سيڪشن:شخصيات

ڪتاب: حضرت پير محمد راشد (روضي ڌڻي)

باب:

صفحو:15

هن خط جي روشنيءَ ۾ حضرت پير محمد راشد روضي ڌڻيءَ جي سياسي بصيرت جو جائزو وٺي سگهجي ٿو. هتي اسان انهيءَ ڏسڻ جي ڪوشش ڪنداسين ته حضرت پير محمد راشد روضي ڌڻيءَ ميان عبدالنبي جي تائيد ڇو ڪئي آهي ۽ انهيءَ جا سياسي خواه آئيني سبب ڪهڙا ٿي سگهن ٿا. پر اچو ته انهيءَ کان اڳ ڪن غلط فهمين جو ازالو ڪندا هلون.

ائين پڻ چئي سگهجي ٿو ته روضي ڌڻيءَ ڪلهوڙن مان شادي ڪئي هئي ۽ انهيءَ تعلق سان پاڻ سهراڻي ذات سان همدرديءَ جا جذبا رکندا هئا. پر حقيقت ان جي برعڪس آهي. ڇو ته سندن اها شادي لڳ ڀڳ 1208 هجري ڌاري ٿي ۽ ان بيبيءَ مان کين حضرت پير سائين محمد ياسين شاهه 1212هه ۾ ڄائو. (42) ۽ ميان عبدالنبيءَ جو ميرن سان جهيڙو ان کان ڪيترا سال اڳ جو آهي. ان وقت ڪلهوڙا سندس ساهرا ڪونه هئا، تنهن ڪري اهو چوڻ غلط آهي ته پاڻ ميان عبدالنبيءَ جي تائيد ڪئي اٿئون، جو سندس تعلق سندن سهراڻي ذات سان هو.

ائين به چئي سگهجي ٿو ته ٽالپر مذهبي خيال کان اهل تشيعت سان واسطو رکندا هئا ان ڪري حضرت روضي ڌڻيءَ سندن مخالفت ڪئي ۽ ميان عبدالنبيءَ جي لاءِ نرم رويو اختيار ڪيو. پر حضرت روضي ڌڻيءَ جي تعليم، شخصيت ۽ ڪردار انهيءَ ڳالهه جي تصديق نٿو ڪري؛ ڇو ته سندن مڪتوبات ۾ مير سهراب جي نالي پڻ خط شامل آهن، جنهن جي ٻوليءَ مان اهو ثابت ٿئي ٿو ته انسان ذات جو احترام حضرت روضي ڌڻيءَ جي نظرين ۽ قدرن جو بنيادي نڪتو هو. پاڻ انهن الله جي ڀلارن انسانن مان هئا، جيڪي هر انسان کي الله جو بندو تصور ڪندا آهن ۽ انهي تعلق سان ساڻس رشتو جوڙيندا آهن. حضرت پير محمد راشد روضي ڌڻيءَ ته ڀليل ۽ ڀٽڪيل انسانن کي رشد و هدايت جي فيض سان نوازيو. اهڙن بزرگن جي تعليم ۽ تبليغ جو احاطو نهايت وسيع ٿيندو آهي جنهن ۾ ذات پات، رنگ نسل ۽ ٻين نظرين کي نظر انداز ڪيو ويندو آهي. ان ڪري اهو ڪڏهن به مڃي نٿو سگهجي ته حضرت محمد راشد روضي ڌڻيءَ اهل تشيعت جي بنياد تي ساڻن نفرت ڪئي هوندي.

حضرت پير محمد راشد روضي ڌڻيءَ ميان عبدالنبيءَ لاءِ جا ٿوري گهڻي پنهنجي دل ۾ گنجائش رکي ان لاءِ ڪيترائي آئيني ۽ سياسي سبب بيان ڪري سگهجن ٿا. ان سلسلي ۾ سڀ کان اهم نڪتو هي آهي ته ڪلهوڙا حڪومت ۾ ميرن کي فوجي اڳواڻن جي حيثيت حاصل هئي يعني آئيني طور تي مٿن اهو فرض عائد ٿئي پيو ته هو حڪومت ۽ ملڪ جي حفاظت ڪن، ليڪن ميرن ائين نه ڪيو، هنن فوجي اڳواڻن ملڪ جي سياسي ۽ انتظامي ڳالهين ۾ مداخلت شروع ڪئي ۽ اهڙيون حالتون پيدا ڪيون، جنهن جي نتيجي ۾ هو اقتدار تي قابض ٿي سگهيا. انهيءَ راءِ جي تصديق هن ئي باب جي ابتدا ۾ ڏنل انگن اکرن، شاهدين ۽ بيانن مان ملي سگهي ٿي، جڏهن فوجي اڳواڻن ملڪ جي خودمختياريءَ کي پنهنجي ذاتي مفادن ۽ درٻاري سازشين جو ٻل بڻايو. جڏهن فوجي اڳواڻ ”شهري حڪومت“ کي ختم ڪري پاڻ اقتدار تي قبضو ڪرڻ چاهين ته سندن انهيءَ عمل جي اخلاقي خواه آئيني طور تي تائيد ۽ تصديق نه ٿي ڪري سگهجي ۽ حضرت روضي ڌڻيءَ جهڙي سياسي مدبر پڻ ائين ڪري ڏيکاريو.

حضرت پير محمد راشد انهيءَ سياسي حقيقت کان چڱيءَ طرح باخبر هو ته فوجي اڳواڻ ملڪ جو دفاع ته ڪري سگهن ٿا، ليڪن سياسي پيچيدگيون ۽ سياسي حڪمت عمليون سندن وس کان ٻاهر ٿين ٿيون. انهي ڪري به ٽالپر اڳواڻن جي تائيد ڪرڻ سياسي نڪته نگاهه کان صحيح نه هئي.

حضرت روضي ڌڻيءَ جي انهيءَ سياسي بصيرت جي تائيد اڳتي هلي تاريخ ۽ ان جي واقعن پڻ ڪئي، ڇو ته مير سنڌ جي خودمختياريءَ جي حفاظت نه ڪري سگهيا. کانئن اڳ فقط ڪابل طرفان سنڌ کي خطرو هو، مگر پوءِ پنجاب ۽ ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ سنڌ لاءِ آزار ڪري ڇڏيو. تان جو اڳتي هلي 1843ع ۾ انگريز سنڌ تي قابض ٿي ويا.

ٽالپر نه فقط ڪلهوڙن جا فوجي جنرل هئا پر سندن روحاني طالب ۽ مريد پڻ هئا. تاريخ جا واقعا انهيءَ ڳالهه جي شاهدي ڏين ٿا ته انهن مريدن روحاني رشتن کي به ايتري قدر مجروح ڪيو، جو ميان محمد مرادياب کي معزول ڪري، گرفتار ڪرڻ وقت مير بهرام اهو جواز ڏنو ته هو سندن روحاني تربيت ڪرڻ، ذڪر فڪر ڏسڻ ۾ صحيح ثابت نه ٿيو هو. (43) انهيءَ اعتراض يا جواز کي ڪوبه مريد صحيح ثابت ڪري نه ٿو سگهي ته سندس مرشد هن جي مرضيءَ جي مطابق هن جي روحاني رهبري نه ٿو ڪري.

1783ع ۾ هالاڻيءَ جي جنگ کان پوءِ مير فتح علي سنڌ جي آزاد، خودمختيار ۽ متحد ملڪ کي قومي مفادن بدران نسلي ۽ خانداني بنياد تي جاگير وانگر حصن ۾ ورهايو. انهيءَ ڪري اهي حڪمران جيڪي ملڪ جي قومي حيثيت ۽ تشخص کي نسلي ۽ خانداني اختلاف جو علاج بڻائين ته انهن جي تصديق ۽ تائيد سياسي بصيرت جي بنهه خلاف هئي. جڏهن ٽالپر فوجي اڳواڻن روحاني رشتن جو تقدس برقرار نه رکيو ته انهن ۾ ڪهڙي توقع رکي سگهجي پئي ته هو قومي ۽ ملڪي رشتن سان انصاف ڪري سگهندا. اها هڪ اهم ۽ وڏي ڪسوٽي هئي، جنهن مطابق حضرت پير محمد راشد روضي ڌڻيءَ ٽالپرن جي وقتي تائيد نه پيو ڪري سگهي.

حضرت محمد راشد روضي ڌڻيءَ جي ڏينهن ۾ ڪلهوڙن خواه ٽالپرن جي ڪيترن حڪمرانن جي حاڪميت کي انهيءَ وقت تائين ڪا آئيني حيثيت نه هئي ۽ خود عوام يا درٻاري اميرن به ان کي قبول نه ٿي ڪيو، جيستائين ڪابل حڪومت طرفان کين حڪومت جو پروانو نه ملندو هو. اها ڪنهن به حاڪم لاءِ سياسي ۽ آئيني ڪسوٽي هوندي هئي، جنهن کي ٽالپر فوجي اڳواڻ پڻ تسليم ڪري چڪا هئا. اهوئي سبب آهي جو هنن ميان محمد مرادياب کي لاهي ميان غلام شاهه کي پاڻ مرادو حاڪم بڻايو. (44) پر جڏهن ميان محمد عطر خان ڪابل حڪومت کان اقتدار جي وارث هئڻ جو پروانو وٺي آيو ته خود مير بهرام خان انهيءَ حقيقت کي تسليم ڪيو ۽ اهڙي حڪمران کان مُنهن ڦيري ويو، جنهن کي مسند تائين پهچائڻ ۾ سندس ئي هٿ هو. (45)

هالاڻيءَ جي جنگ کان پوءِ مير فتح علي خان ملڪ جي قابض ٿي چڪو هو، پر اختيار ۽ اقتدار کي اڃان ڪابل حڪومت تسليم نه ڪيو هو، ان ڪري اهڙين حالتن ۾ جن کي هر وجهه کان تنهن دور جون آئيني پيچيدگيون چئي سگهجي ٿو. انهن جي روشنيءَ ۾ حضرت پير محمد راشد روضي ڌڻيءَ مير فتح علي خان ۽ سندس عزيزن جي حڪومت خواه اقتدار کي تسليم نه پيو ڪري سگهي. اهوئي سبب آهي جو پنهنجي دل ۾ آئيني تقاضا ۽ مجبوريءَ جي لحاظ کان ميان عبدالنبيءَ لاءِ گنجائش رکيائون. تان جو جڏهن ڪابل جي حڪمران تيمور شاهه مير فتح علي خان کي پروانو ڏنو ۽ سندس حڪومت کي آئيني حيثيت حاصل ٿي ته پوءِ ان کي حضرت روضي ڌڻيءَ ڪڏهن به چئلينج نه ڪيو. حقيقت هن ريت آهي ته حضرت پير محمد راشد روضي ڌڻي روحاني رهبر هئڻ سان گڏ هڪ سياسي مدبر پڻ هو. ملڪي انتظام ۽ سياست بابت پاڻ الڳ ۽ منفرد راءِ رکندا هئا. سندن سياسي نظرين ۽ اصولن جو اختصار پيش ڪبو ته ان لاءِ اسان کي ملفوظات جي اوراق گرداني ڪرڻي پوندي، ان ۾ هڪ نقل اچي ٿو ته:

”هڪ دفعي روضي ڌڻي جيسلمير جي قلعي ۾ تشريف فرما ٿيا ته اتي سنڌ جي اڳوڻي حاڪم ميان عبدالنبيءَ جا ٻه ملازم روضي ڌڻيءَ جي خدمت ۾ آيا ۽ ميان جي عاجزي ۽ پريشانين جون حالتون بيان ڪري دُعا جو سوال ڪيائون ته جيئن کيس ساڳي سنڌ جي بادشاهي ملي. روضي ڌڻيءَ انهن جي پريشان حال تي رحم فرمائي چيو ته جيڪڏهن ميان غير شرعي ڪمن کان پاسو ڪري، توبهه ڪري ۽ اسلامي شرائط قبول ڪري لکت ۾ واعدو ڏئي ته انشاءَ الله ميان کي بادشاهي ملي ويندي. پوءِ هي ٽي شرط ميان کي لکي موڪليائون:

1.        ڪافرن کي مسلمانن تي حاڪم مقرر نه ڪندو.

2.       مسلمانن کان ناجائز ٽئڪس وصول نه ڪندو.

3.       سنڌ جي سيدن لاءِ روزينو مقرر ڪندو. (46)

هن مان ظاهر ٿئي ٿو ته حضرت محمد راشد روضي ڌڻيءَ سنڌ ۾ مسلمانن جي بالادستي ۽ سيدن جي عزت نفس ۽ احترام جي ڳالهه ڪئي آهي، ليڪن انهيءَ ڳالهه کي به نظر انداز نه ڪيو اٿن ته ميان عبدالنبي پنهنجي شخصيت ۽ ڪردار ذريعي غير شرعي ڪمن جي ڌٻڻ ۾ ڦاسي چڪو آهي، ۽ کيس توبه تائب ٿيڻ گهرجي. ظاهر آهي ته حضرت محمد راشد روضي ڌڻي انهن ئي سياسي نظرين ۽ اصولن جو پابند رهيو ۽ انهيءَ کي ڪسوٽي بڻائي سنڌ جي حڪمرانن ڪلهوڙن خواه ٽالپرن سان لاڳاپا قائم رکندو آيو. ان ڪري پاڻ ٻنهي دورن ۾ درٻاري عالم، روحاني رهبر ۽ مدبر نه ٿيا، ۽ ان جي بدران پنهنجي شخصيت، حيثيت ۽ تشخص کي الڳ برقرار رکيائون. دراصل پاڻ سنڌ ۽ هند ۾ ”پين اسلامي تحريڪ“ (Pan Islamic Movement) جي بنياد وجهندڙن مان هڪ هئا ۽ انهيءَ سياسي خواه مذهبي سوچ جي نتيجي ۾ ڪابل جي حڪمرانن سان تعلق ڳنڍيائون ۽ انهيءَ تحريڪ جي پوئواري ڪندي سندس پونيرن سيد احمد شهيد بريلوي جي مدد ڪئي.

(i)       افغان حڪمرانن سان لاڳاپا

حضرت محمد راشد روضي ڌڻيءَ جي دور ۾ افغانستان ۾ پنجن حڪمرانن حڪومت ڪئي، جن مان ٽن حڪمرانن تيمور شاهه، زمان شاهه ۽ شاهه شجاع سان سندن سڌي ۽ اڻ سڌي تعلق جي ڄاڻ ملي ٿي. حضرت پير محمد راشد روضي ڌڻي جڏهن 23 سالن جو هو ته مدد خان 1780ع مطابق 1194هه ۾ قهر بڻجي سنڌ ۾ آيو. هن روحاني رهبر ۽ بزرگ انهيءَ جابر ۽ ظالم لٽيري جي نه ته ڪاڻ ڪڍي ۽ نه وري سندس ڏاڍ ۽ ڏمر جي هراس کان متاثر ٿيو. ملفوظات شريف ۾ اچي ٿو ته انهن ڏينهن ۾ حضرت جن کهڙن ڏانهن تشريف وٺي ويا ٿي، رستي ۾ کين ڪنهن ماڻهو عرض ڪيو ته: ”حضرت مدد پنهنجي لشڪر سان درياه جي ڪپ تي لٿل آهي، اوهان پنهنجو شهر ڪيئن ڇڏي وڃو ٿا. جواب ۾ فرمايائون ته اسان جو دلبر اسان جو سمورو سامان اڳ ۾ ئي لٽي ويو آهي. تنهن ڪري اسان کي ڦرلٽ جو ڪهڙو ڀؤ.“ (47) هن واقعي مان ثابت ٿئي ٿو ته حضرت روضي ڌڻيءَ ڪنهن ظالم ۽ جابر کي نه ته ذهني طور قبول ڪيو ۽ نه وري ان جي ڏاڍ ۽ ڏمر کان متاثر ٿيو.

ان ۾ ڪوبه شڪ نه آهي ته هالاڻيءَ جي جنگ کان پوءِ 1201هه ڌاري پاڻ جيڪو پنهنجي مريد ۽ خليفي محمد حسين ناڙيءَ واري ڏانهن خط لکيو اٿائون، ان ۾ تيمور شاهه جو ذڪر چڱن لفظن سان اچي ٿو. هن خط کي انشاءَ پردازي جو هڪ ادبي شاهڪار چئي سگهجي ٿو. ليڪن ان جي متن کي ڏسي اها راءِ قائم نه ٿي ڪري سگهجي ته روضي ڌڻيءَ تيمور شاهه جي حيثيت کي غير مشروط طور تي تسليم ڪري ٿو. البته تيمور شاهه جي ٻن پٽن: زمان شاهه ۽ شجاع شاهه سان سندس قريبي تعلق ثابت ٿئي ٿو. زمان شاهه کين جهنڊو پڻ ڏنو هو. (48)

زمان شاهه ۽ حضرت پير محمد راشد روضي ڌڻيءَ جو تعلق ”پين اسلامي تحريڪ“ جي حوالي سان بيان ڪري سگهجي ٿو. ڇو ته زمان شاهه ننڍي کنڊ ۾ فرنگين جي وڌندڙ طاقت کي محسوس ڪري چڪو هو، کيس خبر هئي ته بنگال ۽ اوڌ انگريزي اقتدار هيٺ اچي چڪا آهن. (49) دهليءَ جو مغل تاجدار پنهنجي طاقت وڃائي ويٺو هو. (50) نظام مرهٽن جي خوف کان انگريز جو حليف بڻجي چڪو هو. (51) مرهٽا خود انگريز طاقت کان لرزي رهيا هئا. (52) فقط ميسور ۾ سلطان ٽيپو انگريزن خلاف آواز اُٿاري رهيو هو. (53) ۽ هن ننڍي کنڊ ۾ پنهنجي هم خيال دوستن سان گڏجي ”پين اسلامي تحريڪ“ جو بنياد رکڻ گهريو ۽ ڪابل ۾ زمان شاهه کيس اهڙي موٽ ڏني هئي. (54) زمان شاهه انهيءَ جي پوئواري ڪندي سنڌ جي حڪمران مير فتح علي خان کي انگريزن جي ڪوٺين کي بند ڪرڻ لاءِ تاڪيد ڪيو، جنهن تي عمل ڪيو ويو. (55) ان کان سواءِ زمان شاهه سنڌ ۾ انهيءَ تحريڪ کي زور وٺرائڻ لاءِ حضرت پير محمد راشد ۾ اميدون رکيون هونديون ۽ ساڳئي جذبي تحت سندس خدمت ۾ جهنڊو پيش ڪيو.

زمان شاهه جي اهڙي جذبي ۽ ”تحريڪ“ کي فرنگي ۽ سامراجي قوتون برداشت نه پئي ڪري سگهيون ۽ نيٺ هن حڪمران کي پنهنجي بي درد ڀاءُ جي هٿان انڌو ٿيڻو پيو ۽ ائين ئي هو تاريخ جي ورقن ۾ گم ٿي ويو. زمان شاهه کان پوءِ جڏهن شاهه شجاع ڪابل جو حڪمران ٿيو ته هن پنهنجي پيش رو حڪمرانن جيان سنڌ کي پنهنجي استحصال جو نشانو بنائڻ چاهيو. ان سلسلي ۾ 1219هه ۾ شڪارپور ۾ وارد ٿيو. (56)

حضرت محمد راشد روضي ڌڻيءَ جي ”ملفوظات شريف“ ۾ شاهه شجاع جو ذڪر هن ريت اچي ٿو:

”پاڻ فرمايائون ته خواب ۾ وهندڙ پاڻي ڏسندا آهيون ته ان جو تعبير لشڪر ڪشي ٿيندو آهي. پوءِ پنهنجو خواب مبارڪ فرمايائين ته هيڪر خواب ۾ ڏٺوسون ته هڪڙو پاڻي وڏي هيبت سان پيو اچي ۽ ائين ايندي ايندي في الحال اتي جو اتي سُڪي ويو. تڏهن انهن ئي ڏينهن ۾ شاهه شجاع الملڪ سنڌ ملڪ تي وڏي هيبت ۽ دهشت سان ڪٽڪ چاڙهي آيو، ۽ انهيءَ ڪري ماڻهن ۾ وڏي ڀاڄڙ ۽ تفرقو اچي ويو. نيٺ جڏهن سندس مقابلي ۾ هيڏهون سنڌ جي ٽالپر حاڪمن فوج تيار ڪري مقابلي ۾ آيا تڏهن شاهه شجاع الملڪ ڍل جي بهاني سان ٿورڙي ماليات وٺي موٽي هليو ويو. (57) حضرت روضي ڌڻيءَ شاهه شجاع سان ملاقات پڻ ڪئي. ان جو پس منظر هن ريت آهي: ”شاهه شجاع وڏي لشڪر سان سنڌ تي چڙهي آيو. پرڳڻي جا ماڻهو ايترا ته خوفزده ٿي ويا جو انهن مان ڪي ٿر جي طرف ڀڄي ويا.“ (58) انهن حالتن ۾ وقت جي حڪمران شاه شجاع کي فوجي طور تي مُنهن ڏيڻ کان سواءِ به سفارتي طريقن سان ٿڌو ڪري واپس ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. ان سلسلي ۾ حضرت محمد راشد، مخدوم محمد عاقل کهڙائي ۽ صالح شاهه گمبٽ واري کي شاهه شجاع الملڪ ڏانهن موڪليو ويو. (59) هنن بزرگن جي ڪوشش سان ۽  ٻين سفارتي طريقن ذريعي ٺاهه ٿيو جنهن پٽاندڙ مير غلام علي ڏهه لک بروقت ادا ڪيا ۽ آئيندي پنج لک ساليانو خراج ادا ڪرڻ وارو شرط منظور ڪيو، جنهن ڪري شاهه سجاع ڪابل روانو ٿي ويو. (60)

هن واقعي مان پڻ حضرت محمد راشد روضي ڌڻيءَ جي وطن دوستي، سياسي بصيرت ۽ سفارتي اهليت جي خبر پوي ٿي. پاڻ پنهنجي ڏيهه ۽ ڏيهن ڌرت ٽارڻ لاءِ جيڪو ڪجهه ڪيو ان جي واکاڻ ڪرڻ کان سواءِ رهي نه ٿو سگهجي. سندس وطن دوستيءَ جي خوشبوء مٿي ذڪر ڪيل ”ملفوظات“ جي نقل مان ملي ٿي، جنهن ۾ شاهه شجاع کي سٺن لفظن ۾ ياد ته ڪيو ويو آهي پر ان جي برعڪس اهو چيو ويو آهي ته: ”نيٺ جڏهن سندس مقابلي ۾ هيڏهون سنڌ جا ٽالپر حاڪم فوج تيار ڪري مقابلي لاءِ آيا ته شاهه شجاع ڍل جي بهاني سان ٿورڙي ماليات وٺي موٽي هليو ويو.“

حضرت محمد راشد روضي ڌڻيءَ جي سياسي خدمتن جو آخر ۾ اختصار هن ريت پيش ڪري سگهجي ٿو ته پاڻ پنهنجي دور جو باشعور، آئين جي بالادستي پسند ڪندڙ، بي بدل، مدبر ۽ عوام دوست سياستدان هو. هن محب وطن انسان روحانيت کان سواءِ سياست جي ميدان ۾ پڻ پنهنجون بيش بها خدمتون سرانجام ڏنيون، جن کي ڪڏهن به نظر انداز نه ٿو ڪري سگهجي.

پڄاڻي، نتيجا ۽ تجويزون

پڄاڻي

مقالي جي پڄاڻي انهن لفظن سان ڪري سگهجي ٿي ته پير سائين محمد راشد روضي ڌڻي پنهنجي دور جو روحاني رهبر، ديني عالم، مجتهد، مدبر ۽ دانشور هو، جنهن پنهنجي لياقتن ۽ صلاحيتن سان سنڌ جي روحاني ديني، ادبي ۽ سياسي خدمت ڪئي.

سندس شخصيت ۽ ڪردار کي ڌيان ۾ رکي اهو آسانيءَ سان چئي سگهجي ٿو ته هن ڌرتيءَ جا بزرگ ۽ روحاني رهبر مونن ۾ منهن پائي دنيا جهان کان ڪٽجي نٿا ويهن، بلڪ ڌڻيءَ کي راضي ڪرڻ سان گڏ ڌڻيءَ جي بندن جي خدمت کي به پنهنجي زندگيءَ جو مقدس مقصد ڄاڻن ٿا ۽ ان لاءِ ڪنهن طمع ۽ لالچ کان سواءِ ڏينهن رات جاکوڙ به ڪن ٿا.

جن اغراض و مقاصد کي ڌيان ۾ رکي هي مقالو لکيو ويو آهي اهي گهڻي ڀاڱي حاصل ڪيا ويا آهن. هن مقالي ذريعي:

(i)       صدين کان وٺي سنڌ جي روحاني، ديني، علمي، ادبي ۽ سياسي خدمتون ڪندڙ ”راشدي“ خاندان جي اصل نسل تي روشني وڌي وئي آهي.

(ii)      ”راشدي“ خاندان جي سرموڙ حضرت پير محمد راشد جي شخصيت ۽ سوانح جو ڀرپور انداز سان تحقيقي اصولن ۽ فن مطابق خاڪو چٽيو ويو آهي.

(iii)    حضرت پير محمد راشد جي ديني، روحاني، ادبي، علمي ۽ سياسي خدمتن جو جائزو پيش ڪيو ويو آهي.

اها سموري ڪوشش تحقيقي طريقن، اصولن ۽ فن مطابق ڪئي وئي آهي. معلومات جي مختلف ذريعن ۽ وسيلن خواه روايتن جي ڀرپور انداز سان ڇنڊڇاڻ ڪئي وئي آهي ۽ حضرت پير سائين روضي ڌڻيءَ کي ”مافوق الفطرت“ هستي ثابت ڪرڻ بدران انهيءَ ڏسڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي ته ڌڻيءَ تعاليٰ جي هن نيڪ بندي هڪ حساس باشعور ۽ ذميوار فرد جي حيثيت ۾ پنهنجي معاشري ۾ ڪهڙو ڪردار ادا ڪيو ۽ وقت ۽ حالتن جون ڪهڙيون تقاضائون پوريون ڪيون ۽ سندس ورتل ڪوشش اڳتي هلي ڪهڙا دور رس اثر مرتب ڪيا.

نتيجا

حضرت پير سائين روضي ڌڻيءَ سنڌ ۾ روحانيت جو جيڪو سلسلو قائم ڪيو انهيءَ اڳتي هلي سرچشمي جي صورت ورتي جنهن مان ڪيتريون ئي شاخون ڦٽي نڪتيون. هڪ طرف سندس گادي نشينن روحانيت جي انهن روايتن کي زندهه رکيو ۽ ٻئي طرف سندس اولاد مان لائق فرزندن سنڌ جي مختلف هنڌن تي درگاهون ۽ روحاني درسگاهون قائم ڪيون. انهن درگاهن مان ”درگاهه ٺلاه شريف“ ضلع لاڙڪاڻو، ”درگاهه جهنڊو“ لڳ سعيد آباد ضلعو حيدرآباد، درگاهه ”پير جو ڳوٺ“ ضلعو خيرپور ۽ ”درگاهه پير ڳوٺ“ لڳ نئون ديرو ضلعو لاڙڪاڻو جا نالا ذڪر لائق آهن.

پير سائين روضي ڌڻيءَ جي انهيءَ فيض کي عام ڪرڻ لاءِ سندس خليفن پڻ اهم ڪردار ادا ڪيو، ۽ انهن بزرگن جي اثر هيٺ سنڌ جي روحاني خدمت لاءِ ٻيون ڪيتريون درگاهون قائم ٿي پيون. خليفي محمود ڪڙيي واري جي روحاني تعليم کي عام ڪرڻ لاءِ سندس خليفي محمد ملوڪ چانڊئي مثالي ڪوشش ڪئي جنهن پنهنجي مرشد خليفي محمود ڪڙيي جي ملفوظات ”سراج العاشقين“ کي مرتب ڪيو ۽ ڪيترن پنهنجي مريدن ۽ معتقدن کي روحانيت جا درس ڏنا. اهڙي ريت خليفي نبي بخش لغاريءَ پنهنجي مرشد جي فيض کي عام ڪرڻ لاءِ سنڌ توڙي سنڌ کان ٻاهر مثالي ڪوششون ورتيون جنهن جي نتيجي ۾ کيس پنهنجي مريدن ۽ معتقدن جو وسيع حلقو ملي ويو. جيسلمير جا راڄڙ، سيلاوٽي ۽ مهر سندس ئي روحاني رهبريءَ هيٺ ”راشدي“ سلسلي ۾ داخل ٿيا.

”سوئي شريف“ جي بزرگ سيد محمد حسن شاهه جيلاني جي صحبت ۽ تربيت حافظ محمد صديق ڀرچونڊيءَ جهڙو بزرگ پيدا ڪيو، جنهن جي تعليم ۽ تربيت حضرت مولانا تاج محمود امروٽي، مولانا عبيدالله سنڌي، مولانا غلام محمد دين پوري، مولانا حماد الله هاليجوي، مولانا محمد صالح بائجي شريف وارو، مولانا عزيز الله ٿريجاڻي وارو، جهڙا جيد عالم ۽ روحاني رهبر پيدا ڪيا، جن روحانيت جي ”راشدي“ سلسلي کي اتر سنڌ ۽ پنجاب تائين پهچايو. اهڙي ريت حضرت پير سائين روضي ڌڻيءَ جو روحاني طريقو سندس گادي نشينن، سندس پونيرن ۽ خليفن خواه خليفن جي خليفن جي ذريعي اڄ به قائم ۽ دائم آهي.

اهڙي نموني سان حضرت پير سائين روضي ڌڻيءَ سنڌي ٻوليءَ جون جهوليون ڀرڻ جون جيڪي روايتون قائم ڪيون اهي پڻ سندس گادي نشينن، پونيرن، خليفن ۽ باقي مريدن خواه معتقدن ذريعي اڄ ڏينهن تائين زور شور سان قائم آهن. حضرت پير سائين روضي ڌڻيءَ کان پوءِ سندس گادي نشينن مان جيڪي اهل قلم عالم ۽ شاعر پيدا ٿيا، انهن مان حضرت پير صبغت الله شاهه ”مسڪين“، علي گوهر ”اصغر“، سيد حزب الله شاهه ”مسڪين“، سيد علي گوهر ”علي“، سيد علي مردان شاهه اول ۽ سيد صبغت الله شاهه ثانيءَ جا نالا ذڪر لائق آهن. هن مقالي جي متن ۾ حضرت پير صبغت الله شاهه جي شاعريءَ جو ذڪر ڪيو ويو آهي. باقي پاڳارا شاعرن ۽ اديبن جي ادبي خدمتن جي جهلڪ ضميمي نمبر پنجين ۾ پيش ڪئي وئي آهي.

اهڙي ريت هن خاندان ڪيترن ئي عالمن، اديبن ۽ شاعرن کي جنم ڏنو جن مان حضرت پير محمد ياسين شاهه ”سيد“، پير مظهر الدين، پير حاجي محمد بقا عرف مٺل شاهه، غلام شاهه ”راشدي“، پير رشيد الدين ”سيد“، علي محمد شاهه راشدي، پير حسام الدين شاهه راشدي جا نالا ذڪر لائق آهن. انهن بزرگن مان پير محمد ياسين شاهه جي علمي ۽ ادبي خدمتن جو ذڪر هن مقالي جي متن ۾ ڪيو ويو آهي، باقي شاعرن ۽ اديبن جو جيڪڏهن اختصار ڏبو ته هن ريت ٿيندو.

(i)       پير مظهر الدين شاهه راشدي ولد هدايت الله شاهه پنهنجي والد جي خدمت ۾ رهي علم حاصل ڪيو. پاڻ علم ۽ ادب سان محبت ڪندو هو، ان سان گڏ علم طب ۾ وڏو حڪيم هو. ڪيترن ڪتابن ۽ رسالن جو مصنف هو. پاڻ فارسي ۽ سنڌيءَ جا قادر ڪلام شاعر هئا.

(ii)      پير حاجي محمد مٺل شاهه ولد پير مظهر الدين شاهه راشدي

 تيرهن سؤ هڪ ۾ ٺلاه ۾ تولد ٿيو. ابتدائي تعليم سکپور ۾ حاصل ڪيائين ۽ باقي تعليم سوني جتوئي ۾ مولانا غلام عمر جي مدرسي مان حاصل ڪيائين. باطني علم ۾ پنهنجي اُڃ پوري ڪرڻ لاءِ حضرت تاج محمود امروٽيءَ جي خدمت ۾ رهي درس ورتائون، جتي سندس ملاقات وقت جي جنيد حضرت حماد الله هاليجوي، مولانا احمد علي لاهوري، مولانا خوش محمد ميروخاني، مولانا عبدالحڪيم ڪهاڙو، مولانا محمد صالح بائيجي ۽ مولانا عبدالعزيز ٿريجاڻي سان ٿي. اهوئي سبب هو جو هن بزرگ جي طبيعت تي مولانا تاج محمود جي خيالن جو رنگ چڙهيل هو ۽ ”خلافت تحريڪ“ ۾ ڀرپور حصو ورتائين. شاعريءَ ۾ ڪمال درجي جو شاعر هو، ”بوستان“ ۽ ”قصو شيخ صنعان“ جو سنڌيءَ  ۾ منظوم ترجمو ڪيائين.

(iii)    غلام شاهه ولد عبدالوهاب شاهه راشدي 1313هه بمطابق 1895ع ۾ تولد ٿيو. روحاني تعليم پنهنجي والد بزرگوار کان حاصل ڪيائين. ظاهري تعليم آخوند محمد صالح لانڊر ۽ مولوي عبدالحليم اسحاقي کان ورتائين. ڪتابن جمع ڪرڻ جو کين تمام گهڻو شوق هو. سياست ۾ خلافت واري دور ۾ پير الاهي بخش سان گڏ هوندو هو. خيرپور ناٿن شاهه ۾ جيڪا خلافت ڪانفرنس منعقد ٿي تنهن ۾ شريڪ ٿيو، جتي سندس ملاقات حضرت مولانا تاج محمود، مولانا دين محمد وفائي، مولانا مير محمد نورنگي ۽ شيخ عبدالحميد سان ٿي ان کان علاوه علم و ادب سان به وابسته رهيو. 1930ع ۾ بزم راشدي قائم ڪيائين.

(iv)    پير رشيد الدين شاهه جهنڊائي هڪ عالم، فاضل ۽ ادب پرور انسان هو. ابتدائي تعليم پنهنجي والد حضرت پير ياسين کان حاصل ڪيائين. شعر و شاعريءَ ۾ اعليٰ درجي جو شاعر هو، سندس تخلص ”سيد“ هو، ”ڪافي“ ۾ کين وڏو ملڪو حاصل هو.

(v)      پير علي محمد شاهه راشدي هن موجوده دور جو هڪ ناميارو اديب سياستدان ۽ ليکڪ هو. پاڻ سنڌ جي سياست تي زندگيءَ ۾ ڇانيل رهيو. اهوئي سبب آهي جو پاڻ وزير ۽ سفير ٿي پاڪستان ۽ سنڌ صوبي جي ڪافي خدمت ڪئي.

(vi)    پير حسام الدين راشدي هڪ اهڙو انمول هيرو ٿي گذريو آهي جنهن جو نالو علم و ادب جي دنيا ۾ هميشھ چمڪندو رهندو. پاڻ ٿلهي ليکي ٽن سؤ مضمونن ۽ مقالن کي تحقيقي بنياد تي لکيو اٿائون. انهيءَ کان علاوه پنجاهه ڪتابن جا مقدما، تعليقات ۽ حواشيا لکيا اٿن. انهن مڙني خدمتن جو اعتراف ڪندي ايراني سرڪار پاران کيس ”ڊاڪٽر آف لٽريچر“ جي آنرري ڊگري ملي.

اهڙي ريت حضرت پير روضي ڌڻيءَ سياسي خدمتن جو جيڪو سلو پوکيو اهو اڄ ميودار تناول درخت بڻجي چڪو آهي. پاڻ جيڪي سياسي خدمتون سرانجام ڏنائون انهيءَ جا تفصيل هن مقالي جي متن ۾ ڏنا ويا آهن. کانئن پوءِ سندن فرزند حضرت پير صبغت الله شاهه سيد احمد شهيد جي سکن خلاف جهاد ۾ مالي، افرادي ۽ اخلاقي مدد ڪئي. ساڳي ريت پير صبغت الله شاهه ثانيءَ فرنگي سرڪار خلاف منظم ”حر تحريڪ“ هلائي ۽ وطن جي آزاديءَ لاءِ جان جي قرباني ڏئي تاريخ ۾ ”سورهيه بادشاهه“ جو لقب ماڻيو، تحريڪ آزاديءَ ۾ ”راشدي“ خاندان جيڪي خدمتون سرانجام ڏنيون اهي ڪنهن کان ڳجهيون نه آهن. فقط ”خلافت تحريڪ“ کي ڌيان ۾ رکجي ته پير تراب علي شاهه، پير مٺل شاهه، پير رشيد الدين شاهه ۽ پير غلام شاهه جا نالا ذهن جي پڙدي تي اُڀري اچن ٿا.

”راشدي“ خاندان جي معتقدن، مريدن جيڪي سياسي خدمتون سرانجام ڏنيون اهي پڻ تاريخ جي ورقن ۾ سونهري حرفن ۾ لکڻ جهڙيون آهن. مولانا تاج محمود امروٽي ”تحريڪ آزاديءَ“ ۾ ڀرپور حصو ورتو. اهڙي ريت مولانا عبيدالله سنڌي، مولانا غلام محمد دينپوري ”ريشمي رومال تحريڪ“ کان وٺي ”آزاديءَ جي تحريڪ“ تائين جيڪي خدمتون سرانجام ڏنيون اهي ڪنهن کان ڳجهيون نه آهن. اهي مختصر مثال اهو ثابت ڪن ٿا ته حضرت پير سائين محمد راشد روضي ڌڻيءَ ڏيهه ۽ ڏيهن سان محبت ڪرڻ جا جيڪي مثال قائم ڪيا انهن روايتن کي هر دور ۾ قائم دائم رکيو ويو آهي.

مختصر طور تي ائين چئي سگهجي ٿو ته حضرت پير سائين محمد راشد روضي ڌڻيءَ جي ديني، علمي، ادبي روحاني ۽ سياسي خدمتن سنڌ جي تاريخ تي دور رس اثر مرتب ڪيا ۽ هن بزرگ جي شخصيت خواه حيثيت کي صدين تائين ياد رکيو ويندو.

تجويزون

حضرت پير سائين روضي ڌڻيءَ روحانيت، مذهبي دوستي، ادب پروري ۽ سياسي خدمتن جون جيڪي روايتون قائم ڪيون آهن ۽ سندس گادي نشينن، پونيرن، خليفن، معتقدن خواه مريدن انهن روايتن کي قائم رکڻ کان سواءِ جيئن اڳتي وڌايو آهي انهن کي تاريخ جي ورقن ۾ محفوظ ڪرڻ لاءِ ۽ عام اڳيان مثال طور پيش ڪرڻ لاءِ تجويز ڪجي ٿو ته ”الراشديه“ اڪيڊمي قائم ڪئي وڃي، جنهن جا هي اغراض و مقاصد هجن ته:

(الف) راشدي خاندان ۽ ان جي معتقدن جي ديني، علمي ادبي، روحاني ۽ سياسي خدمتن کي مسلسل ۽ مستقل طور تي تاريخ جي ورقن ۾ محفوظ ڪرڻ.

(ب) انهن روحاني، علمي، ادبي خدمتن جي ڇنڊڇاڻ ڪري هر دور ۾ ”راشدي خاندان“ جي حيثيت ۽ اهميت کي متعين ڪرڻ.

ت) ”راشدي خاندان“ ۽ ان جي مريدن ۽ معتقدن جي علمي، ادبي ۽ قلمي ڪارنامن کي محفوظ ڪرڻ ۽ عام ڪرڻ لاءِ اشاعتي سلسلو قائم ڪرڻ.

حوالا ۽ سمجهاڻيون

(1)         مشوري محمد قاسم (مترجم)، ”ملفوظات شريف“، سنڌي، جلد 1، لاهور موليٰ واليٰ پرنٽرس، سال 1981ع، ص. 15

(2)        اهي هئا: محمد مراد ياب خان (1127 مطابق 54-1753 کان 1170هه مطابق 1757ع. ميان غلام شاهه 1170هه مطابق 1757 کان 1186هه مطابق 1772ع. ميان سرفراز 1186هه مطابق 1772ع کان 1189هه مطابق 76-1775ع. ميان غلام نبي 1189هه مطابق 76-1775ع کان 1190هه مطابق 1776ع. ميان عبدالنبي 1190هه مطابق 77-17769ع کان 1214هه مطابق 1799 ۽ ميان صادق علي .

(3)        اهي هئا: مير فتح علي خان 1199هه مطابق 1784ع کان 1217هه مطابق 1802ع، مير غلام علي 1217 هجري مطابق 1802ع کان 1227هه مطابق 1811ع، مير ڪرم علي 1227 هجري مطابق 1811ع کان 1244هه مطابق 1828ع، مير سهراب خان 1199هه مطابق 1784ع کان 1246هه مطابق 1830ع، مير ٺارو خان 1199هه مطابق، 1784ع تائين.

(4)        انهيءَ عرصي دوران ڪابل جا حڪمران هئا: (1) احمد شاهه ابدالي (1160هه مطابق 1747ع کان 1187هه مطابق 1773ع تائين) (2) تيمور شاهه (1187هه مطابق 1773هه مطابق 1793ع تائين. (3) زمان شاهه (1207 هه مطابق 1793ع کان 1221هه تائين مطابق 1800ع تائين) (4) شاهه محمد (1221هه مطابق 1800ع کان 1806ع تائين. (5) شاهه شجاع (1806ع کان 1814ع تائين) (Ca.Role OLAF “The Patrans” P.167)

(5)         مهر غلام الرسول، مولانا ”تاريخ سنڌ“، ڪلهوڙا دور، جلد 2، حيدرآباد، سنڌ ادبي بورڊ، سال 1964ع، ص. 504

(6)        ٺٽوي عظيم الدين، ”مقالات شعراء“ قلمي فارسي، ص. 55

(7)        مهر، غلام الرسول مولانا، ”تاريخ سنڌ“، ڪلهوڙا دور، جلد 2، حيدرآباد، سنڌي ادبي بورڊ، سال 1964ع، ص. 521.

(8)        پهريون دفعو محمد عطر خان انهيءَ وقت حڪمرانيءَ جو پروانو وٺي سندس مخالفت ڪئي، جڏهن درٻاري اميرن محمد مرادياب کي گرفتار ڪري کيس سنڌ جو والي تسليم ڪيو. ٻيو دفعو جڏهن محمد عطر خان ۽ ميان احمد يار خان ڪابل حڪومت جي لشڪر جي مدد سان سندس اقتدار ۾ شريڪ ٿيا ۽ ٽيون دفعو جڏهن محمد عطر خان ۽ احمد يار خان جي وچ ۾ اختلاف ٿيا، تان جو احمد يار خان ڪابل حڪومت کان حڪمرانيءَ جو

پروانو وٺي سنڌ ڏانهن آيو. (تاريخ سنڌ، جلد 2، مختلف صفحا)

(9)        ان سلسلي ۾ هن بسته، بندر ۽ لکپت ڪڇ جي راءِ کان حاصل ڪيو، اچ شهر ۽ سبزل ڪوٽ دائود پوٽن کان ورتو ۽ ڪراچي قلات جي والي کان حاصل ڪئي. (”تاريخ سنڌ“، اعجاز الحق، ص. 481)

(10)    ان فرمان جو متن هن ريت آهي:

(الف) محرم جي ڏينهن ۾ ماتم ڪرڻ ۽ تابوتن ڪڍڻ کي روڪيو وڃي.

(ب)  سڀئي نشيدار شين جي استعمال تي بندش وڌي وڃي.

(ت)  ڪڃرين، کدڙن ۽ جوارين تي بندش وڌي وڃي.

(ث)  مسلمان عورتون قبرستانن تي نه وڃن.

(ج)  جاندار شين جون تصويرون نه ڪڍيون وڃن.

(ح)  ڏاڙهي مٺ برابر رکائڻ کپي ۽ ڪنهن کي به ڪوڙائڻ جي اجازت نه ڏني وڃي.

(خ)   موت جي وقت زالن ۽ مردن کي پٽڻ ۽ پارن ڪڍڻ کان روڪيو وڃي.

(د)   مسلمان کي نماز، روزي ۽ ٻين سڀني مالي توڙي جاني عبادتن ڏانهن توجهه ڏياريو وڃي.

(11)     باري ”ڪمپني ڪي حڪومت“، اردو، لاهور، شوڪت پرنٽنگ پريس، سال 1976ع، ص. 306.

(12)    ايس. پي ڇٻلاڻي ڊاڪٽر، ”سنڌ جي اقتصادي تاريخ“، حيدرآباد، سنڌي ادبي بورڊ، سال 1968ع، ص. 39.

(13)    بيگ عباس علي مرزا، ”خدايار خاني ميان سرفراز خان عباسي“، ڄامشورو، انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي، سال 1980ع، ص. 16.

(14)    هزهائينس حسن علي مير، ”سنڌ جو شاهنامو عرف ڪلهوڙن جي هار“، حيدرآباد، مسلم ادبي سوسائٽي، سال 1952ع، ص. 8.

(15)     مهر، غلام الرسول، مولانا، ”تاريخ سنڌ“، ڪلهوڙا دور، جلد 2، حيدرآباد، سنڌ ادبي بورڊ، سال 1964ع، ص. 592.

(16)    قدوسي اعجاز الحق، ”تاريخ سنده“ جلد 2، لاهور، مرڪزي اردو بورڊ، سال 1985ع، ص. 502.

(17)    قدوسي اعجاز الحق، ”تاريخ سنڌ“، جلد 2، لاهور، مرڪزي اردو بورڊ، سال 1985ع، ص. 502.

(18)    مهر غلام الرسول مولانا، ”تاريخ سنڌ“، ڪلهوڙا دور، جلد 2، حيدرآباد، سنڌي ادبي بورڊ، سال 1964ع، ص. 707.

(19)      Burton Richard. F. “Sindh and the Races that Inhabit the Valley of Indus”, Karachi, Oxford University Press, 1973, P-235.

(20)   شيدائي رحيم داد مولائي، ”ٽالپرن جي مختصر تاريخ“، ڄامشورو، انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي، سال 1983ع، ص. 25.

(21)    مهر غلام الرسول مولانا، ”تاريخ سنڌ“، ڪلهوڙا دور، جلد 2، حيدرآباد، سنڌي ادبي بورڊ، سال 1964ع، ص. 527.

(22)   ڪابل حڪومت انهيءَ دور ۾ جيڪي يرغمالي پاڻ وٽ رکيا اهي هئا محمد عطر خان ۽ احمد يار خان جو پٽ عزت يار خان ۽ ٽيون يرغمالي هو ميان عبدالنبي جو پٽ محمد عارف.

(23)   انهيءَ عرصي دوران سنڌ تي ڪابل حڪومت طرفان جيڪي حملا ٿيا، انهن جو تفصيل هن ريت آهي: (1) ميان غلام نبيءَ جي ڏينهن ۾ محمد عطر خان شاهي لشڪر سميت سنڌ ۾ داخل ٿيو جنهن جي نتيجي ۾ ملڪ کي ٽن حصن ۾ ورهايو ويو. (2) ميان عبدالنبي جي ڏينهن ۾ احمد يار خان جو پٽ عزت يار خان ڪابل مان لشڪر سان گڏ سنڌ تي ڪاهي آيو. (3) ٽالپرن جي دور حڪومت ۾ ميان عبدالنبيءَ جي فائدي ۾ سردار احمد خان نوروزيءَ جي هٿ هيٺ سنڌ تي حملو ڪيو ويو.

(24)     Haig Major Genral, “The Indus Delta Country”, London, P-123.

(25)           پٺاڻ در محمد ڊاڪٽر، ”سنڌ ۾ عيسائين جي تبليغ ۽ سنڌي علم و ادب“، (مضمون)، ٽماهي، ”مهراڻ“، حيدرآباد، سنڌي ادبي بورڊ، سال 1981ع/4، ص. 168.

(26)   حضرت پير سائين روضي ڌڻيءَ جي ولادت کان اڳ ۾ جن يورپي ۽ فرنگي واپارين جو پتو پوي ٿو، انهن جو وچور هن طرح آهي: ائنٿوني اسٽارڪي 1612، والٽرپيٽن 1613، سر رابرٽ شرلي فرانس بب 1613، ماسٽر مائيڪل 1613، ٿامسن پاول، نڪولس وٿنگٽن، سر ٿامسرو، جان اسپيلر، وليم بيل، همفري فاڪس. (مهراڻ، 1982ع/1-2)

(27)     Carole Olaf  Sir, “The Pathans”, Karachi, Oxford University Press, 1983, P-167.

(28)     Furban Holen, “John Company at Work”, Cambridge London, 1951, P.70.

(29)     Pottenger Henry, “Travels in Balouchistan and Scinde”, London, Longmen, 1816, P.1.

(30)     Ibid. P-1.

(31)    انهيءَ معاهدي جون شقون هن ريت آهن:

(الف) ٻئي حڪومتون دوست ٿي رهنديون.

(ب) جيڪڏهن ڪنهن به ڌر کي فوجي مدد جي ضرورت پوندي ته گهر ڪرڻ سان هڪ ٻئي کي مدد ڪنديون.

(ت)  ڪابه حڪومت ٻئي ڌُر جي ڏوهارين کي پاڻ وٽ پناهه نه ڏيندي.

(ث)   جيڪڏهن ٽالپر هندستان جي ڪنهن به بندر کان ڪمپني سرڪار کان جنگي سامان خريد ڪندا ته قيمت ڏيڻ کان پوءِ کين مال کڻڻ جي اجازت هوندي.

(ج)  دوستانه تعلقات کي مضبوط ڪرڻ لاءِ ايسٽ انڊيا ڪمپني جو وڪيل ميرن جي درٻار ۾ رهندو.

(ح)  ناٿن ڪرو جي سنڌ مان نڪري وڃڻ وقت ڪمپنيءَ کي جيڪو نقصان پهتو، تنهن جو سوال ٻيهر ڪونه اٿاربو.

(خ)  جيئن ڪلهوڙن جي صاحبيءَ وقت ٺٽي ۾ ڪمپني جي واپاري ڪوٺي هئي، تيئن اها ڪوٺي ٻيهر اتي برپا ڪجي. (جنت السنڌ، ص، 624-625)

(32)   شيدائي رحيمداد مولائي، ”جنت السنڌ“، حيدرآباد، سنڌي ادبي بورڊ، سال 1985ع، ص. 622.

(33)   ايضاََ، ص. 623.

(34)   قدوسي اعجاز الحق، ”تاريخ سنده“ (اردو)، جلد 2، لاهور، مرڪزي اردو بورڊ، سال 1985ع، ص. 615.

(35)    شيدائي رحيمداد مولائي، ”ٽالپرن جي مختصر تاريخ“، ڄامشورو، انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي، سال 1985ع، ص. 55.

(36)   سڪندري عبداللطيف (مرتب) حضرت پير سائين سردار روضي ڌڻيءَ جو ڪلام، سکر عبيدالله پرنٽنگ پريس، سال 1985ع، ص. 19.

(37)   نظاماڻي، شير محمد حاجي، ”الرحيم“، ٽه ماهي، حيدرآباد، شاهه ولي الله اڪيڊمي، سال 1966ع/1، ص. 83.

(38)   سڪندري در محمد مفتي (مترجم)، ”ملفوظات شريف“ (سنڌي)، جلد 4، ڪراچي، نويد پرنٽنگ پريس، سال 1984ع، ص. 10 ۽ 11.

(39)   سڪندري در محمد مفتي (مترجم)، ”ملفوظات شريف“ (سنڌي)، جلد 5، ڪراچي، نويد پرنٽنگ پريس، سال 1976ع، ص. 206.

(40)     Qaleech Beg Mirza, “History of  Sindh”, 2nd Edition, Karachi, Ishtiaque Printing Press, 1982, P.202.

(41)    نظاماڻي شير محمد حاجي، ”الرحيم“، ٽماهي، حيدرآباد، شاهه ولي الله اڪيڊمي، سال 1966ع/1، ص. 82-83.

(42)   وفائي دين محمد مولانا، ”تذڪره مشاهير سنڌ“، ڀاڱو پهريون، حيدرآباد، سنڌي ادبي بورڊ، سال 1985ع، ص. 268.

(43)   مهر غلام الرسول مولانا، ”تاريخ سنڌ“، جلد 2، حيدرآباد، سنڌي ادبي بورڊ، سال 1964ع، ص. 518.

(44)     Qaleech Beg Mirza, “History of Sindh”, 2nd Edition Karachi, Ishtiaque Printing Press, 1982, P.155.

(45)    قدوسي اعجاز الحق، ”تاريخ سنده“ (اردو) جلد 2، لاهور، مرڪزي اردو بورڊ، گليڪسي پريس، سال 1985ع، ص. 462.

(46)   سڪندري در محمد مفتي (مترجم)، ”ملفوظات شريف“، جلد 5، (سنڌي)، ڪراچي، افريشا پرنٽنگ پريس، سال 1976ع، ص. 205.

(47)   ايضاََ، ص. 34.

(48)   علامه قاسمي غلام مصطفيٰ، ”الرحيم“ مشاهير نمبر، حيدرآباد، شاهه ولي الله اڪيڊمي، سال 1967ع، ص. 25.

(49)     Keith Aurthur Berried, “Constitutional History of India”, Lahore, Fisco Press, 1965, P-72.

(50)    جويو محمد ابراهيم، ”تاريخ پاڪستان“، حيدرآباد، قرآن پريس، 1962ع، ص. 331.

(51)     رضوي سيد گل محمد، ”شير ميسور“، حيدرآباد، مدينه پرنٽنگ پريس، سال 1966ع، ص. 45.

(52)    صاحبزاده عبدالرسول، ”تاريخ پاڪ هند“، لاهور، آڪسفورڊ اينڊ ڪيمبرج پريس، سال 1966ع، ص. 127، 166، 168، 186.

(53)    ايضاََ، ص. 102.

(54)    هاشمي انوار، ”تاريخ هندو پاڪ“، ڪراچي، تنوير پريس، سال 1974ع، اشاعت چهارم، ص. 414.

(55)     Qaleech Beg Mirza, “History of Sind”, 2nd Edition (Foot Note) Karachi, Ishtiaque Printing Press, 1982, P-207.

(56)    سندس آمد جي سال بابت مختلف محققن مختلف سال ڏسيا آهن. منشي عطا محمد ”تاريخ تازه نوائي محارڪ“ جي صفحي 18 تي شاهه شجاع جي آمد جو سال 1221هه ٻُڌايو آهي. مولانا غلام الرسول تاريخ سنڌ (ڪلهوڙا دور) جي صفحي 802 تي ۽ مرزا قليچ بيگ ”تاريخ سنڌ“ جي صفحي 209، تي 1218هه ٻُڌايو آهي. جڏهن ته ”تذڪره مخاديم کهڙا“ جي مؤلف اهو سال 1219هه ٻُڌايو آهي، جنهن لاءِ پڻ قطع تاريخ پڻ ڏني اٿس، جيڪا هن ريت آهي:

”ازلب درياه زبکهر بازگشت“

                       1219هه

(57)    مشوري محمد قاسم مولانا (مترجم)، ”ملفوظات شريف“ (سنڌي)، جلد 2، ڇاپو 2، لاهور، موليٰ واليٰ پرنٽرز، سال 1981ع، ص. 87-88.

(58)     Qaleech Beg Mirza, “History of Sindh”, 2nd Edition, Karachi, Ishtiaque Printing Press, 1982, P-209.

(59)    مخدوم محمد عاقل رابع، ”تذڪره مخاديم کهڙا“ (فارسي) قلمي، ص. 107-108.

(60)     Qaleech Beg Mirza, “History of Sindh”, 2nd Edition, Karachi, Ishtiaque Printing Press, 1982, P-209.

نئون صفحو -- ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org