سيڪشن: تاريخ

ڪتاب: سنڌ جي انتظامي تاريخ

باب:

صفحو: 2

اھڙن ھٺيلن ۽ متڪبر ماڻھن تي چٿر ڪندي،سر چارلس پنھنجي خيالن جو ھن ريت اظھار ڪيو آھي تھ اھڙا ماڻھو جيڪي ھندستان ۾ ڊگھي عرصي تائين رھندا آھن ۽ عيش عشرت ۾ مبتلا ٿي ويندا آھن. اھڙن ماڻھن جا جسم ۽ دماغ ڪمزور ٿي ويندا آھن. اھي ماڻھو تجربو حاصل ڪري آفيس جي ڪم ۾ تھ ماھر ٿي ويندا آھن، پر وٽن فڪري وسعت ڪانھ ھوندي آھي. اھڙن انگريزن کي Old Indeans سڏيو ويندو آھي. ڇاڪاڻ تھ اھڙا ماڻھو ھندستان ۾ گھڻو عرصو رھي پنھنجا بکيا پيٽ ڀريندا آھن. سندن پگھارون بھ وڏيون ھونديون آھن. ھنن جي ساري حياتي عياشي ۾ گذرندي آھي. ان کان سواءِ ھنن اعليٰ عملدارن جي آفيسن ۾ ڪارن ڪلارڪن جون قطارون ڪم ڪنديون آھن، جيڪي سندن بيجاءِ خوشامد ڪندا آھن. جنھن ڪري ھنن عملدارن ۾ ھٺ ۽ تڪبر اچي ويندو آھي ۽ سمجھدا آھن تھ فقط ھنن کي مشرق جي ڄاڻ آھي. ھي ماڻھو ڌرتيءَ جي مخلوق کان نفرت ڪندا ۽ انھن کان لنوائيندا آھن پر پوءِ بھ لٻاڙ ھڻندا آھن تھ ھو ھتان جي اصلي ماڻھن جي حقيقي مزاج کان واقف آھن. ان ڪري پاڻ کي ھندستان جو مدبر سڏائيندا آھن. ليڪن ھن قسم جي روايتي ماڻھن ۾ ڪي اھڙا ٺاھوڪا انسان بھ ھوندا آھن، جيڪي ھتان جي ماڻھن جو صحيح معنيٰ ۾ مطالعو بھ ڪندا آھن. کين ھنن ماڻھن جي رسمن رواجن ۽ تاريخ جي خبر آھي. اھڙا ماڻھو ھنن جي ترقيءَ ۽ واڌاري لاءِ سوچيندا آھن ۽ پنھنجي قوت ۽ اختيارن کي بھ ڪتب آڻيندا آھن. انھيءَ قسم جا ڏاھا ماڻھو پنھنجي طبقي ۾ افضل سمجھيا ويندا آھن. کين ڪنھن اقرار نامي مطابق ملازمت مليل ڪانھ ھوندي آھي. ھنن ماڻھن جي مھم جوئي ڪري کين ھندستان ۾ مان ۽ مرجاتا وارا ماڻھو سمجھيو ويندو آھي. اھي ماڻھو جيڪي عيش عشرت واري زندگي گذاري نھ سگھندا آھن، سي ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ جا بھتر ملازم ثابت ٿيندا  آھن.

ھندستان جي ماڻھن جا خيال ۽ احساس دنيا جي ٻيءَ انسانذات جھڙا ھوندا آھن. نئين گورنر وٽ ڪو گواھھ ڪندڙ دليل ڪونھ آھي. سندس خيال آھي تھ ڪن نون اصولن جي تخليق واسطي ۽ خاص نوعيت جي رسمن ۽ رواجن کي سمجھڻ لاءِ گھٽ ۾ گھٽ ٻن سالن جي ضرورت ھوندي آھي. اھڙا اصول ڪنھن ماڻھو نھ گھڙيا آھن پر فطري طور پيدا ٿيندا آھن. اھڙن خيالن کي آڏو رکي ھن گورنر پنھنجي صوبي جي ماڻھن جي درجھ بندي ڪري سندن مختلف نمونا بيان ڪيا آھن، جن کي ھيٺ بيان ڪجي ٿو.

ھندو ماڻھو پئسي جو پياسي آھي ۽ ڌن دولت کي گڏ ڪرڻ لاءِ سندن اکيون سدائين کليل ھونديون آھن. ڏوڪڙن جي ڏس ۾ ھن جي ھٿن جون آڱريون بھ سندن ضمير وانگي لچڪدار ھونديون آھن. ھو پنھنجي چالاڪي سان ماڻھوءَ ائين ڦري پالھو ڪري ڇڏيندو آھي جيئن ھٿيارن جي زور تي بلوچ ماڻھن کي لٽيندا آھن. ھن نسل جي ماڻھن لاءِ سنڌ جي فتح ڄڻ ڏياريءَ جو ڏڻ ۽ نعمتن جو توشو آھي.

سنڌي سگھارو ۽ سھڻو ماڻھو آھي. جنھن کي ھتان جي گرميءَ ۽ ٽالپرن جي غلاميءَ سست ڪري ڇڏيو آھي. ھن ماڻھوءَ ۾ فطري طرح ڪي ڳالھيون ڏاڍيون سٺيون آھن. ھنن جي ڳچيءَ ۾ ٽالپر غلاميءَ جا ڳٽ ھاڻي تازو پيا آھن. جن جي نئين سر اصلاح ڪري، آزاديءَ لائق بڻائي سگھجي ٿو. تنھن ڪري ھتان جي اصلي ماڻھوءَ لاءِ سنڌ جي فتح بھ نعمت آھي. فتح کان پوءِ ھاڻي اھو منھنجو مذھبي فرض آھي تھ مان ھنن ماڻھن کي ثابت ڪري ڏيکاريان تھ ھنن لاءِ سنڌ جي فتح نعمت آھي.

بلوچ ھڪ خوفناڪ نسل آھي. پرائي ملڪيت کي لٽڻ ڦرڻ سندس عادت آھي. ھي سگھارو انساني نسل آھي. سندس عزت، ۽ شان شوڪت وارو تصور بھ وحشياڻو آھي. ٻين جي مال ملڪيت کي ڦرڻ لٽڻ وارو سندس تصور بھ سندس نسلي روايتن ۽ رسمن مطابق ھوندو آھي. جيڪڏھن لٺ باٺي کان ڪم وٺبو، کين عزت ڏبي، کليءَ دل کان ڪم وٺبو ۽ کين لالچ بھ ڏبي تھ ھو وحشين مان شريف انسان بھ بڻجي سگھن ٿا. بھتر آھي تھ ھنن جي جنگجو مزاج کي ڇيھي پھچائڻ کانسواءِ ائين ڪجي. ڇاڪاڻ تھ ھن وقت سندن اھا خاصيت (اسان لاءِ) فائدي واري ڳالھھ آھي. ھي ماڻھو ٽالپرن لاءِ سر تريءَ تي رکي وڙھيا ھئا. ڇاڪاڻ تھ وڙھي ڦرلٽ ڪرڻ سندن ڌنڌو آھي. ھي ماڻھو، سندن سردار يا ٽالپر امير، ڌرتيءَ خاطر ڪونھ وڙھيا ھئا. يورپي نقطئھ نظر مطابق تعليم ۽ عادتن قومپرستيءَ جون ٽي ڳالھيون ختم ڪري ڇڏيو آھن. بلوچ ويڙھاڪ پنھنجي ڪٽنب ۽ قبيلي سان گھڻو پيار ڪندو آھي. پر بلوچ برادريءَ سان سندس ڪانھ پوندي آھي. کيس ڌاڙي ۽ ڦرلٽ سان وڌيڪ شوق آھي. گھڻو ڪري سڀئي بلوچ قبائلي سردار ڪنھن نھ ڪنھن ٽالپر حڪمران جا وفادار ۽ تابعدار ھوندا آھن. جھڙي سولي نموني سان کين جاگيردار بڻايو ويندو آھي تھڙي سولي طريقي سان کانئن جاگيرون کسيون بھ وينديون آھن. مير شخصي طور ضدي آھن، پر ھاڻي انگريزن جا جنگي قيدي آھن. دنيا جو اھو دستور آھي تھ اھميت وزن يا ڳوراڻ کي ڏني ويندي آھي. پر مشرق جي ماڻھن ۾ خاص ڪري ھيءَ ڳالھھ موجود آھي تھ ماڻھو تخت ۽ تاج سان وفادار رھندا آھن، پر ڪنھن شخص سان نھ.

ھنن بلوچ ويڙھاڪن کي اھو سگھارو تصور جنگ جي ميدان ڏانھن ڇڪي آيو ھو تھ ھو بھادر ۽ جنگجو آھن ۽ ھو انگريزن کي ماري مڃ ڪري ڇڏيندا ۽ شڪست ڏيڻ کان پوءِ انگريزي فوج کي ائين ڦري لٽي ڀينگ ڪندا جئين افغانستان ۾ کين افغانن لٽي ڦري ناڙ ڪري ڇڏيو ھو. پر ھنن کي ڪو اڻ ڄاتو خوف ورائي ويو ھو. ھنن جي دلين ۾ ھي خوفناڪ ارادا بھ ھئا تھ سنڌ ۾ موجود ھو انگريز کي قتل ڪري سنڌ صفائي ڪئي ويندي. کين اھا کڙڪ پئجي وئي ھئي تھ انگريز سندن انھيءَ منصوبي کان باخبر ٿي ويا ھئا. حقيقت بھ اھا آھي تھ ھنن اھڙو منصوبو تيار ڪيو ھو. ھاڻي بلوچن کي اھا ٻاٻور پئجي وئي آھي تھ، انگريز بھ کانئن ڇڪي پلاند وٺڻ لاءِ پڪو پھھ ڪري چڪا آھن. بلوچن انگريزن کي صلح واري زماني ۾ ڏٺو ھو. ھنن مختلف عھدنامن وسيلي ميرن کان سکر، بکر ۽ ڪراچي ڇڏائي ورتي ھئي. ھاڻي ھن نتيجي تي پھتا ھئا تھ انگريز ساڻن جنگ ڪندا. سندن منصوبو سڀني بلوچن کي ماري ناس ڪرڻ جو آھي يا ماري اھي ھنن کي ائين محتاج ۽ غلام بڻائي ڇڏيندا جيئن ھنن سنڌين کي محتاج ۽ غلام بڻائي ڇڏيو آھي. ھنن ماڻھن جي مزاج مان معلوم ائين ٿي رھيو آھي تھ جيڪڏھن ھنن بلوچ جاگيردارن جي جاگيرن کي ھٿ نھ لائبو تھ ٽالپر خاندان جي حڪمراني جي ختم ٿي وڃڻ واري واقعي ڏانھن اک کڻي بھ ڪونھ ڏسندا. اسان جي مرضي آھي تھ ھنن کان ملڪيت کسي وٺجي، باقي ٺلھي عزت ۽ احترام وٽن رھڻ ڏجي. ائين ٿيڻ سان ھو جنگ ڪرڻ ڪونھ چاھيندا. ھنن ماڻھن کي صنعت کان نفرت آھي. انھيءَ ڪري کين ان جا چار داڻا ڏئي، ڌتاري سگھجي ٿو. جيڪڏھن ھنن کي ڌاڙن ۾ ڦرين جي منافعي بخش ڌنڌي کان روڪيو ويو آھي تھ انھن کي تجارت ۽ زراعت جي ترغيب ڏئي سگھجي ٿي. اھڙين ڳالھين جي ابتدا ڪئي وڃي تھ چڱي ڳالھھ ٿيندي.

موجوده وايو منڊل ۾ بلوچن جي مختلف قبيلن جي ضرورتن کي منھن ڏيڻ لاءِ مخصوص نوعيت جي حڪمت عملي جوڙي ويندي. انھيءَ ارادي سان مان سنڌ کي فوجي راڄ جي زنجيرن ۾ جڪڙڻ گھران ٿو. ائين ڪري مان بلوچن جي شڪست جي زخمن تي پھا رکڻ ٿو چاھيان. سنڌين جي پيرن مان غلاميءَ جا پيد نڪري چڪا آھن. تنھن کي آئون تحفظ ڏيڻ ٿو گھران. مان ھتي اھڙو انصاف قائم ڪرڻ ٿو چاھيان جيڪو ساري دنيا لاءِ قابل قبول ھوندو. ان کانسواءِ مان چاھيان ٿو تھ ھن ملڪ جي آمدني جي وسيلن کي وڌايان ۽ ميرن جي پيدا ڪيل بدنظميءَ جو ازالو ڪريان. ھندو واپاري ماڻھو آھي، جيڪو انگريزن جي اختيار ڪيل ھن طريقي کي ضرور قبول ڪندو. ڇاڪاڻ تھ ھيءُ طريقو سندن مفادن جو تحفظ ڪندو آھي ۽ انھن جي تجارتي سرگرمين لاءِ وسيع ميدان پيدا ڪري ڇڏيو آھي. ھي ماڻھو بلوچن جي ظلمن ۽ ڏاڍاين کي ڪڏھن نھ ڪڏھن ضرور ياد ڪندو ھوندو. برھمڻن کي موجوده دور بابت تمام گھڻي معلومات آھي تھ ڇا وھي واپري رھيو آھي.

سنڌي ھاري ناري بھ انگريز سرڪار جي ضرور مدد ڪندا. ڇاڪاڻ تھ ھنن ماڻھن تھ کين ميرن جي غلاميءَ مان آزاد ڪرايو آھي ۽ ھن ڌرتيءَ تي سندس پورھئي جو قدر ڪيو آھي. ھي سگھارو آھي. سندس ٻانھن ۾ ٻل ۽ ڏيل ۾ ڏيا آھن. کيس ايتري سگھھ ۽ ست آھي جو جيڪڏھن ميرن کيس وري غلام بڻائڻ جي ڪوشس ڪئي تھ کين منھن ٽوڙ مھاڏو ڏئي سگھي ٿو. ھن ۾ ميرن جي حڪمرانيءَ جي ٻيھر قيام خلاف جوش ۽ جذبو پيدا ڪري سگھي ٿو. جيڪي ڪلھوڙي شھزادي وسيلي پنھنجي حڪمرانيءَ جا سندر سپنا ڏسي رھيا آھن، جيڪو اڃا زندھ آھي ۽ وڏي اثر رسوخ جو مالڪ آھي. ھتان جا ماڻھو سندس خاندان جي رعيت آھن. مذڪوره ڪلھوڙو شھزادو پنجاب ۾ رھندو آھي. ھن مون وٽ دعويٰ ڪئي آھي تھ کيس سندس حڪمراني واپس ڪئي وڃي. ھن اھا آڇ بھ ڪئي آھي تھ جيڪڏھن انگريز سرڪار کيس ملڪ واپس ڪندي تھ، ھو ملڪ جي ساري پيداوار جو اڌ ڏيڻ لاءِ تيار آھي. ان کان سواءِ ھو وڏا تحفا بھ ڏيندو. پر حالتون اھڙيون آھن جو ڪنھن جي مداخلت کي برداشت ڪري ڪونھ ٿو سگھجي. تنھن ڪري مان کيس ھن ريت جواب موڪليو ھو: ”ڇا تون اھي فوجي زنده ڪري ڏيندين جن جنگ دوران پنھنجي حياتين جو نذرانو ڏنو آھي ۽ ٽالپرن تخت ۽ تاج کسيو آھي. جنگ تي آيل خرچ بھ ڀري ڏيندين؟ ۽ اھو خراج بھ ادا ڪندين جنھن جو فيصلو ۽ تعين اسان ڪنداسون؟“

سر چارلس نيپئر جو نقطئھ نظر اھو ھو جنھن ساري زندگي حڪمرانيءَ جي اھم اصولن جو مطالعو ڪيو ھو. جڏھن ھو سيفالونيا Cephalonia ۾ ھو تھ ھن قائم ڪيل پنھنجن نظرين کي عملي جامو بھ پاتو ھو، جنھن ۾ ھو ڪامياب ثابت ٿيو ھو. ان کان پوءِ ھن اھڙي سياست جو بنياد رکيو ھو جنھن جو بنياد انصاف ۽ نظرداري تي بيٺل ھو. ھن اٻھرائي کان بھ ڪم ڪونھ ورتو تھ سندس محنت جا نتيجا بنا دير ظاھر ٿي پون. سندس خيال ھو تھ سنڌين ۽ ٻروچن کي خوش ڪجي، پر ان ۾ جلدبازيءَ کان ڪم نھ ورتو وڃي. ڇاڪاڻ تھ جنگ کان پوءِ حالتون ڪجھھ مختلف ٿي ويون ھيون ۽ جنھن ماڻھوءَ جنگ ۾ حصو ورتو ھو ھونءَ سو پنھنجي مزاج ۾ ضرور خطرناڪ ھوندو. کيس ماٺ ڪري ويھارڻ ۾ بھ گھڻو خرچ اچي ويندو. ان حالت ۾ جيڪڏھن سندس قائم ڪيل حڪومت جي انتظام اندر ڪٿي کوٽ ھوندي تھ ڏاڍي نقصانڪار ثابت ٿي سگھي ٿي. اھو ئي ڪارڻ آھي جو سندس توپون اڃان بھ سنڌوءَ جي ڪٺار سنان ٻھڪي رھيون آھن. ھن اعلان ڪري ڇڏيو آھي تھ ھن ٿوري وقت لاءِ ھر ننڍي ۽ وڏي ماڻھوءَ جا حق بحال ڪري ڇڏيا آھن. اڳتي ھلي سندن حقن کي مستقل بنيادن تي بحال ڪيو ويندو. ان ناتي اھو ضرور ڏٺو ويندو تھ اھي ماڻھو انگريز سرڪار سان وفادار آھن. ھنن ماڻھن جون اھي ملازمتون بھ بحال ڪيون وينديون جيڪي کين ٽالپر دور ۾ مليل ھيون. ان کان سواءِ ماڻھن جا حق ۽ ملڪيتون بھ محفوظ ھونديون ۽ ضبط ڪونھ ڪيون وينديون. پر جن ماڻھن انگريز ريزيڊنسيءَ تي حملو ڪيو ھو تن لاءِ اھڙي ضمانت ڏئي ڪانھ ٿي سگھجي. ان کانپوءِ ھن گورنر ھجڻ جي حيثيت ۾ فتح جو اعلان بھ ڪيو ھو. جيڪو مختصر ۽ فيصلھ ڪن ھو ۽ اھو ھن ريت ھو ٽالپرن کي فتح ڪري کانئن تخت ۽ تاج کسيو ويو آھي. ھاڻي سنڌ انھن جو ملڪ نھ رھيو آھي. اڳي جيڪا ڍل ۽ محصول ٽالپرن کي ڏنو ويندو ھو، سو ھاڻي انگريز سرڪار کي ملندو. ھن وقت تائين ھٿياربند ماڻھن کي فوجي سپاھي سمجھيو ويو جن پنھنجي مالڪن جي حڪمن مطابق جنگ ڪئي آھي. ھن کان پوءِ جيڪڏھن ھٿياربند ماڻھو ھڪ جڳھھ تي گڏ ٿي بيھندا تھ کين ڌاڙيل ۽ دھشتگرد سمجھيو ويندو. سنڌ مان غلاميءَ جو رواج ختم ڪيو ويو آھي. ان ڪري سڀئي ماڻھو پنھنجي گھرن ۾ امن امان سان رھي سگھندا. ھي فيصلو حالتن کي ڏسي تڪي توري ڪيو ويو ھو. ان سان گڏ ڏاھپ واري حڪمت عملي بھ اختيار ڪئي وئي ھئي. ڪيترا ماڻھو طاقتور ميرن جا ھاري ۽ قرضي ھئا، پر انگريز سرڪار اھڙن سڀني ماڻھن کي ذميوارين کان آجو ڪري ڇڏيو ھو. سندس بيان آھي تھ جيڪڏھن حڪمران جي ھٿ ۾ اسپنج Sponge ۽ ٻي ڌر جي ھٿ ۾ لوھھ آھي تھ ٻئي ڌريون ھڪ ٻئي کان ڪونھ ھٽنديون ۽ ھن کان پوءِ ڪوبھ شاھوڪار ميرن کي وياج تي پئسو نھ ڏيندو.

لارڊ ايلنبرو Ellen borogh بھ ھن حقيقت کي چڱيءَ ريت ڏسي رھيو ھو تھ فتح کان پوءِ ھڪ سرڪار وجود ۾ اچي چڪي آھي ۽ مفتوح ملڪ جو انتظام فاتح  پاڻ سنڀالي رھيو آھي. ھن وقت ۽ حالتن جو صحيح اندازو لڳائي، ھن قدم کي مناسب سمجھيو ھو تھ ان ملڪ انتظام لاءِ تلوار جو موجود ھجڻ ضروري آھي. تنھن ڪري ھن سنڌ ۾ فوجي راڄ ۽ گورنر کي مقرر ڪري ڇڏيو. ان کانپوءِ جلد گورنر اعلان ڪيو تھ فتح ٿيڻ ڪري ھڪ تبديلي اچي چڪي آھي، جيڪا ماڻھن کي برداشت ڪرڻي پوندي. پر ان سان ڪابھ ترت سماجي نواڻ ڪانھ ايندي. اھڙي ريت قانون ۾ روايتن ۾ ڪنھن بھ قسم جي ڦير گھير عمل ڪانھ آندي ويندي. سنڌ جي انتظاميھ ۾ مقرر ڪيل عملدار ظالم ٽالپرن جي قانون اندر موجود خرابين جي فقط اصلاح ڪري سگھندا. اھڙي ريت ھتان جي ماڻھن کي ھي حقيقت سمجھائي ويندي تھ انگريز کين فقط آزاد ڪرائڻ لاءِ آيا آھن ۽ اھا رڳو حڪمراننن جي تبديلي ڪانھ آھي.

سنڌ ۾ فوجي راڄ جو نفاذ عقلمندي جو قدم ھو جنھن تي غير فوجي حڪومت پنھنجو ضابطو ڄمائي ڪانھ سگھي ھا. اھڙي قسم جي حڪومت وٽ پنھنجي طرز جي انتظاميا ھجي ھا، جنھن جو خرچ ملڪي آمدني کان گھڻو وڌيڪ ھجي ھا، نتيجي ۾ ماڻھو ڪاوڙجي پون ھا ۽ ائين بغاوت منھن ڪڍي ھا جھڙيءَ ريت ڪجھھ وقت پوءِ پنجاب ۾ ڀڙڪي اٿي ھئي، پر سنڌ ۾ فوجي راڄ جو قيام حالتن کي منجھائي ڪونھ ڇڏيندو. ائين سمجھڻ کپي تھ ھتي فقط حڪمرانن جي تبديلي آئي آھي، اڳي بلوچ ھئا ۽ ھاڻي انھن جي جاءِ تي انگريز آيا آھن. اڳي ھتي ڏاڍ ڏمر ۽ ڪيس قھر ھو جنھن جاءِ تي ھاڻي انصاف ۽ دانش آئي آھي. ھندستاني عملدارن تي مشتمل انتظاميا ھيڏي ھوڏي ٿي وئي ھئي. جيڪي ماڻھو صحيح انتظاميھ جي چڪيءَ ۾ پيسجي وڃڻا ھئا، تن ھن فوجي نظام کي سخت تنقدي جو نشانو بڻايو ھو. پر حقيقت اھا آھي تھ ھتي فوجي راڄ جي نفاذ کان سواءِ ڪو ٻيو رستو موجود ئي ڪونھ ھو. ان کان سواءِ نازڪ حالتن دوران طاقت جو استعمال ناداني جي علامت سمجھڻ گھرجي. سنڌين جي آزاديءَ جو اعلان بھ لارڊ ايلنبرو جي حڪم مطابق ڪيو ويو ھو، جنھن جي سخت مذمت بھ ڪئي وئي ھئي. اھڙن ماڻھن جو خيال ھو تھ لارڊ ايلنبرو جون اھڙيون ڳالھيون ناراضگيءَ وارو ماحول پيدا ڪري ڇڏينديون. اھڙيءَ ريت ماڻھن کي اڀارڻ ڏاھپ ڪانھ آھي. جيڪا ھڪ بيجاءِ سخاوت آھي. ھي اھڙن ماڻھن جون رڙيون ڪوڪون آھن، جيڪي وڏين شاندار ڪمران ۾ آرام سان ستا پيا ھوندا آھن ۽ رنگ رلين ۾ غلطان ھوندا آھن. ھنن ماڻھن انھن ڇوڪرين کان اندر جا سور ڪونھ پڇيا آھن جيڪي سنڌ جي حڪمرانن جي حرمن ۾ موجود ھيون ۽ اھي سنڌ جي فتح کانپوءِ آزاد ٿي پنھنجي گھرن ۾ وڃي ٿانيڪيون ٿيون. ھن قسم جي انتظاميھ جي تخليق جي ابتدائي دور ۾ ڪنھن بھ قسم جي مزاحمت ڪانھ ٿي ھئي نھ وري ڪنھن قسم جي رڙ ڪوڪ ٿي پر ٿوري گھڻي ناراضگيءَ جو اظھار ڪيو ويو ھو ليڪن سزا کان پوءِ ٺاپراچي وئي ھئي.

نئين گورنر جي دلي خواھش آھي تھ ھتان جا ماڻھو کين پرامن حڪمران سمجھن. پر حيدرآباد واري جنگ کان پوءِ ٿوري وقت تائين سندس مزاج ۾ تبديلي اچي وئي ھئي ۽ ھن پنھنجي اختيارن کي ڀرپور استعمال ڪيو ھو. ڇاڪاڻ تھ مير شير محمد جي سرگرمين ڪري ڇوڙ واري علائقي جي ڌاڙيلن کي فوجي سپاھي سڏائڻ جو موقعو ملي ويو ھو. تنھنڪري انگريز سپھھ سالار ھن حقيقت کي سمجھي چڪو ھو تھ جيستائين بلوچن جي نالي خاطر ئي قوت ھوندي تيستائين ھو حالتن کي صحيح طريقي سان منھن ڏئي ڪونھ سگھندو. اھو ئي ڪارڻ آھي جو ھن مير کي ختم ڪرڻ لاءِ سوچيو ھو. سندس مشاھدو ھو تھ ھنن ٻروچ ويڙھاڪن لاءِ ھڪ نھ جھڙو ئي کڻي پر حڪمران موجود آھي، تنھن ڪري سندن حوصلا بلند آھن ۽ ھن جي نالي کي استعمال ڪري بغاوت جي باھھ کي ڀڙڪائي سگھن ٿا. مير شير محمد نھايت سرگرم ۽ بھادر ماڻھو آھي. ھو پنھنجون جنگي ڪارروايون ڇوڙ واري علائقي ڏانھن تبديل ڪري سگھي ٿو. جيڪڏھن ھن ائين ڪيو تھ انگريزن لاءِ نھايت خطرناڪ ثابت ٿي سگھي ٿو. ھن سان پنھنجي فوج کان سواءِ چار ھزار جاگيردار ۽ قبائلي سردار آھن. ھيءُ اثر رسوخ وارو حڪمران آھي. جيڪو ويھھ ھزار فوجي گڏ ڪري سگھي ٿو جيڪي جنگ کان پوءِ سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ پکڙجي ويا آھن. الڪو آھي تھ اھي گڏ ٿي ھٿياربند انگريزن لاءِ ڏچو پيدا ڪري سگھن ٿا.

ھي اھو زمانو ھو جڏھن لارڊ ايلنبرو جا مخالف بمبئي ۾ گڏ ٿي ھن لاءِ ڪنھن ٻارڻ ٻارڻ ۾ سرگرم ھئا، اھو وايو منڊل بلوچن جي بغاوت ڪرڻ جھڙو ھو. پر ھن انگريز جنرل جي طاقت ۽ قوت جا ذريعا ھن مير جي ڀيٽ ۾ گھڻا وڌيڪ ھئا. تنھن ڪري ھي مير پنھنجي ارادن ۾ ڪامياب ٿي ڪونھ سگھيو. وايو منڊل ڏاڍو ڳنڀير آھي. ڇوڙ واري علائقي جو گھيرو بھ ڪري سگھجي ٿو. مير شير محمد جتن ۽ کوسن جي قبيلي کي ڇوڙ واري علائقي مان ڪڍي ڇڏيو آھي. جن وڃي ٿر ۾ ٿاڪ جوڙيا آھن. انگريز جنرل ھن قبيلن کي بھ پاڻ سان شامل ڪري سگھي ٿو ۽ کين مير شير محمد خلاف استعمال ڪري سگھي ٿو. ھيءَ جنگ مير کي ڇوڙ واري علائقي مان ڪڍڻ جي ھوندي جيڪا ڏاڍي خطرناڪ ھوندي. ھن ڀنڻ کي مڙسيءَ سان منھن ڏيڻ فوجي ڀرتي ھندستان مان ممڪن ٿي سگھي ٿي. پر اتي بھ بغاوتن منھن ڪڍيو آھي. جنھن کي ختم ڪرڻ لاءِ لارڊ ايلنبرو ڪوشش ۾ لڳو پيو آھي. ڇوڙ واري ھن علائقي جي بغاوت کي ختم ڪرڻ لاءِ پنجاھھ ھزار فوجين جي ضرورت آھي، پر ايئن ڪرڻ سان ھڪ خطرناڪ صورتحال پيدا ٿي سگھي ٿو. ڇاڪاڻ تھ جڏھن مير شير محمد جي بغاوت خلاف ڪارروائي ڪئي وئي تھ ميدان خالي ڏسي اتر – اولھھ واري جابلو علائقي جا ڌاڙيل سنڌ جي ميداني علائقي ڏانھن ڪاھي ايندا، جيڪي ٻرندڙ جبل جي لاوا وانگي سکئي ستابي علائقي کي ڀيلي ڀينگ ڪري ڇڏيندا. اھڙيءَ ريت ڇوڙ واري علائقي جي پاڻيءَ جي ڇرن ۽ تلائن ۾ بغاوت تڙڳي رھي ھئي. اھو جون جو مھينو ھو. گرمي بھ چوٽ تي چڙھيل ھئي. سج نيزي پانديءَ ڌرتي ٽامون ھئي. سر چارلس بھ ان ساڙيندڙ سج کي للڪاريو ھو ۽ سخت گرميءَ ھوندي ھن مير شير محمد تي حملو ڪري ڏنو. بلوچن کي اھا غلط فھمي ھئي تھ يورپي ماڻھو گرم رت ۾ ڪجھھ ڪري ڪونھ سگھندا آھن. پر سر چارلس اڳتي وڌي مير شير محمد کي سخت شڪست ڏني، جيڪو درياه اڪري قلات جي جابلو علائقي ڏانھن ھليو ويو. ان کانپوءِ سندس بغاوتون بند ٿي ويون. پر ھن سان لغارين جو سردار احمد خان گڏ ھو. ھو پاڻ سان گھڻو خزانو بھ کڻي ويا ھئا. ان ڪري الڪو ھو تھ متان ھو ڪوھھ ۽ روھھ جي ٻروچن يا قنڌار جي افغانن کي سنڌ تي حملي ڪرڻ لاءِ نھ ڀڙڪائن. ان وقت ممبئي ۾ ڪي مخالف ڌريون سر چارلس جون دشمن ٿي بيھي ويون ھيون، جيڪي ھن ڳالھھ ڏانھن اشارو ڪري رھيون ھيون تھ فتح ٿيل نئون ملڪ انگريزن جي ھٿن مان نڪري ويندو.

جڏھن مير شير محمد سنڌ مان نڪري ويو تھ ڇوڙ واري علائقي ۾ بھ ٺاپر اچي وئي، جيڪو اڳي وڳوڙن جي ور چڙھيل ھو. پر اھڙي امن ۽ سانت لاءِ سر چارلس نيپئر مارشل لا کان ڪم ورتو ھو. ان کانپوءِ ھن ڇوڙ واري علائقي جي بلوچن کي ميرن جا جنگي سپاھي سڏائڻ جي جرئت ئي ڪانھ ٿي. ھن علائقي جي انھن ڳوٺاڻن ھنن ڌاڙيلن کي ماري مات ڪري ڇڏيو، جيڪي اڳي مير شير محمد جي حڪمرانيءَ دوران ھٿياربند ٿي سندن جنگي واھر ڪندا ھئا. توڙي جو ھلڪا سلڪا وڳوڙ آھن، پر سرڪار پنھنجا پير مضبوطيءَ سان کپائي ورتا آھن. انھن وڳوڙين ۽ ڌاڙيلن کي انھن ھنڌن تي جوڳيون سزائون ڏنيون ويون آھن. جتي ھنن ڌاڙن جون ڪارروايون ڪيون آھن. ان کان سواءِ قاتلن جي سينن تي جرم جي نوعيت لکي، کين ڦاھيءَ تي لڙڪايو ويو آھي. اھڙين ڏوھن جي تشريح ٽن ٻولين ۾ ڪئي وئي ھئي. انھيءَ مقصد سان تھ جيئن عام ماڻھن کي پتو پوي تھ ھنن کي ڪھڙي قسم جي جرم جي سزا ڏني وئي آھي ۽ کين انگريزن جي دشمني بدلي ڦاسي ڪانھ ڏني وئي آھي پر اھي ڳوٺاڻن کي قتل ڪرڻ جا مجرم ھئا. ڦاھي تي چاڙھيل ماڻھن ڪئپٽن اينس Ennis کي بھ قتل ڪيو ھو. سر چارلس جي مرضي ھئي تھ ڪيپٽن اينس جي قتل جي ڏوھھ ۾ مير شھزاد خان کي ڦاھيءَ چاڙھيو وڃي. ڇاڪاڻ تھ اھو خون سندن ھشيءَ ڏيڻ تي ڪيو ويو ھو. کيس اھڙيون شاھديون ۽ ثابتيون ملي چڪيون ھيون. پر لارڊ ايلنبرو اھڙي سزا روڪرائي ڇڏي ھئي. ان جو ڪارڻ اھو ھو تھ ھن وڏ گھراڻي جا عياش ۽ قاتل ممبئي سرڪار جا لاڏلا بڻجي ويا ھئا ۽ ھيءَ سرڪار سر چارلس نيپئر جي مخالف ڌر ھئي، جنھن انھن قاتلن کي بخشي ڇڏيو ھو، جن ھڪ بي پھچ ۽ بيمار ڪئپٽن کي بنا ڪنھن ڏوھھ جي قتل ڪري ڇڏيو ھو.

سر چارلس نيپئر جو مجرمن خلاف رويو ڏاڍو سخت ھو. پر جن جاگيردار بلوچن ۽ سردارن انگريز سرڪار جي آڻ مڃي ھئي، وفاداري ۽ تابعداري قبول ڪئي ۽جنرل جو سلام ڀريو ھو تن کي پنھنجون قيمتي تلوارون واپس ڪيون ھيون. ھن کان اڳ ساڳئي شرط تي ٽالپر خاندان جي ڪن اھم ماڻھن کي بھ سندن قيمتي تلواريون واپس ڪيون ويون ھيون. ائين ڪرڻ سندس حق بھ ھو. انھن تلوارن جي قيمت بھ تمام گھڻي ھئي. سر چارلس جي ھن کليءَ دل جي مظاھري ڪري، چار سو بلوچ سردار ۽ جاگيردار اچي سندن پيش پيا جن ساڻس انگريز سرڪار سان وفادار ۽ تابعدار رھڻ جو واعدو ڪيو آھي. اھڙيون ڳالھيون ڏسي ٻيا بھ ڪيترائي بلوچ سردار جنرل جي سلام ڀرڻ ۽ انگريز سرڪار سان وفاداري جي واعدي ڪرڻ لاءِ تيار ٿي ويا آھن. پر ھن جنرل مفاد ۽ عظمت وچ ۾ فرق رکيو ھو ۽ ان ڳالھھ تي مستحڪم رھيو ھو. جڏھن خطرناڪ کان خطرناڪ سردار تھ ھو سندس خوف ۾ ڏڪي رھيو ھو ۽ جنرل کيس چئي رھيو تھ ”کڻ اھا پنھنجي تلوار، جيڪا تو پنھنجي بھادريءَ جي عزت خاطر منھنجي خلاف ڪتب آندي ھئي. مان ھميشھ بھادر دشمن جو قدر ڪندو آھيان. تو ھيءَ اطاعت پاڻ قبول ڪئي آھي. جيڪڏھن تو ھن تلوار کي منھنجي گورنمينٽ خلاف ڪتب آندو تھ، مان اھا تلوار ٽڪرا ٽڪرا ڪري ڇڏيندس ۽ تون بھ ڪتي جي موت مري ويندين.“ جنرل جي لفظن ۾ جاگيردار جي بھادريءَ جي تعريف بھ ھئي تھ دٻنامو بھ.

سر چارلس نيپئر وفادار بلوچ سردارن کي ھٿيارن پائڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي ھئي. انھيءَ مقصد سان تھ جيئن ھو سمجھن تھ انگريز سپھھ سالار مٿن اعتماد ڪري رھيو آھي. پر ھنن جي اڙد اٽالي ۽ رسد گاھھ جي ماڻھن کي ھٿيارن پائڻ جي موڪل ڪانھ ھئي جن جو تعداد اٽڪل پندرھن ھزار ھو، ڇاڪاڻ تھ خدشو ھو تھ متان بغاوت ڪري وجھن. سنڌوءَ جي ساڄي پاسي وارن بلوچ سردارن سان انگريز سرڪار جو دوستيءَ وارو رويو ڪونھ ھو. ڇاڪاڻ تھ بلوچستان وارو سارو علائقو جابلو آھي، جتان جي ماڻھن سان سنڌين جي دوستي بھ ھئي تھ دشمني بھ. ڪڇي واري جابلو علائقي جي ماڻھن سان بھ ھتان جي ماڻھن جا دوستيءَ ۽ دشمنيءَ وارا ساڳيا تعلقات قائم ھئا. سنڌوءَ جي الھندي ڪٺار وارا بلوچ سردار سر چارلس جي سلام تي بھ ڪونھ آيا ھئا. تنھن ڪري مٿن ائين پيش پوڻ لاءِ دٻاءُ وڌو جيئن افغانستان جي جنگ دوران انگريز پوليٽيڪل ايجنٽن انگريزن جي ساٿ ڏيڻ لاءِ زور وڌو ھو. پر ان جو نتيجو سخت نڪتو آھي. ھن کين حڪم ڪيو تھ پنھنجي پوئلڳن کي بي ھٿيار ڪن جيئن سنڌوءَ جي اوڀر ڪناري جي بلوچ سردارن ڪيو ھو ليڪن ھنن کيس ٺپ انڪار ڪري ڇڏيو آھي. تنھن ڪري چئي سگھجي ٿو انگريز راڄ کي فقط سنڌوءَ جي اوڀر ڪناري وارن بلوچ سردارن قبول ڪيو آھي. اھڙين حالتن کي منھن ڏيڻ لاءِ ھن ڇا ڪيو جو حڪم ڏنو تھ جيڪو بلوچ اولھھ کان اڀرندي ڪناري اچي تھ کائنس ھٿيار کسيا وڃن. ڪارڻ اھو ٻڌايو ويو تھ ائين ڪرڻ سان اڀرندي ڪٺار سان آباد ڳوٺن کي بلوچن جي ڌاڙن کان بچائڻ آھي. اھا ڪارروائي ائين ھلي رھي ھئي ڄڻ تھ ڪو جنگ جو زمانو ھجي. اھڙا ڦريل ھٿيار فوجي سپاھين جي حوالي ڪيا ٿي ويا ۽ اھڙو سلسلو ھلندو رھيو. سنڌوءَ جي الھندي ۽ ڪٺار سان واقع سنڌين جي ڳوٺن کي بلوچ ڌاڙيلن جي ظلمن کان بچائڻ لاءِ سر چارلس انگريز سرڪار جي تابعدار ۽ آزاد قبيلن کي سختيءَ سان چيو تھ جيڪڏھن ڪو ماڻھو ھٿياربند ٿي اولھھ کان اوڀر سنڌو پار ڪيو تھ انھن سان لاڳاپيل سارن قبيلن جو ڄڻ ٻچو رلايو ويندو. جن ماڻھن الھندي ڪٺار سان واقع سنڌي ڳوٺن سان کئونس ڪئي تھ ھو انھيءَ جابلو علائقي ۾ بندوقن ۽ تلوارن سان داخل ٿيندو ۽ سندن ساريون وسنديون ويران ڪري ڇڏيندو.

اھا سر چارلس جون فقط ڳالھيون ڪونھ ھيون پر ائين ڪرڻ جا سندس اٽل ارادا بھ ھئا، ان جو ڪارڻ اھو ھو تھ سنڌوءَ جي الھنديءَ ڪٺار سان ويھھ ھزار ھٿياربند ڌاڙيل ھئا. پر سر چارلس سنڌين جي بچاءَ خاطر کين ھٿياربند ڪرڻ جي جرئت ڪري ڪونھ ٿي سگھيو. ڇاڪاڻ تھ انھيءَ علائقي ۾ بلوچ قبيلا پنھنجي پيٽ گذر لاءِ ڌاڙن ڦرين کان سواءِ تھ ٻي ڪا ڪرت ئي ڪانھ ڪندا ھئا. جڏھن ڪو بلوچ وڏو ٿيندو ھو تھ ھو جي مٽيءَ (زمين) سنڀالڻ بدران تلوار جو مٺيو سنڀاليندو ھو. تلوار جيترو بار کڻي سگھندڙ ننڍڙو ٻروچ ٻار بھ تلوار ۽ بندوق سنڀالي ڌاڙي جي ڌنڌي سان لڳي ويندو ھو. ھن جنرل جي اھا اڻ سڌي حڪمت عملي ڏاڍي ڪامياب ثابت ٿي ھئي. فتح کان اڳ ۽ فتح وارين جنگين دوران سنڌوءَ جي الھندي واري علائقي ۾ بلوچن رڻ ٻاري ڇڏيو ھو ۽ ڪيس قھر ڪري پنھنجي دھشت ڄمائي ڇڏي ھئي. پر ھن جي مذڪوره حڪمت عمليءَ ڪري اھڙن واقعن ۾ ٺاپر اچي وئي ھئي ۽ بلوچن جا ڌاڙيل بھ ماٺ ڪري چڪا ھئا ۽ امن آتشي واري برادري بڻجي ويا ھئا. ھن جو نتيجو اچرج جھڙو ھو. تنھن ڪري عام ماڻھن ھن نئين سرڪار کي خوشيءَ سان تسليم ڪرڻ شروع ڪري ڏنو ھو. پر ان سان گڏ انھن طاقت کان ڏڪندا بھ ھئا.

ان کان سواءِ ماڻھن آڏو انگريزن جو اڻ ڌريو انصاف بھ ھو، جنھن ڪري سڀئي طبقا متاثر ٿي ويا ھئا. انصاف جو ھڪ مثال اھو بھ آھي تھ ھڪ پارسي واپاري راھھ ويندي قتل ڪيو ويو ھو ۽ ٻھ ٻروچ ڌاڙيل سندس مال مڏي کڻي ھليا ويا ھئا. انگريز سرڪار جي ڪوشش سان پاڳيءَ سندن پيرا کڻي وڃي کين سوگھو ڪيو. ھنن ڌاڙيلن بيان ڏنو تھ ھنن پنھنجي قبيلي جي سردار جي حڪم سان ائين ڪيو آھي ۽ ڦريل سارو سامان بھ سندس گھر ۾ ھٿيڪو پيو آھي. قبيلي جي ماڻھن وڃي کانئس اھو سامان گھريو جيڪو کين ملي ويو. سڳ سردار جي گھران مليو ھو ۽ کيس مجرم ثابت ڪرڻ لاءِ اھا شاھدي ڪافي ھئي ۽ انھن ٽنھي کي ڦاسيءَ جي سزا ڏني وئي ھئي. سياسي معاملي ۾ اھڙي ڪڙي سزا ڪانھ ڏني وڃي ھا. پر سر چارلس پنھنجي اختيار ڪيل حڪمت عمليءَ ۾ دانشمندي کان ڪم ورتو ھو. کيس پتو ھو تھ اھي قبيلا کانئس ڊڄندا ۽ سمجھدا تھ ھي فاتح ڪنھن بھ مجرم کي ڪونھ بخشيندو. ھتان جي عام ماڻھن ھن قسم جي سزا کي ڏاڍو ساراھيو ھو ۽ پنھنجي راءِ جو اظھار ڪندي چيو ھو تھ، ”پادشا ڪنھن کي بھ بي ڏوھو ڪونھ ٿو ماري.“ انھيءَ واقعي کان پوءِ سر چارلس جيڏانھن بھ ويندو ھو تھ، ھن انصاف پسند پادشاھھ ڏسڻ لاءِ ماڻھن جا انبوھھ گڏ ٿي ويندا ھئا.

ھن قسم جي انصاف کان پوءِ سنڌين ۽ ٻروچن ۾ ڪي وھم ۽ وسوسا پکڙجي ويا. سنڌي ماڻھو سمجھڻ لڳا ھئا تھ اھو ميرن تي خدا جو ڏمر آھي، جو ھنن ڪلھوڙي حڪمران کي قتل ڪيو ھو پر انھيءَ وقت ممبئي واري ڌر چوڻ شروع ڪيو ھو تھ ڪلھوڙي حڪمران جي قتل کانپوءِ سنڌ ۾ پورن ڇھن سالن تائين مينھن ڪونھ وسيو ھو ۽ ڏيھھ ۾ ڏڪار ڀينگ ڪري ڇڏي ھئي. جڏھن سر چارلس نيپئر ميرن سان جنگيون شروع ڪيون تھ وڏ ڦڙن جا وسڪارا شروع ٿي ويا ھئا. چوڌاري مينھن موجون لائي ڇڏيون ھيون ۽ تل ۽ ترايون پلر جي پاڻيءَ سان تار ٿي ويون ھيون. اھڙا ميگھھ ملھار گذريل ڪيترن سالن کان ڪونھ ٿيا ھئا. ھن قسم جي بوندن جي بھاري کي ڪلھوڙن کان پوءِ واري ڏڪار سان ڀيٽايو ويو ھو. ان ڪري سنڌي ۽ ٻروچ سمجھي ويا ھئا تھ ٽالپر شاھيءَ جو چوڻو پاڻي ختم ٿي چڪو آھي ۽ ھاڻي قدرت انگريزن کي نوازي رھي آھي. اھڙي قسم جي وھمن ۽ وسوسن سان گڏ انگريزي فوج جي منظم قسم جي ھلت چلت، سندن ڪمانڊر جي نيڪ سرگرمين جا امٽ نشان، انصاف لاءِ سندس پيار، حقدارن کي ملڪيتن جو ملڻ، ماڻھن کي روزگار جي فراھمي، محصول جي گھڻو گھٽجي وڃڻ، ان ظلم ۽ ڏاڍ ڏمر جو ختم ٿي وڃڻ جيڪو ٽالپر حڪمرانيءَ سان گڏوگڏ ھلي رھيو ھو اھڙيون حقيقتون ھيون، جن ڪري عام ماڻھو انگريز سرڪار سان پيار ڪري رھيو ھو. سنڌ جي ماڻھن سر چارلس کي چار مھينا اڳ سنڌ ۾ ايندي ڏٺو ھو. ھي اڏول فوجي جنرل ھو جنھن کي ڪابھ روڪ روڪي ڪانھ ٿي سگھي، نھ ڪا رنڊڪ کيس رنڊائي ٿي سگھي. ھتان جا ماڻھو کيس ان وقت ئي سمجھي چڪا ھئا تھ ھيءُ فوجي جنرل قانون پسند ۽ امن پسند آھي ۽ ھيءُ اھڙو انسان آھي جيڪو سڀني جو مقدر کي ڦيري سگھي ٿو. ھو پنھنجي دوست ۽ دشمن کي ترقي ڪرڻ جا ھڪجھڙا موقعا فراھم ڪندو. تنھن ڪري انھن سڀني سندن انتظامي جوڙجڪ کي دل جي گھراين سان پسند ڪيو ھو ۽ سمجھي رھيا ھئا تھ سندن ڀاڳ ڀلا آھن.

اھا بھ حقيقت آھي تھ ھو فوجي ۽ مطلق الانسان حڪمران آھي. سندس اختيار وسيع آھن. پر ھو پنھنجي مزاج ۾ سخت ۽ پورالو ڪونھي ڪو. ھن انصاف کي قائم ڪرڻ جي مقصد سان جڏھن قانوني ضابطن جو اعلان ڪيو ھو تھ ھن ڏاڍي صبر ۽ تحمل جو اظھار ڪيو ھو. ان وقت ھن سنڌ جي عام رواجي قانوني ڍانچي کي بھ آڏو رکيو ھو، پر انگريزي قانون کي مٿاھون رکيو ويو ھو. اھڙي انصاف جو بنياد برابري ۽ ھڪ جھڙائيءَ واري اصول تي بيھياريو ويو ھو جيڪو عزت ڀريو اصول ھو. انصاف جي ان اصول ۾ نظرثاني ڪرڻ جي بھ شق رکيل ھئي. اھڙيءَ ريت سخت قسم جي معاملن کي ھو پاڻ نظرداريءَ ڪندو ھو. جڏھن ڪنھن کي ڦاھيءَ جي سزا ملندي ھئي تھ، سندس منظوري ۽ تصديق لازمي سمجھي ويندي ھئي.

ھو کيس مليل وسيع ۽ مستقل اختيارن کي بھ عام قاعدن جي ماتحت رکندو آھي. پر جڏھن سندن فتح کي تحفظ جي ضرورت ھوندي آھي تھ اھڙي خطري کي منھن ڏيڻ لاءِ پنھنجي غير معمولي اختيارن کي استعمال ڪندو آھي. اھڙي قسم جي قانون جو بنياد ٽن بلوچ قبيلن جي خاص مزاج کي ڏسي رکيو ويو آھي. ھن وڏن بلوچ قبائلي سردارن ۽ جاگيردارن کليءَ دل سان رعايتون ڪيون آھن. اھو يورپي سرداري مجاز کي نظرانداز ڪري ائين ڪيو ويو آھي ۽ انھن سردارن جي عزت ۽ احترام کي برقرار رکيو آھي. ان جو ڪارڻ اھو آھي تھ ھنن مھان بلوچن، سر چارلس نيپئر جي حڪم تي انگريز سرڪار جو وفادار ۽ تابعدار ٿيڻ قبوليو آھي.

اھڙيون ڳالھيون ھن محدود ڪري ڇڏيون ھيون انھيءَ لاءِ تھ جيئن ھيٺيئن طبقي جي ماڻھن کي ڪو نقصان نھ پھچي. ھن فقط وڏن ماڻھن کي خوش ڪرڻ واسطي فقط نالي وارو فرق ڪونھ رکيو ھو، پر بي شمار ڪمن ۾ ڪاسبين لاءِ پڻ سوچيو ويچاريو ھو. کيس اھا بھ پوري خبر ھئي تھ انسان احسان فراموش ھوندو آھي ۽ ڪنھن سان احسان ڪري وفادار ڪونھ رھي سگھندو آھي پر خوف ۽ خطرو اچي پاسو وٺندو آھي. تنھن ڪري سندس فولاد ھٿ گلابي رنگ جي داستانن اندر لڪل رھندو آھي. انھن سڀني ماڻھن کي ڄاڻ آھي تھ ھن سندن حياتين ۾ بخت کي خوف ۽ ڪمزوريءَ واري احساسن کان نھ پر سخاوت واري احساس کان بچائي ورتو آھي. سندس بيان آھي تھ ميرن تي اسان جي رعايتن جو ڪوبھ اثر ڪونھ ٿيندو ۽ اھي ڪڏھن بھ پنھنجون وحشي خواھشون ڇڏي ڪونھ سگھندا پر ٻن جنگين ڪري مٿن خوف ڇائنجي ويو آھي. تنھن ڪري امڪان آھي اھڙيون ڳالھيون ڇڏي ڏين. بلوچ سردارن ۽ جاگيردارن جي آڪڙ ۽ وڏائي فقط تڏھن گھٽائي سگھجي ٿي جڏھن ھو اسان جا مڪمل طور تي وفادار ۽ تابعدار ٿي ويندا. راڻيءَ جي تصوير پردي پٺيان لڪل آھي جنھن کي عام طرح ماڻھو ڏسي ڪونھ سگھندو آھي نھ وري ڪنھن اڙد اٽالي واري ماڻھوءَ جي مٿس نظر پئجي سگھندي. پر جيڪي ماڻھو سلاميءَ لاءِ ايندا آھن، تن  کي اھا تصوير ضرور ڏيکاري ويندي آھي ھاڻي تھ اھا رسم عام مقبول ٿي وئي آھي ۽ سلام لاءِ اچڻ وارو ھر ٽولو پاڻ چوندو آھي تھ پادشاه اعظم جي زيارت ڪرائي وڃي. ان ھوندي بھ ھتان جي ماڻھن کي اھو اعتبار ڪونھ ٿو اچي تھ ڪا عورت ايڏي وسيع حڪومت جو ڪاروبار ھلائي سگھندي ھوندي نھ رڳو اھو پر گورنر جنرل جي عھدي ۽ اختيارن کي بھ سمجھي ڪونھ سگھيا آھن. ان لاءِ فقط سمجھندا آھن تھ اھو ماڻھو سر چارلس نيپئر کان عھدي ۽ اختيار ۾ وڏو آھي. ھنن ماڻھن جو اھو بھ تصور آھي تھ اھو ماڻھو مشرق جي روايتن مطابق ٿوري وقت گذرڻ کانپوءِ سر چارلس کي قتل ڪري ڇڏيندو ۽ سندس دولت تي قبضو ڪري وٺندو، ليڪن ھنن کي اھڙو اعتبار ڪونھ ٿو اچي. ڇاڪاڻ تھ سر چارلس وڏو بھادر آھي ۽ ٻن جنگين ۾ سوڀارو ثابت ٿيو آھي ۽ سندس فوج بھ ھن سان ڏاڍي وفادار ھئي. انھيءَ ڪري سندس ادب ۽ احترام رکندا آھن ۽ کيس پنھنجو سردار سمجھندا آھن. ھڪ جھونڙي بلوچ سردار کي راڻي جي رتبي ۽ اختيارن جو ٻڌايو ويو تھ ھن جو اچرج کان وات ئي ٽٻڻو ٿي ويو ۽ چوڻ لڳو تھ صاحب ان راڻي مون کي مياڻيءَ واري جنگ جي ميدان شڪست تھ ڪانھ ڏني ھئي. بس، منھنجو بادشاه تھ تون آھين. ٻئي بلوچ سردار چيو تھ اھا راڻي ڪٿي رھندي آھي وغيره وغيره، پر ان کانپوءِ تون وڏو آھين. تنھن تي سر چارلس نيپئر کيس چيو تھ نھ، ھن کانپوءِ وڏو ھندستان جو گورنر جنرل آھي. ان کان پوءِ ھن پڇيو تھ اھو ڪٿي رھندو آھي؟ جنرل کيس وراڻيو تھ ”اھو ڪلڪتي ۾ رھندو آھي.“ بلوچ سردار وراڻيو تھ، ھائو مان ڪلڪتي جو نالو ٻڌو آھي. پر تون تھ حيدرآباد ۾ رھندو آھين. ھن وڌيڪ چيو: ”مون کي ھڪ ھڪ سوال جو جواب ڏيندين تھ ڇا تون مون کي قتل ڪري سگھين ٿو. جنرل نيپئر کيس وراڻيو: ”وڏيءَ خوشيءَ سان. پر جڏھن تون منھنجو فرمانبردار نھ رھندين.“ ان کانپوءِ ھن جواب ڏنو: ”بس اھو ڪافي آھي ۽ اوھان جو ٻانھون آھيان.“

ھي ماڻھو فوج جي انگريز ڪمانڊر کي ائين ڏسي رھيا آھن. جيئنءَ ھو ھر شيءِ جو مالڪ ھجي. پر سر چارلس وري لارڊ ايلنبرو کي وڏو سمجھي رھيو ھو. جيڪو ھندستان جي سرڪار جو مالڪ ۽ انگريز فوجين جو وڏو آھي ۽ سنڌ جي فاتح جو مٿس وڏو ويساه آھي. جنھن کان سڀ ننڍا وڏا ڪامورا ڊڄندا آھن. تنھن ڪري سڀ رعايتون ۽ سھوليتون ھن وٽان شروع ٿين ٿيون ۽ ان جو فضل ۽ ڪرم سڀني مٿان ڇانيل آھي. ھن  ماڻھوءَ جي عھدي تي مقرري بدنيتي، بي ايماني ۽ ڪمينائپ لاءِ ڄڻ تھ للڪار ھئي ۽ اڄ تائين اھڙين خرابين لاءِ للڪار بڻيل آھي. سر چارلس جي مقرري ڪائونسل وسيلي ٿي ھئي، جنھن ۾ ممبئي سرڪار جا ڪجھھ مستقل عملدار بھ شامل ھئا. ان کان سواءِ ڪجھھ ٻيون ڌريون بھ ھن ڪائونسل سان گڏ ھيون، جن جي ايسٽ انڊيا ڪمپني ۾ ڀائيواري ھئي ۽ وڏن منافعن جي اميد ڪيون ويٺيون ھيون. سنڌ جي فتح ۽ ان جي انگريز ھندستان سان شامل ٿي وڃڻ کان پوءِ انھن ڌرين وڏي منافعي جي توقع ھئي. ڇاڪاڻ تھ سنڌ تي حملي جو سارو خرچ انھن ڀريو ھو. پر اھي ماڻھو شخصي طور اھڙا خراب ھئا جھڙا سندن لڇڻ گندا ھئا. ڇاڪاڻ تھ ھنن بنا ڪنھن سوچ سمجھھ جي فيصلو ڪيو ھو. ھن آفيس ۾ ڪي سول عملدار بھ ھئا. سر چارلس خلاف الزامن کي ننديو ويو ھو،ھي فوجي جنرل ايترو معزز ۽ محترم آھي جو سندس عزت ۽ آبرو کي تسليم ڪرڻ کان سواءِ ٻيو رستو ڪونھ ھوندو آھي. ھن کان سواءِ ٻيو مان ۽ مرجاتا وارو رڄ چڱو مڙس مسٽر جان وارڊن John Warden آھي جيڪو سر چارلس کي عزت ۽ آبرو جي نظرن سان ڏسندو آھي.

ھنن ماڻھن سنڌ جي فوج ۽ راڄ کي ناڪام ڪرڻ لاءِ ويھن ئي ننھن جا زور لاتا ھئا ۽ لڳاتار جتن ۽ جاکوڙ ۾ لڳا رھيا تھ سر نيپئر کي بدنام ڪري مختلف قسمن جا الزام ھڻي، سندس حڪومت کي ڊانواڊول ڪجي. انگلينڊ ۽ ھندستان اخبارون ھن جنرل خلاف پروپئگنڊا ۾ لڳي ويون ھيون ۽ اثر رسوخ واري ڌر ڳجھھ ڳوھھ ۾ ساڳي ڪم ۾ رڌل ھئي. انھيءَ لاءِ تھ جيئن وڪٽوريا دور جي ھن مشھور فوجي جنرل تي من گھڙت الزام ھڻي، کيس بدنام ڪجي. اھڙن ماڻھن ۽ اخبار وارن جي ھمت افزائي پاڻ ڊائريڪٽرس ۽ بورڊ آف ڪائونسل ڪري رھي ھئي. ھي ٻئي ادارا گورنر جنرل لارڊ رپن Ripon جي ماتحت ڪم ڪري رھيا ھئا. ھن گورنر جنرل سر چارلس خلاف جيڪو اجايو اوڻو پير کنيو تنھن کي اڳتي ھلي وائکو ڪبو. ڇاڪاڻ تھ غلط ماڻھن کي عزت ڏيڻ، سٺن ماڻھن جو ڪم ڪونھ ھوندو آھي. ھن ماڻھو سر چارلس جي خوبين جي توھين ڪري پنھنجي اصلي حيثيت کي ھيٺ ڪيرائي ڇڏيو آھي.

لارڊ ايلبرو سنڌ جي حڪومت کي جولاءِ کان ڪلڪتي جي ڪائونسل جي سڌو ماتحت رکي، ممبئي جي ان ڌر کان آجو ڪري ڇڏيو آھي جيڪا پنھنجي ذاتي مفادن ڪري سنڌ جي معاملن ۾ ھروڀرو دخل ڏئي رھي ھئي. اتان جا سرڪاري ڪامورا جيڪي سنڌ ڏانھن اچڻ جي اميد ڪيون ويٺا آھن تن لاءِ پنھنجي طاقت استعمال ڪري بھ ھيڏانھن اچڻ جي سگھھ ڪانھ آھي نھ وري کين ھڪ نھ ٻئي طريقي سان سنڌ جي نوڪرين جي توقع رھي آھي. جنھن ڪري وڏي دولت ڪمائي سگھن ٿا، پر اھا ڳالھھ اتي ڪانھ ٿي کٽي. ھنن ماڻھن ڪن سياستدانن جا قلم خريد ڪري ڇڏيا آھن. جن جي آڌار تي سر چارلس جي ڪردار کي لوئي رھيا آھن ۽ چئي رھيا آھن تھ ھن سنڌ فتح ڪري ڪو وڏو ڪم ناھي ڪيو. سندن اھو بھ چوڻ آھي تھ ھن فتح حاصل نھ ڪئي، پر نيم مسلح ماڻھن کي ڪٺو آھي جن سندس ڪنھن بھ قسم جي مزاحمت ئي ڪانھ ڪئي ھئي. سندس اھو بھ چوڻ آھي تھ ساري سنڌ واريءَ جي ڀٽن کان سواءِ ڪجھھ بھ ڪانھ آھي. ڪن جو بيان آھي تھ ھن سنڌ کي فتح ڪري حضرت عيسيٰ عليھ السلام کي صليب تي چاڙھڻ جھڙو ڏوھھ آھي ۽ ھن بي گناھن جي وڏي قتل عام ڪري ڄڻ اسان جي توھين ڪئي آھي. بھتر آھي تھ اھو ملڪ ساڳين حڪمرانن کي موٽائي ڏنو وڃي.

جيڪڏھن ائين آھي تھ چارلس احمق آھي، جيڪو لاشن جي ڍيرن کي ڏسي ڏاڍو خوش ٿيندو آھي. ان کانسواءِ ھو بي دين، ضمادي ۽ بدمعاش شخص ھو ۽ ويلنگٽن Wellington جي شاندار دور تي ڪارنھن جو لينگھو ھو. جيڪڏھن ھو واقعي ائين ھو تھ پوءِ تھ ھن ۾ ڪو فوجي شان ئي ڪونھ ھو ۽ ھن فوجين جي ساري پورھئي تي پاڻي ڦيري ڇڏيو ھو. ھن وحشياڻي طريقي سان ميرن جي گھروارين کان سونا زيور کسي ڀڃي ڀور ڪري فوجي ورديءَ جي توھين ڪئي ھئي. سنڌ جي لذيذ پلي جي ثواد خاطر پنھنجي رھڻ جي جاءِ بھ تبديل ڪئي ھئي. ان کان سواءِ ھن جي چوڌاري خوشامدڙين  درٻارين جا ٽولا مڙي ويا ھئا. جيڪي سندس چاپلوسي ڪري ھن جي قائم ڪيل سنڌ سرڪار جي انتظام تي اڻ سڌيون چٿرون ڪندا ھئا. قديم دور کان وٺي ھندستان ۾ رھندڙ انگريزن جو خيال آھي تھ اھڙيون ڳالھيون نيٺ ناڪام ثابت ٿينديون آھن. اھو بھ چيو ويندو آھي تھ ھن مير علي مراد جھڙي غدار ماڻھوءَ کي اکين جو تارو بڻائي ڇڏيو ھو. ھو غدار انھيءَ ڪري سڏيو ويندو آھي، جو ھن انگريزن جي فوج کي مھاڏو ڪونھ ڏنو ھو. ھن مير، سر چارلس کي نھايت قيمتي سوغاتون ڏنيون ھيون. ان کان سواءِ سنڌ جي حڪمرانن جي ملڪ کي فتح ڪرڻ ۾ سندس مدد ڪئي ھئي.

ھن کان سواءِ ميجر آئوٽرام بھ ھڪ خطرناڪ اڳڪٿي ڪئي ھئي جيڪو انگريز سرڪار جو غير اھم پوليٽيڪل ايجنٽ ھو جنھن معلومات ڏني ھئي تھ، چاليھھ نوجوان ٽالپر آزاد آھن. جيڪڏھن اھي انھيءَ ريت آزاد ھوندا تھ انگريزن جي حڪمراني لاءِ خطرو ثابت ٿي سگھن ٿا. امڪان آھي ڏھن سالن جي لڳاتار گوريلا جنگ کان پوءِ ساريءَ سنڌ تي وري بھ ميرن جو راڄ قائم ٿي ويندو. سندس ڳالھيون چارڻ فقيرن جي اڳڪٿين کان وڌيڪ ڪونھ آھن جيڪي پنھنجي سوچ جو ھڪ بيھودو ڪردار پيش ڪندا آھن ۽ مصيبتن کي اجايو وڌائي پيش ڪندا آھن. پر وٽن اھڙا وسيلا ڪونھ ھوندا آھن، جو اھڙن اگرين مصيبتن مٿان غلبو حاصل ڪري سگھجي. ميجر آئوٽرام جي اڳڪٿين کي ھندستان ۽ ڪجھھ لنڊن جي اخبارن کنيو آھي. اخبارن جي ڳالھين مان اھڙي معلومات ضرور ملي ويندي تھ جر جي ان ڦوٽي ۾ ڪيتري حقيقت آھي. مذڪوره اخبارن ۾ نئين گورنر جي آڏو مصيبن ۽ سندس ڪوششن کي وڌائي گھٽائي پيش ڪيو ويو آھي جيڪو ھنن ماڻھن جي ٺڳيءَ جو ھڪ فن آھي. ھي اعليٰ ڪامورا شاھيءَ جي بي انتھا اختيارن جو ھڪ گڏو آھي ۽ سندن دليون ۽ دماغ بدنيتي ۾ ڪوڙ سان ڀريا پيا آھن. ڪجھھ ٿورا ماڻھو اھڙا بھ آھن، جن سر چارلس جي حڪومت جو صحيح پس منظر بيان ڪيو آھي. پر اھو بھ واضح طريقي سان پيش ڪيل نظر ڪونھ ٿو اچي. پر مجموعي طور تي سر چارلس نيپئر جي نھ عزت جو لحاظ رکيو ويو آھي نھ وري سندس قومپرستي جي جذبي جو قدر ڪيو ويو آھي.

گھڻا ماڻھو کڻي نھ پر ڪي ٿورا ماڻھو اھڙا بھ ھجن ھا جيڪي گارين جي ھن طوفان ۽ باھھ ۾ اچي سر چارلس جو طرف وٺن ھا. اعليٰ ڪامورا شاھيءَ جي بدنيتي ۽ دڙڪن دھمانن کي اچي منھن ڏين ھا. ھن مانڌاڻ ۽ ڌماچوڪڙيءَ واي وايو منڊل ۾ مختصر ماڻھو اچي، ھن جي قائم ڪيل سنڌ سرڪار جو تحفظ ڪن ھا تھ بھ چڱو. سر چارلس نيپئر جي شخصيت اھڙي طاقتور آھي جنھن تي غالب ٿيڻ مشڪل آھي. سندس اڏول شخصيت اھڙي ڏکئي ماحول ۾ ئي صحيح نموني مان پرکي سگھجي ٿو. ھن منجھيل معاملي کي منھن ڏيڻ سر نيپئر ٽن گورنمينٽس، جھڙوڪ ڪلڪتي سرڪار، بمبئي سرڪار ۽ ”بورڊ آف ڪنٽرول“ سان لکپڙھھ ڪرڻ شروع ڪري ڏني آھي. پوسٽ آفيس واري رابطي جي ٽٽي وڃڻ ڪري ۽ ٻين سببن ڪري رابطو ڪٽجي ويندو آھي ۽ پوءِ سوين خط اچي ھڪ وقت پھچندا آھن. سر چارلس دشمن خلاف ڪارواين ۾ مصروف ھوندو آھي تھ خطن جا ڍير بھ سندس سامھون رکيل ھوندا آھن. جڏھن ھو مير شير محمد خلاف سنڌوءَ جي ڇوڙ واري علائقي تي ڪاھي ويو ھو تھ کيس شڪست ڏئي اتان جي مظلوم ماڻھن جي گھائن تي وڃي پھا رکيا ھئائين ۽ نئين انتظاميھ جو وڃي بنياد رکيو ھئائين. جڏھن تھ نئين سياسي نظام جو مضبوط بنياد پڻ رکيو ھئائين. ھن علائقي ۾ کيس سخت گرميءَ وڏو جھٽڪو ڏنو ھو. ڊاڪٽرن کيس سنڌ ڇڏي وڃڻ جو مشورو ڏنو آھي. انھن کيس مشورو ڏنو تھ جيڪڏھن ھو زنده رھڻ چاھي ٿو تھ سنڌ ڇڏي وڃي. لارڊ ايلنبرو پنھنجي کليءَ دل جو اظھار ڪندي کيس چيو آھي تھ ھو سر چارلس جي صحتمند ٿيڻ تائين سنڌ سرڪار جو انتظام پاڻ اچي سنڀاليندو. ھتان جي گرمي 132 فارن ھائيٽ ڊگرين کان بھ مٿي آھي. ھو نھايت ڪمزور ٿي ويو آھي ۽ سرڪاري خطن جا جواب بھ سمھي پيو لکندو آھي. ٿڪ ۽ ڪمزوريءَ ڪري مرڻ ڪنڌيءَ تي اچي پھتو آھي. تڏھن بھ، ھي اٽل ارادي سان ان وقت تائين محنت ڪندو رھندو، جيستائين باغي ماڻھن جون جنگيون ختم نھ ٿيون ٿي وڃن ۽ جيستائين ھو نئين تھذيب جو مضبوط بنياد ناھي.

باب ٻيو

سر چارلس نيپئر سنڌ جي انتظاميھ جي سڀني شاخن جو جوڙجڪ ڪري ورتو ھو ۽ سماجي نظام ۾ بھ سڌارا آڻي ورتا ھئا. ھن وقت فقط کيس اھل عملدارن جي ضرورت ھئي. جيڪي فرمانبرداري ۽ ايمانداري سان سندس ماتحتي ۾ پنھنجو منصبي فرض ادا ڪري سگھن. ھتي موجود تھ سڀ ڪجھھ ھو، پر رھنمائي ڪانھ ھئي. ھتان جي زمين ۽ حالتن جو مطالعو ڪرڻو ھو. سول انتظام جي قيام واسطي ماڻھن جي چونڊ بلڪل مختصر ھئي. پر خوشقسمتي جي ڳالھھ اھا ھئي تھ سندس لشڪر ۾ ڪي اصل فوجي سپاھي ھئا، جن کي ھن سول انتطاميھ ۾ مقرر ڪيو. اھڙيءَ ريت سنڌ جي سول انتظاميھ جو قيام عمل ۾ اچي ويو. جنھن تي خرچ بھ گھٽ اچڻ لڳو ھو. پر منصبي فرض ڏاڍي سرگرمي سان سرانجام ٿي رھيو ھو. ڪم ۾ اھڙي ڦڙتي ۽ تيز رفتاري سول عملدارن ۾ ممڪن ڪانھ ھئي.

خرچ جي گھٽ ھجڻ جو فقط اندازو ڪونھ ھو. آئوٽرام جي پوليٽيڪل ايجنسيءَ کي ورھارو (ساليانو) سورھن ھزار رپيا خرچ ايندو ھو. جڏھن تھ سندس ماھوار خرچ ڪڏھن ڇھھ، ڪڏھن ڏھھ ۽ ڪڏھن وري ڏيڍ سو رپيا بھ ھوندو ھو پر آئوٽرام سرڪار کان سورھن ھزار رپيا وٺندو ھو. جيڪا تمام گھڻي رقم ھئي. ڪجھھ عملدار اتر سنڌ جي انتظام لاءِ ڪلڪتي طرفان موڪليا ويا ھئا، جن سان واعدو ڪيو ويو ھو تھ کين ڪم ڪار جي تڪڙي اڪلاءَ لاءِ ڪلارڪن جو وڏو اٽالو ڏنو ويندو. ھندستان ۾ ھن جو مطلب آھي اھڙن ماڻھن جي ھڪ ڊگھي قطار. اھڙن ڪلارڪن جي چونڊ کاتن جا سربراھھ پاڻ ڪندا ھئا. سر چارلس ڪلارڪن جي ايڏي وڏي تعداد مقرر ڪرڻ جي خلاف ھو. تنھن ڪري ھن پھريائين اھڙين مقررين کان ٺپ انڪار ڪري ڇڏيو ھو. گھڻي ڪم جي نتيجي ۾ ٻن عملدارن پنھنجي عملدار ڪئپٽن پوپ ڏانھن ھڪ بيزاري وارو خط لکيو ھو. اھڙيءَ ريت ڪئپٽن پوپ پاڻ بھ ٻڌايو تھ اھي ماڻھو سرڪاري ڪم ڏاڍيءَ بي دليءَ سان ڪندا ھئا ۽ ڪم ڪرڻ کان ونءُ ويندا ھئا. لارڊ ايلنبرو انھن عملدارن کي واپس گھرائي ورتو. سر چارلس انھن ٻن عملدارن جي جاءِ تي مسٽر رچرڊسن کي مقرر ڪيو آھي. سندس پگھار پنج سو رپيا ماھوار آھي. ٻن عملدارن جو سارو ڪم اھو ھڪ ڄڻو ڪندو آھي. پنھنجو منصبي فرض ڏاڍي تيز رفتاري سان ادا ڪندو آھي ۽ جن ٻن عملدارن جي جاءِ تي ھي پنجن سون رپين جي پگھار تي ڪم ڪندو آھي. سي ماھوار ٻن ھزار رپين کان بھ وڌيڪ پگھار وٺندا ھئا. سنڌ جو انتظام ھاڻي فوج جي حوالي آھي، جيڪا پنھنجي فوجي منصب سان گڏ سنڌ جي سول انتظاميھ جو ڪم بھ سنڀاليندي آھي. پوليٽيڪل ايجنسيءَ جي معاملن کي آئوٽرام نڌڻڪو ڪري ڇڏيو ھو. جنھن جو انتظام پڻ سڌاري بھتر ڪيو ويو آھي ۽ ھاڻي پنھنجي اصلي روپ ۾ ڪم ڪري رھي آھي. پر ھن ۾ ڪنھن ٻيءَ تبديليءَ آڻڻ کان سواءِ اڃا بھ وڌائي ۽ سڌاري سگھجي ٿو.

ھتان جو اکين سان ڏسڻ ۾ ايندڙ طاقت جو سرچشمو فقط گورنر آھي. جنھن جي چوڌاري سندس فوج گھيرو ڪيو ويٺي ھوندي آھي. ھنن فوجين کي اھا چڱيءَ ريت خبر آھي تھ ھنن سنڌ تلوار جي طاقت سان فتح ڪئي آھي. جنھن جو انتظام بھ تلوار جي زور سان رکي سگھجي ٿو. ليڪن انھن فوجين مان بھ ڪيترن کي باغي قبيلن کي ماٺ ڪرائڻ لاءِ جابلو علائقن ڏانھن موڪليو ويو آھي. ھنن ماڻھن کي بغاوت لاءِ انھن ٽالپرن اڀاريو آھي. جيڪي آزاديءَ سان ھيڏانھن ھوڏانھن ڦرندا وتندا آھن يا وري ھي اھي ماڻھو آھن، جن جي ڪار ڪرت ئي ڌاڙا ۽ ڦريون ڪرڻ ھوندو آھي. اھو بھ امڪان آھي تھ افغان ۽ سک ڪڏھن بھ حملو ڪري سگھن ٿا. ان ڪري فوج کي اھڙي انداز سان رکيو ويو آھي. جيئن ڪنھن امڪاني ھنگامي صورتحال منھن ڏئي سگھي. ان کان سواءِ ملڪي انتظام ۾ ڪنھن رخني وجھڻ کانسواءِ اندروني امن امان بھ برقرار رکڻو  آھي ۽ اھو بھ ڏسڻو آھي تھ ان فوج کي پنھنجي منصبي فرض کي بھ ڦڙتيءَ ۽ چالاڪيءَ سان نڀاھڻو آھي. ھن سان گڏ اھا بھ نظرداري ڪرڻي آھي تھ فوجي عام ماڻھن سان رابطا واسطا پيدا نھ ڪن. ڇاڪاڻ تھ عام ماڻھوءَ سان رلي ملي وڃڻ ڪري سندن خوف ۽ دھشت ختم ٿي ويندي، جيڪا فتح کان پوءِ قائم ٿي وئي آھي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org