سيڪشن: تاريخ

ڪتاب: سنڌ جي انتظامي تاريخ

باب:

صفحو: 30

جيڪڏھن ڪي ادارا کنڊ جي ڪارخانن لاءِ ڪم ڪري سگھن ٿا تھ انھن مان ڪو ادارو اھڙو بھ ھجي جيڪو نير جي پوک جي سڌاري ۽ واڌاري لاءِ بھ ڪم ڪري. سکر کان وٺي ڪوٽڙيءَ تائين اھڙي زمين آھي جيڪا نيز جي پوک لاءِ بھتر آھي. ڪوٽڙي کان ھيٺ زمين تھ ڀلي آھي پر ماڪ گھڻي پوندي آھي جيڪا ھن پوک لاءِ ھاڃيڪار ھوندي آھي. سنڌ ۾ نير اڃا بھ گھڻو وڌي اپائي سگھجي ٿو. ان جو ڪارڻ اھو آيو تھ سنڌوءَ ۾ ورھيارو چاڙھھ ايندو آھي. ٻوڏ جي ان پاڻي ۾ ڀل يا لٽ گھڻو ھوندو آھي. تنھن ڪري جيستائين پاڻي پھچندو آھي لٽ پوڻ ڪري ڍلي زمين بھ ڀلي ٿي ويندي آھي. پاڻيءَ جي ليٽ ڪري زمين پاڻي پي رڄي ويندي آھي، جنھن ۾ نير جو فصل ڏاڍو ڀلو ٿيندو آھي. بنگال جو نير بھ معيار ۾ ڀلو ٿيندو آھي. جيڪڏھن سنڌ جو نير معيار ۾ ان کان ڀلو نھ آھي تھ ھن جھڙو تھ ضرور آھي. بنگال ۾ جيڪڏھن مينھن نھ وسن تھ بلڪل سنڌ جھڙو آھي. ڏٺو وڃي تھ نير جي ٻوٽيءَ لاءِ مينھن ھاڃيڪار ھوندو آھي. کاڻوٺ ۽ مانجھند واري علائقي ۾ اٽڪل نوي يا ھڪ سو مڻ نير اپايو ويندو آھي. جيڪو ڏاڍي سٺيءَ جنس جو آھي، پر بنائڻ جو طريقو صحيح ڪونھ ھوندو آھي، تنھن ڪري ان جي قيمت ڪجھھ گھٽ ملندي آھي.

ضميمو ٽيون

سر چارلس جي گھڻن مان ھڪ خط جو اختصار جيڪو ھن ھندستان سرڪار ڏانھن ملير نديءَ لاءِ لکيو ھو، جنھن جو کيس جواب ڪونھ ڏنو ويو ھو.

آگسٽ 1845ع

ھاڻي سانوڻيءَ جي مينھوڳيءَ جي مد گذري وئي آھي. پر ڪراچي ۾ ڪڻي بھ ڪانھ پئي آھي. ان ڪري پاڻي جا تلاءَ سڪي ويا آھن ۽ کوھن جو پاڻي بھ ھيٺ لھي ويو آھي. پاڻيءَ جي ھن ڏگاھي ۾ فوجي ڪنو پاڻي پيئڻ تي مجبور آھن. تنھن ڪري انھن کي پيٽ جي سور جو اھنج ٿي پيو آھي. اھو ڇانوڻي جي صحت لاءِ ڏاڍو چڱو ٿئي ھا، جيڪڏھن ملير نديءَ جو منھن ڦيري، ڇانوڻيءَ وٽان ڪيو وڃي ھا. مان ان ڪم تي ايندڙ خرچ جو ڪاٿو ڪري آگسٽ 1844ع ۾ اوھان ڏانھن موڪليو ھو جيڪو ٻارھن ھزار پائونڊ ھو. ڇانوڻي جي صحت کي برقرار رکڻ لاءِ اھو خرچ ڪو وڏو ڪونھ آھي. ان ناتي جيڪا پاڻيءَ جي سھوليت ٿيندي سا اندازي کان ٻاھر آھي. ھن پاڻي سان سوڍا يا ٻيون شيون مليل آھن. ھتي جي ڌرتيءَ جا مختلف ورن آھن ۽ ھيٺ کوٽڻ سان ڪٿي ڏھھ فوٽن تي، ڪٿي ويھن ۽ ڪٿي وري ٽيھن فوٽن تي مٺو پاڻي ملي ويندو آھي. ان کان جيڪڏھن ھڪ فوٽ بھ ھيٺ کوٽبو تھ پاڻي نسورو لوڻ ملندو. ڇانوڻيءَ ۾ کوھھ آھن جيڪي ھڪ ٻئي کان ٻھ سو فوٽ پري ٿيندا. ڪي وري انھيءَ فاصلي کان بھ ويجھا ٿيندا، پر ھڪڙن جو پاڻي مٺو تھ ٻين جو پاڻي لوڻ جھڙو کارو آھي. چيو ويندو آھي تھ ھتان جي ڌرتي ۾ چانيھو يا قلمي شورو ۽ کار تمام گھڻي ٿيندي آھي. ھن پاڻيءَ ۾ جيڪو ڪجھھ بھ مليل آھي، پر صحت لاءِ ھاڃيڪار آھي. جيڪڏھن اوھان ھن منصوبي شروع ڪرڻ جي اجازت ڏيندا تھ اھو ڪراچيءَ تي احسان ھوندو.

اصل تي صحيح

سر چارلس نيپيئر

سر ھينري ھارڊنج ڏانھن لکيل خط

سر ھينري ھارڊنج

ڪجھھ وقت کان پوءِ سرڪار ھڪ ميڊيڪل بورڊ موڪليو ھو تھ اھو ڪراچي جي پاڻيءَ تي تجربو ڪري ۽ رپورٽ تيار ڪري موڪلي ڏئي. ڊاڪٽرن جي ھن جٿي پنھنجي رپورٽ ۾ لکي موڪليو آھي تھ ھي پاڻي خالص ۽ سٺو آھي. انھن ماڻھن پنھنجي خط ۾ اھو بھ لکيو آھي تھ ھن پاڻيءَ ۾ ٻين شين سان گڏ ڦٽڪيءَ جو انداز وڌيڪ آھي، جنھن ڪري پيٽ جي شڪايت ٿي پوي ٿي ۽ پھرئين ڀيري پيئڻ سان پيٽ ۾ ڳڙ ٻڙ ٿي پوندي آھي. ان ڪري جن ماڻھن کي اھڙي خبر نھ ھوندي آھي، سي سمجھندا آھن تھ اھو پاڻي صحت لاءِ ھاڃيڪار آھي. پر حقيقت اھا آھي تھ ھن ميڊيڪل بورڊ پاڻي جي ان وقت چڪاس ڪئي ھئي، جڏھن مينھن گھڻا وسيا ھئا ۽ کوھھ بھ پاڻيءَ سان ڀرجي ويا ھئا. ان ڪري صحت لاءِ نقصانڪار شين جو پاڻي ۾ تناسب گھڻو گھٽجي ويو ھو.

(وليم نيپئر)

ضميمو چوٿون

ڪڇيءَ واري جابلو علائقي خلاف جنگي مھم جي شروعات وقت لارڊ ايلنبرو ڏانھن لکيل خط جو اختصار.

سکر 19 ڊسمبر 1844ع

مان اڄ ھتي پھتو آھيان. ٻھ سال اڳ آءٌ ھن ساڳئي ڏينھن تي ھتان روانو ٿي چڪو ھوس. اڄوڪو ڏينھن مون کي اوھان جي احسان ياد ڏياري رھيو آھي. اوھان جي ياد اچڻ ڪري ھندستان جي انگريز شھنشاھت لاءِ موجود خوف ۽ خطرا بھ ياد اچي ويا آھن. مان ھتي ھڪ عظيم انسان سر جان مور جا لفظ ورجائڻ چاھيان ٿو جنھن چيو ھو تھ، ’ن برين ڳالھين ٿيڻ جو امڪان ھو سي ھاڻي ڪونھ ٿينديون.‘ ان ڪري مون کي بھ يقين آھي تھ اھي امڪاني بريون ڳالھيون ھاڻي ڪڏھن بھ ڪونھ ٿينديون. مان 11 نومبر تي ڪراچي ڇڏي ھئي. سفر دوران ٽڪرين وارو علائقو ويران لڳو جنھن وچان جبلن جون قطارون گذرنديون ڏسڻ ۾ آيون، جن جو رخ ڏکڻ اتر طرف ھو. ھي ٽڪريون لھنواريون ڪونھ ھيون، پر اڀڪپريون ھيون. تنھن ڪري انھن روھين (ٽڪرين) کي غير لھريدار سڏي سگھجي ٿو. اھي سڀئي ٽڪريون ڀت وانگي اڀڪپريون آھن، جيڪي پنڊ پاھڻن سان ڀريون پيون آھن. ھڪ ڏينھن اسان اھڙين ٽڪرين واري علائقي مان گذرياسون جتي رڳو ڪاٺ جا پنڊ پاھڻ ڏسڻ ۾ آيا ھئا. اھڙيون شيون اسان کي ملڪري ماڳ وٽ نظر آيون جتي اسان منزل ڪئي ھئي. اھڙا نشان واڪر جي جوڙيل نقشي ۾ بھ موجود آھن. جڏھن اسان پوڪرن وٽان لنگھياسون تھ اتي ٽڪريون ۽ انھن جي وچ تي کاھيون ڏسڻ ۾ آيون. ملڪري ۽ پوڪرن نالي وارن ماڳن وٽ پاڻيءَ جا تلاءَ آھن جن جي وچ تي وڌ کان وڌ اوچيون ٽڪريون نظر آيون. ھي علائقو جابلو ھو، جتي اسان کي درياھي نرم مٽي ڏسڻ ۾ ڪانھ آئي ھئي. اھڙي مٽي چرلا وٽ ڏٺي سون. ھن ٿاڪ تائين ساري جوءِ رڻ پٽ آھي.  پوڪرن ۽ چرلا جي وچ تي گھاٽو جھنگ بھ آھي. ٽڪرين جي وٽن ۽ وڪڙن مان ائين محسوس ٿي رھيو تھ انھن کي ڪو قدرتي طور مروڙو آيل آھي. ھتان جي ھڪ سونھين (رھبر) مون کي ٻڌايو تھ ھتي ڦٽڪي بھ موجود آھي. مان ھتي جيڪر ھفتوکن ترسي چڪاس ڪريان ھا تھ ھتي ڇا ڇا موجود آھي پر مان جيالاجي ۽ منرالاجي واقف ڪونھ ھوس. ائين ڪري مان ڄڻ پنھنجو وقت وڃايان ھا،جنھن جو سنڌ ۽ سائنس کي ڪو فائدو ڪونھ پھچي ھا. ھتي جي ننڍڙين روھڙين يا ٽڪرين مان ڪوسي پاڻيءَ جا جھرڻا وھي رھيا ھئا جيڪي ڏھھ يا ويھھ فوٽ مس اوچيون ھيون ۽ اھي ھالا جي روھھ سان ٻٽ وڃي رھيون ھيون. جن جو پٿر ڪوئلي جيان نظر اچي رھيو ھو. اسان جي قافلي ۾ ھڪ ڏاھو ماڻھو جنھن ٻڌايو تھ اھو ڪنھن سائيءَ ٻوٽيءَ جو پنڊ پاھڻ آھي، ان ڪري مان بھ ان شيءِ کي ائين سمجھي رھيو آھيان. سندن شڪل صورت بھ دلچسپ ۽ عجيب غريب آھي، جيڪي ڀرپاسي ۾ ملندڙ اھڙين شين کان بلڪل مختلف بھ آھن. مان انھن مان ٻھ ٽي نمونا کنيا ۽ ھڪ اھڙي سڄاڻ ماڻھوءَ کي ڏيکاريا جيڪو سنڌ اندر منفرد شڪل جو ماڻھو ھو. مان سر ھينري ھارڊنج کي گذارش ڪئي آھي مون ڏانھن سياڻو ۽ سپورنج ماڻھو موڪلج جيڪو ٻڌائي سگھي تھ سنڌ اندر ڪھڙيون شيون موجود آھن.

مان چرالا کان مٿي ان جاءِ وٽان لنگھيس جنھن کي پير آري جي نالي سان سڏيو ويندو آھي. جتي ڪرنل رابرٽس شاھھ محمد کي اوچتو جھلي ورتو ھو. ڪرنل ھٿن تي پرتا ڪري ڏيکاري ھئي. پر مون کي افسوس آھي، کيس سي بي جو اعزاز ڪونھ ڏنو ويو ھو. ھي ماڻھو شير محمد جو ڀاءُ ھو. ھن جي جھلجي پوڻ ڪري سنڌ جي وڳوڙي وايو منڊل ۾ ڪجھھ ٺاپر اچي وئي ھئي. ان واقعي کي پورو ھڪ سال گذري ويو آھي، پر لڳي ائين ٿو ڄڻ تھ اھا ڪالھھ ڪلھوڻي جي ڳالھھ ھجي.

سيوھڻ ۾ پھچي مان ان جي چڪاس ۽ جاچ پڙتال ڪئي، جنھن کي Alexanders Tower سڏيو ويندو آھي. مان يونانين سان لاڳاپيل پراڻا ٿرڙ ڏٺا آھن، ان ڪري يقين سان چئي سگھان ٿو تھ ھي تعمير يوناني ڪانھ آھي. قوي امڪان آھي سڪندر جي ٺھريل ڪالوني ھجي. ھي امڪان انھيءَ ڪري آھي جو سنڌوءَ جو ھي ڪنارو جابلو آھي ۽ ھي درياھھ بھ سدائين ھن جاءِ وٽان وھندو رھيو آھي. تنھن ڪري سڪندر ھن ٿاڪ کي پڪو سمجھي ھڪ ڳوٺ تعمير ڪرايو ھوندو تھ ڪئت ناھي ڪڏھن ڪڏھن ھن جاءِ وٽان يوناني دور جا سڪا بھ لڀندا آھن، پر مٿي بيان ڪيل قديم آثار ان قلعي جا آھن، جنھن کي اورنگزيب ڊاھي ناس ڪري ڇڏيو ھو. سيوھڻ کان سکر تائين علائقو آباد نظر آيو، پر ان لاءِ ائين چئي سگھجي ٿو تھ اھي آباد زمينون غير آباد علائقي جو ھڪ سئو حصو بھ ڪونھ ٿيندو. پر ھن علائقي جي زمين ايتري ڀلي آھي جيتري ڪراچي کان پوڪرن تائين آھي. جتي اڃا تائين پوکي راھي ٿي ڪانھ سگھي آھي. پر اتي پاڻي ملڻ مشڪل آھي. جڏھن تھ مون کي پڪ آھي جر جو پاڻي تھ جتي ڪٿي موجود آھي. جيڪڏھن کوھھ کوٽبا تھ ھيٺيان ضرور پاڻي ملندو. مون کان بھ جيترو ٿي سگھيو ايترو جلدي انھيءَ علائقي ۾ کوھھ کوٽائي زمين آباد ڪرائيندس. منھنجي ھيءَ بھ خواھش آھي تھ جتي غريب ماڻھن جا کوھھ آھن تن کي سڌاريان. ھنن کوھن جي پاڻيءَ کي پيئڻ لاءِ بھ استعمال ڪري سگھجي ٿو پر ھر ھڪ کوھھ جي چوڌاري چار ٻارا ٻنيءَ جا بھ آباد ڪري سگھبا. ماڻھو سکيا ستابا ٿي ويندا. بچت وارو اناج بازار ۾ وڪڻندا. اھڙي ريت ڌاڙن ۽ ڦرلٽ جا ڏوھھ گھٽجي ويندا. ٻين ماڻھن کي بھ ريس ايندي ۽ اڳين کوھن کان ٿوريءَ وٿيءَ تي نوان کوھھ کوٽيا ويندا. ھي اڳتي وڌڻ جو ھڪ سست رفتار سلسلو آھي. اھو طريقو ضروري بھ آھي. ماڻھوءَ کي اھڙن معاملن ۾ صبر ڪرڻ گھرجي. پر مان ھن ڪم ڪرڻ لاءِ اتاولو آھيان. چاھيان ٿو اھو نيڪ ڪم اڄ ٿئي ۽ سڀاڻو نھ پوي. ھن ڪم ۾ دير مون کي ڄڻ سيلھھ ٿي چڀي رھي آھي.

مان رند قبيلي جي ڌاڙيلن جو ھڪ ٽولو ڏٺو ھو، جيڪو بلوچ نھ پر سنڌي رندن جو ھو. ھي ماڻھو ڪلھوڙن سان ڏاڍا وفادار ھئا. پر ٽالپرن ھنن جي توڻي تپائي ڏني ھئي. ڪجھھ ڏينھن ٿيندا ھنن رندن کي ٽالپرن سنڌوءَ جي ڇوڙ واري علائقي مان ڪڍي ڇڏيو ھو. جنھن ڪري ھنن وڃي روھھ ۽ ڪوھھ واري جوءِ وسائي ھئي جيڪا سڃي ۽ ڏچي ھئي. لاچار ٿي ھنن ماڻھن پنھنجي پيٽ گذر لاءِ ڌاڙا ھڻڻ شروع ڪري ڏنا ھئا. بلوچ نسل جا ڌاڙيل ھنن جا ويري ھئا. ان کان سواءِ کين ٽالپرن جي ٽيڪ ۽ ھشي بھ ھئي، ويچارا رند ھاڻي ڏاڍا ڏکيا ڏينھن گذاري رھيا آھن. ھنن ڏاڍ جي ستايل ماڻھن مون کي بچائڻ ۽ پوکي راھي لاءِ زمين ڏيڻ جي درخواست ڪئي آھي. مان کين جھرڪ ڀرسان زمينون ڏنيون آھن. ھن دوري مان اھو فائدو ٿيو آھي جنھن جو مان ذڪر ڪري آيو آھيان. ٻي ڳالھھ مون کي ھيءَ نظر آئي تھ منھنجي جتن ۽ جاکوڙ کان پوءِ بھ اڃا تائين پنھنجي ڏاڍ ۽ قھر واري شڪل ۾ موجود آھي. جتي بھ مان منزل ڪندو ھوس تھ منھنجي تنبوءَ جي چوڌاري ميڙ ڪري اچي بيھندا ھئا. ھي ھاڃيءَ ھنيا ۽ سورن جا ستايل ماڻھو اھا آس کڻي مون وٽ ايندا ھئا تھ مان کين انھن ڏکن پاپن کان آجپو ڏيندس. مون سان اھنج اورڻ لاءِ ترجمان بھ ضرور وٺي ايندا ھئا. مان اھڙن غلامن جي ڏھن  ٻارنھن مالڪن کي کڻي قيد ڪيو، جيڪي وڏي رتبي ۽ اثر رسوخ وارا ماڻھو ھئا. منھنجو ڪم ان وقت ملڪ جو دورو ڪرڻ ھو. پر ھنن اثر رسوخ وارن ماڻھن کي ٽن ھفتن تائين پاڻ سان گڏ کڻي ھلندو رھيو ھوس. سنڌ ۾ غلامي ڏسي منھنجو جيءُ جھرندو ۽ روح رڙندو آھي. مون کي پڪ آھي تھ ڀرپاسي ۾ مسٽر پريڊي جي ۽ قانون کي ھوريان ھوريان نافذ ڪري سگھجي ٿو ۽ ائين نافذ ڪري ڪونھ ٿو سگھجي جيئن ميداني علائقن ۾ ڪيو ويندو آھي. ڌاڙيل عنصر وري اھڙو ھوندو آھي جنھن جو ڪم قانون خلاف جھيڙو ڪرڻ ھوندو آھي. غلام رکڻ وارن ماڻھن خلاف منھنجو رويو ڏاڍو سخت آھي. تنھن ڪري غلاميءَ وارو رواج بھ تيزيءَ سان گھٽبو پيو وڃي.

ولي چانڊئي ڏاڍي وفاداريءَ جو مظاھرو ڪيو آھي. ھن سردار ھمت ڪري نوبت خان نالي ھڪ مشھور ڌاڙيل گرفتار ڪري ورتو آھي. ھي ماڻھو ڏاڍو ڪٺور ھو، جيڪو ڌاڙي ھڻڻ وقت ڪيترائي بي پھچ ماڻھو قتل ڪري ڇڏيندو ھو. ھن پنجھتر اٺن جي قافلي کي ڦريو ۽ جتن کي قتل ڪيو ھو. مان سندس گرفتاري تي ھڪ ھزار رپيا انعام رکيو ھو. ھن وقت ھو بکر واري قلعي ۾ قيد آھي. ھن سان گڏ سوڀو گڊو بھ آھي. ھن ڌاڙيل بھ منھنجي حڪم عدولي ڪئي ھئي. فزجيرالڊ اٺ سوار فوج ساڻ ڪري پنجھتر ميل پنڌ ھڻي مٿس وڃي اوچتو ڪڙڪيو ھو ۽ ھڪ جابلو قلعي مان وڃي کيس گرفتار ڪيو ھئائين. ھن جا چار سو ماڻھو الائي ڪيڏانھن نڪري ويا. باقي ساڻس چاليھھ ماڻھو گڏ ھئا جن کي پڻ گرفتار ڪيو ويو ھو. ھن مقابلو ڪيو ھو، جنھن ۾ سندس پٽ ۽ ٻھ ڀائٽيا وڙھندي مارجي ويا ھئا. ڊپٽي ڪليڪٽر ليفٽيننٽ جيمس کين پيش پوڻ لاءِ عرض ڪيو. پر ھنن کيس ٽي تريون ھڻي ڇڏيون ۽ وراڻيائون تھ ھو سوڀي گڊي جا ڀائٽيا  پٽ آھن ۽ ھو تلوارون ۽ ڍالون سندس پيرن ۾ رکي پيش ڪونھ پوندا. انھن کي زندھھ ڇڏڻو ڪونھ ھو، پر سندن موت تي بھ افسوس آھي. ھنن جو پيءُ ھنن جيترو بھادر ڪونھ ھو. سندس ڪردار ظالمانھ ھو ۽ ڪنھن بھ ماڻھوءَ کي زنده ڇڏڻ ڪونھ چاھيندو ھو. ھاڻي سندس مقدر کي ڏسي سارو علائقو خوش آھي. ليفٽيننٽ جيمس جو چوڻ آھي تھ ماڻھو ھنن تي کي ڏسڻ لاءِ ميڙ ٿي ويا ۽ سندس گرفتاريءَ تي ڏاڍو خوش ھئا. ھن ملٽري ڪميشن ڪيس ھلائيندي مان سمجھان ٿو تھ ھنن ٻنھي ڌاڙيلن جي گرفتاري ڪري ڌاڙن جون وارداتون گھٽجي وينديون. تنھن ڪري مان ھاڻي چئي سگھان ٿو تھ سنڌوءَ جو ساڄو ڪنارو ڌاڙيلن جي آپدا کان آجو ٿي ويو آھي. مان سفر دوران جڏھن ھڪ ڳوٺ کان لانگھائو ٿيس تھ اتان جي ٻن رھواسين سان ڳالھھ ٻولھھ ٿي وئي. ھي ٻئي ماڻھو مون کي ڏوھي محسوس ٿيا جن جي سزا قتل ٿي سگھي ٿي. ھنن ٻنھي ڄڻن ھڪ ماڻھو خلاف دانھن ڏني جيڪو نوبت جي ڪڍ وڃي ٽيھٺ اٺ ڇڏائي آيو ھو، جن مان ارڙھن مالڪن کي موٽائي ڏنا ھئائين. مان ان ماڻھوءَ کي پوليس وارو موڪلي گھرائي ورتو. ڏٺم تھ ان قبائلي سردار جي شڪل ئي شيطان جھڙي ھئي ۽ سندس بشرو بھ شيطان جھڙو ھو.

مان ڏٺو تھ گھڻو ڪري ھن علائقي ۾ ڍل اڌ پيداوار جيتري وصول ٿي رھي ھئي. پر مان ان کي ھر جڳھھ تي گھٽائي پيداوار جو فقط ٽيون حصو وٺڻ چاھيان ٿو. اعتراض اھو ڪيو پيو وڃي تھ محصول جي گھٽجي وڃڻ سان سرڪار جي آمدني گھٽجي ويندي. ابتدا ۾ اھا ضرور گھٽجي ويندي. پر ان جو اثر ضرور ٿيندو، ماڻھو ميداني علائقن ۾ وڃي آباد ٿيندا ۽ جھنگ جھاڙيون ڪڍي ٻيون صاف ڪري پوکي راھي ڪرڻ شروع ڪري ڏيندا. سرڪار کي پيداوار ۾ نقصان ٻن يا ٽن سالن لاءِ پوندو. سرڪار جون ڀلين ٻين جون وسيع ايراضيون غير آباد پيون آھن، جن جو منڍو ٻارھن ميل ۽ لام بھ ٻارھن ميل آھي. اھي زمينون ڪڏھن بھ آباد ڪونھ ٿيون آھن. جيڪڏھن ھارين سھوليتون ڏنيون تھ اچي زمينن تي گھر ٺاھي ويھندا ۽ پوکي راھي ڪندا. ساڳئي وقت سرڪار جي گھٽيل آمدني وڌي ويندي ماڻھو بھ پير پساري واندا ڪونھ وھندا ۽ پنھنجي پورھئي کي لڳا پيا ھوندا. ان ڪري چوريون ۽ ڌاڙا بھ گھٽجي ويندا. بلوچ ڌاڙيل بھ ٻني پوکي آجپو محسوس ڪندا، ڇاڪاڻ تھ سرڪاري ھاريرن نارين کي وڏيون سھوليتون ڏيندي. يا وري ھو تلوار رکي ھر جي مٺئي کي ڪونھ سنڀاليندا. جڏھن آءٌ سنڌ وچان سفر ڪري رھتو تھ مان اھڙين ڳالھين تي سوچي ويچاري رھيو ھوس تھ مان سنڌ جي خدمت انھيءَ طريقي سان ڪري سگھان ٿو. ان جو نتيجو اھو نڪرندو تھ ڍل ۽ لاپو گھٽجي ويندو. حقيقت ۾ اھي ٻئي ھڪ آھن ۽ اھي رھت جي ڪل پيداوار جي ٽئين حصي جيتريون آھن. جيڪڏھن مان سرڪار کي يا ھاري کي نقصان پھچائڻ جي ڪوشش ڪندس تھ مون کي پڇتاءَ جي وڏي سزا ملي ويندي. ايسٽ انڊيا ڪمپني منھنجي بدران ڪو ٻيو سٺو ماڻھو مقرر ڪندي. ھتي ڪليڪٽر بھ مون خلاف ڪم ڪري رھيا آھن. جيڪڏھن مان ڪو ڏوھھ پاپ ڪري رھيو آھيان تھ اھي ذميواري بھ منھنجي آھي. ڇاڪاڻ تھ اھو ڏوھھ پاپ مان سوچي سمجھي ڪري رھيو آھيان. ان ڪري الزام بھ فقط مون تي ھنيو وڃي. مون کي مقرر اوھان ڪيو آھي. پر اوھان ھنن ڏوھن پاپن کان آجا آھيو، پر مون کي يقين آيھ تھ منھنجو احوال صحيح آھي. تنھن ڪري مون ڀؤ ڀولو نھ ھجڻ گھرجي. ليڪن مان ھيءُ ڪم آھستي ۽ مرحليوار ڪرڻ چاھيان ٿو.

ھن کان سواءِ مان ھڪ ٻيو بھ قدم کڻڻ چاھيان ٿو. يعني جي غريب رعيتن وٽ ڏاندن جي جوڙي خريد ڪرڻ لاءِ ٽيھھ رپيا بھ ڪونھ آھن تھ مان کين ”ٻوڙا پٽ“ جي بدلي ٻن يا ٽن سالن لاءِ ڍل معاف شرط تي زمين ڏيندس. پر جيڪڏھن انھن کي ڏاندن جي جوڙي خريد ڪرڻ لاءِ ٽيھھ رپيا روڪ ڏبا تھ پئسا کڻي ڀڄي ويندا. پر اھڙا واقعا اڪو دڪو ٿيندا پر عام ڪونھ ٿيندا. سنڌي رعيتي ماڻھو سچار ۽ ايماندار ٿيندو آھي. پر جابلو بلوچن تي اھڙي قسم جو اعتبار ڪري ڪونھ ٿو سگھجي. ھنن ماڻھن جو عام ڌنڌو ڌاڙا ھڻڻ آھي. ٽالپر حڪمرانن بھ ھن کي ڇڙواڳ ڇڏي ڏنو ھو. وڏن قبيلن جا سردار بھ ڦرلٽ جي ڌنڌي سان لڳل آھن. اھو بھ ڏٺو ويو آھي تھ ڪٿي بھ انگريز عملدار کي ڦريو لٽيو ڪونھ ويو آھي. سنڌ ۾ ھنن جي مال مڏي بلڪل محفوظ آھي. ان جي ڀيٽ ۾ بمبئيءَ واري علائقي ۾ انگريز عملدارن کي بھ معاف ڪونھ ڪيو ويندو آھي. تنھن ڪري مون کي پڪ آھي تھ جيڪڏھن ھنن غريب ماڻھن ٿوريون ٿڪيون سھوليتون ڏبيون ويون، ٿوري وقت اندر سارا جھنگل وڍجي صاف ٿي ويندا ۽ ائين ھاري طبقو پيدا ڪري سگھبو. جيئن انگلينڊ ۾ پيدا ٿيو ھو. ان کان سواءِ مان ھوريان ھوريان جاگيرداري نظام ڀڃي، ڀروڙي رھيو آھيان. جڏھن ڪو جاگيردار مري ويندو آھي تھ سرڪار ان جي زمين ضبط ڪري ڇڏيندي آھي ۽ اھا ننڍن ننڍن حصن ۾ ھارين جي حوالي ڪئي ويندي آھي. جيڪڏھن اھا زمين وفات کان جاگيردار جي پٽ کي ڏني ويندي آھي تھ انھن ڍل يا لاپو ورتو ويندو آھي. اھڙيءَ ريت جاگيردارن کان سھوليتون رعايتون کسيون ويون آھن. ھنن ماڻھن جي ڪوشش آھي تھ کين مليل سھوليتون بحال ڪيون وڃن يعني سندن خيال آھي تھ کين ڍل معاف جاگيرون سندن حياتي تائين ملڻ گھرجن.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 41 42 43 44 45

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org