سيڪشن: تاريخ

ڪتاب: سنڌ جي انتظامي تاريخ

باب:

صفحو: 17

پر لاڏو جانورن جي تمام گھڻي ضرورت ھئي. اھا اھڙي پريشاني ھئي جنھن ڪري ماڻھو وائڙا ٿي پيا ھئا، جنھنجا نتيجا بھ ڏاڍا ڳنڀير نڪري سگھن ٿا. اھڙي ماحول ۾ جڏھن سوڀ اچي سڻائي پوندي آھي تھ لاڏو وھٽن جي نھ ھئڻ ڪري فوج محتاج ٿي رھجي ويندي آھي. ھي وقت اھڙو آھي جو بجار جي ڪڍ تيز رفتاريءَ سان پيڇو ڪرڻ لازمي آھي. جيڪڏھن اسان ان کي ختم نھ بھ ڪري سگھياسون تھ کيس وڏو ھاڃو تھ پھچائي سگھنداسون. ھاڻي تھ ڪئمپ ۾ فقط ٻارھن ڏينھن جو کاڌ خوراڪ موجود آھي. پر ان کان پوءِ فوج شاھپور کان پوئتي ھٽڻ شروع ڪندي. بعد ۾ بجار جي فتح جا ھل ھلي ويندا. ھڪ قبيلو فتح جي خبر ٻئي کي ٻڌائيندو. اھڙي ريت ساري جابلو جوءِ ۾ سوڀ جا راماڻا مچي ويندا. اھڙو چوٻول وڃي بولان لڪ تائين دنگ ڪندو. انھن چوٻولن جو پڙاڏو ھالار جبل ۽ سيوھڻ تائين بھ وڃي پڄندو. ان کان پوءِ بلوچ قبيلا تلوارون، ڍالون ۽ توڙيدار بندوقون کڻي سنڌ جي سکين ستابن ۽ آباد ميداني علائقن ڏانھن ورڻ شروع ڪندا جيڪو وحشت ۽ بي رحميءَ جو ھڪ زوردار طوفان ھوندو. جاسوسن وسيلي اطلاع مليو آھي تھ کيتران جو سردار انگريز سرڪار جو سچو ۽ کرو ساٿي آھي، پر جيڪڏھن ھو انگريز فوج خلاف اھڙيون ڪوڙيون خبرون ٻڌندو تھ سندس ارادو تبديل ٿي سگھي ٿو. جيڪڏھن لاڏو اٺ ھٿ ڪري بھ سگھجن، تھ بھ فوجي پيش قدمي متاثر ٿي سگھي ٿي. مارچ مھيني تائين ھن رڻ پٽ ۾ سخت گرمي جي موسم اچي ويندي. تنھن ڪري انگريزي فوج ھتي پير ڄمائي ويھي ڪانھ سگھندي. ان وقت فوج تھ وڙھڻ لاءِ تيار ھوندي پر کين اھو ويساھھ ويھي ويو آھي تھ سوڀ حاصل ڪري ڪانھ سگھبي، پر سڀ فوجي انگريز ڪونھ آھن. ڇا اھڙا فوجي ھر منزل تي اڌ خوراڪ تي راضي ٿي سگھن ٿا؟ ڇا جيڪڏھن فوج ھڪ جڳھھ تي کپ کوڙي ويھي رھندي تھ بيزاري تھ ڪانھ ٿي پوندي؟ پر بي چيني پيدا ٿي پوندي. ان کان سواءِ قتل ۽ چورين جي واقعن بھ ڪئمپ کي وائڙو ڪري ڇڏيو آھي؟ جت قتل پيا ٿين ۽ لاڏو جانور چورايا پيا وڃن، ڇا ھنن ڳالھين جو ڪو اثر ڪونھ ٿيندو؟ ھن فوجي ڪئمپ جي سامھون آڏيون ۽ اڀڪپريون ٽڪريون ڏسجي رھيون آھن انھيءَ جابلو علائقي ۾ تھ سڃ پئي ٿي واڪا ڪري. انھيءَ ڪري چئي سگھجي ٿو تھ وايو منڊل ڏاڍو اڻانگو آھي. اھڙي ماحول ۾ خود فوجي اھڙيون ڳالھيون ڪري رھيا آھن جن مان معلوم ٿي رھيو آھي تھ بجار سان جھيڙو ڳنڍڻ مشڪل ڪم آھي.

انھيءَ زماني ۾ گھڻو ڪري ھر ڪنھن جي سوچ اھڙي ھئي. ھڪ وڏي مصيبت کي تھ اڳئي عقلمندي سان ٽاريو ويو ھو. جيڪڏھن انھيءَ زماني ۾ جمڪ جي اوسي پاسي، قبائلي سردارن جو تيز رفتاريءَ سان پيڇو ڪجي ھا جنھن وقت فوج اڃا پھريون ڀيرو ھن ماٿريءَ ۾ قدم رکيو ھو تھ ڏاڍو چڱو ٿي وڃي ھا. ان وقت اھي جت بھ فوج سان جمڪ لڪ تائين گڏ ھلن ھا جيڪي پوءِ ڊڄ کان ڀڄي ھليا ويا ھئا. جڏھن فوج جمڪ لڪ وٽ پھچي وري کاڌ خوراڪ لاءِ پوئتي موٽي وڃي ۽ وري واپس اچي ھا تھ بجار ۽ سندس اتحادي تيستائين فوج جي غير حاضريءَ دوران لڪن تي قبضو ڪري وٺي ھا تھ انھن کي پڪڙڻ اڪ جي ماکي جيان سولو ھجي ھا. پر پوءِ پتو پيو تھ ھي بلوچ ڌاڙيل گھارو وٺي گنڊوئي طرف ھليا ويا ھئا. ڇاڪاڻ تھ کين محسوس ٿيو ھوندو تھ سر چارلس جمڪ لڪ کان نڪري اڳتي وڌندو ۽ پنھنجي پٺيان سڀني لڪن کي ھنن بلوچ سردارن لاءِ  کليو ڇڏي ڏيندو. انھيءَ لاءِ جيئن اھي مٿن قبضو ڪري وٺن. اھو جنگي منصوبو خطرناڪ ۽ مشڪل ھو. ڇاڪاڻ تھ ھن انگريز جنرل کي ھن بھادر ويڙھاڪن سان ھن ويران رڻ پٽ، خشڪ  ۽ خوفناڪ جابلو علائقي ۾ جھيڙو ڳنڍڻو ھو، جيڪي سندن چوڌاري ڪاريھر نانگن وانگي ڦري رھيا ھئا ۽ وڙھندا ھئا تھ شينھن وانگي حملا ڪندا ھئا. ڀاڳ جي ڳالھھ اھا ھئي جو جنگ جو فيصلو ڪندڙ مھان شڪتي جنرل چارلس خلاف ڪانھ ھئي. ھن نازڪ صورتحال دوران قلات جي خان جو وڪيل اچي ھن وٽ پھتو ھو. جنھن اچي جنرل کي ٻڌايو تھ ھو خان طرفان وفاداري ۽ دوستي جو پيغام کڻي پھتو آھي. معلوم ائين ٿي رھيو ھو تھ انگريز فوج جي اچ ۽ شاھپور تي ڪيل اوچتن حملن قلات جي شاھي درٻار کي ڇرڪائي ڇڏيو ھو. ان کان سواءِ قلات جي وزيراعظم بھ شخصي طور انگريز دوستيءَ جي کلي حمايت ڪئي ھئي. ان جو ڪارڻ اھو جو سندس ڀاءُ دريا خان ڏانھن خط لکيا ھئا، جي انگريزن خلاف ھئا ۽ اھي وچ ۾ پڪڙجي پيا ھئا. تنھن تي سر چارلس ھن ڏانھن پيغام موڪليو ھو تھ جيڪڏھن غداري جون اھي سرگرميون بند نھ ٿيون تھ توھان ٻنھي ڀائرن کي قتل ڪيو ويندو، ڀلي پوءِ اوھان بخارا ڏانھن ڀڄي وڃو. ظاھر ۾ تھ ھي وڪيل قلات جي خان جي طرفان دوستيءَ جو پيغام کڻي آيو پر ڳجھھ ڳوھھ ۾ وزيراعظم جي خطا کي معاف ڪرائڻ آيو ھو. ھن، انگريزجنرل کي بولان لڪ جي اوسي پاسي وارن قلعن کي ڪتب آڻڻ جو اشارو ڏنو ھو. ان بابت خان کي يقين ڏياريو ويو ھو تھ جنرل ھن جابلو علائقي ۾ فقط ڇھھ مھينا رھي ھليو ويندو. باقي ان علائقي ۾ نون قلعن جي تعمير انھيءَ مقصد سان ٿيندي تھ انھن ۾ انگريز فوج مستقل طور رھندي. ھن کان پوءِ منشي علي اڪبر کي قلات موڪليو ويو ھو تھ جيئن خان انگريز فوج لاءِ اٺن جي امداد ڏئي. ان کان سواءِ منشيءَ قلات جي وزيراعظم خانگي طور اھو ٻڌايو ھو تھ جنرل ھن شرط تي اوھان ٻنھي ڀائرن کي معاف ڪندو ۽ ھن شرط سان انگريز سرڪار اوھان کي پنھنجو وفادار دوست تسليم ڪندي جيڪڏھن اوھان وفادار رھڻ جو واعدو ڪندا. پر جيڪڏھن اوھان ھن وقت اٺ مھيا ڪيا تھ توکي سنڌ ۾ جاگير بھ عطا ڪئي ويندي. پر اھم شرط وفاداري ھوندو. اٺن حاصل ڪرڻ لاءِ اھا حڪمت عملي ڏاڍي سٺي ھئي، پر انھيءَ طريقي سان قلات جي قبائلي سردارن کي ھن مشڪل دور ۾ بغاوت ڪرڻ کان بھ روڪيو ويو ھو.

ھن وقت علي علي کي چيو ويو ھو تھ گنڊوئي لڪ ڏانھن وڌي. ھو جڏھن زري ڪوشتا ۾ موجود ھو تھ شاھپور سان رابطي جو ڪم ڏيندو ھو. پر سندس ماڻھو ڳجھھ ڳوھھ ۾ ھن علائقي ۾ گھمندڙ ڦرندڙ ڌاڙيلن سان ٻڌل ھئا. ھي ٽالپر حڪمران جنرل جي چوڻ تي اڳتي روانو ٿيو. ان کان پوءِ سر چارلس انگريز گھوڙيسوار دستن کي پاڻيءَ وارين جڳھن تي قبضي ڪرڻ لاءِ موڪليو. پر جيڪڏھن جت ڇڏي نھ وڃن ھا تھ ھنن گھوڙيسوار دستن کي اھو ڪم ڪرڻو نھ پوي ھا. بعد ۾ ھن مري سردار کي دوستي ۾ وڌيڪ سوگھي ڪرڻ جي ڪوشس ڪئي ھئي، ڇاڪاڻ تھ سر چارلس کي شڪ ٿيو تھ سندس نيت ۾ کوٽ پيدا ٿي رھيو آھي. اھڙي ريت کيس پنج ھزار رپيا انھيءَ مقصد سان ڏنا ويا ھئا تھ ھو بجار کي پڪڙي انگريزن جي حوالي ڪري. ان معاملي جي طئي ٿي وڃڻ کان پوءِ ھن جئڪب کي چيو تھ چانڊڪين ۽ مرين کي ڇڏي ڏئي تھ ھو ڀلي پنھنجن علائقن ڏانھن ھليا وڃن. ڇاڪاڻ تھ ھنن پنھنجي فرض جي ادائگي پوري ڪري ڇڏي آھي. ڇاڪاڻ تھ کيس محسوس ٿيو ھو تھ ھنن نازڪ حالتن دوران فوجي ڪئمپ ڀرسان ٿورا بلوچ سردار ھجڻ گھرجن. ھن جنرل، بجار کي گرفتار ڪرڻ لاءِ اھا حڪمت عملي اختيار ڪئي جيڪا ھو اڳي بھ استعمال ڪري چڪو ھو. ھن جئڪب کي چيو تھ ھو ھن ريت خط لکي تھ ”تازه دم فوجون اچي رھيون آھن. انھيءَ ڪري جمڪ لڪ وٽ موجود قلعن جي مرمت ڪري مضبوط ڪيو وڃي. اھا فوج بجار جي قتل ٿيڻ تائين اتي رھندي پر جنرل جي خواھش کيس قتل ڪرڻ جي نھ پر قيد ڪرڻ جي آھي ۽ جنرل ان سردار يا قبيلي کي وڏو انعام ڏيندو، جيڪو بجار کي زنده پڪڙي سندس حوالي ڪندو.“ کيس اھا بھ ھدايت ڪئي وئي ھئي تھ اھو اھڙي طريقي ۽ اھڙي رستي سان موڪليو وڃي جو وچ تي بگٽين کي ھٿ لڳي وڃي.“

اھڙي ڪم کان پوءِ ھو سارو ڌيان فوجي ڪم ڪار ڏانھن ڏيڻ لڳو ۽ ڪئمپ ۾ رھيل فوج کي سرگرم ڪري ڇڏيائين. اھو بھ حڪم ڪيائين تھ فوجي ڪئمپ جي اوسي پاسي واري علائقي جي صفائي ڪئي وڃي. ھن ھنٽر کي فوجي ڪالم ڏئي اڳتي روانو ڪيو تھ جيئن ھو ڀروارن گھارن ۽ ٽڪرين تي وڃي قبضو ڪري وٺي. انھيءَ وقت ڌاڙيل بھ دلير ٿي ويا ھئا، جيڪي رات جو فوجي چوڪين ڀرسان اچي گذرندا ھئا. ھڪ رات انھن مان پنجن ڌاڙيلن ان تنبوءَ ڀرسان ٻن ماڻھن کي قتل ڪري ڇڏيو جنھن ۾ ھيڊ ڪوارٽر قائم ٿيل ھو. ھنٽر انھن ماڻھن کي قتل تھ ڪري ڇڏيو پر ھنن انگريز فوج سان ڏاڍي بھادري سان ويڙھھ ڪئي وئي ھئي. انھن مان ھڪ جي جڏھن سيني ۾ بئنيٽ کپي وئي، تھ بھ ھن پنھنجي دشمن تي قاتلانھ حملو ڪيو. انگريز فوجي ٻي واھھ نھ ڏسي مٿس تفنگ جو فائر ڪري ھن مان جان ڇڏائي ۽ پوءِ بھ بئنيٽ ڌاڙيل جي سيني ۾ ٽنبيل رھي. ساڳئي وقت سمال پنج جي ماتحت پوليس ٽڪرين جي ڏکڻ پاسي کان تمام گھڻو چوپايو مال ھٿ ڪيو ھو. ان ئي وقت علي مراد کان بھ خط اچي پھتو ھو، جنھن ۾ ٻڌايو ويو ھو تھ ٿوري مقابلي کان پوءِ کيس ڇھھ اٺ ۽ چوپائي مال جا ٽي سؤ کن ڍور ھٿ لڳي ويا آھن.

ان موقعي تي ھڪ ڪھيري جاسوس خبر آندي تھ اتحادي سردار ھڪ مضبوط جاءِ وٽ موجود آھي. جيڪا ھتان ويھارو کن ميل پري ٿيندي. اھي سردار بک ۾ پاھھ ٿي مري رھيا آھن. ٻئي ڏينھن ڪئپٽن مئليٽ، علي مراد وٽان آيو، جنھن ٻڌايو تھ بيجار پيش پوڻ چاھي ٿو. ھتي تھ انگريز فوج جي صورتحال ڏاڍي نازڪ ھئي. جيڪا ھوريان ھوريان سڌري رھي ھئي ۽ کيس عزت ۽ وقات نصيب ٿي رھيو ھو. پر اھڙي خطرناڪ صورتحال ھوندي بھ ھن دلير جنرل ڪڏھن بھ گھٻرايو ڪونھ. پر موقعي تي جنگ کي ھڪدم بند ڪرڻ خطرناڪ ھو. تنھن ڪري ھن وراڻيو ھو تھ بجار خان اچي ۽ پنھنجا ھٿيار اچي منھنجي قدمن اڳيان رکي. ان کان پوءِ پنھنجن ماڻھن  سان گڏ درياھھ جي کاٻي ڪناري ان علائقي ۾ رھندو، جيڪو مان چوندس. ان کان پوءِ کيس معاف ڪيو ويندو. پر جيڪڏھن ھن اھي شرط قبول نھ ڪيا تھ کيس قتل ڪيو ويندو ۽ مون وٽ جي ھڪ سؤ ڊومڪي قيدي آھن تن کي بھ ڦاسي ڏني ويندي.

انھن قيدين کي قتل ڪرڻ جو ڪو ارادو ڪونھ ھو، پر اھو کيس دھمان ٻڌڻ لاءِ ائين چيو ويو ھو، پر ھتان نڪري وڃڻ وارو شرط صحيح ۽ سچو ھو. پامپي بھ جڏھن سلسليءَ جي سامونڊي ڌاڙيلن کي ڪڍيو ھو تھ ھنن بھ اھڙا ساڳيا شرط رکيا ھئا. سر چارلس نيپئر جي سوچ ھئي تھ جيڪڏھن ھنن ڌاڙيلن کي ان علائقي مان ڪڍي ڇڏي، جنھن ۾ ھو ڦرلٽ جون ڪارروايون ڪندا آھن ۽ انھن کي پوکي راھي ڪرڻ لاءِ مجبور ڪبو تھ اھي پنھنجون اھي گنديون عادتون ڇڏي ڏيندا. ھي سمجھي رھيو ھو تھ اھي ڌاڙيل ضرور ھئا پر بھادر بھ ھئا. کين ڪوشش ڪري شريف بڻائي سگھجي ٿو. ھي ماڻھو ڌاڙيل ضرورت ۽ جھالت ڪري ٿيا آھن. ھاڻي اھي پنھنجي ھن ڌنڌي کان خوش ناھن. سندس مرضي ھئي تھ ھنن کي ڪوشش ڪري شريف بڻائجي پر قتل نھ ڪجي.

تاريخ 5 فيبروري تي ھڪ فوجي دستي گشت ڪندي ڪيترن ھٿياربندن کي قتل ڪري ڇڏيو، جيڪي لڪن ڀرسان گھمي رھيا ھئا. ان کان فوج جي دمبالي ٽي سؤ فوجي ڪڍي، سمپسن جي حوالي ڪيا، جنھن ديراھھ واري علائقي ۾ پاڻ کي وڌيڪ مضبوط ڪيو ھو. انھيءَ زماني ۾ ڏڪار بھ ويھون وڄائي ڇڏيون ھيون، جنھن فوج کي وائڙو ڪري ڇڏيو ھو. ھٿ ايندڙ چوپايو مال ڪئمپ کي واڪ تي وڪرو ڪيو ويندو ھو. جيڪو کاڌ خوراڪ جو ھڪ وسيلو بڻجي ويو ھو. ھيءَ ھندستاني فوج جا ھر ٽي فوجي ساٿي گڏ ھوندا ھئا. تنھن ڪري اھڙي کاڌ خوراڪ گھڻو وقت ھلي ڪانھ سگھندي ھئي. لاڏو اٺ بھ ھن وقت تائين ھٿ اچي ڪونھ سگھيا ھئا. تنھن ڪري جنرل چارلس ڏاڍو مجبور ٿي پيو ھو. تنھن ڪري ھن فزجيرالڊ جي اٺ سوار فوج کي کاڌ خوراڪ کڻي اچڻ لاءِ شاھپور موڪليو. کيس اھو بھ حڪم ڏنو ويو ھو تھ اھڙي پيش قدمي دوران تونگ واري گھاري وٽ بيٺل فوج جي پڻ مدد ڪري. جيڪڏھن انھيءَ ماڳ جي اوسي پاسي کيس ڪو دشمن نظر اچي تھ مٿس حملو ڪري ان کان سواءِ ھن اٺ سوار فوج جي بھادريءَ جي پڻ نمائش ڪرڻي ھئي تھ اھا فوج پنھنجي ڪارڪردگيءَ ۾ سڀني کان اعلى ۽ اوچي آھي. ڀاڙي تي ھلندڙ لاڏو اٺ اھو سفر ڇھن ڏينھن ۽ ڇھن راتين ۾ سر ڪري سگھن ھا. اٺن جي ان قافلي جي سلامتي لاءِ پھريدار فوج بھ مقرر ڪئي وڃي ھا. پر فزجيرالڊ جي اٺ سوار دستي اھا پنھنجي مدد پاڻ ڪئي ھئي. ڇاڪاڻ تھ اھا پاڻ بھ فوج ھئي. ھن فوج حڪم موجب گھاري واري فوج کي بھ مدد ڪئي ۽ شاھپور تائين سفر ۾ فقط ھڪ ڏينھن ھڪ رات وتي ھئي ۽ پنجاھھ ميل پنڌ ڪري منزل کي پھتي ھئي. ان کان پوءِ اٺن تي پنجيتاليھھ ھزار پائونڊ اٽو کڻي، 8 تاريخ جي صبح جو اچي فوجي ڪئمپ پھتا ھئا. ھن فوج اوٽ موٽ جي ساري سفر ۾ ٽي ڏينھن ۽ ٻھ راتيون ورتيون ھيون. ان ساڳئي ڏينھن علي مراد وٽان پيغام پھتو تھ نھ رڳو بجار خان پر ٻيا سردار بھ پيش پوڻ لاءِ تيار ويٺا آھن. اھڙين مثبت ڳالھين جي واقع ٿيڻ مان معلوم ٿي رھيو ھو تھ اھو چارلس جي سوچ فڪر جو نتيجو آھي. ھن جنرل جي خواھش ھئي تھ اھڙي سونھري وجھھ مان ترت لاڀ پرائڻ گھرجي. تنھن ڪري ھن فزجيرالڊ جي واپس اچڻ کان ٻھ ٽي ڪلاڪ پوءِ سيبري لڪ ڏانھن روانو ٿيو، جيڪو علي مراد جي فوجي ڪئمپ کان اوڀر پاسي ھو. ھن ھنٽر کي مختصر فوج سان جمڪ لڪ وٽ ڇڏيو ھو. کيس چيو ويو ھو تھ ھو جمڪ ۽ لولي واري لڪن تي نظر رکندو رھي. سندس ھن پيش قدميءَ جو مقصد پيش پوندڙ سردارن مٿان دٻاءُ وجھڻ ھو تھ جيئن ھو پيش پوڻ ۾ دير نھ ڪن. جنرل جڏھن علي مراد جي ڪئمپ وٽان گذريو تھ ھن کيس ايلاز منٿون ڪيون تھ ھو سيبري لڪ کان اڳتي نھ وڃي، ڇاڪاڻ تھ سندس اڳتي وڌڻ سان سردار ڊڄي وٺي گوڏن تي زور رکندا ۽ پيش پوڻ جو ارادو تبديل ڪري ڇڏيندا. جنرل سندس چوڻ تي عمل ڪيو ۽ گھڻي رتو ڇاڻ ڪرڻ کان بچي ويو ۽ سيبري لڪ وٽ 4 تاريخ تائين ويٺو رھيو. ان کان پوءِ کيس شڪ ٿيو تھ بلوچ سردار بغاوت ڪرڻ لاءِ مھلت وٺي رھيا آھن. انھيءَ وقت ھن چيو ھو تھ ”مان ھنن رڻ پٽ جي نانگن تي ويساھھ ڪري ڪونھ ٿو سگھان، ٻئي ڏينھن تي سندس ڊاڪ يا سرڪاري خط آڻيندڙ عملي تي بھ سؤ جکراڻين حملو ڪيو. جنھن جي نتيجي ۾ انگريز جنرل جا ڪيترائي ماڻھو مارجي ويا ھئا. انھن جکراڻين بھانو ڪيو ھو تھ ھو انگريز فوج جي اريگيولر گھوڙيسوار فوج سان تعلق رکن ٿا ۽ سرڪاري خط آڻيندڙ سرڪاري ماڻھن سان دوستاڻي ماحول ۾ ڳالھيون ٻولھيون ڪرڻ لڳا ھئا. ان کان پوءِ اوچتو وار ڪري، جکراڻين ان ماڻھوءَ کي قتل ڪري ڇڏيو، جنھن سان ھو ڳالھائي رھيو ھو. انھن مقتولن مان ھڪ ماڻھو ان صوبيدار جو پٽ ھو جنھن اچ ۾ بھادريءَ سان مقابلو ڪندي پنھنجي جان قربان ڪئي ھئي.

ھن واقعي کان ڊڄي ڪري ڪئپٽن کي مئڪمرڊو کي سيبري لڪ کان پرئين پاسي موڪليو ويو ھو تھ جيئن اتان جو واءُ سواءُ لھي سگھجي. ان کان ستت ئي پوءِ جنرل پاڻ سندس واھر لاءِ نڪري پيو ھو. ھو اڃان ٿورو اڳتي وڌيو تھ کيس چوپائي مال سان گڏ واپس ايندو ڏٺو ھئائين. لڪ وچان لنگھندي مئڪمرڊو مٿان توڙيدار بندوق وسيلي فائر ڪيو ويو ھو. ان ھوندي بھ ھو بنا ڪنھن ڊپ ڊاءَ جي چوپائي مال جي ڌڻ کي لڪ وچان ھنيون آيو، پر ڊڄي ڌڻ مان ھٿ ڪونھ ڪڍيا ھئائين. ان کان پوءِ ھو دشمن جي پٺيان ڦري آيو. تنھن ڪري دشمن لڪ واري ٽڪريءَ تان ھيٺ لھي ويو. ان کان پوءِ ڪئپٽن اتي ويٺو رھيو تھ متان ڪو نئون ڌاڙيل ٽولو سندس فوج جي دمبالي تي حملو ڪري، ھن سان گڏ مغل سوار ھئا. ھن مٿان جڏھن بندوق جو پھريون فائر ٿيو ھو تھ اھي ڇرڪي ويا ھئا. پر مئڪمرڊو جي بھادري ڏسي ھو بھ دلير ٿي ويا ھئا ۽ ھمت ڪري ڌاڙيلن کي ڊوڙائي، سندن جبلن ۾ ڇڏي آيا ھئا. جتي اھي ڪئربائين جي فائرن ڪري کين گھڻو نقصان پھتو ھو. ھن واقعي کان پوءِ مئڪمرڊو نھايت احتياط سان لڪ اڪري پار پيو ھو. اھو واقعو اھڙو ھو جنھن وسيلي ڪئپٽن مئڪمرڊو جي عقلمندي ۽ بھادري نمايان ھئي. ڪئمپ تي پھچڻ کان پوءِ فوجين کي ايترو انعام ڏنو ويو، جيتري چوپائي مال جي قيمت ھئي.

اھو واقعو نائين تاريخ تي ٿيو ھو. تاريخ 10 تي ڪئپٽن سالٽر جي گھوڙيسوارن کي الڳ ڪري سمپسن ڏانھن موڪليو ويو ھو. 11 تاريخ تي ائڊجوائنٽ جنرل ميجر گرين کي ھڪ ڪالم فوج ڏئي ديراھ واري جابلو علائقي ڏانھن موڪليو ويو ھو جنھن لاءِ پھريدار دستن کي ھنٽر جي ڪئمپ مان چونڊيو ويو ھو. انھن ڪجھھ ڌاڙيلن کي قتل ڪري، چوپائي مال جا اٺ سو ڪن پاڻ سان آندا ھئا. ساڳئي ڏينھن پيراڍن يا ڀاڳين کي پگھار تي مقرر ڪيو ويو ھو تھ جيئن انھن ڌاڙيلن جا پيرا کڻي سگھجن جن ڊاڪ يا سرڪاري خط ڦريا ۽ سرڪاري ماڻھو ماريا ھئا. شڪ ھو تھ اھڙي واقعي جا مجرم علي مراد جا ماڻھو ھئا،جيڪي پاڻ بھ بلوچ ھئا ۽ جن جي گھوڙيسوار دستن سان دشمني ھئي. ڇاڪاڻ تھ مئڪنزي جي فوجي ڪارروائي ۾ سندن ذات جي بلوچن کي قتل ڪري ڇڏيو ھو. تنھن ڪري ھنن پلاند ۾ ڊاڪ ڦري ھئي ۽ ماڻھو بھ قتل ڪيا ھئا. انھن مجرمن جا پيرا جابلو علائقن ڏانھن ويا ھئا. مير کي اڳينءَ ڪوتاھيءَ ڪري ڇنڊ پٽي وئي ھئي. جڏھن کيس چيو ويو تھ ھن بھ غداري ڪئي آھي ۽ ھو اچي ويو. کيس چتاءُ ڏنو ويو تھ جيڪڏھن سندس غداريءَ جو ثبوت مليو تھ ڪئپٽن مئليٽ ۽ ڪئپٽن ڪرلنگ ھن جي فوج مٿان توبخاني وسيلي گولاباري ڪندا.

جنرل چارلس 12 تاريخ تائين بجار خان ۽ ٻين سردارن جي اوسيئڙري ۾ ويٺو رھيو پر اھي نھ اوري نھ اڳي. تنھن ڪري کيس علي مراد جي نيت ۾ کوٽ ڏسڻ ۾ آيو. کيس پرون پيا تھ علي مراد جيڪا بجار ۽ ٻين سردارن جي پيش پوڻ جي ڳالھھ ڪئي ھئي سا دراصل ھنن کي سک فوج سان ملڻ جي مھلت درڪار ھئي. ان وقت ھن سوچيو ھو تھ وٽس تيرھن سؤ پيادل فوج، ڏھھ توبون ۽ ڇھھ سؤ گھوڙيسوار آھن. ان کان سواءِ ھن وٽ ٻھ ھزار رزرو فوج شاھپور ۾ بھ موجود آھي، جيڪا ساڻس مھل سر واھر ڪري سگھندي پر بعد ۾ ھن سمجھي ورتو تھ علي مراد ڪنھن بھ قسم جي غداري ڪانھ ڪئي آھي نھ وري کيس اھڙي جرئت آھي. جيڪڏھن سچ پچ ۾ بجار ۽ سندس نوان اتحادي سکن کي وٺي اچڻ ۾ سوڀارا ٿيا تھ بھ کيس ڪا پرواھھ ڪانھ آھي، پر ھو ڏاڍو سچيت رھندو ھو. ھن ھنٽر کي ۽ سندس فوج ڪالم کي پاڻ وٽ سڏائي ورتو ۽ جمڪ واري لڪ تي بيھڻ لاءِ فزجيرالڊ جي اٺ سوار دستن کي مقرر ڪيو ويو ھو، جنھن جي نگراني اڳ ھنٽر جي حوالي ھئي. ان کانپوءِ ھن مزارين ڏانھن ھڪ خط لکيو ھو، جنھن ۾ ڌمڪيون ڏنل ھيون تھ جيڪڏھن بجار ۽ ٻين سردارن کي سھائتا ڏيندؤ تھ توھان جو خير نھ ھوندو. بعد ۾ ھن اھڙي موزون جڳھھ جي چونڊ ڪئي، جنھن وٽ منزل ڪري ويھھ ھزارن دشمنن کي مڙسيءَ سان منھن ڏئي سگھجي.

13 تاريخ تي ھنٽر اچي فوجي ڪئمپ تي پھتو. ان ساڳئي ڏينھن تي اتحادي سردارن جا مائٽ علي مراد وٽ آيا ھئا ۽ کيس چيو ھئائون تھ جھڙي ڪرڻي تھڙي ڀرڻي. جيڪڏھن انگريز ڪمانڊر اسان جي قيدي مائٽن کي قتل ڪيو تھ جنگ جو سلسلو اڻ کٽ ٿي ويندو. اھو پڻ اطلاع ڏنو ويو ھو تھ ھنن مان شير محمد بھ پنھنجي پنج ھزار ساٿين سان گڏ ھوندو.

جنرل چارلس بھ فولاد جو ٺھيل ھو، جنھن وراڻيو اھو اوھان جي مٿان آھي تھ قيدي وٺو يا نھ وٺو. اھڙي چونڊ اوھان کي ڪرڻي آھي. 14 تاريخ تي ھنن ھڪ ڏينھن جي مھلت ورتي. تنھن تي ھن چيو تھ ھڪ ڏينھن تھ ڇا مان ھڪ ڪلاڪ بھ مھلت ڏئي ڪونھ ٿو سگھان. جيڪڏھن اھي سڀ سردار منھنجي فوجي ڪئمپ ۾ اڄ نھ ٿا اچي سگھن تھ مان پنھنجي فوج سميت سندن جابلو علائقي ۾ ھنن جو مھمان ھوندس. پر سارو رحم ۽ ٻاجھھ ٻئي سامان سان گڏ شاھپور موڪليو ويندو. جيڪڏھن اوھان سان گڏ شير محمد اچي ٿو تھ اھا معزز شخصيت آھي. آءٌ ان جي شاندار آجيان ڪندس. مون وٽ ايتري فوج آھي جيتري دٻي واري جنگ جي ميدان تي ھئي. پر جيڪڏھن ساڻس دٻي واري فوج کان گھٽ ماڻھو ھوندا تھ مون کي ڏاڍو افسوس ٿيندو.

سر چارلس جي سخت ۽ رکي رويي کان متاثر ٿي قيدي بلوچن سان ۽ مائٽ علي مراد سان ڳالھائڻ بدران تاريخ 15 تي سڌو فوجي ڪئمپ اچي ھن سان مليا ھئا. سندن اچڻ ڄڻ تھ مائٽن جي سفيرن وانگي ھو، ھنن ٻڌايو تھ بجار خان جي گھرواري وفات ڪري وئي آھي. تنھن ڪري کين پيش پوڻ ۾ دير ٿي وئي آھي. اھو ئي ڪارڻ آھي جو اھي 19 تاريخ تائين پھچي ڪونھ سگھندا. اھو وقت کيس ڪفن دفن جي رسمن رواجن کي پوري ڪرڻ ۾ لڳي ويندو. سر چارلس نيپئر بجار جي پيش پوڻ جا شرط اھي رکيا جيڪي کين چئي ڇڏيا ھئا. باقي ٻين لاءِ ھن نوان شرط رکيا. سلام خان بگٽي قسم کڻندو تھ ھو اڳنان واسطي انگريز سرڪار جي علائقن تي حملا نھ ڪندو. ان کان سواءِ قلات جي خان جي سلام تي بھ ويندو جيڪو ھن جو قانوني حڪمران آھي. دريا خان جکراڻي لاءِ ھي شرط آھي تھ ھو لڏي ھلي سنڌ وھندو. ان سان گڏ ھو سندس وفاداري جي ساک اسلام خان بگٽي کان وٺندو، جيڪو ھن ساري قبيلي جو صفا مٽ ھوندو. جيڪڏھن اسلام خان ائين نھ ڪندو تھ دريا خان کي سنڌ ۾ وھڻو پوندو، باقي ھن جي قبيلي سان جنگ جاري رھندي. ننڍن سردارن لاءِ بھ شرط اھي ساڳيا ھوندا پر جيڪڏھن کيس اھا خبر ھجي ھا تھ ھنن جا ٻيا اتحادي ڌاڙيل ڪٿي آھن تھ ھو ھن قسم جي ٺاھھ جي ڳالھين ھوندي مٿن وڃي اوچتو ڪڙڪي ھا. جنرل ٺاھھ ۾ کليءَ دل جو مظاھرو ٻن ڳالھين ڪري ڪيو ھو. ھڪ تھ وٽس اٺ ڪونھ ھئا، ٻيو تھ کيس اھو خوف ھو تھ متان اھي سردار ملتان جي حڪمران وٽ نھ پناھھ وٺن. پر ھن جا ڪي اصول مقرر ھئا تھ ھو ڪڏھن بھ گھٻرائيندو ڪونھ ھو، نھ وري پنھنجي گھٻراھٽ کي محسوس ٿيڻ ڏيندو ھو. ٻيو تھ ھو بلوچ سردارن سان نھ جنگ جي ميدان ۾، نھ وري ٺاھھ جي ڳالھھ ٻولھھ ۾ پوئتي پوندو ھو. تنھن ڪري ھن پنھنجي اعلان کي ورجائيندي چيو ھو تھ انشاءَ الله آءٌ 16 تاريخ تي دوز ڪوشتا پھچندس ۽ بجار خان جي گھرواري جي وفات ڪري اتي 19 تاريخ تائين ترسندس ليڪن  15 تاريخ واري رات جو مينھن وسي پيو. ان ڪري اٺن لاءِ تنبو کڻڻ مشڪل ھو. ان ھوندي بھ ھن ڏنل تاريخ ۾ توسيع ڪانھ ڪئي ھئي ۽ پنھنجي حڪمت عمليءَ کي جيئن جو تيئن رکيو ھو ۽ سفيرن کي ٻڌائي ڇڏيو ھئائين تھ ھيءَ قدرتي روڪ ۽ رنڊڪ ھڪ فطري حدبندي ھوندي آھي، پر ھو پنھنجي طرفان ڪابھ لچڪ ڪونھ ڏيکاريندو، ڀلي اھا خدا جي مرضي نھ بھ ھجي. مشرق جي رسم ۽ رواج مطابق وقت جي پابند نھ ڪرڻ جا ڪيترائي سبب ڄاڻايا وڃن ھا، جھڙوڪ گورنر جنرل جا حڪم ڪونھ مليا آھن يا علي مراد جي طاقت جي خوف جو بھانو بھ ڏنو وڃي ھا. پوئين ڳالھھ ۾ تھ ڪابھ سچائي ڪانھ ھئي، ڇاڪاڻ تھ ھو پنھنجي ماڻھن وسيلي جابلو ماڻھن سان واسطي ۾ ھو ۽ ڪنھن وڏي واقعي ۾ آسرو رکيون ويٺو ھو. ھن اھو بھ اعلان ڪري ڇڏيو ھو دوز ڪوشتا ڏانھن وڌندو توڙي جو کيس رڻ پٽ جي وٽ ھيرڻ ڏانھن وڌڻ جو حڪم ملندو. ھن جي پھرينءَ گس ڪري دشمن نڪري گنڊوئي ڏانھن نڪري ھليو ويو ھو. جيڪڏھن ھو اھڙي بيگوندرائي نھ ڪري ھا تھ جنگ تھ ان وقت تي ختم ٿي چڪي ھجي ھا ۽ ھن ڍر ڪري ھرڀر گنگڻ ڳچيءَ ۾ وجھي ڇڏيو ھو. جڏھن ھن کي سر چارلس طرفان پيش قدميءَ جو حڪم مليو ھو تھ ھن ڪاوڙ جو اظھار ڪيو ھو ۽ پاڻ کي اھڙن حڪمن کان آزاد سمجھيو ھئائين. جيڪڏھن ھو ائين ڪري ھا تھ وڏو ھاڃو ٿي گذري ھا. پر جلد ئي کيس اھڙو ٻيو سبق سيکاريو ويو ھو. پر جنرل چارلس کيس اڳواٽ ئي حڪم ڏنو ھو تھ ھو دوز ڪوشتا ڏانھن نھ وڃي. ان حڪم سان گڏ کيس ھي پيغام بھ ڏنو ويو ھو تھ جيڪڏھن تو وڃي پاڻيءَ واري انھيءَ جڳھھ تي قبضو ڪيو تھ توب جو ھڪ گولو ڇوڙيو ويندو جيڪو تنھنجي انھيءَ شاھي تنبوءَ مان پار نڪري وڃي ٻئي پاسي پوندو اھو ڄڻ ھڪ اشارو ھوندو تھ پنھنجي ڪئمپ پٽي ھتان ٽري وڃ.

16 تاريخ شام جو سيبري جا کوھھ خالي ھئا توڙي جو اڳئين شام جو مينھن بھ وسيو ھو ۽ فوج پاڻيءَ ڦڙي ڦڙي لاءِ ٻاٿون کائي رھي ھئي. پر اوچتو ئي سامھون واري جابلو علائقي مان ھڪ نئين وھي آئي، جيڪا سٺ گز ويڪري ۽ ٻھ فوٽ اونھي ھئي جيڪا وھندي اچي وچ ڪئمپ ۾ ڪاھي پئي. فوجي اھا اوچتي رحمت ڏسي اچرج ۾ اچي ويا ۽ ڏاڍا خوش ٿيڻ لڳا ھئا ۽ پاڻيءَ جي ڏوگاھي کان ڇٽي پيا ھئا ۽ سمجھي رھيا ھئا تھ اھو خدا طرفان رحمت جو ريلو آھي. جنرل چارلس کي جابلو علائقن جي ڄاڻ ھئي ۽ کيس اڳواٽ پتو پئجي ويو ھو تھ جابلو نئين ضرور وھي ايندي. ھن اھڙي حقيقت پنھنجي ڊائري ۾ لکي ڇڏي ھئي. ھنن ملڪن اندر مختلف قسمن جا ماحول ھوندا آھن، جن بابت اڳڪٿي بھ ڪري سگھجي ٿي ۽ انھن کي سوچي ويچاري تبديل بھ ڪري سگھجي ٿو. ھنن روھن ۽ ڪوھن مان وھي ايندڙ نئين بھ اھڙي آھي جنھن بابت بھ اڳڪٿي ڪري سگھجي ھا ۽ ان کي پنھنجي سھوليت لاءِ بھ ڪتب آڻي سگھجي ھا. اھڙيون اڳڪٿيون ڪرامت ڪري سمجھيون وينديون آھن. جڏھن اسان شاھپور ڏانھن وڌي رھيا ھئاسين تھ پيش قدمي دوران رڻ پٽ ۾ ”مڻ“ ھٿ اچي ويو ھو. ھڪ فوجي سپاھي جيڪو پھريون ڀيرو مون وٽ اھا شيءِ کڻي آيو سو چوڻ لڳو ”سائين ھي تھ ڪرامت آھي ۽ اھا ٻوٽن تي پئي آھي جيڪا کاڌ خوراڪ آھي ۽ کائي بھ سگھجي ٿي. اھا شيءِ تھ خدا طرفان موڪلي ويندي آھي، اھا بھشت مان ايندي آھي، اھا بلڪل ئي ڪرامت آھي.“

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 41 42 43 44 45

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org