سيڪشن: تاريخ

ڪتاب: سنڌ جي انتظامي تاريخ

باب:

صفحو: 24

جڏھن سنڌ جي انگريز فوج ھڪ جاءِ تي گڏ ٿي رھي ھئي تڏھن اتر ستلج واري علائقي ۾ فيروز شھر وٽ ٻنھي ڌرين وچ ۾ مقابلو ٿي ويو ھو، جيڪو نتيجھ خيز ثابت ڪونھ ٿيو ھو. ستلج جي انھيءَ ڪناري وٽان ٻنھي ڌرين جي طاقت جو مشاھدو ڪيو ويو ھو. جنھن پاسي انگريزن جي فوج بيٺي ھئي انھيءَ مقصد سان تھ اھو پتو لڳايو وڃي تھ ڪھڙي ڌر ڪيتري پاڻيءَ ۾ آھي. انھي زماني ۾ سو ھينري سمٿ کي فوج جو ھڪ مضبوط ڪالم حوالي ڪيو ويو ھو تھ جيئن رابطي واري رستي جي حفاظت ڪري سگھجي، پر لڌيانھ ڀرسان مٿس سکر فوج جي ھڪ حصي حملو ڪيو ھو. اھڙي صورتحال کي ڏسي گورنر جنرل سر چارلس کي بھاولپور ڏانھن وڌڻ جو اوچتو حڪم ڪيو ھو. کيس اھو بھ چيو ويو ھو تھ ھو اتان ٿيندو، اتر ستلج جي فوجي ڪئمپ ڏانھن وڌي. اھا فوجي پيش قدمي اھڙي سولي ڪانھ ھئي جنھن لاءِ ڪيترن ڏينھن لاءِ رھبر فوجي دستن جي ضرورت ھئي. تنھن ڪري ڪجھھ وقت ان فوج جي رفتار سست رھي ھا. ھتي بھ اٺ سوار فوج ڏاڍو ڪم آئي جيڪا ٽپال پھچائڻ وارن وھٽن جي رفتار سان اڳتي وڌي رھي ھئي. سر چارلس لاھور واري فوجي ڪئمپ وٽ 3  مارچ تي پھتو ھو. کيس اتي پھچي پتو پيو تھ سوبران واري محاذ تي انگريزن کي فتح نصيب ٿي آھي ۽ ٺاھھ جو ھڪ معاھدو تيار ٿي رھيو آھي ۽ ھن جيڪا وڏي جاکوڙ ۽ تيز رفتاريءَ سان پيش قدمي ڪئي سا بيڪار ثابت ٿي ھئي. جنھن سندس ذھن ۽ جسم تي خراب اثر ڪيو ھو. ڇاڪاڻ تھ فوجي سفر جا ڪشٽ ڪشالا پاڻيءَ ولوڙ ثابت ٿيا ھئا. کانئس شھرت، عزت ۽ فوج جي ھڪ آزاد ڪمانڊر واري حيثيت ھڪدم ۽ اوچتو کيس وئي ھئي. اھي سڀ ڳالھيون سندس بلند حوصلن جي بلڪل خلاف ھيون. ھن کي محسوس ٿيو ھو تھ جڏھن پنجاب چؤ کنڀو ٻڌو انگلينڊ جي پيرن ۾ پيل ھو تھ ان وقت ھن کي پنھنجي جوڙيل جنگي منصوبي مطابق وڙھڻ جو موقعو ڏنو وڃي ھا تھ مکيھ فوج کي جنگ ڪرڻ جي ضرورت ئي ڪانھ پوي ھا. ٻنھي ڌرين وچ ۾ ٿيل معاھدو ايندڙ جنگ جي تيارين ڪرڻ لاءِ ڪيو ويو ھو. جنھن کانپوءِ ھڪ مڪمل فتح جي مقصد لاءِ آخري جنگ وڙھڻي ھئي. گورنر جنرل ملڻ وقت ھن جي وڏي عزت ڪئي ھئي ۽ مھرباني جو معاھدو ڪيو ھو. ان کان سواءِ عام فوجين ھن کي مان ۽ مرجاتا ڏني ھئي. درٻار دوران پنجاب جي سک حڪمران سر چارلس جي ايتري وڏي عزت ڪئي، ڄڻ اھو ڪشمير جو راجا ھجي. اھڙين ڳالھين ۾ جنرل ڏاڍو خوش نصيب ثابت ٿيو ھو. بلوچ سردار بھ ھن لاءِ چوندا ھئا تھ سر چارلس ٻين عام ماڻھن کان قد ۾ ڏيڍ فوٽ کن وڏو آھي.

ھن لاءِ اھا فوجي پيش قدمي ڏاڍي ھاڃيڪار ثابت ھئي جنھن دوران ھندستان جي سخت گرميءَ ۾ پورا ارڙھن سو ميل لڳاتار سفر ڪيو ھو. ان کان پوءِ کيس واپس ڪراچيءَ پھچڻو ھو، جتي ھو اپريل ۾ پھتو ھو. ان وقت سندس صحت نھايت ڪري پئي ھئي.

ھي لاھور ۾ ئي ھو تھ کيس موسم جي شدت ۽ پيش قدميءَ جي تڪليفن جو احساس ٿي ويو ھو. ھن کي اھو بھ معلوم ٿي چڪو ھو تھ فوج کي بھ گرميءَ جي شدت ڪري گھڻي تڪليف آئي ھئي جو ان بھ پنجاب تي ماتحت فوج جي حيثيت ۾ پيش قدمي ڪئي ھئي ۽ ڏاڍا ڏچا ڏٺا ۽ سٺا ھئا. سندس ڪوشش ھئي تھ مکيھ فوج جي مدد کان سواءِ ھو اڪيلي سر پنجاب کي مڪمل طور فتح ڪري پئي سگھيو. پر کيس ائين ڪرڻ ڪونھ ڏنو ويو ھو. ھي ٺاھھ جي ڳالھين ٻولھين جو حامي تھ ھو، پر جيڪا عام قسم جي حڪمت عملي اختيار ڪئي وئي ھئي، تنھن جي بلڪل خلاف ھو. ھن پنجاب خلاف جنگين شروع ڪرڻ کان اڳ اعلان ڪيو ھو تھ ھندستان اندر برطانيھ جي شھنشاھت اڃا مڪمل ڪانھ ٿي آھي ۽ سنڌوءَ جو اتريون پاسو ان جي راڄ مان اڃان بھ کٽل آھي. پر حالتن ھن جنگ لاءِ مجبور ڪري وڌو آھي. اھڙي ريت پنجاب بھ ڄڻ تھ مطيح ٿي چڪو ھو. سندس مرضي ھئي تھ بنا ڪنھن رتو ڇاڻ جي فتح کي وڌيڪ مستحڪم ڪيو وڃي. سندس چوڻ ھو تھ دليپ سنگھھ حڪمران تھ آھي پر ھٿ جو گڏو آھي ۽ خفتي حڪمران گلاب سنگھھ آھي. اھڙي ريت سک حڪومت جو جوڙجڪ تھ ڪيو ويو آھي، پر ان کان پوءِ بھ جنگ ناگزير آھي. رت جون نديون وھي ھلنديون، وڏو قتل عام ٿيندو پر نتيجو پوءِ بھ ڀروسي جوڳو ڪونھ ھوندو. ان کان ايندڙ ٻن سالن ۾ ملتان، رام نگر، جليانوالا ۽ گجرات ۾ جنگيون لڳيون ۽ سر چارلس جي ڪيل اڳڪٿي سورھن آنا سچي ثابت ٿي ھئي.

اھو بھ يقين سان چئي سگھجي ٿو تھ اھا ھڪ تاريخي معرفت آھي تھ ھن جي منصوبھ بندي مطابق جيڪا فوجي مدد اتر ستلج پھتي ھئي تنھن کي قبول ئي ڪونھ ڪيو ويو ھو. اھو پڻ معلوم ٿيندو تھ سوبران جي فتح کان پوءِ ھن جنگ جو مستقبل اونداھو ھو ۽ ان کي وڏي فائدي واري جنگ ڪوٺيو پئي ويو. پر حقيقت ۾ اھو بدين ۽ بڇڙاين جو ڀريل ڪارنھن جو ڪنو ھو جنھن کي حقيقت جي ڪسوٽي سان جاچي پرکي ڏسڻو پوندو تھ، اھا جنگ عوامي فائدي ۾ آھي بھ يا نھ.

سر چارلس نيپئر پندرھن ھزار منظم فوج وٺي اڳتي وڌيو ھو. سندس اڌما ۽ اتساھھ اجھل ۽ حوصلا بلند ۽ ارادا اٽل ھئا ھن جنگ جي ايڏيءَ وڏيءَ تيارري مان بھ سندس شان ۽ شوڪت بکي ۽ رھيو ھو. جنھن کي اوڙي پاڙي جي قومن بھ سمجھي ورتو ھو. سندس عزت ۽ احترام بھ ان ماڻھو جيترو ڪيو پئي ويو جنھن سان ٽيھھ ھزار فوج ھئي. ھن جي فوجي سرگرمين لاءِ اختيار ڪيل رستو سياسي، فوجي ۽ حقيقي ھو. ڇاڪاڻ تھ سندس فوج مکيھ لشڪر جو اھو پاسو ھو. جڏھن ھو اڳتي وڌيو تھ پنھنجا پير پختا ڪندو آيو آھي. واپس وڃڻ لاءِ رستي ۾ ھن مضبوط قلعا فتح ڪري پنھنجي رابطي جي تسلسل کي يقيني بڻائي ڇڏيو ھو. ھن کان سواءِ ھن مٺڻ ڪوٽ کي تباھھ ڪري ۽ ملتان تي گھيرو ڪري پنھنجي ڌاڪ ڄمائي ڇڏي ھئي. اھڙيءَ ريت سنڌوءَ جي کاٻي پاسي وارن ماڻھن ھن سان ڳجھا رابطا ڪري ورتا ھئا. جن ھٿيار کڻي اتر ستلج ۾ ساڻس گڏجي جنگ ڪرڻ جو واعدو ڪيو ھو ھن جنھن انداز ۽ طريقي سان پنھنجي فوج کي آڻي روھڙي وٽ گڏ ڪيو ھو، تنھن کي ڏسي ملتان جي ديوان جا تھ ڍڍر ڍرا ٿي ويا ھئا. سندس روش ۽ ھلت چلت مان تھ ائين ڀاسجي رھيو ھو تھ انگريز سرڪار جي آڻ مڃي چڪو آھي. اھڙي ريت سکن جي حڪمرانيءَ جو ڏاکڻيون پاسو ڄڻ تھ پنگو ٿي چڪو ھو. ان کان سواءِ اوسي پاسي وارا ٻيا ماڻھو بھ کانئس متاثر ٿي چڪا ۽ ھن جي چوڻ تي جاسوسي ڪرڻ لاءِ تيار ھئا. تنھن ڪري کيس پڪ ٿي وئي ھئي تھ ھو لاھور تائين آرام سان پھچي ويندو ۽ رستي ۾ کيس ڪير بھ روڪي ڪونھ سگھندو، ڇاڪاڻ تھ ھن کان اڳ ملتان جو ديوان بھ جيڪو سکن کي امدادي فوج ڏيندو ھو،سو ھاڻي انھن لاءِ ڪنھن بھ ڪم جو نھ رھيو ھو. سندس چيل لفظ ھن ريت آھن تھ ”جيڪڏھن ڪو ماڻھو جنگ جي فن کان واقف آھي تھ فتح مقدر آھي ۽ سندس اھڙيءَ فوج کي تقدير ۽ تباھھ ڪري سگھي ٿي.“

اھڙيءَ اخلاقي مدد ۽ ھر قسم جي سھائتا کي ڪتب نھ آڻڻ ڪا عقلمنديءَ جي ڳالھھ ڪانھ ھئي. ھن جنرل کي ان ملڪ ۽ اھڙن ماڻھن مان ڏئي ھتي سڏايو ويو ھو، جنھن ملڪ جي کيس ساڃھھ ھئي ۽ ماڻھوءَ بھ کيس چڱيءَ ريت سڃاڻندا ھئا. سندن سڏڻ تھ ان ملڪ ۾ ھليو آيو جنھن کان ھو واقف ڪونھ ھو. نھ وري ھتان جا ماڻھو کانئس واقف ھئا. پر پوءِبھ سر چارلس کي ھڪ فوجي جھونجھار بدران شيطان سمجھيو ويو ھو. جڏھن صورتحال نازڪ ھئي تھ ھن کي واھر ڪرڻ لاءِ سڏيو ويو ھو. ۽ ملڪ بھ ھن لاءِ اوپرو ۽ اڻ سونھون ھو. ان کي سڏائڻ جو آخر مقصد ڇا ھو؟ ڪائونسل ۾ ھڪ ماڻھوءَ جي اضافي ڪرڻ لاءِ، جڏھن تھ ڪائونسل ۾ ميمبرن جي موجودگي ڪا گھٽ بھ ڪانھ ھئي. ليڪن ان ۾ ھڪ نئين جوڙجڪ جي ضرورت ضرور ھئي. پر ھن کان ڪائونسل جو ھر ميمبر ساڙ ۾ پيو سڙندو ۽ پڄرندو ھو. ھو ھندستان سرڪار ۽ ممبئي حڪومت جي پيداواري وسيلن کان بي خبر ھو. کيس جيڪا بھ صلاح ڏيڻي ھوندي ھئي، تڙ تڪڙ ۾ ڏئي وٺندو ھو. پر ڪنھن ڪم جو عملي مظاھرو ڪونھ ڪندو ھو. ان کان سواءِ ھن جي ساري فوج کي جنگي سرگرمين کان ٻاھر رکڻ لاءِ ان کي بھاولپور موڪليو ويو ھو. جتي ان فوج کي پنگلو يا مفلوج ڪري رکيو ويو ھو، جنھن سان ڪنھن بھ قسم جو واسطو ۽ رابطو ڪونھ ڪيو ويو ھو. ان کان سواءِ سڌو رابطي جو ڪم بھ ڪونھ ٿي ورتو ويو. ھن صورتحال ۾ معلوم ائين ٿي رھيو ھو تھ دشمن کي سنڌ تي حملي لاءِ ڄڻ دعوت ڏني وئي ھئي. جنھن جو مکيھ فوج تي ڏاڍو خراب اثر پوي ھا. اھا ڪا اتفاقي ڳالھھ ڪانھ ھئي. بعد ۾ اھڙيءَ حقيقت جو پتو پيو تھ ائين ڪري ھندستان ۽ ممبئي سرڪار سکن ۽ سنڌ تي حملي ڪرڻ جو ڄاڻي ٻجھي موقعو فراھم ڪري رھي ھئي تھ حملي جي ردعمل طور سنڌ تي حملو شروع ڪري ڏئي. پر سوبران جي محاذ کان پوءِ ٺاھھ جي معاھدي طئي ٿيڻ ۾ دير ٿي وئي ھئي. تنھن ڪري سک فوج سنڌ تي حملو ڪري ڪانھ سگھي ھئي. مطلب تھ ھن ساري ڀونا ميل جو مول مقصد اھو ھو تھ ٽئي جنرل پاڻ ۾ ويھي سکن خلاف ننگي جارحيت جو ھڪ منصوبو جوڙي سگھن جنھن جھڙو بي مثال ۽ خطرناڪ منصوبو ڪڏھن ماڻھن ٻڌو ئي ڪونھ ھوندو. نھ ان فوجي مھم تي تنقيد ڪئي وئي، نھ وري سندس تجزيو ئي ڪيو ويو ھو. ھن مان معلوم ائين ٿي رھيو ھو تھ ڪنھن ٻئي جنگي منصوبي جي تياري ڪئي ويندي جنھن ۾ رتوڇاڻ گھٽ ھوندي. اھڙي ريت سر چارلس نيپئر ۽ سندس فوج کي جنگي سرگرمين واري ميدان مان تھھ وانگي تاري، ٻاھر ڪڍي ڇڏڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ھئي.

ٻن سالن کان وٺي پنجاب خلاف جنگ ڪرڻ جا سانباھا ٿي رھيا ھئا. گورنر جنرل بھ اھڙي حڪمت عملي اختيار ڪئي ھئي. کوءِ جنگ ٻن جھيڙو، پر جيئن پوءِ تيئن وايو منڊل ويو ٿي ڳنڀير ٿيندو ۽ سمجھيو پئي ويو تھ اھو ڳيڙ ضرور ڳچيءَ ۾ پوندو. تنھن ڪري جھڙي جون ھوريان ھوريان تياريون بھ ھلي رھيون ھيون. يا ائين کڻي چئجي تھ جڏھن تياريون ٿي ويون ھيون تھ اھڙا اڌما ۽ اتساھھ بھ وڌي رھيا ھئا تھ خدا ڪري تھ جنگ لڳي. اھڙن نتيجن کان انڪار ڪرڻ بھ شعوري طور ممڪن ڪونھ ھو. محسوس ائين ٿي رھيو ھو تھ جنگ کان ڪيڏو بھ پاسو ڪيو وڃي ھا، پر جنگ اڻ ٽر ھئي. پر فوج وٽ اھڙا وسيلا موجود ڪونھ ھئا جن کي ڏسي ڏيل کي ڏڍ ملندو آھي، من وڌي ويندو آھي ۽ اڌما ڇينگ چڙھي ويندا آھن. ڪارڻ بھ اھڙا بڻجي رھيا ھئا. جو منڍ کان ئي ائين ڀاسجي رھيو ھو تھ اڳتي ھلي مانڌاڻ ڪو ضرور مچندو. اھو بھ سمجھيو پئي ويو تھ جيڪڏھن فوج سگھاري ھوندي تھ جھيڙي کي مڙسي سان منھن ڏئي سگھبو. وقت بھ جنگ لاءِ تياري ڪرڻ جو اھڃاڻ ڏئي رھيو ھو. ھاڻي باقي ٻن ڌرين وچ ۾ معاھدي لاءِ ڳالھين ھلڻ جو آسرو ھو. جنھن وسيلي جھيڙي جو امڪان ٽري سگھيو ٿي. ھي دور بھ اھڙو ھو جو جنگ جي تيارين سان گڏ امن جون ڪوششون بھ گڏ ھلي رھيون ھيون. جنرلن جي بھ مرضي اھا ھئي تھ ڳالھين بھاني ڪجھھ وقت ملي وڃي جنھن دوران فوجي رابطو بحال ٿي وڃي. ڇاڪاڻ تھ فوج کي سوبران واري محاذ کان وڌيڪ رابطي جي ضرورت ھئي. اھو بھ سوچيو ويو ھو تھ حملو اھڙو طاقتور ڪيو وڃي جيڪو اڪيلو ئي فتح لاءِ ڪافي ھجي، پر ان بدران پنج حملا نھ ڪجن.

لاھور سکن جي جنگي سرگرمين جو اھم مرڪز ھو تنھن ڪري انگريزن جي فوج تي حملي ڪرڻ لاءِ ھن واسطي ڪيترائي رستا کليل ھئا. اھڙو پھريون رستو فيروزپور يا ھري ڪي پتڻ وٽان ستلج اڪري حملو ڪرڻ ھو، جيڪو ھنن پوءِ استعمال بھ ڪيو ھو.

ٻيو رستو بياس اڪري ۽ لڌيانا وٽان اتر ستلج پار ڪري حملو ڪرڻ ھو. ھنن عليوال واري حملي دوران بھ ائين ڪيو ھو. جنھن ۾ ھنن شڪست کاڌي ھئي.

ٽيون رستو فيروزپور ھيٺان ستلج پار ڪري دھلي تي حملو ڪرڻ ھو.

پھرين ٻن حالتن ۾ سک فوج ھڪ وڏي لشڪر جي صورت ۾ اڳتي وڌي ھا ۽ سندن گھوڙيسوار فوجي ٽولا دھلي تائين ساري علائقي کي ڦري لٽي ڀينگ ڪري ڇڏين ھا. پر ھنن لاءِ ڏچو اھو ھو تھ انگريزن جي فوج، جيڪا ھڪ وڏي پربت جي شڪل ۾ سندن رستو روڪيون بيٺي ھئي. جنھن جي ھن وقت حيثيت بچاءَ واري ھئي. پر پوءِ بھ ھنن ٽنھي رستن سان دشمن جي واين ولڙين ڪرڻ جيتري منجھس سگھھ ھئي. دشمن تي اھڙن حملن ڪرڻ ڪري سندن فوجي جوڙجڪ بھ لڏي ڪونھ ويندي. ھنن جي فوج جي ترتيب اھڙي رکيل آھي جو سکن جي اڳتي وڌڻ کان اڳ ئي مٿن حملن جي ابتدا بھ ڪري سگھن ٿا. ايئن ڪرڻ لاءِ انگريزن کي فيروز پور کي پنھنجي جنگي سرگرمين جو مرڪز نھ بڻائڻو پوندو، جتي سندن ساري فوج اچي گڏ ٿي آھي. پر کين ھن ماڳ کي وسيلن جي مرڪز طور مضبوط بڻائڻو پوندو. اھڙيءَ ريت ھو مرڪز کاڌي پيتي ۽ فوجي سامان جي ھڪ وڏي ڊيپوءَ طور ڪم ڪندو. ان مقصد کي ڏسي ستلج تي ٻيڙ:ن جي پل بھ ٺاھڻي پوندي. ساڳيءَ ريت ھتي فوج ڪئمپ اندر خندقون جوڙڻيون پونديون، جتي اھڙي فوج رکي وڃي جيڪا ھر وقت ھر قسم جي ھٿيارن سان گڏ جاڏي بھ چاھي سولائيءَ سان چرپر ڪري سگھي. تڪڙي ۽ ترت چرپر واريءَ ھن فوج جو تعداد ڏھن ھزارن سگھارن متارن فوجين تي مشتمل ھئڻ کپي ۽ انھن کي پنھنجي سرگرمين ۾ آزاد ڇڏيو وڃي.

ائين ٿيڻ ڪري فوج کي ستلج جو کاٻو ڪنارو ڏئي فيروز پور کان ھيٺ وڃڻ جي ڏچي کان بڇائي سگھجي ٿو. جيڪا ترت چرپر ڪندڙ فوج کي ائين ڪري مدد ڪري سگھي ٿي ۽ عملي طور ائين ڪيو بھ ويو ھو. يقين سان چئي سگھجي ٿو تھ اھا غير فوجي پيش قدمي ھوندي. ڇاڪاڻ تھ ھي درياه انگريزن جي فوج جو بچاءُ ڪري ڪونھ ٿو سگھي. انھيءَ ڪري جي درياه جي ٻئي پار اڪرڻ لاءِ گھڻائي پتڻ موجود ھئا. اھڙيءَ ريت دشمن فوج بھ فوجي سرگرمين دوران ھنن پتڻن کي استعمال ڪندي آھي ۽ انگريزن جي فوج بھ ھن رستي سان پيش قدمي ڪري رھي ھئي، پر اھڙيءَ فوجي چرپر ھڪ چالاڪ دشمن جي اکين جي سامھون ممڪن ڪانھ ھئي، جيڪو درياه جي ٻئي ڪناري سان ويٺو ھو. ھن وقت تائين سک جنرل ڪابھ فوجي ڏات ۽ سچيتائي ڪانھ ڏيکاري ھئي، نھ تھ ھو پنھنجي فوج جي ھڪ پاسي کي فوجي جو حڪم ڏئي ھا، جيڪا مريدڪي ۽ فيروز پور وارن جنگي محاذن تي فوجي مظاھرو ڪري ھا. پر ھو ائين ڪري سمٿ واري فوج کي ڀڄائي ڪڍي ڇڏي ھا جيڪا رابطي واري رستي کي سنڀاليو بيٺي ھئي. ھن وقت فيروز پور ھڪ اھم فوجي ماڳ آھي، پر ضرورت کي منھن ڏيڻ لاءِ ان کي ڇڏي لڌيانھ ۽ سرھند کي مرڪز بڻائڻو ھو ۽ دھلي سان ترت رابطي لاءِ امبالا کي ثانوي اھم حيثيت ڏيڻي ھئي. فوج جي اھڙي ترتيب مطابق گھوڙيسوارن فوج کي انھن مختلف پاسن کي محفوظ ڪرڻو ھو، جيڪي سک فوج جي اوچتي حملي جي ضد ۾ ھئا. اھڙي فوجي سرگرمين واسطي ستبلج تي ھڪ مستقل پل ۽ ٻي ٻيڙين جي پل تعمير ڪئي وئي ھئي. ان کان پوءِ سک درٻار کي اطلاع ڏنو ويو ھو تھ جيڪڏھن پنجاب جي فوج پيش قدمي ڪئي يا جنگي تياري ڪئي تھ سمجھيو ويندو تھ اھا جنگ جون تياريون ڪري رھي آھي. اھا ڳالھھ ٻڌي سک حڪمران ڊڄي ۽ ڇرڪي ويو ھو.

اھڙيءَ ريت جنگي تياريون ھڪ واضح حڪمت عمليءَ مطابق ڪيون ويون ھيون جنھن لاءِ ھڪ منظم ۽ طاقتور فوج بھ موجود ھئي. جڏھن سکن پنھجون جنگي تياريون مڪمل ڪيون، پنھنجي فوج کي پگھارون ۽ ھٿيار پنھوار ڏنا ۽ جوتشين کي گھرائي جنگ جي ابتدا ڪرڻ لاءِ سڳوريءَ گھڙيءَ جو پڇيو تھ انگريز جنرل بھ ستلج تي مستقل پل جوڙائي ورتي ھئي ۽ ان درياه جي کاٻي ڪناري وٺڻ بدران پل اڪري اڳتي وڌي وڃي بيا جي ڪناري سان منزل ڪئي ھئي ۽ ان منزل کان ٿورو اتر ۾ ٻيڙين جي پل ٺھرائي ھئي ۽ فوج جي بچاءَ لاءِ ھڪ قلعبند تعمير بھ ڪرائي ھئي اھڙيءَ فوجي سرگرميءَ ڪري سک فوج جي پيرن ۾ ڄڻ پئد پئجي ويا ھئا جيڪا چرڻ کان چڪتو ٿي وئي ھئي ۽ ڳالھين لاءِ ھٿ ڪپڙي ۾ سڪ ھئي. کين لاءِ انگريزن جي ھر شرط مڃڻ کان سواءِ ڪو ٻيو گس بھ ڪونھ بچيو ھو.

معلوم ائين ٿي رھيو ھو تھ ائين ڪرڻ ڪري انگريز فوج ھڪ مضبوط فوجي حيثيت حاصل ڪري ورتي ھئي ۽ ڳالھين جي ناڪام ٿيڻ جي صورت ۾، ھن فوج جي مرضي ھئي تھ اڳرائي ڪري يا بچاءَ واري حيثيت حاصل ڪري يا ائين کڻي چئجي تھ انگريز فوج ٻھ اھم گھٽ والاري ورتا ھئا. جيڪڏھن سک فوج ستلح ۽ بياس واري سنگم ھيٺان درياھھ ٽپندي تھ ان جي سامھون فيروز پور واري انگريزي فوج موجود ھوندي. پر جيڪڏھن سندس مکيھ فوج بياس اڪري انگريزن جي پاسي واري فوج تي حملو ڪندي تھ انگريزي فوج ٻيڙين واري پل تان اڪري، سک فوج جو لاھور سان رابطو ڪٽي وٺندي. جيڪڏھن سک فوج پاڻ کي بياس جي ڪناري سان مضبوط ڪندي تھ ان جي مکيھ فوج تي حملو ڪرڻ سولو ٿي پوندو. ان صورت ۾ فيروز پور واري انگريرزي فوج ستلح پل ۽ ھري ڪي پتڻ وسيلي پار اڪري دشمن جي پاسي واري فوج تي حملو ڪري سگھندي. پر جيڪڏھن اھا ايرارس جي پتڻ کان پار ڪندي تھ بياس جي ڪناري سان بيٺل بچاءَ واري انگريزي فوج جي وڏي مدد ڪري سگھندي.

انگريزن جي ھن قسم جي فوجي حڪمت عمليءَ ڪري سکن جي پيرن ھيٺان ڄڻ زمين تي کسڪي وئي ھئي. ھنن لاءِ فيروزپور يا بياس واري انگريزي فوجن تي حملا ڪرڻ رڪ جي چڻن چٻڻ کان گھٽ ڪونھ ھئا. تنھن ڪري ھنن انگريزن جي فوج تي اڳرائي ڪرڻ بدران فوجي ڪئمپ اندر خندقون جوڙي ويھي رھي ھئي ۽ بچاءَ واري جنگ لاءِ تيار ھئي. اھڙيءَ ريت سر چارلس جي فوج ملتان کان مٿي وڌي، سک فوج جي پاسي ۽ دمبالي ڏانھن اچي رھي ھئي. سک جنرل جي ارادي مان محسوس ٿي رھيو ھو تھ پنھنجي فوج کي خندقن ۾ ويھاري لاھور ۽ امرتسر جو بچاءُ ڪري رھيو ھو. ان وقت انگريزن جي فوج بياس وٽ ۽ امدادي فوج فيروز پور ۾ موجود ھيون جيڪي ساڳئي وقت ستلج ۽ بياس کي پار ڪري رھيون ھيون. ڇاڪاڻ تھ انھن فوجن جي اڪرڻ لاءِ پليون ۽ دريائي پتڻ موجود ھئا. جڏھن ھنن ٻنھي فرض سان سر چارلس وارو لشڪر اچي ملندو تھ اھو گڏيل لشڪر بھ رڳو پنجاب راڄڌاني لاھور فتح ڪري سگھندو، پر سارو پنجاب تي قبضو ڪري سگھندو. ان وقت ھيءَ فوج چناب ۽ جھلم جي ڪنارن تائين وڃي پھچندي.

پر جيڪڏھن انگريزي فوج ھن جنگ ۾ سوڀاري نھ بھ ٿي تھ، ان جي پوئتي ھٽڻ وارا ستلج ۽ بياس وارا رستا بلڪل صاف ۽ محفوظ آھن. جيڪڏھن انگريز فوج کي ڌڪي پوئتي ھٽايو ويو تھ اھا پوئتي ھلي فيروز پور ۾ ترسندي. جڏھن تھ مکيھ فوج پوئتي وڃي اتر ستلج کان ٿورو پوئتي ھٽي وڃي منزل ڪندي. سک فوج فتح کان پوءِ انگريز لشڪر جي ڪڍ ڌوڪي ڪاھي ڪانھ پوندي ڇاڪاڻ تھ سر چارلس جي فوج کيس ڪرڻ ڪانھ ڇڏيندي. ھيءُ ھڪ تصوراتي قسم جو جنگي نقشو آھي. جنھن کي ھتي ڇڏي وري سنڌ جي انتظاميھ واري موضوع ڏانھن موٽون ٿا. اھو فقط جنگ جو ميدان ڪونھ ھوندو آھي. جتي اعلى فوجي عملدار کي جرئت ۽ بھادري جو مظاھرو ڪرڻو ھوندو آھي.

سر چارلس ڪراچيءَ ۾ بيمار ٿي پيو ھو، پر ھن انھن ماڻھن کي ويڳاڻو ڇڏي ڪونھ ڏنو ھو، جيڪي ھن کي پنھنجو زندگيون ارپي چڪا ھئا. ھن اک وٽائي اھو ڪونھ ڏٺو ھو تھ ھو پاڻ اگھو ۽ اھنجو آھي. کيس اعزاز ڏيڻ لاءِ بھ سرڪار تيار نھ آھي ۽ ھن کي نفرت وارين نظرن سان ڏٺو پيو وڃي. ھو سمجھندو ھو تھ ھن عوام لاءِ منصبي فرض سرانجام ڏنو آھي ۽ عظمت حاصل ڪئي آھي. تنھن ڪري ھن ھميشه پنھنجي عزت نفس ۽ وقار کي ڏٺو. سندس چوڻ آھي تھ ”جيڪڏھن سرڪار مون کي ڪنھن اعزاز سان نھ نوازيو آھي تھ مون کي ان جي ڪنھن بھ قسم جي پرواھھ ڪانھ آھي ۽ سرڪار جون اھڙيون ڪڌيون ڳالھيون مختلف نمونن ۾ ڏسجي رھيون آھن. منھنجي ان ماتحت عملي کي بھ اعزاز ڪونھ مليو آھي. جيڪو بلوچستان واري فوجي مھم ۾ مون سان گڏ ھو. جيڪڏھن منھنجي بدران ڪو ٻيو جنرل ائين ڪري ھا تھ سرڪار جون نوازشون ۽ اعزاز مينھن وانگي وسن ھا. مان اھڙن ڏکن ڏوجھرن جو بدلو وٺڻ بھ ڪونھ ٿيو چاھيان. مان اھو بھ ڪونھ ٿو چاھيان تھ بي انصافيءَ خلاف ڪيل شڪايتن جو مون کي جواب ملڻ کپي. جيتري قدر اعزاز جو سوال آھي تھ اھو چاھي ملي يا نھ ملي، پر مان پنھنجو فرض ادا ڪندو رھندس. مان فقط ايترو چوندس تھ جن ماڻھن کي اعزاز مليا آھن تن ڪڏھن بھ فوجي ڪمان ڪانھ سنڀالي ھئي. ھارڊنج ۽ گوف منھنجا اعلى ۽ ڪرنل سمٿ منھنجو ماتحت آھي. اھا اھم ڳالھھ آھي تھ کيس بئرونيٽ بڻايو ويو آھي. ائين ڇو ٿيو آھي تنھن جي مون کي ڪنھن بھ قسم جي پرواھھ ڪانھ آھي. مان عزت ۽ صحيح ھجڻ جي ناتي ڪم ڪيو آھي ۽ ڪندو رھندس. ڇاڪاڻ تھ مان ھميشه ڪم سان پيار ڪيو آھي. جيڪڏھن سرڪار جي وزيرن کي ھن قسم جو صحيح احساس آھي تھ اھو منھنجو قصور نھ آھي.“

اچرج جھڙي ڳالھھ اھا بھ آھي تھ جڏھن سرڪار جو ھن ڏانھن رويو سٺو ڪونھ ھو تڏھن تھ سنڌ جي ھر ترقيءَ واري ڳالھھ کي پڻ روڪيو ويو ھو. ھن ملڪ سان اھا ويڌن تيستائين ھلندي رھي جيستائين ھو سنڌ ۾ رھيو. معلوم ائين ٿي رھيو آھي تھ کيس اڻ کٽ روحاني سگھھ آھي. تنھن ڪري ھو جھڪڻ وارو ڪونھ آھي ۽ سٺائيءَ لاءِ تار کي بھ تانگھو سمجھي اڪري ويندو آھي. سنڌ جي فتح جي پھرين ٽن سالن دوران ھن مياڻي ۾ دٻي جي جنگين جي اثر، مھامري، ڏڪار، ماڪڙ جي تباھي، سنڌو جي چاڙھھ سبب پاڻيءَ جي مچايل تباھيءَ، ڌاڙيلن جي حملن، ممبيءَ واريءَ ڌر جو آزار ۽ ڪورٽ آف ڊائريڪٽرس جو مٿس ڏاڍ رھيو، جنھن سندس قائم ڪيل انتظاميھ کي اڳتي ھلڻ ڪونھ ڏنو ھو. چوٿين سال جي ابتدا ۾ کيس پنھنجي فوج وٺي موٽي وڃڻ جو حڪم مليو ھو، جنھن ڪري مٿس ۽ سندس ماتحت فوجي عملدارن تي ڏاڍو اثر ٿيو ھو، پر اچرج جي ڳالھھ اھا آھي تھ ھن ان جنگ لاءِ تڪليف ۽ مشڪلاتن ھوندي بھ پنھنجي فوج کي منظم ڪيو ھو. پر کيس ان وقت واپس ڪيو ويو جڏھن سندس بھادر فوج دشمن سان ميدان ڪرڻ واري ھئي ۽ ھن کي پنھنجي جرئت ۽ حوصلي جو داد ملڻو ھو.

پر اڃا بھ ھڪ وڏي آپدا سندس تاڙ ۽ گھاڙ ۾ گھٽ جھليو بيٺي ھئي. انھيءَ سال ڪراچيءَ ۾ ڪالرا جو ڪاريھر نانگ نڪرري نروار ٿيو ھو. جون جو مھينو ھو. چوڏس ڏھڪاءُ پکڙيل ويو ھو. مئي مھيني ۾ اھا اگري بيماري ڏيھي ماڻھن ۾ پئي، جيڪا جون ڌاران اچي فوج ۾ پئي. 14 جون تائين سڀئي ماڻھو واسجي ويا. يورپي ۽ غير يورپي ماڻھو وٺجي ويا. جنھن بھ ماڻھوءَ بسترو ورتو تنھن جيئڻ جو آسرو کنيو. سڀ ماڻھو ھراسجي ويا. بورچي ۽ ڪاسائي وٺي ڀڳا. جن کي نھ ماني ڳڀو مليو، نھ پاڻي ڍڪ نصيب ٿيو، نھ دوا نھ دارون. مٿي ڇانو لاءِ ڪو وڻ ٻوٽو بھ ڪونھ ھو. جون جو مھينو، سج نيزي پاند ۽ ھيٺان ڌرتي ٽامون. جاڏي نھار تاڏي لاشن جا سٿا لڳيا پيا ھئا. سارا پٽ پڌر ۽ جھنگ جھر ماڻھن جا مڙھھ ھئا، ڌرتي تھ ڏسڻ ۾ ئي ڪانھ ٿي آئي.

فوجين جي ڊوڙ ڊڪ اسپتالن ڏي لڳي پئي ھئي. ھنن مان ڪي تھ چريا ٿي پيا ھئا. رسد گاھھ جا ماڻھو جڏھن گاڏين تي شراب کڻي ايندا ھئا تھ ماڻھو اھو ڦري لٽي کڻي ھليا ويندا ھئا. ڇاڪاڻ تھ سمجھيو ويندو ھو تھ ان بيماريءَ جو اھو ئي واحد علاج آھي. ماڻھو اکين آڏو موت ڏسي پنھنجا ھوش حواس وڃائي چڪا ھئا. ھي اھو زمانو ھو جو جنرل سر چارلس ۽ سندس ماتحت عملو اچي ڪراچي پھتو ھو، جنھن ڏٺو تھ ساري ڳالھھ ئي الٽ لڳي پئي آھي ۽ انتظام جو تھ ٽڀو ئي اونڌو لڳو پيو ھو. ھن نيون ھدايتون ۽ حڪم جاري ڪيا. ماڻھن کي دم دلاسو ۽ آٿت ڏنو. فوج بھ ھيانءُ ھاري ويٺي ھئي. انھن کي ڏڍ ڏيڻ لاءِ جنرل پاڻ کي ڄڻ تھ ارپي ڇڏيو ھو. اسپتالن جو عملو شراب جو عادي بڻجي ويو ھو. ھو بيمارن کي پاڻ دوائون پياريندو ھو.  مرندڙن کي پاڻ اسپتال پھچرائيندو. ڪن بيمارن جي بدن جا عضوا ڪم ڪرڻ ڇڏي ڏيندا ھئا تھ ھو پاڻ کين مالش ڪندو ھو ۽ کين جيئڻ جو حوصلو ڏيندو ھو. ھو ائين گھمندو ڦرندو ۽ ھر فوجي کي آٿت ڏيندو وتندو ھو جيئن ڪو جنگ جو ميدان ھجي.

ھن بيماري جو 14 ھين کان 18 ھين تاريخ تائين زور رھيو ھو. سمجھھ ۾ ائين اچي رھيو ھو تھ ساري فوجي ڇانوڻي مري کپي ويندي. ڪو ڀانجھر بھ ڪونھ بچندو. 30 ھين تاريخ تائين ان جو زور تھ گھٽجي ويو، تھ بھ ان ڏينھن ھڪ سو ويھھ ماڻھو مئا ھئا، جيڪي فوجين کان سواءِ ھئا. جنرل ۽ سندس ماتحت عملو ٻھ ڀيرا ڏھاڙي اسپتال ايندو ھو ۽ ھر بيمار جي بستري تي پھچندو ھو، حال احوال پڇندو ۽ کيس جيئڻ جو حوصلو ڏيندو ھو. سندس ھي منصبي فرض ڏاڍو ڏکيو ھو. ڇاڪاڻ تھ وچڙندڙ بيماري ۽ موت وايو منڊل ڳنڀير ڪري ڇڏيو ھو. سندس اھو ڪم عظيم ھو. اسپتالون تمام پري واقع ھيون. سندس رھائش کان ويجھي ۾ ويجھي اسپتال ھڪ ميل پري ھئي. گرمي خطرناڪ منصبي فرض جي ادائگي خوفناڪ. ھڪ اسپتال کان ٻيءَ تائين سارو سفر پنجويھن ميلن جو ھوندو ھو. ان کانسواءِ ھر ھڪ مريض وٽ بھ شخصي طور وڃڻو پوندو ھو. مرندڙ فوجي کيس پنھنجي ڀرسان ڏسي، ڏاڍي سڪون سان مري سگھندو ھو، ڇاڪاڻ تھ سمجھندو ھو تھ مرڻ وقت فوج جو جنرل ھن سان گڏ آھي، تنھن ڪري سمجھدو ھو تھ کيس دنيا جي بھترين دوا ملي وئي آھي. اڳئينءَ بيماري تھ خود ھن کي بھ نھوڙي ناس ڪري ڇڏيو ھو. ھن جو پنھنجو گھر بھ ٻھاري ھلي وئي ھئي. سڀ کان پھريائين ھن جي ڀائٽي جان نيپئر جي زال ٻئي ٻار کي جنم ڏيڻ واري ھئي تھ پاڻ وڃي مٽيءَ جي مھمان ٿي. جلد ئي جنرل جو ڀائٽيي جان نيپئر بھ ھيءَ دنيا ڇڏي، وڃي پنھنجي گھرواريءَ جي قبر ڀرسان پنھنجي جاءِ سنڀالي ھئي. ھي ٿورو وقت زنده رھيو ھو. کيس فوجي زندگيءَ ۾ بھادر ۽ جرئت ڏيکارڻ جو گھڻو موقعو ملي ڪونھ سگھيو ھو. پر ٻچو شينھن جو ھو. جنرل سر چارلس کي ڏاڍو صدمون رسيو ھو. ڇاڪاڻ تھ جان نيپئر نھ رڳو سندس ڀائٽيو ھو، پر ھڪ پرجوش ۽ بھادر فوجي بھ ھو. ان وقت ھي ھڪ عزت ڀريو منصبي فرض ادا ڪري رھيو ھو. جيڪو سچ ۽ ايماندارري وارو رستو ھو. ھن ڳنڀير وايو منڊل ۽ موت جي خوفنائتي ماحول ۾ ڏاڍي جرئت ۽ حوصلي سان پنھنجو منصبي فرض سرانجام ڪري رھيو ھو. اھو ماحول جنگ جي ميدان کان بھ وڌيڪ ڀوائتو ھو.

شمار ڪرڻ کانپوءِ معلوم ٿيو تھ ست ھزار ماڻھو مري چڪا ھئا. معلوم ائين ٿي رھيو ھو تھ ڇانوڻيءَ ۽ شھر جي آدمشماري جو ٽيون ڀاڱو اگھجي صاف ٿي چڪو ھو. اھڙيءَ ڀينگ ڪرڻ کان پوءِ مس وڃي بيماريءَ ۾ ٺاپر آئي ھئي. اھڙيءَ ريت اوسي پاسي واري جوءِ ۾ سٺ ھزار ماڻھو موت جو شڪار ٿيا ھئا. جڏھن موت جو فرشتو ھن ملڪ مٿان اڏاڻو ھليو ويو تھ پنھنجي پٺيان روڄ راڙي جو پڙاڏو ۽ تباھيءَ کان ڪارا ڪڪر ڇڏي ويو ھو.

انھيءَ زماني ۾ سر چارلس نيپئر ھن ريت لکيو ھو تھ ”ھيءَ پراسرار بيماري پھريائين وٺندي ئي ان ماڻھوءَ کي ھئي جيڪو سڀني کان سٺو ۽ سگھارو متارو ھوندو ھو. مان ايتريءَ تڙ تڪڙ ۾ مختلف ريجمينٽس جي فوجين کي ورھائي ھيڏي ھوڏي موڪلي ڇڏيو، جيتري مون کي وھٽن ۽ ٻي سواري جي سھوليت ھئي. پر پھرين ٽين ڏينھن دوران بيماري ڏاڍو چٽڪو چکايو ۽ معلوم ائين ٿي رھيو رھو تھ ڄڻ اھا اجھل ۽ اٽل آھي. 17 ھين واري رات جو کيس ڪجھھ ڌڪ لڳو ۽ ارڙھين تاريخ جي رات جو گھٽجي وڃي اڌ تي بيٺي ھئي. 19 ھين تاريخ تي فقط پندرھن فوجي وفات ڪري ويا ھئا. ڊاڪٽرن چيو سڀاڻي اھا ختم ٿي ويندي. اھا ھڪ عجيب ۽ پراسرار بيماري ھئي. جيڪا اڄ بھ ياد آھي. ڪن جڳھن تي اھا عضون جي سڪي پوڻ سان شروع ٿي ھئي. اھڙي قسم جي شديد بيماري کي ڏسي ماڻھو ھراسجي ويا ھئا. ڪٿي وري انھيءَ بيماريءَ ڪري ماڻھو ماٺ ٿي ويندو ھو ۽ ڳالھائي ڪونھ سگھندو ھو. اھڙا بيمار جڏھن اسپتال پھچندا ھئا تھ خاموش ھوندا ھئا جيڪي ڳالھائڻ ٻولھائڻ ۽ چرڻ پرڻ کان چڪتو ھوندا ھئا. اھڙا ماٺ ساڌيل ماڻھو، ٻن ٽن ڪلاڪن جا مھمان بھ مس ھوندا ھئا. باقي ھنن سان گڏ ماڻھن جون رڙيون ۽ کيرا وايو منڊل وڌيڪ ڳنڀير ڪري ڇڏينديون ھيون.

مان سمجھان ٿو تھ ڪالرا جي بيماري گندي پاڻي جي استعمال ڪري ٿئي ٿي ۽ ڊاڪٽرن جو بھ ساڳيو خيال آھي. ٿوري ٿوري وقفي کان پوءِ ٿڌي پاڻي جي ٻن ٽن ڍڪن پيارڻ کان پوءِ پيٽ پاڻيءَ سان ڀرجي ويندو آھي ۽ الٽيون شروع ٿي وينديون ھيون ۽ پيٽ وارو گندو پاڻي ٻاھر نڪري ايندو ھو. ٿوري وقت کانپوءِ بيمار نوبنو ٿي پوندو ھو. ھر اسپتال ۾ ٿڌي پاڻي جي ضرورت ھوندي ھئي. پر ان کان وڌيڪ سوڍا واٽر جي سخت ضرورت ھوندي ھئي. اتفاق جي ڳالھھ اھا ھئي تھ سوڍا واٽر ڪراچي ۾ تيار ٿيندو ھو ۽ ڏھاڙي ھزارين بوتلون ٺھندييون ھيون مان ڊاڪٽرن جي ھمت افزائي ڪندو ھوس ۽ کين چوندو ھوس تھ سوڍا واٽر جون جيتريون بھ بوتلون ڪم آنديون وينديون اوتريون کين ملي وينديون. موت تھ ناگزير آھي، پر موت وقت مريض کي پيٽ جو سور ۽ اڃ نھ ھجي. اھو بھ ھڪ عجيب اتفاق ھو جنھن ڏينھن ڪالرا منھن ڪڍيو ان ڏينھن مان اخبار ۾ ھڪ اشتھار پڙھيو، جيڪو ھڪ ڊاڪٽر ڏنو ھو تھ ڪالرا جي بيماريءَ لاءِ ٿڌو پاڻي اڪسير علاج آھي. اھڙيون سڀ ڳالھيون مان اسپتالن ۾ ڏسي چڪو ھوس. تنھن ڪري مان ھاڻي يقين سان چئي سگھان ٿو تھ ڪالرا جي بيماري لاءِ ٿڌو پاڻي پيارڻ بھ علاج ۾ شامل ڪيو وڃي. مون کي تھ ھن بيماريءَ ڊيڄاري وائڙو ڪري ڇڏيو آھي. ڀؤ اٿم تھ متان ساري ڇانوڻي ھن اگري آپدا جي ور چڙھي وڃي. ان کان سواءِ ڏڪار جي ڏائڻ بھ ڏند ڪرٽي رھي آھي. سج بھ ڌرتيءَ تي آگ جا الا اوڳاڇي رھيو آھي. ھن وقت مان سنڌ ۾ ايتري گرمي ڪانھ ڏٺي آھي. موت جي ھن جھٽڪي تائين اسان ڏاڍا صحتمند ھئاسون.

ھن ڪالرا جي ڪري سنڌ جي آدشماري گھٽجي وئي ھئي. ڪي مري کپي ويا تھ ڪي وري مرڻ جي ڀو کان سنڌ ڇڏي، جاڏي آين تاڏي ڀڄي ھليا ويا ھئا. ڏڪار بھ ڏيھھ کي ڏڪائي ڇڏيو ھو. اوسي پاسي وارن بھ وٺي گوڏن تي زور رکيو ھو تھ متان کين بھ نھ اھا بيماري وچڙي وڃي. کاڌي پيتي جون شيون فوجي ڪئمپ ڏانھن کڻي اچڻ کان بھ ڏاڍا وئن ويندا ھئا. تنھن ڪري فوج کاڌي پيتي جي ھر شيءِ لاءِ پئي ٻاٿون کاڌيون. ھن بيماريءَراڱا ڪري ڇڏيا ھئا. پر جيڪڏھن سوڍا واٽر واري فيڪٽري نھ ھجي ھا تھ اڃا وڏا ھاڃا ٿي گذرن ھا. پر اھا اتفاقي ڳالھھ ھئي. سر چارلس سرڪار کي لکيو ھو تھ ملير نديءَ کي ڪراچيءَ ڏانھن آڻن جو منصوبو منظور ڪيو وڃي پر ائين ڪونھ ٿي سگھيو ھو. ڪراچيءَ جي جر واري پاڻيءَ ۾ اھڙيون شيون گڏيل آھن، جيڪي انساني صحت لاءِ ھاڃيڪار آھن. وائسراءِ اھڙو منصوبو رد ڪري ڄڻ ھٿ سان بيماري قبول ڪئي ھئي ۽ ترقي جي ڪم کي روڪي صورتحال کي وڌيڪ خطرناڪ بڻائي ڇڏيو ھو. ٻھ سال کن ٿيندا تھ سر چارلس ڪراچي کي مٺي پاڻي ڏيڻ لاءِ ھڪ جامع منصوبو جوڙيو ھو. پر اختياري وارن ان کي اجايو سمجھي، سندس خط جو ڪو جواب ئي ڪونھ ڏنو ھو. راجا جي جرم ۽ انيا ڪري پرجا مري ناس ٿي وئي ھئي.

ڪامورا شاھي جي لاپرواھي ڪري اھميت واري ھر شيءِ اڌياني رھجي وئي ھئي. فوجي سامان جي نقل حرڪت لاءِ بھ ھڪ منصوبو جوڙيو ويو جيڪو ٻن سالن تائين سرڪار وٽ پيو رھيو ھو. اريگيولر ھو. ڪارپس لاءِ جن عملدارن جا نالا ڏنا ويا ھئا، تن جا پڻ گزيٽ ڪونھ ڏنا ويا ھئا. سندن پگھارن تي بھ مٿي وارا ماڻھو راضي ڪونھ ھئا. تنھن ڪري اھڙن عملدارن کي سرڪار طرفان ڪنھن بھ قسم جي سھوليت مليل ڪانھ ھئي. ھندستان سرڪار مختلف اسمن تي ستر ھزار پائونڊ ڪڍرايا ھئا. پر انھيءَ عملدارن جي پگھارن جو کين خيال ڪونھ ھو جيڪي اڳئي سرڪاري کاتن ۾ ملازم ھئا. تنھن پبلڪ اڪائونٽ کي سايو ڪري منجھايو ويو ۽ اڪائونٽنٽس کي مشڪلاتن ۾ ڦاسيو ويو ھو. ساڳيءَ ريت علي مراد وارو معاھدو بھ رولڙي جو شڪار ٿي ويو ھو. ٽالپر حڪمرانن کي سنڌ جي حڪومت موٽي ملڻ جا افواھھ اٿيا ھئا، تنھن ڪري خيرپور جي ھن حڪمران جون ھيٺيون ھيٺ مٿيون مٿي رھجي ويون ھيون ۽ سوچي رھيو ھو تھ ڪتو بھ کاڌم ڪک بھ ڪانھ ڀري. جيڪڏھن اصلوڪن حڪمرانن کي سنڌ جي حڪومت ملي تھ سندس تھ لاھھ ئي نڪري ويندا. تنھن ڪري ھي ٽالپر حڪمران انگريز سرڪار جو وڌيڪ وفادار ۽ تابعدار رھڻ جو سوچي چڪو ھو، پر کيس پنھنجي ارادي جي اظھار جو موقعو ڪونھ ٿي ڏنو ويو. جيڪڏھن ساڻس نئون معاھدو ڪيو ويندو تھ ھو وفاداري جو اھڙو اظھار سولائيءَ سان ڪري سگھندو. ليڪن ھن موضوع بابت ڪنھن بھ ڪوشش ڪانھ ڪئي ھئي. اھو ئي ڪارڻ آھي جو نھ ان معاھدي کي نھ بحال ڪيو ويو ۽ نھ وري ان کي رد ڪيو ويو ھو. بس ان دستاويز تي ماٺ جي مھر لڳائي وئي ھئي.

سر چارلس اھڙيون ڀڏيون ڳالھيون ڪامورا شاھي جي انھن سول ۽ فوجي عملدارن ڏانھن منسوب ڪيون ھيون جيڪي لارڊ ايلنبرو جي ھر منصوبي کي رد ڪري رھيا ھئا. اھڙو ذڪر اڳي بھ ٿي چڪو آھي. ھاڻي تھ اھو ماڻھو بدلي ٿي چڪو آھي. پر اھي ساڳيا ماڻھو سڀ ڪسرون سندس ڪامياب جنرل چارلس مان ڪڍي رھيا آھن. سر ھينري ھارڊنج نئون ماڻھو آھي، تنھن ڪري کيس ھندستان جي معاملن جي اڃا ڄاڻ ڪانھ آھي. ھن وقت وڏيءَ جنگ يا ڌرين وچ ۾ ٿيندڙ ٺاھھ جو معاملو سندس ھٿن ۾ آھي. تنھن ڪري ٻيا معاملا ھن جي ماتحت عملدارن، سيڪريٽرين ۽ بورڊس جي ھٿن ۾ آھن. جيڪي سر چارلس کي ائين ڏسي رھيا آھن، ڄڻ اڇي لٽي تي رت جو داڳ. ھنن ماڻھن جي وات جي وائي ھر چوڻي بڻجي وئي “Oh Let Scinde Wait” تنھن ڪري سنڌ کي فائدي ڏيڻ جو لاڳاپو بھ اھڙن عملدارن سان آھي، جن جي ٻوٽي تھ سر چارلس سان گڏ رجھي ئي ڪانھ ٿي. تنھن ڪري سندس ھر ڳالھھ ۽ منصوبي کي رد ڪيون ويٺا آھن. اھڙيءَ ريت سنڌ جي انتظاميا جي حڪمت عملي جي وٽن ڪا اھميت ڪانھ آھي.

ھن لکيو آھي تھ ”مان ڄڻ تھ واريءَ ۾ منڊي ماڻھو جو مثال آھيان. جيڪڏھن مان ڪنھن بھ ڌر سان جنگ جوٽيندس تھ لکپڙھھ جا ڪاڳر ڪارا ٿيڻ شروع ٿي ويندا ۽ سرڪار جو ھر کاتو سر ھينري ھارڊنج ۽ مون کان پل پل جو پيا پڇاڻو ڪندا تھ، ٻڌايو اوھان پنھنجي انھيءَ عمل ۾ صحيح آھيو؟ ھن ڪم کان ٻھ ٽي سال پوءِ وري اھو الزام بھ ٿاڦيندا تھ مان جذباتي آھيان جنھن جو ھر اندازو غلط ثابت ٿيندو آھي ۽ سرڪار کي گھربل ھر شيءِ کان بي خبر آھيان. اھا راند عام ۽ رواجي آھي جيڪا قيمتي شمع ٻاري کيڏي وڃي. اھا شمع منھنجي زندگي آھي. جيڪا ڪم جي انبار ڪندي ڪندي اجھامي ويندي. ماڻھن يا ادارن کي انصاف ڏيڻ لاءِ مان ھر وقت تيار آھيان، پر جيڪڏھن ڪا بڇڙائي سرڪار کي متاثر ڪرڻ شروع ڪندي تھ پوءِ مان ھر شيءِ کي ان جي ئي رفتار سان ھلڻ ڏيندس ۽ مان ھٿ ڪڍي ويندس. حقيقت اھا آھي تھ عوام جو نقصان ٿي رھيو آھي. پر مان ڪجھھ بھ ڪري ڪونھ ٿو سگھان. ڇڪن نڪ کي ٿا تھ وڌي وري پيٽ ٿو وڃي. ڪوشش ڪيون ٿا تھ چڱائي جي نتيجو برائي ٿو نڪري. مان سنڌ جي سکي ستابي تھذيب جي تصور کي قربان ڪرڻ ڪونھ ڏيندس ۽ آفيسر شاھي سان اجائي بحث ۾ پنھنجو وقت ڪونھ وڃائيندس. مان پنھنجي جاءِ تي خوش آھيان، ھو پنھنجي جاءِ تي مگن رھن. جيڪڏھن اھي ماٺ رھندا تھ مان بھ ڪجھھ نھ ڪندس.“

مخالف ڌر سر چارلس کي اڳتي وڌڻ کان روڪي ڇڏيو ھو. پر کيس ڪيترائي اختيار ھئا. تنھن ڪري ھو تڪڙي ترقي ڪري اڳتي نڪري ويو ھو. ڪالرا جھڙي اگريءَ آپدا کي بھ ھن مڙسيءَ سان منھن ڏنو ھو. تنھن لاءِ کيس ھنن لفظن ۾ خراج عقيدت پيش ڪيو ويو ھو. کيس کي نھ وڏي عمر، نھ ٿڪ، نھ چوڌاري پکڙيل خوف خطرا، بيماري، نھ شخصي ڏک ۽ غم ئي پنھنجي منصبي فرض جي ادائگي کان روڪي سگھيا ھئا.

سنڌ جي زراعت ۽ تجارت تمام گھڻي وڌي وئي ھئي. ۽ پيداوار بھ ايتري گھڻي وڌي وئي ھئي جو ماڻھن کي اچرج ٿيڻ لڳو ھو. ڪيتري وقت کان وٺي ائين سمجھيو پئي ويو تھ ھن ملڪ جي پيداوار ايتري ڪانھ آھي جو ان جي انتظاميھ تي ايندڙ خرچ جو پورائو ٿي سگھي. 1843-44ع ۾ ساري پيداوار نو لک ھئي، پر انھيءَ زماني ۾ انتظامي ڪاروبار چڱي نموني سان ھلي رھيو ھو. جنھن ڪري 1844-45ع ۾ پيداوار جا انگ اکر وڃي ستاويھين لکن تي پھتا ھئا. 1845-46ع وارو سال اپريل ۾ پورو ٿيو ھو. ان سال جي پيداوار چاليھھ لک ٿي ھئي. جنھن مان ايڪٽيھھ لک روپيا يا ٽي لک ڏھھ پائونڊ اسٽرلنگ جي بچت ٿي ھئي. جنھن کي سرڪاري خزاني ۾ جمع ڪرايو ويو ھو. اھا بقايا سول انتظاميھ جي ۽ ٻھ ھزار پوليس وارن جي خرچ جي ادائگي کان پوءِ ٿي ھئي، جنھن ۾ گھوڙيسوار ۽ پيادل پوليس جون پگھارون ۽ بيا خرچ بھ شامل ھئا. جڏھن تھ ڍل ۽ محصول جو اگھھ ميرن واري زماني کان اڌ جيترو وصول ڪيو ويو ھو. ان کان سواءِ ڪو نئون محصول وغيره بھ ڪونھ مڙھيو ويو ھو. اھڙيءَ طرح سرڪاري خرچن کي وڌائڻ کان روڪيو ويو ھو.

پيداوار ھر سال انھيءَ ڪري وڌي رھي ھئي جو ھڪ طاقتور انتظامي جوڙجڪ موجود ھئي. جنھن ڪري ان ۾ وڌيڪ باقاعدگي ۽ وسعت ايندي رھي ھئي. انھيءَ سان گڏ تجارت ۽ زراعت بھ ڏينھون ڏينھن ترقي ڪري رھي ھئي. ھر ڇھن مھينن کان خرچ ۾ گھٽتائي اچي رھي ھئي. ڇاڪاڻ تھ ابتدائي دور ۾ نئين انتظاميھ جي قيام لاءِ وڌيڪ خرچ ڪيو ويو ھو جيڪو مستقل ڪونھ ھو جنھن جو مثال بئرڪن ۽ قلعن جي مرمت ۽ تعمير ھئي. اھڙيءَ ريت واھن جي کوٽائي تي ايندڙ خرچ کي غير مستقل سمجھڻ گھرجي. ھن کان اڳ اھو ڪم ڪاردارن جي ذميواري ھوندي ھئي. ھنن ماڻھن پنھنجي مفاد خاطر اھڙو خرچ ٻيڻ تي وڌائي ڇڏيو ھو. ھاڻي اھو کاتو ميجر اسڪاٽ جي حوالي ڪيو ويو آھي. جنھن ساري جوڙجڪ ڪري، ھن کاتي کي مڪمل ڪري ڇڏيو آھي. ان کان سواءِ ھن سنڌ جي جنرل سروي ڪري، پاڻيءَ جي سطح معلوم ڪري ورتي آھي. جنھن ۾ خرچ ۽ وڏيءَ محنت جي ضرورت ھئي. سندس اختيار ڪيل طريقھ ڪار سائنٽفڪ ھو. ان کان پوءِ ڪاردارن جو اثر دخل ختم ٿي ويو ھو.

ھن نئين نظام مطابق زمين جي وسيع ايراضي آبادي ھيٺ اچي چڪي ھئي. جڏھن تھ خرچ تمام ٿورو آيو ھو. ھنن ٻنھي طريقين ڪري پيداوار گھڻي وڌي وئي ھئي. پر پاڻيءَ جي استعمال لاءِ سلوس گيٽ ھڻڻ ضروري ھو. پر انھيءَ کان اڳ سنڌوءَ جي پاڻي تي ضابطو رکڻ ضروري ھو. پوءِ اھو چاڙھھ جو پاڻي ھجي يا عام رواجي وھڪرو ھجي. ھن کان اڳ واري زماني ۾ اٿل جو پاڻي چوڏس ڀينگ ڪري ڇڏيندو ھو ۽ عام رواجي وھڪري جي پاڻيءَ کي بھ گھٽ ڪتب آندو ويندو ھو. جون ۽ جولاءِ ۾ سنڌوءَ ۾ پاڻي تمام گھڻو اچي ويندو آھي. پوکي بھ جام ٿيندي آھي پر ٿيندو ڇاھي تھ سنڌوءَ ۾ اوچتو ئي لاٿ اچي ويندي آھي ۽ ڪاھيل فصل پاڻيءَ جي کوٽ ڪري سڪي سڙي ناس ٿي ويندا آھن ۽ ھارين نارين جو سارو پورھيو ئي پاڻيءَ ۾ ھليو ويندو آھي. پر جيڪڏھن پاڻيءَ جي چاڙھھ جي ٻي لھر وقت تي پھچي ويندي آھي تھ فصلن جي بچڻ جو آسرو ٿي پوندو آھي ۽ فصل ڀلو لھندو آھي. درياھھ جو ٿورو پاڻي مس وڃي ڍنڍون ڍورا ڀريندو آھي جن ۾ رڳو پاڻي جا گاھھ ٿيندا آھن ۽ تپاولي شروع ٿيندي آھي، پر جيڪڏھن پاڻيءَ جي استعمال لاءِ سلوس گيٽ ڪتب آندا ويا تھ پاڻيءَ جي لاٿ ۽ چاڙھھ گھڻو نقصان ڪري ڪونھ سگھندو. ابتدا ۾ تھ ھتان جي اڻ پڙھيل ماڻھن اھو سجھيو ھو تھ سنڌوءَ جي پاڻي تي قبضو ڪرڻ معنى  کين بک وگھي مارڻ آھي. ممبئيءَ واريءَ ڌر بھ ڳالھھ مان کڻي ڳالھوڙو بڻايو ھو ۽ چئي رھي ھئي تھ اھي بيوقوفيءَ جون ڳالھيون آھن جن ڪري ماڻھن اجائي واويلا جا ڪارا ڪڪر دور ٿي ويا ھئا ۽ جلد ئي ھتان جي مفتوح ماڻھن کي فتح جو فائدو ملي ويو.

فاتح ٿوري وقت اندر پاڻي جو ھڪ نئون نظام قائم ڪري ورتو ۽ ڏاڍو خوش ھو. ماڻھو بھ ان نظام کي سمجھي چڪا ھئا. پاڻي تي ضابطي ۽ عام استعمال ڪري سج جي گرميءَ ۾ گھٽتائي اچي ويندي ۽ گھم تي بھ ضابطو رکي سگھبو. ھن نئين آبپاشي نظام وسيلي سنڌ گھڻي آباد ٿي ويندي، وونئڻ، ڪمند، نير، ڪڻڪ ۽ ٻيا ننڍا وڏا فصل ٿي پوندا. اڳي واپاري قافلا قلات ۽ لس ٻيلي کان ٿيندا سون مياڻيءَ وٽ پھچندا ھئا جيڪو ڪراچي ڀرسان ھڪ سامونڊي بندر ھو، پر ھاڻي امن امان ٿي وڃڻ ڪري سيوھڻ کان ٿيندا ڪراچي پھچن ٿا، تنھن ڪري سر چارلس نيپئر ڏاڍو خوش آھي. ڇاڪاڻ تھ ھن انصاف قائم ڪري ۽ محنت ڪري ھي تجارتي رستو آباد ڪري ڇڏيو آھي. اڳي سارو تجارتي سامان سون مياڻي وٽ لھندو چڙھندو ھو، تنھن ڪري سر چارلس ان بندر کي خريد ڪرڻ جو سوچيو ھو. پر جڏھن واپاري قافلا ڪراچي اچڻ لڳا تھ ھن سون مياڻي کي خريد ڪرڻ جو خيال دل مان ڪڍي ڇڏيو ھو ۽ ان موضوع تي ھلندڙ ڳالھيون بھ ختم ڪري ڇڏيون ھيون. ان کان سواءِ سر چارلس سنڌ وسيلي آفيم جي اسمگلنگ روڪي، ممبئيءَ جي پيداوار کي وڌائي ڇڏيو ھو. تنھن ڪري کيس اھو چوڻ جو حق ھو تھ سنڌ جي فتح ممبئي سرڪار ۽ انگلينڊ لاءِ ڏاڍي فائديمند ثابت ٿي آھي. ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ کي بھ انھيءَ ڪري وڏو فائدو ٿي رھيو جو آفيم جي اسمگلنگ کي روڪيو ويو ھو. ان ڪري ڪمپني کي لکن بلڪ ڪروڙن جو فائدو ٿيو ھو. صحيح انگن اکرن جي يقين جوڳي معلومات ڪانھ آھي. تنھن ڪري حتمي طور ڪجھھ بھ چئي ڪونھ ٿو سگھجي. معلوم ائين ٿي رھيو آھي تھ پارليامينٽ ۾ جيڪي انگ اکر ٻڌايا وڃن ٿا، سي صحيح ڪونھ ھوندا آھن. اھڙيون ڳالھيون عوام کان پڻ لڪايون پيون وڃن. سنڌ جي فتح جي فقط ھن اڪيليءَ ڳالھھ کي ڏسجي تھ ڪمپنيءَ کي ڪيترن ئي ملين پائونڊ اسٽرلنگ جو ساليانو فائدو ٿي رھيو آھي.

اھڙين واضح ڳالھين ھوندي بھ ھروڀرو واويلا مچائي وئي ھئي تھ سنڌ ۾ گھڻو خرچ ٿي رھيو آھي. فوجين جي واپسيءَ جا انگ اکر بھ ٺولھي جو ڏيڍ ٻڌايو پيو وڃي. پارليامينٽ ۾ بھ جيڪي انگ اکر ٻڌايا پيا وڃن، سي بھ ڪارا ڪوڙ آھن. ھنن سڀني ڳالھين جو مقصد سر چارلس نيپئر کي لوئڻ ڊوئڻ ۽ سندس محنت کي تڇ سمان سمجھڻ آھي. پارليامينٽ ۾ حد کان وڌيڪ فوج رکي آھي. پر حقيقت اھا آھي تھ ممبئي حڪومت حد کان وڌيڪ فوج رکي آھي. ليڪن پارليامينٽ ۾ ڪجھھ ٻيو ٻڌايو پيو وڃي. يعني ڳوٺ کائي ويا ڳيرا ڪارو نانءُ ڪانون جو. ھونءَ بھ سر چارلس جو لوڻ ڪڏڻو آھي ۽ جيڪو الزام ٻئي ڪنھن تي نھ ٺھندو آھي تھ سر چارلس تي سورھن آنا سچ ٿي ويندو آھي. انگلينڊ جي ماڻھن کي اھو ڪونھ پيو ٻڌايو وڃي تھ سر چارلس ۾ ڪھڙيون بھترين خوبيون آھن. جيڪڏھن ٻڌايو پيو وڃي تھ بلڪل گھٽائي. جيڪڏھن اصل حقيقتون ماڻھن جي سامھون اينديون تھ مٿس ھنيل الزام نسورو ڪوڙ ثابت ٿيندا ۽ انگلينڊ جا ماڻھو کيس عزت ڏيندا، پر کائنس نفرت ۽ چڙ جو اظھار ڪونھ ڪندا. ويتر ساڻس عقيدت جو اظھار ڪندا ۽ نيڪ جذبن جو اھڙو اظھار غير مشروط ھوندو. ڇاڪاڻ تھ ھن سنڌ ۾ قانون سازيءَ جي ھمت افزائي ڪئي ھئي ۽ ان کي تحفظ ڏنو ھو، جنھن جا نتيجا بھ ڏاڍا سٺا نڪتا ھئا ۽ اڃا بھ وڌيڪ سٺا نڪرن ھا. پر اوچتو ئي ڪڇيءَ جي جابلو علائقي ۽ پنجاب واريون جنگيون ڇڙي چڪيون ھيون، جنھن رڌي پڪي ۾ پاڻي وجھي ڳالھھ ئي الٽي ڪري ڇڏي ھئي. ھنن مان پھرين جنگ 1845ع جي منڍ ۾ جڏھن تھ ٻي جنگ 1846ع جي ابتدا ۾ شروع ٿي ھئي. ھنن ٻنھي جنگين سر چارلس ۽ سندس ماتحت فوجي عملدارن جي ساري محنت کي لوڻ پاڻي ڪري ڇڏيو ھو. ھنن ماڻھن گھڙيال جي ڪانٽي وانگر رات ڏينھن ھلي ھلي، سول انتظاميا جو جوڙجڪ ڪيو ھو. ڪيترن مھينن تائين اھو سوچيو ويچاريو ويو ھو تھ سنڌ جي انتظاميھ جو جوڙجڪ ڪھڙي طريقي جو ھجي، پر ٽن سالن کان اھا ڪوشش ھلي رھي ھئي تھ ان انتظاميا کي ختم ڪھڙي طريقي سان ڪجي. ھاڻي تھ اھا سنڌ جي سول انتظاميا بلڪل مستقل ٿي چڪي آھي، جنھن جي قيام جي ابتدا سان مھامري پئي ۽ ڏڪار آيو ھو. ان کان سواءِ ممبئي واري ڌر بھ گھٽ ڪانھ ڪئي ۽ اختيار جا صاحب بھ مان مرجاتا وارا سڀ ليڪا لتاڙي چڪا ھئا.

باب تيرھون

 

مير شير محمد 1846ع جي اونھاري ۾ پنھنجو وڪيل سر چارلس ڏانھن موڪليو ھو تھ جيئن ھو سنڌ اچي سگھي. شايد ھو دربدر زندگي کان تنگ اچي چڪو ھو يا وري سمجھي رھيو ھو تھ انگريز سرڪار سنڌ جي حڪومت ٽالپرن کي واپس ڪري رھي آھي. پر سر چارلس اھو معاملو گورنر جنرل ڏانھن غور لاءِ موڪليو ھو. تنھن ڪري اھڙي ڳالھھ ٻولھھ ختم ٿي وئي. ھو پنجاب ۾ رھڻ لڳو ھو. سنڌ جي حڪومت ٽالپرن کي موٽي ملڻ جو افواھھ ممبئيءَ واريءَ ڌر اڏايو ھو. ھن ڌر جي پارليامينٽ ۾ نمائندگي لارڊ آشلي ڪئي ھئي. کيس ھن معاملي جي تھ ڪا خبر ئي ڪانھ ھئي. ھي اھڙو ماڻھو جن لاءِ نيپولين چيو آھي تھ ”اھي غلط کي صحيح سمجھڻ لاءِ ڳت ڏئي بيھي ويندا آھن ۽ ان لاءِ ھر قسم جي قرباني لاءِ تيار ٿي ويندا آھن. اھڙي ريت ھو گنديون ڳالھيون ڪري وڃي پار پوندا آھن“ سنڌ جا ٽالپر بھ مٿس اکيون ٻوٽي اعتبار ڪرڻ لڳا ھئا تھ ھو ضرور سندن ٻيڙو پار ڪندو. ممبئي جي ڌر بھ اھڙو اعلان ڪيو ھو تھ لارڊ آشلي گھربل ڪاغذ ميرن جي وڪيلن کي ڏئي ڇڏيا آھن ۽ جلد ئي سندن ڏوئي ڍڪڻ گيھھ ٿيڻ وارو آھي. تنھن ڪري قيدي ميرن کي سنڌ جي سرحد ڀرسان معزز مھمانن طور رکيو ويو ھو. ليڪن انھن ڪاغذن ۾ لکيل ھو تھ ائين ڪڏھن بھ ممڪن ڪونھ ھوندو. پر ممبئي واري ڌر ٽالپرن کي اھڙو ويساھھ ڏياري ڇڏيو ھو جو ھو يقين ڪرڻ لڳا ھئا تھ کين سنڌ جي حڪمراني اڄ يا سڀاڻي اجھو ملڻ واري آھي. پر اھو ٺلھو مڪر ماءُ وارو آسرو ھو. پوءِ اھا ڪوڙي ڳالھھ بھ ائين پکڙجي وئي جيئن عام افواھھ پکڙيا آھن. اھڙيون ڳالھيون ممبئي واري ڌر لاءِ فائدي واريون ھيون. ڇاڪاڻ تھ اھي بھ ھنن سان سر چارلس خلاف ھاءِ گھوڙا مچائڻ ۾ شريڪ ھئا.

اھڙن افواھن ڪري سنڌ ۾ ڄڻ ٿرٿلو پئجي ويو ھو. ٽالپرن جا ڪن کڙا ٿي ويا ھئا، اھو بھ چيو پئي ويو تھ ٽالپر ھاڻي ماٺ ڪري ڪونھ ويھندا ۽ پاڻ ۾ ملي ضرور ڪا نھ ڪا سازش ڪري وٺندا. ٻيا ٽالپر بھ ھنن سان ملي رھيا ھئا تھ ڪجھھ ٻارڻ ٻارجي، پر اھڙيون ڳالھين مان مقصد پنھنجي پيرن تي پاڻ ڪھاڙو ھڻڻ ھو. اھي سندن اجايا اوٽار ھئا جن جو سارو نزلو وڃي سر چارلس نيپئر تي ڪرڻو ھو، جيڪو وري چڙھي کين ناس ڪري ڇڏيندو. ممبئي ڌر وارا ماڻھو ٽالپرن کي ڏٽا ڏئي رھيا ھئا ۽ کين سنڌ جي حڪمراني موٽائي ڏيڻ جا حامي ڪونھ ھئا. سنڌ جي عام ماڻھن جو تھ ھن قسم جي موضوع سان تر جيترو بھ واسطو ڪونھ ھو. پر سر چارلس ۾ سندن وڏو ويساھھ ھو ۽ اڳين ظالم حڪمرانن کان نفرت ڪندا ھئا. ھو پڪو پھھ ڪري چڪا ھئا تھ حاصل ڪيل آزاديءَ کي برقرار رکڻ لاءِ وڏي ويڙھھ ڪندا. اھڙن افواھن ڪري ھتان جا شاھوڪار ھندو بھ ڊڄي ويا ھئا ۽ پنھنجو پئسو ٻين ملڪن ڏانھن منتقل ڪري ڇڏيو ھئائون ۽ پاڻ بھ پنھنجي ڪٽنبن سميت اوڏانھن لڏڻ لاءِ اوڪڙو ويٺا ھئا. واپار ۽ تجارت بھ بيھي وئي ھئي، ڇاڪاڻ تھ ھن برادريءَ کي شڪ ۽ خوف لوڏي ڇڏيو ھو. افواھھ اڏائيندڙن جو مقصد بھ اھو ھو. اھڙن اطلاعن کي ڪوڙي ثابت ڪرڻ لاءِ سر چارلس اعلان بھ ڪيو ھو، پر ماڻھن تي ان جو اثر گھڻو ڪونھ ٿيو.

اھڙيون ڳالھيون اڻ سونھيون ۽ الوڻيون ھيون. تنھن ڪري سر چارلس کي ڏاڍو ڏک ٿيو ھو. ڇاڪاڻ تھ اھي نھ رڳو سرڪار لاءِ نقصانڪار ھيون، بلڪ عام ماڻھن لاءِ بھ ھاڃيڪار ھيون. پر جيئن تھ انھن ڳالھين جو سڌو واسطو سان ھو، تنھن ڪري انھن کان سخت نفرت ڪري رھيو ھو. سندس چوڻ ھو تھ ”مان مٿن سوڀ حاصل ڪرڻ چاھيان ٿو. منھنجي بھ خواھش آھي تھ سنڌ جي حڪومت ڀلي اڳي جيان ٽالپرن کي ملي. ڇڏ منڊي کي واري ۾. ھڪ سال اندر انگريزن جي فوج ڪڍو تھ سارو ملڪ کنا کيڙا ٿي ويندو. ھو ملڪ جو غريب مھاڏي ڏيڻ کان اڳ ئي ڪٽجي ڪڻا ٿي ويندو آھي. سنڌ جي غريب اڃا ھاڻي سک جو ساھھ کنيو ھو. رکي سکي مانيءَ جا ٻھ گرھھ بھ ھاڻي مس کين نصيب ٿيا ھئا. پگھارون بھ کين اڃا ھاڻي تھ ملڻ شروع ٿيون ھيون. شاھوڪار تي اڳئي شاھوڪار ھو، ھاڻي تھ ويتر شاھوڪار ٿي ويو آھي. کين پڪ آھي کانئن ڪيي ڪونھ ڦريندو لٽيندو. واپاري ماڻھن کي سرڪار جو تحفظ حاصل آھي. ڍل ۽ محصول بھ تمام گھٽ ورتو پيو وڃي. تنھن ڪري ھرڪو خوش آھي. اھڙي مڪمل امن امان لاءِ ويھھ ھزار فوج ۽ ٻيا رسد گاھھ جا ماڻھو آھن جيڪي پگھارون وٺندا آھن. سنڌ جي پيداوار جو ڪجھھ حصو ھنن تي خرچ ٿيندو آھي. ڀلي سنڌ ميرن جي حوالي ڪيو. ساڳيا لاٽون ساڳيا چگھھ ھوندا. غريبن کي پورو تھ تمام گھڻو ملندو پر اجوري کان آڱوٺو ھوندو. انصاف جا وڻ وڍجي ويندا. ڌن وارن کان ڌن ڦرجي ڪنھن ٻئي خزاني ۾ جمع ٿيندو. جاگيرون بھ انھن کي ملنديون، جن مان ٽالپر حڪمران خوش ھوندو. جنھن لاءِ ڪنھن بھ قسم جو اصول ۽ قانون ڪونھ ھوندو. واپارين کي وري نپوڙڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي. ڍل ۽ محصول ڳاٽي ڀڳا ھوندا ۽ ڌڙ سسيءَ کان ڌار ڪرڻ اخلاقيات سمجھي ويندي.“

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 41 42 43 44 45

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org