـٖـي،

ڪوري، موچِي، ميلِ بِگانـٖـي،

ڪاهه لهن وڃ، ڪنهن دي خانـٖـي،

مَنگَن راتِب، ڪَڙٻان، ڪانـٖـي،

توڙي تَنهين دا، تَنگِ گُذرانُ:

 

جاڳِي حَرڪَت، وِچ جَهانُ،

چارَئِي، کَر ڳَئي دُرس دوڪانُ.

 

(9)

پِير سونهاري بيشڪ ڀلي،

ڪَشفُ ڪرامت، هَليّ چَليّ،

عاليشان آنگوري سَليّ،

خام خليفي، ٺِڪر ٺَلي،

چائِي وتن، چندي چليّ،

مانيان ڏيک، ٿيوَن مستان:

 

جاڳِي حَرڪَت، وِچ جَهانُ،

چارَئِي، کَر ڳَئي دُرسُ دوڪانُ.

 

 

 

 

 

(10)

ٻاجهون ٻوڙ، نه ڀَنّن ڀورا،

ماهِيا کير تي، مَنگَن شورا،

عام جماعت، لنگها لورا،

ڪو قضانـٖـي، رَب دا گهورا،

ڪامِي ڪَرڙا، ڪُلّ نِدورا،

راتيان ڏينهان، بات بيانُ:

 

جاڳِي حَرڪَت، وِچ جَهانُ،

چارَئِي، کَر ڳَئـٖـي دُرس دوڪانُ.

 

(11)

چَڙهه، تِنهان دي ڪولُون، آوَن،

وچ مسيتين، مَسين ماوَن،

سُرها تيل، سدائي ڌاوَن،

ڪَلوَنت ٻيٺـٖـي، ڪافيان ڳاوَن،

نال رئيسان، رَلـٖـي کاون،

شيخ مشائخ، تي شيطانُ:

 

جاڳِي حَرڪَت، وِچ جَهانُ،

چارَئِي، کَر ڳَئـٖـي دُرس دوڪانُ.

 

(12)

ڪَرّن دَعوَت، دُنيادار،

ٻوڙُ، پُلا تـٖـي، تُرش آچار،

گِههُ اُتُون چا، گهَتّن هار،

کِلّن، کاوَن بَهتُ، بَهارِ،

ڪانَه، لَهَن ڪا، خبرچار،

ڪِٿُون آيا، ايـٖـہِ سامانُ:

 

جاڳِي حَرڪَت، وِچّ جَهانُ،

چارَئِي، کَر ڳَئـٖـي دُرسُ دوڪانُ.

 

(13)

نَه ڪُجهه پُڇّن، پاڪُ حَلالُ،

نَڪو آڻن، دِل تـٖـي خيالُ،

نڪّا لهنديٖ، سُڌّ سَنڀال،

متان هوويٖ، ڦُر دا مالُ،

ڪرّ سُڻاوَئين، ڪهڙي ڳالهه،

ڏاڍيٖ ڏُکُ، ڳِڌا اَرمانُ:

 

جاڳِي حَرڪَت، وِچ جَهانُ،

چارَئِي، کَر ڳَئـٖـي دُرسُ دوڪانُ.

 

(14)

آڳـٖـي آهَنِ، پيرَ سُونهاريٖ،

دِينُ دنيا وِچ، برڪت باريٖ،

چائِي وَتن، نالِ ڇُهاريٖ،

ڪَرِ سُڻاون، وعّظ واريٖ،

لَک لِياني، چوکي چاريٖ،

عالم، آهَن عاليشان:

 

جاڳِي حَرڪَت، وِچّ جَهانُ،

چارَئِي، کَر ڳَئـٖـي دُرسُ دوڪانُ.

 

(15)

مانجهي مرد، ڏٺوسي خاصـٖـي،

ساديٖ، سڏ ڪريـٖـنديٖ، راسـٖـي،

پارس، ڏي تِنهان ڪُون، پاسـٖـي،

چاندي چُست، ڪريـٖـنديٖ چاسـٖـي،

اَسان وِچّ اُتانهين آسـٖـي،

متان ڪرو ڪو، شڪ گُمانُ:

 

جاڳِي حَرڪَت، وِچ جَهانُ،

چارَئِي، کَر ڳَئـٖـي دُرس دوڪانُ.

 

(16)

صبر ڪّر، ”حسين“ سرائِي،

ولّ نه ڪّريـٖـن، ايجهي وائِي،

ٻِيهر، ٻيلي، ڳالهه پرائي،

متان ڪو، چا تنگّ اَلائي،

چَلّ زمانا، ڳَيا چَڱائي،

فوج، ڪُلي هـٖـي بـٖـي فرمانُ:

 

ڏاڍي حَرڪَت، منجهه جَهانُ،

چارَئِي، کَر ڳَئي، دُرس دوڪانُ.

 

لاالٰہ الالله محمد الرسول الله

صلي الله عليہ وآلہٖ و صحبہٖ وسلم

T

 

يار رب سائين، سُڻ فرياد

(1)

ڏيک خدا دي، رنگ ربانِي،

قيامت دِي هـٖـي، ايهَه نشانِي،

ڪافِر حاڪم، جِهَل، گِرانِي،

مُول نه وسري، بَحر بارانِي،

هَلدِي چَلدِي ڳالهه زنانِي،

يارو! ڳَئِي مُڪلاءِ يارانِي،

دانَهه هوويٖ دل نِهاد.

يار رب سائين، سُڻ فرياد.

(2)

عِلم ڳَيا، تـٖـي ٿِيا انڌارا،

سچ سِڌايا، مار نَقارا،

حق، حيا دا، چَلِ ڳَيا چارا،

ڪُوڙ، گلا دا، آيا وارا،

چَپ وَهـٖـي، سڀ چَرخا سارا،

پُورا آيا، پيش معاد.

 

يا رب سائين، سُڻ فرياد.

 

(3)

سخت صَدي دا، لَڳا واءُ،

مَحبت ڪُون ڳَئي، مَلَڪ اُٺاءُ،

سَڱَ سَڱاوَت، ڇوڙيا ساءُ،

وڏا ويري، پِيُو دا وياءُ،

پُڇي ڪَونُ، ڪَنهِين ڪُون آ،

توڙي هوويٖس، پير استادُ،

 

يا رب سائين، سُڻ فرياد.

 

(4)

دنيا والا، دشمن توڙيٖ،

جنهن ڪُون هووَن، پنج- ڏهه جوڙي،

مُنهن نا اُسُ ٿُون، ڪوئِي موڙيٖ،

نال عزيزان، ڏِنگـٖـي ڏوڙي،

سِڪديٖ وَتَن، سَڪـٖـي سوڙيٖ،

مار بُکان چا، ڪِيتا ماد.

 

يا رب سائين، سُڻ فرياد.

 

 

(5)

کاڌا دَورِ، زمانـٖـي ڦيرا،

مَچ ڳَيا هرڪو، جهڙا تهڙا،

ڦَڳُون، ٽيئُون سڀ وڏيرا،

سَهَل سَڏينديٖ، گهَر ڪون ديرا،

آک سُڻاوَئين، ڪهڙا ڪهڙا؟

هِن هزارين، دل تي ياد.

 

يا رب سائين، سُڻ فرياد.

 

(6)

لائِي ڪِيتا، جنهين لبارا،

عمر کاڌُس، گهِن اُڌارا،

بَخت ڏِتا، ول تنهن ڪُون وارا،

مُول نه آکـٖـي، حمد هَچارا،

نال غريبان، ڪري خسارا،

گذري، مُول نه آوس ياد.

 

يا رب سائين، سُڻ فرياد.

 

(7)

ڏيويٖ رَبّ، جنهان ڪون روٽِي،

گَردن ڦـٖـير، ڪريندي موٽِي،

رکن رهزن، نيّت کوٽِي،

پِيوَن پيالي ڀَنگا گهوٽِي،

ڳالهه نه سمجهن، واڌِي چوٽِي،

بد جنهين دا، بيخ بنياد.

 

يا رب سائين، سُڻ فرياد.

 

(8)

ٽُوٽ، ٻُٽاڪي، ٽـٖـيڙ، بزارِي،

چل ڪرينديٖ، اُو چوياري،

وچ تنهان ديٖ، جـٖـي يڪباري،

آويٖ مرد، غريب آزارِي،

خام نه سڻنديٖ، خبر ساري،

بات اُهِيندي، ڄاڻن باد.

 

يا رب سائين، سُڻ فرياد.

 

(9)

جي اشراف، تِنهان ديٖ نـٖـيڙيٖ،

ڀَرڀَر آون، غم ديٖ ٻيڙيٖ،

ڳالهه نه سمجهن، جهڳڙي جهيڙيٖ،

اُلٽ وڏيريٖ اکين ٽيڙيٖ،

مِلدي ڪُون، چا مار بکيڙيٖ،

ڦُوڪ ٻَلينديٖ، ڦير فساد.

 

يا رب سائين، سُڻ فرياد.

 

(10)

رئيس، وڏيري، جاءِ بجائِي،

هڪٻئي سِيتي، ڳالهـٖـين ڀائِي،

پَرپُٺ ٻيـٖـٺـٖـي، ڳالهه پڪائِي،

ڏِنگا هوويٖ، جوٺا جائِي،

آکن: تيڏِي ڪوڪ اجائي،

وڃ ڪر، نانـٖـي ڪون تون ياد.

 

يا رب سائين، سُڻ فرياد.

 

(11)

جـٖـي وت وڃي، وچ سرڪار،

جهَل چماٽان، هنجون هار،

اَڳون آکن، منصف وار،

ٻاهر ٻيٺـٖـي آ زميندار،

ڏينديٖ ڪوڙيان، مُهران مار،

دانهن اَجائي ڳئي اَفراد.

 

يا رب سائين، سُڻ فرياد.

 

(12)

پَلئه جنهن ڪُون، پيسي چار،

منشي، محرر، تنهن دي يار،

توڙي هووي، چور چڪار،

ڪلٽر ڪولون، انڌوڪار،

گهمدا وتي، ٻانهان مار،

يار، بَڻيا هي ايہ بغداد.

 

يا رب سائين، سُڻ فرياد.

 

(13)

ڪَرن غريب، نماڻي ڪيويـٖـن،

رب ڪون ڀاڻي، آ جو ايويـٖـن،

مول ”حسين“، نه ماندا ٿيويـٖـن،

جام صبر دا، پُر ڪر پيويـٖـن،

يا خدا ڪر، جان تان جيويـٖـن،

صبح صباحِين، ٿِيسَئي داد.

 

يا رب سائين، سُڻ فرياد.

 

(14)

واه کَٽيوسـٖـي، موري والا،

ڪر مشقت، زور ڪشالا،

شاهد جنهن دا، هي حق تعالا،

هرهڪ هٽيا، جو منهن ڪالا،

مار تنهان ديٖ، سر تي ڀالا،

پَٽ پٽِئـٖـي دا، بيخ بُنياد.

 

يا رب سائين، سُڻ فرياد.

 

(15)

خام، ڪمِيڻا، جيڪو کَهـٖـي،

واهه پرائي، وِچُون وهي،

سنجهه صباحين، منهن ڀر ڊهـٖـي،

در در ڏاڙهي، گانڊو گهـٖـي،

ڪونه تِنهين دا، پِڇُون رهـٖـي،

ٻال، ٻچا تي، آل اولاد.

 

يا رب سائين، سُڻ فرياد.

 

(16)

خَس پَرايا، جيڪو کسـٖـي،

قهر خدا دا، تنهن تي وسـٖـي،

داور تنهنڪون، تنهن دم دسي،

پوون تنهان ڪون، چڱي رسـٖـي،

موڙ ٻاجهون، نا موذي نَسـٖـي،

حڪم علي دا، هي ارشاد.

 

يا رب سائين، سُڻ فرياد.

 

(17)

حق جنهين دا، جيڪو هِيسي،

آب پرايا، پاپي پِيسي،

مول نه ظاهر، ظالم ٿِيسي،

کاسِي کَلي، جاوت جِيسي،

ڪريسي ڪاڻ، ٽڪر ديٖ گيسي،

توڙي آوس، عيد براد.

 

يا رب سائين، سُڻ فرياد.

 

 

(18)

ظالم دا، جو حامِي هوسي،

روز مَرهه، سو رَهزن روسِي،

صاحب دي دل، تنهن تي ڪوسِي،

غم نه اُس دا، ڪوئِي ڌوسِي،

توڙي مُلاّ، پُڇِي جوسِي،

ڪوَنُ ڪَريـٖـسي، اُس ڪُون شاد؟

 

يا رب سائين، سُڻ فرياد.

 

(19)

احمق، دزد، منافق، ڪُوڙا،

جنهن ڪون دست دُرنگي چُوڙا،

هردم هوسِي، مونجها مُوڙها،

پَٽ پيغمبر! تنهندا ٻُوڙا،

وَتـٖـي سر تـٖـي، چائِي مُوڙا،

نيٺ نه لَهسِي، نيڪ مراد.

 

يا رب سائين، سُڻ فرياد.

 

(20)

فتح محمد، مرد لاهوري،

خط لکيوسي، تنهن ڏَنهُن چوري،

وِک وَڌا تنهن، سالڪ سوري،

نال امانت، زابر زوري،

واهه ڇُڙايُس، مُنڍئون موري،

البت هويا، ملڪ آباد.

 

يا رب سائين، سُڻ فرياد.

 

(21)

آبتر چولِيا، چرخ زمانـٖـي،

مَچ ڳَئي لُنڊيٖ، لُچ بيگاني،

لَڏ ڳَئي سالڪ، سُخن سَچاني،

نيڪ بَدان ڪُون، خود وچ خانـٖـي،

نِوڙِ ڪريندي، مُجري جانـٖـي،

پيش دُزانديٖ، ساڌو ساڌ.

 

يا رب سائين، سُڻ فرياد.

 

(22)

دنيا دُرنگي، ڪُوڙي بازي،

ياد نه ڪِيجي، حڪايت ماضي،

غم متان تون، کاويـٖـن غازي،

اور آلَهه ڪون، ڪر تون آزي،

تان وَت ٿِيوئِي، رازق راضي،

پڙهه ڪلمان، لَهه نيڪ مراد.

 

يا رب سائين، سُڻ فرياد.

 

 

T

 

 

داستان ٽيون

 

مدح

 

يا رسول الله عربي الغياث

 

1. اِسًم اَوّل چئو، ادا، الله جو،

پَههُ سڃاڻڻ، هـٖـي رَبانِي راهَ جو،

ذڪر ذاتِي، ڪر بندا، بالله جو،

رَکُ مدامِي، شوقُ شاهنشاههَ جو:

يا رسول الله عربي الغياث.

 

2. خاص خَتمُ الانبياءَ، خَير البَشر،

تون ڀَلو، سرتاج، سڀ کون سَربَسر،

اَنبيائُن ۾ اُچو، ڪُل کون ڪَثر،

عاصِيُن جو آسرو، يَوم الحَشر:

يا رسول الله عربي الغياث.

 

3. عرش، ڪُرِسِي ۽ فَلڪ فرمانَ ۾،

ماهَ، تارا منجهه اَمرِ، آسمانَ ۾،

ذڪر ظاهر، قرب تو قرآن ۾،

ٿيو لقب ”لولاڪ“، تنهنجي شانَ ۾:

يا رسول الله عربي الغياث.

 

4. فَلَڪَ، ماڻهو، جِنّ، هي جڳ، بحر و بر،

باغَ جَنّت ۽ جَهنّم، گل، شَجر،

ڪونه قلزم، ڪانه وادي، ڪا نَهر،

تون نَبِي، تن کون اڳي، هُئين نامور:

يا رسول الله عربي الغياث.

 

5. تون اُچو، سڀ کون سدا اقبال ۾،

لَکَ صدائون، تو ننَگِي، نَنگپال ۾،

ڪر حمايت هاشِمي هر حالَ ۾،

سُڻ سِگهو فرياد هِي، في الحال ۾:

يا رسول الله عربي الغياث.

 

6. دست دامن ۾ اَٿِي، دل گوش ڏيٖ،

حَق سڃاڻڻ جي همت، ۽ هوشُ ڏي،

 

خام گفتـٖـي کان صبر، خاموشُ ڏيٖ،

پَنّ پردي جو پيغمبر! پوشُ ڏي.

يا رسول الله عربي الغياث.

 

7. وقت پويون تنگ، زماني تاءُ ڪيو،

مٽ مائٽ مَون، محبت ساءُ ويو،

منجهه رئيسن، رسم رشوت، رياءُ پيو،

دوست، ڪا دلگير کي، دلجاءِ ڏيو:

يا رسول الله عربي الغياث.

 

8. ڏي صفائي قلب، سينو صاف ڪر،

سڀ مديون اي مير مرسل، معاف ڪر،

عاصين مان تون، اِهو انصاف ڪر،

مهرباني مصطفيٰ، الطاف ڪر:

يا رسول الله عربي الغياث.

 

9. ملڪ جو تون مصطفيٰ، نادر نواب،

منجهه دنيا ۽ آخرت عاليجناب،

خَر کهـٖـي مسڪين سان، جو بيحجاب،

ڪر تنهين کي خجل، وَهَندوئي خراب:

يا رسول الله عربي الغياث.

 

10. هوڏ هيڻن سان ڪري، ڪو کَينسَ خَرُ،

آهنج احمق، ڪين لاهي شور و شرُ،

زود ظالم، تنهن پِٽئي جو، پور در،

تان هجي حيران، سو مردود مَرُ:

يا رسول الله عربي الغياث.

 

11. مان  ڪئي   آگاه   توکي،   شاه  جي،

ڪر قريشي، ڪا مدد بيواه جي،

تان ڪري، سڀڪو سڻي، ساراه جي،

داد دانهينءَ جو ٻڌي، وَه واه جي:

يا رسول الله عربي الغياث.

 

12. نفس  نافرمان،   ٿو   ويري   وڳــي،

ڪين موذي، سو مُڙي، اڳرو اڳي،

ڪونه ظالم زور تنهن سان ٿو لڳي،

مَرُ مَري ملعون، دولهه! وجهه دَڳي:

يا رسول الله عربي الغياث.

 

13. لوهه، پارس سان لڳي، زر زود ٿئي،

مان گدا جو، تنهن طرح مقصود ٿئي،

دين، دولت در دنيا، موجود ٿئي،

مَرُ، ميراسي خوبتر، خوشنود ٿئي:

يا رسول الله عربي الغياث.

 

14. تون  جَنين  سونهون، سدا سردار جي،

ڪونه تن کي ڪو وَسو، ٿي وارَ جي،

سي ڪڍن ڪيئن ڪاڻ؟ ٻئي ڪنهن پار جي،

تون کُهيَن جا کڻ، خدا لڳ بارَ جي.

يا رسول الله عربي الغياث.

 

15. احمدا،  سڻ  عجز  منهنجو  ۽  نياز،

سهس توکون سيّدا، ٿيا سرفراز،

ڄاڻ گولو، مير! مون کي چُون اَياز،

ڪر سندم اولاد، فاضل پُر فياض.

يا رسول الله عربي الغياث.

 

16. نيڪ،  صالح،  نامور   فرزند   ٿئي،

زود تنهن فرزند کي، پيوند ٿئي،

منجهه دنيا ۽ دين، دولتمند ٿئي،

ڪر ڪرم تنهن سان، فضل فرخند ٿئي.

يا رسول الله عربي الغياث.

 

17. ڇا  ٻڌايان،  مان  حقيقت  حال  جِي،

لاهه محتاجي سِگهو، سڀ ڳالهه جِي،

ساڻُ پَروشَ پانهنجي، تون پال جِي،

يا نَبِي، ڪر نيڪ، منهنجي آل جي.

يا رسول الله عربي الغياث.

 

18. تون  بلاشڪ  بادشہ،   دارينَ   جــو،

ڪونَه مَٽُ آ ڪو بَشرِ، ڪَونينَ جو،

تخت تنهنجو، هر مُلڪ حرمينَ جو

سيّدا! ڏي سوجهرو، عينين جو.

يا رسول الله عربي الغياث.

 

19. خاص خاوند جو هميشان، تون حبيب،

سَهسَ تو ڪيا سرخرو، جي بي نصيب،

پيو پَناريٖ پيش تنهنجي، هي غريب،

ڪر تَنهين تي، تون نوازش عنقريب.

يا رسول الله عربي الغياث.

 

20. جي مدامي مرض موڙي، ڪيا هلاڪ،

دائما دلگير، عاجز، دردناڪ،

تون ڪرين، تن تي نظر جي نُور پاڪ،

ٿين اُهي اقبال وارا، چست چاق.

يا رسول الله عربي الغياث.

 

21. حالُ  معلوم،  تو  سَچـٖـي  سردار  کي،

ڏي دلاسو، ناموَر! نادار کي،

ڪار دَرسن، هن بندي بيڪار کي،

ڪَڍُ تَڙي، تَنَ مون، اچي آزار کي.

يا رسول الله عربي الغياث.

 

22. دارَ  دنيا  ۾،  شريعت  سان  جِيار،

تان حياتي در طريقت، طلبدار،

ڪر حقيقت تي، اسان کي استوار،

مست پيالو معرفت جو، پُر پيار.

يا رسول الله عربي الغياث.

 

23. عمر ساري صرف ڪيم، سڀ خواب ۾،

حرص دنيا جي هوا، اسبابَ ۾،

ڪير تو ريءَ، ٻيو رَسـٖـي گردابَ ۾؟

ڪا ڪريو بندبست، منهنجي بابَ ۾.

يا رسول الله عربي الغياث.

 

24. ڪِينَ جاچي، آءٌ گهڙيس تِکَ تارَ ۾،

جان نهاريان چوطرف، چوڌارَ ۾،

ڪونَه ٻيـٖـلِي، ٻيو وسيلو، ٻارَ ۾،

رحم تنهنجو رهنما! درڪار ۾.

يا رسول الله عربي الغياث.

 

25. مون مَدايُنِ جا ٻَڌا هِن بارَ جي،

ڪونَه نيڪيءَ جو ڪيم، ڪم ڪارَ جـٖـي،

ڪانَه ويري ٿو اڃا، ڏِئي وارَ جي،

وَرُ وسيلا، غور ڪر، غمخوار جـٖـي.

يا رسول الله عربي الغياث.

 

26. مان   بندو   بيڪار،   آهيان   عيبدار،

جُرمَ بي انداز منهنجا بيشمار،

ڪذب، ڪاوڙ سان گذاريم، سڀ ڄمار،

نِت نهاريان ڏوهه، ڏاڍو شرمسار.

يا رسول الله عربي الغياث.

 

27. حالُ  منهنجو  هن  طرح  بادشاه  جِي،

ڪانه تو ريءَ، ڪا سُجـٖـهي بيواهَ جي،

تون نماڻن جو، نَبِي، همراه جي،

مان وَدي لَڙهَ لامَ، تَهدِل تانههَ جي.

يا رسول الله عربي الغياث.

 

28.. دانهَن دل جي درد جي، مان ڇا چوان،

مصطفيٰ سڀ معلمي، آهي اوهان،

مارِ مُوذي، ڪر سَٽي جلدي سَنوان،

ٿا لَهَن، ڏُک ڏِيلَ جا ڪُهنا، نوان.

يا رسول الله عربي الغياث.

29. جو پڙهي دل ساڻ، منهنجي هي مداح،

دل بجانون، جو سدائين سَنجهه صباح،

ترت تنهنجا لاهه مشڪل، شهنشاه!

ڪر تَنهِين تي، تون نَبِي جي نَرَ نِگاه.

يا رسول الله عربي الغياث.

 

30. مان گناهن جي ٻڌي، ڀِيڙيٖ ڀَري،

نفس دشمن سا کڻي، سر تي ڌري،

ڪيئن ڪيان، ڪاڏي وڃان، تنهن سان تَري؟

وِيرَ، وارثَ، واهرو، وَرِ ڪج وَري.

يا رسول الله عربي الغياث.

 

31. هي بندو ”حسين“ تنهنجي دَر غلام،

دائما درويشُ سوالي، صبح شام،

ڪر تَنهِين جو تون، قبولت ۾ ڪلام،

تان هُجـٖـي منجهه دين، دنيا نيڪ نام.

يا رسول الله عربي الغياث.

 

32. حرف باقي سُود جا، سُڻ چار جي

سُڌ لهج سڪرات ۾، سردار جي،

عاقبت ايمانَ سان، تون ڪار جي،

گور، قيامت ڪر، نبي! گلزار جي.

يا رسول الله عربي الغياث.

 

33. تون  سخي،  ڏاتارُ  ڏيهَن  جو  قديم،

تون رسائين فيض، عالم کي عميم،

استقامت، ڏي صراط المستقيم،

خاتمو ٿئي، ساڻ ڪلمي جي ڪريم.

يا رسول الله عربي الغياث.

T

 

التجا

(1)

نانءِ آلَهه جـٖـي، احمد ڄامَ،

وَرِ ڪَج، وَرنههَ، وِيرَ، وريامَ،

سيّد! پيا هِيُون، تُنهنجـٖـي سامَ،

ڪَرِ قريشـٖـي، غورُ غلامَ،

 

سيد سُڻُ، فرياد فقير،

ماڙ سگهو ڪر، مرسل مير.

 

(2)

پهرين رات، پيغمبر پاڪ،

سُڏڪِيو، سَڏ ڪري غمناڪ،

دل ڏُکن ڪئي، چوريٖ چاڪ،

مِلُ محمّد، لاهه فراق.

 

سيّد سُڻُ، فرياد فقير،

ماڙ سگهو ڪر، مرسل مير.

 

(3)

ٻِيجهِي رات ٻَڌي، هي ٻانهون،

عرض ڪري ٿو، عاجزُ آهُون،

دل سان ٻُڌ تون، دانَهه، دانهون،

روز نهاريان، تنهنجون راهُون.

 

سيّد سُڻُ، فرياد فقير،

ماڙ سگهو ڪر، مرسل مير.

 

(4)

سڏيان سرور، ٽِيجهيءَ راتِ،

پائـٖـي، پاندُ ڳچيءَ پرڀاتِ،

وَرّ، وسيلاٰ وائِي واتِ،

ڏاتر، ڏيار اسان کي ڏاتِ.

 

سيّد سُڻُ، فرياد فقير،

ماڙ سگهو ڪر، مرسل مير.

 

(5)

چوٿينءَ رات، چوان هِي حالُ،

سائين سُڻُ تون منهنجو سوالُ،

درد، غمن ڪيو، دل کي دالُ،

ڪر نوازش، ساڻُ نِهالُ.

 

سيّد سُڻُ، فرياد فقير،

ماڙ سگهو ڪر، مرسل مير.

 

(6)

پَنجِينءَ رات، وسِيلا وِيرَ،

دانهن ڪري ٿو دامنگير،

خامَ رنجايو، جنهن خنزير،

ترت تَنهنجِي، ڪَر تدبِير.

 

سيّد سُڻُ، فرياد فقير،

ماڙ سگهو ڪر، مرسل مير.

 

(7)

ڇهينءَ رات، رسول خداءِ،

منهنجون دانهون، دل سان لاءِ،

ناحق، رَڪّ رنجايو آءِ،

حامِي، تنهن تي حڪم هلاءَ.

 

سيّد سُڻُ، فرياد فقير،

ماڙ سگهو ڪر، مرسل مير.

 

(8)

سَتينءَ رات، سِگهو سردار،

غور اسان جو، ڪر غمخوار،

چاڙهه چڱا تون، چارئي يار،

موذيءَ کي تون، وجهه ڪا مار.

 

سيّد سُڻُ، فرياد فقير،

ماڙ سگهو ڪر، مرسل مير.

 

(9)

اَٺينءَ رات، عريضِي آڻـٖـي،

تُنهنجي پيش پُڄايم، پاڻهي،

تون ٿو صاحب، سڀڪِي ڄاڻـٖـي،

ڪر عدالت، حامي، هاڻي.

 

سيّد سُڻُ، فرياد فقير،

ماڙ سگهو ڪر، مرسل مير.

 

(10)

نائينءَ رات، ننَگِي، ننگپال،

سڻ فرياد، سگهو في الحال،

خَرُ کَهـٖـي جو، شُومُ شغال،

ظالِمُ ڪر سو، زُود زوال.

 

سيّد سُڻُ، فرياد فقير،

ماڙ سگهو ڪر، مرسل مير.

 

(11)

ڏهينءَ رات، پُڇائــٖـي ڏَسُ،

وٺي ويٺس تنهنجو گَس،

لاهه قلب تَون، ڪوريٖ ڪَس،

شاءِ! شِتابِي، رهبر رَسُ،

 

سيّد سُڻُ، فرياد فقير،

ماڙ سگهو ڪر، مرسل مير.

 

 

(12)

يارِهينءَ رات، يَتِيمَن يارَ،

ارحم، عاصين جا آڌارَ،

دوستَ دِلاوَر ٿيءُ دلدارَ،

وهم وڃن، سڀ غَم غبارَ.

 

سيّد سُڻُ، فرياد فقير،

ماڙ سگهو ڪر، مرسل مير.

 

(13)

هيڻن حامي، تون همراهه،

ملڪ سڄي جو، شافع شاهه،

جَن تي تنهنجي نظر نگاهه،

ڪانه تَنهين کي، ڪا پرواهه.

 

سيّد سُڻُ، فرياد فقير،

ماڙ سگهو ڪر، مرسل مير.

 

(14)

ڪانهي تو ريءَ، مون کي ماڙ،

ڪاهي ڪڍ، چِڪڻ مَون چاڙهه،

دُزّ هَڻي ٿو، جيڪو ڌاڙ،

لوڌ لنگهائج، تنهن کي لاڙ.

 

سيّد سُڻُ، فرياد فقير،

ماڙ سگهو ڪر، مرسل مير.

 

(15)

سيّد تَنهن جا، صحبت- ڀائي،

آڻ اُنهن تي، آفت ڪائي،

هَٿَون حرڪت، جنهن هلائي،

تون تَنهين کي، ڪر توائي.

 

سيّد سُڻُ، فرياد فقير،

ماڙ سگهو ڪر، مرسل مير.

 

(16)

سخت صديءَ جو، تابش تاب،

لَکين لهريون، لَکين حُبابَ،

ڏسي لرزي، جانِ، حساب،

ڪر ڪا پروش، شاه! شتابُ.

 

سيّد سُڻُ، فرياد فقير،

ماڙ سگهو ڪر، مرسل مير.

 

(17)

تون سرتاج، سدا سلطان،

تابع تنهنجو جڳ جهان،

توتي راضي، رب رحمان،

عاصي پَرتُوَ، پُر عصيان.

 

سيّد سُڻُ، فرياد فقير،

ماڙ سگهو ڪر، مرسل مير.

 

(18)

حال ”حسين“، ڪري فرياد،

دانهينءَ جو ڪر، دل سان داد،

شاه، مِراسي، مَرُ ٿئي شاد،

دل کي دائم، ڪلمو ياد.

 

سيّد سُڻُ، فرياد فقير،

ماڙ سگهو ڪر، مرسل مير.

 

T

 

 

 

التجا

1. خُدا  نُون،  سَڏِيجـٖـي،

سَدا، ياد ڪِيجـٖـي،

نبي نُون مَنِيجـٖـي،

ته، بَهرا ڏِکِيجـٖـي،

 

هي جَنهِين دي تَڳا،

 

 

تون هئين، مير مرسل، نبي مصطفيٰ.

 

 

2. پيغمبر   پيارا،

سَڀو جڳ، سُنهارا،

سَلامِي، تُمارا،

نبي، ڪو نِظارا،

 

اسان نُون، وِکا،

 

 

تون هئين، مير مرسل، نبي مصطفيٰ.

 

 

3. چڱي يار، چاريٖ،

مُنور، مُناريٖ،

سدا هن سوڀاريٖ،

تِنهان دي، پَناريٖ،

 

اي پاڄي پَيا،

 

 

تون هئين، مير مرسل، نبي مصطفيٰ.

 

 

4. تَينُون، رَبّ، سَڏايا،

عرش تي اَڻايا،

جو پَرديٖ، ٻِلَهايا،

خُدا، خود اَيالا،

 

ڪَهيا، مرحبا،

 

 

تون هئين، مير مرسل، نبي مصطفيٰ.

 

 

5. تُساڏيٖ، سلامي،

ملائڪ، مُدامي،

هر آن ڪَس، تمامي،

حوران ڀي، غلامي،

 

مَنِي، مصطفيٰ،

 

 

تون هئين، مير مرسل، نبي مصطفيٰ.

 

 

6. تُسِي، ننگ پرور،

قريشي، تون ڪر، ور،

لهـٖـي ڪَون، اَنور؟

سنڀالان ٻيا، سرور،

 

تُسان هُون، سَوا؟

 

 

تون هئين، مير مرسل، نبي مصطفيٰ.

 

 

7. تُسان، نِت سُڀاريٖ،

هو قدرت، قراريٖ،

سُڻِيان، ڏيہ سارِيٖ،

آنگُل دي، اِشاريٖ،

 

قَمَر، اَڌ ڪيا،

 

 

تون هئين، مير مرسل، نبي مصطفيٰ.

 

 

8. پَري زن، سَندايا،

تيڏا ڪُهنُ پايا،

تون مُحسن، جو آيا،

اُهين دم، اَڻايا،

 

ڪَهيا مرحبا،

 

 

تون هئين، مير مرسل، نبي مصطفيٰ.

 

 

9. نبي، شاهه، نوري،

ڪرين آس پوري،

مِلائو، مزوري،

هوويٖ درد، دوري،

 

رَسائو، شِفا،

 

 

تون هئين، مير مرسل، نبي مصطفيٰ.

 

 

10. ڪري دَر تـٖـي، زاري،

هَنجُون، روز هاري،

اي ڪم، زورُ باري،

مَنگـٖـي، غمگُساري،

 

ڏي دُولَہ، دَوا،

 

 

تون هئين، مير مرسل، نبي مصطفيٰ.

 

 

11. هَمَہ،   حـــالُ   دانِـــي،

چگويَم، زباني؟

تو، رَحمَت رَسانِي،

ڪَرو مِهرباني،

 

سُڻو، اِلتجا،

 

 

تون هئين، مير مرسل، نبي مصطفيٰ.

 

 

12. تُسانون   هـٖـي   مَعلُم،

ڪَرو سُوالُ، سالِمُ،

ڏيٖ فرزندُ، عالِم،

نَه جاهِل، نه ظالِم،

 

هووي، دِل صَفا،

 

 

تون هئين، مير مرسل، نبي مصطفيٰ.

 

 

13. رَکـٖـي   آسَ،   آسِي،

ايٖ مَنگِتا، مِراسِي،

ڏي، اولادُ خاصِي،

لَهـٖـي پِياسَ، پِياسِي،

 

تون، صاحب سَخا،

 

 

تون هئين، مير مرسل، نبي مصطفيٰ.

 

 

14. مَينُون،  ڳالِهه  ڪائِي،

هُڻـٖـي دِل تي آئِي،

نظر، جوتِ جائِي،

اَکِين نُون سدائِي،

 

بَه بِينَم، لِقا،

 

 

تون هئين، مير مرسل، نبي مصطفيٰ.

 

 

15. ڀَــلا،   ڄـــامَ،   ڀــٖـــيرا،

سَيّد، ڪَر سَويـٖـرا،

مَداحي، مَين تبرا،

اِهو، سُوالِ ميرا،

 

تون عارف، اَگها،

 

 

تون هئين، مير مرسل، نبي مصطفيٰ.

 

 

16. تُون سَردارُ عالِي،

وِلايَتُ دا، والِي،

سَڀو جَڳُ، سُوالي،

تيڏي در تُون، خانِي،

 

ڪَڏان، ڪونه ٿيا،

 

 

تون هئين، مير مرسل، نبي مصطفيٰ.

 

 

17. تَيــــنُـون    بادشاهــــي،

ڏِتي هـٖـي الاهي،

قُطُب، غوث، گاهي،

نه ڪر دير، ساهي،

 

اِهو ڪم، ڪَجا،

 

 

تون هئين، مير مرسل، نبي مصطفيٰ.

 

 

18. عجب   ڪــار،   آري،

سُبُڪ چَند باري،

سدا، باسُواري،

بَه نامـٖـي، جباري،

 

رَسو، رهنما،

 

 

تون هئين، مير مرسل، نبي مصطفيٰ.

 

 

19. ”حسين“،   جو   بَرُدا،

سيّد، تـٖـيريٖ در دا،

اِهو، سوال ڪَردا،

رکو، پَنّ، پَردا،

 

ڪَرو ڪو بَچا،

 

 

تون هئين، مير مرسل، نبي مصطفيٰ.

 

 

20. شفيع، هردو جڳ دا،

سڻو سوال، سگ دا،

مين، اِيمان منگدا،

تـٖـيريٖ توهه تڳدا،

 

يا سرور، سچا،

 

 

تون هئين، مير مرسل، نبي مصطفيٰ.

 

 

21. پَٿَر،  سَنگ،  پاڻِـــي،

هُمَہ چِيزَ، آڻِي،

دَم و دَم، ڪَهاڻي،

ڪَريٖ ڪِيا، نِماڻِي،

 

سَگهي تان پُڄا،

 

 

تون هئين، مير مرسل، نبي مصطفيٰ.

 

 

 

 

 

 

 

 

22. سَڀو   ڏيههُ،   سائين،

اوڀَر، اولهَه تائين،

جَبَل، روههُ، جائين،

ڪَرِن سَو، ثنائين،

 

دِلَون، دِلرُبا،

 

 

تون هئين، مير مرسل، نبي مصطفيٰ.

 

 

 

 

 

 

 

 

23. تَمَت شُد، تَمامِي،

صفاتِ گِرامِي،

ايٖ، حاصل ڪَلامِي،

هَلَڻ ويـٖـلَ، حامِي،

 

تُون ڪَلمان پڙها،

 

 

تون هئين، مير مرسل، نبي مصطفيٰ.

 

 

لاالہ الاالله محمد رسول الله

 

 

صلي الله عليہ و آلہٖ و صحبہٖ و بارڪ وسلم.

 

 

 

 

 

 

 

 

 

T

 


 


(2) فرنگي= انگريز. ڪايا= شڪل، صورت. مجازاً بدني ٺاڪ ڦوڪ، هلت چلت. سڌايا= سڌايو، موڪلايو. هت شاعر چوي ٿو: ”رنن جي هلت چلت ۾ ڦيرو اچي ويو آهي؛ نوڪرن ۽ ٻانهن مان به ٻانهپ جو انگ نڪري ويو آهي، جنهنڪري جهڙو غلام (گولو) آهي، تهڙوئي خانُ آهي.

(3) ڪل= هوش. ڪافر= بي دين، ملحد. اشارو انگريز ڏانهن. سماڻي= سماڻا، آڏا، وڏا ٿيا. نيري= ڳڀرو، نئون ننڍو، هاڻوڪيءَ يا نئين ٽهيءَ وارو. وجهه= گذرمعاش جو ذريعو. سيري= جاگير، جا ڪنهن کي سندس سر تائين انعام طرح مليل هجي، يعني بنان ڍل ڏنل زمين. اڳي ”سيري“ جو رواج هوندو هو. پيچ پڳان دا= پٽڪن جو وڪڙ يعني وَڙيدار پٽڪا ٻڌيو، گهمندا ٿا وتن. گهلي= لڳي. بادِ خزان= سرءُ جي هوا، موسم موجب بي موافق هوا، مجازاً ڏُڦيڙي هوا. شاعر اڄوڪيءَ ٽهيءَ وارن ٽُوٽن جو ذڪر ٿو ڪري، جن کي گذرمعاش جو ڪو فڪر ڪونهي، يعني پنهنجي عزت جو خيال نه اٿن. شاعر چوي ٿو ته: ”نه اٿن ڪا جاگير مليل، جتان مفت ۾ گذارو ڪن ۽ وري کين ئي گذر جو ڪو خيال آهي.“

(4) ڪامي= ڪم وارا، ڪم تي ڇڏيل ماڻهو. لوري= لورا، گهٽ ذات وارا. لچي، لوري= اوباش ماڻهو. هت شاعر، زميندار جو ذڪر ڪري ٿو. چوي ٿو ته: ”اهي اوباش ماڻهو، پاڻ وٽ حاضريءَ ۾ رکن ٿا، جي ماڻهن کان گِههُ، ڪڪڙيون وغيره ڦريو، کين کارائين ٿا. جيتوڻيڪ اهڙيءَ ناجائز هلت تي رنون ۽ يتيم ٻار رئندا وتن ته به انهن کي شابس پيا چون.

(5) بيگر بٺ= بٺ بيگر، بنان اُجوري ڪمائڻ. ڇوڙن= ڇڏن. باري= ڀاري، ڳري. داڻي تياري= داڻا تيار، انّ تيار. ڏيون... گمسان= گهڻو لُڙُ بکيڙو وجهي ڏين. شاعر چوي ٿو ته: ”جڏهن اَنّ، بٽئيءَ لاءِ تيار ٿئي ٿو، تڏهن زميندار ٽويا ڪڍي ٿو. مثلاً: پيراڻو ٽويو، وڏيري جي پٽ جو ٽويو، گهوڙيءَ جو ٽويو وغيره.“ شاعر اَنّ جي اِنَ اجائي ورهاست کي ”گمسان“ سڏي ٿو.

(6) دز= دزد، چور. دهدار= ديهن جا ماڻڪ. واهڻ وستيءَ وچ. هوشيار= ٻهراڙيءَ ۾ ڏاڍا چالاڪ. چندين= ڪيترائي.

(7) دم مارن= ڊاڙ هڻن. سال سڄي دا پورهيا کارن= ڪڙميءَ جي سڄي سال جي ڪمائيءَ جيترو ته گهوڙيون کائي وڃن ٿيون.

(8) شرط شهاني= شاهاڻو تجمل. رکن... خاني= پيرن جو به شاهي تجمل ته ڏسو، جو نوڪر چاڪر سڀ مَهري اُٺن ۽ گهوڙن تي ۽ ٻيا عام ماڻهو ميڙي، مريدن مٿان وڃي ڪڙڪن ٿا. منگن= گهُرن. راقب= روزينو، روزاني خوراڪ، سامان.

(9) پير... ٺلي= پير سڳورا به ڏاڍا ڀلارا، جن جي ڪاني ڪرامت ڏاڍي پئي هلي چلي. جن جا سلا، سي ته انگوران ئي ڀلا پيا ڏسجن يعني مُنهن جا روشن ته پري کان پڌرا پيا پسجن. سندن حاضريءَ ۾ جي خليفا (وزير) آهن سي ته ڪجهه ئي ڪونه آهن. چائي وتن= کنيو وتن. چندي= ڪيترائي. چلي= چلها، وَڏَ قُوتِيا، گهَڻَ کائِڪ، سُچَرَ. (ڏهوٽ پڙهڻي). چُونڊِي چَليّ، يعني چونڊي چونڊي چوگها چَلها کنيو وتن.

(10) ٻاجهون= کان سواءِ. ڀنن= (مانيءَ مان) ڀڃن. ڀورا=ڀورو، ٽڪر، ڳـــڀو، گــرهه.

ٻاجهون... ڀورا= ٻوڙ کان سواءِ ته مانيءَ جو گرهه به نٿا کائن. قضاني= اتفاق سان. گهورا= گهورو، ڳولائو. عام... گهورا= عام جماعت، جا هنن سان هوندي آهي، سا گهڻو ڪري لنگها لورا. ڪو ڪو اتفاق سان رب جو ڳولائو هوندو آهي.

(11) ڪولون= ڪولهون، ڀرسان. ڌاون= لائن، لڳائن. ڪلونت= ڳائڻا. هت اشارو مولودين ڏانهن. شاعر چوي ٿو ته: ”پير صاحب يا مولوي صاحب مسيتن ۾ اچن ٿا. سرها تيل مکين ٿا، مولود، معجزا ۽ ڪافيون چوائين ٿا، رئيسن سان ماني گڏجي کائن ٿا. شيخ مشائخ= مولوي سڳورا يا بزرگ ماڻهو. شيطان= اشارو بدافعال ماڻهوءَ ڏانهن.

(12) گهه اُتون... هار= گهه کڻي (ٻوڙ ۽ مانين مٿان) پيا هارين، يعني پيرن کي سڻڀو ٽڪر پيا کارائين. بهت= گهڻو.

(13) سُڻاوَئين= ٻڌايان.

(14) برڪت باري= برڪت وارا. چائي وتن نال ڇهاري= پاڻ ساڻ ڇهارا (مريدن کي ڏيڻ لاءِ) کنيو وتندا هئا. لياني= (قرآن ۽ حديث جو) پيغام ٻڌائڻ (؟) چوکي= چوکو، چڱو، وڻندڙ. چاري= چارو، واٽ. شاعر چوي ٿو ته: اڳيان عالم عاليشان هئا، جي هروقت قرآني آيتون ۽ حديثن جون واٽون ٻڌائيندا هئا.

(15) سادي= سادا، يعني بيعلم. راسي= راس، راست، ٺيڪ، پورو پورو. چاسي= رَءِ، ٺيڪ. چست= خوب. شاعر جو خيال آهي ته: اڳيان پير يا عالم اهڙا ته مجاهد مرد هئا، جو سادن انسانن کي سڏي، ٺيڪ ٺيڪ ڪري ڇڏيندا هئا. اهي گـويا پارس

هئا، جي اٻوجهه عوام کي پاسو لڳائي، کين محٻت ڀريو ڪري ڇڏيناد هئا. اهڙا ته ڪاريگر هئا، جو جيئن چانديءَ کي صاف ڪري ڇڏجي، اهڙي نموني انسان جي قلب کي صاف ڪري ڇڏيندا هئا.

(16) ول= وري. ايجهي= اهڙي. ٻيهر... الائي= ٻيهر اهڙي ڳالهه نه ڪج، جو متان ڪو تنگ پئي، توکي اجايو سجايو ڳالهائي. فوج ڪلئي= سڄي فوج، سڀ ماڻهو.

(1) گراني= مهانگائي. ڪافر... گراني= حاڪم ڪافر (فرنگي) آهي، جهالت آهي ۽ گراني آهي. مول= هرگز، اصلي.

(2) سڌايا= سڌايو، موڪلايو. سچ... نقارا= سچ ڀير تي ڏونڪو هنيو، هليو ويو. مطلب ته سچ ملڪ مان بنهه لڏي ويو.چارا= چارو، واٽ. وارا= وارو، نوبت، وقت. چپ= کاٻَڙِ، کٻي يعني اُبتو چپ... سارا= سڄو چرخو اُبتو پيو وهي. معاد= ميعاد، مدو.

(3) لڳا واءُ= هوا لڳي، هوا گهُلي. ساءُ= مزو، محبت. پيودا وياءُ= پيءُ جو اولاد.

(4) اس ٿون= هُن کان. ڏنگي ڏوڙا= پاسيرا، وِٿِيرڪا. سڪي= سڪا، سڳا، ويجها مائٽ. سڪي سوڙهي= تمام سوڙها (ويجها) عزيز. ماد= مات.

(5) ڦيرا= ڦيرو، پَلٽو. مچ ڳيا= مچي ويو، زور وٺي ويو. ”ڦڳون“ ۽ ”ٽيڻون“ ٻه هندڪا نالا آهن، جن مان مراد آهي: ڦڳڻ مل ۽ ٽيئون مل يعني عام ماڻهو. هِت شاعر، انهن غريب هندن جو مثال پيش ڪري ٿو، جي دراصل غريب هئا، پر پوءِ شاهوڪار ٿيا. سهل... ديرا= جيڪي رواجي (هلڪا، غريب) هئا ۽ جن کي زماني وارو ڏنو، سي سڀ پنهنجي اڳوڻي گهر کي ”ديرو“ سڏڻ لڳا.

(6) لائي لبارا= لابارو لائي. هتي شاعر ان غريب جو ذڪر ڪيو آهي، جو پهريائين لاباري تي گذران ڪندو هو ۽ هر وقت اُڌارو وٺي کائيندو هو ۽ پوءِ وري بخت وارو ڏنو اٿس. شاعر چوي ٿو ته ”جنهن سڄي عمر، لابارو لائي ڪيو ۽ اڌارو وٺي کاڌو، تنهن کي بخت وارو ڏنو ۽ اڄ اهو ايڏو ته مغرور ٿي ويو آهي، جو اهو هچارو (ظالم)، خدا جو حمد (ساراهه) نٿو ڳائي ۽ عزيزن سان کونسندو رهي ٿو. کيس گذري حالت هرگز ياد نٿي اچي.

(8) ٽيڙ= لچ، آهَنڊُ. باد= هوا يعني اجائي.

(9) نيڙي= ويجهو، نزديڪ. ڀر ڀر آون= ڀري ڀري اچن. الٽ وڏيري... ٽيڙي= وڏيرا (غريب مائٽن جي دانهن ٻڌڻ وقت، مغروريءَ وچان) ڦيرو کائي وڃن ٿا ۽ رهندو انهن تي اکيون ڦِرڙائين (ڦوٽارين) ٿا. چا مار بکيڙي= کڻي جهيڙي ۾ اٽڪائيندا. ڦوڪ... فساد= ڳالهه کي (وڏيرا) وڌائي، وري فساد مچائيندا يعني سدائين ڇيڻا ڀور ڪندا رهندا.

(10) سيتي= سان.

(11) هنجون هار= ڳوڙها ڳاڙي، لُڙڪ وهائي.

افراد= اجائي، ڦوڪٽ.

(12) ڪلٽر= ڪليڪٽر. ڪولون= ڪولهون، ڀرسان، وٽ.

(13) ڀاڻي= وڻي، آئُڙي. آجو ايوين= اچي جو ائين. صبح صباحين= صبحاڻي صبح يعني قيامت ڏينهن.

(14) واه... موري والا= موريءَ (پُل) وارو واهه (انصاف ۾) کٽيوسين. شاعر جي ”واهه“ مان ٻيا پاڻي پيئندا هئا جنهنڪري سندن زمين غيرآباد رهندي هئي. رئيس فتح محمد خان لاهوريءَ، ٻنهي ڌرين جو فيصلو ڪري، حسين ديدڙ کي واهه وٺائي ڏنو. هت اُن تڪراري واهه ڏانهن اشارو ڪيو اٿس. هرهڪ هٽيا= جو به هٽيو. يعني حق جي شاهدي ڏيڻ کان گُٿو.

پَٽ پٽئي دا= پِٽيل جو پَٽِ (بيخ بنياد).

(16) خس= خسيس، ڪک يعني ٿورڙي ذري. داور= خدا تعاليٰ. موڙ= وراءِ، ڦيراءِ. ٻاجهون= کان سواءِ، بغير. نسي= ڊڄي. موڙ... نسي= تنهنجي مهرباني (ورڻ) کان سواءِ هي موذي نه ڀڄندو.

(17) هيسي= هيسيندو، هيسائيندو، داٻ دڙڪو ڪندو، زبردستي. جاوت= جيستائين.

(18) دل ڪوسي= دل گرم، رنج. اس دا= انهيءَ جو. جوسي=  جوتشي. ڪون= ڪير. اس ڪون= هن کي.

(19) ٻوڙو پٽڻ= چوڙون ڪڍڻ، پاڙ. پٽڻ. وتي... موڙا= سدائين خواريءَ جو موڙو مٿي کنيو گهمندو وتي يعني روهين رولا، مٿي کلا.

(20) فتح محمد لاهوري، موجوده نواب حاجي امير علي خان لاهوريءَ جو ڏاڏو هو، جنهن جي مدد سان حسين فقير ديدڙ کي واهه مليو هو.

(21) ابتر= خراب. چوليا= چوريو، چلايو. نيڪ... ساڌ= نيڪ (ساڌو) ماڻهو، بــڇڙن

ماڻهن کي گهر (درن تي) وڃي، سلامي ٿين ٿا، گويا چورن جي. آڏو فقير ماڻهو پيش ٿين ٿا.

(22) اور الهه ڪون= الله تعاليٰ کي (ذڪر فڪر سان) ياد ڪر. تان وري= تا وري، ته وري. لهه= حاصل ڪر.

(1) پهه= خيال. خيرالبشر= خلق ۾ سڀ کان چڱو، بهترين انسان (پيغمبر ﷺ جو لقب).

... ”لولاڪ اشارو لَولاَڪَ لَمَا خَلقَت اًلاَفلاَڪَ.“= جيڪڏهن تون نه هجين ها اي محمد (صلعم) ته جيڪر آسمان ئي پيدا نه ڪيان ها.

(4) فلڪ= آسمان. شجر= وڻ.

(5) صدائون= سوال، عرض.

خام گفتي کان= ڪَچي گفتي کان، واهيات يا اجائي ڳالهائڻ کان. پن پردو= لڄ، شرم، ڍڪُ.

(7) تاءُ= تابش، تِک. ساءُ. لاءُ ساءَ، مزو، محبت. رياءُ= پاسداري، طرف داري، بي انصافي.

(8) الطاف= لطف، مهرباني، واحدَ لطف.

وهندوئي= جلدي، فوراً.

(10) هوڏ= ضد، ڇڪتاڻ. کينس= کونس، آزار. زود= جود، جلدي. پور در= ٻُنڀو پُور. مر= ڀلي، سدا. وه واه جي= واه واه ٿي وڃي.

(12) وڳي= وڄي، ٽَڏي، ڊاڙون هڻي. اڳرو اڳي= اڳي کان به اڳرو آهي. جيئن ٿڌ تيئن وڌ. دولهه= گهوٽ. وجهه دڳي= دڳي وجهه، ڪُٽي وجهه، ڊُڙي وجهه.

(14) وسو= ڀَو ڀولو، لوڏو لَمو، خوف خطرو. وار جي= وارَ جيترو. ڪاڻ= محتاجي.

(15) سهس= هزارين. ڄاڻ گولو مير= اي مير مرسل، مون کي پنهنجو ٻانهو ڪري ڄاڻ.

(16) پيوند= ڳانڍاپو. پيوند ٿئي= ڳانڍاپو (اولاد جو) ٿئي.

(18) دارين= ٻئي گهر، ٻئي جهان، دنيا ۽ آخرت. ڪونين= ٻيئي جهان. حرمين= ٻيئي حرم: مڪو ۽ مدينو.

عنقريب= تمام جلد.

(21) نادار= محتاج، لاچار. ڪار درسن= درسن ڪراءِ، ديدار پساءِ.

(22) دار= گهر. دار دنيا ۾= هن دنيا جي گهر. استوار= قائم، محڪم.

(23) باب ۾= حق ۾، باري ۾.

(24) تک تار ۾= تکي ۽ تار (پاڻي) ۾. ٻيلي= مددگار. ٻار= پاڻي.

(26) ڪذب= ڪوڙ.

(27) ودي= ورتي. لڙ= لڙهه، قطار، آسرو. لام= ٽاري، دامن، پنارو. تهدل= دل سان، دل جي حضور سان. تانهه جي= تنهنجي.

(28) معلمي= معلوم. سوان= سِڌا، رستي. مار... سنوان. موذي کي ماري، سُتي سنئون يا سڌو ڪر. مطلب ته هن کي سنئين رستي تي آڻ. ڏيل= بدن، جسم. ڪهنا= پراڻا.

(33) عميم= عام. صراط المستقيم= سنئون رستو، سڌي واٽ.

(1) ور= مدد. ورنهه= گهوٽ، بهادر. وير= بهادر. وريام= پهلوان. ماڙ= ٻاجهه، مهرباني.

(2) سُڏڪيو= سڏڪا ڀريو. چوري= ڦٽائي، بي آرام ڪري. چاڪ= چِهڪ، چير، ڦٽ.

(4) ور= موٽ. ڏات= بخشش، انعام.

(5)  ڪر نوازش ساڻ نهال= نوازش سان نهال (خوش) ڪر.

(7)  رڪ= سخت، خبيث.

(10) ننگي= ننگپال، لڄپال، پن پردو رکندڙ. خر= گڏهه اشارو ”نفس“ ڏانهن. شوم= نڀاڳو. شغال= گدڙ، اشارو ”نفس“ ڏانهن. زود= جود، جلدي.

(11) ڏس= ڏَس پتو. ڪس= زنگ، ڪٽ، ڪُدورت.

(12) ارحم= ديالو. عاصبن= گنهگارن.

(14) ڪاهي... چاڙهه= چڪڻ مان چاڙهي، ٻاهر ڪڍ. دز= دزد= چور. ڌاڙ= ڌاڙا. لوڌ= لوڌي. لاڙ= لاڙي ڇڏ، هٽائي ڇڏ. ڪر توائي= توائي ڪر، گمراه ڪر. هتي شاعر چوي ٿو ته، ”اي سيد، جيڪي انهيءَ ڌاڙيل جا سنگتي آهن، تن تي به ڪا آفت الاهي آڻ، جنهن مکه (شيطان)، اها حرڪت جام ڪئي آهي، تنهن کي به تڙي ڪڍ.

(16) حباب= پاڻيءَ جو ڦوٽو، بوڙيو. شاعر چوي ٿو، ”هن صديءَ (موجوده وقت) ۾ الٽوئي گرم هوا لڳي آهي، جنهن ۾ انيڪ گردشون ۽ انيڪ نمونا ٿا ڏسجن. اي جناب اعليٰ، انهن گردشن کي ڏسي، ساهه ئي ڏڪيو وڃي ٿو، جنهن جي پوئواري جلد فرمايو.

(1) منيجي= مڃجي. بهرا= بخرو، فائدو، نفعو. تڳا= آسرو.

(2) سنهارا= سنهارو، ڀلارو. وکا= ڏيکار.

(3) چاري= چارئي. پناري= پناه، پَلي، اَجهي. پاڄي= نوڪر.

(4) ٻلهايا= ويهاريو. الايا= ڳالهايو، گفتگو ڪئي.

(5)  هر اُن ڪس تمامي= هر اهو جيڪو ماڻهو آهي، اهي سڀ. مني= مڃي، قبول ڪئي.

(6)  تسي= توهان. ور= مهرباني. ڪرور= مهرباني ڪر. تسان هون= توهان کان.

(7)  انگل دي اشاري= آڱر جي اشاري. ”شق القمر“ جي معجزه ڏانهن اشارو.

(8)  سندايا= ستايو، عرض ڪيو. تيڏا ڪهن پايا= تنهنجو پايو ڪُهنو آهي، تون سڀني کان اول آهين.

(11) همہ حال داني= تون سڀ حال ڄاڻين ٿو. چه گويم زباني= زبان سان ڇا چوان. رحمت رساني= رحمت رسائيندڙ.

(12) معلم= معلوم. سالم= پورو.

(13) آسي= آس رکندڙ، اميدوار.

(14) ڪائي= ڪا. هُڻي= هاڻي. هُڻي دل تي آئي= هاڻ دل تي (ياد) آئي آهي. جائي= سچ پچ. بينم لقا= مان ديدار ڪريان.

(15) ڀيرا= گهمرا، ڦيرا. سويرا= سويلو، جلدي. اگها= اگهاءِ، قبول ڪر.

(17) گاهي= گاهه ڪرڻ وارا. نوڪر. نه ڪر دير ساهي= ساهي پٽڻ جيتري به دير نه ڪر يعني جلد مهرباني ڪر. ڪَجا= ڪجانءِ.

(18) شاعر چوي ٿو ته ”اي آري ڄام، تنهنجو ڪم نهايت عجب آهي. اسان غريبن تي ٿورو گهڻو ڀيرو ڪندا رهجو، ڇاڪاڻ ته هروقت. تيار (مدد ڏيڻ لاءِ تيار) آهيو.“

(19) بردا= غلام. رکو پن پردا= لڄ شرم ڍَڪيو.

(20) سگ= ڪتو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org