سيڪشن:شخصيات

ڪتاب: حضرت پير محمد راشد (روضي ڌڻي)

باب:

صفحو:9

ڢإڎښۑ إڈب

حضرت روضي ڌڻي ديني عالم هئڻ جي ناتي سان مطالعي ۾ وڏو ملڪو رکندو هو. اهوئي سبب آهي جو سندس ”ملفوظات“ ۾ ڪيترن ئي ڪتابن جا نالا ۽ حوالا ملن ٿا. (154) انهي دور جي بزرگ عالم ۽ شاعر شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ لاءِ چيو ويندو آهي ته پاڻ هميشھ ٻه ڪتاب ساڻ کڻندا هئا. هڪ مثنوي شريف ۽ ٻيو پنهنجي جدا مجد جي ملفوظات ”بيان العارفين“. انهيءَ روايت جي به خوشبوء اسان کي پير روضي ڌڻيءَ جي شخصيت ۾ نظر اچي ٿي ڇو ته مثنويءَ سان سندس اهڙي ته محبت هوندي هئي جو اها اڪثر ڪري سفر ۾ پاڻ سان کڻندا هئا. (155)

انهيءَ مثنويءَ کان سواءِ فارسي ادب سان سندس دلچسپي ۽ محبت هئي، اهوئي سبب آهي جو پنهنجي ”ملفوظات“ ۾ پاڻ فارسي شاعريءَ جا واهڙ وهايا آهن. شايد ئي ڪو فارسي شاعريءَ جو ناميارو شاعر هجي، جنهن جي ڪلام جي جهلڪ اسان جي روضي ڌڻيءَ جي ملفوظات ۾ نظر نه اچي. مولانا رومي، شيخ سعدي، جامي وغيره جي شاعريءَ مان جيئن استفادو ڪيو ويو آهي ۽ جيئن ته انهن کي ”ملفوظات شريف“ جي رونق بڻايو ويو آهي، ان جي جهلڪ پيش ڪرڻ لاءِ ڪي مثال هيٺ ڏجن ٿا:

ڢإڎښۑ

هر ڪسي از ظن خود شد يارمن، 

از درون من نحست اسرار من (156)

يعني: سڀڪو رڳو ظاهري اٽڪل ۽ پنهنجي گمان سان ساٿي ٿيو. منهنجي اسرارن جي ڪنهن به ڳولا نه ڪئي.

يک زمانه صحبت باوليا،

بهتر است از صد سال طاعت بي ريا. (157)

يعني: اوليائن سان صحبت جي هڪ گهڙي سؤ سالن جي عبادت کان وڌيڪ آهي.

هر بيشه گمان مبرکه خالي است،     

شايد که پلنگ خفته باشد. (158)

يعني:  سڀڪنهن جهنگ ۾ اهو گمان نه ڪر ته خالي هوندو، متان ڪو شينهن سمهيو پيو هجي.

از خدا خوائيم توفيق ادب،

بي ادب محروم مانند از فضل رب. (159)

يعني: الله تعاليٰ کان ادب جي توفيق گهرون ٿا، ڇو ته بي ادب خدا تعاليٰ جي لطف کان محروم ٿي وڃي ٿو.

بمي سجاده رنگين کن، گرت پير مغان گويد، 

که سالڪ بي خبر نبود، زراه و رسم منزلها (160)

يعني: جيڪڏهن مرشد جو امر شراب جي جواز ۾ صادر ٿي پوي ته پوءِ مصلو شراب سان ڳاڙهو ڪري ڇڏ، ڇو ته سالڪ منزلن جي رستن ۽ رسمن کان واقف هوندا آهن.

چه خضر در بحر کشتي را شکست، 

صد درستي در شکستن خضر هست. (161)

يعني: جيڪڏهن درياءُ ۾ حضرت خضر ٻيڙي ڀڳي ته سندس انهيءَ ڀڃڻ ۾ سؤ درستيون هونديون.

گناه اگرچه نبود اختيار ما حافظ،

تو در طريق ادب باشد گو گناه منست. (162)

يعني: گناهه توڙي کڻي اسان جي اختيار ۾ نه آهي، ته به تون ادب جو رستو هٿان نه ڇڏ، ۽ چئو ته مون گناهه ڪيو.

حضوري گرهمن خواهي ازو غايب مشو حافظ،         

متي ما تلق من تهدي دع الدنيا وامهلها. (163)

يعني: حافظ جيڪڏهن محبوب جو حضور گهرجئي ته ان کان غافل نه ٿي ۽ جيڪڏهن محبوب کي ملين ته دنيا ۽ دنيا وارن کان پري ٿي ساڻس مشغول ٿي وڃ.

ميان عاشق معشوق هيچ حائل نيست،

تو خود حجاب خودي، حافظ، از ميان برخيز. (164)

يعني: اي حافظ عاشق ۽ معشوق جي وچ ۾ ته ٻيو ڪوبه پردو نه آهي. تون پاڻ پنهنجي لاءِ حجاب بڻيو بيٺو آهين، سو وچان اٿي وڃ ته وصال ٿي پوي.

گر تو انبان زنان  خالي کني،

پرز گوهر حالي اجلالي کني. (165)

يعني: جيڪڏهن اها پيٽ واري کلي مانيءَ کان خالي ڪندين ته بي بها خدائي موتين سان ڀري وجهندين.

سگ اصحاب کهف روزي چند،

پئي    نيکان   گرفت   مردم   شد. (166)

يعني: اصحاب ڪهف جي ڪتي ڪجهه ڏينهن چڱن جي ڀر ورتي، جنهن ڪري ماڻهو ٿي پيو.

آسمان بار امانت نتو انست کشيد،

قرعه کار بنام من ديوانه زد ند. (167)

يعني: آسمان امانت جو بار کڻي نه سگهيو، اهو ڪڻو مون چرئي جي نالي ڪڍيائين.

هزار نکته باريک تر از موئي اينجاست،

نه هرکه سر بترا شد قلندري داند. (168)

يعني: هتي وار کان سنهڙا هزار نُڪتا آهن، جن کي هر مٿي ڪوڙائيندڙ قلندر نٿو ڄاڻي سگهي.

دريا فراوان نشود تيره بسنگ،

عارف که برنجد تنگ آ بست هنوز. (169)

يعني: ڀرپور درياءَ جو پاڻي ڀتر اڇلائڻ سان ميرو نه ٿيندو، جيڪو عارف ڪاوڙجي اهو اڃان به ننڍي پاڻي وانگر آهي.

اين خورد زايد همه بخل و حسد،

وان خورد زايد همه نور احد. (170)

يعني: هي کائي ته بخل ۽ حسد پيدا ٿئي، هو کائي ته خدا جو نور پيدا ٿئي.

مامر يدان روي سوئي کعبه آريم چون،

روي سوئي خانه خمار دارد پير ما. (171)

يعني: اسان مريد ڪعبي ڏانهن مُنهن ڪيئن ڪيون، اسان جو پير ميخاني ڏانهن مُنهن ڪيو بيٺو آهي.

ښڷډۑ إڈب

حضرت پير محمد راشد روضي ڌڻي پنهنجي دور جو ڄاڻو ۽ ادبي تحريڪن کان باخبر ڏات ڌڻي هو. هن دور ۾ جن مکيه شاعرن پنهنجي ڏات ذريعي دور ۽ ڌرتيءَ جي خدمت ڪئي ۽ پنهنجو پيغام ڏنو، حضرت روضي ڌڻيءَ ان پيغام کي پڻ پنهنجي پيغام جي تائيد، تصديق ۽ مشاهدي طور ڪم آندو ۽ اهو ثابت ڪري ڏيکاريو ته رشد و هدايت، انسان ذات جي خير خواهي ۽ محبت جا مبلغ هڪ ئي گهر جا ڀاتي هوندا آهن ۽ هڪ جهڙا هوندا آهن، ۽ هو ساڳئي قسم جي روشني ڏيندا آهن ۽ هو هڪ ٻئي جا شاهد هوندا آهن، ڇو ته سندن پيغام هڪ جهڙو ٿئي ٿو.

حضرت پير محمد راشد روضي ڌڻي جنهن شاعر جو ڪلام وڏي تعداد ۾ مثال طور ڪم آندو آهي اهو آهي شاهه عبداللطيف ڀٽائي. انهيءَ چوڻ ۾ ڪوبه وڌاءُ ڪونه ٿيندو ته: جن عالمن فاضلن رسالي جي ڏکين لفظن اصطلاحن يا فقرن جي ”معنيٰ“ کان اڳتي وک وڌائي بيتن جي ثابت سٽن، سڄن بيتن، واين جي مصرعن يا سڄين واين جي مفهوم ۽ معنيٰ کي سمجهڻ جي ڪوشش ڪئي، تن مان سڀ کان پهريون غالباََ جناب پير محمد راشد رح هو جن جي ملفوظات ۾ مختلف معنوي نڪات تي شاهه جا بيت شاهديءَ طور ڪم آندل آهن. حضرت پير صاحب جن ڀٽائي صاحب جي وفات (1165هه) کان پنج سال پوءِ سن 1170 هجري ۾ ڄاوا ۽ سن 1233هه ۾ وفات ڪيائون ۽ انهيءَ لحاظ سان هو ڀٽائي صاحب کي ويجهي ۾ ويجها عالم ۽ ولي هئا، جن ڀٽائي صاحب جي بيتن ۾ سمايل معنيٰ کي مثال طور ڪم آندو. (172)

”ملفوظات شريف“ ۾ شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي ڪلام جو جيئن استفادو ڪيو ويو آهي، ان جا ڪي مثال هيٺ ڏجن ٿا.

نهائين کان نينهن، سک منهنجا سپرين،

سڙي سارو ڏينهن، ٻاهر ٻاڦ نه نڪري.

 

آگم ڪيو اچن، سڄڻ سانوڻ مينهن جان،

پاسي تن وسن، جي سڀ ڄمارندر سڪيون.

 

مرڻا اڳي جي مئا، سي مري ٿين نه مات،

هوندا سي حيات، جيئڻا اڳي جي جيا.

 

جان جان جوءِ نه پسن، جنهن لاءِ جوڳي ٿيا،

تان تان ڪاپڙين، وره وهامي راتڙي.

 

لائي ترار ”لا“ جي کڻي خچر کي هڻ،

سڌن جون سيد چوي وٿون سي وڪڻ،

پير تهان پوءِ کڻ، ته هلڻ ۾ هورو ٿئين.

 

راڻي وٽان رات، نئون نياپو آيو،

ڪانه پڇي ٿو ذات، جي آيا سي اگهيا.

 

ٻڌندي هٿ ۾ لاه، پريان سنڌي ترهي،

متان چون صباح، اسان تو اڪاريو.

جان جان ناه ضرور، تان تان ناه طبيب ڪو،

هي سرتو سور، ڪر ويڄ ٻيو.

 

پڇن سي پسن، جڏه تڏه پرين کي،

ڏورينديون ڏسن، اڱڻ عجيبن جا.

 

اندر ۾ آهن، ڳڙهڻ جهڙيون ڳالهيون،

پرين ٿا پڇن، اڻ پڇيو آئون نه چوان.

 

مري جيءَ ته ماڻين، جانب جو جمال،

ٿئين هوند حال، جي پند اهائي پاڙين.

 

ڪڏهن تاڪي ڏين، ڪڏهن کُلن در دوست جا،

ڪڏهن اچان اچڻ نه ڏين، ڪڏهن ڪوٺيو وٺين،

ڪڏهن سڪان سڏ کي، ڪڏهن ڳجهه اندر ڳڙهين،

اهڙائي آهين، صاحب منهنجا سپرين.

 

ڀلي ڪئي ڀئونرن، جي واس وٺڻ آيا،

تنهين کي ڪئونرن، ڏنا هنڌ هنيانءِ ۾.

 

صحبت سپرين جي، هي پڻ وڏي هاج،

قضا ٿئي نماز، وقت ورائڻ سٿرا.

هن عظيم شاعر کان سواءِ پاڻ ٻين ڪيترن ئي شاعرن جو ڪلام پڻ ڪم آندو اٿن؛ جهڙوڪ: شاهه عبدالڪريم (173)، مخدوم گرهوڙي (174)، حضرت پير محمد راشد روضي ڌڻيءَ انهيءَ کان سواءِ ٻين به شاعرن کان پنهنجي مريدن ۽ معتقدن کي سندن شاعري سان محظوظ ڪندا هئا. جهڙوڪ: اسحاق آهنگر (175)، سامي (176)، ماموئي (177) وغيره وغيره.

اهي آهن مکيه سرچشما جن مان استفادو وٺي حضرت پير محمد راشد روضي ڌڻيءَ رشد و هدايت جو هڪ موج ڀريو مهراڻ ”ملفوظات“ جي صورت ۾ ماروئڙن ۽ جهانگيئڙن کي ڏنو آهي ۽ جنهن جو مطالعو هن دور جي انسانن جون ضرورتون پوري ڪرڻ لاءِ ڪافي آهي.

تۆڵۑ

حضرت محمد راشد روضي ڌڻيءَ جي ”ملفوظات“ جي ابتدائي بنيادي ٻولي سنڌي هئي. ڇو ته سندن اڳيان پنهنجي مريدن، طالبن ۽ فقيرن جي وڏي جماعت هئي، جن کي وقت بوقت درگاهه تي يا سفر ۾ سندن ئي مادري زبان ۾ آسان ۽ عام فهم ٻوليءَ ۾ روحاني راز ٻُڌائيندا هئا. پوءِ اها ڳالهه آهي ته پنهنجي رشد و هدايت جي انهيءَ فيض جي درياه ۾ قرآن شريف ۽ حديث شريف جا موتي ۽ فارسي ادب جون سپون پڻ پوئيندا رهندا هئا.

سندن ” ملفوظات“ کي پهريون سندن خليفي محمد حسين مهيسر ناڙيءَ واري ”صحبت نامه“ جي نالي سان قلمبند ڪيو، جيڪو ڪتاب فارسي زبان ۾ هو. پر جيئن ته اهو خليفو سندن ئي حياتيءَ ۾ هيءُ جهان ڇڏي ويو، ان ڪري ” ملفوظات“ جي جمع ڪرڻ جو اعزاز خليفي محمود نظاماڻي ڪڙئي واري کي نصيب ٿيو جنهن بزرگ ”صحبت نامه“ مان پڻ استفادو حاصل ڪيو. انهن ٻنهي خليفن تنهن دور جي علمي ۽ ادبي روايتن کي ڌيان ۾ رکندي فارسي زبان جو سهارو ورتو. پر موجوده دور ۾ علامه محمد قاسم مشوري ۽ مولانا در محمد سڪندريءَ ان جو سنڌي ۾ ترجمو ڪيو.

فارسي زبان ۾ ” ملفوظات“ جمع ڪرڻ وقت خليفي محمود نظاماڻيءَ پنهنجي قلم جي اهڙي ته مهارت ڏيکاري آهي جو حضرت پير محمد راشد روضي ڌڻيءَ جي ڪم آندل ٻولي، بيتن، اصطلاحن ۽ پهاڪن سميت محفوظ ٿي سگهي آهي. ان ڪري اسان جڏهن هاڻي سنڌي ترجمن جو مطالعو ڪريون ٿا ته ان مان آسانيءَ سان اهو زبان جو رنگ ۽ خوشبوء ڏسي ۽ محسوس ڪري سگهون ٿا.

حضرت پير محمد راشد روضي ڌڻيءَ پنهنجي ”ملفوظات“ ۾ سنڌي بيتن کان سواءِ ڪيترائي اصطلاح، پهاڪا ۽ چوڻيون ڪم آنديون آهن. ان سلسلي جا ڪي مثال هيٺ ڏجن ٿا.

1-   ڄنگهان يارن جي هٿ ۾ گمبٽ ڪيئن ويندي (178)

2- هڙ ۾ هيس تماڪ ته جهنگ مڙئي دائڙو. (179)

3- هاٿي کي هندستان ڏيکارڻ. (180)

4- رن ته ويئي پر رلهي به ويئي. (181)

5- پئي روئي سڀڪا تون مٿي روئين ڇو. (182)

6- لڳندي لاڙان سونچو ٿيو سري ۾. (183)

مختصر طور ائين چئي سگهجي ٿو ته روضي ڌڻي تمام وڻندڙ، عام فهم ۽ آسان ٻولي ڪم آندي آهي. جنهن مان پڙهيل انسان ته مستفيض ٿي سگهي ٿو، پر جيڪڏهن اها ”ملفوظات“ اڻ پڙهيل اڳيان پڙهي وڃي ته هو پڻ ان جي فيض ۽ تعليم کان محروم نه رهندو.

ڶۆإڈ

حضرت پير محمد راشد روضي ڌڻيءَ جي ”ملفوظات“ ڄاڻ جي کاڻ آهي. هن ڪتاب ۾ تصوف جي جيڪا تند تنواري وئي آهي ۽ روحانيت جا جيڪي راز کوليا ويا آهن، تن جي هڪ جهلڪ ” حضرت روضي ڌڻيءَ جون روحاني خدمتون“ جي عنوان سان هن مقالي جي ٻئي هنڌ تي ڏني وئي آهي. ازان سواءِ هنن ئي ورقن ۾ اڳ ۾ اسان اها گذارش ڪري آيا آهيون ته هن ”ملفوظات“ جا سرچشما پڻ مذهبي نوعيت جا آهن. سنڌيءَ جي صوفياڻي شاعري ۽ فارسي جي شاعريءَ کان سواءِ ”ملفوظات“ ۾ قرآن ۽ حديث مان استفادو حاصل ڪيو ويو آهي. ان ڪري هتي اسان انهيءَ ڏسڻ جي ڪوشش ڪنداسين ته مذهبي ۽ روحاني مواد کان سواءِ هن ڪتاب ۾ ٻيو ڪهڙي قسم جو مواد موجود آهي.

غور سان مطالعو ڪيو ويندو ته: ملت جي مجدد، وقت جي قطب، ولايت جي سج حضرت پير محمد راشد ”روضي ڌڻي“ جن جي ملفوظات شريف مان جهڙي طرح شريعت ۽ طريقت جا اڪيچار موتي ميڙي سگهجن ٿا، تيئن تيرهين صدي هجري ۾ ديس جي معاشري ۽ تاريخ بابت به ڪافي ڪجهه معلومات حاصل ڪري سگهجي ٿي. مدرسا ۽ تعليم جو  طريقه ڪار، ماڻهن ۽ ماڳن جا نالا، ديهن، پرڳڻن ۽ شهرن جو تفصيل، سياسي ۽ سماجي احوال، حڪيمن ۽ حاڪمن جون ڳالهيون، ديس پرديس جي ڪاملن جو ذڪر، نيڪ ٻانهن جا سبق آموز قصا، نصيحت ڀريا گفتا ۽ نڪتا، مطلب ته هي ڪتاب هڪ قيمتي ۽ اڻ کٽ خزانو آهي. جنهن مان هر طالب پنهنجي تڙپ مطابق حصو حاصل ڪري سگهي ٿو. (184) انهيءَ حساب سان اسان جيڪڏهن ملفوظات جي باقي مواد جي تقسيم ڪنداسين ته هيئن چوڻو پوندو ته ان ۾ اسلامي، ادبي، تاريخي ۽ ثقافتي مواد پڻ موجود آهي، اچو ته انهن مان هرهڪ جو مختصر تعارف پيش ڪندا هلون.

إښڵإڶۑ جإڎۑك

حضرت پير محمد راشد روضي ڌڻيءَ انسان کي مذهبي ۽ روحاني تعليم ڏني آهي، ان ڪري اسلام، اسلامي تعليم ۽ اسلامي تاريخ ئي سندن تبليغ جا سرچشما آهن. اهوئي سبب آهي جو اسان جي هن ملفوظات ۾ اسلامي تاريخ جي جهلڪ نظر اچي ٿي اسان انهيءَ اسلامي تاريخ کي پنجن قسمن ۾ ورهائي سگهون ٿا. پهرين قسم موجب انبياءِ ڪرام جا قصا بيان ڪيا اٿس؛ ٻئي قسم موجب نبي ڪريم ' جي پاڪ حياتيءَ جا واقعا بيان ڪيا اٿس. ٽئين قسم موجب اصحابن سڳورن جي زندگيءَ جي جهلڪ ڏني اٿس. چوٿين قسم مطابق صوفي بزرگن، فقيرن ۽ اوليائن جي شخصيت خواه ڪردار کي آئينو بڻائي اسان اڳيان پيش ڪيو اٿس. پنجين قسم موجب عام اسلامي معلومات پيش ڪئي اٿس.

جن انبياءِ ڪرام جو ذڪر سندن ملفوظات شريف ۾ نظر اچي ٿو، انهن مان حضرت نوح عليھ السلام، حضرت دائود عليھ السلام، حضرت يوسف عليھ السلام، حضرت عيسيٰ عليھ السلام، حضرت موسيٰ عليھ السلام، جا نالا ذڪر لائق آهن. انهن الله جي نيڪ چونڊيل ۽ موڪليل مثالي ٻانهن جو ذڪر اهڙي انداز سان ڪيو ويو آهي، جنهن مان پڙهندڙن ۽ ٻُڌندڙن جي روحاني، مذهبي علمي، ذهني ۽ فطري تربيت ٿئي ٿي. مثال ڏسو ته حضرت يوسف عليھ السلام جو ذڪر ڪيئن ۽ ڪهڙي حوالي سان ڪيو اٿن:

”هڪ ڏينهن حضرت يوسف عليھ السلام پنهنجو مُنهن مبارڪ آئيني ۾ ڏٺو ته پاڻ کي سڄي جهان کان وڌيڪ سهڻو سمجهائين. دل ۾ خيال آيس ته جيڪڏهن مون کي وڪڻن ته قيمت بي انتها هٿ ايندي ان ڪري الله تعاليٰ کيس ٿوري قيمت ۾ ئي وڪڻايو.“ (185)

حضرت پير محمد راشد روضي ڌڻيءَ جي رشد و هدايت جو مرڪزي نُڪتو ۽ محور اهو هو ته پنهنجي طالبن، مريدن ۽ معتقدن کي پاڻ جهڙو عاشق رسول بڻائين. ڇو ته اڙين جي آڌار، نبين جي سردار حضرت محمد مصطفيٰ ' جي محبت، عقيدت ۽ تابعداري الله جي خوشنودي حاصل ڪرڻ جو مستند طريقو آهي. ان ڪري ”ملفوظات“ اسوه حسنھ جي ڪيترن واقعن سان ڀريل آهي. حضرت روضي ڌڻيءَ ان سلسلي ۾ ڪيترائي حوالا ۽ مثال پيش ڪيا آهن. انهن مان هڪ مثال هيٺ پيش ڪجي ٿو:

”جڏهن سورة ”اذا جاء نصرالله“ نازل ٿي، حضرت سرور ڪائنات اها سورة تلاوت ڪئي ته حضرت عباس رضي الله عنھ ٻُڌي روئڻ لڳو، پاڻ سونهارن روئڻ جو سبب پڇيو ته حضرت عباس رضي الله عنھ  عرض ڪيو ته: ”قبلا! اوهان جي لاڏاڻي جو اشارو سمجهه م آيو، تنهن ڪري روئڻ لڳس.“ پاڻ فرمايائون: برابر اهائي ڳالهه آهي، پاڻ سونهارن ٻن سالن بعد هن جهان مان برقعو مٽايو. صحابي سڳورا هن سورة کي ”موڪلاڻيءَ جي سورة“ جي نالي سان به سڏيندا آهن. (186)

حضرت روضي ڌڻيءَ اڙين جي آڌار، نبين جي سردار حضرت محمد مصطفيٰ ' جي اصحاب سڳورن جو ذڪر پڻ وڏي عقيدت ۽ احترام سان ڪيو آهي؛ ۽ ڪن ڳالهين ۾ پاڻ انهيءَ ڏس ۾ مجتهد جو ڪردار ادا ڪندي اصحاب سڳورن جي شان وٽان نهايت منطقي ۽ مدلل خيالن جو اظهار ڪيو اٿن. مثال طور سڀني صحابين نبي ڪريم ' جون حديثون روايت ڪيون آهن، پر حضرت ابوبڪر صديق رضه ڪابه حديث روايت نه ڪئي آهي. ان لاءِ حضرت روضي ڌڻيءَ عام فهم مگر منطقي جواب ڏيندي چون ٿا ته: ”حضرت ابوبڪر رضه حضور جي عشق ۽ محبت ۾ مستغرق ۽ مست هو ان ڪري پاڻ ڪابه روايت نه ڪري سگهيو. (187)

اسلامي تاريخ جي حوالي سان جن خاص صوفي شخصيتن جو ذڪر ”ملفوظات“ ۾ ملي ٿو اهي آهن، حضرت بايزيد بسطامي، خواجه حسن بصري، حضرت خواجه عبيدالله احرار، خواجه يعقوب چرخي، علاؤالدين عطار، بي بي رابعه بصري، خواجه بهاءُ الدين زڪريا ملتاني، مولانا رومي، شيخ سعدي، مخدوم نوح، شاهه عبدالڪريم بلڙي وارو، مخدوم محمد زمان لنواري وارو، شاهه عبداللطيف ڀٽائي، مخدوم عبدالرحيم گرهوڙي وغيره جا نالا ذڪر لائق آهن. انهن صوفي بزرگن ۽ شخصيتن جو ذڪر خير ڪيئن ڪيو ويو آهي، ان کي سمجهڻ لاءِ هڪ مثال هيٺ ڏجي ٿو:

”حضرت خواجه حسن بصريءَ کي ماڻهن عرض ڪيو ته حضرت رسول الله ' جا اصحابي ڪيئن هئا، ۽ انهن جو ڪهڙو طريقو هو. حضرت خواجه صاحب فرمايو ته، جيڪڏهن توهان کي اصحابي سڳورا ڏسن ها ته چون ها ته هي ڪافر آهن، جيڪڏهن توهان انهن اصحابن سڳورن کي ڏسو ها ته چئو ها ته چريا آهن. حضرت جن فرمايو ته ان وقت تابعين جي زماني ۾ هڪ طبقو گذريو هو جو ايترو فرق اچي ويو. هاڻي ڏهاڪو طبقا گذرڻ بعد خدا ڄاڻي ڪهڙو حال ٿيندو. (188)

مطلب ته ملفوظات ۾ اسلام ۽ اسلامي تاريخ جي ڀرپور جهلڪ ملي ٿي، جنهن جا ڪي مثال مٿي پيش ڪيا ويا آهن.

إڈبۑ ڶۆإڈ

هن کان اڳ عرض ڪيو ويو آهي ته سنڌي ادب کي روضي ڌڻيءَ جي ”ملفوظات“ ۾ هڪ سرچشمي جي حيثيت حاصل آهي ان ڪري انهيءَ سرچشمي جي حوالي سان اسان سنڌ جي مکيه شاعرن جي ڪلام کان علاوه ڪيترن ”پهاڪن“، ”چوڻين“ ۽ ”اصطلاح“ جو وچور پڻ پيش ڪري چڪا آهيون، جو ان ڳالهه جي تصديق ڪري ٿي ته ”ملفوظات“، ”ادبي مواد“ جو ڀنڊار آهي. انهيءَ مٿئين ڄاڻايل ادبي مواد کان سواءِ ”ملفوظات“ ۾ ڪيترن ئي بادشاهن جون ڳالهيون، نقل، لطيفا ۽ روزمره ڪم ايندڙ زبان زد عوامي واقعا ۽ قصا هن ملفوظات ۾ اهم جاءِ والارين ٿا.

حضرت پير محمد راشد روضي ڌڻي پنهنجي دور جي ڏاهن، نفسيات جي ماهرن ۽ روحاني تعليم دانن مان هڪ هو. ان ڪري هن بزرگ پنهنجي پيغام کي عام ڪرڻ لاءِ اهوئي مناسب طريقو استعمال ڪيو ۽ عوام کي آکاڻين، قصن ۽ لطيفن، ڪهاڻين جي حوالي سان روحانيت جا اهي راز ٻُڌايا آهن، جيڪي ٻئي طريقي سان نه ته ٻُڌائي سگهجن پيا ۽ نه وري سمجهائي سگهجن پيا.

انهن قصن ڪهاڻين، لطيفن ۽ نقلن جو جيڪڏهن وچور ٺاهبو ته ان لاءِ اسان کي مقالي جا ڪيترا صفحا وقف ڪرڻا پوندا. ان جو اندازو هن ڳالهه مان لڳائي سگهجي ٿو ته هن ”ملفوظات“ جي فقط هڪ جلد نمبر پنجين جي فقط پندرهن صفحن ۾ تيرهن قصا ڪهاڻيون ۽ لطيفا ڏنا ويا آهن، جن جو وچور هن ريت ٿئي ٿو:

·          ”عورت جو عشق ۾ اچڻ ۽ مارجي وڃڻ.“ (189)

·          ”هڪ پينو فقير جو پردي واري عورت وٽان خالي موٽڻ ۽ عشق جي غلبي ۾ بيهوش ٿيڻ.“ (190)

·          ”بهاءُ الدين جي نماز ادا ڪرڻ دوران هير جو سندس اڳيان گذرڻ.“ (191)

·          ”هڪ اُٺ سوار جو مصر ڏانهن وڃڻ ۽ ليليٰ کي مجنونءَ جا سلام ڏيڻ.“ (192)

·          ”مرد جو عشق ۾ عورت تي عاشق ٿيڻ ۽ موٽ ۾ ٿڦڙ کائڻ.“ (193)

·          ”هير ۽ رانجهي جو ڇوڪر کي ڪٽي کارائڻ.“ (194)

·          ”سيد محمد گيسو دراز جي ڏهٽي جو عاشق ٿيڻ ۽ ڪنوار سميت اُتي جو اتي وفات ڪرڻ.“ (195)

·          ”بادشاهه جي ڌيءَ تي هڪ شخص جو عاشق ٿيڻ.“ (196)

·          ”بي بي زليخا ۽ حضرت يوسف جو قصو.“ (197)

·          ”سيدل شاهه ۽ سوناريءَ جو قصو.“ (198)

پير محمد راشد روضي ڌڻيءَ اهي قصا ۽ ڪهاڻيون نقل ۽ لطيفا بيان ڪيا آهن، انهن کي اسان ٻن قسمن ۾ ورهائي به سگهون ٿا. هڪڙن جو بنياد سندن مطالعو آهي ۽ ٻيو وري سندن مشاهدي ۾ آيا آهن. مثال طور؛ پنهنجي ئي هڪ عزيز سيد سيدل شاهه ۽ سوناريءَ جو قصو محسوس ٿئي ٿو ته سندن مشاهدي ۾ آيو هوندو، ان ڪري بيان ڪيو اٿائون. اهو قصو هن ريت آهي ته:

”حضرت فرمايو ته، اسان جو عزيز سيد سيدل شاهه نالي هڪ سوناريءَ تي عاشق ٿي پيو. اها زال اسان جي شهر سائيندي جي رهندڙ هئي. هڪ ڏينهن اهو سيد صاحب روهڙي شهر لڳ هڪ جهنگ ۾ درياه جي ڪپ تي چانهڪ استعمال ڪيو ٿي. ان وقت سندس معشوقه ياد آيس ۽ دل ۾ خيال ڪيائين ته هي چانهڪ منهنجي محبوبه کي نصيب ٿئي ته ڪهڙو نه چڱو. پوءِ چانهڪ جا ڪجهه ٻوٽا پٽي پنهنجي لنگيءَ جي ٽڪريءَ سان ٻڌي امانت طور درياه ۾ وڌائين ۽ چيائين ته هيءُ منهنجي محبوبه کي رسائي، الله تعاليٰ جي رحم سان اُها گاهه جي موڙي درياه جي ڪناري سلامت شهر سائيندي جي ڀرسان اچي پهتي، ان وقت شهر جون زالون ۽ اها سوناري زال پڻ پاڻ ۾ گڏجي درياه تي پاڻيءَ جا دلا ڀرڻ آيون. جڏهن ان موڙيءَ تي نظر پين ته هرهڪ زال چيو ته اها منهنجي آهي. پوءِ ان سوناري زال فيصلو ڪيو ته هرهڪ زال پنهنجي دلي جو مُنهن ان ڏانهن ڪري جهلي جنهن جي دلي ۾ خود بخود اچي پوي پوءِ اها ان جي ٿي. ان کان بعد هرهڪ زال پنهنجي دلي کي ان موڙيءَ جي ڀرسان آندو، پر موڙي ڦري وڃي. آخر سوناريءَ دلو ويجهو ڪيو. دلي ويجهو ڪرڻ شرط گاه جي موڙي خود بخود دلي جي اندر اچي ويئي. دلو ٻاهر ڪڍي ڏسي ته، ٻڌل سيد سيدل شاهه جي لنگيءَ جو ٽڪرو آهي، پوءِ سمجهيائين ته هي مون ڏانهن تحفو موڪليو اٿس.“ (199)

حضرت روضي ڌڻيءَ پنهنجي مطالعي جي آڌار تي چونڊ ڪيل قصا ۽ ڪهاڻيون اهڙي انداز، رواني ۽ ٻوليءَ ۾ پنهنجي مريدن طالبن ۽ معتقدن اڳيان بيان ڪيا آهن، جيڪي هنن لاءِ رشد و هدايت جو سرچشمو بڻجي پون ٿا. مثال طور هي قصو ملاحظه فرمايو:

”سيد محمد گيسو دراز جي ڏهٽي سيد يَدِ الله جي محبت هڪ عورت سان ٿي پيئي. ڪجهه وقت ته لڪيل هئي پر آخر ان عورت کي عقد نڪاح ۾ آندائين. صبح جي وقت اتان جي دستور موافق ڪنوار کي سينگاريو ويو ٿي. جڏهن سيد يَدِالله جي ان جي رنگ تي نظر پيئي تڏهن حال پئجي ويس ۽ بي اختيار هڪ آه ڀري ساهه الله تعاليٰ جي حوالي ڪيائين ۽ سندس ڪنوار کيس ڀاڪر ۾ وٺي گهر ڏانهن کڻي هلي. اڃان جاءِ تائين پهتي ڪانه ته ان به ساهه جي قرباني ڏني، پوءِ ٻنهي کي گڏجي قبر ۾ ئي رکيائون.“ (200)

شڤإڢج ڊۑڷڈڏ ڶۆإڈ

روضي ڌڻيءَ جي هيءَ ”ملفوظات“ پڙهندڙن کي تنهن دور جي ثقافتي معلومات ڏيڻ جو هڪ مؤثر ۽ مستند ذريعو ثابت ٿئي ٿي. هن ”ملفوظات“ ۾ اسان جي ثقافت جي ڀرپور جهلڪ نظر اچي ٿي. ثقافت جي ڄاڻن ثقافت کي ٻن پهلوئن ۾ ورهايو آهي: هڪ آهي مادي پهلو جنهن ۾ کاڌا پيتا، جايون، هٿيار پنهوار، لٽا ۽ لباس، وڻ ٽڻ، جهنگ جبل، پکي ۽ جانور مطلب ته هر اها شيءِ اچي وڃي ٿي، جيڪا اسان پنهنجي اکين سان ڏسي سگهندا آهيون. ثقافت جو ٻيو پهلو غير مادي ٿئي ٿو جنهن کي محسوس ڪري سگهبو آهي، هن ۾ فنون لطيفه، دوستيون، دشمنيون، ريتون رسمون ۽ رواج، وهم ۽ وسوسا، عقيدا، اصول اچي وڃن ٿا. (201)

هاڻي انهيءَ حساب سان جيڪڏهن اسان ”ملفوظات شريف“ جو مطالعو ڪنداسين ته اها پاڻ کي تنهن دور جي سنڌ جي ثقافتي تاريخ معلوم ٿيندي ڇو ته هن ۾ هر انهيءَ ڳالهه جو تفصيل ملي ٿو، جنهن جو اشارو ثقافت جي ٻنهي پهلوئن سان لاڳاپيل شين ڏانهن ڪيو ويو آهي. ”ملفوظات“ پڙهڻ کان پوءِ اسان کي ڪيترن ئي ديهن، ڳوٺن، پرڳڻن، شهرن ۽ واهڻن جي نالن ۽ محل و قوع جي خبر پوي ٿي. جيئن اڳ ۾ ذڪر ڪيو ويو آهي ته: ”ملفوظات“ 198 راوين جي بيان ڪيل نقلن تي مشتمل آهي، انهن ماڻهن جي نالن ۽ ذاتين جو وچور پڻ اسان جي ثقافت جو اهم باب بڻجي وڃن ٿا. هي ”ملفوظات“ اسان کي اها معلومات ڏئي ٿي ته تنهن دور ۾ ريتون ۽ رسمون ڪيتريون ۽ ڪهڙي قسم جون هيون، ماڻهن جا عقيدا ۽ اصول ڪيئن هئا، مثال طور اسان کي ”ملفوظات“ پڙهڻ مان معلوم ٿئي ٿو ته:

”تنهن زماني ۾ هندو مسلم لاڳاپا رواداريءَ تي ٻڌل هئا، ان ڪري غير مسلم سنڌي پڻ اسان جي مسلمان روحاني رهبر جا معتقد هوندا هئا.“ (202)

”مهيني جي پڇاڙيءَ واري تاريخن ۾ شادي ۽ سفر نه ڪرڻ کي سٺو ڄاتو ويندو هو.“ (203)

”چلهه ۾ هٿ ڌوئڻ پنهنجي رزق کي تنگ ڪرڻ برابر ڄاتو ويندو هو.“ (204)

جيئن ته انهيءَ زماني ۾ آبپاشي نظام ڪونه هو ۽ هي ڪيتريون ئي زميون باراني ٿينديون هيون، ان ڪري جيڪڏهن ڪنهن مند يا موسم ۾ بارش نه پوندي هئي ته ماڻهو پنهنجي مرشدن ڏي وڃي دعائون گهرائيندا هئا. (205) ساڳئي نموني سان هڪ طرف غربت هئي ته ٻئي طرف طب ۽ حڪمت جي ڪمي هئي، ميڊيڪل سائنس ان وقت اڃان سنڌ ۾ مانوس ئي نه ٿي هئي، پر جيڪڏهن اسان هن ”ملفوظات“ جو مطالعو ڪيون ٿا ته ٻين ڌنڌن ڌاڙن، روزگارن، آمدنيءَ جي ذريعن کان سواءِ طب ۽ حڪمت جي پڻ مڪمل ڪهاڻي اسان جي اڳيان اُڀري اچي ٿي. حضرت محمد راشد روضي ڌڻي پاڻ پنهنجي دور جو ناميارو طبيب ۽ حڪيم نظر اچي ٿو. قدرت ڄڻ ته کيس روح سان گڏ جسم جي دوا جو ذريعو بڻايو هو. اهوئي سبب آهي جو ”ملفوظات“ ۾ پاڻ پنهنجي مريدن جي دوا درمل ڪندي ڏسون ٿا ۽ ان سلسلي ۾ اسان کي ڪيترائي مثال ملن ٿا، ان سلسلي جو هڪ نقل ملاحظه فرمايو:

”ناقل صالح ابڙو نقل ڪري ٿو ته هڪ دفعي درگاهه مبارڪ تي مون کي بخار ۽ کنگهه ٿي پيئي. مون حضور جن جي حضور ۾ تڪليف جو عرض ڪيو. پاڻ فرمايائون ته جلاب پي. مون عرض ڪيو ته، سائين جلاب ڏکيو ٿو لڳي. توهان مونکي دعا ڪريو. پوءِ پاڻ ڪجهه وقت ماٺ ڪري هڪ نقل فرمايائون ته، ”هڪ مريد پنهنجي مرشد کي عرض ڪيو حضرتا! منهنجو گهر مينهن جي ڪري پاڻي ٿي ويندو آهي. ڪوشش به ڏاڍي ڪئي اٿم پر پاڻي بند نه ٿو ٿئي. پوءِ پير صاحب فرمايو ته تون گهر مٿان اسپنگر وڃي وجهه ته پاڻي نه ايندو. مريد مرشد جو حڪم مڃي ٻه ٽي داڻا گهر جي ڇت تي رکي ڇڏيا. ان کان پوءِ مينهن جو پاڻي گهر ۾ نه ايندو هو. ان کان پوءِ جيڪو به ماڻهو علاج پڇندو هو ته هي اسپنگر جو ڏس ڏيندو هو. جيڪو ان جي ڏس سان اسپنگر پيئندو هو، اهو بيماريءَ کان ڇٽي پوندو هو. پوءِ حضور جن فرمايو ته تون هريڙ جي کل ۽ مصري گڏ ڪٽي کاءُ ته تپ ۽ کنگهه توکي ڇڏي ويندي. مون هريڙ جي کل ڏاڍي ڳولي پر هٿ نه آئي. هڪ پئسي جي مصري وٺي حضور جن جي خدمت ۾ عرض ڪيو ته حضرتا! هريڙ نٿي ملي، پوءِ پاڻ فرمايائون مان توکي ڏيندس. ٻئي ڏهاڙي هڪ هريڙ مونکي ڏنائون. مون ان جي کل مصريءَ سان گڏ ڪٽي کاڌي مونکي تپ کنگهه بلڪل ڇڏي ويئي، باقي بچيل مصريءَ ۽ هريڙ جي کل هڪ ٻئي فقير کي ڏيئي ڇڏيم.“ (206)

”ملفوظات شريف“ تنهن دور جي ثقافتي معلومات ڏيڻ کان سواءِ سماجي حالتن تي پڻ روشني وجهي ٿي. اهوئي سبب آهي جو راڄوڻا جهيڙا، دوستيون، دشمنيون، غربت ۽ افلاس، چوريون ۽ ڌاڙا ڪنهن نه ڪنهن صورت ۽ حوالي سان ”ملفوظات“ ۾ ذڪر هيٺ آيا آهن. چوريءَ جي هڪ واقعي جو هڪ مثال ملاحظه فرمايو:

”صاحبزادو ميان محمد شاهه حضرت جن کان نقل فرمايو ته، مخدوم لعل شهباز جو فقير لنگهو هو. هو هڪ جاءِ تان چوري ڪري کهڙن جي شهر ۾ اچي رهيو ۽ اتي بزرگاڻا ڪپڙا پائي سيد سڏائڻ لڳو ۽ تلقين ۽ هدايت شروع ڪيائين. ان جا گهڻا ماڻهو مريد ٿي پيا. پوءِ اسان جي مريديءَ ۾ اچڻ جو خيال ٿيس ۽ پنهنجن سڀني تابعدارن ۽ مريدن کي چيائين ته: ”جيڪڏهن توهان منهنجا مريد ۽ معتقد آهيو ته منهنجي مرشد جا مريد ٿيو.“ پوءِ حضرت جن کي دعوت ڪري کهڙن ۾ وٺي ويو ۽ پاڻ پنهنجي مريدن سميت دست بيعت ٿيو. پر هڪڙي عورت جنهن جو رابطو ساڻس هو، انهيءَ انڪار ڪيو، بزرگ گهڻو ئي عورت کي سمجهايو پر عورت جواب ڏنو ته آءٌ تنهنجي مريدياڻي آهيان. ٻئي سان منهنجو ڪم نه آهي. اتفاق سان چوري ڪيل مال جا مالڪ اچي ويا ۽ بزرگ کي ڏاڍو تنگ ڪيائون ۽ چيائون ته هن ڪميڻي بدمعاش، نااهل ۽ ٺڳ پاڻ کي سيد سڏائي ۽ بزرگيءَ جو لباس پائي ماڻهن کي ڌوڪو ڏنو آهي. اسان کيس سخت تعزير ڏينداسين، شهر جا ماڻهو عجب ۾ پئجي ويا ۽ سندس متعقد اهو واقعو ڏسي بي دل ۽ بي اعتقاد ٿي ويا، مگر اها عورت پنهنجي سچي عقيدي ۾ ساڳي طرح قائم رهي. پوءِ حضرت جن اهو چورايل مال جيترو مال هنن کي ڏيئي بزرگ کي آزاد ڪرايو ۽ فرمايو ته تعزير سيد سڏائڻ ڪري لازم ٿئي ٿي سو اسان جو حق آهي ۽ اوهان جو ان ۾ ڪجهه به نه وڃي. ان بعد حضرت جن جڏهن درگاهه مبارڪ تي موٽي آيا، تڏهن فرمايائون ته اڄ اسان هڪ سچو مريد ڏٺو آهي ۽ عورت وارو واقعو سڄو بيان ڪري ٻڌايائون. (207)

ڈۆڎ ضۑ ضێڵڥ

”ملفوظات شريف“ ۾ ڪيترو ئي اهڙو مواد موجود آهي جيڪو پنهنجي دور جي علمي، ادبي، سياسي، سماجي ۽ تاريخي حالتن تي روشني وجهي ٿو ۽ ان قسم جي مواد کي تنهن دور جو تاريخي مآخذ چئجي ته ڪو به وڌاءُ نه ٿيندو. مثال طور تي سنڌ جي عظيم شاعر شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي شخصيت ۽ سوانح بابت ڪيترو ئي لکيو ويو آهي، پر هن نقل کي ملاحظه فرمايو، ان ۾ هڪ عظيم شاعر جي شخصيت ۽ حيثيت جي ڪهڙي نه جهلڪ نظر اچي ٿي:

”بزرگ محمد عارف چوي ٿو ته منهنجي ٻارائپ جي زماني ۾ منهنجا عزيز قريب سڀ شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جا مريد هئا ۽ ان جي بزرگي ۽ ڪرامتن جي ڏاڍي تعريف ڪندا هئا. مون شاهه لاءِ سوچيو ته شاهه صاحب ڪا وڏي شيءِ آهي. پوءِ هڪ ڏينهن شاهه صاحب اسان جي ديهه ۾ لٿل هو. ماڻهو پري پري کان شاهه صاحب جي ديدار لاءِ ڊڪندا خوش ٿيندا آيا ٿي. مان به پنهنجي پيءُ سان گڏ خدمت ۾ حاضر ٿيس. پاڻ ۾ گهٽ حوصلي ۽ ٻارائپ جي ڪري پيءُ کي عرض ڪيم ته ”بابا هنن هيتري تعريف ٿي ڪئي. شاهه صاحب ته ماڻهو آهي ٻي شيءِ ته نه آهي.“ شاهه صاحب منهنجي ٻاراڻي ڳالهه کان مُرڪي فرمايو ته اي ڇوڪرا! مان ماڻهو آهيان. مون چيو ته هائو، توهان ماڻهو آهيو. پوءِ شاهه صاحب مون کي فرمايو ته مونکي چڱي طرح ڏسي ڇڏيو ۽ جتي به مون کي ڏسين ته سڃاڻجان. مون عرض ڪيو ته سائين مون توهان کي چڱيءَ طرح سڃاڻي ڇڏيو آهي. گهڻن ڏينهن کان پوءِ شاهه صاحب وفات ڪري ويو ۽ مخدوم عبدالرحيم گرهوڙيءَ منهنجي مامي جي ڌيءَ سان عقد ڪرڻ کان پوءِ اسان جي مائٽن ۾ لٿو. گهڻا ماڻهو مٿي پيرين اُگهاڙا جوش ۽ خروش سان مخدوم صاحب جي خدمت ۾ روئي رهيا هئا ۽ آئون ان مجلس ۾ اچي حاضر ٿيس، ۽ مخدوم صاحب مونکي ڏاڍي محبت ۽ پيار ڏنو ايتري قدر جو مونکي ٻه ٽي مهينا پاڻ سان گڏ وٺيو هليو. تڏهن به منهنجي دل تي ان جي رابطي جو اثر نه ٿيو بلڪ هر حال شاه صاحب جي صورت غالب رهي.“ (208)

حضرت روضي ڌڻيءَ سنڌ کان سواءِ بلوچستان ۽ جيسلمير جي حدن تائين پنهنجا قدم گهمايا. ان ڪري پنهنجي دور کي تمام ويجهي کان ڏٺو. هن عظيم انسان افعاني يلغارن، ڪلهوڙن ۽ ٽالپرن جي اختلاف ۽ خود ٽالپرن جي باهمي رنجشن کي محسوس ڪيو. هن افغانستان، بلوچستان ۽ سنڌ ۽ جيسلمير جا حڪمران ۽ اڳواڻ بدلبا ڏٺا. اهي سموريون ڳالهيون پاڻ نه رڳو ڏٺائون ۽ محسوس ڪيائون پر ڪيترن موقعن تي پاڻ ان ۾ مرڪزي ڪردار به ادا ڪيائون. وقت جي سياسي حالتن بابت هن ”ملفوظات“ ۾ جيڪو مواد ملي ٿو انهيءَ جا تفصيل اسان هن ئي مقالي جي ٻئي هنڌ ”پير روضي ڌڻيءَ جون سياسي خدمتون“ جي حوالي سان ڪري چڪا آهيون، جن کي هتي ورجائڻ مناسب نه ٿو لڳي، پر ان هوندي به هڪ واقعو ۽ هڪ مثال هيٺ پيش ڪجي ٿو:

”حضرت جن مير فتح علي جي فاتحه خوانيءَ لاءِ حيدرآباد قلعي ۾ مير غلام علي ٽالپر وٽ تشريف فرما ٿيا. ملاقات وقت مير غلام علي عرض ڪيو ته حضرتا اڳي ديني معاملا گهڻا فرمائيندا هئا هاڻي هڪ ڪافر کي مسلمان ڪرڻ جو معاملو به نه آيو اهو ڇاجي ڪري؟ حضرت جن فرمايو ته مسلمان هندن جي پاسداري ڪن ٿا، تنهنڪري هٿ روڪيو اٿئون. بعد ۾ مير غلام علي عرض ڪيو ته حضرتا! جيڪا سرحد اسان جي حڪم هيٺ آهي ان جو پروانو لکي ڏيون ته ڪوبه سرڪاري ماڻهون جيڪو ماڻهون مسلمان آهي، ان کي روڪ نه ڪري. حضرت جن جواب ۾ ڪجهه به نه فرمايو. جڏهن مجلس مان ٻاهر اٿي آيا ان وقت فقير عرض ڪيو ته حضرت، مير غلام علي خود پروانو لکي ڏنو ٿي پوءِ حضرت جن ڇا لاءِ قبول نه فرمايو؟ جواب عنايت فرمايائون ته اڳ ۾ اهو ڪم ان ڪري ڪندا هئاسون جو الله تعاليٰ دل ۾ الهام فرمائيندو هو ته فلاڻو ڪافر مسلمان يقيني آهي ۽ هاڻي مسلمان انهن جي پاسداري ڪن ٿا، تنهنڪري سڀئي ڪافر ٿين ٿا ۽ مسلمانن کي ڪافر ڪرڻ ديني ڪم نه آهي، ان کان پوءِ بلڪل انهن مخالفن کان هٿ ڪوتاه ڪيوسون.“ (209)

(مختصر طور ائين چئي سگهجي ٿو ته حضرت محمد راشد روضي ڌڻيءَ جي هي ”ملفوظات“ روحاني رازن، مذهبي معلومات ۽ ادبي ڄاڻ کان سواءِ اسان کي ان دور جي سماجي، ثقافتي، سياسي ۽ اقتصادي آگهي پڻ ڏئي ٿي. ان ڪري هي ڪتاب مذهبي ۽ روحاني تعليم کان سواءِ اسان کي ان دور جي حالتن جي تصوير کان پڻ آگاهه ڪري ٿي. هيءُ ڪتاب مڪمل طور تي روحاني دفتر ۽ نيم تاريخي دستاويز آهي.)

 

حوالا ۽ سمجهاڻيون

 

(1)         مولوي محمد قاسم (مترجم)، ”نفحات الڪرامات“ (سنڌي)، حصو پهريون، ڇاپو 2، لاهور موليٰ واليٰ پرنٽرس، سال 1981ع، ص. 50

(2)        ايضاََ، ص. 87

(3)        نظاماڻي محمود ڪڙيو وارو ”مجمع الفيوضات“ قلمي، فارسي، جلد 1، سال 1248ع، ص. 166

(4)        مشوري محمد قاسم (مترجم)، ”نفحات الڪرامات“ (سنڌي)، حصو پهريون، ڇاپو ٻيو، لاهور، موليٰ واليٰ پرنٽرس، سال 1981ع، ص. 72

(5)                    شهاب الدين ابو حفص عمر ابن عبدالله 539هه/ 1145ع ايران جي صوبي جبال بمقام سهرورد ۾ پيدا ٿيو، تصوف جي ابتدائي تعليم پنهنجي چاچي ابوالخيب، جن جو پنهنجي ڪتاب ”عوارف المعارف“ ۾ اڪثر ذڪر ڪيو آهي، مشهور صوفي بزرگ شيخ عبدالقادر جيلانيءَ کان حاصل ڪئي. (دائره معارف اسلاميه، جلد 2، ص. 469)

(6)        مخدوم شيخ نوح بکري هڪ وڏو شيخ ٿي گذريو آهي، جو شيخ شهاب الدين سهروردي جو مريد هو. فرسته يا بکر ۾ رهندو هو. جڏهن شيخ بهاءُ الدين زڪريا ملتاني شيخ شهاب الدين جو مريد ٿي سندس حڪم سان سنڌ ۾ آيو ۽ حڪم موجب شيخ مخدوم نوح کي ڏسڻ آيو، تڏهن اتفاق سان مخدوم نوح بکري وفات ڪري چڪو هو. (قديم سنڌ ان جا مشهور شهر ۽ ماڻهو، ص. 11-12)

(7)        ڏسو حوالو نمبر 6.

(8)        هن سلسلي جو باني خواجه معين الدين چشتي رح هو، جو 537هه ۾ سجستان ۾ ڄائو. سندس تربيت خراسان ۾ ٿي. سندن والد جو نالو خواجه غياث الدين هو. خواجه عثمان هاروني فرمائين ٿا ته معين الدين پنهنجي وقت جو قطب ۽ صاحب تصوف ۽ سردار اولياء هو. شيخ عثمان وٽ ساندهه ويهه سال رهي خلافت جو خرقو حاصل ڪيائين، آخر ۾ اجمير ۾ اچي سڪونت اختيار ڪيائون. سندن وفات 633 هجري ۾ ٿي. (مڪمل اسلامي انسائيڪلوپيڊيا، ص. 7).

(9)        ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ، روزنامه مهراڻ، ”شاهه صدر نمبر“، ڇاپو 2، ڄامشورو، نفيس پرنٽنگ پريس، سال 1988ع، ص. 10

(10)    رڪارڊ نمبر 80، انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي ۾ جناب ڪريم بخش خالد جو ”ڏات ڌڻي“ جي رٿا هيٺ گڏ ڪيل مواد، ص. 50

(11)     وفائي دين محمد ”تذڪره مشاهير سنڌ“، ڀاڱو 3، حيدرآباد، سنڌي ادبي بورڊ، سال 1986ع، ص. 2-3.

(12)    اهي سلسلا مختلف ڪتابن ۾ مختلف ڦيرگهير سان ڏنا ويا آهن، جيڪي سمورا ضميمي ٽئين ۾ ڏنا ويا آهن.

(13)    ”ملفوظات شريف“ (سنڌي)، جلد 2، ص. 19

(14)    انهيءَ سلسلي ۾ جامع ملفوظات لکي ٿو: هڪڙي ڏينهن خدمت ۾ عرض گذاريم، ”حضرتا! ٻيا مشائخ سڳورا پنهنجي مريدن کي لطيفن جون جدا جدا جايون تلقين فرمائين ٿا ۽ سندن رنگ اڇو، ڳاڙهو، سائو ڪارو بيان ڪن ٿا ۽ سائين جن به مريدن کي تلقين فرمائين ته بهتر، پاڻ جواب ۾ ڪجهه نه فرمايائون جنهن ڪري دل تي بار ٿي پيو. ٻن ڏينهن کان پوءِ هن عاجز کي ڀاڪر پائي خوش ٿي فرمايائون ته: ”ادا! اسان وٽ الله سبحانه وتعاليٰ جي واٽ رڳي هڪڙي وک آهي، پر اسان جي مرضي آهي ته انهيءَ هڪ وک واري واٽ سان ماڻهو حقيقي مقصود کي پهچي.“ (ملفوظات (سنڌي) حصو 1، ص. 77).

(15)     انهن ۾ حضرت مخدوم محمد اسماعيل پريالوئي، سيد عبدالقادر جيلاني (آخرين) شاهه عبداللطيف ڀٽائي قابلِ ذڪر آهن، سندن پيشنگوين جو ذڪر اڳ ۾ ئي اچي چڪو آهي.

(16)    مشوري محمد قاسم (مترجم)، ”ملفوظات“ (سنڌي)، حصو پهريون، لاهور، موليٰ واليٰ پرنٽرس، ڇاپو 2، سال 1981ع، ص. 1

(17)    ايضاََ، ص. 14

(18)    امير احمد مخدوم ”بذل القوة في حوادث سني النبوه“ (حاشيي) حيدرآباد، سنڌي ادبي بورڊ، ڄامشورو، سال 1966ع، ص. 74

(19)    سندن نقشبندي طريقي اختيار ڪرڻ جي تصديق مخدوم امير احمد ڪتاب ”بذل القوة في حوادث سني النبوه“ جي حاشيي ۾ هن حوالي سان ڪيو آهي.

”زود شده راشد خليفھ از فيوضش بهر مند،

در طريقه   عاليه  حضرت  جناب  نقشبند“

(بذل القوه في حوادث سني النبوه، ص. 74)

(20)   اهو سمورو تفصيل حضرت پير سائين روضي ڌڻيءَ پاڻ بيان فرمايو آهي. سندن بيان آهي: ”هڪ ڀيري والد سائين اسان ٻنهي ڀائرن (علي مرتضيٰ) وٽ ڪوٽڙي ڪبير ۾ آيا. پهريائين اسان ٻنهي کي نقشبندي طريقي ۾ داخل ڪيو، اهڙي طرح اسان تعليم سان گڏ فڪر ذڪر ۾ به مشغول رهياسين. برادرم ميان علي مرتضيٰ جي برخلاف مون کي ڪابه ڪيفيت محسوس نه ٿي. ٻي ڀيري حضرت والد سائين اسان وٽ آيا. شغل ۽ ڪيفيت بابت پڇيائون. مون عرض ڪيو ته: ”قبلا“ مون کي ڪابه ڪيفيت معلوم نه ٿي آهي.“ انهيءَ تي پاڻ مون کي قادري طريقي ۾ داخل ڪيائون ۽ ذڪر جهري سان مشغول فرمايائون. پوءِ وڏي آواز سان ذڪر سڄي وجود کي وٺي ويو جو مٿي کان پيرن تائين وار وار مان ذڪر جاري ٿي ويو. (”ملفوظات“ (سنڌي)، حصو پهريون، ص. 12 ۽ حصو ٽيون، ص. 22)

(21)    ”ملفوظات“، قلمي، فارسي، ص. 319

(22)   انهيءَ سلسلي ۾ حضرت پير سائين روضي ڌڻيءَ پنهنجي والد ۽ مرشد جا الفاظ ۽ سندس منشا کي هن طرح بيان ڪيو آهي: ”بابا! سڀني پٽن کان وڌيڪ منهنجي دل جو لاڙو توسان آهي. مان پنهنجي مرشد سڳوري جي پيروي ۽ متابعت موجب پنهنجو قدم تنهنجي گردن مٿان رکان ٿو، پوءِ قدم مبارڪ رکي اها سنت ادا ڪيائون. (”ملفوظات“، سنڌي، ص. 13-14)

(23)   ”ملفوظات“، قلمي، فارسي، ص. 320

(24)   مشوري محمد قاسم (مترجم)، ”ملفوظات“، لاهور، موليٰ واليٰ پرنٽرس، ڇاپو 2، جلد 2، سال 1981ع، ص. 58

(25)    ٽالپر محمد جمن ڊاڪٽر، ”سنڌ جا اسلامي درسگاهه“، حيدرآباد سردار پريس، سال 1982ع، ص. 336

(26)   اهو بيت مختلف هنڌن تي وڏي ڄمار جي مريدن سان ڪچهريون ڪندي ٻُڌڻ ۾ آيو.

(27)   ”ملفوظات“، قلمي، فارسي، ص. 300

(28)   ايضاََ، ص. 441

(29)         H.A.R. Gibb and J.H. Kramer “Shorter Encyclopedia of Islam” Karachi, South Asian Publisher, 1981, P. 335

(30)   پيرزاده محمد غوث سجاده نشين ڪوٽڙي ڪبير جي ذاتي ڪتب خاني مان هيءَ معلومات تاريخ 5 اپريل 1985ع تي حاصل ٿي.

(31)    بدر الدين حافظ ”آئينه سڪندري“، شڪارپور، سال 1974ع، جلد 2، ص. 22-23

(32)   خليفي صاحب جو پڙڏاڏو ميان يار محمد ڪلهوڙي وٽ وزير خزانه هو. اهڙي ريت هن جا وڏا پشت بپشت عهديدار ٿيندا آيا. تان جو سندس والد مير فتح علي ٽالپر جي دور حڪومت ۾ انهيءَ علائقي جو عهديدار هو.

(33)   محترم انجم شاهين ”سراج العاشقين“ (مقالو) ايم. فل لاءِ لکيل، ڄامشورو، سنڌ يونيورسٽي، سال 1985ع، ص. 13

(34)   ميان غلام جي دعوت ۾ لڪڙيءَ منجهه جڏهن پير سائين روضي ڌڻي تشريف فرما ٿيا ته خليفو صاحب، سندس ڀاءُ محمد عمر ۽ سندن ڀاڻيجو ميان محمدعلي اچي خدمت ۾ حاضر ٿيا ۽ دست بيعت ڪيائون.

(35)    نقشبندي طريقي ۾ سندن پهريون مرشد ميان احمد کٿائي هو، جيڪو مخدوم محمد ابراهيم ٺٽوي جو مريد ۽ خليفو هو.

(36)   اها معلومات هن بزرگ جي پونير مير محمد نظاماڻي، سيڪريٽري سنڌ ٽيڪسٽ بوڪ بورڊ کان 15 جون 1985ع، تي حاصل ٿي.

(37)   تفصيل لاءِ ڏسو ”ملفوظات شريف“ جا مختلف صفحا.

(38)   تفصيل لاءِ ڏسو ”الرحيم“، ماه جنوري، سال 1972ع

(39)   ميمڻ عبدالمجيد سنڌي ڊاڪٽر، ”سندهي ادب کي مختصر تاريخ“، ڄامشورو، انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي، سال 1983ع، ص. 209

(40)   بلوچ نبي بخش خان ڊاڪٽر، ”خليفي صاحب جو رسالو“، حيدرآباد، سنڌي ادبي بورڊ، ڄامشورو، سال 1966ع، ص. 12

(41)    بدوي لطف الله ”تذڪره لطيفي“، جلد 2، حيدرآباد، آر. ايڇ احمد اينڊ برادرس، سال 1954ع، ص. 420

(42)         Qaleech Beg Mirza, “History of Sindh”, 2nd Edition, Karachi, Ishtiaque Printing Press, 1982, P.195

(43)   بلوچ نبي بخش خان ڊاڪٽر، ”خليفي صاحب جو رسالو“، حيدرآباد، سنڌي ادبي بورڊ، ڄامشورو، سال 1966ع، ص. 14

(44)   ايضاََ، ص. 14

(45)    سڪندري در محمد مفتي (مترجم)، ”ملفوظات شريف“، جلد 6، خيرپور، علماءِ سڪندري، سال 1987ع، ص. 93

(46)   پاڳارا خاندان سيد احمد شهيد جي جيڪا مدد ڪئي ان جو تفصيلي ذڪر هن ئي مقالي ۾ ٻئي هنڌ ڪيو ويو آهي.

(47)   بلوچ نبي بخش خان ڊاڪٽر ”اصغر سائينءَ جو ڪلام“ (مقدمو)، خيرپور، علماء سڪندري، سال 1400 هجري، ص. 11

(48)   خليفي صاحب سنڌي، سرائڪي ۽ فارسيءَ ۾ ڪلام چيو، جنهن کي ڊاڪٽر بلوچ صاحب مرتب ڪري 1966ع ۾ سنڌي ادبي بورڊ طرفان شايع ڪرايو.

(49)   مولائي شيدائي رحيمداد، ”ٽالپرن جي مختصر تاريخ“، ڄامشورو، انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي، سال 1983ع، ص. 71

(50)    سندس انهيءَ شاعريءَ جو مثال هيٺ ڏجي ٿو:

”کرڙي کائي رت، ڀت نه وجهي وات،

پڙ ۾ پهلوانن جي، ويٺي پرکي پت،

جنين نيڻ نست، نينهن نه لائي تن سين.

(خليفي صاحب جو رسالو، سر ڪيڏارو، ص. 40)

(51)     بلوچ نبي بخش خان ٽالپر، ”خليفي صاحب جو رسالو“، حيدرآباد، سنڌي ادبي بورڊ، سال 1966ع، ص. 22

(52)    هيءَ معلومات 3 آگسٽ 1988ع تي اعجاز حسين ڀٽو گادي نشين سوئي شريف کان حاصل ٿي.

(53)    هيءَ معلومات محترم صالح محمد ڀٽو ساڪن ڪچا ڀٽا لڳ احمد پور لمه تحصيل صادق آباد (پنجاب) گادي نشين جي وڏي سؤٽ کان 5 آگسٽ 1988ع تي معلوم ٿي.

(54)           حامي عبيدي ”يد بيضا“، لاهور، ڪمبائينڊ پرنٽرس، سال 1976ع، ص. 45

(55)    هن باري ۾ ٻه روايتون ملن ٿيون، جيڪي هن ريت آهن:

(i)    ”سوئي“ جي نالي سان هڪ ڍورو پنجند رياست بهاول پور کان ٿيندو صادق آباد، احمد پور لمه، ماڇي ڳوٺ، ڪمو شهيد، اوٻاوڙو کي سيراب ڪندو موجوده ”سوئي شريف“ کي سيراب ڪندو سنڌو نديءَ ۾ ڪري ٿو. انهيءَ ڍوري جا آثار اڄ به موجود آهن. (هيءَ معلومات احمد بخش لاڙڪ، رٽائرڊ سپروائيزنگ تپيدار، ساڪن احمد پور لمه کان حاصل ٿي.)

(ii)   ٻي روايت موجب هن بزرگ جي قميص ڦاٽي پئي، اتي هڪ عورت نالي ”سوائي“ ذات جي راڄڙ، کيس سئي ڏني. بزرگ ڦاٽل قميص سبي ڇڏي، تنهن ڪري انهيءَ نسبت سان ان جاءِ جو نالو سوئي پئجي ويو. (زباني روايت صالح محمد ڀٽو)

(56)    قادري محمد فاروق سيد، ”جام عرفان،“، لاهور، گنج شڪر پرنٽرس، سال نامعلوم، ص. 64

(57)           حامي عبيدي ”يدبيضا“، لاهور، ڪمبائينڊ پرنٽرس، سال 1976ع، ص. 76

(58)    شاهه خادم حسين سيد ”سوانح اصغر“ لاڙڪاڻو، سنڌي ادبي اڪيڊمي، سال 1967ع، ص. 52

(59)    ظهير الحق ”راسته“ پندره روزه، خليفو نمبر، ماه اپريل، سال 1960ع، ص. 5

(60)   قادري محمد فاروق، ”جام عرفان“، لاهور، گنج شڪر پرنٽرس، سال نامعلوم، ص. 23

(61)    حامي عبيدي ”يدبيضا“، ڪمبائينڊ پرنٽرس، سال 1976ع، ص. 56

(62)   ايضاََ، ص. 52

(63)   ظهير الحق ”راسته“ پندره روزه، خليفو نمبر، ماه اپريل، سال 1960ع، ص. 5

(64)   چوڌري تبسم ”تذڪره پيران پاڳارو“، حيدرآباد ڪنگري پرنٽرس، سال 1975، ص. 99

(65)    مفتي درمحمد سڪندري (مترجم) ”ملفوظات“ سنڌي، حصه 5، افريشا پرنٽنگ پريس، ڪراچي، سال 1976ع، ص. 74

(66)   تفصيل لاءِ ڏسو ”مفلوظات شريف“ باب 9، فعل 4

(67)   پاره 3، سورې آل عمران، رڪوع 4.

(68)   مفتي درمحمد سڪندري (مترجم) ”ملفوظات“ سنڌي حصو 6، همدرد پريس، سکر، سال 1978، ص. 30

(69)   ”ملفوظات“، جلد 2، ص. 38.

(70)   محمد قاسم مشوري (مترجم)، ”ملفوظات“ (سنڌي)، حصو 1، ڇاپو 2، لاهور، موليٰ واليٰ پرنٽرس، سال 1981ع، ص. 258

(71)    مشوري محمد قاسم مولانا (مترجم)، ”ملفوظات شريف“ سنڌي، ڇاپو 2، جلد 1، لاهور موليٰ واليٰ پرنٽرس، سال 1981، ص. 31، 32.

(72)   مشوري محمد قاسم مولانا (مترجم)، ”ملفوظات شريف“ سنڌي، ڇاپو 2، جلد 1، لاهور موليٰ واليٰ پرنٽرس، سال 1981، س. 20.

(73)   ايضاََ، ص. 20.

(74)   سڪندري در محمد مفتي (مترجم) ”ملفوظات شريف“ سنڌي، ڪراچي، نويد پرنٽنگ پريس، ڇاپو 2، سال 1984ع. جلد 4، ص. 10

(75)    ايضاََ، جلد 5، ص. 206.

(76)   مشوري محمد قاسم (مترجم)، ”ملفوظات شريف“ سنڌي، جلد 1، ڇاپو 2، ڪراچي، موليٰ واليٰ پرنٽرس، سال 1981ع، ص. 186، 187.

(77)   مشوري محمد قاسم (مترجم)، ”ملفوظات شريف“ (سنڌي)، ڇاپو 2، جلد 1، لاهور، موليٰ واليٰ پرنٽرس، سال 1981ع، ص. 33.

(78)   سڪندري در محمد مفتي (مترجم)، ”ملفوظات شريف“ سنڌي، جلد 5، ڪراچي، افريشا پرنٽنگ پريس، سال 1976ع، ص. 202.

(79)   قرآن شريف پاره 9، سورة الاعراف.

(80)   قرآن شريف پاره 26، سورة محمد.

(81)    قرآن شريف پاره 9، سورة الانفال.

(82)   قرآن شريف پاره 27، سورة الرحمان.

(83)   قرآن شريف پاره 26، سورة الحجرات.

(84)   قرآن شريف پاره 15، سورة الڪهف.

(85)    قرآن شريف پاره 2، سورة البقره.

(86)   قرآن شريف پاره 25، سورة حٰم شوريٰ.

(87)   قرآن شريف پاره 30، سورة النازعات.

(88)   قرآن شريف پاره 7، سورة الانعام.

(89)   قرآن شريف پاره 3، سورة آل عمران.

(90)   قرآن شريف پاره 10، سورة التوبھ.

(91)    قرآن شريف پاره 29، سورة دهر.

(92)   قرآن شريف پاره 28، سورة الممتحنھ.

(93)   قرآن شريف پاره 1، سورة البقره.

(94)   قرآن شريف پاره 19، سورة الشعراء.

(95)    قرآن شريف پاره 23، سورة ص.

(96)   قرآن شريف پاره 7، سورة الانعام.

(97)   قرآن شريف پاره 3، سورة آل عمران.

(98)   قرآن شريف پاره 8، سورة الاعراف.

(99)   قرآن شريف پاره 26، سورة الحجرات.

(100)    قرآن شريف پاره 3، سورة البقره.

(101)قرآن شريف پاره 10، سورة التوبھ.

(102)    قرآن شريف پاره 26، سورة الفتح.

(103)    قرآن شريف پاره 16، سورة الڪهف.

(104)    قرآن شريف پاره 18، سورة الفرقان.

(105)     قرآن شريف پاره 1، سورة البقره.

(106)    قرآن شريف پاره 28، سورة الجمھ.

(107)    قرآن شريف پاره 26، سورة الحجرات.

(108)    قرآن شريف پاره 11، سورة يوسف.

(109)    قرآن شريف پاره 28، سورة التغابن.

(110)قرآن شريف پاره 30، سورة البينھ.

(111) قرآن شريف پاره 10، سورة التوبھ.

(112)قرآن شريف پاره 15، سورة بني اسرائيل.

(113)قرآن شريف پاره 15، سورة الڪهف.

(114)قرآن شريف پاره 9، سورة الاعراف.

(115) قرآن شريف پاره 28، سورة الطلاق.

(116)قرآن شريف پاره 5، سورة النساء.

(117)قرآن شريف پاره 23، سورة الزمر.

(118)قرآن شريف پاره 15، سورة بني اسرائيل.

(119)قرآن شريف پاره 6، سورة المائده.

(120)    قرآن شريف پاره 26، سورة الذاريات.

(121)قرآن شريف پاره 27، سورة الذاريات.

(122)    قرآن شريف پاره 14، سورة نحل.

(123)    قرآن شريف پاره 21، سورة الاحزاب.

(124)    قرآن شريف پاره 12، سورة هود.

(125)     قرآن شريف پاره 18، سورة النور.

(126)    قرآن شريف پاره 17، سورة الانبياء.

(127)    قرآن شريف پاره 1، سورة البقره.

(128)    المناويٰ عبدالرؤف علامه ”الاتحافات السنيھ بالاحاديث القدسيھ“، دمشق، دارالايمان، سال 1983ع، ص. 67.

(129)    ”ترمذي“ جلد 2، ص. 26

(130)    ايضاََ، ص. 21

(131)”ترمذي“ جلد 2، ص. 28

(132)    ايضاََ، ص. 421

(133)    زرقاني علامه، ”المختصر المقاصد الحسنھ“ (۾ لکيو آهي ته: ”لااعرفھ“ يعني اها مون ڪٿي ڪانه ڏٺي آهي.) رياض، مڪتب تربيت العربي، سال 1981ع، ص. 109.

(134)    ”ترمذي“ جلد 2، ص. 136.

(135)     ملا علي قاري ”موضوعات الڪبير“ ۾ ڄاڻايو آهي ته اها ”موضوع“ يعني جڙتو آهي ۽ ان ابن حجر کان روايت ڪئي آهي.

(136)    ”مشڪواة المصابيع“، جلد 2، ص. 429.

(137)    شيخ محمد ابن السيد درويش ”السني المطالب في احاديث مختلف المراتب“ (۾ لکيو آهي ته اهو حضرت علي جو قول آهي)، بيروت، ڪتبه الادبيه سال نامعلوم، ص. 246. ان کان علاوه ”مختصر المقاصد الحسنھ“ جي مؤلف به ص. 205 تي ساڳي ڳالهه چئي آهي.

(138)    سيوطي علامه ”الدراالمنتشره في الاحاديث المشتهره، رياض، سال 1983ع، ص. 179.

(139)    زرقاني علامه ”المختصر المقاصد الحسنھ“ رياض، مڪتبه تربيت العربي، سال 1981ع، ص. 181.

(140)    ”مشڪواة المصابيح“ جلد، ص. 444.

(141)المناويٰ عبدالرؤف علامه ”الاتحافات السنيھ بالاحاديث القدسيھ“، دمشق، دارالايمان، سال 1983ع، ص. 71.

(142)    بخاري، جلد 2، ص. 900.

(143)    ”مشڪواة المصابيح“، جلد 2، ص. 206.

(144)    ”ترمذي“ جلد، ص. 116.

(145)     ملا علي قاري ”الموضوعات الڪبير“ ۾ صفحي 11 تي صخاني کان روايت ڪري ڄاڻايو آهي ته ”انھ موضوع“ يعني جڙتو آهي.

(146)    ”مشڪواة المصابيح“، جلد 1، ص. 34.

(147)    ”مشڪواة المصابيح“، جلد 1، ص. 175.

(148)    محمد بن اليد درويش ”السني المطالب في الاحاديث المراتب“ ۾ لکيو آهي ته: ”قال ابن تيميھ انھ هو ليس من کلام النبي  ' ولا يعرف لھ السند صحيح ولاضعيف (ص. 170) علامه سيوطي الدر المنتشره في الاحاديث المشتهره ۾ صفحي 163 تي ڪجهه مختلف الفاظن سان بيان ڪيو ۽ آخر ۾ لکيو آهي ته  ”لااصل لھ“.

(149)    ”ابن ماجھ“، ص. 314.

(150)     ”مشڪواة المصابيح“، جلد 2، ص. 454.

(151) زرقاني ”المختصر المقاصد الحسنت في بيان ڪثير من الاحاديث المشتهره علي الالسنھ“ ۾ لکيو آهي ته: ”حسن لغيره“ (ص. 207) امام محمد بن عبدالباقي (متوفي 1122هه) ۽ علامه سيوطيءَ بيهقيءَ جي حوالي سان لکيو آهي ته ”ضعيف“ آهي. (ص. 197)

(152)     ”بخاري شريف“، جلد 3، ص. 785.

(153)     جلال الدين عبدالرحمان بن ابي بڪر سيوطي علامه ”جامع صغير بحواله سراج المنير“ مدينة منوره، جلد 2، سال نامعلوم، ص. 261.

(154)     جهڙوڪ: ”خلاصة المعارف“ (ليکڪ شيخ آدم نبوري)، ”جذب القلوب“ (ليکڪ عبدالحق محدث)، ”فتح الفضل“ (ليکڪ مخدوم عبدالرحيم گرهوڙي)، ”ديوان مير“ (سيد جان شاهه عنايتي).

(155)سڪندري در محمد سڪندري (مترجم)، ”ملفوظات شريف“ سنڌي، جلد 5، ڪراچي، افريشا پرنٽنگ پريس، سال 1976، ص. 255.

(156)     رومي جلال الدين مولانا ”مثنوي شريف“، جلد اول، لاهور، شيخ غلام علي اينڊ سنز، سال 1962ع، ص. 27.

(157)     ايضاََ، ص. 282.

(158)     شيخ سعدي ”گلستان“، ملتان، مڪتب امداديھ، سال 1952ع، ص. 20.

(159)     رومي جلال الدين مولانا ”مثنوي شريف“، جلد اول، لاهور، شيخ غلام علي اينڊ سنز، سال 1963ع، ص. 27.

(160)    شيرازي حافظ ”ديوان حافظ“، ڪراچي، سعيد ايڇ. ايم ڪمپني، سال 1970ع، ص. 67.

(161)رومي جلال الدين مولانا ”مثنوي شريف“، جلد اول، لاهور، شيخ غلام علي اينڊ سنز، سال 1963ع، ص. 129.

(162)    شيرازي حافظ ”ديوان حافظ“، ڪراچي، سعيد ايڇ. ايم ڪمپني، سال 1970ع، ص. 106.

(163)    ايضاََ، ص. 67.

(164)    شيرازي حافظ ”ديوان حافظ“، ڪراچي، سعيد ايڇ. ايم ڪمپني، سال 1970ع، ص. 257.

(165)     رومي جلال الدين مولانا ”مثنوي شريف“، جلد اول، لاهور، شيخ غلام علي اينڊ سنز، سال 1963ع، ص. 262.

(166)   شيخ سعدي ”گلستان“، مطبع، ملتان، مڪتبه امداديھ، سال 1952ع، ص. 24.

(167)    شيرازي حافظ ”ديوان حافظ“، ڪراچي، سعيد ايڇ. ايم ڪمپني، سال 1970ع، ص. 198.

(168)    شيرازي حافظ ”ديوان حافظ“، ڪراچي، سعيد ايڇ. ايم ڪمپني، سال 1970ع، ص. 193.

(169)   شيخ سعدي ”گلستان“، مطبع، ملتان، مڪتبه امداديھ، سال 1952ع، ص. 99.

(170)    رومي جلال الدين مولانا ”مثنوي شريف“، جلد اول، لاهور، شيخ غلام علي اينڊ سنز، سال 1963ع، ص. 141.

(171)شيرازي حافظ ”ديوان حافظ“، ڪراچي، سعيد ايڇ. ايم ڪمپني، سال 1970ع، ص. 74.

(172)    بلوچ نبي بخش ڊاڪٽر، ”پنج گنج“ (پيش لفظ)، حيدرآباد، شاهه عبداللطيف ڀٽائي مرڪز، سال 1976ع، ص. 2

(173)    پاڻيءَ مٿي جهوپڙا،  مورک  اڃ  مرن،

دم نه سڃاڻن، دانهون ڪن مٺن جيئن.

(شاهه ڪريم، جلد 6، ص. 8)

(174)    مسافر مسجود ٿيو، مڙني مقيمن لاءِ،

ملڪ  مدامي ماڳ  ۾  سالڪ  سفرا.

(گرهوڙي، جلد 1، ص. 231)

(175)     پئي جا پرڀات، سا ماڪ نه ڀانيو ماڻهوئا،

روئي  ساري  رات،  ڏسي  ڏکوين  کي.

(اسحاق آهنگر، جلد 3، ص. 8)

(176)    فقير چئجي  انکي  جهين  سڀ  رلي  سري،

پر گهر پير نه  وجهڻون، گهران ڪين  گهري،

جو مانيءَ لاءِ مري سو سامي ڪر نه سامهون.

(سامي، جلد 4، ص. 107، 106)

(177)    لڳندي لاڙان، سو  نچيون ٿيون سري ۾.

(ماموئي، جلد 5، ص. 138)

(178)    ”ملفوظات“، جلد 5، ص. 206.

(179)    ”ملفوظات“، جلد 6، ص. 25.

(180)    ”ملفوظات“، جلد 5، ص. 206.

(181)”ملفوظات“، جلد 4، ص. 45.

(182)    ”ملفوظات“، جلد 6، ص. 9.

(183)    ”ملفوظات“، جلد 5، ص. 138.

(184)    سڪندري در محمد (مترجم)، ”ملفوظات شريف“، سنڌي، جلد 4، نويد پرنٽنگ پريس، سال 1984ع، ص. الف.

(185)     سڪندري در محمد (مترجم)، ”ملفوظات شريف“، سنڌي، جلد 6، سکر، همدرد پريس، سال 1978ع، ص. 7.

(186)    سڪندري در محمد (مترجم)، ”ملفوظات شريف“، سنڌي، جلد 6، سکر، همدرد پريس، سال 1978ع، ص. 30.

(187)    ايضاََ، ص. 62. (نوٽ: حضرت روضي ڌڻيءَ جو اهو جواب علي سبيل التسليم هئو، ورنه حضرت ابوبڪر کان ڪيتريون حديثون رسول الله | کان مروي آهن. علامه ابن الجوزيءَ انهن جو تعداد 142 ڄاڻايو آهي، ڏسو سندس ڪتاب ”تلقيح فهوم اهل الاثر“ صديق جي روايتن کي گڏ ڪري ”مسند ابي بڪر الصديق“ ترتيب ڏنو، جيڪو ڇپيل ملي ٿو.

(188)    ايضاََ، ص. 36.

(189)    ”ملفوظات“، جلد 5، ص. 1.

(190)    ايضاََ، ص. 3.

(191)ايضاََ، ص. 4.

(192)    ايضاََ، ص. 5.

(193)    ايضاََ، ص. 5.

(194)    ايضاََ، ص. 5.

(195)     ايضاََ، ص. 9.

(196)    ايضاََ، ص. 11.

(197)    ايضاََ، ص. 15.

(198)    ايضاََ، ص. 12.

(199)    ايضاََ، ص. 12.

(200)   ايضاََ، ص. 9.

(201) Balouch Nabi Baksh Khan Dr. “Traditional Culture in west Pakistan” Sind University Journal of Education, Vol. VIII,  January, 1963, P. 3.

(202)   ”ملفوظات“، جلد 5، ص. 248.

(203)   ”ملفوظات“، جلد 6، ص. 25.

(204)   ايضاََ، ص. 23.

(205)    ”ملفوظات“، جلد 5، ص. 221.

(206)   ”ملفوظات“، جلد 4، ص. 4، 5.

(207)   ايضاََ، ص. 124، 123.

(208)   ايضاََ، ص. 29، 30.

(209)   ”ملفوظات“، جلد 5، ص. 325.

 

بإب تۑۆ

 

قڝڎج صۑڎ ڎۆڝۑ ډڼۑ٪ ضۆڷ ڠڵڶۑ ۽ إڈبۑ كڈڶجۆڷ

 

حضرت پير روضي ڌڻيءَ جي وقت ادبي ماحول

حضرت پير روضي ڌڻيءَ جي ولادت 1757ع ۾ ٿي ۽ 1818ع ۾ هي فاني جهان ڇڏيائين. انهيءَ حساب سان کيس ڪلهوڙن ۽ ٽالپرن جي دور کي ڏسڻ جو موقعو مليو. اسان جي ادبي تاريخ انهي ڳالهه جي شاهدي ڏئي ٿي ته اهي ٻئي دور اسان جي ادبي تاريخ ۾ سونهري دور جي حيثيت رکن ٿا. ڪلهوڙن جي دور ۾ اسان جي ادب معيار، خواه مقدار جي حساب سان بي مثال ترقي ڪئي. (1) انهيءَ دور ۾ وقت جا حڪمران جهڙوڪ، ميان نور محمد، غلام شاهه ۽ ميان سرفراز علم و ادب ۽ تعليم جي جيڪا سرپرستي ڪئي ان جو ڪو مثال نٿو ملي. ميان نور محمد ايترو علم دوست ۽ علم نواز هو، جو سندس ذاتي ڪتب خانو ڪيترن ئي قيمتي ۽ ناياب ڪتابن تي مشتمل هو، جنهن کي پوءِ نادر شاهه تباهه ڪري ڇڏيو. (2) هن پنهنجي وصيت نامي ۾ پنهنجي پٽن کي خاص طور تي هدايت ڪئي ته هو پنهنجو بچيل وقت

نئون صفحو -- ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org