سيڪشن: تاريخ

ڪتاب: سنڌ جي انتظامي تاريخ

باب:

صفحو: 36

ضميمو ارڙھون

ھيٺ سنڌ جي چيف ڪليڪٽر ڪئپٽن راٿبورن جو نقطئھ نظر پيش ڪجي ٿو، جنھن تي سلا جي سول مئجسٽريٽ مسٽر ائڊورڊ تبصرو ڪندي صحيح ثابت ڪيو آھي تھ سنڌ جي فتح کان پوءِ ايسٽ انڊيا ڪمپني کي تمام گھڻو فائدو ٿيو ھو. ان کان سواءِ ٻي ثابتي اھا بھ ملي ٿي تھ فتح کان اڳ تجارت نالي ماتر ھئي، جيڪا ھاڻي ڏينھون ڏينھن وڌي رھي آھي. سر چارلس تي الزام ھنيو پيو وڃي تھ ھن ھڪ غير آباد علائقو فتح ڪيو ھو. جنھن تي خرچ بھ تمام گھڻو اچي ويو ھو.

ڪئپٽن راٿبورن جو تبصرو

حيدرآباد، 30 جولاءِ 1850ع

لارڊ ايلنبرو جيڪو چيو آھي سمورو سچ آھي تھ آفيم مان ٻائيتاليھھ لکن جي پيداوار ٿي آھي. پر ھن اھا رقم شامل ڪانھ ڪئي آھي جيڪا ايسٽ انڊيا ڪمپني کي بنگال جي ڏوڏيءَ جي پوکيءَ مان ملندڙ آفيم جي ناتي حاصل ٿيندي آھي. ھن مان ظاھر ٿئي ٿو تھ ڪمپنيءَ کي ٻاھرين ملڪن مان آفيم جي في دٻي تي 275 روپيا وڌيڪ ملندو آھي، جيڪا ٽرانزٽ ڊيوٽي آھي. اھا اضافي پيداوار سندس ئي علائقن ۾ پيدا ٿيندڙ آفيم کان گھڻي آھي. پاٽنا (پٽنا) ۾ پيدا ٿيندڙ آفيم چين موڪليو ويندو آھي جنھن جي قيمت کي مالوا ۾ پيدا ٿيندڙ آفيم گھڻو متاثر ڪندو آھي. جيڪو ساڳي مارڪيٽ ۾ پھچي ان سان مقابلو ڪندو آھي. منھنجي خيال ۾ اھا خوشفھميءَ کان وڌيڪ اھم ڳالھھ ڪانھ آھي تھ ايسٽ انڊيا ڪمپني بنگال ۾ پيدا ٿيندڙ سندس آفيم تي ھڪ ھٽي قائم ڪري سگھندي. جيڪڏھن مالوا جو آفيم ٿوري اگھھ تي سنڌ معرفت چين پھچي ٿو جنھن ۾ ھن پوکيءَ جي ھارين نارين کي بھ ٿوري گھڻي بچت ٿي وڃي ٿي تھ انھيءَ حالت ۾ ڪمپني جي بنگال واري آفيم تي ھڪ ھٽي مشڪل آھي. ان ناتي ھيءَ حقيقت بھ ضروري ڌيان ۾ رکڻ گھرجي تھ بنگال وارو آفيم ڊگھو سفر ڪري چين پھچندو آھي، جنھن ۾ وقت ۽ پئسي جو وڌيڪ خرچ ايندو آھي. ٽالپرن ھنن ڳالھين ڏانھن ڪونھ ڏٺو ھو، جيڪي ساري مھذب دنيا کان ڌار لڳا ويٺا ھئا. ھنن حڪمرانن کي اھا خبر ھئي تھ ٻين ملڪن جي ڀيٽ ۾ سنڌ کي وڌيڪ تجارتي سھوليتون موجود آھن. جيڪڏھن امن امان ھجي ھا ۽ تجارتي رستا محفوظ ھجن ھا تھ آفيم جي تجارت ويرئون ويرئون وڌ ھجي ھا. ان کانسواءِ ٽالپرن جا اسان سان بھ ناتا رابطا ھجن ھا تھ انھن کي تجارت جي ڄاڻ پئجي وڃي ھا. ھن حقيقت ۾ ڪنھن شڪ شبھي جي گنجائش بھ موجود ڪانھ آھي تھ اسان کين مجبور ڪيون ھا تھ آفيم جي تجارت وارو اھو رستو بند ڪيو وڃي، نھ تھ اوھان سان جنگ آھي. جيڪڏھن ائين نھ ڪيو وڃي ھا تھ ايسٽ انڊيا ڪمپني جي آفيم واري وڏي پيداوار ختم ٿي چڪي ھجي ھا.

ساڳئي ماڻھوءَ جو ٻيو نقطئھ نظر

حيدرآباد 15 آگسٽ 1850ع

مان آفيم جي حوالي سان سر جان ھاب ھائوس جي ان تقرير جي رپورٽ پيش ڪري رھيو آھيان، جيڪا ھن پارليامينٽ ۾ مسٽر برائيٽ جي موشن تي ڪئي ھئي. جنھن مان آساني سان پتو پئجي وڃي ٿو تھ ايسٽ انڊيا ڪمپني فقط سنڌ جي فتح بعد گذريل ڇھن سالن دوران ڪيترا اضافي آفيم جا دٻا برآمد ڪيا ھئا ۽ اھڙي وڪري جي ماليت ڪيتري ھئي. آفيم جي ھيءَ پيداوار ان آفيم جي پيداوار کان الڳ ھئي جيڪو پاس وسيلي نيڪال ڪيو ويندو ھو. لارڊ ايلنبرو مطابق اھا پيداوار چار لک ويھھ ھزار پائونڊ ساليانو ھئي. جيڪا سنڌ جي فتح ڪري ڪمپنيءَ کي ملي ھئي.

جيتري قدر آفيم جي پيداوار جو تعلق آھي تھ اھا ٻن طريقن سان ٿيندي. ھڪ تھ آفيم جي ھڪ دٻي تي ڏھھ پائونڊ يا ھڪ ھزار روپيا برآمدي محصول وٺندي ھئي. ٻيو تھ سرڪار کليءَ بازار ۾ بھ پنھنجو آفيم وڪڻندي ھئي جنھن ۾ برآمدي محصول ۾ رعايتون ڏيندي ھئي.ھنن ڳالھين مان ھيءَ حقيقت ظاھر ٿي رھي ھئي تھ ٻنھي معاملن ۾ محصول جي ھڪ جھڙي وصولي ٿيندي ھئي پر ھڪ ۾ پاس ڊيوٽي ڏسڻ ۾ اچي ٿي، جيڪا برآمد لاءِ پاس وٺڻ واري ماڻھوءَ کان وصول ڪئي ويندي ھئي. جڏھن تھ ٻيءَ ڳالھھ ۾ آفيم جي واپار تي سرڪار جي ھڪ ھٽي قائم ڏسجي ٿي. جيڪڏھن ڳالھھ ان جي ابتڙ ھجي ھا تھ ڪلڪتي يا مالوا جو آفيمي واپار ختم ٿي چڪو ھجي ھا. ڇاڪاڻ تھ ڪجھھ ماڻھو مالوا جي آفيم تي سرڪاري خرچ ڀرڻ کانپوءِ چار سو روپيا محصول ادا ڪري ھا. پر جيڪڏھن ھو سرڪاري خرچ ۽ محصول ڀري آفيم خريدي ھا تھ ان کان تھ کيس ڪلڪتي وارو آفيم سستو پوي ھا. ٻئي طرف ڪھڙو واپاري ھڪ ھٽيءَ وارو مھانگو آفيم خريد ڪري ھا ۽ وري ڳاٽي ڀڳو برآمدي محصول ڀري ھا. تنھن ڪري کيس مالوا وارو آفيم سولو ھو. ڇاڪاڻ تھ ھنن ٻنھي آفيمن جو مارڪيٽ تھ وري بھ چين ھو.

اھو ئي ڪارڻ ھو جو سرڪار مالوا جي آفيم جي ھڪ دٻي تي 375 رپيا محصول وصول ڪندي ھئي. ائين ڪري سرڪار ڄڻ بنگال واري پنھنجي مھانگي آفيم کي ٽيڪ ڏني ھئي جيڪو بنا اڏي وڏي محصول جي چين ۾ سستو وڪامي ھا ۽ بنگال جو سرڪاري مھانگو آفيم وڪامي ڪانھ سگھي ھا. وڏي محصول ڪري مالوا جو سھانگو آفيم مھانگو ٿي ڪلڪتي واري آفيم جي اگھھ جيترو وڃي بيٺو ھو. جيڪڏھن ڪن ٻين مسئلن ڪري آفيم جو اگھھ لھي وڃي ھا تھ في دٻي جو اگھھ بھ ڪري پوي ھا تھ اھا لاٿ ھڪ ھٽيءَ واري آفيم جي فائدي ۾ لاٿ ڪانھ ھجي ھا، پر ان جو نزلو وڃي ڏوڏيءَ جي پوکي ڪرڙ ھاريءَ ناريءَ تي پوي ھا.

ليکي چوکي جي انھن انگن اکرن کي صحيح تسليم ڪيو ويو ھو. تنھن ڪري ان کي جيئن جو تيئن رکيو ويو ھو ۽ حقيقت بھ ائين ھئي. ان کان سواءِ پاسن وسيلي بھ آفيم برآمد ڪيو ويو ھو جنھن جي اضافي آمدني ٻائيتاليھھ لک روپيا يا چار لک ويھھ ھزار پائونڊ اسٽرلنگ ٿي ھئي ۽ اھا ڪمائي سنڌ ڪري ٿي ھئي. اھڙيءَ ريت ايسٽ انڊيا ڪمپني 150426 دٻا آفيم جا نيڪال ڪيا ھئا. جنھن تي ھن 375 في دٻو محصول وصول ڪيو ھو. ان حساب سان ھن 41347150 روپيا ٻيا بھ ڪمائي ورتا ھئا. انگريزن جي پئسن مطابق اھا ساري رقم چار ملين ھڪ سو چوٽيھھ ھزار پائونڊ اسٽرلنگ يعني Four million on hindered and thirty four thousand pounds strlings ھئا.

ايسٽ انڊيا ڪمپني جي ھيءَ ساري ڪمائي سنڌ جي فتح ڪري ٿي ھئي. اسپين جي مالياتي وزير کي پنھنجي پيداوار جو نقصان جبرالٽر واري لنگھھ وٽان محسوس ٿيو ھو. ھن کان اڳ آفيم جي ھن لنگھھ وٽان بھ اسمگلنگ ٿيندي ھئي، جيڪا پوءِ گھٽجي وئي ھئي. ڇاڪاڻ تھ اھا ٻين جي قبضي ھيٺ اچي وئي ھئي.

آفيم اھڙي شيءِ ھئي جنھن ڪري پيداوار جي ختم ٿيڻ جو بھ امڪان ھو، جيڪو نئين صورتحال ڪري پيدا ٿي ويو ھو. اھو سنڌ جي جاھل حڪمرانن ڪري ٿيو جن اسان جي پيداوار جي نڙيءَ تي ننھن ڏئي ڇڏيو ھو. خاص ڪري آفيم جي ڏس ۾. ھي روشن ضميري وارو دور آھي. تنھن ڪري جھالت ڪارن ۽ اڇن ماڻھن کي گھڻي وقت تائين روڪي ڪانھ سگھندي.

مان سر جان ھاب ھائوس جي چيل ٻن ٽن جملن جو ٿورائتو آھيان جو ھن سنڌ جي واھن جي کوٽائي تي ٿيل خرچ جي پٺڀرائي ڪئي آھي. مان سمجھان ھو تھ ھن اھا طنز ڪئي آھي، نھ تھ ھن جي عادت رھي آھي تھ سنڌ تي ٿيندڙ خرچ تي ٽوڪون ڪندو آيو آھي. مان سمجھان ٿو تھ ھن ھيءَ ڳالھھ ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آھي تھ ايسٽ انڊيا ڪمپني جي سرڪار کليءَ دل سان ترقيءَ جا ڪم ڪرائي رھي آھي.

مٿئين بيان تي سملا جي سول مئجسٽريٽ مسٽر ائڊورڊس جو تبصرو

5 سيپٽمبر 1851ع

مان اوھان ڏانھن ڪئپٽن راٿبورن جو بيان موڪلي رھيو آھيان. اوھان جون مھربانيون. مان ھن بيان جو ڏاڍي غور ۽ فڪر سان مطالعو ڪيو آھي ۽ ھن جي ڏنل صحيح انگن اکرن سان متفق آھيان. ان کان سواءِ سندن بيان کي ڪسٽم جي ڪمشنر جي حوالي ڪيو اٿم. انھيءَ مقصد سان تھ جيئن اھو بھ ھن بيان کي جاچي پرکي ڏسي. ھي ماڻھو ھن ملڪ جي حساب ڪتاب جو مھا ڄاڻو آھي. ھو ڪئپٽن راٿبورن سان اتفاق ڪري ٿو تھ ايتري وڏي پيداوار سنڌ جي فتح ڪري ٿي آھي. ھن کان اڳ ۾ اھو ملڪ سمگلنگ جو وڏو گذرگاھھ ھو.

ضميمو اوڻيھون

ميجر بيٽسن تروڪي جي اتر واري لنگھھ تي ھڪ جدا فوجي سرگرميءَ جو نگران ھو. ھيٺ سندس لکيل نوٽس ڏجن ٿا، جيڪي ھن ميجر انھيءَ زماني ۾ تحرير ڪيا ھئا.

مان ھڪ فيبروي 1845ع تي سنڌ جي گورنر سر چارلس جي فوجي ڪئمپ ۾ پھتو ھوس. جيڪا گجو نالي ماڳ کان ٻھ ميل ھيٺ ھئي. مون سان بندلکبنڊ جي ليجين، ٻھ نائين پائونڊرس، ھڪ اسڪئاڊرن گھوڙيسوار ۽ ليجين جي پيادل جي پھرين بٽالين گڏ ھئي.

21 تاريخ فيبروري تي سر چارلس مون کي حڪم ڪيو تھ مان گجي وارو گھٽ وڃي سنڀالي بيھان. جيڪو دشمن جنرل جي اچڻ ٻڌي خالي ڪرري ڀڄي ويو ھو. ھن انھيءَ مقصد لاءِ مون کي سڪس پائونڊ ٻھ توبون ڏنيون ھيون. پر نائين پائونڊرس نھ ڏنيون جيڪي مان پاڻ سان آنديون ھيون. ھي توبوبون جابلو علائقن لاءِ ڳوريون ھيون.

منھنجي ڪمانڊ جي حيثيت ٻٽي ھئي. ھڪ اولھھ پاسي کان ھڪ لڪ ھو. جڏھن تھ ٻئي پاسي کان گجي جي اتر واريءَ ماٿريءَ جو منھن ھو.

مان پھچڻ واري پھرئين صبح جو ڪئپٽن مئليٽ ۽ علي مراد سان گڏجي ان ٿاڪ وٽ پھتس، جتان کاٻي پاسي کان ھڪ رستو ڊيرا وڃي رھيو ھو، پر اتي دشمن جو ڪو نانءُ نشان بھ ڪونھ ھو.

23 تاريخ صبح جو مان کجيءَ کان اتر اولھھ واري جبلن ڏانھن ويس. مون سان گڏ ڪئپٽن فٽر، ڪئپٽن بئري ۽ ڪئپٽن ھيز ھئا. پاڻ سان پنجاھھ گھوڙيسوار بھ کنيا ھئائون.

ھڪ ٽڪريءَ جي چوٽيءَ ڀرسان پاڻيءَ جو ھڪ گذرگاھھ ھو جيڪو پار ڪرڻ ۾ ڏکيو ھو جنھن جي وٽ پاسي سان باھھ جا نشان ھئا، جيڪا تازو  وساڻل ھئي. اھڙيءَ ريت ٽڪريءَ جي منھن وٽ باھھ ٻرڻ جا ٻھ ھنڌ ھئا. معلوم ائين ٿي رھيو ھو تھ اھي بھ ھاڻي تازو وسايون ويون ھيون. پر ماڻھوءَ بوءِ بھ ڪانھ ھئي. شايد ھنن بھ جرنل جي اچڻ جو ٻڌي وٺي کڙين تي زور رکيو ھوندو.

24 تاريخ تي گجي جي اولھھ ڏکڻ واري روھڙين ڏانھن وياسون. صبح جو ئي موٽي اچي ڪئمپ پھتاسون. ان وقت ڪجھھ بلوچ گھوڙيسوارن انھن اٺن ڪاھڻ لاءِ سٽ ھنئي. جيڪي جھنگ ۾ چري رھيا ھئا. جڏھن سندن ڪڍ پياسون پير پٺاڙڻ تي رکي وٺي ڀڳا جو اسان کي سندس ڀڄڻ واري ڌوڙ بھ ڏسڻ ۾ ڪانھ آئي. واٽون ويھھ ٿيو ڪھھ ڄاڻا ڪيھي ويا. پير چارا تھ بيشمار ھئا، پر پتو نھ پيو ڪھڙو وٺي ويا. اٺ تھ ڪاھي ڪونھ سگھيا پر پوءِ بھ سر بچائڻ لاءِ ماندا ھئا.

25 تاريخ تي گجي کان اتر واري ماٿريءَ ڏانھن منھن ڪيم، جيڪا پٿريلي ۽ ھيٺ مٿي ھئي. ٿورو اڳتي وڌيس تھ ڏٺم تھ ان جي منھن ۾ ھيٺ ھڪ وارياسو ھو جيڪو شايد ھڪ نئھ جو پيٽ ھو. اتي ھڪ لنگھھ نظر آيو جنھن جي ويڪر ٻٽيھھ فوٽ ھئي جنھن جي ٻنھي پاسن کان ٻھ سو فوٽ اوچائي جون اڀڪپريون روھيون ھيون. نظر ائين اچي رھيو ھو ڄڻ پيادل فوج جي ھڪ دستي ان ٽڪريءَ کي ٽاڪي حصا ڪري ڇڏيو ھو ۽ ٻاھرئين پاسي پندرھن فوٽن جو لنگھھ ھو.

ھڪ اڀڪپري ٽڪريءَ جي چوٽي تي بيھي بندوق جو فائر ڪيوسون، پر اتي بھ ڪا پھر نظر ڪانھ آئي. گجو نھايت اھم جڳھھ آھي. دشمن لاءِ ٻھ رستا ھئا يا تھ اھو ماڳ اسان زبردستي ڇڏائي يا تروڪيءَ ۾ وڃي لڪي. ھن پوئين ماڳ جي چونڊ ڪئي ھئي. اھي ڄڻ پاڻ وڃي دٻھڙي ۾ ڦاٿا ھئا. تنھن جنرل سر چارلس کي جنگ ڪرڻ جي ضرورت ئي ڪانھ پئي ھئي. بلوچ قبائلي سردارن کي ڦڦڙي اچي لڳي ھئي تھ پھريائين جھيڙي مان جان ڪيئن ڇڏائجي جيڪو کين ھاڻي ڳچيءَ ۾ پئجي ويو ھو. ڇاڪاڻ تھ بلوچ سردارن سر چارلس کي اڻانگن لڪن مان لنگھندي ڏٺو ھو، پر مٿس حملي جي سگھھ ساري ڪونھ سگھيا ھئا. اھي لڪ ڏاڍا خطرناڪ ھئا جيڪڏھن ٽڪرين جي چوٽين تي بيھي وڏا پٿر سرڪائي رڳو ھيٺ اڇلن ھا تھ انگريز فوج مان وانگي بھ ڪونھ بچي ھا ۽ سندن ھڪ ماڻھو بھ ڪونھ مري ھا.

مان گجي ۾ ھوس تھ اعتماد جو ھڪ بي مثال نمونو ڏٺو. ھر فوجي جيڪو سر چارلس جي ماتحت ھو خود اعتمادي ۾ سرشار ھو، جيڪو ھن ڪمانڊر جي مزاج جو ڪمال ھو. انھيءَ زماني ۾ فوجي سرگرميون تھ چوٽ تي ھيون پر اٺن جو نظام درھم برھم ٿي ويو ھو ۽ حڪم مليو تھ کاڌي پاتي جو اڌ راشن ملندو جيڪو اٽي جي صورت ۾ نھ پر سالم ڪڻڪ جي شڪل ۾ مليو. ڪنھن فوجيءَ جي نرڙ تي گھنج ڪونھ آيو. اھڙي صورتحال ٻھ ٽي ڏينھن ھلي. مان گجي وارو محاذ سنڀاليون ويٺو ھوس، منھنجي ليجين سان ڪنھن ٻھ ٻڙڪ ڪانھ ٻولي. ڪجھھ ڏينھن کان پوءِ ان راشن ۾ بھ گھٽتائي ڪئي وئي پر ھر فوجي مطمئن ھو تھ سر چارلس اھڙو جنل ڪونھ آھي جو فوجين کي ڏک ۾ ڏسي ۽ فوجي ڪئمپ ۾ ڏڪار سندس وس کان ٻاھر آھي ۽ انسان فوج وھارڻ وارو نھ آھي. اھي بلڪل سچ چئي رھيا ھئا ھو اسان کي وسارڻ وارو ڪونھ ھو. ان ڏينھن سج بلوچن جي علائقي وارين ٽڪرين پٺيان لڪي رھيو جو کاڌي پيتي جون شيون کڻي ايندڙ اٺن جو ھڪ قافلو ٽڪريءَ جي چاڙھاڪي تان چڙھي، ھڪ لڪ مان لنگھي رھيو ھو. ان فوج ۾ ھندو برھمڻ ۽ مسلمان ھئا جيڪي اھڙي کاڌي پيتي کان پري ڀڄندا ھئا. پر اھي ماڻھو بھ ڏاڍي اطمينان سان اھا کاڌ خوراڪ استعمال ڪري رھيا ھئا. ڇاڪاڻ تھ انھن سڀني جو سر چارلس ۾ گھڻو اعتماد ھو.

2 مارچ تي سر چارلس مون کي حڪم ڏنو تھ مان گجي مان فوج وٺي تروڪي جي پٺئين پاسي کان ان تي ڪڙو چاڙھيان. جڏھن ھن جي پنھنجي فوج ھن ماڳ جو سامھون وارو پاسو سنڀاليو ھو. مون کي حڪم مليو تھ مان گجي کان اتر اولھھ طرف لٽ ڏانھن وڌان. پر اھو جابلو علائقو ھيٺ مٿي ھو. جنھن وچان توبن کي ڇڪڻ ڏاڍو ڏکيو ھو. تنھن ڪري مان ھڪ لڪ وچان لھي ڊيرا جو رخ ڪيو جيڪو ميداني علائقي ۾ ھو، پر ٽڪرين جو پاسو ڏئي وڃي ڊيولٽ گورا پھتس جتان اڳتي ھلي ھڪ ڏکيو لڪ لتاڙي مرو واري ميداني علائقي ۾ پھتس جتي علي مراد پنھنجي فوج سان منزل ڪيون ويٺو ھو. ڀرسان ھر مئجسٽي جي 13 ريجيمينٽ جا رضاڪار بھ منزل ڪيون ويٺا ھئا، جن سان وڃي مليس جنھن جي ڪمانڊ ليفٽيننٽ بئري ڪري رھيو ھو. جڏھن اٺ سوار جو ڪمانڊر ليفٽيننٽ بروس ڪري رھيو ھو. ليفٽيننٽ بئري، سر چارلس جو ھڪ پيغام کڻي آيو ھو، جنھن ۾ مون کي چيو ويو ھو تھ مان علي مراد کان الڳ پنھنجي آجي حيثيت ۾ تروڪيءَ جو اتر سنڀاليان. مان اھڙو اطلاع علي مراد کي ڏئي پنھنجي ريئر گارڊ سان گڏ اڳتي وڌيس ۽ ھڪ لڪ مان گذري تروڪي ڏانھن ھلڻ لڳس. اھو ٻڌي ھو بھ تنبو پٽي تروڪي ڏانھن ھلڻ لڳو. سندس تروڪي ڏانھن ھلڻ جي مرضي ڪانھ ھئي، پر جڏھن ڏٺائين تھ مان پنھنجي ڳالھھ تان لھڻ وارو ڪونھ آھيان تھ ھن بھ لاچار ائين ڪيو. منھنجي فوج لڪ مان ھوريان ھوريان لنگھي رھي ھئي تنھن ڪري اتان گذرڻ ۾ گھڻو وقت لڳي ويو. علي مراد جي فوج بھ ٽي ميل وٿيءَ تي منھجي پٺيان ھلي رھي ھئي. ھيءَ جوءِ سفر ۾ ڏاڍي اڻانگي ھئي. ڪيترن ھنڌن تي منھنھجي فوج اٺن تان لھي توبن کي ڌڪي رھي ھئي ڇاڪاڻ تھ ھيٺ مٿاھين ڪري گھوڙا ڏئي وٺي بيھي رھيا ھئا. ھن تي ماڳ بلوچن جي ذھانت ۽ چالاڪي جو پتو پيو مان گھوڙي تي سوار ھوس. جھونجھڙي جي ويل ھتي ڏٺم تھ ٽي بلوچ گھوڙيسوار منھنجي فوج جي دمابلي کان گذري رھيا ھئا، جن کي ڳاڙھا پٽڪا ٻڌل ھئا. جڏھن تھ فوج جي دمبالي ۾ بنديل کنڊ ليجين جا گھوڙيسوار ھئا. بلوچ گھوڙيسوارن ٻڌايو تھ سندن علي مراد جي فوج سان تعلق آھي. ھنن وڌيڪ چيو تھ اسان سر چارلس نيپئر جو حڪم کڻي آيا آھيون تھ تون اڳتي نھ وڌ. ڇاڪاڻ تھ بيجار خان سر چارلس جي اڳيان پيش پيو آھي ۽ جنگ پڄاڻيءَ کي پھتي آھي. تنھن تي مان کانئن پڇيو تھ وٽن سر چارلس جو اھڙو خط آھي. ھنن وراڻيو تھ ”اسان اڳ ۾ نڪري آيا آھيون اھو خط پوين ماڻھن وٽ آھي. جيڪي جلد ئي پھچڻ وارا آھن. سندن ڳالھھ ممڪن بھ ھئي، ان ڪري مون کي مٿن ويساھھ ڪرڻو پيو. پر مان تھ جھونو سپاھي ھوس. ساري زندگي فوج ۾ گذري ھئي. تنھنڪري جلدي ۾ سمجھي ورتم تھ ڪمانڊر ان چيف جي خط کان سواءِ اصولي طور مون کي ڪٿي بيھڻو ڪونھ آھي. جڏھن تھ سر چارلس مون کي تاڪيدي حڪم ڪيو ھو تھ جيترو ٿي سگھي، ايترو جلدي وڃي تروڪي جي اتر کان ڪڙو چاڙھھ. ان کان پوءِ مان انھن ٽنھي بلوچن کي چيو تھ اوھان علي مراد وٽ موٽي وڃو. مان سر چارلس جي لکيل حڪم پھچڻ تائين اڳتي وڌندو رھندس. مان ٻئي ڏينھن جڏھن علي مراد سان مليس تھ کيس سارو احوال ٻڌايم. ھن جواب ۾ چيو تھ ”اھي دشمن جا ماڻھو ھئا ۽ توکي ٺڳڻ جي ڪوشش ڪري رھيا ھئا.“ جڏھن ھن لشڪر جي دمبالي کان ڪنھن بھ قسم جو ڪو پيغام ڪونھ موڪليو ھو.

ھتي مان اھو بھ ذڪر ڪرڻ چاھيان ٿو تھ علي مراد جي ماڻھن ۽ ھنن بلوچن ۾ فرق اھو ھو تھ ھو پھرين کان مٿي سان ڳاڙھا پٽڪا ٻڌل ھوندا ھئا ۽ جڏھن ٻين بلوچن جا اڇا پٽڪا ھوندا ھئا. جڏھن بلوچ دشمن ڳاڙھا پٽڪا ٻڌي مون کي ٺڳڻ جي ڪوشش ڪئي ھئي ۽ سندن چمڙا پوش بھ مڪمل ھئي، اھڙو منصوبو بھ مڪمل ھو. انھن پيغام بھ خود اعتمادي سان ڏنو ھو. اھڙو پڪو منھن تھ ٽيليرانڊ لاءِ بھ ممڪن ڪونھ ھو. اھا ڳالھھ بھ ممڪن ٿي جيڪا ڪوبھ بلوچ ڪري ڪونھ ٿي سگھيو. سر چارلس جو حڪم ھو تھ مان تروڪي جو اتريون پاسو وڃي سنڀاليان ۽ لڪ تي نظر رکان. پر دشمن تي حڪم کان سواءِ حملو نھ ڪريان. اھڙي رپورٽ مان ڏھاڙي سر چارلس ڏانھن موڪليندو ھوس، جيڪا مير علي مراد معرفت ان ڏانھن ويندي ھئي. پر ھن مير جي نيت ۾ ڪو گدڙ ھو ۽ ھر رپورٽ ڇٻٽ ڪري ڇڏيندو ھو ۽ مٿي ڪونھ موڪليندو ھو. مان اکيون ٻوٽي علي مراد تي اعتبار ڪندو ھوس. منھنجا ماڻھو ھن علائقي کان واقف ڪونھ ھئا. مان تروڪي جي پرئين پاسي ڪيترن ڏينھن کان ٽڪيو پيو ھوس. ھڪ ڏينھن مان پنھنجا يورپي ماڻھو سر چارلس ڏانھن موڪليا، جن سان پھريدار گھوڙيسوار روانا ڪيا ويا ھئا. گجي کان نڪرڻ کان پوءِ ھي پھريون ڀيرو ھو جو سر چارلس کي منھنجو خط مليو ھو. ان کان پوءِ مون کي پڪ ٿي وئي ھئي تھ علي مراد کيس منھنجا خط ڪونھ پھچايا ھئا.

مون کي تروڪي جي پٺئين پاسي آئي گھڻا ڏينھن گذري ويا ھئا. پر مون کي دشمن جي ڪا چرپر نظر ڪانھ آئي ھئي. اھا بھ خبر پئجي ڪانھ سگھي ھئي تھ تروڪيءَ جي مھاڙيءَ پاسي تي موجود سر چارلس نيپئر ۽ ان جي فوج جي ڪھڙي حالت ھئي. تنھن ڪري ھڪ ڏينھن مان واءُ سواءُ لھڻ جي خيال کان ڪجھھ اڳتي نڪري ويس. مان علي مراد کي پنھنجي آزاديءَ جو ٻڌايو ھو ۽ باک ڦٽيءَ مھل تروڪيءَ جي ساڄي پاسي اڳتي نڪري ويس. ان وقت علي مراد ھڪ لڪ جي لنگھھ وٽ ويٺو ھو. جڏھن موٽي آيس تھ ڏٺم علي مراد اھو لڪ ڇڏي پنھنجي فوج سميت گھڻو کاٻي طرف ھليو ويو ھو. ھو ايترو پري ھو جو ڏسڻ ۾ بھ ڪونھ ٿي آيو ۽ تروڪي ڏانھن ويندڙ اھم لڪ کي ائين نڌڻڪو ڇڏي ھليو ويو ھو. اھو سندس اسان سان اتحاد جو نئون نمونو ھو. ھن ائين ڪري ڄڻ تھ منھنجي پيش قدميءَ کي روڪي ڇڏيو ھو. ڇاڪاڻ تھ ان لڪ جي نظرداريءَ لاءِ مون کي فوج جو ھڪ حصو اتي بيھارڻو پئجي ويو ھو، جنھن جي اڳ نگراني علي مراد ڪندو ھو. جڏھن 8 مارچ تي تروڪيءَ پھتس تھ انھيءَ مقصد سان تھ اتي دشمن جا ماڻھو موجود آھن يا نھ. مان ساڄي پاسي ھڪ ان ٽڪريءَ تي ڪي ماڻھو ڏٺا جنھن جي شڪل ٽڪنڊي ۽ چوٽي سڌي سئين ھئي. مون کي شڪ جاڳيو تھ انھن ماڻھن ۾ بجار خان بھ ھو. اسان اڻ ڀويان ھئاسون. خبر ڪانھ پئي تھ ڪٿي آھيون. علائقو ڏکيو ھو ۽ ٽڪريون اڀڪپريون ھيون. چاڙھاڪا تمام سوڙھا ھئا، جتان ھڪ ماڻھو مس ڪري چڙھي ٿي سگھيو. ٽڪريءَ جي چوٽيءَ تي ماڻھن جو تعداد ڀلي ٿورو بھ ھجي پر ھنن لاءِ مٿان چوٽيءَ تان وڏا پٿر سرڪائي ھيٺ ڪيرائڻ سولو ھو. جنھن ڪري ھيٺ بيٺل اسان جي فوج کي سخت نقصان پھچڻ جو امڪان ھو. ان ڪري ھو سولائي سان اسان کي اڳتي وڌڻ کان روڪي سگھيا ٿي.

ان صورتحال کي ڏسي اسان ساڄي پاسي، پنھنجي طاقت کي وڌائڻ شروع ڪيو. ڪوشش اھا ھئي تھ ٻئي پاسي کان ڪنھن ٽڪريءَ جي چوٽيءَ مٿي چڙھڻ گھرجي. منھنجي پاسي واري فوج 138 ھر مئجسٽي واري ريجيمينٽ ۾ ڪجھھ بھادر رضاڪار موجود ھئا جيڪي ٻڪرين جو ھڪ چارو وٺي ان ٽڪنڊيءَ ٽڪريءَ جي چوٽيءَ تي چڙھي ويا، جيڪا سڀني کان مٿي ۽ اڀڪپري ھئي. بلوچن ان سنئين سڌيءَ ٽڪريءَ جي چوٽيءَ تي بچاءِ لاءِ ارھھ جيتري ڀت جوڙي ڇڏي ھئي. جيڪا ٻڪرين واري پيچري کان اٽڪل ويھھ قدم پري ھئي ۽ ان ڀت جي اوٽ ۾ اٽڪل ويھارو ماڻھو لڪا ويٺا ھئا. يورپي ماڻھن جو مٿي پھتل جٿو مختصر ھو. ھو جڏھن چوٽيءَ تي پھتا تھ کين ورائي ويا. پھريائين ھنن کين پنھنجي توڙيدار بندوقن سان کڻي ڏنو. ان کان پوءِ ھو تلوارون ھٿ ۾ ڪري مٿن وھي پيا. ھنن ڪيترن کي ماري ڇڏيو ۽ ڪيترن کي ھيٺ لھڻ لاءِ مجبور ڪري ڇڏيو. رضاڪارن اھو ڪيو جيڪو بھادر ۽ جرئت وارو ماڻھو ڪندو آھي. سر ترين تي رکي وڙھيا. دشمن ستر ۽ ھي فقط ڏھھ ماڻھو ھئا. بلوچ دشمن ھڪ اھم جڳھھ سنڀاليون بيٺا ھئا. يورپي ھڪ لاھونديءَ تي بيٺا ھئا ۽ مٿن اوچتا حملا ٿي رھيا ھئا. اھي ٻئي ڏکيون ڳالھيون ھيون. ھڪ يورپي فوجي پنھنجي بندوق جي بئينٽ ھڪ بلوچ جي سيني ۾ ٽنبي ڇڏي. اک ڇنڀ ۾ بلوچن جو ڊزن کن تلوارون ان يورپيءَ جي مٿي تي چمڪڻ لڳيون ۽ سندس جسم وڍجي ٻوٽيون ٻوٽيون ٿي ويون. انھيءَ وقت رضاڪارن جي فوج جي ڪمانڊ ليفٽيننٽ بئري ۽ ليفٽيننٽ ”ڊاربي“ ڪري رھيا ھئا. جڏھن ھنن ڏٺو تھ دشمن سان سخت مقابلو جاري آھي تھ ھنن بھ سندن واھر لاءِ جلھھ ڪئي، پر وچ تي ھڪ اونھي کاھي ھئي جنھن ڪري ھو ان اڀڪپري ٽڪريءَ تائين بھ پھچي ڪونھ ٿي سگھيا. ھنن لاءِ بندوقن جي فائرن ڪرڻ کان سواءِ ٻي واھھ ڪانھ ھئي. پر فاصلو تمام گھڻو ھو جتي بندوق جي گوليءَ جو پھچڻ ممڪن ڪونھ ھو. سندن گوليون ان ٽڪريءَ جي وچ تي مس پھچي رھيون ھيون جنھن جي چوٽي دشمن پنھنجي قھري ڪارروائي ۾ مصروف ھو.

ھر مئجسٽي جي رضاڪارن اھڙو تھ جنگي ڪارنامو ڪري ڏيکاريو ھو، جو دنيا جي بھادر ۾ بھادر فوج لاءِ ممڪن ڪونھ ھو. پر ھو اھڙي جاءِ تي موجود ھئا جو نھ دشمن سان صحيح مقابلو ڪري ٿي سگھيا نھ وري سندن دوست ھنن جي مدد ڪري ٿي سگھيا. ان ڳنڀير وايومنڊل کي منھن ڏيڻ مان ساري فوج کي ھڪ جڳھھ تي گڏ ٿين جو حڪم ڏنو ويو ٽڪنڊي ٽڪريءَ تي مٿي چڙھڻ جي ڪوشش ڪئي پر اھڙو ڪو گھٽ گھيڙ ڏسڻ ۾ ڪونھ آيو، ليڪن گھڻي وقت کان پوءِ پتو پيو تھ ان ٽڪري جي پٺئين پاسي مٿي وڃڻ لاءِ چارو آھي پر ان وقت تائين گھڻي دير ٿي چڪي ھئي.

ٻئي ڏينھن صبح ج مون کي ڪئپٽن ڪرلنگ جو خط پھتو تھ بجار، سر چارلس آڏو پيش پيو آھي، تنھن ڪري مان جنگي سرگرميون ختم ڪري ڇڏيون ھيون. ان کان سواءِ مون کي ڪرنل فروشرڊ وٽان بھ خط پھتو ھو تھ دشمن پيش پوڻ قبول ڪيو آھي ۽ جنگ مياڻي پڄاڻي کي پھچي چڪي ھئي.

مان سرچارلس سان شاھپور ۾ مليو ھوس، جنھن مون کي شڪارپور جي ڪمانڊر جي عھدي جو اعزاز بخشيو ھو. اھڙي ريت شڪارپور کان ڏکڻ لاڙڪاڻي تائين ۽ شڪارپور کان اتر شاھپور تائين،سڀ فوجي چوڪيون منھنجي ڪمانڊ ۾ ڏنيون ويون ھيون.

ھن کان سواءِ سر چارلس مون ملٽري ڪميشن جو پريذيڊنٽ بھ مقرر ڪيو ھو. جيڪو مجرم فوجين تي مقدما ھلائيندو ھو. جڏھن ”ڪلڪتھ رويو“ پنھنجي 1850ع واري شماري ۾ لکيو ھو تھ، ميجر جئجن کي سرحد جي ڪمانڊ سونپي وئي آھي جيڪا خبر غلط آھي (پر مٿي ڏنل سال 1850ع نھ پر 1845ع ھجڻ گھرجي. مترجم) حقيقت اھا آھي تھ ميجر جئڪب کي سرحد جي اھا ڪمانڊ 1846ع کان ڏني وئي انھيءَ زماني ڌارا بنديلکنڊ ليجن سنڌ ڇڏي چڪو ھو.

نوٽ: افغانستان جي جنگي مھم تان موٽي آيل فوجين جڏھن اھا اڀڪپري ٽڪري ڏٺي جنھن تي ويھي بلوچن 13 ريجيمينٽ جي رضاڪارن کي قتل ڪيو ھو تھ کانئن تعجب کان دانھن نڪري وئي ھئي ۽ چوڻ لڳا ھئا تھ ھنن پنھنجي ساري زندگيءَ ۾ اھڙي ڏکي ٽڪري ڪانھ ڏٺي آھي. ان ٽڪريءَ تي وڃڻ لاءِ ھڪ اھڙو ٻيو پيچرو جنھن سان فقط ھڪ ماڻھوءَ جي چڙھڻ جيتري جڳھھ ھئي. سمجھھ ائين اچي رھيو ھو تھ مٿي آرام سان پھچي وڃبو ۽ دشمن ڪجھھ بھ ڪري ڪونھ سگھندو. مٿي فقط ڏھن ماڻھن جي بيھڻ جيتري جڳھھ ڇڏيل ھئي. باقي ٻي جاءِ ارھھ جيڏي ڀت ٺاھي بلوچن والاري ڇڏي ھئي جتي ھڪ سو ماڻھن جيتري جاءِ ھئي. پٺيون پاسو کليل ھو. ھن پاسي کان ھنن لاءِ ھر قسم جي مدد پھچي رھي ھئي. اھڙو رستو ھن ٽڪنڊيءَ ٽڪريءَ جي تري تائين وڃي رھيو ھو، جتي ھڪ گھارو ھو جتان تفنگ جو فائر بي اثر ثابت ٿي رھيو ھو. تنھن ڪري مٿي چڙھي بلوچن تي حملي ڪرڻ واري فوج جو ڪوبھ تحفظ ٿي ڪونھ ٿي سگھيو. بلوچ اھڙي صورتحال کان چڱي ريت واقف ھئا. اھي ڏسي رھيا ھئا تھ ٿورا رضاڪار ٻيءَ فوج کان جدا ٿي جابلو بُھري مان گذري، ھڪ ھڪ ٿي مٿي ٽڪريءَ تي چڙھي رھيا ھئا. بلوچن ھنن کي آرام سان مٿي چڙھڻ ڏنو ۽ ارھھ جيڏي ڀت ڀرسان سامھون گڏ ٿيڻ لڳا ۽ اتي اچي بيٺا جنھن جاءِ تي اچي بيھڻ جي بلوچن کي توقع ھئي. پر ھو کين پنھنجي بندوقن جو سولو کاڄ بڻائي ڪونھ سگھيا ھئا. ڇاڪاڻ تھ جي يورپي ويڙھھ جا ڇتا ھئا. ھنن مڙسي ڪري بلوچن جا ايترا ماڻھو قتل ڪري ڇڏيا، جيتري بلوچن کي توقع ئي ڪانھ ھئي. ان کان پوءِ مس وڃي بلوچ رضاڪارن مٿان غلبو حاصل ڪري سگھيا ھئا.

پائيپڪلي اسڪول جا معزز ماڻھو اھو ضرور پڇندا تھ فلئڪ واري فوجي حصي کي مکيھ فوج کان الڳ ڪري ڇو ڇڏيو ويو ھو ۽ ساري فوج ڳنڍي رکڻ وارا حصا ڪھڙيءَ جاءِ تي موجود ھئا. مان انھن دوستن کي فقط ھي گذارش ڪندس تھ اوھان تروڪي ڪانھ ڏٺي آھي، جيڪڏھن ڏسو ھا تھ اھڙا سوال ھرگز ڪونھ ڪريو ھا. ھي اھڙو مخصوص قسم جو علائقو آھي، جتي فوج جو ھڪ حصو ٻئي کان پري رھي ڪونھ سگھندو ۽ پر رابطو بھ قائم ڪري ڪونھ سگھبو آھي. مان ھڪ فوجي عملدار کي ڏٺو ھو جيڪو ڏاڍو بھادر ھو. دشمن جي بندوقن جي گولين جي منھن ۾ ساڻن مقابلو ڪندو رھيو ۽ ان اڀڪپريءَ ٽڪريءَ جي ڪناري سان ھميشه لاءِ ننڊ ۾ سمھي پيو. پر ٻئي طرف اھڙا بھادر فوجي ھئا جيڪي ساڻس مدد ڪرڻ جا خواھشمند ھئا، پر ھو ائين ڪري ڪونھ سگھيا ھئا. مان اھڙا فوجي بھ ڏٺا جن جا پير ٻن جبلن جي سوڙھي وٿيءَ ۾ ڦاسي پيا. پيرن کي ٻاھر ڪڍڻ لاءِ وڏا وس ڪيا ويائون، پر نھ نڪري سگھيا. نيٺ کين بوٽن جي قرباني ڏيڻي پيئي تڏھن مس وڃي سندن جان ڇٽي. توھان چوندا تھ انھيءَ جو مطلب ڇا ويجھڙائي بھ ھئي، پر رابطو ڪونھ ھو. انھن کي منھنجو جواب اھو آھي تھ مھرباني ڪري پاڻ وڃي تروڪي ڏسي اچو.

پھرين پنجاب جنگ 1846ع ۾ لڳي ھئي، پر جيڪڏھن سر چارلس جي منصوبي مطابق عمل ڪيو وڃي ھا تھ ٻي جنگ لڳڻ جو امڪان ئي ڪونھ ھو. ڇاڪاڻ تھ ان جنگ جي ڪاميابي ديرپا ثابت ٿئي ھا. اھڙو ذڪر ڪرڻ ضروري آھي تھ ديري غازي خان تي حملي جي ڪمانڊ سر چارلس کي سونپي وڃي ھا. ان محاذ جي ڪاميابيءَ کان پوءِ کيس ملتان تي حملي جو اختيار ڏنو وڃي ھا ۽ 1846ع واري اھا فوجي پنجاب لاءِ ائين ڪافي ھئي، جيئن مياڻيءَ ۽ حيدرآباد واري جنگ ۾ سنڌ لاءِ ڪافي ھئي.

ضميمو ويھون

ھيٺ بيان ڪيل خطن جو تعلق سنڌ جي فتح جي تاريخ سان آھي، پر ھي خط ”سنڌ جي فتح“ واري ڪتاب ڇاپجڻ کان پوءِ ھٿ آيا ھئا تنھن ڪري انھن کي ھتي جاءِ ڏني وئي آھي.

ھتي سوال اھو پيدا ٿئي ٿو تھ ڇا رستم پنھنجي پڳ ۽ مسند تان خوشيءَ سان ھٿ ڪونھ کنيو ھو؟ اھو فيصلو سندس ھن خط مان ڪري سگھجي ٿو، جيڪو ھن انھيءَ زماني ۾ پنھنجي پٽ ڏانھن لکيو ھو. پر اھو 1850ع ۾ ان وقت ھٿ آيو جڏھن علي مراد جي غداريءَ کي ڏسي معاملي جي جاچ پڙٽال ڪئي وئي ھئي. ھن خط کان پوءِ ميرن جون ٺڳيون ۽ ڪوڙ سڀ ظاھر ٿي پون ٿا، جن سان گڏ سندن انگريز دوست بھ ھئا ۽ اھي ماڻھو بھ ھئا جيڪي ھنن لاءِ ماتم ڪندا ھئا.

مير رستم خان جو پنھنجي پٽ مير محمد حسين ڏانھن لکيل خط

17 ذيقعد 1258 ھھ، 20 ڊسمبر 1842ع

اسلام عليڪم

جنرل (سر چارلس) جي لکيل ھدايتن مطابق مان علي مراد سان گڏ ڏجي ڪوٽ آيس. اتي پھچي مٿي بيان ڪيل مير مون کي چيو تھ پڳ ۽ زمين منھنجي حوالي ڪر. ان کان پوءِ مان سارا معاملا پاڻ انگريزن سان طئي ڪندس. ھن مير علي مراد جي زور بار کان پوءِ مان کيس پنھنجي زمين ڏني. پر تنھنجي، تنھنجي ڀاءُ ۽ مير مبارڪ جي اولاد واري زمين سندس حوالي ڪانھ ڪئي اٿم. ان کان سواءِ روھڙي کان اتر پاسي وارا علائقا بھ کيس ڪونھ ڏنا ويا آھن. معاھدو اھو ٿيو آھي تھ مٿي بيان ڪيل زمينن سان ھٿ چراند نھ ڪندو. ھي معاھدو پير علي گوھر پنھنجي ھٿن سان لکيو آھي ۽ مھر، مير علي مراد ھنئي آھي. ان معاھدي جو ھڪ نقل ھن خط سان اوھان ڏانھن موڪلجي ٿو، جيئن پڙھي حقيقتن کان آگاھي حاصل ڪريو.

شال تون، تنھنجو ڀاءُ ۽ مير مبارڪ خان جا وارث پنھنجي زمين سان خوش ھجن. معاھدي ۾ اھو بھ لکيل آھي تھ مان اھي زمينون اڳئي توکي لکي ڏنيون ھيون ۽ ائين ئي رھنديون جيئن اڳئي لکيل آھن. ھنن معاملن ۾ مير علي مراد ڪنھن بھ قسم جي دست اندازي نھ ڪندو.

ديھھ ڪنگري ۽ بادشاھھ پور ھميشه لاءِ پير علي گوھر کي ڏئي ڇڏيون اٿم. تون بھ ائين ڪجانءِ. منھنجو ۽ منھنجي گھر جو خرچ مير علي مراد ڀريندو.

صحيح ترجمو

جان ينگ ھسبنڊ                      صحيح

ليفٽيننٽ سنڌ پوليس        

سکر، 4 مئي، 1850ع

ھيءُ خط جنھن جو ترجمو مٿي ڏنو ويو آھي سو مون کي مير محمد حسين ولد مير رستم خان ڏنو ھو، جنھن تي مير رستم جي مھر ھنيل آھي.

سر چارلس جو ڪمانڊر ان چيف سر جاسپر نڪولس ڏانھن لکيل ان جوابي خط جو اختصار. اھو خط سر چارلس ان وقت لکيو ھو جڏھن ڪمانڊر ان چيف کيس سنڌ ۾ جنگي مھم دوران اختيار ڪيل رويي خلاف سر چارلس کي ڇنڊ پٽي ھئي.

25 جون 1843ع

اوھان 9 مارچ تي خط لکي ڄڻ مون کي اعزاز بخشيو آھي جنھن ۾ اوھان ھي جملو تحرير ڪرڻ فرمايو آھي: ”مان سمجھان ٿو تھ اھا ڏکي جنگ ھئي، پر جيڪڏھن 41 ريجيمينٽ ۽ ڪرنل والس جي فوج جو ھڪ حصو پاڻ وٽ رکين ھا تھ اھا جنگ تو لاءِ وڌيڪ سولي ٿي وڃي ھا.“

منھنجو خيال آھي تھ اوھان اھي لفظ لکي مون تي سخت قسم جو الزام ھنيو آھي. مون کي اھا پڪ ڪانھ آھي تھ مان جڏھن پنھنجي بچاءَ ۾ ڪجھھ ڳالھائيندس تھ اوھان ان کي مناسب سمجھندا يا نھ. پر مون کي اھا پڪ ضرور آھي تھ ظاھر ۾ نظر اچڻ کان وڌيڪ اوھان جي خيال ۾ مان ھڪ وڏو فوجي عملدار آھيان.

مان 41 ريجيمينٽ جي باري ۾ پنھنجي خيال جو اظھار ڪري رھيو آھيان. اوھان کي ھندستان ۾ ٿيندڙ جنگين جي چڱيءَ ريت خبر آھي. پر مان اوھان کي اھو ٻڌائڻ ضروري ڪونھ ٿو سمجھان تھ يورپي فوج، گرميءَ جي موسم دوران ڪنھن سواري جي بندوبست ڪرڻ کان سواءِ پيش قدمي ڪري ڪانھ سگھندي آھي. مون کي خبر آھي تھ ان ريجيمينٽ لاءِ سواري جو بندوبست ڪونھ ڪيو ويو ھو. اھا فوج سنڌوءَ ۾ ٻيڙين تي ويٺي رھي. مون سان گڏ ھلندڙ فوج لاءِ بھ مان ڪافي سواريءَ جو بندوسبت تي ڪونھ سگھيو ھو. تنھن ڪري 41 ريجيمينٽ لاءِ سواري جو ڪھڙو بندوبست ڪري سگھان ھا. سواري جي بندوبست نھ ٿيڻ ڪري مان 8 نيٽو افنٽري کي روھڙي ۾ ڇڏي آيو ھوس. 41 ريجيمنٽ اچي مون سان مھم ۾ گڏجي ھا تھ ڀلي. پر ان ريجيمينٽ جي بيمار فوجين لاءِ بھ سواري جو بندوبست ڪونھ ھو. انھيءَ صورت ۾ گولا بارود، پاڻيءَ، کاڌي پيتي جي شين کي کڻي ھلڻ لاءِ بھ سواريءَ جي ضرورت ھئي. تنھن ڪري ان ريجيمينٽ جو مون سان اچي گڏجڻ ممڪن ڪونھ ھو.

پر اھا حقيقت ائين بھ ڪانھ آھي. 15 تاريخ تائين حيدرآباد جا ٽالپر حڪمران اھو اعلان ڪندا رھيا تھ ھو انگريزي سرڪار جي پيش پوندا. پر جڏھن خيرپور جو مير اچي ساڻن مليو تھ ھو پنھنجي اڳئين اعلان تان ھٿ کڻي ويا. خيرپور واري مير سان فوج ڪانھ ھئي. مون سان بھ ايتري فوج ڪانھ ھئي جو ٽالپرن کي منھن ڏئي سگھجي. گورنر جنرل ۽ ممبئي سرڪار جا حڪم ھئا تھ 41 ريجيمينٽ 20 فيبروري ضروري ڪراچي ڏانھن ٻيڙين تي سور ٿي نڪري. مون کي خبر ھئي تھ کين اھڙي چنتا ڇو لڳل آھي. اھو ضروري بھ ھو تھ 41 ريجيمينٽ 20 فيبروري تي ڪراچي پھچي. جنوري تائين تھ ائين ڪرڻ منھنجي لاءِ انھيءَ ڪري ممڪن ڪونھ ھو جو ميرن اسان سان نئون معاھدو ڪرڻ قبولي ورتو ھو. سکر کلي 41 ريجيمينٽ کي روڪڻ منھنجي لاءِ ممڪن ڪونھ ھو. ڇاڪاڻ تھ ائين ڪرڻ ھندستان سرڪار ۽ ممبئي حڪومت جي واضح حڪمن جي خلاف وڃڻ ھو. پر ان فوج جو اڳتي وڌي اچي منھنجيءَ فوج سان ملڻ بھ امڪان کان ٻاھر ھو. مان سمجھان ٿو تھ منھنجي انھيءَ رويي ڪري ھندستان سرڪار ۽ ممبئي حڪومت خوش ڪانھ ٿي ھوندي. 41 ريجيمينٽ 4 فيبروري تي سکر پھتي ھئي. اتي کيس حڪم مليو تھ جلدي ۾ اتان رواني ٿئي. اھا حيدرآباد جنگ جي اعلان ٿيڻ کان پنج ڏينھن اڳ 10 فيبروري تي پھتي ھئي. ميجر آئوٽرام منھنجو ڀروسي جوڳو نمائندو ھو. جيڪو ميرن جي چوڻ تي سندن راڄڌاني ۾ ترسيو پيو ھو. ھي ماڻھو مون کي يقين ڏياري رھيو ھو تھ مير صلح ڪرڻ ۾ سچا آھن. ھي ميجر سنڌ کان گھڻو واقف ھو ۽ ميرن سان بھ ھن جي شخصي دوستي ھئي.

جنگ واري ڏينھن 41 ريجيمينٽ ڪراچي پھچي چڪي ھئي. مان سمنڊ کان پري خشڪيءَ تي موجود ھوس. منھنجا خط رستي ۾ رڪجي رھيا ھئا. مون کي اھا خبر ڪانھ ھئي تھ 41 ريجيمينٽ ڪٿي آھي. سنڌوءَ ۾ ٻيڙين تي ترسيل آھي يا ڪٿي آھي. وچ تي ٽن سون ميلن جو فاصلو ھو. اھا ريجيمينٽ جڏھن سکر پھتي ھئي تھ مون کي خبر ڪانھ ھئي. ان کان  پوءِ تھ منھنجي پھچ کان ئي ٻاھر نڪري وئي. مان اھو سمجھي بھ ڪونھ سگھيو ھوس تھ ان جي مون کي ضرورت آھي يا نھ. مان اھو سوچي بھ ڪونھ سگھيو ھوس. مان 13 تاريخ تي سعيد آباد وٽ ھوس جو ميجر آئوٽرام جا ٻھ اھم خط اچي مليا ھئا، جن ۾ لکيل ھو تھ حيدرآباد ۾ ڪوبھ ھٿيار بند ماڻھو موجود ڪونھ آھي. پر انھيءَ وقت مياڻيءَ ۾ 25862 فوج موجود ھئي. ھي ماڳ حيدرآباد کان ڇھھ ميل پري آھي ۽ جنگ ڄڻ ويجھي ھئي. ھن بيان کان پوءِ اوھان سمجھي چڪا ھوندا تھ 41 ريجيمينٽ ان لائق ڪانھ ھئي جو منھنجي مدد ڪري سگھي. جيڪڏھن صحيح نموني سان جاچ پڙتال ڪئي ويندي تھ سڀ ڳالھيون ظاھر ٿي وينديون.

ان کان پوءِ مان اوھان جي ٻئي الزام جو ذڪر ڪري رھيو آھيان جنھن بابت اوھان چيو آيھ تھ جيڪڏھن ڪرنل والس جي فوج جو ڪجھھ حصو جنگ ۾ ڪم آڻيان ھا تھ فتح سولائي سان ممڪن ٿي سگھي ھا.

پھرين ڳالھھ تھ جيتري قدر مون کي ياد پوي ٿو ۽ منھنجو حافظو بھ ھروڀرو ايڏو جڏو ڪونھ آھي تھ ڪرنل والس جي برگيڊ ۾ پندرھن سو فوج ھئي،جنھن ۾ سمجھيو تھ ڪي جڏا سڏا ماڻھو ڀرتي ٿيل ھئا. انھيءَ فوج مان جيڪڏھن 500 ماڻھو بھ ڪتب آڻيان ھا تھ مياڻي جي جنگ سولي ھجڻ بدران ڏاڍي ڏکي ٿي پوي. دشمن ڌر بھ اضافي فوج کي ڏسي پنھنجي بھ گھٽي آڻي ميدان تي لھي ھا. ان جو لازمي نتيجو اھو نڪري ھا تھ ٻنھي طرفان کان گھڻا ماڻھو مرن ھا تھ پوءِ اھا سولي فتح ڪھڙي ريت ھجي ھا. ان کان سواءِ ڪرنل کان فوج وٺي کيس وڌيڪ ڪمزور ڪري ڇڏيان. جڏھن اسان ھڪ ٻئي کان علحيده ٿيا ھئاسون تھ ھو پاڻ مون کان بھ وڌيڪ خطري ۾ ھو.

فرض ڪريو مان اھا وڏي فوجي غلطي ڪئي آھي ۽ مان مختصر فوج سان خطرناڪ جنگ کي منھن ڏنو آھي ۽ سخت خطري جو امڪان ھو ۽ مان فقط ھزار کن ماڻھو وٺي ڏکڻ وڌيو ھوس. اھڙي جوکائتي ڪم جو نتيجو ڪھڙو نڪري ھا؟ پر پاڻيءَ جي تھ جتي ڪٿي اڻاٺ ھئي. ڪڏھن تھ صورتحال وڌيڪ خراب ٿي ويندي ھئي ۽ ايتري ٿوري فوج لاءِ بھ پاڻي ڪونھ ملي سگھندو ھو. پر جيڪڏھن بنگال واري فوج بھ مون سان گڏ ھجي ھا تھ گڏيل وڏيءَ فوج کي ٻن ڪالمن ۾ ورھايو وڃي ھا. پيش قدميءَ دوران انھن ٻنھي فوجي حصن ھڪ ڏينھن جيتري وٿي ضرور ھجي ھا. ان دوران سڪي ويل کوھن ۾ پاڻي اچي ھا جيڪو فوج جي پھرئين ڪالم استعمال ڪري کپائي ڇڏيو ھوندو. ان جو نتيجو اھو نڪري ھا تھ مياڻيءَ واري جنگ 19 تاريخ تي لڳي ھا. ان وقت تائين ولي چانڊئي جي 10000، مير محمد حسين جي 7000 ۽ مير شير محمد جي 10000 فوج اچي مياڻي وقٽ پھچي ھا. جنھن ڏينھن فتح حاصل ٿي ھئي انھيءَ ڏينھن اھي سڀ فوجون ڇھن يا اٺن ميلن جي فاصلي تي مياڻي کان پري ھيون. مون سان وڌ ۾ وڌ ھڪ ھزار فوج مدد ڪري پر دشمن فوج 27000 ماڻھو اچي جنگ لاءِ منھنجي آڏو بيھن ھا. انھن حالتن ۾ ڇا مياڻي واري فتح منھنجي لاءِ سولي ثابت ٿئي ھا.

اوھان جواب ۾ چوندا، جڏھن مان روھڙيءَ کان روانو ٿيو ھوس تھ ان وقت مون کي اھڙين حالتن جي خبر تھ ڪانھ ھئي. ان لاءِ منھنجو جواب ھي آھي تھ مون کي انھن سڀني ڳالھين جي کڻي خبر ڪانھ ھئي، پر گھڻن جي ضرور ھئي.

1.                  مون کي اھا خبر ھئي تھ رستي ۾ پاڻيءَ جي اڻاٺ موجود آھي.

2.                 مون کي کاڌي پيتي جو سامان گڏ کڻڻ گھرجي ڇاڪاڻ تھ رستي ۾ ماڻھو کاڌي پيتي جي شين ڏيڻ کان انڪار بھ ڪري سگھيا پئي پر جيڪڏھن بنگال جو فوجي ڪالم مون سان گڏ ھجي ھا تھ کاڌي پيتي جون شيون کڻن مشڪل مسئلو پوي ھا. انھن جو سامان بھ ايترو ھجي ھا، جيتري منھنجي اصلي فوج جو. ان کان سواءِ پاڻيءَ جو استعمال ايترو گھڻو ھجي ھا جو سڀئي کوھھ سڪي وڃن ھا. بنگالي فوج جي سامان جي کڻائي جو بندوبست ھو، پر انھن جي کاڌي پيتي ۽ پاڻيءَ کڻڻ جو بندوبست ڪونھ ھو. جيڪڏھن کڻي مان بنگال فوج پاڻ سان وٺي اچان ھا تھ اتر وارو پاسو غير محفوظ رھجي وڃي ھا. ماڻھو اڃا ايترو عقلمند ڪونھ ٿيو آھي جو صحيح اڳڪٿيون ڪري سگھي. حيدرآباد جي ميرن جو اسان سان ٺاھھ ھو. مان تھ خيرپور جي ميرن جي پٺيان وڌي رھيو ھوس جن وٽ 10000 ماڻھو بھ ڪونھ ھئا. مان بھ پنھنجي فوج وڌائي ساڻن مقابلو ڪرڻ ڪونھ ٿي چاھيو. نھ وري ڪنھن ماڻھو کي خبر ھئي تھ جنگ ٿيندي. حيدرآباد جي ميرن جي جنگ لاءِ مرضي ڪانھ ھئي. 12 تاريخ فيبروري تي ميجر آئوٽرام حيدرآباد مان ٻھ خط لکيا ھئا تھ حيدرآباد ۽ خيرپور جي ميرن وٽ ھڪ بھ فوجي موجود ڪونھ آھي. کيس بھ جنگ جو ڪو وھم گمان بھ ڪونھ ھو.

بلوچ فوج ھڪدم گڏ ٿي وئي. ڄڻ جادوءَ جي زور سان ڪٺي ٿي وئي ھجي. ان ڪري مان پوئتي ھٽڻ کي مان پنھنجي توھين سمجھيو ھو. تنھن ڪري مان حملي جو ھڪدم فيصلو ڪري ورتو. ڇاڪاڻ تھ مون کي پنھنجي فوج ۾ بي انتھا اعتماد ھو. منھنجي فوج منھنجي اعتماد کي ڪنھن بھ قسم جو ڇيھو ڪونھ پھچايو ھو. نھ وري ھاڻي ئي پھچائي سگھي ٿي. اميد آھي تھ ھن خط پھچڻ کان پوءِ اوھان جون غلط فھميون دور ٿي وينديون تھ مون اھي سڀ ماڻھو مياڻيءَ جي جنگ ۾ استعمال ڪيا، جيڪي مون وٽ موجود ھئا.

س جي نيپيئر         (صحيح)

ليفٽيننٽ جنرل سر جاسپر نڪولس

ڪمانڊر ان چيف

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org