سيڪشن:شخصيات

ڪتاب: حضرت پير محمد راشد (روضي ڌڻي)

باب:

صفحو:14

بإب خۑۆڷ

قڝڎج صۑڎ ڎۆڝۑ ډڼۑ٪

ضۆڷ ښۑإښۑ كڈڶجۆڷ

قڝڎج صۑڎ ښإیۑڷ ڎۆڝۑ ډڼۑ٪ ضۆڷ ښۑإښۑ كڈڶجۆڷ

(إڵڢ) جڠإڎڢ

قڝڎج صۑڎ ښإیۑڷ ڎۆڝۑ ډڼۑ٪ ضۑ ۆڵإڈج 1757ڠ ۾ حۑ ۽ ێۑ ضێإڷ 1818ڠ ۾ فڊۑإیۆڷ(1). خۑێس ښإڵڷ ضۑ إڷێۑ٪ طڶإڎ ۾ ښڷډ ۽ ێڷڈ ضۑ ښۑإښج ڷج ڷۆإڷ ڎڷڧ بڈڵإۑإ. كإڜ ڞۆڎ جۑ ښڷډ ۾ ێڥ ڞڎڢ جۑ ڥڵێۆڏڷ ضۑ قڥۆڶج ضۆ كإجڶۆ حۑۆ صیۑ جێ تیۑ ڞڎڢ خإڵصڎ ښڷډ ضإ ۆإڵۑ حۑإ. إێڏۑ ڎۑج صۑڎ ښإیۑڷ ڎۆڝۑ ډڼۑ٪ فێڷ ڥڵێۆڏڷ(2). ۽ صڷضڷ خإڵصڎ قڥڶڎإڷڷ ضۆ ڈۆڎ ڊسۆ(3). إڷێۑ٪ ڠڎڜۑ ڈۆڎإڷ ښڷډ ڛڎۆڠإج ۾ ڥإبڵ قڥۆڶج ضۑ بإضڧڐإڎ ڎێۑ ۽ جڷێڷ ڦإڷصۆ٭ إڷڧڎۑڐڷ صڷێڷضۆ إشڎ ڎښۆك ڤإیڶ ڥۑۆ، جإڷ ضۆ ښڷډ إڷێڷ ضۑ ڥڶصڷۑ قڥۆڶج ضۆ قڜۆ بڼضۑ ۆۑیۑ. خإڵصڎڷ ضۑ آكڎۑ ڊۑڷێڷ ۾ صڷضإب ضۑ ڎإضإ ڎڷضۑج ښڷڧێێ صڼ ښڷډ قڥۆڶج ڵإ٭ ڥۑجڎۑ ڠڎڜۑ جإیۑڷ صڎۑڛإڷۑ صۑڈإ ڥیۑ ێیۑ.

قڝڎج صۑڎ ښإیۑڷ ڎۆڝۑ ډڼۑ٪ ضۑ ڈۆڎ ۾ غیڷ قڥڶڎإڷڷ ڥإبڵ ۾ قڥۆڶج ڥیۑ ۽ صڷێڷضۑ إشڎ ڎښۆك، إڤجڈإڎ كۆإێ إكجۑإڎ ضۆ ثڎصۆڎ ڶڟإێڎۆ ڥڎۑ ښڷډ ضۑ قڥۆڶج ڦۑ ڶجإشڎ ڥۑۆ(4).

قڝڎج صۑڎ ښإیۑڷ ڎۆڝۑ ډڼۑ ۽ ښڷڈښ ێڶڠڜڎ  ښۑإښجڈإڷڷ إڷێۑ ښۑإښۑ كڵڢڛإڎ ۆإڎۑ ڈۆڎ ۾ صڷێڷضۑ ډڎجۑ ۽ ڶإڎۆیڏڷ ضۑ ثڎصۆڎ ښۑإښۑ كڈڶج ڥیۑ. إڷێۑ ڦإڷ إک ضۆ إښۑڷ صۑڎ ښإیۑڷ ڎۆڝۑ ډڼۑ٪ ضۑ ښۑإښۑ كڈڶج ضۑ ضێڵڥ ڊۑۆڷ، بێجڎ إیۑڷ حۑڷڈۆ ضۆ إښإڷ إڷێۑ٪

خۑێس ښإڵێ ښۑإښۑ ڈۆڎ ضۑ ڥڷ صێڵۆیڷ جۑ ڷڟڎ ۆضێۆڷ جێ ضۑیڷ ێڷ بڐڎڧ ضۑ ښۑإښۑ كڈڶج ضۆ آښإڷۑ ښإڷ إڷڈإڐۆ ڵکإیۑ ښڧێضۑ.

i.         ڥڵێۆڏڷ ضۑ قڥۆڶج ضۆ إضڶإڵۑ كإڥۆ ۽ ښڷډ ضۑ ښۑإښج:

ڶڞإڵڠۑ ێۑس آۑڵ ڈۆڎ ۾ ڥڵێۆڏڷ 1757ڠ ڦإڷ ۆسۑ 1783ڠ جإیۑڷ ۑڠڷۑ فۆۑێێ ښإڵ ښڷډ جۑ قڥۆڶج ڥیۑ. إڷێۑ٪ ڠڎڜۑ ڦۑ ضۑڥڊێڷ إڷڈڎۆڷۑ إكجڵإڢ ۽ ڥڷێڷ قڈ جإیۑڷ ڧێڎۆ ڵڏإیۑ ضۆ ڷإڵۆ ڊضۑ جێ ۆډإ۝ ڥۆ ڷێ حۑڷڈۆ. ښث ڦإڷ صێڎۑۆڷ ڶقڶڈ ڶڎإڈ ۑإب كإڷ  صڷێڷضۑ ۆإڵڈ ڶۑإڷ ڷۆڎ ڶقڶڈ ضۑ ۆڢإج ڦإڷصۆ٭ قڥۆڶج ضۆ ۆإک ډڼۑ حۑۆ(5) ێڷ ڦۑ ڥإبڵ قڥۆڶج ڞڎڢإڷ ڶڏێۑڵ كڎإض ضۑ قإڜڵ ڥڎڼ ضۑ ڥۆڛڛ ۾ صڷێڷضۑ إڶۑڎڷ ۽ ښڎڈإڎڷ ضۑ ێڶڈڎڈۑ  ۆعإیڼۑ صیۑ. ێۆ إڷێۑ٪ کإڵێێ ڦإڷ بۑڐإڎ حۑ ڶڵڥ فڊۑ ڶښڤڞ ۆعڼ ۆإڎۆ ێۆ جێ ڦۑښ صڷێڷضۑ ښڎڈإڎڷ ێحإڷ ڶڠڐۆڵ حۑڼۆ صۑۆ (6).

سندس ڀاءُ ميان غلام شاهه کي درٻاري سازشن جي نتيجي ۾ حڪومت ملي. (7) ميان غلام شاهه جملي سورنهن سال حڪومت ڪئي. انهيءَ عرصي دوران هو پاڻ ٽي دفعا معزول ٿيو ۽ اهي ٽئي دفعا کيس پنهنجي ڀائرن محمد عطر خان ۽ احمد يار خان جي ڏاڍاين جو شڪار ٿيڻو پيو. (8)

سندس ڏهاڙن ۾ هڪ طرف سنڌ جون سرحدون وڌيون (9) ۽ ٻئي طرف ملڪ اندروني طور تي ترقي ڪئي. تان جو خود ميان غلام شاهه پاڻ حيدرآباد جو قلعو تعمير ڪرايو.

ميان غلام شاهه پنهنجي ڏينهن ۾ نه فقط ملڪي نظام کي درست رکڻ جي ڪوشش ڪئي، پر مذهبي سڌارا پڻ آندا. انهيءَ سلسلي ۾ هن مخدوم محمد هاشم ٺٽويءَ جي تحريڪ تي اسلامي معاشري قائم ڪرڻ لاءِ هڪ فرمان جاري ڪيو. (10)

ميان غلام شاهه جي ڏينهن ۾ ڪمپني حڪومت جي ڪارندن کي سنڌ ۾ واپاري ڪوٺين جي اجازت ملي. (11) کانئس پوءِ ميان سرفراز خان ۽ ميان غلام نبيءَ جا نالا قابل ذڪر آهن. ميان سرفراز خان جيتوڻيڪ پاڻ وڏو عالم، سخن فهم ۽ سخن سنج شاعر هو ۽ هن ملڪ جي زرعي ترقيءَ لاءِ ڪوششون ڪندي سنڌ جي آبپاشي نظام تي زور ڏنو. (12) پر سندس دور ۾ حالتون ايتريون ته ابتر ٿي ويون جو انگريزن کي پنهنجي تجارت ختم ڪرڻي پئي. (13) ميان غلام نبيءَ کي حالتن ايترو موقعو ئي نه ڏنو جو ڪو ڪارنامو سرانجام ڏيئي سگهي. ميان عبدالنبي اقتدار ۽ حصول جي قرباني جو ٻڪرو ٿيندي قلات، جيسلمير ۾ راڄڻ ڪوٽ تائين سرگردان، حيران ۽ پريشان رهيو، هن پڻ هڪ کان وڌيڪ دفعا اقتدار ماڻيو، مگر سندس ئي ڏينهن ۾ ميان صادق علي نالي ماتر سنڌ جو حڪمران ٿيو. تان جو هالاڻيءَ جي جنگ ۾ ميان عبدالنبي شڪست کائي ڪلهوڙن جي حڪمرانيءَ جي خاتمي جو سبب بڻيو. (14)

انهن ڪلهوڙن حڪمرانن شعوري ۽ لاشعوري طور تي خود اراديءَ ۽ ٻاهرين دٻاءُ هيٺ انسان سوز ظلم پڻ ڪيا. ميان غلام شاهه ڪلهوڙي پنهنجي ڀائرن محمد مرادياب، محمد عطر خان ۽ احمد يار خان سان اقتدار جي مسئلي تي چوٽون کاڌيون ۽ پنهنجن ٻن ڀائٽين عباس علي ۽ حسين علي ولد محمد مرادياب کي ٻيڙي ۾ ويهاري ٻوڙائي ماريو. (15) اهڙي نموني سان ميان سرفراز مير بهرام جي سياسي اثر ۽ مداخلت کان خوفزده ٿي کيس قتل ڪرايو. (16) ميان غلام النبي پڻ پنهنجي درٻاري راجو ليکي جي ظلم جو نشانو ٿيو ۽ شهادت پاتائين. هن کان پوءِ ميان عبدالنبيءَ وري ميان سرفراز خان ۽ ان جي پٽ محمد خان پنهنجي ڀاءُ محمود خان ۽ چاچي عطر خان جيڪي حيدرآباد جي قلعي ۾ قيد هئا تن سڀني کي قتل ڪرائي ڇڏيو. (17) ان کان سواءِ مير بجار به سندس هٿن مان بچي نه سگهيو. (18) هن پنهنجي اقتدار وڃائڻ کان پوءِ افغان حڪومت کي هڪ کان وڌيڪ دفعا سنڌ تي ڪاهه ڪرڻ جي آڇ ڏني ۽ اهڙي ريت پنهنجي ڌرتي ۽ ان جي عوام کي عذاب جو نشانو بڻايو. مختصر طور تي انهن ڪلهوڙا حڪمرانن جي 26 سالن ۾ سنڌ جي سياست ڏاڍا ڏکوئيندڙ ڏينهن ڏٺا.

(ii)  ٽالپرن جو سياسي ڪردار

مطالعي آيل هيٺ دور ۾ ميرن سنڌ جي سياست ۾ جيڪو ڪردار ادا ڪيو آهي ان کي ڪڏهن به نظر انداز نٿو ڪري سگهجي. هي رڍن ۽ ٻڪرين جا ڌڻ ڪاهي ڪلهوڙن جي معتقد مريدن جي حيثيت ۾ سندن ئي سڏ تي سنڌ جي تختگاهه خدا آباد ۾ داخل ٿيا. (19) ميان يار محمد کين پنهنجي فوج ۾ شامل ڪيو ۽ ان کان پوءِ هو پنهنجي مرشدن جي روحاني ۽ سياسي معاملن ۾ مداخلت ڪندا، غلط فهمي پيدا ڪرڻ جو سبب بنيا، تان جو ڪلهوڙن جي حڪمراني درٻاري سياست جو نشانو بڻجي ويئي. ڪلهوڙا حڪمرانن رت جي رشتن تي اقتدار کي فوقيت ڏني ۽ هو هڪ ٻئي جي خون جا پياسا بڻجي پيا، نه رڳو ايترو پر ڪلهوڙن ۽ ٽالپرن جي وچ ۾ جيڪي غلط فهميون پيدا ٿيون انهن اڳتي هلي اختلافن کي جنم ڏنو، جنهن جي نتيجي ۾ مير بهرام ۽ مير بجار خان پنهنجي حياتي وڃائي ويٺا ۽ اهڙي ريت هنن مريدن ۽ مرشدن جي وچ ۾ اقتدار جون جنگيون لڳيون، جنهن جي پڄاڻي 1783ع ۾ هالاڻيءَ جي جنگ سان ٿي. (20)

ٽالپر سنڌ ۾ قانوني طور تي قائم ٿيل هڪ حڪومت کي پنهنجي فوجي صلاحيت سان بچائڻ خواه قائم رکڻ لاءِ ذميوار هئا، ليڪن هنن مير شهداد خان جي وفات کان پوءِ پنهنجون اصلي ذميواريون وساري حڪومت جي انتظام ۽ ملڪي سياست ۾ مداخلت ڪرڻ شروع ڪئي. ميان نور محمد جي وفات کان پوءِ انهن ئي محمد مرادياب خان کي عمرڪوٽ ۾ پنهنجي مرضي ۽ پسند سان حڪمران طور قبول ڪيو، پر جڏهن محمد مرادياب ڪابل حڪومت جي استحصالي حڪمت عمليءَ کان تنگ ٿي عوام تي خراج جي وڌيڪ ۽ وڏي بار وجهڻ بدران مسقط لڏي وڃڻ جو فيصلو ڪيو ته نه فقط کيس ڪڪراله تي حملي ڪرڻ کان روڪيو، پر هن کي گرفتار ڪري غلام شاهه کي مسند تي ويهاريو.

مير بهرام خان جنهن ان سياسي ڊرامي ۾ مرڪزي ڪردار ڪيو تنهن جڏهن اهو ڏٺو ته ميان غلام شاهه ڪابل کان حڪومت جي سند وٺي نه سگهيو ۽ انهيءَ جاءِ تي ميان محمد عطر خان کي والي مقرر ڪيو ويو آهي ته هن به پنهنجون وفاداريون بدلائي عطر خان جي ڌُر ورتي. تان جو ميان غلام شاهه بي يارو مددگار بڻجي ويو. پر ميان غلام شاهه جڏهن امرڪس واه واري لڙائي ۾ پنهنجي ڀائرن عطر خان ۽ احمد يار خان کي شڪست ڏيڻ وارو هو ته عين جنگ جي ميدان ۾ مير بهرام خان پنهنجون وفاداريون بدلائي اچي ميدان ۾ غلام شاهه جي ڌر ورتي. (21) سندس انهيءَ ڪردار ميان سرفراز خان کي ايترو ته مُنجهايو ۽ مايوس ڪيو جو هن سندس حياتيءَ مان جند ڇڏائڻ جو فيصلو ڪيو ۽ ان تي عمل به ڪري ڏيکاريو. ان کان پوءِ ڪلهوڙن ۽ ٽالپرن يعني مرشدن ۽ مريدن اقتدار ۽ انتقام لاءِ اهو ڪجهه ڪيو جنهن جي نتيجي ۾ تاريخ جا ورق رت سان ريٽا ٿي پيا.

(iii) ڪابل حڪومت جي استحصالي حڪمت عملي

مطالعي هيٺ آيل دور ۾ ڪابل جي ظالم ۽ پرمار حڪمرانن سنڌ جو جيئن استحصال ڪيو، ان کي ڪڏهن به نظر انداز نه ٿو ڪري سگهجي. افغانستان جا اهي سمورا حڪمران سنڌي حاڪمن جي ڪمزورين، باهمي اختلافن ۽ درٻاري سازشين وارين اوڻاين کان ڀلي ڀت واقف هئا. ان ڪري هنن نه فقط هرهڪ حڪمران جي حاڪميت جا پروانا جاري ڪيا پر انهن نئين حاڪم کان اڳئين کان وڌيڪ خراج وصول ڪيو ۽ سندن ويجهن عزيزن کي پاڻ وٽ يرغمال رکيو. (22) ان کان سواءِ ڪيترا دفعا سنڌ کي پنهنجي ڪاهن ۽ ڦرلٽ جو نشانو بڻايو ويو. (23) انهيءَ سلسلي ۾ فقط مدد خان ئي جنهن سنڌ کي برباد ڪيو ان جو خيال ڪرڻ سان لونءِ لونءِ ڪانڊارجي وڃي ٿي. ميجر جنرل هيگ انهيءَ تاريخي سانحي تي روشني وجهندي لکي ٿو ته:

”مدد خان، جيڪو اڄ تائين سنڌ ۾ برائي سان مشهور آهي پنهنجن فوجن کي هن وفادار صوبي ۾ من مانين ڪارواين ڪرڻ لاءِ بلڪل آزاد ڇڏي ڏنو هو. اتر کان ڏکڻ تائين ويو، جتان جتان لنگهيو ڳوٺن ۽ شهرن کي لٽيائين ۽ ساڙيائين ۽ بنا ڪنهن قياس جي ماڻهن کي قتل ڪرايائين. ايستائين جو آخر وحشي پٺاڻ به خونريزي ۽ برباديءَ مان ڍائجي ويا. عبدالنبيءَ جي بحاليءَ جو بندوبست ٿي ويو، تيمور شاهه جي فوج واپس موٽي، ليڪن مدد خان جي تباهيءَ ڪري سنڌ ۾ خوفناڪ ڏڪار پئجي ويو. مٿان وري وبا جي منحوس بيماري اچي پئي ۽ بدنصيب عوام کي جن مصيبتن سان واسطو پيو ان جو ڪوبه مثال سنڌ جي گذريل تاريخ ۾ موجود نه آهي. ظاهر آهي ته عوام کي انهن جڳهڙن ۽ ڇڪتاڻ سان ڪوبه تعلق ۽ ڪابه دلچسپي نه هئي، جا لڙائي ڪندڙ سردارن جي وچ ۾ حڪمرانيءَ جي حوس جي سلسلي ۾ ٿي رهي هئي.“ (24)

(iv)    پنجاب ۽ انگريزن جون سازشون

سنڌ ۾ فرنگي ماڻهن جي موجودگي نهايت آڳاٽي آهي. چيو وڃي ٿو ته محمد بن قاسم جي آمد واري دور ۾ ئي سنڌ۾ ڪليسائن جي هئڻ جا اهڃاڻ ملن ٿا. (25) 1555ع ۾ پورچيگيزن جي تباهيءَ کان پوءِ ويندي ميان غلام شاهه ڪلهوڙي تائين انگريزن کي سنڌ ۾ واپار ڪرڻ جا پروانا ملڻ تائين مغرب جي مختلف قومن ۽ يورپي ماڻهن سنڌ جي تاريخ کي سڌي ۽ اڻ سڌي طرح متاثر ڪيو آهي. حضرت پير سائين روضي ڌڻيءَ جي ولادت کان ڪيترو اڳ سنڌ جي مختلف هنڌن ۾ ڪليسائون قائم ٿي چڪيون هيون ۽ عيسائي پنهنجي مذهب جي تبليغ ۾ مصروف ٿي چڪا هئا ۽ ان کان سواءِ واپار ۽ تجارت جي حوالي سان اسان کي ڪيترن ئي يورپي ماڻهن جي موجودگيءَ جو پتو پوي ٿو. (26)

حضرت پير سائين روضي ڌڻيءَ جي ڏهاڙن ۾ پڻ سنڌ ۾ ڪيترائي مغربي ماڻهو واپاري خواه سياسي مقصدن خاطر سنڌ ۾ آيا، مثال طور تي ڪئپٽن ڊيوڊ، سيٽن 1808، نڪولس هينڪي سمٿ 1809، رابرٽ ٽيلر 1809، پاٽيجز 1809، هنري ايلس 1809، ڪئپٽن چارلس ڪرسٽي 1809، وليم هال 1809.

انگريز سنڌ ۾ پهريون واپاري بڻجي آيا. ان کان پوءِ هنن پنهنجي ڪمپني حڪومت لاءِ جاسوسي ڪئي، تان جو سنڌ جي حڪمرانن جون ڪمزوريون پڪڙي فاتح بڻجي ملڪ جا حاڪم بڻجي ويا.

سنڌ تي قبضي ڪرڻ کان اڳ ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ ننڍي کنڊ ۾ پنهنجي اختيار ۽ اقتدار جو بنياد وجهي چڪي هئي، پر ان جي حڪومت کي داخلي طور تي ٽيپو سلطان ۽ خارجي طور تي فرانس، روس ۽ افغانستان مان خطري جي بوءِ اچڻ لڳي هئي. (27) 1796ع ۾ افغان حاڪم زمان شاهه 33 هزار فوج وٺي لاهور تي حملو ڪيو. (28) ان کان سواءِ 1784ع کان وٺي 1789ع جي وچ واري عرصي ۾ ڪيترائي فرانسيسي جهاز ۽ ٻيڙا سنڌ جي ساحلي علائقن ويجهو اچي چڪا هئا ۽ فرينچ مسقط جي امام سان دوستي رکڻ ۾ ڪامياب ٿي چڪا هئا. (29) 19هين صدي جي پهرئين ڏهاڪي ۾ روس ۽ فرانس جي حڪمت عمليءَ ۾ وڏي خوشگوار ۽ دوستانه تبديلي آئي. 1807ع ۾ فرانس جي سفير کي ايران جي درٻار ۾ وڏو آڌرڀاءُ مليو. بونا پارٽ نيپوليئن هندستان جي حالتن کان باخبر ٿيڻ لاءِ فرانس مان ڪيترائي جاسوس به هندستان موڪليا. (30)

جڏهن انگريزن ۽ فرانسيسين جا تعلقات خراب ٿي چڪا هئا ته هڪ طرف فرينچ روس سان دوستيءَ جو ناتو ڳنڍڻ ۾ ڪامياب ٿيا هئا ۽ ٻئي طرف سندن جاسوس هندستان جي سرحدن ۾ داخل ٿي چڪا هئا، اهڙين حالتن ۾ ڪمپني حڪومت سنڌ ۾ سياسي دلچسپي وٺڻ شروع ڪئي، جنهن جي نتيجي ۾ 1808ع ۾ ڪئپٽن ڊيوڊ سيٽن کي حيدرآباد موڪليو ويو جنهن ميرن سان دوستيءَ جو معاهدو ڪيو. (31) هڪ سال کان پوءِ ٻنهي حڪومتن جي وچ ۾ ٻيو معاهدو ٿيو جنهن مطابق وڪيلن جي مٽاسٽا ڪرڻ تي راضپو ڏيکاريو ويو ۽ ميرن سنڌ ۾ فرينچن جي داخل نه ٿيڻ جي ضمانت ڏني. انگريزن پنهنجي مفادن کي محفوظ ڪرڻ لاءِ اهڙيون ڪوششون پڻ ورتيون ته جيئن اهي افغان حڪومت جو توجهه ۽ دلچسپيون سنڌ مان ختم ڪري سگهن. انهيءَ سلسلي ۾ ڪمپني حڪومت جو ايلچي ڪابل درٻار تائين پهتو. (32) ۽ پنهنجي ڪوششن جي نتيجي ۾ ڪمپني حڪومت جي مفادن جي حفاظت ڪري سگهيو. ڪابل حڪومت ۽ ڪمپنيءَ جي وچ ۾ هڪ معاهدو ٿيو، جنهن پٽاندڙ ڪابل حڪومت سنڌ مان پنهنجون دلچسپيون ختم ڪرڻ جو واعدو ڪيو ۽ ڪمپني حڪومت کي اها خاطري ڏني ته جيڪڏهن فرينچ هندستان تي حملو ڪندا ته افغان حڪومت انگريزن جو طرف وٺندي. ٻنهي حڪومتن جي وچ ۾ اهو معاهدو 1809ع ۾ ٿيو. (33)

انگريزن پنهنجي مفادن کي محفوظ ڪرڻ خاطر ۽ سنڌ کي هڙپ ڪرڻ لاءِ ٻي چال اها کيڏي ته انهن 1809ع ۾ ئي رنجيت سنگهه سان معاهدو ڪيو. (34) ان کان پوءِ رنجيت سنگهه ملڪ گيري جي حوس ۾ ملتان، ڪشمير ۽ سنڌ کي پنهنجو نشانو بڻايو. (35) جنهن جي نتيجي ۾ پڻ ٽالپر حڪمران انگريزن سان دوستي رکڻ لاءِ مجبور ٿيا.

(ب) حضرت پير سائين روضي ڌڻيءَ جون سياسي خدمتون

حضرت پير سائين روضي ڌڻيءَ کي ورثي ۽ ماحول ۾ جيڪو

سياسي خلفشار جو دور مليو، ان جي اجمالي جهلڪ مٿي پيش ڪئي ويئي آهي. انهيءَ مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته حضرت پير سائين روضي ڌڻيءَ ڪلهوڙن جو زوال ۽ ٽالپرن جو عروج ڏٺو. ان کان سواءِ سندن ئي ڏهاڙن ۾ ڪمپني حڪومت سنڌ ۾ دلچسپي وٺي رهي هئي. حضرت پير روضي ڌڻيءَ انهن حالتن ۾ جيڪو سياسي ڪردار ادا ڪيو آهي، ان سان سندس سياسي بصيرت جو اندازو لڳائي سگهجي ٿو، مجموعي طور تي حضرت روضي ڌڻيءَ انهن حالتن کي ڪيئن قبول ڪيو يا ان بابت پنهنجي ڪهڙي راءِ قائم ڪيائين تنهن جو اندازو سندس شاعريءَ مان پڻ ملي ٿو: پاڻ فرمائين ٿا ته:

”مولا ڪڍ ملڪ مان هادي سڀ حڪام،

ڏيو آبرو اسلام کي ڪريو زير ظلام،

يا جو جن جا، يا نبي، خطرن خلق خدام،

لاهيو غبار غير جا، ڪريو آجا سڀ انعام.“ (36)

هن مان ثابت ٿئي ٿو ته حضرت محمد راشد روضي ڌڻي تنهن دور جي ڏيهي توڙي پرڏيهي حڪمرانن جي حڪمت عملين مان خوش نه هئا. هو ان ڳالهه کي تسليم ڪن پيا ته ڪلهوڙن جي دور ۾ ڪابل حڪومت ”طاقتور استحصالي حڪومت“ جو ڪردار ادا ڪري رهي هئي ۽ ان کي سنڌ جي عوام يا حڪمرانن جي ڀلائي بدران پنهنجي خراج جي مقدار وڌائڻ جو اونو هو. اهڙي ريت ڪلهوڙا حڪمران وري اقتدار ۽ اختيار جي حاصل ڪرڻ لاءِ هڪ طرف رت جي رشتن کي ٽوڙي لتاڙي پنهنجي عزيزن سان مقابلا ڪيا ۽ ٻئي طرف روحاني رشتن کي ٽوڙي پنهنجي طالبن ۽ مريدن سان وڙهڻ کان به نه ڪيٻايو. ان کان سواءِ سرائي ٽالپرن به اقتدار ۽ سياست جي حرص ۽ حوس ۾ پنهنجي مرشدن کي به معاف نه ڪيو. انهن حالتن سنڌي عوام تي مدد خان جهڙيون آفتون نازل ڪيون؛ پوءِ ڇو نه رنجيت سنگهه ۽ ڪمپني حڪومت سنڌ حڪمرانن جي سياسي ڪمزورين مان فائدو وٺن.

انهيءَ نازڪ ۽ ڏکوئيندڙ سياسي دور ۾ حضرت محمد راشد روضي ڌڻيءَ هڪ طرف قانوني حڪومت جي قائم رکڻ جي تائيد ڪئي ۽ ٻئي طرف عوام کي ٻاهرين ڏاڍ ۽ ظلم کان بچائڻ لاءِ سياسي اعتدال پسنديءَ جو مظاهرو ڪندي ڪابل حڪومت جي ڏاڍن حڪمرانن کي پنهنجي ذاتي اثر رسوخ سان تڙي ڪڍڻ جي ڪوشش ڪئي. سندس اهو سياسي نظريو انهيءَ ڳالهه جي تصديق ڪري ٿو ته حضرت محمد راشد روضي ڌڻي پرامن، عوام دوست ۽ قانون جي بالادستي کي پسند ڪندڙ سياسي مدبر هو ۽ هن جيڪا سياسي حڪمت عملي اختيار ڪئي ان جي سچائي ۽ صحيح هئڻ جي ثابتي تاريخ جا سمورا واقعا ڏيئي سگهيا آهن.

حضرت پير محمد راشد روضي ڌڻيءَ جي سياسي حڪمت عملي ۽ تدبر کي ٽن رُخن کان مطالعي هيٺ آڻي سگهجي ٿو. اهي هي آهن ته انهن ڏکين حالتن ۾ حضرت محمد راشد روضي ڌڻيءَ جو عوام سان ڪهڙو رشتو ناتو رهيو؟ ۽ پاڻ ان جي ڪهڙي سياسي تربيت ۽ رهبري ڪيائون. ٻيو رُخ هي ٿو ٿئي ته سنڌ جي حڪمرانن سان سندن تعلق ڪهڙو رهيو؟ ٽيون رُخ هي آهي ته افغان حڪمرانن سان سندن ڪهڙا لاڳاپا رهيا؟ ۽ ان جو پس منظر ڪهڙو رهيو؟ اچو ته سندن سياسي حڪمت عملي ۽ بصيرت جي انهن ٽنهي رُخن جي ڇنڊڇاڻ ڪندا هلون.

(i)       ڏکئي دور ۾ عوام جي رهبري

حضرت پير محمد راشد روضي ڌڻيءَ، جيئن اڳ ۾ عرض ڪري چڪا آهيون ٻن خاندانن يعني ڪلهوڙن ۽ ٽالپرن حڪمرانن جا دور ڏٺا. ڪلهوڙن جي دور ۾ عوام گهرو لڙاين ۽ سياسي خلفشار کان مايوس ٿي چڪو هو ۽ ڪنهن کي به سياسي آئيندي بابت ڪو يقيني خاڪو ذهن ۾ موجود نه هو. هرڪو  پريشان هو ته حالتون اُٺ جيان ڪهڙو پاسو بدلائينديون. ٽالپرن جي ڏينهن ۾ وري نئين حڪومت اقتدار ۾ اچڻ کان پوءِ پنهنجي حريف ۽ غير جانبدار، ماڻهن کي سياسي ڏاڍ ڏمر جو نشانو بڻايو. حضرت پير محمد راشد روضي ڌڻيءَ انهن ٻنهي حالتن ۾ عوام جي جوڳي رهبري هئي. مثال طور جڏهن ميان عبدالنبي پنهنجي اقتدار وڃائڻ کان پوءِ ان جي حصول لاءِ هٿ پير هڻي رهيو هو ۽ انهن ڏهاڙن ۾ مير فتح علي سنڌ جي اقتدار جي واڳ سنڀالي چڪو هو. تڏهن ڪنهن کي يقين ڪونه هو ته اقتدار جا وارث ٽالپر ٿيندا يا اها واڳ ڪلهوڙن کي موٽي ملندي. انهيءَ تذبذب، بي يقيني ۽ مايوسيءَ جي حالتن ۾ خليفي محمد حسين ناڙيءَ واري حضرت محمد راشد روضي ڌڻيءَ ڏانهن خط لکي آئيندي بابت راءِ وٺڻ گهري. حضرت پير محمد راشد روضي ڌڻيءَ کين جو تفصيلي جواب ڏنو آهي، ان جو تجزيو اسان اڳتي هلي ڪنداسون، پر خط ۾ لاڳاپيل حصو هتي پيش ڪجي ٿو. پاڻ لکن ٿا ته:

”بدي جيڪا پهچي ٿي سا پنهنجي نفس کان آهي، جيڪي ڪجهه حق سبحانھ وتعاليٰ جي درگاهه مان پهچندو اهو ٺيڪ آهي. پوءِ سڀڪا چڱائي الله تعاليٰ کان آهي، اي الله جا ٻانها، جيڪا هن دنيا ۾ نعمت نه ملي سگهي ان تي ارمان نه ڪر، ۽ بيشڪ آخرت واري نعمت چڱي ۽ گهڻو جٽاءُ ڪندڙ آهي.“ (37) هاڻي خط جي هن اقتباس تي نظر وجهڻ سان حضرت محمد راشد روضي ڌڻيءَ جي سياسي بصيرت جي واکاڻ ڪرڻ کان سواءِ رهي نٿو سگهجي. پاڻ ڄڻ ته انهيءَ خط ۾ ٻه واضح اشارا ڏنا اٿن. ان مان هڪڙو اشارو تنهن دور جي عوام يا حڪمران جي سياسي غلطين طرف آهي، جنهن مان جيڪو نتيجو نڪرڻو هو، تنهن لاءِ واضع طور چيو اٿن ته: ”بدي جيڪا پهچي ٿي سا پنهنجي نفس کان آهي.“ مطلب ته اسان جي حڪمرانن جيڪا حڪمت عملي اختيار ڪئي آهي ان جا نتيجا هر ڪنهن کي ڀوڳڻا پوندا. اهوئي سبب آهي جو پاڻ لکيو اٿن ته: ”جيڪا هن دنيا جي نعمت نه ملي سگهي ان تي ارمان نه ڪر،“ يعني ته انهيءَ خط ۾ پاڻ پيشنگوئي ڪري چڪا آهن ته حالتون ساڳيون نه رهنديون ۽ ڪا وڏي تبديلي اچڻي آهي، جنهن لاءِ اسان کي ذهني طور تي تيار رهڻ گهرجي.

ٽالپرن جي ڏينهن ۾ عوام کان جيڪي سياسي پلاند ورتا ويا، ان جو مثال مخدوم عبدالرحمان کهڙائي ڏانهن لکيل خط مان ملي ٿو. پاڻ کيس تاڪيد ڪري لکن ٿا ته، ”محب حڪمران جي ايذاءِ ۽ تڪليف جي ڪري غمگين ۽ مايوس نه ٿيو. ڇو ته اهي حاڪم فقط پاڇا آهن.“

هن خط مان پڻ ثابت ٿئي ٿو ته حضرت محمد راشد روضي ڌڻي ڏاڍ ۽ ڏمر، ظلم ۽ تشدد جي ڏينهن ۾ عوام کي بردباري ۽ بهادريءَ سان ئي حالتن کي مُنهن ڏيڻ جي تلقين ڪئي آهي. پاڻ فقط هدايتن ۽ صلاحن ڏيڻ تي اڪتفا نه ڪئي اٿن پر وس پڳي ڏکين حالتن ۾ عوام جي مدد ۽ داد رسي لاءِ پنهنجي سر ٽالپرن حاڪمن ڏانهن به ويا آهن. مثال طور ملفوظات شريف ۾ هڪ نقل اچي ٿو ته:

”هڪ شخص غلام محمد اُنڙ تي مير غلام علي ٽالپر جي حڪومت جا سورهن هزار روپيه قرض هو، تنهن حضرت جن کي خدا جو نالو وجهي عرض ڪيو ته مونکي قرض ادا ڪرائڻ لاءِ آزاد ڪرايو. ان ڪري پاڻ حيدرآباد جي قلعي ۾ قاضي محمد يعقوب جي مسجد شريف ۾ منزل انداز ٿيا ۽ اتي هڪ چريو هندو حضرت جي قدم بوسيءَ کان مشرف ٿيو ۽ عرض ڪيائين ته حضرت بادشاهه ته توهان آهيو، مير غلام علي ته بازار جو ديوانو آهي، ان کي ايذاءُ نه رسايو، حضرت جن فقيرن کي ارشاد فرمايو ته ڏسو هي هندو حقيقي ذات ۾ مجذوب ٿي ڪهڙو نه نڪتو بيان ڪري ويو.“ (38)

هاڻي هن نقل مان ٻه ڳالهيون ثابت ٿين ٿيون، پهرئين هيءَ ته پاڻ عوام دوست، روحاني رهبر ۽ سياسي مدبر هئا، ان ڪري مظلوم انسان جي مدد ڪرڻ لاءِ پنهنجي حيثيت جو به خيال نه ڪندا هئا. ٻيو اهو ثابت ٿئي ٿو ته پاڻ بي ڊپا، بهادر ۽ بيباڪ اڳواڻ هئا، جنهن ڪري کين پنهنجي دور جي ڏاڍن حڪمرانن خلاف راءِ قائم ڪرڻ ۽ انهيءَ اظهار ڪرڻ ۾ ڪا به دقت محسوس نه ڪيائون. اهوئي سبب آهي جو هڪ حڪمران لاءِ اهو چئي ڏنائون ته: ”جنگهان يارن جي هٿ ۾ گمبٽ ڪيئن ويندي.“ (39)

(ii)     سنڌ جي حاڪمن سان لاڳاپا

حضرت پير محمد راشد روضي ڌڻيءَ ڪلهوڙن ۽ ٽالپر حڪمرانن سان اُهي لاڳاپا قائم ڪيا، جيڪي سياسي علم جي مطابق بنهه آئيني نوعيت جا ثابت ٿين ٿا. 1783ع ۾ هالاڻيءَ جي جنگ کان پوءِ مير فتح علي ٽالپر سنڌ جون واڳون پنهنجي هٿ هيٺ رکيون. (40)

تاريخ جو اهو اهم ۽ نازڪ دور هو. بلاشبه ميان عبدالنبي پنهنجي سياسي ناعاقبت انديشي، ظلم، ڏاڍ ۽ حماقت جو هڪ مثال قائم ڪري چڪو هو. پر پوءِ به اهو سوال ٿو پيدا ٿئي ته وقتي طور تي انهن ٻنهي شخصيتن يعني ميان عبدالنبي ۽ مير فتح علي خان مان ڪنهن جي تائيد ڪئي وڃي ۽ انهيءَ تائيد جا سياسي خواه آئيني سبب ڪهڙا ٿي سگهن ٿا.

حضرت پير محمد راشد روضي ڌڻيءَ بنهه انهن ئي حالتن ۾ به پنهنجي مريد ۽ خليفي محمد حسين کي خط جي جواب ۾ لکيو، جنهن ۾ ڏٺي وائٺي ميان عبدالنبي جي تائيد ڪئي اٿس. سندن خط جو لاڳاپيل حصو هن ريت آهي:

”خط محب مخلص جو هن طرف جي حالات پڇڻ جي باري ۾ پهتو خوش ٿياسون، محب حقيقت هن ريت آهي ته سلطان قضا (تيمور شاهه) ميان روح (عبدالنبي) کي سنڌ جي بدن جي ولايت (حڪومت لاءِ) موڪليو. جنهن ڪجهه وقت حڪومت هلائي (پر) جڏهن مرض ۽ حرص وارو نفس فتح علي جو بالغ ٿيو (تڏهن) مصر جي بادشاهه (فرعون) وانگر دم هڻڻ لڳو. گدو (مل) ڪافر کي عقل معاش جي وزارت ڏنائين ۽ ميان روح (عبدالنبي) کي معزول ڪري ديره جات ڏي گوشه نشين ڪري رهايائينس. فتح جي نفس اهو ظلم جو ڪم ڪيو آهي. (پر) نفس سدائين بڇڙاين جو حڪم ڏيندو آهي. اهڙي طرح خزانا آدمين  (آدم شاهه ڪلهوڙي) جا جيڪي دل (مخفي) ۾ هئا سي به سڀئي لٽي ڦري کڻي ويو آهي ۽ ميان روح (عبدالنبي) عاجزي ۽ نياز سان قمر الدين (شيخ قمر الدين) جو مقبول درگاهه سلطان (تيمور شاهه) کان اسان جي لاءِ مدد گهري. هينئر (تيمور شاهه) پنهنجي سرڪش ماڻهوءَ هٿان هڪڙو دٻاءُ جو خط (مير فتح علي کي) موڪليو آهي ته اسان جي فرمانبرداري مڃ ته چڱو ۽ جيڪڏهن انڪار ڪندين ته پوءِ پاڻهي پاڻ سان بڇڙائي ڪندين. (پر) نفس فتح علي خان پنهنجي شيطاني ڀائرن سان صلاح ڪري باغي ٿي ويو ۽ رعيت جو ارح (سنڌ) کي پنهنجي برادر (ميرن) ۾ تقسيم ڪري ڇڏيائين. هاڻي هينئر جڏهن ته سيارو سخت آهي، اها موسم سندس لشڪر جي اچڻ جي آهي ۽ شاهه قضا (تيمور شاهه) احمد خان نورزئي کي پنهنجي مشهور لشڪر جو امير مقرر ڪيو آهي. اميد آهي ته اول موسم بهار ۾ سنڌ جي وطن بدن ۾ پهچي ويندو ۽ جنگ ڪري ميان روح (عبدالنبي) کي مسند تي اچي ويهاريندو ۽ اهڙي طرح آدم کي (آدم شاهه ڪلهوڙي جو اولاد) سنڌ جي ناسوت ديهه مان قنڌار جي شهر ستان لاهوت ڏانهن معراج ڪرائيندو.

محبا! مونکي (مير) سهراب جو ڊپ ڪونهي، جو سراب (رڃ) وانگر آهي يا ٻين انهي جهڙن جو به ڊپ ڪونهي: باقي نفس شوم (مير فتح علي) جو، جيڪو چٻ وانگر ملڪ ويران ڪندڙ، بي دين جو آهي. (41)

حضرت محمد راشد روضي ڌڻيءَ جي هن خط مان نه فقط ميان عبدالنبي جي تائيد جي خوشبوء اچي ٿي، پر پاڻ ٽالپر حڪمرانن خاص طور تي مير سهراب خان ۽ مير فتح علي خان خلاف نفرت ۽ غصي جي اظهار جو احساس ٿئي ٿو.

نئون صفحو -- ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org