سيڪشن:شخصيات

ڪتاب: حضرت پير محمد راشد (روضي ڌڻي)

باب:

صفحو:8

جڠإڎڢ

حضرت پير محمد راشد روضي ڌڻيءَ رشد و هدايت جا جيڪي واهڙ وهايا انهيءَ کي سندس خليفي محمود ڪڙئي واري محنت، محبت ۽ عقيدت سان قلمبند ڪري ”ملفوظات شريف“ جي صورت ڏني. اها ”ملفوظات“حضرت پير روضي ڌڻيءَ جي علمي ڄاڻ، روحاني حيثيت، تبليغ جي طريقي ۽ مذهبي معلومات جي ساک ڀرڻ کان سواءِ عام پڙهندڙن جي ذهني، فڪري ۽ روحاني رهبري ڪري ٿي.

خليفو محمود فقير نظاماڻي هن بيش بها خزاني جي گڏ ڪرڻ جو پسِ منظر ٻُڌائيندي لکي ٿو: ”خاص ڪري هن وقت جو 1248 هجري سن آهي، جنهن ۾ عدل جي عيوض ظلم ۽ علم جي بدران جهل، ادب جي بدران بي ادبي، سچ جي بدران ڪوڙ ۽ رحم جي بدران ڪاوڙ جو دور هلي رهيو آهي، اخلاقن ۽ چڱي چلت جو زمانو بداخلاقن ۽ ڪُڌن ڪمن جي اوقات سان مٽجي رهيو آهي...

اهڙن فتنن، ڏکن ۽ انڌوهن جي زماني ۾ مرشد منهنجا اکين جا ٺار، قلب جي قرار جي مٺي محبت ۽ وصل جي لذت ۽ فرحت جا ڏينهن ياد ٿا پون ته اندر ۾ چاڪ ۽ چير، جگر ۾ جهير ۽ جيرن ۾ لوڻ ٻرڪجي وڃي ٿو. تنهنڪري پنهنجي ڦٽيل دل جي تسڪين ۽ ٻين سچن طالبن جي ترغيب ۽ غافلن جي تنبيهه خاطر ۽ پڻ سندس عاشقن جي جميعت وارن درختن جي سر سبزيءَ لاءِ جيڪي باغبان باغ الاهيءَ جي شيرازه ٻڌندڙ مجموعي طالبن لاءِ لامتناهي فراق ۽ جدائي جي جهوليءَ ۾ سچي تازگيءَ جي پنن کان پالها ٿي ويا آهن، ڪي مقولا جي حضور پر نور جا فرمايل گلاب جي خوشبوء وانگر فيض جي عرق ۾ سمايل آهن، تن کي ڪتاب جي شيشي ۾ گڏ ڪري اشتهار جي دڪان تي رکيم.“ (71)

هن عظيم خدمت کي سرانجام ڏيندي خليفي محمود نظاماڻيءَ پنهنجي مرشد ڀائي ۽ همعصر خليفي محمد حسين مهيسر جي ڪتاب ”صحبت نامو“ مان پڻ استفادو ورتو آهي. پر ان هوندي به ”ملفوظات“ جي ترتيب ۽ تدوين جو سمورو اعزاز کيس ئي ملي ٿو.

خليفي محمود نظاماڻيءَ هن علمي، ادبي ۽ روحاني خزاني کي عقيدت ۽ محبت جي جذبن جي پوئواري ڪندي ترتيب ڏنو آهي، پر پوءِ به هر دور جي علمي، تنقيدي ۽ تحقيقي ضرورتن کي پورو ڪرڻ لاءِ مواد جي چونڊ جي ڪسوٽي مقرر ڪئي اٿس. جنهن مان ثابت ٿئي ٿو ته هو پنهنجي دور جو ڄاڻو قلم ڌڻي هو.

هن ملفوظات شريف جا جملي ڇهه حصا آهن، جن ۾ 1911 روايتون، چار خط ۽ پنج وظيفا ڏنا ويا آهن. انهن روايتن جو طريقو محمود فقير پاڻ هن ريت ٻُڌايو آهي ته: ”جيڪو نقل جن لفظن سان معتبر راوين کان ٻُڌو ويو سو انهن ساڳين لفظن سان هتي لکيو ويو.“ (72)

خليفو محمود فقير وڌيڪ لکي ٿو ته: ”معلوم هجي ته ڪن نقلن ۽ راوين جي اختلاف ڪري جيڪو تفاوت ڏيکارجي سو ٻڌندڙن جي استعداد ۽ سمجهڻ جو تفاوت سمجهڻ گهرجي. (73)

يعني هن ڪسوٽيءَ مطابق خليفي محمود فقير پنهنجي قلمي پورهيي کي وڏي تنقيد کان بچائي ڇڏيو آهي. ”ملفوظات شريف“ جي مطالعي ڪرڻ مان پڻ ڪن روايتن جا اختلاف نمايان ٿين ٿا، پر محمود فقير پنهنجي علمي ايمانداريءَ سان انهن اختلافن کي جيئن جو تيئن رکيو آهي ۽ پنهنجي طرفان ڦير گهير نه ڪئي اٿس. هن مان پڻ اها حقيقت ظاهر ٿئي ٿي ته خليفي محمود فقير پڙهندڙن کي غور فڪر، تجسس ۽ تحقيق ڪرڻ جو موقعو ڏنو آهي، پر انهن کي زبردستي پنهنجو هم خيال بنائڻ جي ڪوشش نه ڪئي آهي، مثال طور هڪ ئي واقعي سان واسطو رکندڙ ٻه نقل ملاحظه فرمايو:

”هڪ شخص غلام محمد اُنڙ تي مير غلام علي ٽالپر جي حڪومت جا سورهن هزار روپيا قرض هو. تنهن حضرت جن کي خدا جو نالو وجهي عرض ڪيو ته مونکي قرض کان آزاد ڪرايو. ان ڪري پاڻ به حيدرآباد جي قلعي ۾ قاضي محمد يعقوب جي مسجد شريف ۾ منزل انداز ٿيا. (74) اهو ساڳيو نقل جلد پنجين ۾ هن ريت بيان ڪيو ويو آهي:

”هڪ ڀيري غلام محمد اُنڙ تي سرڪاري ٽيڪس جو قرض ٿي پيو، جنهن کي معاف ڪرائڻ جي ارادي سان حيدرآباد جي حاڪم مير غلام علي ٽالپر وٽ حضرت حاضر ٿيا. مير صاحب جن حضرت جو ٻڌي شڪار جي بهاني هليو ويو. پاڻ ان دوران لاڙ جي فقيرن جون دعوتون ورتائون، جڏهن ٽنڊي بهادر نظاماڻي پهتا، تڏهن بهادر فقير عرض ڪيو ته حضرت مير غلام علي واپس ته آيو آهي، پر توهان جو ٻڌي وري شڪار تي وڃي ٿو. تنهن تي پاڻ فرمايائون ته: ”ڄهنگان يارن جي هٿ ۾ گمبٽ ڪيئن ويندي؟ پاڻ ان وقت سوار ٿي حيدرآباد ۾ قاضي مقبول شاهه جي مسجد ۾ اچي لٿا. (75)

مٿين ذڪر ڪيل هڪ ئي واقعي سان واسطو رکندڙ ٻن نقلن ۾ مسجد بابت ٻه روايتون آهن. هڪ روايت ۾ محمد يعقوب جي مسجد ۽ ٻي روايت ۾ مقبول شاهه جي مسجد ٻُڌايو ويو آهي. ”ملفوظات“ جي مرتب انهن ٻنهي روايتن کي جيئن جو تيئن رکيو، جنهن مان سندس ادبي ايمانداري ۽ ديانتداريءَ جي ثابتي ملي ٿي.

”ملفوظات شريف“ جي مرتب ڪيترن هنڌن تي پنهنجي مرشد جي قولن جي تشريح پڻ ڪئي آهي. ان مان سندس علمي حيثيت ۽ حضرت روضي ڌڻيءَ جي لائق خليفي هئڻ جي شاهدي ملي ٿي. هن پنهنجي مرشد جي مقولن ۽ فرمودات جي ڪيئن تشريح ڪئي آهي، ان جو مثال هيٺ ڏجي ٿو:

خليفو سيد نالي مٺو نقل ٿو ڪري ته پاڻ فرمايائون ته جيڪڏهن ڪنهن شخص کي ڪو ”بي ايمان“ سڏي ته ان کي ويچار ڪرڻ گهرجي ۽ دل ۾ خيال ڪري ڏسي ته آءٌ واقعي مومن آهيان؟ جيڪڏهن مومن آهي ته پوءِ مٿس رنج نه ٿيڻ گهرجي، ڇو ته انجو چوڻ اجايو آهي ۽ سندس چوڻ سان بي ايمان نه ٿي سگهندو، بلڪ پاڻ چوندڙ گهنگهار ٿيندو جنهن جي جزا کيس پهچڻي آهي ۽ جيڪڏهن ڪوئي شخص کيس ”ولي“ ڪري سڏي ته به دل ۾ خيال ۽ ويچار وٺڻ ضروري آهي. جيڪڏهن ”ولي“ نه هجي ته خوش نه ٿيڻ کپيس.

”اي عزيز! سندن انهيءَ فرمودي ۾ معنيٰ رکيل آهي ڇو ته سندس حق ۾ جو ”بي ايماني“ يا ”ولي“ جو لفظ ڪنهن به شخص ڳالهايو ته اها به ڪليم جي صفت سمجهي، پوءِ نظر ڪري ڏسي ۽ پنهنجي افعالن کي انصاف جي تارازي ۾ توري. جيڪڏهن بڇڙا ڪم نظر اچنس ته انهن کان توبهه تائب ٿي خدا تعاليٰ ڏي رجوع ڪري پر جي موچارا ڪم ڏسي ته الله تعاليٰ جو حمد بجا آڻي ۽ آئيندي تقدير جي مخالفت کان خوف ۾ رهندو اچي ۽ معذوريءَ ۾ نه پئجي وڃي.

نيڪ باشي و بدت گويد خلق،

بھ که بد باش و نيکت بيند.

يعني جيڪڏهن چڱو هجين ۽ ماڻهو توکي بڇڙو سڏن ته اهو چڱو اٿئي، جو هجين بڇڙو ۽ ماڻهو توکي چڱو نيڪو ڪار سمجهن.“ (76) مٿين ذڪر ڪيل نقل ۾ ”اي عزيز“ لفظ کان وٺي آخر تائين جو اضافو ”ملفوظات“ جي مرتب خليفي محمود فقير پاڻ ڪيو آهي.

”ملفوظات شريف“ ۾ مختلف شخصيتن لاءِ مختلف لفظ يا خطاب ڪم آندا ويا آهن، ان جي وضاحت پڻ مقدمي ۾ ڪئي ويئي آهي، جيئن ته:

پاڻ :              حضرت روضي ڌڻي

مرشد معظم:     حضرت روضي ڌڻي

صاحبزادو والا تبار:        صبغت الله اول

مسند نشين :    صبغت الله اول

حضرت ميان :    سيد محمد بقا

ملفوظات جي هن املهه خزاني ۾ سڀ کان وڌيڪ روايت مرتب جون پنهنجون آهن، جنهن جو تعداد 1093 آهي، ان کان پوءِ ٻئي نمبر تي روايتن جو تعداد 174 آهي، جيڪي خليفي ميان لقمان فقير جون آهن، ٽئين نمبر تي خليفي اُميد علي ٽالپر جون 79 روايتون راوين کان نقل ٿيل آهن. جملي 198 راوين روايتون ڪيون آهن، جن مان 179 راوين جا نالا ملن ٿا، باقي 19 راوي گمنام آهن. هن مان پڻ اها ڳالهه ظاهر ٿئي ٿي ته ”ملفوظات“ جي مرتب مواد ۽ متن کي مستند بنائڻ لاءِ تصديق خاطر راوين جا نالا ڏنا آهن. هي ڳالهه ”ملفوظات شريف“ کي باقي تنهن دور جي انهيءَ قسم وارين ديني ۽ روحاني ڪتابن کان مٿاهون ڪري ڇڏي ٿي.

”ملفوظات شريف“ جا ڇهه حصا هڪ مقدمي، سورهن بابن ۽ هڪ خاتمي تي مشتمل آهن، جن جو تفصيل هن ريت آهي:

بإب صێڎۑۆڷ

فصل پهريون

فصل ٻيو

فصل ٽيون

فصل چوٿون

فصل پنجون

فصل ڇهون

لاالھ الاالله جي ذڪر بابت نقلن ۾

عملن جي نيت بابت نقلن ۾

طالب جي علم بابت نقلن ۾

شريعت بابت نقلن ۾،

نماز ۽ دعائن بابت نقلن ۾.

روزن بابت نقلن ۾

 

بإب تۑۆ

هن ۾ پنج فصل آهن

فصل پهريون

فصل ٻيو

فصل ٽيون

فصل چوٿون

فصل پنجون

متابعت بابت نقلن ۾.

عزيمت ۽ رخصت باب نقلن ۾.

وعظ ۽ نصيحت باب نقلن ۾.

سچ جي ڀلائي ۽ ڪوڙ جي سٺ ۾.

رياءُ جي عبادت ۽ سخاوت جي سٺ ۾.

 

بإب خۑۆڷ

فصل پهريون

فصل ٻيو

فصل ٽيون

فصل چوٿون

فصل پنجون

فصل ڇهون

صفت جلال ۽ جمال بابت نقلن ۾.

ملامت وارن جي بيان ۾.

اعتراض ڪرڻ بابت نقلن ۾.

بي ادبيءَ جي تنبيهه بابت نقلن ۾.

نالائقن جي صحبت کان بچڻ بابت نقلن ۾.

خوف ۽ اُميد بابت نقلن ۾.

 

بإب غۆحۆڷ

هن ۾ نَوَ فصل آهن

فصل پهريون

فصل ٻيو

فصل ٽيون

فصل چوٿون

فصل پنجون

فصل ڇهون

فصل ستون

 

فصل اٺون

فصل نائون

 

توبهه ۽ استغفار جي بيان ۾.

مرشد جي صحبت ۽ الله جل شانھ جي طالبن بابت.

ادب جي بيان بابت نقلن ۾.

ذڪر ۽ شغل بابت نقلن ۾.

قبض ۽ بسط بابت نقلن ۾.

خوابن ۽ واقعات جي نقلن ۾.

الله سائين جلشانھ جي طلب ڪرڻ جي رغبت ڏيارڻ بابت.

غفلت کان تنبيهه ڪرڻ بابت نقلن ۾.

نفس جي مخالفت ڪرڻ ۽ موافقت کان روڪڻ بابت نقلن ۾.

 

بإب صڷضۆڷ

هن ۾ پنج فصل آهن

فصل پهريون

فصل ٻيو

فصل ٽيون

فصل چوٿون

فصل پنجون

ويساهه جي سچائي جي بيان ۾.

اوليائن جي سڃاڻڻ بابت نقلن ۾.

مرشد سان مريد جي اتحاد ۽ رابطي بابت نقلن ۾.

مرشد جي مريد سان دوستي بابت نقلن ۾.

مرشد جو مريد کان امتحان وٺڻ بابت نقلن ۾.

 

بإب فێۆڷ

هن ۾ پنج فصل آهن

فصل پهريون

فصل ٻيو

فصل ٽيون

فصل چوٿون

فصل پنجون

دنيا ۽ دنيا جي طالبن جي مذمت بابت نقلن ۾.

دنيا جي ترڪ ڪرڻ بابت نقلن ۾.

الله تعاليٰ جلشانھ تي توڪل ڪرڻ بابت نقلن ۾.

تدبير جي ترڪ ڪرڻ بابت نقلن ۾.

ماسويٰ الله تعاليٰ کان تجديد ۽ آزاديءَ بابت نقلن ۾.

بإب ښجۆڷ

هن ۾ چار فصل آهن

فصل پهريون

فصل ٻيو

فصل ٽيون

فصل چوٿون

طالبن جي بلند همٿي بابت نقلن ۾.

سچي طالب جي ڪششن بابت نقلن ۾.

مرشد جو مريد تي شفقت بابت نقلن ۾.

ٻانهي تي الله سبحانھ وتعاليٰ جي شفقت بابت نقلن ۾.

 

بإب إسۆڷ

هن ۾ ڇهه فصل آهن

فصل پهريون

فصل ٻيو

فصل ٽيون

فصل چوٿون

فصل پنجون

فصل ڇهون

جذب ۽ عشق بابت نقلن ۾.

محبت ۽ بيقراري بابت نقلن ۾.

سڪر ۽ بيخودي ۽ استغراق بابت نقلن ۾.

توحيد ۽ ڪفر حقيقت بابت نقلن ۾.

فنا ۽ بقا بابت نقلن ۾.

دوام آگاهي بابت نقلن ۾.

بإب ڷإیۆڷ

هن ۾ چار فصل آهن

فصل پهريون

فصل ٻيو

 

فصل ٽيون

فصل چوٿون

حقيقت محمدي ' بابت نقلن ۾.

ڪعبة الله شريف زادها الله تعاليٰ شرفا و تعظيما جي ڀلائي بابت نقلن ۾.

عروج ۽ نزول بابت نقلن ۾.

اسلام حقيقي بابت نقلن ۾.

بإب ڊێۆڷ

هن ۾ چار فصل آهن

فصل پهريون

فصل ٻيو

فصل ٽيون

فصل چوٿون

معجزن بابت نقلن ۾.

تصوف بابت نقلن ۾.

ڪرامت بابت نقلن ۾.

صحيح مڪاشفھ بابت نقلن ۾.

بإب ۑإڎێۆڷ

هن ۾ چار فصل آهن

فصل پهريون

فصل ٻيو

 

فصل ٽيون

فصل چوٿون

الله سبحانھ وتعاليٰ جي لقاء بابت نقلن ۾.

نفس جي سڃاڻڻ مان مالڪ سائين عزاسمھ جي سڃاڻ ملڻ بابت نقلن ۾.

لدني علم بابت نقلن ۾.

اسرارن بابت نقلن ۾.

 

بإب تإڎێۆڷ

هن ۾ ٽي فصل آهن

فصل پهريون

فصل ٻيو

فصل ٽيون

فقر ۽ قناعت بابت نقلن ۾.

فتوحات جي رد ڪرڻ کان منع بابت نقلن ۾.

قضاء الاهي تي راضي رهڻ بابت نقلن ۾.

بإب جۑڎێۆڷ

هن ۾ ست فصل آهن

فصل پهريون

فصل ٻيو

فصل ٽيون

فصل چوٿون

فصل پنجون

فصل ڇهون

فصل ستون

خلق الله تعاليٰ جي خدمت بابت نقلن ۾.

مسڪينن تي رحم ڪرڻ بابت نقلن ۾.

دوائن بابت نقلن ۾.

سخاوت ۽ مروت بابت نقلن ۾.

سهڻن اخلاقن بابت نقلن ۾.

ڪسر نفسي بابت نقلن ۾.

وردن وظيفن بابت نقلن ۾.

بإب غۆڊێۆڷ

هن ۾ چار فصل آهن

فصل پهريون

فصل ٻيو

فصل ٽيون

فصل چوٿون

علماء الدنيا ۽ علماء آخرت جي فرق بابت نقلن ۾.

ڪامل ناقص جي فرق بابت نقلن ۾.

عقل انساني ۽ عقل حيواني جي فرق بابت نقلن ۾.

سعادت ازلي ۽ ثقاوت ازلي بابت نقلن ۾.

بإب صڷڈڎێۆڷ

هن ۾ چار فصل آهن

فصل پهريون

فصل ٻيو

فصل ٽيون

فصل چوٿون

متفرق نقلن ۾.

مجنونن جي نقلن ۾.

انبياء سڳورن صلواة الله تعاليٰ عليهم جي ڀلائي بابت.

اصحابن سڳورن جي ڀلائيءَ بابت نقلن ۾.

بإب ښۆڎێۆڷ

هن ۾ پنج فصل آهن

فصل پهريون

فصل ٻيو

فصل ٽيون

فصل چوٿون

فصل پنجون

شفاعت بابت نقلن ۾.

قصورن جي معافي ڏيڻ بابت نقلن ۾.

خوشطبعي بابت نقلن ۾.

مرشد ڪريم رحمة الله عليھ جي وصيت ۾.

اولياء ڪرامن ۽ مناقبن بابت نقلن ۾.

 

كإجڶێ

فصل پهريون

 

فصل ٻيو

 

مرشد ڪريم رحمة الله عليھ جي مناقبن بابت نقلن ۾.

مرشد ڪريم رحمة الله عليھ جي وصال جي تاريخ بابت نقلن ۾.

 

حضرت پير محمد راشد روضي ڌڻيءَ جي هن علمي، روحاني ۽ مذهبي خزاني جي خدمت جو اعزاز جنهن شخصيت کي نصيب ٿيو اهو سڀ کان پهريون خليفو محمد حسين مهيسر هو، جنهن ”صحبت نامه“ جي عنوان سان حضرت روضي ڌڻيءَ جي قولن ۽ نقلن کي قلمبند ڪيو. (77) پر جيئن ته خليفو محمد حسين حضرت پير روضي ڌڻيءَ جي حياتيءَ ۾ گذاري ويو. (78) ان ڪري ”ملفوظات“ جي نئين سر مرتب ڪرڻ جو اعزاز خليفي محمود ڪڙئي واري کي نصيب ٿيو. انهن ٻنهي بزرگن هن خزاني کي فارسي زبان ۾ گڏ ڪيو. خليفي محمود انهيءَ کي ”مجمع الفيوضات“ جو نالو ڏنو.

”ملفوظات شريف“ کي سنڌي ويس پارائڻ جو اعزاز بزرگ ۽ ديني عالم علامه محمد قاسم مشوريءَ کي مليو، جن 1961ع ۾ ”مجمع الفيوضات“ جو ”ملفوظات شريف“ جي نالي سان ترجمو ڪيو. اهڙي ريت ”ملفوظات شريف“ جا ٽي حصا پاڻ سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيائين. 1974ع ۾ مفتي در محمد سڪندريءَ باقي رهيل ترجمي جي ڪم کي هٿ ۾ کنيو ۽ پنهنجي استاد مولوي محمد صالح جي نگراني هيٺ ”جميعت العلماء سڪندري“ جي تعاون سان تڪميل تي پهچايو. هن وقت ”ملفوظات شريف“ مڪمل صورت ۾ ترجمو ٿي پڙهندڙن جي هٿن ۾ پهچي چڪي آهي.

ښڎغڛڶإ

حضرت پير محمد راشد روضي ڌڻيءَ جي ”ملفوظات“ جي مطالعي ڪرڻ مان معلوم ٿئي ٿو ته هيءَ علمي ڪوشش هڪ اهڙي گلدستي جهڙي آهي، جنهن ۾ ڀانت ڀانت جا رنگ برنگي ۽ خوشبوء ڏيندڙ گل سمايا ويا آهن. حضرت محمد راشد روضي ڌڻيءَ هدايت ۽ حق جو هوڪو ڏيندي هڪ ئي وقت تي سنڌي، فارسي ۽ عربي زبان ۾ علم و ادب خواه مذهبي ڪتابن جو عرق پيش ڪيو آهي. ان ڪري اهو ڪڏهن به دلچسپيءَ کان خالي نه ٿيندو ته پنهنجي دور جي هن ڄاڻو ديني عالم ۽ روحاني رهبر جي ” ملفوظات“ جي سرچشمن جي نشاندهي ڪئي وڃي. جيڪڏهن انهن مکيه سرچشمن جا نالا ڳڻيا ويندا ته اهي هن ريت ٿيندا. قرآن شريف، حديث، مثنوي، سنڌيءَ ۽ عربيءَ جا متعدد ڪتاب هرهڪ مکيه سرچشمي جي جهلڪ هيٺ پيش ڪجي ٿي.

حضرت پير سائين روضي ڌڻيءَ جي ” ملفوظات“ ۾ سڀ کان مقدس ۽ ٻاجهارو سرچشمو قرآن شريف کي بڻايو ويو آهي. حضرت محمد راشد روضي ڌڻيءَ رشد و هدايت جي جيڪا تند تنواري آهي، ان جو اصلي مرڪز ۽ محور به ڪلام الاهي ٿئي ٿو. پاڻ شريعت جو پابند ۽ مبلغ هو. هن تصوف جي پڻ انهيءَ حوالي سان تشريح فرمائي. ان ڪري کين قرآن شريف کي ئي پنهنجو اهم ۽ مؤثر معلوماتي سرچشمو بنائڻو پيو. حضرت روضي ڌڻيءَ جي ” ملفوظات“ ۾ 98 هنڌن تي قرآن شريف جون آيتون ڪم آنديون ويون آهن. انهن آيتن مان ڪن جو جيڪڏهن ترجمي سميت متن ٺاهبو ته هن ريت ٿيندو:

ڤڎآڷ ڛڎۑڢ

 (1)    ”تراهم ينظرون اليڪ وهم لايبصرون“ (79)

يعني ته اي پيغمبر (ظاهر) ۾ ته تو ڏانهن نهارين ٿا پر (حقيقت ۾) هو بلڪل توکي ڪونه ٿا ڏسن.

(2)     ان الڪافرين لاموليٰ لهم. (80)

يعني: بيشڪ ڪافرن جو ڪوبه مالڪ نه آهي.

(3)     ان تتقوالله يجعل لڪم فرقاناََ ويڪفر عنڪم سيآتڪم. (81)

يعني: جيڪڏهن الله تبارڪ و تعاليٰ جو ڊپ رکندو ته الله تعاليٰ اوهان لاءِ (حق باطل جي تميز لاءِ) سنڌو ۽ دليل پيدا ڪندو ۽ اوهان جا گناهه ميٽيندو.

(4)     ولمن خاف مقام ربھ جنتان. (82)

يعني: الله کان ڊڄندڙن لاءِ ٻه عمدا باغ آهن.

(5) ان اڪرمڪم عندالله اتقاڪم. (83)

يعني: بيشڪ الله وٽ عزت وارو اهو آهي، جيڪو پرهيزگار آهي.

(6)     ولاتطع من اغفلنا قلبھ عن ذڪرنا واتبع هواه وڪان امره فرطا (84)

يعني: ان شخص جي پيروي نه ڪر جنهن جي دل کي پنهنجي ذڪر کان غافل ڪري ڇڏيو اٿئون ۽ هو پنهنجي نفساني سڌن جي پيروي ۾ پيل آهي ۽ انهيءَ جو اهو ڪم خراب آهي.

(7)     وان تصوموا خيرلڪم. (85)

يعني: سفر ۾ مهلت هوندي، روزو رکندؤ ته توهان لاءِ بهتر آهي.

(8)     انڪ لتهدي اليٰ صراط المستقيم. (86)

يعني: اي پيغمبر (ڪريم ') تون سنئين ۽ سڌي رستي ڏانهن ماڻهن کي هدايت ڪرين ٿو.

(9)     ونهي النفس عن الهويٰ فان الجنة هي الماءويٰ (87)

يعني: جنهن شخص پنهنجي نفس کي نفساني خيالات کان روڪيو ته ان لاءِ بهشت ۾ رهڻ جي جاءِ آهي.

(10) ولاتسو الذين يدعون من دون الله فيسبو الله عدوا بغير علم (88)

يعني: جن کي ڪافر الله جل شانھ کان سواءِ سڏيندا آهن، تن کي گاريون نه ڏيو (ڇو ته انهيءَ ڪري) پوءِ گاريون ٿا ڏين الله تعاليٰ کي بغير علم ۽ دشمنيءَ جي.

(11) قل ان ڪنتم تحبون الله فاتبعواني يحببڪم الله ويغفرلڪم ذنوبڪم والله غفور رحيم (89)

يعني: (اي پيغمبر ڪريم ') ماڻهن کي چئو ته جيڪڏهن الله تعاليٰ کي دوست ٿا رکو ته منهنجي اطاعت ڪيو ته الله تعاليٰ توهان کي دوست رکي ۽ توهان جا گناهه بخشي. الله تعاليٰ بخشيندڙ ۽ رحم ڪندڙ آهي.

(12) فليضحڪوا قليلا وليبڪوا ڪثيرا (90)

يعني: (اي پيغمبر ڪريم ') ٿورو کلو ۽ گهڻو رئو.

(13) ويطعمون الطعام عليٰ حبھ مسڪينا ويتيما واسيرا (91)

يعني: (نيڪو ڪار مومن) الله تعاليٰ جي محبت ۾ يتيمن ۽ مسڪينن ۽ قيدين کي طعام کارائين ٿا.

(14) لاتتخذوا عدوي وعدوڪم اولياءَ (92)

يعني: اي مومنو! منهنجن ۽ پنهنجن دشمنن (ڪافرن) کي دوست ڪري نه وٺو.

(15) اتامرون الناس بالبر وتنسون انفسڪم (93)

يعني: ماڻهن کي نيڪيءَ جو حڪم ڪيو ٿا، باقي پنهنجن نفسن کي وساري ٿا ڇڏيو.

(16) والشعراءُ يتبعهم الغاوُون (94)

يعني: شاعرن جا تابعدار گمراهه ئي ٿيندا آهن.

(17) ان عليڪ لعنتي اليٰ يوم الدين (95)

يعني: قيامت تائين لعنت جو توق ڳچيءَ ۾ پئجي ويس.

(18) ولارطب ولا يابس الا في ڪتاب مُبين (69)

يعني: ڪابه آلي يا سڪي شيءِ ڪانهي جو قرآن شريف ۾ سندس ذڪر ٿيل نه هجي.

(19) لعنة الله علي الڪاذبين (97)

يعني: ڪوڙن تي الله جي لعنت آهي.

(20) والذي خبث لا يخرج الا نڪدا (98)

يعني: جيڪا ڪلراٺي ۽ پليت زمين آهي سا نه ٿي اپائي ڪو گاهه مگر ٿورو ۽ بي فائدو.

(21) ولا يغتب بعضڪم بعضاء يحب احدڪم ان ياڪل لحم اخيھ ميتاََ فڪر هتموه (99)

يعني: هڪ ٻئي جي گلا اوهان مان ڪوبه نه ڪري، وڻندو اوهان مان ڪنهن شخص کي جو پنهنجي مئل ڀاءُ جو گوشت کائي؟

(22) لانفرق بين احد من رسلھ (100)

يعني: (اسان) الله جي رسولن ۾ ڪا تفريق نه ٿا ڪيون.

(23) وان تستغفرلهم سبعين مرة فلن يغفر الله لهم (101)

يعني: جيڪڏهن انهن (منافقن) لاءِ ستر دفعا به بخشش گهرندو ته به الله تعاليٰ کين ڪونه بخشيندو.

(24) اشداء علي الڪفار رحماءُ بينهم (102)

يعني: ڪافرن جي مٿان نهايت سخت آهن ۽ پاڻ ۾ نهايت رحم وارا.

(25) هذا فراق بيني وبينڪ (103)

يعني: هي تنهنجي ۽ اسان جي وچ ۾ سنڌو پئجي ويو.

(26) ماهذا الرسول ياڪل الطعام ويمشي في الاسواق (104)

يعني: هن رسول کي ڇا ٿيو آهي، جو طعام ٿو کائي ۽ گهٽين ۽ بازارن ۾ ٿو گهمي.

(27) اينما تولوا فثم وجھ الله (105)

يعني: جيڏانهن مُنهن ڪندو ته اوڏاهين الله پاڪ جي ذات اوهان کي سامهون آهي.

(28) واذا راوا تجارة اولهوان انفضوا اليها وترڪوڪ قائما قل ما عندالله خير من اللهو ومن التجارة والله خير الرازقين (106)

يعني: جڏهن ڏسن ٿا سوداگريءَ کي يا ٻُڌن ٿا آوزا نوبت جو ته ڇڏي وڃن ٿا، مجلس کي ان سوداگريءَ ڏي ۽ توکي منبر تي بيٺو. فرماءِ اي پيغمبر ڪريم ' ته جيڪي ڪجهه الله وٽ آهي اهو وڌيڪ ڀلو آهي سوداگريءَ جي نفعي کان.

(29) لاترفعوا اصواتڪم فوق صوت النبي (107)

يعني: پنهنجا آواز حضرت نبي (ڪريم ') جي آواز کان بُلند نه ڪيو.

(30) الا ان اولياءَ الله لاخوف عليهم ولا هم يحزنون (108)

يعني: خبردار! بيشڪ الله تعاليٰ جا جيڪي دوست آهن، تن جي لاءِ نڪو خوف آهي نڪي هو غمگين ٿين ٿا.

(31) ان من ازواجڪم واولادڪم عدوا لڪم فاحذ روهم (109)

يعني: بيشڪ توهان جون زالون ۽ توهان جو اولاد توهان جو دشمن آهي تنهن کان پاڻ بچايو.

(32) وما امروا الاليعبدو الله مخلصين لھ الدين (110)

يعني: نه حڪم ٿيو آهي انهن کي الله تعاليٰ طرفان مگر هي ته الله جل شانھ جي عبادت ڪن ۽ پنهنجو دين سچو ڪن.

(33) وما متاع الحيٰوة الدنيا الاقليل (111)

يعني: دنيا جو سامان تمام ٿورو ۽ حقير آهي.

(43) فاولائڪ ڪان سعيهم مشڪورا (112)

يعني: انهن جي ڪوشش نيٺ ساب پوندي.

(35) اصبر نفسڪ مع الذين يدعون ربهم بالغداة والعشي يريدون وجهھ (113)

يعني: صبر ڏي پنهنجي نفس کي انهن ماڻهن سان جي صبح سانجهي الله جو ذڪر ڪن ٿا.

(36) اولائڪ کالا نعام بل هم اضل(114)

يعني: اهي ڪافر رڳو ڍور آهن بلڪ انهن کان بدتر.

(37) ومن يتوڪل علي الله فهو حسبھ ان الله بالغ امم قدجعل الله لڪل شيء قدرا (115)

يعني: جيڪو الله تبارڪ وتعاليٰ تي ڀروسو ڪندو ته ان لاءِ الله ڪافي آهي ۽ بيشڪ الله تعاليٰ پنهنجي ڪم کي توڙ نڀائيندڙ آهي ۽ بيشڪ الله تعاليٰ سڀ شيءِ لاءِ اندازو مقرر ڪيو آهي.

(38) ان ڪيد الشيطان ڪان ضعيفا (116)

يعني: بيشڪ شيطان جون رٿون ۽ مڪر ضعيف آهن.

(39) انڪ ميت وانهم ميتون (117)

يعني: اي پيغمبر! بيشڪ تون به مرندين ۽ بيشڪ اهي به مرندا.

(40) ان احسنتم احسنتم لانفسڪم وان اساءَتم فلها (118)

يعني: جيڪڏهن چڱو ڪيو ٿا ته پنهنجي واسطي پر جي برائي ڪيو ٿا ته اها به پنهنجي نقصان واسطي.

(41) فتوڪلوا ان ڪنتم مؤمنين (119)

يعني: جيڪڏهن مومن آهيو ته توڪل ڪريو.

(42) وفي السماء رزقڪم وما توعدون (120)

يعني: آسمان ۾ توهان جو رزق آهي جنهنجو توهان کي واعدو مليو.

(43) ان الله هو الرزاق ذوالقوة المتين (121)

يعني: بيشڪ الله تعاليٰ ئي روزي ڏيندڙ طاقت وارو آهي.

(44) وان تعدو نعمت الله لاتحصوها (122)

يعني: جيڪڏهن الله تعاليٰ جون نعمتون ڳڻيندا ته ڳڻي نه سگهندا.

(45) ياايهاالنبي قل لازواجڪ ان ڪنتن تردن الحيٰوة الدنيا وزينتها فتعالين امتعڪن واسرحڪن سراجا جميلا وان ڪنتن تردن الله ورسولھ والدار الآخرة فان الله اعد للمحسنات منڪن اجرا عظيما (123)

يعني: اي نبي! پنهنجي گهر وارين کي چئو، جيڪڏهن توهان دنيا جي حياتي ۽ ان جو سينگار چاهيو ٿيون ته اچو توهان کي سامان ڏيان ۽ سهڻي نموني سان ڇڏي ڏيان ۽ جيڪڏهن توهان الله تعاليٰ ۽ ان جي رسول (') ۽ آخرت کي گهرو ٿيون ته پوءِ بيشڪ الله تعاليٰ توهان مان نيڪ عورتن لاءِ وڏو اجر فرمايو آهي.

(46) ومامن دابة في الارض الا علي الله رزقها (124)

يعني: جيڪا به چرندڙ شيءِ زمين ۾ آهي ان جو رزق الله تعاليٰ جي ذمه ڪرم تي آهي.

(47) الخبيثات للخبيثين والخبيثون للخبيثات الطيبات للطيبين والطيبون للطيبات (125)

يعني: خراب شيون خراب ماڻهن لاءِ ۽ پاڪيزه شيون پاڪ ماڻهن لاءِ.

(48) يانار ڪوني بردا وسلا ما عليٰ ابراهيم (126)

يعني: اي باه حضرت ابراهيم (عليھ السلام) لاءِ ٿڌي ۽ سلامتي واري بڻجي وڃ.

(49) والله يختص برحمتھ من يشآءُ والله ذوالفضل العظيم (127)

يعني: الله تعاليٰ جنهن کي گهري پنهنجي مهربانيءَ سان خاص ڪري ٿو الله تعاليٰ وڏي بزرگيءَ جو مالڪ آهي.

قڈۑش

اڙين جو آڌار نبين جو سردار حضرت محمد مصطفيٰ ' بلاشبه ”ڪارڻي“ آهي. سندن صدقي هي جڳ جهان جڙيو، يعني پاڻ ڪائنات جي تخليق جا ڪارڻ آهن. سندن صدقي انسان ذات کي اسلام جي سوغات ملي، يعني پاڻ انسان لاءِ سنئين راهه جا ڪارڻ آهن ۽ سندن صدقي قيامت ۾ اُمت کي بخشش نصيب ٿيندي، يعني پاڻ شفاعت جا ڪارڻ آهن. ان ڪري سندن پاڪ ذات، شخصيت ۽ ڪردار، قول ۽ فعل اسوه حسنھ ۽ سنت هر ڪنهن انساني عظمت لاءِ مثال، محور، مرڪز ۽ سرچشمي جي حيثيت رکن ٿا. رشد و هدايت جي ڪهڙي به راهه هجي، پر ان جي ابتدا خواه انتها حضور پر نور ' جي سنت، اسوه حسنھ ۽ قول سان ٿئي ٿي. اهوئي سبب آهي جو حضرت پير سائين روضي ڌڻيءَ جي ”ملفوظات“ ۾ ”حديث“ هڪ اهم ۽ مکيه سرچشمي جي حيثيت رکي ٿي.

حضرت پير محمد راشد روضي ڌڻيءَ جي ”ملفوظات“ ۾ ڪيترن هنڌن تي حديث مبارڪ مان استفادو ورتو ويو آهي. پاڻ حديث کي ٻن طريقن سان بيان ڪيو اٿن. هڪ طريقي مطابق حديث جا لفظ جيئن جو تيئن ترجمي جي صورت ۾ پيش ڪيا اٿن، ۽ ٻئي طريقي موجب حديث کي عام فهم ۽ آسان بنائڻ لاءِ ان جي مفهوم کي پنهنجي لفظن ۾ ٻُڌايو اٿن. ”ملفوظات“ ۾ جيئن ۽ جهڙي نموني ”احاديث نبوي“ مان فيض حاصل ڪيو ويو آهي ان مان حضرت روضي ڌڻيءَ جي رسول مقبول ' سان عشق، محبت ۽ عقيدت جي خوشبوء اچي ٿي. ان مان ظاهر ٿئي ٿو ته پاڻ رسول مقبول ' جا سچا عاشق هوندا هئا ۽ کين حديث شريف جو ايترو ته مطالعو نصيب ٿيل هو جو آسانيءَ سان موقعي مهل تي حوالي طور حديث پيش ڪري ٿي سگهيا.

”ملفوظات“ ۾ جيڪي حديثون رشد و هدايت جي سرچشمي طور ڪم آنديون ويون آهن، انهن جو مختصر وچور هيٺ ڏجي ٿو.

(1) ومن لم يرض بقضائي ولم يصبر عليٰ بلائي ولم يشڪر عليٰ نعمائي فليخرج من تحت سمائي وليطلب ربا سوائي (128)

يعني: جيڪو منهنجي قضا تي راضي نٿو رهي ۽ منهنجي مصيبتن تي صابر نه رهيو ۽ نه منهنجي نعمت تي شڪر ڪيائين، اهو منهنجي آسمان هيٺان نڪري وڃي ۽ ٻيو رب ڳولي.

(2) السخي حبيب الله ولوکان فاسقا والبخيل عدو الله ولو ڪان زاهدا (129)

يعني: سخي الله جو دوست آهي، اگرچه گنهگار آهي ۽ بخيل الله جو دشمن آهي اگرچه زاهد آهي.

(3)    صل من قطعڪ واعظمن حرمڪ واعف عن من ظلمڪ (130)

يعني: جيڪو توسان قطع تعلقات ڪري ان سان ڳنڍ، جيڪو توکي نه ڏي ان کي ڏي، جيڪو توتي ظلم ڪري ان کي معاف ڪر.

(4)    ڪن في الدنيا ڪانڪ غريب اوعابرسبيل (131)

يعني: دنيا ۾ مسافر ئي هج يا واٽهڙو.

(5) السفر سقر ولو ڪان ميلا (132)

يعني: سفر دوزخ آهي، اگرچه هڪ ميل هجي.

(6)    الدنيا مزرعة الآخرة (133)

يعني: جيڪو دنيا ۾ پوکبو آخرت ۾ اهو لڻبو.

(7) من شغلھ ذڪري عن مسئلتي اعطيتھ افضل ما اعطي السائلين (134)

يعني: جنهن ٻانهي کي ذڪر سوال ڪرڻ جي واندڪائي نه ڏني ته جيڪي سائلن کي ڏيان، ان کان وڌيڪ کيس عطا ڪري ڏيندس.

(8)    الفقر فخري والفقر مني (135)

يعني: فقيري مون لاءِ فخر آهي ۽ فقيري مون کان آهي.

(9)    التاني من الرحمٰن والتعجيل من الشيطان (136)

يعني: آهستگي الله جي طرفان آهي ۽ تڪڙ شيطان جي طرفان.

(10) الناس نيام اذا ماتوا انتبهوا (137)

يعني: ظاهري حياتي وارا ماڻهو ننڊ پيل آهن. جڏهن مرندا ته اکيون پٽيندا.

(11) من احب شيئا اڪثر ذڪره (138)

يعني: جنهن سان محبت هوندي ان جو ذڪر گهڻو ڪيو ويندو.

(12) المرء مع من احب (139)

يعني: ماڻهو ان سان گڏ هوندو، جنهن سان محبت هوندس.

(13) ترڪ الدنيا راس ڪل عبادت وحب الدنيا راس ڪل خطيئھ (140)

يعني: هر عبادت جو منڍ دنيا جو ترڪ آهي ۽ هر گناهه جو منڍ دنيا جي محبت آهي.

(14) لاالھ الاالله حصفني فمن دخل حصني امن من عذابي (141)

يعني: لاالھ الاالله منهنجو ڪوٽ ۽ قلعو آهي، پوءِ جيڪو شخص منهنجي قلعي ۾ داخل ٿيو اهو منهنجي عذاب کان ڇٽو.

(15) الصدق ينجي والڪذب يهلڪ (142)

يعني: سچ آزاد ڪندڙ آهي ۽ ڪوڙ هلاڪ ڪندڙ.

(16) التائب من الذنب ڪمن لاذنب لھ (143)

يعني: گناهه کان توبھ ڪندڙ شخص ايئن آهي جو ڄڻ ته گناهه ڪيو ئي ڪونه هئائين.

(17) صوموا برؤيتھ وافطروا برۇيتھ (144)

يعني: ڏسي روضو رکو ۽ ڏسي روزو کوليو.

(18) لولاڪ لما اظهرت الربو بيھ لولاڪ لما خلقت الافلاڪ (145)

يعني: اي محبوب! جيڪڏهن تون نه هجين ها ته آءٌ پنهنجي ربوبيت ظاهر هرگز نه ڪيان ها، اي محبوب! جيڪڏهن تون نه پيدا ڪيو وڃين ها ته آئون آسمان هرگز نه ٺاهيان ها.

(19) الحڪمھََ ضالة المؤمن (146)

يعني: حڪمت مؤمن جي گم ٿيل شيءِ آهي.

(20) اَبيتُ عند ربي وهُوَ يطعمني ويسقيني (147)

يعني: مان پنهنجي رب وٽ رهان ٿو، اهوئي مونکي کارائي ٿو ۽ پياري ٿو.

(21) ڪنت ڪنزاََ مخفياََ فاحيت انّ اعرفُ فخلقت الخلق (148)

يعني: مان مخفي خزانو هوس، تڏهن مونکي پنهنجي سڃاڻائڻ جي مرضي ٿي ته مون مخلوق کي خلقيو.

(22) اللهم احيني مسڪيناََ وامتني مسڪيناََ واحشرني في زمرې المساڪين (149)

يعني: اي منهنجا الله! مونکي مسڪين ڪري جيار ۽ مونکي مسڪين ڪري مار، ۽ مونکي مسڪينن جي جماعت مان اٿارجانءِ.

(23) ان الله لاينظر اليٰ صورڪم ولا اليٰ اعمالڪم ولاڪن ينظر اليٰ قلوبڪم ونياتڪم (150)

يعني: الله پاڪ توهان جي صورتن ۽ اوهان جي عملن ڏانهن ڪونه ٿو نهاري بلڪ سندس نظر اوهان جي دلين ۽ نيتن مٿان آهي.

(24) نية المؤمن خير من عملھ (151)

يعني: مؤمن جي نيت سندس عمل کان موچاري آهي.

(25) السعد غيور وانا غيور من السعد والله اغير مني (152)

يعني: سعد غيرت وارو آهي ۽ اسان کي سعد کان وڌيڪ غيرت آهي پر الله جل شانھ کي اسان کان به وڌيڪ غيرت آهي.

(26) صلوا خلف ڪل برو فاجر (153)

يعني: چڱي توڙي بري جي پٺيان نماز پڙهو.

نئون صفحو -- ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org