سيڪشن:شخصيات

ڪتاب: حضرت پير محمد راشد (روضي ڌڻي)

باب:

صفحو:16

ضميما

 

ضميمو پهريون

”خاندان جو شجرو“

(الف) محمد راشد بن محمد بقا بن محمد امام بن فتح محمد بن شڪر الله بن عثمان بن شاهه کٽڻ بن شاهه سنجر بن يوسف عرف بولن بن حسين بن مير علي بن ناصر الدين بن عباس بن فضل الله بن شهاب الدين بن بهاءُ الدين بن محمود بن محمد بن حسين بن ڇڪن عرف عباس بن حضرت علي مڪي بن عباس بن زيد بن حمزو بن اسد الله بن عمر بن هارون بن عبدالله بن ابراهيم بن امام علي رضا بن امام موسيٰ ڪاظم بن امام جعفر الصادق بن امام باقر بن امام زين العابدين بن امام حسين بن امير المؤمنين علي ڪرم الله وجھ.(1)

(ب) پاڳارن پيرن جي گادي نشين جو سلسلو

1.        پير سڪندر علي شاهه عرف شاهه مردان شاهه ثاني.

2.       پير صبغت الله شاهه ثاني عرف ڪوٽ ڌڻي.

3.       شاهه مردان شاهه القلب ڪوٽ ڌڻي اول.

4.       علي گوهر شاهه ثاني القب مافي ڌڻي.

5.       حزب الله شاهه القلب تخت ڌڻي.

6.       علي گوهر شاهه اول القلب بنگلي ڌڻي.

7.       پير صبغت الله شاهه اول القلب تجر ڌڻي.

8.       پير محمد راشد عرف روضي ڌڻي. (2)

ضميمو ٻيو

پير محمد راشد عرف روضي ڌڻيءَ جي اولاد جو شجرو

1.        سيد محمد حسن_ اولاد، محسن شاهه، حسين شاهه، جلال الدين، محمد حنيف، نور الله، نور علي، خير الله، سيف الله، امام علي، فتح الله، قدرت الله.

2.       سيد صبغت الله _ اولاد: علي گوهر، علي محمد، علي حيدر، ذوالفقار علي. (3)

3.       شاهنواز شاهه_ اولاد: عبدالرحمان شاهه، عبدالوهاب، عبدالرزاق.

4.       مبارڪ شاهه_ (بنا اولاد جي فوت ٿي ويو.)

5.       هدايت الله شاهه_ اولاد: روح الله“ نبي بخش.

6.               اسماعيل شاهه_ اولاد: شمس الدين، شاهه مراد، علي مردان، غوث محمد.

7.       محمد ياسين_ اولاد: امام الدين، محمد راشد، فضل الله، فاضل شاهه، رشيد الدين، هدايت الله، صديق الرسول، وهب الله. (4)

8.       حامد شاهه (بنا اولاد فوت ٿي ويو.)

9.       محمد بقا شاهه (بنا اولاد فوت ٿي ويو.)

10.   محمد صادق شاهه_ اولاد: محمد صديق شاهه.

11.    محي الدين شاهه (بنا اولاد فوت ٿي ويو.)

12.   شاهنواز شاهه (بنا اولاد فوت ٿي ويو.)

13.   محمد شاهه (بنا اولاد فوت ٿي ويو.)

14.   مبارڪ شاهه_ اولاد: ولي الله، فائق محمد.

15.   محمد مهدي شاهه_ اولاد: نصير الدين، محي الدين.

16.   حامد شاهه (بنا اولاد جي فوت ٿي ويو.)

17.   محمد احسن شاهه_ اولاد: محمد يوسف، فضل الله، ابراهيم شاهه، عزيز الله، محمد يعقوب.

18.   اسماعيل شاهه (بنا اولاد جي فوت ٿي ويو.)(5)

 

ضميمو ٽيون

سلسله عاليه طريقه قادريه

حضرت شيخ المشائخ سيد محمد راشد روضي ڌڻيءَ خرقو خلافت ڍڪيو. حضرت شيخ المشائخ فخر العاشقين حضرت خواجه سيد محمد بقا حسيني قدس الله تعاليٰ سوره کان، انهن شيخ المشائخ حضرت خواجه سيد عبدالقادر خامس قدس الله تعاليٰ سره کان، انهن شيخ المشائخ صالح شاهه قدس الله تعاليٰ سره کان، انهن شيخ المشائخ حضرت خواجه سيد شمس الدين محمد رابع قدس الله تعاليٰ سره کان، انهن شيخ المشائخ حضرت خواجه حامد شاهه ثاني قدس الله تعاليٰ سره کان، انهن شيخ المشائخ حضرت خواجه سيد شمس الدين محمد ثالث قدس الله تعاليٰ سره کان، انهن شيخ المشائخ حضرت خواجه سيد عبدالقادر رابع قدس الله تعاليٰ سره کان، انهن شيخ المشائخ حضرت خواجه شمس الدين محمد ثاني قدس الله تعاليٰ سره کان، انهن شيخ المشائخ حضرت خواجه سيد عبدالقادر ثالث قدس الله تعاليٰ کان، انهن شيخ المشائخ حضرت خواجه سيد حامد شاهه اول قدس الله تعاليٰ سره کان، انهن شيخ المشائخ حضرت خواجه عبدالرزاق قدس الله تعاليٰ سره کان، انهن شيخ المشائخ حضرت خواجه سيد عبدالقادر ثاني قدس الله تعاليٰ سره کان، انهن شيخ المشائخ حضرت خواجه سيد محمد غوث قدس الله تعاليٰ سره کان، انهن شيخ المشائخ حضرت خواجه سيد شمس الدين محمد اول قدس الله تعاليٰ سره کان، انهن شيخ المشائخ حضرت خواجه سيد شاهه مير قدس الله تعاليٰ سره کان، انهن شيخ المشائخ حضرت خواجه سيد علي قدس الله تعاليٰ سره کان، انهن شيخ المشائخ حضرت خواجه سيد مسعود قدس الله تعاليٰ سره کان، انهن شيخ المشائخ حضرت خواجه احمد قدس الله تعاليٰ سره کان، انهن شيخ المشائخ حضرت خواجه سيد صوفي قدس الله تعاليٰ سره کان، انهن شيخ المشائخ حضرت خواجه عبدالوهاب قدس الله تعاليٰ سره کان، انهن شيخ المشائخ محبوب حقاني قطب صمداني حضرت خواجه شيخ محي الدين سيد عبدالقادر الجيلاني اول کان، انهن شيخ المشائخ حضرت خواجه ابي سعيد مخذومي قدس الله تعاليٰ سره کان، انهن شيخ المشائخ حضرت خواجه ابي الحسن علي بن يوسف القرش قدس الله تعاليٰ سره کان، انهن شيخ المشائخ حضرت خواجه ابو الفرح طرطوسي قدس الله تعاليٰ سره کان، انهن شيخ المشائخ حضرت خواجه ابي الفضل عبدالواحد بن عبدالعزيز تميمي قدس الله تعاليٰ سره کان، انهن شيخ المشائخ حضرت خواجه ابوبڪر شبلي قدس الله تعاليٰ سره کان، انهن شيخ المشائخ حضرت خواجه جنيد بغدادي قدس الله تعاليٰ سره کان، انهن شيخ المشائخ حضرت خواجه سري سقطي قدس الله تعاليٰ سره کان، انهن شيخ المشائخ حضرت خواجه معروف ڪرخي قدس الله تعاليٰ سره کان، انهن شيخ المشائخ حضرت خواجه دائود طائي قدس الله تعاليٰ سره کان، انهن شيخ المشائخ حضرت خواجه حبيب عجمي قدس الله تعاليٰ سره کان، انهن شيخ المشائخ قدوة العلماء الربانين حضرت خواجه حسن بصري رح کان، انهن يعسوب الموحدين شمس المشارق والمغارب اميرالمؤمنين سيدنا علي بن ابي طالب رضي الله تعاليٰ عنھ، انهن حضرت الڪونين رسول الثقلين محبوب رب العالمين خاتم النبيين حضرت سيدنا محمد مصطفيٰ '. (6)

 

سلسلو قادريه راشديه نمبر 2

شجرو

حضرت شيخ المشائخ سيد محمد راشد روضي ڌڻي خرقو خلافت ڍڪيو حضرت شيخ المشائخ سيد محمد بقا شهيد کان، انهن حضرت شيخ المشائخ سيد عبدالقادر خامس کان، انهن حضرت شيخ المشائخ سيد صالح شاهه کان، انهن حضرت شيخ المشائخ سيد شمس الدين ثالث کان، انهن حضرت شيخ المشائخ سيد عبدالقادر رابع کان، انهن حضرت شيخ المشائخ سيد شمس الدين محمد شاهه ثاني کان، انهن حضرت شيخ المشائخ سيد عبدالقادر ثالث کان، انهن حضرت شيخ المشائخ سيد عبدالرزاق کان، انهن حضرت شيخ المشائخ سيد عبدالقادر ثانيءَ کان، انهن حضرت شيخ المشائخ سيد محمد غوث کان، انهن حضرت شيخ المشائخ سيد شمس الدين محمد اول کان، انهن حضرت شيخ المشائخ سيد شاهه مير کان، انهن حضرت شيخ المشائخ سيد علي کان انهن حضرت شيخ المشائخ سيد محمد مسعود کان، انهن حضرت شيخ المشائخ سيد احمد کان، انهن حضرت شيخ المشائخ سيد سفي الدين صوفي کان، انهن حضرت شيخ المشائخ سيد سيف الدين عبدالوهاب کان، انهن حضرت شيخ المشائخ سيد محي الدين شيخ عبدالقادر جيلاني کان، انهن حضرت شيخ المشائخ سيد ابو سعيد مبارڪ بن علي مخزومي کان، انهن حضرت شيخ المشائخ سيد علي بن احمد کان، انهن حضرت شيخ المشائخ سيد ابوالفرح محمد بن عبدالله طرطوسيءَ کان، انهن حضرت شيخ المشائخ سيد ابوالفضل کان، انهن حضرت شيخ المشائخ سيد عبدالواحد تميمي کان، انهن حضرت شيخ المشائخ سيد عبدالعزيز کان، انهن حضرت شيخ المشائخ سيد شيخ ابوبڪر شبلي کان، انهن حضرت شيخ المشائخ سيد جُنيد بغدادي کان، انهن حضرت شيخ المشائخ سيد سري سقطي کان، انهن حضرت شيخ المشائخ سيد معروف ڪرخي کان، انهن حضرت شيخ المشائخ سيد دائود طائي کان، انهن حضرت شيخ المشائخ سيد حبيب عجمي کان، انهن حضرت شيخ المشائخ سيد حسن بصري کان، انهن حضرت شيخ المشائخ اميرالمؤمنين امام المتقين علي ابن ابي طالب ڪرم الله وجھ کان، انهن حضرت سيد المرسلين خاتم النبيين رسول رب العالمين انيس الغريبين شفيع المذنبين سيدنا و مولانا وملجانا وآقانا محمد بن عبدالله العربي الهاشمي القريشي  کان '.(7)

(3) هيٺيون شجرو خاندان عاليه قادريه نمبر 3 ڪجهه مختلف آهي:

1.                  الاهي بحرمت شمس الضحيٰ نور الهديٰ احمد مجتبيٰ محمد مجتبيٰ '

2.               الاهي بحرمت باب العلوم اسد الله الغالب علي ابن ابي طالب ڪرم الله وجه

3.                الاهي بحرمت خواجه حسن بصري رح

4.               الاهي بحرمت حضرت دائود طائي رح

5.                الاهي بحرمت خواجه حبيب عجمي رح

6.               الاهي بحرمت حضرت معروف ڪرخي رح

7.               الاهي بحرمت حضرت شيخ سري سقطي رح

8.                الاهي بحرمت حضرت جُنيد بغدادي رح

9.               الاهي بحرمت شيخ ابوبڪر شبلي رح

10.        الاهي بحرمت حضرت عبدالواحد تميمي رح

11.           الاهي بحرمت حضرت ابوالفرح طرطوسي رح

12.        الاهي بحرمت حضرت شيخ ابوالحسن هنڪاري قريشي رح

13.         الاهي بحرمت حضرت ابوسعيد مبارڪ مخزومي رح

14.        الاهي بحرمت حضرت شاهه محي الدين عبدالقادر جيلاني رح

15.         الاهي بحرمت حضرت شيخ سيف الدين عبدالوهاب رح

16.        الاهي بحرمت حضرت سيد صفي الدين صوفي رح

17.        الاهي بحرمت حضرت سيد ابوالعباس رح

18.         الاهي بحرمت حضرت سيد مسعود رح

19.        الاهي بحرمت حضرت سيد علي رح

20.     الاهي بحرمت حضرت سيد شاهه مير رح

21.        الاهي بحرمت سيد شمس الدين جيلاني بغدادي حلبي اول رح

22.     الاهي بحرمت سيد محمد غوث گيلاني الحسني حبلي اُچي رح

23.      الاهي بحرمت سيد عبدالقادر ثاني رح

24.     الاهي بحرمت حضرت سيد عبدالرزاق رح

25.      الاهي بحرمت حضرت سيد حامد گنج بخش ڪلان رح

26.     الاهي بحرمت حضرت سيد عبدالقادر ثالث رح

27.     الاهي بحرمت حضرت سيد عبدالقادر رابع رح

28.      الاهي بحرمت حضرت سيد حامد گنج بخش ثاني رح

29.     الاهي بحرمت حضرت شمس الدين ثاني رح

30.      الاهي بحرمت حضرت محمد صالح شاهه رح

31.         الاهي بحرمت حضرت سيد عبدالقادر خامس رح

32.      الاهي بحرمت حضرت سيد محمد بقا رح

33.       الاهي بحرمت حضرت سيد محمد راشد رح

روضو اطهر مدينه منوره

 

مزار نجف اشرف

 

مزار بصري ۾

بغداد

بصرو

بغداد

بغداد

بغداد

بغداد

بغداد

طرطوس

 

بغداد

 

بغداد

 

بغداد

 

بغداد

 

بغداد

حلب

حلب

حلب

حلب

حلب

حلب

 

اُچ (پنجاب)

=

اُچ

 

اُچ

=

اُچ

اُچ

اُچ

=

اُچ

 

پير ڪوٽ جهنگ

پير ڳوٺ

پير ڳوٺ ضلعو خيرپور (8)

ضميمو چوٿون

سلسلو طريقه نقشبندي

حضرت شيخ المشائخ سيد محمد راشد روضي ڌڻيءَ خرقو خلافت ڍڪيو، حضرت شيخ المشائخ سيد محمد بقا شهيد کان، انهن شيخ المشائخ ختم العاشقين حضرت مخدوم محمد اسماعيل پريالوئي قدس الله تعاليٰ کان، انهن شيخ المشائخ حضرت خواجه مخدوم جمال الله قدس الله تعاليٰ کان، انهن شيخ المشائخ حضرت خواجه حاجي ايوب قدس الله تعاليٰ کان، انهن شيخ المشائخ حضرت خواجه شيخ سعدي لاهوري قدس الله تعاليٰ کان، انهن شيخ المشائخ حضرت خواجه سيد آدم بنوري قدس الله تعاليٰ کان، انهن شيخ المشائخ حضرت خواجه شيخ احمد فاروقي سرهندي المقلب مجدد الف ثاني قدس الله تعاليٰ کان، انهن شيخ المشائخ عارف بالله حضرت خواجه محمد باقي باالله قدس الله تعاليٰ کان، انهن شيخ المشائخ حضرت خواجه خواجکي امکنکي قدس الله تعاليٰ کان، انهن شيخ المشائخ حضرت خواجه درويش محمد قدس الله تعاليٰ کان، انهن شيخ المشائخ حضرت خواجه مخدوم محمد زاهد قدس الله تعاليٰ کان، انهن شيخ المشائخ حضرت خواجه عبيدالله احرار قدس الله تعاليٰ کان، انهن شيخ المشائخ حضرت خواجه يعقوب چرخي قدس الله تعاليٰ کان، انهن شيخ المشائخ حضرت خواجه بهاءُالحق والدين المشتهر جالنقشبند قدس الله تعاليٰ کان، انهن شيخ المشائخ حضرت خواجه سيد امير ڪلال قدس الله تعاليٰ کان، انهن شيخ المشائخ حضرت خواجه محمد بابا سماسي قدس الله تعاليٰ کان، انهن شيخ المشائخ حضرت شيخ علي راميتني قدس الله تعاليٰ کان، انهن شيخ المشائخ حضرت خواجه الخير فغنوي قدس الله تعاليٰ کان، انهن شيخ المشائخ حضرت خواجه عارف ريوڪري قدس الله تعاليٰ کان، انهن شيخ المشائخ حضرت خواجه عبدالخالق عجدواني قدس الله تعاليٰ کان، انهن شيخ المشائخ حضرت خواجه ابو يوسف همداني قدس الله تعاليٰ کان، انهن شيخ المشائخ حضرت خواجه ابو علي فار مزي قدس الله تعاليٰ کان، انهن شيخ المشائخ حضرت خواجه ابوالحسن خرقاني قدس الله تعاليٰ کان، انهن شيخ المشائخ سلطان العارفين حضرت خواجه شيخ بايزيد بسطامي قدس الله تعاليٰ کان، انهن شيخ المشائخ امام المؤمنين حضرت امام جعفر صادق رضي الله تعاليٰ عنھ کان، انهن شيخ المشائخ حضرت قاسم بن محمد ابي بڪر الصديق رضي الله تعاليٰ عنھ کان، انهن شيخ المشائخ حضرت سلمان فارسي رضي الله تعاليٰ کان، انهن امير المؤمنين و امام الاصديقين سيدنا ابوبڪر الصديق رضي الله تعاليٰ عنھ کان، انهن سيد الڪونين ورسول الثقلين محبوب رب العالمين حضرت سيدنا محمد المصطفيٰ کان '.(9)

 

ضميمو پنجون

(1) حضرت پير علي گوهر ”اصغر“ ٻيو پاڳارو ”بنگلي ڌڻي“

حضرت پير علي گوهر شاهه ”اصغر“ ولد حضرت پير صبغت الله شاهه اول چوٿين رجب المرجب 1231 هجري ۾ تولد ٿيا. (10) ۽ 1263 هجريءَ ۾ رحلت ڪيائون. (11) پورا چوڏهن سال پنهنجي والد محترم جي سرپرستيءَ هيٺ رهيا. (12) سندن والد 1246 هجري ۾  رحلت ڪئي ته، ”اصغر سائين مسند نشين ٿيو، جيتوڻيڪ هي ٽيون نمبر فرزند هو. (13) ليڪن سندس بردباري، ذهانت ۽ بزرگيءَ جا آثار سندن پيشانيءَ تي نمايان هئا، تنهن ڪري سندن والد کين حد کان وڌيڪ محبت ۽ پيار ڪندا هئا. اهوئي سبب آهي جو کين سندن والد جي وفات کان پوءِ ڀائرن گڏجي کيس گاديءَ تي ويهاريو. (14)

حضرت پير سائين علي گوهر ”اصغر“ کي سندس والد تعليم ۽ تربيت لاءِ اهڙا ته فاضل استاد مقرر ڪري ڏنا جو کين فارسي ٻولي ۽ ادب تي وڏو عبور حاصل ٿي ويو. (15) جماعت جا مکيه خليفا جهڙوڪ، خليفو محمود ڪڙئي وارو ۽ خليفو نبي بخش لغاري اڃان زندهه هئا، جن هن پاڳاري جي ذهني ۽ فڪري سوچ ۽ جماعت جي پرگهور لهڻ کان سواءِ ٻي به اهڙي قسم جي تعليم اٿندي وهندي ڏيندا رهيا، تنهن ڪري هن صاحبزادي جي روحاني ۽ علمي، ادبي بيداريءَ کي چار چنڊ لڳي ويا.

حضرت پير سائين علي گوهر ”اصغر“ جي مسند نشينيءَ کي

اڃان چار سال مس گذريا ته سندن اباڻي ڳوٺ رحيم ڏني ڪلهوڙي کي درياه پائڻ لڳو ۽ کين خوف محسوس ٿيو، ان ڪري حوصلي ۽ بردباريءَ کان ڪم وٺندي پنهنجي والد ۽ ڏاڏي حضرت پير سائين روضي ڌڻيءَ جون تربتون کولائي ڇهين جماد الاول 1250 هجري مطابق 1834ع ۾ موجوده درگاهه تي نئين سر دفن ڪرايون ۽ پاڻ به پنهنجي اهل عيال کي ساڻ ڪري پير ڳوٺ جي درگاهه وسائي.(16)

حضرت پير سائين علي گوهر ”اصغر“ پنهنجي ڏاڏي ۽ والد جي روايت کي برقرار رکندي سفر کي جاري رکيو. سنڌ کان ڪڇ، ڪاٺياواڙ، احمد آباد ۽ سورت بندر کان ٿيندا، جماعت کي پنهنجي فيض کان منور ڪندا پوءِ موٽي ايندا هئا. (17)

پنهنجي وڏن جي روحاني فيض کي جاري رکڻ ۽ سندن فرمودات کي قلمبند ڪرڻ لاءِ وڏن خليفن جن جو ذڪر مٿي اچي چڪو آهي. ”اصغر“ سائين مدد حاصل ڪئي ۽ پنهنجي والد ماجد حضرت پير سائين صبغت الله شاهه اول جي ”ملفوظات“ کي مرتب ڪيائون ۽ ان جو مهاڳ به لکيو اٿائون ۽ اها ”ملفوظات“ 1255هه ۾ جوڙي تيار ڪيائون. (18) جنهن مان سندس علمي قابليت جو اندازو لڳائي سگهجي ٿو. ظاهري علمن ۾ وڏو عالم ۽ فاضل هو ۽ ان کان علاوه تصوف ۾ قادريه طريقي ۾ وڏو پير هو. (19)

حضرت پير سائين علي گوهر ”اصغر“ کي جيڪا تعليم پنهنجي والد جي طرفان مليل هئي ان جو پير سائين ”اصغر“ پورو پورو حق ادا ڪيو، ۽ هميشھ جڏهن به ڪو ڪتاب ننڍي عمر ۾ خريد ڪندا هئا ته والد کي ضرور ڏيکاريندا هئا. (20) ان کان علاوه سنڌ جي تاريخ تي ڪتاب ڪاتبن کان لکرائي محفوظ ڪندا هئا. (21)

حضرت پير سائين ”اصغر“ ڪمال جا شاعر هئا ۽ تخلص ”اصغر“ رکيائون. ان کان سواءِ پنهنجي خانداني شجري کي نظم ۾ قلمبند ڪيو اٿائون. (22) سنڌي زبان ۾ سندن ڪلام اهڙو ته جذب ۽ سوز وارو آهي جو پڙهندڙ به سوز ۾ مستغرق ٿي وڃي ٿو. (23) سندن ڪلام جو انتخاب پيش ڪجي ٿو:

(ڪافي)

پانڌي ڪو پچار، پورهيت سان ڪا يار پنهل جي.

1- خبر ڪا ڏيم خير جي، هوتن هئي ڪا سڙي جي سار.

2- اٿم آريءَ جي عشق جي، لئون لئون منجهه لغار.

3- لنگهي  وينديس  لڪڙا،  هوتن  لاءِ  هزار.

4- وڳا وڻنم ڪينڪي، هوتن ريءَ هي هار.

5- پاڙج پنهنجا پورهيت سان، ڪامل قول قرار.

6- ايندا ”اصغر“ پاڻهين، ساري سخن سچار. (24)

 

(ڪافي)

ڏٺي ٿيڙم ڏينهن، جوڳي تن جوڳين کي.

1- گنگا ۽ گرنار ويا، شتابيءَ سان شينهن.

2- وڄائي سي واٽ ويا، نانگا نقارو نينهن.

3- وسايان ٿي تن ريءَ، ”اصغر“ ويٺي وره جا مينهن. (25)

 

2. سيد حزب ا لله شاهه راشدي ٽيون پاڳارو

حضرت پير سيد حزب الله شاهه ٽيون پاڳارو سن 1258 هجري شوال جي اٺين تاريخ تولد ٿيا. (26) ۽ چوٿين محرم الحرام 1308 هجريءَ ۾ رحلت ڪيائون. (27) پاڻ اڃان صرف پنجن سالن جا هئا ته سندن والد بزرگوار وفات ڪئي ۽ کيس مسند تي ويهاريو ويو جو والد جي اڪيلا نرينه اولاد هئا. (28) سندن والد کين ابتدائي تعليم ڏني. (29) والد جي رحلت بعد کين استاد مقرر ڪري ڏنو ويو، جيڪو آخوند محمد عرف ميان ممون هو. باقي تعليم مولوي محمد عيسيٰ کان ورتائون. (30) مطلب ته مسند نشين ٿيڻ کان اڳ ۽ پوءِ پاڻ جيڪا تعليم حاصل ڪيائون انهن جو تمام گهڻو اڀياس ڪيائون.

حضرت پير سائين حزب الله شاهه جڏهن سفر ڪندي جيسلمير ويا ته اتان هڪڙو تخت ٺهرائي کڻي آيا، تنهن ڪري ”تخت ڌڻي“ سڏيو ويندو آهي.(31)

پير سائين حزب الله شاهه جي گهر جو ماحول جيئن ته علمي ۽ ادبي هو ۽ ان کان علاوه خليفو نبي بخش لغاري به زندهه هو، تنهن ڪري سندن رجحان روحانيت سان گڏوگڏ شعر و شاعري طرف به هو. پاڻ اعليٰ درجي جا فارسي شاعر هئا ۽ تخلص ”مسڪين“ اختيار ڪيائون. (32)

پير سائين حزب الله شاهه وڏا سخنور ۽ علم پرور هئا. قلمي ڪتابن سان کين وڏي دلچسپي هئي. ناياب ڪتاب خريد ڪري پنهنجي وڏن جي ڪتبخاني کي وسيع ڪيائون. (33) عالمن ۽ فاضلن جي قدرداني ڪندا هئا. سندن محفل ۾ وڏا شاعر ۽ مصور هميشھ موجود هوندا هئا ۽ پنهنجو شعر پيش ڪري داد حاصل ڪندا هئا. محمد عاقل ”عاقلي“، مولوي بهاءُ الدين ”بهائي“ ۽ سندن فرزند علي گوهر ”علي“ محفل ۾ هردم ويٺا هوندا هئا. (34) پاڻ هميشھ هڪ مصرع چوندا هئا ۽ ٻي مصرع مڪمل ڪرڻ لاءِ ٻين کي دعوت ڏيندا هئا. (35)

حافظ محمد صديق ڀرچونڊي وارو خاص هلي اچي ساڻن ملاقات ڪندو هو. پير سائين سندس قرات ٻُڌي تمام گهڻو محظوظ ٿيندا هئا. مولوي محمد صديق حيدرآباديءَ سان سندن خاص محبت هوندي هئي. انهيءَ سبب ڪري کين ڪلام پاڪ جي تفسير ۽ شرح مشڪواة شريف جو ڪم سپرد ڪيائون، مگر اهو ڪم سندن حياتيءَ ۾ مڪمل ٿي نه سگهيو، پوءِ ستت ئي اهو تفسير حضرت شاهه مردان شاهه اول ڇپائي پڌرو ڪيو.

پير سائين حزب الله شاهه جي رڳ رڳ ۾ سخاوت سمايل هئي. سوالي سندن در تان ڪڏهن به خالي نه موٽيو. (36) وفات وقت چيائون ته، ”افسوس جو مون کان هڪ ئي وقت ڪنهن لک روپيا ڪونه گهريا.“ (37)

مولوي بهاءُ الدين ”بهائي“ کي سندس غزل ٻُڌي هاٿي انعام ۾ ڏنائون. (38) جنهن اهو رياست بهاولپور جي نواب کي وڪڻي ڏنو. کيس هڪ پريس به خريد ڪري ڏنائون. مولوي صاحب انهي ”مطبع راشديه“ مان ڪجهه ڪتاب ڇپائي عوام جي آڏو پيش ڪيا. (39)

انگريزن جي وڌندڙ طاقت ۽ سندن ڏاڍ ڏمر کان پاڻ چڱي ريت واقف هئا ۽ انهيءَ سلسلي ۾ ترڪيءَ جي سلطان کي اهڙا خط به لکيائون ته ان جو تدارڪ ٿيڻ گهرجي. هن ڳالهه مان اهو اندازو بخوبي ڪري سگهجي ٿو ته پاڻ پنهنجي خانداني روايت کي سامهون رکندي سياسي بصيرت کان به چڱيءَ طرح واقف هئا. (40) سندن ڪلام جو نمونو پيش ڪجي ٿو:

اي ز نوش يک قدح از بس که بيهوشيم ما،

صاغر صهبا بکف آريم و مدهوشيم ما،

پند مارا در نمي گيرد که مستيم ازاجل،

ازخم عشق بتان دائم قدح نوشيم ما،

نشه ديشب فرد گرديد حالم شد تباه،

سا قيا جامِ بده تا در طلب کوشيم ما،

بحر بخشيدن مئي اي ساقي گل فام من،

هر گدائي را بيادِ آري فرمو شيم ما.“ (41)

(3) حضرت پير علي گوهر شاهه ثاني پاڳارو چوٿون

حضرت پير سيد علي گوهر ”علي“ ثاني چوٿون پاڳارو سن 1275 هجري مطابق 1860ع ۾ تولد ٿيو. (42) ۽ 24 جمادي الثاني 1314 هجري مطابق 1899ع ۾ رحلت ڪيائون. (43) پنهنجي والد جي حياتيءَ ۾ سڄو ڪاروبار هلائيندا هئا ۽ سندن وفات کان پوءِ گادي نشين ٿيا. (44) ننڍي هوندي کان ئي شعر و شاعريءَ جا باڪمال شاعر هئا. تخلص ”علي“ اختيار ڪيائون. (45)

حضرت سيد علي گوهر شاهه ثاني پنهنجي ”حر“ جماعت جي تربيت لاءِ جڏهن وٽن ويندو هو ته ڏولي ۾ سوار ٿي، مُنهن تي ڪپڙو وجهي پوءِ ويندو هو، تنهن ڪري کين ”محافي ڌڻي“ ڪري سڏيو ويندو آهي. (46) سندن ئي دور ۾ انگريز سرڪار سندن جماعت تي تمام گهڻي سختي ڪئي، ايتريقدر جو ٻارن، عورتن ۽ پوڙهن کي ڪئمپن ۾ نظربند ڪيو ويو. (47) جڏهن پاڪستان قائم ٿيو تنهن کان پوءِ تنهن ڪئمپن کي ختم ڪيو ويو. انهيءَ دوران جيڪي به ظلم ۽ ڏاڍايون ”حر“ جماعت تي ٿينديون رهيون، حضرت پير سائين علي گوهر شاهه ثاني پنهنجي جماعت کي صبر ۽ تحمل سان برداشت ڪرڻ جي تلقين ڪندا رهيا. (48)

حضرت پير سائين علي گوهر شاهه ثانيءَ جي شاعريءَ جو نمونو پيش ڪجي ٿو:

”فارسي“

”من از آلائش چشمان اول روز دانستم،

که اين طوفان رسوائي ازين نمنام برخيزد،

زکرد ره نورديها نسيم واديءَ ليليٰ،

طپد در خاک و خون مجنون گريبان چاک برخيزد،

”علي“ همنام ساقي کوثري در محشر از فيضش

گفت را کرده در کف صاحب لولاک برخيزد. (49)

(4) حضرت پير سيد شاهه مردان شاهه پاڳارو پنجون

حضرت پير سائين شاهه مردان شاهه اول پير سائين حزب الله شاهه جا چوٿون نمبر فرزند سن 1279 هجري مطابق 1864ع ۾ تولد ٿيا. (50) ۽ ستين ربيع الاول 1340 هجري مطابق 1921ع ۾ رحلت ڪيائون.(51) پير سائين علي گوهر ثانيءَ جي وفات کان پوءِ مسند نشين ٿيا. (52) کين ”ڪوٽ ڌڻي“ جي لقب سان ياد ڪيو ويندو آهي. (53)

حضرت پير شاهه مردان شاهه اول فارغ التحصيل عالم هئا ۽ روحانيت جي سلسلي ۾ سيد محمد گيلانيءَ سان منسلڪ هئا. (54) سندن هميشھ عادت هوندي هئي ته حضور ڪريم ' جي شان ۾ نعت ۽ مولود شريف جون محفلون منعقد ڪرائيندا هئا. (55)

ديني علم سان سندن ايتري ته محبت هوندي هئي جو پنهنجي خرچ تي ديني مدرسه قائم ڪيائون. (56) ته جيئن عام ماڻهن کي دين اسلام جي تعليم کان واقف ڪجي. پنهنجي وڏن جي علم دوستي ۽ علم پروري جي روايت کي قائم ڪيائون، اهوئي سبب هو جو کين ”شمش العلماءِ“ جو لقب مليو. (57) ”تفسير ڪوثر“ ۽ ”شرح مشڪواة شريف“ جو ڪم جيڪو سندن والد جي ڏينهن ۾ پورو ٿي نه سگهيو اهو شاهه مردان شاهه اول جي ڏينهن ۾ لکجي پورو ٿيو. (58)

حضرت پير سائين شاهه مردان شاهه سان سندس ڀاءُ علي مظفر شاهه مسند نشينيءَ تان ناراض ٿيو ۽ مقدمو داخل ڪيو. (59) پير سائين جي طرفان قائداعظم محمدعلي جناح مقدمو لڙيو ۽ فيصلو پير سائين جي حق ۾ صادر ٿيو. (60) پر تنهن هوندي به سندن هميشھ اها ڪوشش هوندي هئي ته ڀائرن کي خوش رکجي ته جيئن اهي ناراض نه ٿين، انهيءَ ڪري پير علي مظفر شاهه وري ڪڏهن به شڪايت نه ڪئي.

حضرت پير شاهه مردان شاهه اول جي ڏينهن ۾ انگريزن جي حڪومت جو سج چوٽيءَ تي هو ۽ هنن جي نظرن ۾ هن گاديءَ جي وڌندڙ طاقت اک ۾ ڪنڊي جي مثل هئي، تنهن ڪري انگريزن هن پاڳاري کي پنهنجو حليف ۽ دوست بنائڻ جي پوري ڪوشش ڪئي، جڏهن انگريزن کي سندن ڪوششون ناڪام ٿينديون نظر آيون ته هنن پنهنجون قهري ڪاروايون ڪرڻ جو فيصلو ڪيو. ٻئي پاسي پير صاحب جا ”حر“ به انهن غلط پاليسين ڪري مشتعل ٿي ويا ۽ انهن گوريلا جنگ شروع ڪئي. (61) پير صاحب تي تمام گهڻو اثر ٿيو، تنهن ڪري پنهنجي جماعت کي صبر ۽ تحمل جي تلقين ڪندا رهندا هئا. (62) اهوئي سبب آهي جو حضرت شاهه مردان شاهه جي حياتيءَ ۾ ”حر“ بغاوت نه ڪري سگهيا. (63)

حضرت پير شاهه مردان شاهه سخا جا سرواڻ هئا، تنهن ڪري ڪثير تعداد ۾ ڪپڙا ۽ اناج مدينه طيبه حاجين ڏانهن موڪلڻ ٿي چاهيائون، پر جيئن ته انهن ڏينهن ۾ پهرئين جنگ عظيم لڳي چڪي هئي. (64) تنهن ڪري کين اهڙي اجازت نه ملي پوءِ اهو سارو سامان غريبن ۽ مسڪينن ۾ تقسيم ڪرايائون.

(5) حضرت پير صبغت الله شاهه ثاني ڇهون پاڳارو

حضرت پير صبغت الله شاهه ثاني ولد پير شاهه مردان شاهه اول جي ولادت 13 صفر هجري مطابق 1909ع ۾ ٿي. (65) ۽ ويهين مارچ 1943ع مطابق 1362 هجري ۾ شهادت جو درجو حاصل ڪيائون. (66) جڏهن سندن والد محترم هن دارالفانا مان دارالبقا ڏانهن رحلت ڪئي ته پاڻ مسند نشين ٿيا، ان وقت سندن ڄمار صرف 12 سال هئي. (67) ابتدائي تعليم پنهنجي والد ۽ خانداني استاد کان حاصل ڪئي هئائون، فارسي، عربي ۽ سنڌيءَ ۾ کين چڱي مهارت حاصل هئي. اهوئي سبب آهي جو پاڻ عالم ۽ عالمن جا قدردان ۽ دوست هئا. (68)

حضرت پير صبغت الله شاهه ثاني مسند نشين ٿيڻ سان پنهنجي جماعت جي سارسنڀال لهڻ خاطر ڏانهن سفر ڪري ويا ۽ کين همٿ ڏياريندا رهيا ۽ وقفي وقفي کان اهڙا پروگرام مرتب ڪري مريدن جي حوصلي کي بلند ڪندا رهيا. ان جو سبب هي هو ته انگريزن کي هيءَ گادي آزاديءَ جي علامت ٿي نظر آئي. (69) تنهن ڪري پير صاحب کي خوش ڪرڻ ۽ پنهنجي مڪر ۽ فريب جي دام ۾ ڦاسائڻ لاءِ وڏا انعام ۽ خطاب ڏيڻ جي پيشڪش ڪئي، پاڻ صاف لفظن ۾ انڪار ڪري فرمايائون ته:

”اسان جي لاءِ خانداني لقب ”پاڳارا“ ڪافي آهي ۽ ڪنهن ٻئي خطاب يا لقب جي ضرورت نه آهي.“ (70)

انگريزن جي ڏاڍاين کان سنڌ به بچي نه سگهي، ”ويڙهايو ۽ حڪومت ڪريو“ جي حڪمت عملي واري نظريي تحت انگريزن پير صاحب جي عزيزن کي لالچون ڏيئي ڀڙڪايو جن پير صاحب جي خلاف چغليون هنيون ته هٿيار جمع ڪري بغاوت ڪرڻ جو ارادو رکي ٿو. پير صاحب کي گرفتار ڪيو ويو ۽ ڪيس هلائي اٺ سال سزا ڏئي پوني موڪليو ويو، جتان پوءِ رتنا گريءَ جي جيل ۾ رکيو ويو. (71)

حضرت پير صبغت الله شاهه ثاني مختلف جيلن جون صعوبتون ۽ تڪليفون برداشت ڪري 1936ع ۾ آڪٽوبر جي مهيني ۾ موٽي سنڌ آيا. (72) مختلف جيلن ۾ رهندي سندن ملاقات هندستان جي سياسي ليڊرن سان ٿي جن سندس اعليٰ درجي جي تربيت ڪئي، انهيءَ جو نتيجو اهو نڪتو جو ”گڙنگ“ جي بنگلي ۾ پنهنجي ”حر“ جماعت کي عسڪري تربيت ڏيندا رهيا ۽ ان سان گڏ کين هر نشي ڪرڻ، بدعت کان پاسو ڪرڻ جي منع فرمايائون. (73)

حضرت پير سائين صبغت الله شاهه رتناگري جيل ۾ حضرت پير سائين روضي ڌڻي جي ”ملفوظات“ جو بغور مطالعو ڪيو ۽ جيڪي فوٽ نوٽ لکندا ويا ان مان سندن علم جي ڄاڻ جو پتو پوي ٿو. (74)

حضرت پير سائين صبغت الله شاهه ثاني سنڌي ۾ شاعري ڪئي آهي. تخلص ”صبغت الله“ اختيار ڪيائون.

انتخاب (1)

ڪافي

مونکي هڻي ڪو جادو، سهڻا يار دل لٽي وئين

ڪري چشمن سندو ڪو چالو، سر ساه ٻئي سٽي وئين.

1.        ڪري پهريون مٺيون تو ڳالهيون وڌئي يار دل کي دواليون،

هڻي نيڻن سنديون دوناليون، منهنجا دوست دل ڦٽي وئين.

2.       تنهنجو عشق آهي قهري، مثل يار باز بحري،

وٺي بلبل کي وقت سحري، نيئي منهنجي دل جهٽي وئين.

3.       ”صبغت الله“ جي سڻ تون زاري، ڪر ڪا تون ستاري،

هيڪر ڏيئي ڏيکاري، تهان پوءِ مُنهن مٽي وئين.

 

بيت

سچائي سندو يار کڻ تون قدم، چيو آ عجب دوست منهنجي قلم،

پنڻ تي ڀريو آهي پيرن زور، پنڻ ڪم انهيءَ جو گانڊو لغور،

پنن پير ٿا پيا مندام، وڃي ڪن ٿا ماڻهن جو گهر منجهه سلام.

 

بيت

نه پيرن ڪئي خلق جي رهبري، پڳ ۾ ٻڌن ٿا ڪوڙن جي ڀري،

رکج يار تون پنهنجي صاف دل، ڪري خيال ڏس جو تون آهين امل،

دل کي رکج تون هميشھ صفا، ڪوڙي دنيا جا ڇڏي سڀ خفا،

زبان دل جنهن جي ٿئي هڪ يار، تنهن تان سوکين سر آهن نثار.

 

حوالا ۽ سمجهاڻيون

 

(1)         مشوري محمد قاسم (مترجم) ”نفحات الڪرامات“ (سنڌي)، حصو پهريون، موليٰ واليٰ پرنٽرس، ڇاپو 2، سال 1981ع، ص. 15-16.

(2)        راشدي پير علي محمد شاهه، کان پهرين مئي 1985ع تي ڪراچي ۾ انٽرويو ذريعي هي معلومات حاصل ٿي.

(3)        هي معلومات مفتي محمد رحيم سڪندري، پيش امام مسجد درگاهه پير جو ڳوٺ کان 5 جولاءِ 1986ع تي حاصل ٿي.

(4)        هي معلومات سيد وهب الله شاهه جهنڊي واري کان پهرين آڪٽوبر 1986ع تي انٽرويو ذريعي معلوم ٿي.

(5)         راشدي فيض الدين ”راشدي خاندان جو شجرو“، حيدرآباد مقرب پرنٽرس، سال 1985ع، ص. 33.

(6)                   مشوري محمد قاسم مولوي، ”نفحات الڪرامات“ (سنڌي) حصو پهريون، لاهور، موليٰ واليٰ پرنٽرس، ڇاپو 2، سال 1981ع، ص. 34، 35، 36.

(7)        ”تذڪره مولانا تاج محمود امروٽي“ علمي مجلس حيدرآباد سنڌ“ (مضمون نگار مولانا غلام مصطفيٰ قاسمي) بحواله درگاه هاليجي طرفان ڇپايل شجرو ۽ ڊاڪٽر عبدالفتاح بلوچ جي ڪتاب اصلاح المؤمنين تان ورتل.

(8)        عبدالحميد خان، ”مرد مؤمن“ (اردو)، دفع 5، سال 1970ع، ص. 85.

(9)        مشوري محمد قاسم مولوي (مترجم)، ”نفحات الڪرامات“ (سنڌي)، حصو پهريون، لاهور، موليٰ واليٰ پرنٽرس، ڇپو 2، سال 1981ع، ص. 37، 38 ۽ 39.

(10)    قاسمي غلام مصطفيٰ علامه، ”الرحيم“ مشاهير نمبر، حيدرآباد، شاهه ولي الله اڪيڊمي، سال 1967ع، ص. 29.

(11)     هن قطع مان سندن تاريخ وفات نڪري ٿي.

”دلم چو سال وصالش جست هاتف گشت،

به آفتاب به پيوست نور مئي توحيد“

                                       1263هه

(12)    بلوچ نبي بخش خان ڊاڪٽر ”ڪلام اصغر“ (مقدمو)، خيرپور جميعت علماءِ سڪندري، سال 1979ع، ص. 10.

(13)    وفائي دين محمد مولانا، ”تذڪره مشاهير سنڌ“، جلد 3، حيدرآباد، سنڌي ادبي بورڊ، سال 1986ع، ص. 210.

(14)    شاهه خادم حسين سيد، ”سوانح اصغر“، لاڙڪاڻو، سنڌي ادبي اڪيڊمي، سال 1967ع، ص. 31.

(15)     بلوچ نبي بخش ڊاڪٽر، ”سنڌ جو هڪ برگزيده خاندان“ (مقالو)، ”نئين زندگي“، ماهوار، جولاءِ، سال 1952ع، ص. 17.

(16)    قادري ابوالحسان محمد رمضان علي، ”مخزن فيضان“، خيرپور، جميعت علماءِ سڪندري، سال 1987ع، ص. 410.

(17)    شيخ محمد اڪرام، ”موج ڪوثر“، لاهور، اداره ثقافت اسلاميه، سال 1985ع، ص. 43 ۽ 44.

(18)    تفصيل لاءِ ڏسو، ”خزانت المعرفت“، ملفوظات، حضرت پير صبغت الله شاهه اول.

(19)    وفائي دين محمد مولانا، ”تذڪره مشاهير سنڌ“، جلد 3، حيدرآباد، سنڌي ادبي بورڊ، سال 1986ع، ص. 210.

(20)   بلوچ نبي بخش خان ڊاڪٽر، ”ڪلام اصغر“ (مقدمو)، خيرپور، جميعت علماءِ سڪندري، سال 1979ع، ص. 25.

(21)    لکايل ڪتابن مان هڪ ڪتاب ”فتح نامو“ عرف چچ نامو هو، جيڪو گادي نشين ٿيڻ کان پوءِ لکرايو هئائون، جنهن تي سندن مهر لڳل آهي، جنهن تي هي اکر ثابت ٿيل آهن.

”ز درج صبغت الله شد علي گوهر بود لامع

                                                                   1250هه

(22)   خليل محمد ابراهيم، ”تڪمله مقالات شعراءِ“، فارسي، حيدرآباد سنڌي ادبي بورڊ، سال 1958ع، ص. 297.

(23)   راشدي حسام الدين، ”ڳالهيون ڳوٺ وڻن جون“، حيدرآباد، سردار پرنٽنگ پريس، سال 1981ع، ص. 605.

(24)   شاهه علي گوهر سيد ”ڪلام اصغر“، سر ڪوهياري، خيرپور، جميعت علماءِ سڪندري، سال 1979ع، ص. 95.

(25)    ايضاََ، ص. 189.

(26)   راشدي فيض الدين شاهه، ”راشدي خان جو شجرو“، حيدرآباد مقرب پرنٽنگ پريس، سال 1985ع، ص. 33.

(27)   مولوي بهاءُ الدين بهائي سندن وفات تي هيٺيون قطعو چيو، جنهن مان سن وفات نڪري ٿي:

”زوي خود چه منور نمود جنت را،

گفت سال وصالش، خرد چراغ جنان.

    1308هه

(28)   بلوچ نبي بخش ڊاڪٽر، ”ديوان مسڪين“ (مقدمو)، خيرپور، جميعت علماءِ سڪندري، سال 1987ع، ص. 12.

(29)   ايضاََ، ص. 12

(30)   راشدي حسام الدين، ”ڳالهيون ڳوٺ وڻن جون“، حيدرآباد، سردار پرنٽنگ پريس، سال 1981ع، ص. 606.

(31)    قادري ابوالحسان محمد رمضان علي، ”مخزان فيضان“، خيرپور جميعت علماءِ سڪندري، سال 1987ع، ص. 402.

(32)   وفائي دين محمد مولانا، ”تذڪره مشاهير سنڌ“، جلد 1، حيدرآباد، سنڌي ادبي بورڊ، سال 1985ع، ص. 182.

(33)   ”ديوان مسڪين“ (مقدمو)، ص. 36.

(34)   ”ڳالهيون ڳوٺ وڻن جون“، ص. 607.

(35)    رات جو پاڻ هڪ مصرع ٺاهيائون ۽ صبح جو پنهنجي فرزند کي چيائون ته ٻُڌو ۽ پوءِ ٻي اوهين ٻُڌايو:

حزب الله شاهه: اگر شمشير در کف آن بتي بيباک برخيزد.

علي گوهر علي: فغان از ساکنکان عالم افلاک برخيزد.

(ديوان مسڪين، ص. 35)

(36)   ”ڳالهيون ڳوٺ وڻن جون“، ص. 606.

(37)   ”ديوان مسڪين“، ص. 44.

(38)   مولوي جو غزل هي هو جنهن تي کيس هاٿي انعام ۾ مليو:

قرب حق شد منزل ماعشق جان جان ماست،

ماشه ملک دل و عرش عظيم ايوان ماست.

(ديوان مسڪين، ص. 41)

(39)   ميمڻ عبدالمجيد سنڌي، ”تذڪره شعراءِ سکر“، سکر، سنڌي ادبي سوسائٽي، سال 1959ع، ص. 174.

(40)   ”ديوان مسڪين“، ص. 48.

(41)    ايضاََ، ص. 71.

(42)   بلوچ نبي بخش خان ڊاڪٽر، ”سنڌ جو هڪ برگزيده خاندان“ مقالو، نئين زندگي، ماهوار، جولاءِ، سال 1952ع، ص. 19.

(43)   قادري ابوالحسان محمد رمضان علي، ”مخزن فيضان“، خيرپور جميعت علماءِ سڪندري، سال 1987ع، ص. 423.

(44)   راشدي فيض الدين شاهه، ”راشدي خاندان جو شجرو“، حيدرآباد مقرب پرنٽنگ پريس، سال 1985ع، ص. 33.

(45)    هڪ سندن تصنيف ”سلسله قادريه“ آهي جنهن ۾ حضرت علي رضه کان وٺي حضرت پير سائين روضي ڌڻيءَ تائين هر هڪ بزرگ جو احوال منظوم قلمبند ٿيل آهي. انهي ڪتاب ۾ اٽڪل ٽي هزار بيت ٿيندا.

(46)   قادري ابوالحسان محمد رمضان علي، ”مخزن فيضان“ خيرپور، جميعت علماءِ سڪندري، سال 1987ع، ص. 418.

(47)   ايضاََ، ص. 422.

(48)   چوڌري تبسم ”تذکره پيران پاگارا“، سال 1975ع، ص. 151.

(49)   راشدي حسام الدين ”ڳالهيون ڳوٺ وڻن جون“، حيدرآباد، سردار پرنٽنگ پريس، سال 1981ع، ص. 611.

(50)    راشدي فيض الدين شاهه، ”راشدي خاندان جو شجرو“، حيدرآباد، مقرب پرنٽنگ پريس، سال 1985ع، ص. 33.

(51)     چاچڙ عبدالوهاب مولانا، ”شريعت“ سوانح نمبر، سکر، يونائيٽيڊ پيڪيچز، سال 1981ع، ص. 304.

(52)    حضرت پير سائين علي گوهر ثاني لاولد انتقال ڪري ويا، تنهن ڪري سندن وصيت مطابق شاهه مردان شاهه اول کي مسند نشين بڻايو ويو.

(53)    درگاهه ۽ حويلين جي چوڌاري ڪوٽ تعمير ڪرايو هو، تنهن ڪري کين ”ڪوٽ ڌڻي“ جي لقب سان سڏيو ويو.

(54)    سيد محمد گيلاني حضرت سيد عبدالقادر جيلانيءَ جي ٽئين پيڙهي ۾ آهن ۽ پاڻ سن 1332 هجريءَ ۾ وفات ڪيائون.

(55)    چوڌهري تبسم ”تذکره پيران پاگارا“، حيدرآباد، ڪنگري پرنٽرس، سال 1957ع، ص. 224.

(56)    ٻين ڳوٺن کان علاوه پير ڳوٺ جي مدرسي ”جامع راشديه“ جو 1909ع ۾ بنياد وڌائون. (تفصيل لاءِ ڏسو روزنامه مهراڻ ”سالگره نمبر“، ص. 33)

(57)    هي لقب کين انگريزن کان مليل هو. پاڻ وقت جي مصلحت خاطر اهو لقب قبول ڪيو هئائون، ان جو سبب هي هو ته سندن جماعت جا ڪيترا سرڪرده ڪارڪن انگريز سرڪار وٽ جيلن ۾ نظربند هئا يا لوڙهن ۾ بند هئا.

(58)    محمد صديق ”تفسير ڪوثر“ ڇاپو ٻيو، حيدرآباد، شيخ غلام علي اينڊ سنز، سال 1972ع، ص. 1.

(59)    چاچڙ عبدالوهاب مولانا ”شريعت“ سوانح نمبر، سکر، يونائيٽيڊ پيڪيجز، سال 1981ع، ص. 404.

(60)   اهو فيصلو 22 ڊسمبر 1899ع ۾ صادر ٿيو. (تفصيل لاءِ ڏسو ”لب تاريخ سنڌ“ ص، 339)

(61)    قدوسي اعجاز الحق، ”تاريخ سنڌ“، جلد 3، لاهور، اردو سائنس بورڊ، سال 1984ع، ص. 161.

(62)   قادري ابوالحسان محمد رمضان علي، ”مخزن فيضان“، خيرپور جميعت علماءِ سڪندري، سال 1987ع، ص. 426.

(63)   ايضاََ، ص. 426

(64)   پهرئين جنگ عظيم 1914ع کان شروع ٿي ۽ 1919ع ۾ ختم ٿي.

(65)    قادري ابوالحسان محمد رمضان علي، ”مخزن فيضان“، خيرپور، جميعت علماءِ سڪندريه، سال 1987ع، ص. 428.

(66)   کين حيدرآباد سينٽرل جيل ۾ ڪورٽ مارشل ڪيو ويو، جيڪي جج هئا اهي سڀ انگريز هئا. پنهنجي بچاءُ جي وڪيل وسيلي اهڙو اعتراض لکت ۾ پيش ڪيو مگر سندن اعتراض رد ڪيو ويو. (ڏسو Sindh Quarterly, Vol. X, 1982/2, P-8,9)

(67)   بلوچ نبي بخش خان ڊاڪٽر، ”نئين زندگي“، ماهوار، مقالو، ”سنڌ جو هڪ برگزيده خاندان“، جولاءِ 1952ع، ص. 33.

(68)   چاچڙ عبدالوهاب ”شريعت“، سوانح نمبر، سکر، يونائيٽيڊ پيڪيچز، سال 1981ع، ص. 506.

(69)   قدوسي اعجاز الحق، ”تاريخ سنڌ“ جلد 3، لاهور، اردو سائنس بورڊ، سال 1984ع، ص. 167.

(70)   تبسم چوڌهري، ”تذکره پيران پاگاره“، حيدرآباد، ڪنگري پرنٽرس، سال 1975ع، ص. 169.

(71)      Major Gen: Wisal Muhammad (Retired), Article, “Sind Quarterly”, Karachi, Herald Press, 1981/1, P.8.

(72)   ميمڻ عبدالمجيد سنڌي، ”سنڌ باب الاسلام“، سکر، تنظيم فڪر و نظر، سال 1985ع، ص. 48.

(73)   تبسم چوڌهري، ”تذکره پيران پاگاره“، حيدرآباد، ڪنگري پرنٽرس، سال 1975ع، ص. 176.

(74)   جيڪي پاڻ فوٽ نوٽ لکيا آهن انهن مان هڪ جو مثال پيش ڪجي ٿو:

(i)       ناجنس جي دوستيءَ کان موت ڀلو ڄاڻڻ گهرجي.

(ii)              ڪوڙي جي حڪومت لمحي تائين هلندي، سچي جي تاقيامت هوندي.

(iii)    ڪوڙ ايمان جي قئنچي آهي ۽ ڪوڙي تي خدا جي لعنت آهي. هي فوٽ نوٽ صبح جو ساڍي نوين بجي 11، آڪٽوبر 1931ع، تي پاڻ لکيو اٿائون.

 

ببلوگرافي

سنڌي

1.        اسد الله ڀٽو پروفيسر، ”سنڌ باب الاسلام“، سکر، تنظيم فڪر ونظر، سال 1985ع.

2.       ٻرڙو غلام حيدر ڊاڪٽر، ”چونڊ سنڌي ذاتيون“، حيدرآباد سنڌ پرنٽنگ پريس، سال 1981ع.

3.                بلوچ نبي بخش ڊاڪٽر، ”سومرن جو دور“، حيدرآباد، سنڌي ادبي بورڊ، سال 1980ع.

4.       بلوچ نبي بخش ڊاڪٽر، ”سر کنڀات جو مطالعو“، حيدرآباد، ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز، سال 1982ع.

5.        بلوچ نبي بخش ڊاڪٽر، ”سر معذوري جو مطالعو“، حيدرآباد، ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز، سال 1977ع.

6.       بلوچ نبي بخش خان ڊاڪٽر، ”مولود“، حيدرآباد، سنڌي ادبي بورڊ، سال 1961ع.

7.       بلوچ نبي بخش خان ڊاڪٽر، ”واقعاتي بيت“، حيدرآباد، سنڌي ادبي بورڊ، سال 1961ع.

8.       بلوچ نبي بخش خان ڊاڪٽر، ”مورڙيو ۽ مانگر مڇ“، حيدرآباد، سنڌي ادبي بورڊ، سال 1976ع.

9.       بلوچ نبي بخش خان ڊاڪٽر، ”ڪافيون“ ڀاڱو پهريون، حيدرآباد، سنڌي ادبي بورڊ، سال 1985ع.

10.   بلوچ نبي بخش خان ڊاڪٽر، ”ڪلام خليفي صاحب جو“، حيدرآباد، سنڌي ادبي بورڊ، سال 1966ع.

11.    بلوچ نبي بخش خان ڊاڪٽر، ”مبين شاهه عنايت جو ڪلام“، حيدرآباد، سنڌي ادبي بورڊ، سال 1963ع.

12.   برٽن رچرڊ، ”سنڌ ۽ سنڌو ماٿريءَ ۾ رهندڙ قومون“، حيدرآباد، سنڌي ادبي بورڊ، سال 1971ع.

13.   بيگ عباس علي مرزا، ”خدا يار خاني ميان سرفراز خان عباسي“، ڄامشورو، انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي، سال 1980ع.

14.   بدوي لطف الله، ”تذڪره لطيفي“، جلد اول، شڪارپور، پوڪرداس اليڪٽرڪ پرنٽنگ پريس، سال 1936ع.

15.    بدوي لطف الله، ”تذڪره لطيفي“، جلد اول، ڇاپو 2، حيدرآباد، آر. ايڇ. احمد اينڊ برادرس، سال 1954ع.

16.   بدوي لطف الله، ”تذڪره لطيفي“ جلد 2، ڇاپو 3، حيدرآباد، آر. ايڇ احمد اينڊ برادرس، سال 1967ع.

17.   بدوي لطف الله، ”تذڪره لطيفي“ جلد 3، حيدرآباد، آر. ايڇ احمد اينڊ برادرس، سال 1952ع.

18.   ٽالپر محمد جمن، ”سنڌ جا اسلامي درسگاهه“، حيدرآباد سنڌ هجره ڪميٽي، سال 1982ع.

19.   جي. ايم سيد، ”جنب گذاريم جن سين“، جلد 2، حيدرآباد، سنڌي ادبي بورڊ، سال 1979ع.

20.  جوڻيجو عبدالجبار ڊاڪٽر، ”سنڌي ادب جي مختصر تاريخ“، ڇاپو 2، حيدرآباد، سنڌ پرنٽنگ پريس، سال 1983ع.

21.         جويو محمد ابراهيم، ”تاريخ پاڪستان“، حيدرآباد، قرآن پريس، سال 1962ع.

22.  ڇٻلاڻي ايس. پي ڊاڪٽر، ”سنڌ جي اقتصادي تاريخ“، حيدرآباد، سنڌي ادبي بورڊ، سال 1968ع.

23.  حافظ بدرالدين، ”آئينه سڪندري“، حصو پهريون، شڪارپور، محمدي اليڪٽرڪ پرنٽنگ پريس.

24.  حافظ بدر الدين، ”آئينه سڪندري“، حصو ٻيو، شڪارپور، اداره اشاعت ڪتب، سال 1974ع.

25.   حڪيم فتح محمد سيوهاڻي، ”ميرن جي صاحبي“، ڪراچي، الوحيد پريس، سال 1957ع.

26.  رحيم داد مولائي شيدائي، ”ٽالپرن جي مختصر تاريخ“، ڄامشورو، انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي، سال 1983ع.

27.  رضوي سيد گل محمد، ”شير ميسور“، حيدرآباد، مدينه پرنٽنگ پريس، سال 1966ع.

28.       راشدي علي گوهر، ”ڪلام اصغر“، خيرپور، جميعت علماء سڪندري، سال 1979ع.

29.  راشدي حسام الدين، ”ڳالهيون ڳوٺ وڻن جون“، حيدرآباد، سردار پرنٽنگ پريس، سال 1981ع.

30.  راشدي فيض الدين شاهه، ”راشدي خاندان جو شجرو“، حيدرآباد، لطيف آباد، مقرب پرنٽنگ پريس، سال 1985ع.

31.         راشدي حسام الدين، ”تذڪره امير خاني“، حيدرآباد، سنڌي ادبي بورڊ، سال 1961ع.

32.  رڪارڊ نمبر 85، ”ذات ڌڻيءَ جي رٿا“ هيٺ گڏ ڪيل جناب ڪريم بخش خالد جو، ڄامشورو، انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي.

33.  سيد ثابت علي شاهه (ثالث)، ”سنڌي مرثيه“، حيدرآباد، تاج محل پرنٽنگ پريس، سال نامعلوم.

34.  سڪندري در محمد، ”ملفوظات شريف“، جلد 4، ڇاپو 2، خيرپور، جميعت علماء سڪندري، سال 1984ع.

35.   سڪندري در محمد، ”ملفوظات شريف“، جلد 5، خيرپور، جميعت علماء سڪندري، سال 1976ع.

36.  سڪندري در محمد، ”ملفوظات شريف“، جلد 6، خيرپور، جميعت علماء سڪندري، سال 1978ع.

37.       علامه آءِ. آءِ قاضي، ”شاهه جو رسالو“، حيدرآباد، سنڌي ادبي بورڊ، سال 1966ع.

38.       شاهه خادم حسين سيد، ”سوانح اصغر“، لاڙڪاڻو، سنڌي ادبي اڪيڊمي، سال 1976ع.

39.  شيدائي رحيم داد مولائي، ”تاريخ تمدن سنڌ“، حيدرآباد، سنڌ يونيورسٽي پريس، سال 1959ع.

40.       شيدائي رحيم داد مولائي، ”جنت السنڌ“، حيدرآباد، سنڌي ادبي بورڊ، سال 1958ع.

41.   عبدالله عبدالغني، ”تاريخ سنڌ“، ڀاڱو 2، ڇاپو 2، ڄامشورو، انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي، سال 1984ع.

42.  علي ڪوفي، ”فتح نامه سنڌ عرف چچ نامو“، (سنڌي)، حيدرآباد، سنڌي ادبي بورڊ، سال 1976ع.

43.  عبدالله عبدالغني، ”تاريخ سنڌ“، ڀاڱو 3، ڇاپو پهريون، حيدرآباد، مسلم ادبي بورڊ، سال 1939ع.

44.  قادر بخش بيدل، ”پنج گنج“، حيدرآباد، ڀٽ شاهه، ثقافتي مرڪز، سال 1976ع.

45.   قانع مير علي شير، ”تحفة الڪرام“، حيدرآباد، سنڌي ادبي بورڊ، سال 1957ع.

46.  قليچ بيگ مرزا، ”قديم سنڌ ۽ ان جا مشهور شهر ۽ ماڻهو“، حيدرآباد، سنڌي ادبي بورڊ، سال 1976ع.

47.  قليچ بيگ مرزا، ”احوال شاهه عبداللطيف ڀٽائي“، شڪارپور، پوڪرداس اليڪٽرڪ پريس، سال 1897ع.

48.  قادري عبداللطيف مولوي، ”روحاني رمزون“، سکر، همدرد پريس، سال 1982ع.

49.  قادري عبداللطيف مولوي، ”حضرت پير سائين سردار روضي ڌڻي رح جو ڪلام“، سکر، عبيدالله پرنٽنگ پريس، سال 1984ع.

50.   قادري اياز حسين ڊاڪٽر، ”سنڌي غزل جي اوسر“، ڀاڱو 2، ڄامشورو، انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي، سال 1984ع.

51.    قاضي علي اڪبر، ”دولهه درازي“، سکر، ڪمال پرنٽنگ پريس، سال 1980ع.

52.   لغاري گل حسن، ”تاريخ بني عباس“، حيدرآباد، آر. اڇ احمد اينڊ برادرس، سال 1976ع.

53.        موسوي عبدالحسين شاهه، ”ديوان بيدل“، حيدرآباد، سنڌي ادبي بورڊ، سال 1961ع.

54.   ميمڻ عبدالمجيد سنڌي ڊاڪٽر، ”سنڌي ادب جو تاريخي جائزو“، ڇاپو ٻيو، سکر، عجائب اسٽور، سال 1974ع.

55.   ميمڻ عبدالمجيد سنڌي ڊاڪٽر، ”شڪارپور ماضي ۽ حال“، شڪارپور، ماڊرن پرنٽنگ پريس، سال 1984ع.

56.   ميمڻ عبدالمجيد سنڌي ڊاڪٽر، ”فڪر بيدل“، سکر، سنڌي ادبي سوسائٽي، سال 1971ع.

57.   ميمڻ عبدالمجيد سنڌي ڊاڪٽر، ”تذڪره شعراء سکر“، سکر، سنڌي ادبي سوسائٽي، سال 1959ع.

58.   ميمڻ عبدالمجيد سنڌي ڊاڪٽر، ”سنڌيءَ ۾ نعتيه شاعري“، لاڙڪاڻو، سنڌي ادبي اڪيڊمي، سال 1980ع.

59.   ميمڻ محمد صديق خانبهادر، ”سنڌ جي ادبي تاريخ“، ڀاڱو پهريون، ڇاپو 3، حيدرآباد، آر. ايڇ احمد اينڊ برادرس، سال 1954ع.

60.  ميمڻ محمد صديق، ”انتخاب تاريخ طاهري“، شڪارپور، پوڪرداس ٿانورداس، سال 1926ع.

61.   مشوري محمد قاسم، ”نفحات الڪرامات“، حصو پهريون، ڇاپو 2، خيرپور، جميعت علماء سڪندري، سال 1981ع.

62.  مشوري محمد قاسم، ”نفحات الڪرامات“، حصو ٻيو، ڇاپو 2، خيرپور، جميعت علماء سڪندري، سال 1981ع.

63.  مشوري محمد قاسم، ”نفحات الڪرامات“، حصو ٽيون، ڇاپو 2، خيرپور، جميعت العلماء سڪندري، سال 1981ع.

64.       ميرڪ يوسف، ”تاريخ مظهر شاهجهاني“، حيدرآباد، سنڌي ادبي بورڊ، سال 1979ع.

65.   مخدوم امير احمد، ”تاريخ معصومي“، حيدرآباد، سنڌي ادبي بورڊ، سال 1953ع.

66.  مهر غلام رسول، ”تاريخ سنڌ“، ڪلهوڙا دور، جلد پهريون، حيدرآباد، سنڌي ادبي بورڊ، سال 1958ع.

67.  محمد حنيف صديقي (مترجم)، ”سنڌ ۽ سنڌو ماٿري ۾ وسندڙ قومون“، حيدرآباد، سنڌي ادبي بورڊ، سال 1971ع.

68.  ميمڻ آر. ايڇ، ”تاريخ سنڌ“، حيدرآباد، شهباز پرنٽنگ پريس، سال نامعلوم.

69.  محمد صديق حيدرآبادي، ”تفسير ڪوثر“، حيدرآباد، شيخ غلام علي اينڊ سنز، سال 1972ع.

70.       ونڊير رحمت الله فقير، ”حضرت روضي ڌڻي بادشاهه“، سکر، همدرد پريس، سال 1957ع.

71.         وفائي دين محمد مولانا، ”لطف اللطيف“، ڪراچي، وفائي پبلشنگ هائوس، سال 1953ع.

72.  مهدي سيد حيدر ڊاڪٽر، ”حيات قلندر“، حيدرآباد، الائيڊ پرنٽنگ پريس، سال نامعلوم.

73.  وفائي دين محمد مولانا، ”تذڪره مشاهير سنڌ“، حصو پهريون، حيدرآباد، سنڌي ادبي بورڊ، سال 1985ع.

74.  وفائي دين محمد مولانا، ”تذڪره مشاهير سنڌ“، حصو 2، حيدرآباد، سنڌي ادبي بورڊ، سال 1985ع.

75.   وفائي دين محمد مولانا، ”تذڪره مشاهير سنڌ“، حصو 3، حيدرآباد، سنڌي ادبي بورڊ، سال 1986ع.

76.  هزهائينس مير حسن علي، ”سنڌ جو شاهنامو عرف ڪلهوڙن جي هار“، حيدرآباد، مسلم ادبي سوسائٽي، سال 1952ع.

77.  هدايت الله شاهه راشدي، ”ملفوظات مبارڪ“، ملفوظات ياسين شاهه، حيدرآباد، شاهه ولي الله اڪيڊمي.

 

عربي

78.  ابن ماجه.

79.  صحيح بخاري، جلد 1.

80.  ترمذي، جلد 2.

81.   ٺٺوي محمد هاشم مخدوم، ”بذل القوه في حوادث سني النبوه“، حيدرآباد، سنڌي ادبي بورڊ، سال 1966ع.

82.  زرقاني، ”المختصر المقاصد الحسنھ في بيان کثير من الاحاديث المشتهره علي الالسنھ“ رياض، مکتبه تربيت، عربي، سال 1981ع.

83.  سنڌي عبيدالله مولانا، ”التهميد لتعريف ائمه التجديد“ ڄامشورو، سنڌي ادبي بورڊ، سال 1976ع.

84.  شيخ محمد ابن السيد درويش، ”السني المطالب في احاديث مختلفه المراتب“، بيروت، کتبه اديبه، سال نامعلوم.

85.   علامه جلال الدين سيوطي، ”جامع الصغير“، بحواله سراج المنير، مدينه منوره، سال نامعلوم.

86.       علامه سيوطي، ”الدر المنتشره“ في الاحاديث المشتهره، رياض، سال 1983ع.

87.  علامه عبدالرؤف مناويٰ، ”الاتحافات السنيھ بالاحاديث القدسيه“، دمشق، دارالايمان، سال 1983ع.

88.  قاري ملاعلي، ”موضوعات کبير“، ڪراچي قرآن محل پريس، سال نامعلوم.

89.  مشکواه المصابيح، جلد 2.

 

فارسي

90.  حافظ سيرازي، ”ديوان حافظ“، ڪراچي، سعيد ايڇ. ايم ڪمپني، سال 1970ع.

91.   خليل محمد ابراهيم، ”تڪمله مقالات شعراء“، ڪراچي، سنڌي ادبي بورڊ، سال 1958ع.

92.  سيد حزب الله شاهه راشدي، ”ديوان مسڪين“، خيرپور، جميعت علماء سڪندري، سال 1987ع.

93.  سيد علي گوهر شاهه راشدي، ”خزانة المعرفت“، ملفوظات صبغت الله شاهه، قلمي، سال 1255هه.

94.  شڪارپوري منشي عطا محمد، ”تاريخ تازه نوائي معارڪ“، ڪراچي، سنڌي ادبي بورڊ، سال 1959ع.

95.   شيخ سعدي، ”گلستان“، ملتان، مکتب امداديھ، سال 1952ع.

96.  قريشي غلام رسول صديقي، ”دليل الايمان عرف ارشاد الطالبين“، قلمي، سال 1265هه.

97.  ڪلهوڙو نور محمد ميان، ”منشور الوصيت دستور الحڪومت“ حيدرآباد، سنڌي ادبي بورڊ، سال 1964ع.

98.  مولانا جلال الدين رومي، ”مثنوي شريف“، جلد اول، لاهور، شيخ غلام علي اينڊ سنز، سال 1963ع.

99.  مولانا جلال الدين رومي، ”مثنوي شريف“، جلد دوم، لاهور، شيخ غلام علي اينڊ سنز، سال 1963ع.

100.محمد عاقل مخدوم، ”تذڪره مخاديم کهرا“، قلمي، سال 1290 هجري.

101.         ميرڪ يوسف، ”تاريخ مظهر شاهجهاني“، ڪراچي، سنڌي ادبي بورڊ، سال 1962ع.

102.        نظاماڻي محمود فقير، ”مجمع الفيوظات“، قلمي ملفوظات روضي ڌڻي، سال 1248 هجري.

103.        نسياني محمد طاهر، ”تاريخ طاهري“، حيدرآباد، سنڌي ادبي بورڊ، سال 1964ع.

English

104.Blouch Nabi Baksh Dr. “(Article) “Traditional Culture in west Pakistan”, Sindh University, Jamshoro. Journal of Education, Vol. VIII, January, 1963.

105.Burton Richard, “Sindh and the Races that inhabit the Valley of Indus”, Karachi, Oxford University Press, 1973.

106.Caroe Olaf, “The Pathans”, Karachi, Oxford University Press, 1983.

107.E.H. Aitkens, “Gazetteer of the Province of Sindh” Karachi, Merchantile Stem Press, 1907.

108.Furban Holen, “John Company at works” Cambridge, London, 1951.

109.H.A.R. Gibb and J.H. Karamer, “Shorter Encyclopedia of Islam”, Karachi, South Asian Publisher, 1981.

110. Honery Pottenger, “Travels in Balochistan and Scinde London, Longman, 1816.

111.  H.I. Sada Rangani Dr. “Persian Poets of Sind”, Karachi, Sindhi Adabi board, 1956.

112. Haig Major General, “The Indus delta country”, London.

113. Ikram S.M., “Muslim Rule in India and Pakistan”, Lahore, Law Publishing Press, 1966.

114. Keith Aurthur Berried, “Constitutional History of India”, Lahore, Fisco Press, 1965.

115. Kaleech Beg Mirza, “History of Sind”, 2nd Edition Karachi, Ishtiaque Printing Press, 1982.

116. Pathan Mumtaz Hussian Dr. “History of Sind”, Arab Period, Hyderabad, Sindhi Adabi board, 1978.

117. Sorely H.T, “Gazetteer of West Pakistan”, Including Sind Province, Lahore, Government of West Pakistan Press, 1968.

118. Siddiqui Nafis-u-Din “History of Sindh” Karachi offset printers.

119. Qureshi Ishtiaque Hussain, “Ulema in Palitics” Karachi, M.A Arif Ltd, 1972.

 

ٽماهي رسالا

120.        ٽماهي ”مهراڻ“، جلد 2، سال 1974ع.

121.         ٽماهي، ”مهراڻ“، جلد 3، سال 1974ع.

122.        ٽماهي، ”مهراڻ“، جلد 4، سال 1974ع.

123.        ٽماهي، ”مهراڻ“، جلد 1-2، سال 1976ع.

124.        ٽماهي، ”مهراڻ“، سيرت نمبر، سال 1980ع.

125.        ٽماهي، ”مهراڻ“، جلد 1، سال 1981ع.

126.        ٽماهي، ”مهراڻ“، جلد 4، سال 1981ع.

127.        ٽماهي، ”مهراڻ“، جلد 1-2، سال 1982ع.

128.        ٽماهي، ”مهراڻ“، جلد 1، سال 1983ع.

129.        ٽماهي، ”مهراڻ“، جلد، سال 1986ع.

130.        ٽماهي، ”مهراڻ“، جلد 2، سال 1986ع.

131.         ٽماهي، ”مهراڻ“، جلد 1، سال 1987ع.

132.        ٽماهي، ”الرحيم“، سال 1965ع/3

133.        ٽماهي، ”الرحيم“، سال 1965ع/4

134.        ٽماهي، ”الرحيم“، مشاهير نمبر، سال 1966ع.

135.        ٽماهي، ”الرحيم“، سال 1966ع/1

136.        ٽماهي، ”الرحيم“، سال 1966ع/2

137.        ٽماهي، ”الرحيم“، سال 1966ع/3

138.        ٽماهي، ”الرحيم“، سال 1972ع.

139.        ٽماهي، ”الرحيم“، سال 1972ع (جولاءِ).

140.        ٽماهي، ”الرحيم“، سال 1972ع، (سيپٽمبر).

141.         ٽماهي، ”الرحيم“، سال نامعلوم (سرءُ)

142.Syed Ghulam Mustafa Shah, “Sind Quarterly” Vol. VIII, Karachi, Herald Press, 1981/1.

143.Syed Ghulam Mustafa Shah, “Sind Quarterly” Vol. VIII, Karachi, Herald Press, 1981/2.

144.        ماهوار ”الرحيم“ ماه سيپٽمبر، سال 1971ع.

145.        ماهوار ”الرحيم“ ماه آڪٽوبر، سال 1971ع.

146.        ماهوار ”الرحيم“ سال 1965ع.

147.        ماهوار ”الرحيم“، سال 1966ع/1-2.

148.        ماهوار ”الرحيم“، سال 1967ع/3-4.

149.        ماهوار ”الرحيم“، (ماه آڪٽوبر)، سال 1971ع.

150.        ماهوار ”الرحيم“، ماه جولاءِ، سال 1971ع.

151.         ماهوار ”الرحيم“، ماه جنوري، سال 1972ع.

152.        ماهوار ”الرحيم“، ماه جون، سال 1972ع.

153.        ماهوار ”الرحيم“، ماه جولاءِ آگسٽ، 1978ع.

154.        ماهوار ”الرحيم“ ماه نومبر ڊسمبر، 1978ع.

155.         ماهوار ”الرحيم“، 1978ع.

156.        ماهوار ”الرحيم“، 1978ع.

157.        ماهوار ”التوحيد“، ماه اپريل، 1940ع.

158.        ماهوار ”نئين زندگي“، ماه مئي، 1952ع.

159.        ماهوار ”نئين زندگي“، ماه جولاءِ، سال 1952ع.

160.        ماهوار ”نئين زندگي“، ماه مئي، سال 1958ع.

161.         ماهوار ”نئين زندگي“، ماه مئي، سال 1960ع.

162.        ماهوار ”نئين زندگي“، ماه فيبروري، 1966ع.

163.        ماهوار ”نئين زندگي“، ماه آگسٽ، 1984ع.

164.        ماهوار ”پيغام“، ماه آڪٽوبر_ نومبر 1986ع.

165.        ماهوار ”پيغام“، ماه جنوري_ فيبروري 1987ع.

166.        ماهوار ”پيغام“، ماه آڪٽوبر_ نومبر 1986ع.

167.        ماهوار ”شريعت“، سوانح نمبر، سال 1981ع.

168.        ماهوار ”سروش“، (فارسي) ماه مارچ 1958ع.

169.        ماهوار ”سروش“، (فارسي)، ماه جنوري _فيبروري 1968ع.

170.        پندرهن روزه ”راسته“، خليفو نمبر، سال 1960ع.

171.         روزنامه ”الوحيد“، سنڌ آزاد نمبر، ڇاپو 2، سال 1979ع.

172.        ٽماهي ”مهراڻ“، شاهه صدر نمبر، ڇاپو 2، سال 1987ع.

173.        ٽماهي ”مهراڻ“ سالگره نمبر، سال 1960ع.

 

ٿيسز

174.        شاهين انجم ”سراج العاشقين“، ايم فل لاءِ لکيل مقالو ڄامشورو، سنڌ يونيورسٽي، سال 1985ع.

175.        بخاري محمود شاهه، ”مولانا تاج محمود امروٽيءَ جون علمي ۽ قومي خدمتون“، پي ايڇ. ڊي لاءِ لکيل مقالو، ڄامشورو، سنڌ يونيورسٽي، سال 1977ع.

176.        خانائي حامد علي قريشي، ”ساهتيءَ جا قديم علمي مرڪز“، پي ايڇ. ڊي لاءِ لکيل مقالو، ڄامشورو، سنڌ يونيورسٽي، سال 1985ع.

177.        حامي عطا محمد، ”خيرپور جي ميرن جو ادب، سياست ۽ ثقافت ۾ حصو“، پي ايڇ. ڊي لاءِ لکيل مقالو، سال 1980ع.

178.        بخاري ممتاز حسين شاهه، ”سنڌ مدرسة الاسلام جو سنڌ جي علم، ادب ۽ سياست ۾ حصو“، پي ايڇ. ڊيءَ لاءِ لکيل مقالو، ڄامشورو سنڌ يونيورسٽي، سال 1985ع.

179.Hameeda Khuro Dr. “British Administration of Sind”, Ph.D Thesis, University of London, 1965.

 

انٽرويوز

1.        مرحوم سيد وهب الله شاهه راشدي مهتمم اعليٰ مدرسه جامعه راشديه، پير جهنڊو، مورخه 1-9-1986.

2.       مرحوم پير علي محمد راشدي، مورخه 1-5-1985.

3.       محترم مفتي محمد رحيم سڪندري پيش امام مسجد درگاهه پير جو ڳوٺ، مورخه 5-7-1985.

4.       محترم ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ، ڊپٽي ڊائريڪٽر، انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي، ڄامشورو، مورخه 1-7-1986.

5.        محترم اعجاز حسين ڀٽو گادي نشين سوئي شريف، مورخه 3-8-1988.

6.       محترم مير محمد نظاماڻي، سيڪريٽري سنڌ ٽيڪسٽ بوڪ بورڊ، ڄامشورو، مورخه 15-6-1985.

7.       محترم صالح محمد ڀٽو، ساڪن ڪچا ڀٽا نزديڪ احمد پور لمه تعلقو صادق آباد، ضلع رحيم يار خان، مورخه 5-8-1988.

8.       محترم احمد بخش لاڙڪ رٽائرڊ سپروائيزنگ تپيدار احمد پور لمه تعلقو صادق آباد، ضلع رحيم يار خان، مورخه 8-8-1985.

9.       محترم پيرزادو غوث محمد صدر الڪبير اڪيڊمي ڪوٽڙي ڪبير، مورخه 5-4-1985.

10.   مرحوم علامه غلام مصطفيٰ قاسمي، ڊائريڪٽر شاهه ولي الله اڪيڊمي، حيدرآباد مورخه 12 مارچ 1988ع.

11.    مرحوم مفتي محمد هدايت الله آريجوي مهتمم مدرسه جامع حسينه رضويه ڳوٺ خير محمد آريجا، ضلع لاڙڪاڻو، مورخ پهرين مئي، 1985ع.

نئون صفحو -- ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org