سيڪشن: تاريخ

ڪتاب: سنڌ جي انتظامي تاريخ

باب:

صفحو: 11

ھتان جو سامونڊي بندر ڏاڍو ڏکيو آھي. بندر کي ڀيٽيندڙ جھاز پري کلئي سمنڊ ۾ اچي بيھندا آھن، جتان تجارتي مال ۽ فوج کليل ٻيڙين وسيلي کاڙي اڪري اچي ڪناري تي پھچندا آھن. ڪڏھن تھ وري اھڙي حالت ٿي ويندي آھي جو فوج يا تجارتي سامان ساري رات سمنڊ ۾ بيٺل جھاز ۾ ترسيل ھوندو آھي. عام طور تي اھو بھ ڏسڻ ۾ آيو آھي تھ فوجي جھاز تان لھي، پنيءَ ٻوڙ پاڻي جھاڳي، اچي ڪناري تي پھچندا آھن. ڪڏھن کين گپ مان بھ جھاڳڻو پوندو آھي، جيڪو صحت لاءِ سخت ھاڃيڪار آھي. انھيءَ تڪليف کان بچڻ لاءِ سمنڊ وچان ھڪ دمدمو ٺھرايو ويو آھي، جيڪو ڪناري کان ان جاءِ تي پھچندو آھي، جتي سمنڊ ۾ جھاز اچي بيھندو ۽ جنھن مان فوجي لھي دمدمي وسيلي اچي ڪناري تي پھچندا آھن. دمدمي وارو اھو رستو چوويھھ ئي ڪلاڪ کليل رھندو آھي، جيڪو سمنڊ جي کاڙي ۽ گپ اڪري سلامتي سان اچي ڪناري پھچي ٿو. ھن سھوليت جي ڪري چوويھھ ئي ڪلاڪ جھازن مان سامان لھندو ۽ چڙھندو آھي. سال جي ابتدائي حصي ۾ ھتي ڪي مختصر ڪاريگر موجود ھئا. اھو گھٽ تعداد بيماريءَ ڪري ھو، پر اھڙيءَ کوٽ کي پوري ڪرڻ لاءِ ممبئي مان چار سو ڄاڻو ماڻھو گھرايا ويا ھئا. ڇاڪاڻ تھ اھو تعميراتي ڪم ٻھ ميل ڊگھو ھو، جيڪو سامونڊي پاڻيءَ ۾ گپ وچان ٺاھڻو ھو ۽ ھن شھر جي اوسر ۽ ترقي لاءِ نھايت اھم ھو. ھندستان سرڪار بھ ھيءَ رٿ پيش ڪئي ھئي تھ اتر ستلج واري سرحد کي محفوظ رکڻ لاءِ اضافي فوج موڪلي ويندي، جيڪا سنڌ کان ٿيندي مٿي ويندي. اھو بحث جو ھڪ اھم نڪتو آھي تھ فتح کان پوءِ ھي سنڌ ملڪ ھندستان سرڪار جي مضبوط سرحد بڻجي ويو آھي.

ڪراچيءَ جي بندر کي سنڌو درياه جي اھم ۽ ويجھي ڀرتي ڪندڙ شاخ ملائڻ ضروري آھي. انھيءَ لاءِ جيئن ان کي تجارت جي شھھ رڳ بڻائي سگھجي. انھيءَ دور ۾ صورتحال ائين ڪونھ ھئي. ان زماني ۾ وڌ ۾ وڌ تجارتي قافلا سيوھڻ کان ايندا ھئا، جيڪي ٿاڻي احمد خان کان ٿيندا، ڪراچي پھچندا ھئا. اھو رستو ھالا جبل جو ترو ڏئي ھلندو ھو. تنھن ڪري ھن عظيم درياه کي تجارتي اھميت ڏيڻي ھئي. گھاري جي نالي سان سنڌوءَ جي ڦاٽ جو پراڻو وھڪرو آھي، جيڪو ھاڻي لٽجي ۽ پورجي ويو آھي. ڦاٽ جو پراڻو پيٽ ڪراچيءَ ويجھو گذري کاڙي کان ھلي، وڃي سنڌوءَ سان ملي ٿو، جنھن جي ھاڻي سروي بھ ٿي چڪي آھي. انھيءَ مقصد سان تھ جيئن ھن ھنڌ آگبوٽن واري آمدرفت شروع ڪري سگھجي. ھي پراڻو وھڪرو جھرڪ شھر ڀرسان سنڌوءَ سان ملي ٿو. تنھن ڪري آگبوٽن جي پھرين اسٽيشن بھ انھيءَ ماڳ وٽ ٺاھي ويندي. ساڳيءَ ريت حيدرآباد سان فوجي رابطو بھ ٺٽي وسيلي رھندو، جتان فوجي آگبوٽ، گھاري کان سنڌوءَ ۾ داخل ٿيندا. پر ھن آبي رستي سان مشڪلاتون تمام گھڻيون آھن، ڇاڪاڻ تھ سنڌوءَ وسيلي آمدرفت ۽ تجارتي مال چاڙھڻ لاھڻ ڏکيو ٿي ويندو آھي، ڇاڪاڻ تھ سامونڊي ڪناري ڀرسان پاڻي گھڻو اونھون ٿي ويندو آھي. صبح جو وري سامونڊي پاڻي لٿل ھوندو آھي. سنڌوءَ جي وھڪري جي سامھون وڪرsand back  ظاھر ٿي پوندي آھي اھڙيءَ ريت حيدرآباد پھچڻ ۾ ٽي ڏينھن لڳي ويندا آھن. ڇاڪاڻ تھ جڏھن لھرون طاقتور ۽ تيز ھونديون آھن تھ ٺٽي جھڙي غير صحت بخش ماڳ وٽ ھڪ ڏينھن ۽ ھڪ رات ترسڻي پوندي آھي.

اھڙن ڏچن کان لنوائڻ لاءِ خشڪيءَ وسيلي سفر ڪرڻ لاءِ ھڪ رستو سوچيو ويو آھي، جيڪو ڪراچيءَ کان نڪرندو ۽ گھاري جو اتر ڏئي ڪوٽڙيءَ پھچندو. ھي ماڳ حيدرآباد جي آمھون سامھون آھي. انھيءَ رستي سان سفر ٽيھھ ميل وڌي تھ ويندو پر فوج، پاڻيءَ واري سفر کان جلدي پنھنجي منزل تي پھچي ويندي. باقي ٻيو سفر ٻن ڏينھن اندر طئي ڪري سگھندي. جيڪڏھن رفتار تيز آھي تھ فقط ھڪ ڏينھن لڳي سگھي ٿو. اھو بھ سوچيو ويو آھي تھ ھن رستي مان ھڪ ماڳ جھرڪ ڏانھن وڃڻ لاءِ بھ تيار ٿيڻ گھرجي. ھن ماڳ وٽ درياھھ جا ڪنارا جابلو آھن. تنھن ڪري لھڻ ۽ چڙھڻ سولو ٿيندو. ھي رستو ھڪ سؤ ميل ڊگھو ٿيندو. جنھن سان ڇانو جو بندوبست ڪيو ويندو. جنھن ۾ ريجمينٽ جي ھڪ ونگ خوشيءَ سان ماپي سگھندي. ھي اھڙو نشان ھوندو جنھن ۾ سفر ڪندڙ فوج سولائيءَ سان سمجھي سگھندي تھ اھا منزل ڪرڻ واري جڳھھ آھي. ھنن جڳھن جي تعمير ڪري مزدوري بچي پوندي. تنبن کوڙڻ ۽ اکوڙڻ تي وقت جو زيان ڪونھ ٿيندو. ان کان سواءِ اھڙي سامان جي لاھڻ چاڙھڻ جي سيڙپ بھ ڪانھ ٿيندي. ليڪن فوج جو سفر ٿڌيءَ رت ۾ ٿيندو آھي. اھڙيون سھولتون فقط اھڙا ماڻھو محسوس ڪري سگھندا، جن کي خبر آھي تھ اوڀر واري ملڪ ۾ پھريون ڀيرو ايندڙ فوج بي پھچ، لاچار ۽ جسماني طور ڪمزور ھوندي آھي.

اھڙن رستن ۽ سھوليتن جي تجويز فقط ان علائقي لاءِ ھئي، جنھن جو مرڪز ڪراچي شھر آھي. اھڙين سھوليتن جو استعمال بھ جلد ٿيندو. اھڙيون سھوليتون نھ رڳو اڄ واري معاشري لاءِ ھونديون،پر مستقبل جو معاشرو بھ انھن سھوليتن مان فائدو حاصل ڪندو. ھن کان سواءِ ڪي ٻيا بھ اھڙا منصوبا ھئا، جيڪي سر چارلس جي سرڪار انھيءَ ڪري ختم ڪري ڇڏيا ھئا تھ بار بار لکپڙھھ ڪرڻ باوجود ضروري قدم ڪونھ ٿي کنيا ويا يا وري اھڙن خطن جو جواب ضروري تصور ڪونھ ٿي ڪيو ويو.

ڪراچيءَ کان پوءِ حيدرآباد تجارت جو اھم مرڪز آھي، جنھن جي حال ۽ مستقبل جي ترقي لاءِ وڏا منصوبا تيار ڪيا ويا ھئا.

فوجين لاءِ بئرڪون پڪسريون ٺاھيون پيون وڃن، جن ۾ ڪمرا ڪشادا ۽ اتانھا ھوندا. اھڙيون جڳھيون پھاڙ تي ھونديون، روشنيءَ ۽ ھوا جو بھتر بندوبست ھوندو. ھيٺينءَ جڳھھ کي رات جو زمين مان نڪرندڙ بخارن کي روڪيو ويندو.

حيدرآباد جي قلعن جي مرمت ڪرڻ، انھن کي مضبوط ڪرڻ ۽ صفائي بندوبست رکڻ ڪو سولو ڪم ڪونھ آھي، پر اھو ڪم ھاڻي مڪمل ٿي چڪو آھي. ٽالپرن جي جوڙايل قلعن جو مٿي ذڪر ڪيو ويو آھي، جيڪي ھاڻي مضبوط ڪيا ويا آھن. جيڪي ناقابل شڪست آھي. انھن تي جيڪڏھن اونھاري يا سياري ۾ گھيرو ڪبو تھ دشمن فوج کي مليريا چنبڙي ويندي. ڇاڪاڻ تھ اھي اترين جابلو چوٽين تي جوڙيا ويا آھن، جيڪي پندرھن فوٽ مٿي آھي. قلعي کي مٿان پٽي اندر اچي سگھجي ٿو. قلعي جي تعمير ۾ ڪتب آيل پڪيون سرون ڏاڍيون لسيون آھن،تنھن ڪري ائين ڪرڻ بھ ڏاڍو ڏکيو ھوندو. جيڪڏھن ڦاٽڪ وسيلي قلعي اندر داخل ٿيڻ جي ڪوشش ڪبي تھ بھ ڪاميابي ڏاڍي مشڪل آھي. قلعي اندر ست کوھھ آھن، جيڪي ٽالپر حڪمران لٽرائي ڇڏيا آھن، جن کي ھاڻي برطانيھ جي فوج صاف ڪرڻ ۾ مصروف آھي. انھن جو پاڻي مٺو ۽ سٺو آھي. ھن قلعي کي اڳ ۾ ھڪ ڦاٽڪ ھو، پر ھاڻي ٻيو بھ تعمير ڪيو ويو آھي. جنھن لاءِ اترئين پاسي کان گول ڀت ڏني وئي آھي. جڏھن تھ ٻيون ڪيتريون جايون ڊاھي پٽ ڪيون ويون آھن. ان کان سواءِ قلعي ۽ فوجي ڪئمپ جي وچ وارو رستو بھ ساڳي ريت ڪي جڳھون ڊاھي بڻايو ويو آھي. ليڪن فوجي ڪئمپ ۾ قلعي جي رابطي لاءِ چبوترن ٺاھڻ جي موڪل ڪانھ ڏني وئي ھئي.

ھنن سڀني تعميراتن پويان فوجي مقصد ھئا، جن جي ابتدا تھذيب جي واڌاري ۽ ترقيءَ واسطي ڪئي وئي ھئي. ۽ انھن جي ضرورت بھ ھئي. ابتدا بھ فوجي قسم جي تعميراتن کان ڪئي وئي آھي. شھر جي چوڌاري پاڻيءَ جا تلاءَ موجود ھئا، جن کي پورائي ختم ڪيو ويو آھي. جن جي بدران پٿرن جي فرشبندي ڪري وڏا تلاءَ ٺھرايا ويا آھن. حيدرآباد شھر کي ھنن تلائن مان پاڻي ملندو ھو، جيڪي ھر سال سنڌوءَ جي چاڙھھ ڪري ڀرجي تار ٿي ويندا ھئا ۽ ڌرتتيءَ ڪري گندا بھ ٿي ويندا ھئا. ان کان پوءِ ميرپور خاص ۽ عمرڪوٽ جي وچ واري رستي جي تعمير ھئي، جنھن جو فاصلو نوي ميل ھو. رستي ۾ ڪيترن ننڍن وڏن واھن تي پليون ٺاھيون ويون ھيون. سڀني کان وڏي پل ڦليليءَ مٿان ٺاھي وئي ھئي، جنھن جو اھم مقصد فوجي رابطو ھو. پر اھڙن رستن ۽ پلين ٺاھڻ جو ٻيو مقصد اھو ھو تھ جيئن وچ سنڌ جي راڄڌانيءَ کي زراعتي تجارت جو مرڪز بڻائي سگھجي. ٽين ڳالھھ تھ حيدرآباد ۽ ڪڇ جي وچ تي ھڪ سو ميل ڊگھو رستو جوڙيو ويو ھو. جنھن جو مقصد انتظامي ۽ فوجي ھو. انھيءَ رستي وسيلي سنڌوءَ جي ڇوڙ واري علائقي کي کولڻو ھو، جيڪو سنڌ جو وڌ ۾ وڌ سکيو ستابو ۽ شاھوڪار علائقو آھي. ان سان گڏ ھي نھايت خطرناڪ علائقو بھ آھي، جيڪو باغي ماڻھن جي ور چڙھي ويو آھي.

ھن علائقي کي سھوليتون ڏيڻيون آھن ۽ ان جي خبرداريءَ سان نظرداري بھ ڪرڻي آھي. ھتي ھندو تمام گھڻا رھندا آھن، جن مٿان بلوچ نسل جي ماڻھن ڪيس ۽ ڪلور جا دنگ ڪري ڇڏيا آھن. بلوچن جو ڏاڍ ڏمر تھ سنڌ جي ھر علائقي تي گھڻو رھيو آھي، پر ڇوڙ واري علاٰئقي ۾ ظلم ۽ زوراوريءَ جا سڀ ليڪا لتاڙي وڃي پار پيا آھن. چوٿين ڳالھھ، اتر ويندڙ رستيءَ لاءِ مياڻيءَ ڀرسان ٻيءَ پل جي تعمير ھئي. ھن پل جي تعمير سان ڪراچي ۽ سکر وچ ۾ فوجي رابطي کي مڪمل ۽ سولو ڪرڻ ھو. اھڙن رابطن کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ جي ارادي سان مارڻ سان گھر يا چبوترا تعيمر ڪرڻا آھن جن ۾ ٻھ ٽي فوجي رکيا ويندا. اھڙي اسٽيشن وڏي ٻيلي ڀرسان ۽ سنڌوءَ جي ڪناري سان ھوندي،جنھن جو مقصد اتي رھندڙ ايجنٽ جو تحفظ، ٻيلي جو بچاءُ ۽ آگبوٽن جي آمدرفت جي نظرداري ھوندي، تھ متان ڌاڙيل اچي انھن کي ڦري لٽي نھ وڃن. ان سان گڏ سنڌوءَ جي ساڄي ڪناري سان رھندڙ ماڻھن کي احساس ڏياريو ويندو تھ اھڙيون ھشيون وڏي اھميت رکن ٿيون جيڪي غريب ۽ نيم وحشي آھن. سر چارلس جو سنڌو درياھھ جي اٿل پٿل ڏانھن خيال آھي. سر چارلس نيپئر دانشمنديءَ سان فوجي سرگرمين کي نظر ۾ رکيو ھو ۽ ڏاڍي جرئتمنديءَ کان ڪم ورتو ھئائين. اھا بھ سندس جرئتمندي ھئي جو سيزر (قيصر) Casar جي ٺھرايل پل جي نموني کان بھ وڏي پل جوڙائي ھئائين. انجنيئرن ۽ ڪاريگرن کي ھن جي مزاج جي پوري خبر ھئي. ڇاڪاڻ تھ ھن کي سنڌوءَ جي پاڻي تي ضابطي رکڻ جو احساس ھو تھ جيئن حملي دوران فوجي پيشقدمين کي چڱيءَ ريت منظم ڪري سگھجي. پل جي تعمير جي اھڙي چونڊ ڪرڻ بھ سندس عقلمندي جي ثابتي آھي. ڇاڪاڻ تھ سنڌو ھڪ پورالو درياھھ آھي، جيڪو سدائين پيو پنھنجا ٻيٽ مٽائيندو آھي ۽ امڪان ھو تھ پل کي بھ ڇڏي وڃي. ان صورت ۾ پل کي ٽڪرا ڪري ڪنھن ٻئي مناسب ھنڌ تي تعمير ڪرڻ ممڪن ھو، جتي سنڌوءَ پنھنجو نئون وھڪرو ٺاھي ورتو ھوندو.

سيوھڻ جو اھم ماڳ سنڌوءَ جي ڪناري سان واقع آھي، ھالا جبل بھ ان جي ويجھو آھي، تنھن ڪري ھتي جابلو ماڻھن جي حملي ڪرڻ جو امڪان آھي. ان جي امڪاني جواب لاءِ بچاءُ بھ ڪرڻو آھي. اھو بھ امڪان آھي تھ متان دشمن فوج جبل تان لھي حيدرآباد ۽ لاڙڪاڻي تي حملو ڪري. اھو ئي ڪارڻ آھي تھ سر چارلس اتي ھڪ فوجي ڇانوڻي تعمير ڪرائڻ پئي چاھي. پر اتفاقي صورتحال اھڙي پيدا ٿي پئي جو اھڙي ارادي کي ترڪ ڪيو ويو ھو.

اھڙي ريت شڪارپور، بکر ۽ سکر جي چوڌاري سر ڏيڻ جو منصوبو ھو. انھيءَ لاءِ تھ جيئن سنڌوءَ جو پاڻي چاڙھھ جي رت ۾ شھرن ڏانھن وڌي نھ اچي. بئرڪن، سراين جي تعمير ھلي رھي آھي. درياھي بندر، ڊاڪ ۽ فوجي سامان لاءِ جڳھون تيار ٿي چڪيون آھن يا تعمير شروع ٿيڻ واريون ھونديون. ڪم ڏاڍيءَ سست رفتاريءَ سان ھلي رھيو آھي. ان جو ڪارڻ 1843ع واري وچڙندڙ بيماري آھي. جٿي ڪٿي حال ساڳيو آھي. انجنيئر تھ بيمار آھن، پر ڪاريگر بھ بسترن اندر پيا آھن. افغانستان جي جنگ دوران بکر کان مٿان سنڌوءَ تي پل تعمير ڪئي وئي ھئي جيڪا پوءِ ختم ڪئي وئي ھئي. ھاڻي سنڌوءَ کي ٻيڙين وسيلي پتڻ تان پار ڪيو ويندو آھي. اھو طريقو ڏاڍو ڏکيو آھي ۽ چاڙھھ وقت تھ پار وڃڻ ممڪن ڪونھ رھندو آھي. تنھن ڪري سر چارلس نيپئر سوچي رھيو آھي تھ جڏھن سکر ۽ روھڙي جا شھر ترقي ڪري وڏا ٿيندا تھ وڏيون پليون جوڙي، ھنن ٻنھي شھرن کي پاڻ ۾ ڳنڍيو ويندو، جيڪي بکر جي ٻنھي پاسن کان ھونديون. کيس پل ٺاھڻ واري ڪاميابي تي پورو ويساھھ ھو، پر ھاڻي سڌوءَ تي ھڪ پتڻ جي تعمير جون تياريون ڪري رھيو آھي. ان کانسواءِ ھاڻي عام قسم جي سروي جو ڪم ھلي رھيو آھي، جيڪو نھايت تيز فتاري سان اڳتي وڌي رھيو آھي. ھن سان گڏ شڪار گاھن کي قانوني شڪل ڏئي، کين ٻيلن جي حيثيت ڏني وئي آھي ۽ اھو ڪم بھ مڪمل ٿيڻ وارو آھي. اھڙي ريت ھزارين رعيتي ماڻھن کي سرڪاري زمينن تي آباد ڪيو ويو آھي. ڪيترائي ننڍا وڏا واھھ کوٽايا ويا آھن ۽ زراعت جي ترقي لاءِ دروازا کلي رھيا آھن. اھڙي ريت سائنٽفڪ آبپاشي نظام جي تڪميل ٿي چڪي آھي. جڏھن 1844ع واري سال لاءِ ڪيترن ئي جيلن خانن جي تعمير جو منصوبو آھي.

ھنن منصوبن واسطي تمام گھڻي لکپڙھھ ڪئي وئي آھي، جنھن جو ذڪر مٿي بھ ڪيو ويو آھي، پر انھن بابت نھ ڪو ماڻھو پھتو آھي، نھ وري ڪا ڳالھھ ٻولھھ ٿي آھي. اھا طاقت جيڪا کين ائين ڪرڻ لاءِ ھٿي ڏئي رھي آھي، سا ان نوجوان ماڻھوءَ خلاف بھ ساڳي ڪن لاٽار ڪري، جيڪو سخت گرمي دوران ترقياتي سرگرمين ۾ رڌل ھجي ھا. ليڪن ڏٺو وڃي تھ ھتان جون ترقياتي سرگرميون ھڪ خطرناڪ جنگ کان بھ وڌيڪ ڀوائتيون آھن. ھن قسم جي حڪمت عملي ڏاڍي پيچيده آھي، جنھن ۾ مدد ڪرڻ جي ضرورت آھي. اھڙا اھم ڪم ڏاڍي مشڪلات سان سرانجام ڪيا پيا وڃن. انھيءَ جي مخالفت بھ شروع ٿي چڪي آھي. تھمتن ۽ الزامن جا ڍير لڳي ويا آھن. گارين جي بھ گھٽتائي نھ آھي. اھي ھندستان جي پريس جي دروغگومن مان راضي ڪونھ آھن. سندن مرضي آھي انھن ۾ اڃا بھ اضافو ڪيو وڃي. ھن پريس سان ھاڻي انگلينڊ جي صحافت بھ شامل ٿي وئي آھي، جيڪا ڪنھن شريف ماڻھوءَ کي بدنام ڪرڻ ۾ فرانس جي پريس کان بھ ٻھ رتيون ڪسر آھي. بدنامي سان لاڳاپيل مواد ھنن کي ھندستان مان ملندو آھي. ’نيشنل‘ نالي واريءَ اخبار ۾ بھ اھڙو گندو مواد شايع ٿيندو آھي، جيڪو ان اخبار کي ”ڪميٽي آف ھائوس آف ڪامنس“ وٽان ملندو آھي. مذڪوره ڪميٽي ڪنھن ڳالھھ تي غور ڪرڻ وارو ڪڏھن ويھي ڪو ڪم ئي ڪونھ ڪيو آھي. پر لارڊ ايلنبرو ۽ سر چارلس نيپئر جي مذمت ڪرڻ لاءِ ھر وقت تيار ھوندي آھي تھ ھنن ڏاڍا ظلم ڪيا آھن، ڄڻ ھنن ٻنھي ڄڻن دارا وارن غارن فرينچن کي ساڙي رک ڪري ڇڏيو ھجي.

ممبئي ۾ جڏھن لارڊ ايلنبرو جو خوف ختم ٿي ويو، تھ بھ بدنام ڪرڻ واري ظالماڻي مھم ختم ڪانھ ٿي ھئي، پر رھندو بھ وڌي وئي ھئي. لارڊ ايلنبرو جي زماني ۾ دور آگبوٽ ايندو ھو، جنھن ۾ سنڌ لاءِ لکپڙھھ موجود ھوندي ھئي ۽ ھڪ مسلسل رابطي جو اھو سلسلو ۽ آگبوٽ جو ھلڻ بھ بند ٿي ويو. اھم سرڪاري خط دير سان پھچڻ لڳا ھئا ۽ جڏھن بھ ايندا ھئا تھ ھڪ وقت ڍير خطن جو اچي پھچندو ھو، جنھن جو جواب ڏيڻ ئي ھڪ مشڪل مسئلو ھو. جيتري قدر خاندگي خطن جو تعلق آھي تھ اھي کيس ڪونھ ملندا ھئا. باقي ”ٽائيمس“ اخبار تھ ممبئي ڌر وارن جو پڪو ساٿ ڏئي رھي ھئي، جيڪا ڪن خطن بابت اڇلون ڏئي چٿرون ڪندي ھئي. اچرج جي ڳالھھ آھي تھ اھي خط سر چارلس کي تھ پھتا ئي ڪونھ ھئا. ڪامورا شاھي جو ھن خلاف وير بھ ويرئون ويرئون وڌ ھو، جنھن مقصد ھن کي ھيسائڻ ھو. کانئس مطالبو ڪيو ويندو ھو تھ ھو آگبوٽ ۾ سفر دوران ڏھاڙي کاڌ خوراڪ جا چاليھھ اسٽرانگ پائونڊ ادا ڪري. جڏھن تھ سندس کاڌو صفا سادو ۽ بنا شراب جي ھوندو ھو. ھيءَ ان زماني جي ڳالھھ آھي جڏھن ھو سرڪاري آگبوٽ ۾ چڙھي وڏي درٻار منقعد ڪرائڻ لاءِ حيدرآباد ويو ھو. اھو سوچي سمجھي مٿس ڪارنھن جو ٺڪر لڳايو ويو ھو. ان معمولي ڳالھھ کي ڳالھوڙو بڻائي ايتري تھ لکپڙھھ ڪئي وئي ھئي، جو ڪاڳرن جا ڍير لڳي ويا ھئا. پر ھو مڙسيءَ سان منھن ڏئي، بدناميءَ جي چڪڻ مان چڙھي پار پيو ھو. پر ھي انسان نھ سويزswiss  مسافر خاني جي مالڪ جھڙو سادو ھو، جڏھن تھ اخبارن مٿس حريص ھجڻ جو الزام ھنيو ھو. ھي حرص جي گلا جو گانگھو بھ اھڙي ماڻھوءَ جي ڳچيءَ ۾ وڌو پيو وڃي، جنھن پاڻ سرڪار کي لکيو ھو تھ سندس پگھار گھٽ ڪئي وڃي. ھن کي جيڪا بھ پگھار ملندي ھئي ٻين کي ڏئي ڇڏيندو. سندس ساري زندگي ائين رھي. ھي نھايت سادو ماڻھو ھو. ٺٺ ۽ اڊمبر سان رھڻ ھن کي ڪونھ وڻندو ھو. انھيءَ موقعي تي ھن لکيو ھو تھ، ”ھنن مون سان اھا جنگ انھيءَ ڪري جوٽي آھي، جو اھي ماڻھو لارڊ ايلنبرو جي ڪاميابين کي ڏسي سڙي رھيا آھن. تنھن ڪري ھن جي حڪمت عملين جي رستا روڪ ڪرڻ چاھين ٿا. جڏھن تھ سندس اھا حڪمت عملي نھايت شاندار آھي، جنھن جو آءٌ، ھٿ ۾ تلوار کڻي بھ تحفظ ڪندس. جڏھن مان مري وڃان تھ مون تي ۽ پنھنجي ملڪ تي افسوس ڪرڻ بدران خوشيءَ جا ڳيچ ڳائن.“

سنڌ ۾ جڏھن مستقل امن امان قائم ٿي ويو ھو تھ سندس لڱن جو ٿڪ لھي پيو ۽ کيس اندر جو آٿت ملي ويو ھو، پر اھو سمجھڻ غلط ٿيندو تھ سنڌ جو اھو امن امان ھن فقط پنھنجو سرڪاري منصبي فرض ادا ڪندي قائم ڪيو آھي. ھن تھ ان لاءِ پنھنجي شخصي نظرداريءَ کي بھ ڪتب آندو. ڇاڪاڻ تھ عام ماڻھو قانون ۽ انصاف کي ساڳي مفھوم ۾ ڏسندا آھن. ابتدائي دور ۾ قانوني معاملا مسلسل وڌندا رھيا. پوءِ اڪلائڻ کان ئي وڌي ويا. پر وڪيلن جي وڏن خرچن ۽ انھن جي مقرر اصولن سبب انھن ڪيسن يا معاملن جي تعداد جي گھڻائيءَ واري ڏچي کي وڌيڪ پسند ڪيو ويو ھو. ڪورٽ ۾ ھلڻ وارن انھن معاملن ۾ نھ وٺڻ جو سوال ھو، نھ ڏيڻ جو مسئلو ھو، پر اھڙيون ڳالھيون ھنن ويڙھاڪ بلوچن جي سھڻ کان وڏيون ھيون. ھنن کي عام قسم جي معاملن ۾ اھو سمجھائڻ ڏکيو ھوندو ھو تھ ڪورٽ جي جنھن فيصلي تي بادشاھھ جي صحيح نھ بھ ھوندي آھي تھ اھو ھڪ جائز ۽ قانوني فيصلو ھوندو آھي. ڪن سنجيده معاملن ۾ سياسي فرق رکڻ ضروري تصور ڪيو ويندو ھو. جيڪڏھن ٻھ ماڻھو ساڳئي قسم جو ڏوھھ ڪن ٿا تھ قانون ۽ انصاف آڏو ھڪ جھڙا مجرم آھن، پر جيڪڏھن انھن ٻنھي مان ھڪ کي ڦاسي ڏجي تھ سارو ملڪ اطاعت ڪرڻ لاءِ تيار ٿي ويندو ۽ جيڪڏھن ٻئي کي ڦاسي ڏبي تھ سارو ملڪ بغاوت ڪرڻ لاءِ اڀو ٿي ويندو. اھڙو مثال ھن ريت ڏئي سگھجي ٿو تھ ولي چانڊيو ۽ ھڪ ٻيو ماڻھو ساڳئي قسم جو جرم ڪن ٿا. ولي چانڊيو قبائلي سردار، عمر ۾ وڏو ۽ سفيد ريش ماڻھو ۽ ڌاڙيل بھ آھي. جيڪڏھن کيس جزم جي سزا ڏبي تھ اوڙي پاڙي جا قبائلي سردار اٿي کڙا ٿيندا ۽ ھن جي بچاءَ ۾ چاليھھ ھزار ماڻھو وٺي، جنگ شروع ڪري ڏيندا. پر جيڪڏھن ٻئي ماڻھوءَ کي سزا ڏبي تھ عام ماڻھو سرڪار جي اطاعت ڪرڻ شروع ڪري ڏيندو. جڏھن سر چارلس سنڌ جو گورنر ھو تھ سنڌ جي اندروني حالت اجھا ائين ھئي. ان لاءِ اختيار ڪيل حڪمت عملي بھ ھن جي پنھنجي ھئي، تنھن کان منھن موڙڻ ھن لاءِ ڏاڍو ڏکيو ڪم ھو. ان کان سواءِ کيس مجبور ڪيو ويو ھو تھ سنڌ کان ٻاھر پر ويجھو قبائلي سردارن خلاف بھ فوج کي استعمال ڪري، جنھن جو ھڪ مثال ڏيڻ ئي ڪافي ٿيندو.

لس ٻيلي جو ڄام، ھالا جابلو سلسلي کان پري ڏکڻ – اولھھ پاسي جو حڪمران ھو. جنھن پنھنجي ماڻھن کي سنڌ ۾ ڦرلٽ ڪرڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي ھئي. ھي طاقتور حڪمران ھو، پر کيس جنگ ڪرڻ جيتري سگھھ ڪانھ ھئي. تنھن ڪري سر چارلس نيپئر خط لکي، ان ڏانھن پنھنجو منشي روانو ڪيو. جنھن سان گڏ ھڪ گھوڙيسوار دستو بھ ھو. ان منشيءَ وٽ رعيتي ماڻھن جي بيان مطابق ڦرلٽ واري رقم جو تفصيل بھ ھو. سر چارلس مذڪوره خط ۾ مطالبو ڪيو ھو تھ اھا رقم ادا ڪئي وڃي. جيڪڏھن دير ڪئي وئي تھ گورنر پاڻ ايندو، جيڪو اوھان کي مھانگو پوندو. اھا رقم ھڪدم ادا ڪئي وئي. ان رقم جي ادائگيءَ لاءِ ڄام پنھنجي تلوار بھ گروي رکي ھئي. سندس چوڻ ھو تھ انگريز سرڪار جي رعيتي ماڻھن ڦريل رقم کان دعوى گھڻي ھئي. ھن وڌيڪ چيو ھو تھ، جنرل چارلس ھڪ بادشاھ آھي ۽ بادشاھھ جيڪو ڪندو اھو صحيح ھوندو آھي. ان کان سواءِ ھن منشيءَ سان اھا بھ شڪايت ڪئي ھئي تھ، سنڌ جو سرڪاري داروغو منھنجو محصول ڦٻائي ويو آھي. ان معاملي جي جاچ پرتال کان پوءِ پتو تھ ڄام جي دعوى سچي ھئي، تنھن ڪري ان ماڻھوءَ کي گرفتار ڪيو ويو ۽ کيس مجبور ڪيو ويو تھ اھا رقم لس ٻيلي جي ڄام کي ادا ڪري ڇڏي. معلوم ٿيو تھ ڄام جو محصول رعيتن جي دعوى جي رقم کان گھڻو ھو، تنھن ڪري ڄام کي نقصان بدران فائدو پيو ھو. اھڙيءَ ريت رعيتن جي دعوى واري رقم ڪٽي، باقي بچيل پئسا ڄام ڏانھن موڪليا ويا ھئا. سر چارلس ائين ڪري ڪمزوري ڪانھ ڏيکاري ھئي، پر انصاف پسند ھئڻ جو مظاھرو ڪيو ھو، جنھن اھا رقم ھڪ فوجي عملدار کي ڏئي ۽ ھڪ گھوڙي سوار دستي سان ڄام ڏانھن موڪليو ھو. ان عملدار ڄام کي وڃي رقم ڏني ھئي ۽ سر چارلس جو ھي پيغام پھچايو ھو تھ، ”ھن کي ڄام جي دوستي ھن رقم کان وڌيڪ عزيز آھي، جنھن کيس ٻيلي تي حملو ڪرڻ ۽ ان علائقي کي ڦرڻ لٽڻ کان بچائي ورتو آھي.“ ساڻس اھو بھ واعدو ڪيو ھئائين تھ جيڪڏھن سندس ڪو دشمن سنڌ ايندو تھ ان تي حملو ڪيو ويندو. ائين ڪري جنرل چارلس کيس ھڪ اڻ سڌي طريقي سان تحفظ جي اميد رکڻ جو آسرو ڏنو ھو.

ڄام سان ٺاھھ ڪرڻ کان پوءِ ٻيلي جي علائقي جي جاچ پڙتال ڪرڻ جو موقعو ملي ويو ھو ۽ حڪمران جي صحيح حيثيت جي بھ معلومات ملي وئي ھئي. ھي ڄام ڏکڻ بلوچستان جو ھڪ طاقتور سردار ھو، جيڪو رعيت تھ قلات جي خان جي ھو، پر پاڻ ھڪ آزاد ۽ مطلق العنان حڪمران ھو ۽ رعيت تي ھن جو رعب ۽ تاب ڇانيل ھو. سندس ملڪ سمنڊ جي ڪناري سان پکڙيل ھو ۽ سون مياڻي ان جو بندر ھو، جيڪو ان زماني ۾ ڪراچي کان وڏو بندر ھو. ھن بندر وسيلي سمگلنگ جو وڏو ڪاروبار ھلندو ھو. جيڪو خود ڄام، سنڌ ۽ بمبئي سرڪار کي نقصان پھچائي رھيو ھو. تنھن ڪري ھندستان سرڪار سر چارلس کي چيو ھو تھ سون مياڻيءَ وارو بندر خريد ڪيو وڃي ۽ سمجھيو پئي ويو تھ ڄام اھو بندر سولائيءَ سان وڪرو ڪري ڇڏيندو. ڇاڪاڻ تھ سمگلنگ ڪري کيس محصول جو نقصان ٿي رھيو ھو. جنرل سر چارلس جي خواھش ھئي تھ ھن بندر وسيلي ٻاھران ايندڙ تجارتي سامان جي بي قانوني ڏيتي ليتيءَ کي بند ڪجي. ان کان قلات ۽ وڍ جي ميداني علائقي وسيلي وچ ايشيا جو تجارتي مال ھالا جبل جو الھندو پاسو ڏئي، سڌو اچي سون مياڻيءَ وٽ لھي ۽ بولان لڪ جي ڏکين رستن ۽ قبائلي سردارن جي ڌاڙن کان بچي وڃي، جيڪي سنڌ جي دنگ تائين آباد آھن. ھن باري ۾ سندس بيان ھو تھ اھڙيون ڳالھيون اجايا پھھ پچائڻ ۽ ھوا ۾ قلعا تعمير ڪرڻ آھي. پر جيڪڏھن انھن قلعن جي ھيٺان حقيقي ۽ مضبوط بنياد اڏيا تھ اھي قلعا حقيقي وجود ڌاري بيھندا. ان کان پوءِ قومن کي محسوس ٿيندو تھ منھنجون جنگيون، سگھارو متبادل آھن. جن غلاميءَ بدران آزادي ڏني آھي ۽ ڌاڙن بدران امن امان ڏنو آھي.

جيتوڻيڪ سڀئي بلوچ انگريز سرڪار جا وفادار ۽ تابعدار ٿي ويا آھن. ان ھوندي بھ اھو يقين ڪونھ آھي تھ اھي اسان جون سڀ ڳالھيون فرمانبرداريءَ سان مڃيندا. ھنن معاملن ۾ سر چارلس نھايت ڏاھو ماڻھو آھي، جنھن پنھنجي حڪمت عمليءَ سان ڊيڄاري، پتو پاڻي ڪري کانئن وفاداري ۽ تابعداري مڃرائي ھئي. اھو سڀ سندس حڪمت عمليءَ جو نتيجو آھي. کيس اھا بھ پروڙ آھي تھ ھي نسل اڃان بھ ھٿياربند آھي. سندس مرضي آھي تھ اھي ڀلي ھٿياربند ھجن، پر جيڪڏھن اھي سندس چئي آکئي ۾ آھن، تھ سندن اھڙيون ڳالھيون انگريز اختيارين آڏو بھ لڪائي سگھندو. رعيتي ماڻھو، ٽالپرن جي غلاميءَ مان آزاد ٿي چڪا آھن ۽ سندن ھر حڪم مڃڻ لاءِ بھ تيار ڪونھ آھن. پر ڪن ٽالپر گھراڻن جي حرمن ۾ سندن عورتون موجود آھن، جتي سندن حيثيت ٻانھين جھڙي آھي، پر ھاڻي انھن سان برتاءُ سٺو ڪيو ويندو آھي، انھيءَ خوف کان تھ متان ھليون وڃن. آزادي تھ ھڪ اخلاقي ڳالھھ آھي، جيڪا کانئن کسي وئي آھي. جڏھن سر چارلس کي ڏاڍ جي ڪا شڪايت ملندي آھي تھ ان معاملي ۾ سڌي مداخلت ڪندو آھي ۽ ھو اڻ سڌي طور ھنن عورتن جي آزادي لاءِ ڪوششون ڪندو رھندو آھي، جيڪي ٽالپرن جي حرمن ۾ غلاميءَ جي زندگي گذارڻ تي مجبور ھونديون آھن. اھڙو احوال ڪنھن مناسب جڳھھ تي ڪيو ويندو.

جڏھن سر چارلس نيپئر سول انتظاميھ جي جوڙجڪ ۾ مصروف ھو تھ ان دوران ھڪ منصوبي تي بھ سوچي رھيو ھو تھ ڪڇيءَ واري جابلو علائقي جي قبائلين کي ڪھڙي طريقي سان آڻ مڃائجي. پر اھا ڳالھھ فقط تڏھن ممڪن ھئي، جڏھن موسم ٿڌي ھجي. ڇاڪاڻ تھ اھڙي رنڊڪ ڏاڍي خطرناڪ محسوس ٿي رھي ھئي. ان کان سواءِ چاڙھھ جي رت دوران فوجي پيش قدمي ڏاڍي ڏکي ھئي. انھيءَ موسم دوران درياه جو پاڻي اٿل ڪري شڪارپور ۽ سکر جي وچ وارو علائقو ٻوڙي ڇڏيندو آھي. فوجي نقل ۽ حرڪت اٿل جي پاڻيءَ سڪي وڃڻ کان پوءِ ممڪن ٿي سگھندي آھي. پر ان موسم دوران تپاولي منھن ڪڍندي آھي ۽ شڪارپور ۾ ان جو گھڻو اثر رھندو آھي، تنھن ڪري اھڙي پڪ ڪرڻ نھايت ضروري ٿي پئي ھئي تھ اھڙي پيش قدميءَ کان اڳ اڳواٽ تدبيرن کان پوءِ بھ وري ڪا وبائي قسم جي مليريا تھ ڪانھ منھن ڪڍندي. اھڙين ڳالھين کان پوءِ بھ ھيٺ بيان ڪيل مصيبتن کي منھن ضرور ڏيڻو پوندو.

ھڪ وڏو رڻ پٽ اڪرڻو پوندو. پيش قدمي نھايت رازداريءَ ۾ رکڻي پوندي. گھڻن جنگجو ماڻھن کي منھن ڏيڻو پوندو. اھي ماڻھو اھڙا تھ بھادر آھن جو دشمن سان چريا ٿي وڙھندا آھن. ان کان سواءِ علائقو جابلو آھي. امڪان آھي تھ جنگ خطرناڪ ۽ ڊگھي ٿي وڃي. ھنن ماڻھن کي ٻين قبائلي سردارن جي بھ سھائتا حاصل ھوندي، جيڪي ھنن وانگي بھادر آھن ۽ انھن جي اِئين مدد ڪندا جيئن ھڪ ڌاڙيل ٻئي جي مدد ڪندو آھي. اھو بھ امڪان آھي تھ ھنن تضاد دوران انگريزن، سکن ۽ افغانن ۾ ٽڪراءُ پيدا ٿي پوي. انھيءَ رڻ پٽ جي گرمي يورپي ماڻھن لاءِ تھ موت جو پيغام آھي. اتان جي جابلو علائقن جي سردي بھ گھٽ موتمار ڪانھ ھئي. ٿڌي گھاڙ يورپي تھ خوشي سان سھي ويندا، پر ھندستاني سپاھي سيءَ ۾ سيڪاٽجي پوندا ۽ مري ويندا. شڪست انگريزي فوج لاءِ ڏاڍي ھاڃيڪار ثابت ٿيندي. ان سان گڏ سنڌ لاءِ بھ نقصانڪار ھوندي، جيڪا فاتح بلوچن جي ور چڙھي ويندي. ان کان قلات ۽ ھالا جبل ۾ رھندڙ سڀ بلوچي قبيلا اچي سنڌ ۾ ساھھ پٽيندا. ان کان سواءِ اتر سنڌ ۾ وبائي قسم جي مليريا جو بھ خطرو آھي. جڏھن انگريزي فوج دشمن ڏانھن پيش قدميءَ جون تياريون ڪندي تھ بيماريءَ جي منھن ڪڍڻ جو کٽڪو بھ ان وقت آھي. ان کان سواءِ ھي جنگي تياريون انتھائي راز ۾ رکيون وينديون. ڇاڪاڻ تھ بلوچ قبيلن مٿان اوچتو وڃي ڪڙڪڻ فتح جي علامت آھي. جيڪڏھن ائين نھ ٿيو تھ فتح جو امڪان گھٽ آھي. اھڙيون ڳالھيون ممبئي واريءَ ڌر کان بھ ڳجھيون رکيون وينديون. جيڪو سدائين ڀنڊڻ مچائڻ جي تاڙ ۾ ويٺي ھوندي آھي. جيڪڏھن ھنن کي کڙڪ پئجي وئي تھ دشمن کي ڪن ۾ ڦوڪ ڏئي ڇڏيندا تھ توھان بھ ويڙھھ لاءِ ور ڪنجيو. ان سان گڏ کين مڙس ٿي منھن ڏيڻ لاءِ صلاحون ڏيندا ۽ منصوبا ٻڌائيندا. اھڙين سڀني روڪن ۽ رنڊڪن کي ڪيئن سياڻپ ۽ سچتائيءَ سان منھن ڏنو ويو، اھو سارو احول بعد ۾ ايندو. جنگ جي شروع ٿيڻ کان منصوبن ۾ تمام گھڻين تبديليون ڪيون ويون ھيون، پر پھرين ڦير گھير ھن ريت بيان ڪجي ٿي:

مري قبيلو خطرناڪ ويڙھاڪ آھي، پر ظالم ڪونھ آھي ۽ ٻين قبائلين وانگي ڌاڙا بھ ڪونھ ھڻندو آھي، تنھن ڪري اميد ھئي تھ ٻين کان جدا ٿي بيھندو. ڪجڪ قبيلو مرين جي علائقي کان پريان ۽ اولھھ پاسي رھندو آھي، اھي پري آھن، تنھن ڪري سنڌ ۾ اچي ڌاڙا ڪونھ ھڻندا آھن. ھي قبيلو قلات جي خان جو رعيتي ۽ وفادار آھي ۽ ھي حڪمران اھو چاھيندو تھ ھن جنگ ۾ اڻ ڌريو رھي. اھڙين حالتن ۾ سولائيءَ سان سمجھي سگھجي ٿو تھ انگريز دشمن قبيلا انھن جابلو علائقن تائين محدود آھن، جيڪي ڦلجي کان وٺي سنڌوءَ جي ڪٺار سان اچي لڳن ٿا. جيڪڏھن جنگ لاءِ مناسب فوج جو تعداد روانو ڪجي، جيڪو اڳتي وڃي اولھھ پاسي واري ڪجڪ قبيلي کي الڳ ڪري، اتر پاسي وڃي مري قبيلي سان گڏجي. اھڙي منصوبي تي عمل ڪرڻ لاءِ فوج کي خانڳڙھھ ۽ روجھاڻ ۾ وڃي گڏ ڪجي. پويون ماڳ ڪشمور واري رڻ پٽ ۽ سنڌ جي سرحد ويجھو آھي. اھڙي بندوبست ٿي وڃڻ کان پوءِ قلات جي خان کي درٻار ۾ اچڻ جي نينڍ ڏجي جيڪا بولان لڪ جي ڀرسان ڪوٺائي وڃي. کيس بھانو اھو ڏجي، تھ ان درٻار واريءَ گڏجاڻيءَ ۾ قلات جي معاملن تي ڳالھايو ويندو. جيڪڏھن قلات جو حڪمران اچڻ لاءِ راضي ٿي وڃي ٿو تھ ٻھ ھزار چونڊ فوج اوڏانھن رواني ڪئي ويندي. جنھن سان گڏ پندرھن توبون بھ ھونديون. پر واپسيءَ تي انگريزي فوج کي ساڳي رستي سان نھ اچڻ گھرجي. نھايت تيز رفتاريءَ سان ڪڇيءَ واري ان جابلو علائقي ڏانھن وڌي، جابلو لڪن وارا گھٽ جھلي بيھي وڃڻ گھرجي، جيڪو اچي سنڌوءَ جي ڪناري سان لڳندو آھي. ان وقت خانڳڙھھ ۽ روجھاڻ ۾ ترسايل فوج کي حڪم ڏجي تھ اھا ڦلجيءَ ڏانھن پيش قدمي شروع ڪري. اھو طريقو آھي جو بجار خان ڊومڪي تي اوچتو گھيرو ڪري سگھجي ٿو، جيڪو انگريزن سان جنگ ڪرڻ واسطي بلوچ قبيلن جي اتحاد جو سرواڻ آھي. پر جيڪڏھن کيس انگريز ۽ خان آف قلات جي ملاقات جو اصلي مقصد سمجھھ ۾ اچي وڃي ٿو تھ پوءِ ھو وڃي اولاھين جابلو علائقي ۾ پناھھ وٺندو. ان حالت ۾ انگريزي فوج ڦلجي، اولاجي ۽ لھڙيءَ وارن علائقن کي تباھھ ڪري، انھن کي والاري ويھي رھي. ائين ڪرڻ سان انھن علائقن جا سارا کوھھ ۽ رڻ پٽ وارو علائقو انگريز فوج جي قبضي ۾ اچي ويندو.

اھو منصوبو ۽ انھيءَ عمل ڪرڻ جو وقت جنرل سر چارلس جي سوچ فڪر سان واسطو ۽ سندس ڌاڙيلن کي سزا ڏيڻ جي پڪي ارادي سان تعلق رکي ٿو. اھو راز بھ ڪونھ آھي تھ ھو جلد يا دير سان اھڙو قدم ضرور کڻندو. ڇاڪاڻ تھ ھن منصوبي تي نھ ممبئي واري ڌر عمل ڪندي، نھ وري بجار ڪجھھ ڪري سگھندو. ھنن جو سوچ فڪر اھڙو آھي، جيڪو ڪيترين ٻين ڪوڙين ڳالھين کي جنم ڏيندو. جيڪي اڳتي ٻنھي کي وائڙو ۽ پريشان ڪري ڇڏينديون ۽ عوامي مفادن کي وڏو ھاڃون رسائينديون. پر اھڙين ڀڏين ڳالھين کي ساريءَ دنيا ۾ وائکو ڪيو پيو وڃي ۽ منفرد شڪل ۾ پيش ڪيو پيو وڃي ۽ ان کان سواءِ سر چارلس جي فتحن ڪري وچ ايشيا جي نيم وحشي ماڻھن تي جيڪو اثر پيو آھي، تنھن کي زائل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي. عام طور تي اھو بھ چيو پيو وڃي تھ اھا جنگي مھم ھڪ وڏي فتح جھڙا نتيجا ڏيندي. ھڪ انگريز سياح وولفwalf  جو بھ ساڳيو خيال آھي، جيڪو ڪنھن زماني ۾ بخارا ۾ بھ موجود ھو. ھن پنھنجي خط ۾ لکيو آھي تھ بخارا وارا علائقا سر چارلس جي حملن کان ڊڄي ويا آھن. سندس بيان آھي تھ ڪيترن علائقن وري خوشيءَ جو اظھار بھ ڪيو آھي، جن مان افغانستان، قنڌار ۽ ھرات جا سردار آھن. قلات جي خان جي ملڪ جون ارل ۽ ڪئپسين سمونڊ سان وڃي لڳن ٿيون. ھن حڪمران پنھنجي خاندان جو ھڪ شھزادو سنڌ جي گورنر سر چارلس ڏانھن موڪليو آھي تھ جيئن اتحاد جي ڳالھھ ٻولھھ ڪري سگھجي. ڪيترن ملڪن کان دوستيءَ جا پيغام سفير کڻي اچي رھيا آھن. اھڙيءَ ريت سر چارلس پاڻ بھ اثر رسوخ وڌائڻ لاءِ ڪوششون ڪري رھيو آھي. سندس خواھش آھي تھ ڏکين جبلن وچان پنھنجو فوج توبخانو وٺي وڃي، ھرات ۽ خيوا جي ماڻھن آڏو توبن جا گولا ڇوڙي کين حيران ڪري ڇڏي. کين اھڙي جنگي جاکوڙ جي اڳئي خبر آھي، جيڪا ڏاڍي اھم آھي. ھي ماڻھو اوڀر پاسي کان وڏي فوج ڏسي اچرج ۾ اچي ويندا. اھا ڪرامت کان گھٽ ڳالھھ ڪانھ ھوندي ۽ اھڙي ڌاڪ ساري ايشيا تي ڇانئنجي ويندي.

آزاد قسم جي قبائلي سردارن وٽان آڇون اچي رھيون تھ اھي انگريز گھوڙي سوار فوج سان گڏجي، جنگي مھم ۾ شريڪ ٿيڻ چاھين ٿا. اھا خبر خوشيءَ جھڙي ڳالھھ آھي، جنھن سان جنرل جي ھمت افزائي ٿي وڃي ٿي. پر سندس خيال آھي تھ اھا جنگي مھم ڏاڍي ڏکي آھي ۽ جيڪڏھن انگريزي فوج جي شڪست ٿي تھ اھي ساڳيا اتحادي ڦري انگريزي فوج کي ڦرڻ شروع ڪري ڏيندا. تنھن ڪري سر چارلس انھن سردارن سان جنگي اتحاد ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آھي. کيس فقط پنھنجي عقل ۽ شعور تي ڀروسو آھي. ھن جو خيال آھي تھ ھو اھڙا بلڪل ٿورا ماڻھو پاڻ سان کڻندو، جن تي کيس تمام گھڻو اعتماد آھي ۽ جڏھن ھو اوڙي پاڙي جي ملڪن سان رابطا پيدا ڪندو تھ اڳئين کان بھ وڌيڪ عقل کي ڪم آڻيندو.

انھن معاملن تي اڃا غور ويچار ھلي رھيو ھو جو لارڊ ايلنبرو ڪڇ واري علائقي کي سندس ڪمانڊ مان ڪڍي، ممبئي پريزيڊنسي سان شامل ڪري ڇڏيو. اھو سارو ڪم انگلينڊ جي ممبئيءَ لاءِ سيڪريٽ ڪميٽيءَ جو ھو. ان ڌر اھڙي ٻوليءَ ۾ الزام ھنيا ھئا، جنھن مان معلوم ٿي رھيو ھو تھ اھي ھن موضوع کان بلڪل بي خبر ھئا ۽ ھروڀرو سر چارلس تي الزام ڌري رھيا ھئا. ڪڇ جي علائقي جي ڪمانڊ کانئس ان وقت ورتي وئي ھئي، جڏھن ھو تمام گھڻو مصروف ھو ۽ سر چارلس ان کان پوءِ پاڻ کي ڪنھن بار کان آجو محسوس ڪيو ھو. پر عام ماڻھوءَ لاءِ ڏاڍي ڏکي ڳالھھ ھئي. ھن واقعي مان پھرين ڳالھھ اھا ٿي ھئي جو سنڌ ڪرنل رابرنٽس جي سھائتا کان محروم ٿي وئي ھئي، جنھن جو ڪڇ جي راءِ تي تمام گھڻو اثر ھو. ٻي ڳالھھ تھ ڪرنل رابرٽس جي وڃڻ سان ڏيھي ماڻھن تي مشتمل فوج بھ ختم ٿي ويندي، جيڪا ڇوڙ واري علائقي تي ضابطي رکڻ لاءِ منظم ڪئي وئي ھئي. ٽين ۽ نھايت اھم ڳالھھ ھيءَ آھي تھ ڪڇ سياسي ۽ فوجي نقطئھ نظر کان سنڌ جو حصو آھي ۽ ممبئيءَ سان ان جو ڪوبھ فطري لاڳاپو ڪونھ آھي. ان کان سواءِ ڪڇ جا ماڻھو ۽ ان علائقي جي سرحد سان رھندڙ ڌاڙيل سنڌ سرڪار کان گھڻو ڊڄندا آھن. پر بمبئي سرڪار مٿان کلندا ۽ چٿرون ڪندا آھن ۽ اھڙا ظالم ماڻھو انگريز ھندستان جي ڪنھن ٻئي صوبي ۾ ڪونھ رھندا آھن. جيڪڏھن ڇوڙ واري علائقي ۾ بغاوت منھن ڪڍيو تھ ان کي ڪڇ وسيلي ختم ڪرڻ نھايت آسان ھجي ھا. پر ڇوڙ واري علائقي ۾ بغاوت ان ڪري ڪانھ ٿي سگھي آھي، جو سر چارلس نيپئر ھر پاسي کان پاڻ کي صحيح معنى ۾ فاتح ثابت ڪيو آھي. ھن ٻنھي جنگين ۾ بلوچن کي شڪست ڏني آھي. ملڪ ۾ قانون نافذ ڪري ھنن کي ڪمزور ڪري ڇڏيو آھي. ھنن جي ڀلائيءَ ۽ بھتريءَ لاءِ ڪم ڪري سندن دليون جيتي ورتيون آھن. ليڪن ڪجھھ اوڻايون موجود آھن، پر اھي سندس اختيار ڪيل حڪمت عمليءَ ڪري ڪونھ آھن. ھن جي نقطئھ نظر ۾ شعور ۽ عقل موجود نظر اچي ٿو. ھن ننڍي ننڍي ڳالھھ ۾ بھ ٿڌائي ۽ بي علمي ڏٺي آھي، تنھن ڪري ھن انھن ۾ تبديلي آڻڻ جي ڪوشش ڪئي آھي.

سندس بيان آھي تھ، ”ڪڇ جي تاريخ ۽ اتان جي حڪمت بابت گھٽ معلومات آھي ۽ سندس منٽِ بوڪ مان تھ ائين معلوم ٿي رھيو آھي، پر 1816ع کان وٺي 1932ع تائين جيڪي معاھدا ٿيا آھن تن مان تھ ڪافي معلومات ملي وڃي ٿي.“ ڪڇ جي سول حڪومت کيس ان وقت ڏني وئي ھئي، جڏھن ھو بيمار ھو ۽ سنڌ جي حڪومت کان استعفى ڏيڻ کان کيس دور ڪرڻ لاءِ ائين ڪيو ويو ھو. ڪڇ جي جاگرافيائي صورتحال ۽ ٻيون ڳالھيون اھڙيون آھن جيڪي ان کي بمبئي کان جدا ڪري بيھارن ٿيون. سندس منٽ بوڪ ۾ بھ ائين لکيل آھي. ان جي برخلاف ڪڇ جو علائقو جاگرافيائي نقطئھ نظر  کان سنڌ سان ڳنڍيل آھي. ڪڇ جي رڻ مان بھ معلوم ٿئي ٿو تھ ڪڇ ھڪ نارgulf  آھي. ساڳيءَ ريت رڻ بھ ائين نظر اچي رھيو آھي تھ ھي ملڪ نھ ممبئيءَ سان تعلق ٿو رکي، نھ وري سندس واسطو گجرات سان آھي، پر جيڪڏھن سندس واسطو آھي تھ اھو فقط سنڌ سان آھي.

جيتري قدر انھن جي اخلاقي حيثيت جو تعلق آھي تھ جيڪڏھن ٻھ ملڪ مختلف حڪمرانن وچ ۾ مخصوص قسم جي فطري خوبين ڪري پاڻ ۾ ورھايل آھن ۽ جيڪڏھن اھي اتفاقي حالتن ۽ غير طبعي صورتحال ۾ گڏجي وڃن ٿا تھ گھڻو وقت ائين متحد ٿي رھي ڪونھ سگھندا. ھن جي سرڪاري لکپڙھھ ۾ ڪڇ ۽ گجرات جي گڏيل سماجي رشتن جو حوالو ئي موجود ڪونھ آھي. معلوم ائين ٿي رھيو آھي تھ ڪڇ جي راءِ جا گجرات جا گائڪواڙ سان تِـر سنوان ڪونھ آھن. ان کان سواءِ انھن ٻنھي وچ ۾ ٿيل معاھدن مان بھ لڳي ٿو تھ سندن تعلقات ڪشيده ھئا، جڏھن تھ ممبئي حڪومت کي اھڙيون ڳالھيون ڪونھ وڻنديون ھيون.

اھو ڇو پيو سمجھيو وڃي تھ ڪڇ جي راءِ جو سنڌ سرڪار کان بمبئي حڪومت ۾ وڌيڪ اعتماد آھي؟ اھا ڳالھھ حقيقت جي بلڪل خلاف آھي. ڪڇ جو راءِ، گجرات ۽ بمبئي سرڪار سان تعلقاتن رکڻ جو خواھشمند آھي. جيڪڏھن ائين سمجھيو پيو وڃي ٿو تھ اھا اچرج جھڙي ڳالھھ آھي.

حالتن مان ائين معلوم ٿي رھيو آھي تھ ھن راءِ جو وڌ ۾ وڌ اعتماد ڪرنل رابرٽس ۾ ھو، جنھن کيس سنڌ جي گورنر ۾ اعتماد رکڻ جي صلاح ڏني ھئي ۽ کيس قائل بھ ڪري ورتو ھو. ڇاڪاڻ تھ ھن جنرل ڪنھن جي اعتماد کي ڇيھو ڪونھ رسايو آھي. امڪان آھي تھ سنڌ جي فتح کان اڳ ڪڇ جا حڪمران ۽ ڪڇ جو راءِ وڙھيا ڍانگو ۽ ڍانگ لڳا پيا ھئا. پر راءِ جي ممبئيءَ سان دوستي ھئي. ڏٺو وڃي تھ ڪڇ سان ٽالپرن جي کئونس ھئي، پر سنڌي ماڻھن جا ڪڇ سان سماجي، تجارتي ۽ مذھبي لاڳاپا ھئا. ھنن ٻنھي ڌرين جون ھڪ ٻئي مان شاديون بھ ٿيل ھيون. جڏھن ڏوھن خلاف واعدي مطابق ڪارروايون ٿينديون ھيون، تھ بھ ٻنھي ملڪن وچ ۾ رشتا ناتا موجود ھوندا ھئا.

جيڪڏن فوجي گورنر کي ھنن ٻنھي ملڪن ۾ سٺن تعلقاتن پيدا ڪرڻ جي سھوليت مليل ڪانھ آھي، تھ بھ سمجھڻو کپي تھ انھن ٻنھي وچ ۾ ڪڏھن سٺا تعلقات قائم ھئا ۽ اھڙن تعلقاتن نھ ھجڻ جو سوال ئي پيدا ڪونھ ٿو ٿئي، جنھن کي سھوليتون مليل آھن. جن مان ھڪ سھوليت ھيءَ آھي تھ کيس ان جي ساري خبر آھي، جيڪو ماضيءَ ٿي گذريو آھي. ھن کي اھا بھ ڄاڻ آھي تھ سول حڪومت ڪھڙيون شيون جذب ٿي وينديون آھن يا مختلف کاتن ۾ ورھائجي وينديون آھن. تنھن ڪري ھو ھن چوڻ جي لائق ٿي پيو آھي تھ جيڪڏھن ٽالپرن ۽ راءِ جي دشمني، ٻنھي ملڪن جي ماڻھن کي ھڪ ٻئي کان الڳ ڪري ڪانھ سگھي آھي تھ ھاڻي جڏھن دوستاڻا تعلقات پيدا ٿيا آھن تھ اھي ڏينھون ڏينھن وڌندا رھندا ۽ منجھن اخلاقي ھڪ جھڙائي ۽ جاگرافيائي رابطا بھ وڌندا رھندا.

انتظامي نقطئھ نظر کان بھ ھڪ ڳالھھ آھي، جنھن تي سوچڻ جي ضرورت آھي تھ سنڌ جي ٿر واري علائقي ۾ سنڌي ڌاڙيل رھندا آھن، جيڪو ڪڇ جي سرحد سان واقع آھي. جيڪي ٽالپرن حڪمران، ڪڇ جي راءِ ۽ گائڪواڙ جي چئي آکئي ۾ ڪونھ آھن. پر اھي ڏوھھ ڪري ھن ملڪ ۾ پنھنجي دوستن وٽ اچي لڪندا آھن. لارڊ ايلنبرو ھنن سڀني ڳالھين کان چڱيءَ ريت واقف آھي. تنھن ڪري ھن انھن ڌاڙيلن سان ٺاھھ واري حڪمت عملي اختيار ڪئي آھي. اھو ئي ڪارڻ آھي جو ھن ڪڇ واري علائقي ۾ ڪرنل رابرٽس کي مقرر ڪيو ويو آھي. ڇاڪاڻ تھ ھو کانئن چڱيءَ ريت باخبر آھي. اھي ماڻھو ٽالپرن جي ڏاڍ کان تنگ ٿي ڌاڙيل بڻيا آھن ۽ ڌاڙا ھڻي ڪڇ ۽ ٻين علائقن ڏانھن نڪري ايندا آھن، جيڪي ٽالپرن جا رعيتي ٿي مستند ۾ گذارڻ چاھيندا آھن. ھنن نيم وحشي ٽالپرن ھتي گھڻي عرصي تائين حڪومت ڪئي آھي. انھن ھميشھ بمبئي سرڪار جي خلاف ڪم ڪيا آھن. ھنن نھ تھ ان جي آڇيل تحفظ کي قبول ڪيو آھي ۽ نھ وري انھيءَ سرڪار جي ڪاوڙ کان ڊڳا آھن. پر ھي ماڻھو سنڌ جي فوجيءَ کان ڏاڍو ڊڄندا آھن. ھو اھو چڱيءَ ريت سمجھي چڪا آھن تھ ھو ھٿيارن سان گڏ اسان جي وچ ۾ ويٺو آھي، جيڪڏھن اسان ھن جي حڪمن جي خلاف وينداسون تھ سندس فوج اچي اسان وٽ ڪڙڪندي ۽ ٻچائي ٻير تي چاڙھي ڇڏيندي. اھي ماڻھو بنا ڪنھن شڪ شبھي جي جنگجو آھن، جيڪي سر چارلس جي سول حڪومت کان نفرت ڪندا آھن. پر اھو معلوم ضرور ھئڻ گھرجي تھ جيڪو بھ حڪمران حيدرآباد رھندو، سو ئي کين وفادار ۽ تابعدار بڻائي سگھندو، پوءِ ڀلي ھو ڪيڏو بھ ڪمزور ڇو نھ ھجي. ليڪن جيڪڏھن گورنر جنرل پاڻ ممبئيءَ ۾ ويھي حڪومت ڪندو تھ اھو کين ضابطي ھيٺ رکي ڪونھ سگھندو. ھتان جا بلوچ ان ڏينھن کان وٺي سر چارلس جا تابعدار ۽ وفادار آھن، جنھن ڏينھن ھن حيدرآباد واري جنگ فتح ڪئي آھي. ڇاڪاڻ تھ ھن انھيءَ ڏينھن کين ٻڌائي ڇڏيو ھو تھ جيڪڏھن ھو سندس وفادار ۽ تابعدار نھ رھند تھ جنرل سندن پاڙون پٽي ڦٽيون ڪندو. پر ھن جنگ کان اڳ ھي ماڻھو ممبئيءَ واريءَ انگريز سرڪار کان ڏاڍي نفرت ڪندا ھئا.

ھنن کي اھا بھ خبر آھي تھ ڪرنل رابرٽس جو سنڌ حڪومت ۾ ڪيترو اثر آھي، ھن ماڻھوءَ جيڪي بھ فيصلا ڪيا آھن، سي قانون ۽ انصاف مطابق ڪيا آھن ۽ ڪنھن کي فائدي ڏيڻ جي ڪوشش ڪانھ ڪئي آھي. تنھن ڪري ڪڇ جي راءِ جو سنڌ جي حڪمران ۾ اعتماد ويھي ويو آھي. ڪڇ جو راءِ سنڌ جي طاقت ڏسي چڪو آھي ۽ سمجھي چڪو آھي تھ اھا انصاف جي عظمت ۾ سمايل آھي. انھيءَ وسيلي سنڌ سرڪار نھ رڳو راءِ جو تحفظ ڪري رھي آھي، پر ڪڇ جي عام ماڻھوءَ جو بھ بچاءُ ڪري رھي آھي. سندس خيال آھي تھ سنڌ جو گورنر ھڪ سٺو ۽ انصاف پسند شخص آھي. تنھن ڪري راءِ خوش آھي ۽ سنڌ جي گورنر تي کيس وڏو ويساھھ آھي، پر سندس ايڏو اعتماد ممبئيءَ جي گورنر ۾ ڪونھ آھي. جيتري قدر انتظاميھ جي قاعدي ۽ قانون جو تعلق آھي تھ اھو بھ حوالن ۽ رابطن جي نقطئھ نظر کان ڪڇ کي ويجھو آھي.

جيتري قدر مذھب جو سوال آھي تھ ھن معاملي تي بھ باريڪ بينيءَ سان سوچيو آھي تھ سنڌ پر خاص ڪري سنڌوءَ جي ڇوڙ واري علائقي ۾ ھندن جو تعداد تمام گھڻو آھي. ان کان سواءِ مذھبي پابندي ڪانھ ھئي ۽ ھندو ڌرم سان لاڳاپيل ماڻھو ريل ڇيل پيا ڪڇ ۽ سنڌ ايندا ويندا ھئا. اھو بھ ڏٺو ويو تھ ٽالپرن جي زوال کان پوءِ لاتعدا ڪاريگر ڪڇ ڇڏي اچي سنڌ پھتا آھن.

جيتري قدر فوجي نقطئھ  نظر جو تعلق آھي تھ بھ سياڻو سياسي طور سچيت ماڻھو نئينءَ فتح کي پرامن ڪونھ سمجھندو. سنڌ جي امن امان مان جيترو خوش سر چارلس نيپئر آھي، ايترو خوش ڪو ٻيو ڪونھ آھي. ڇاڪاڻ تھ امن امان قائم ڪرڻ لاءِ اڪيلي سر اھو ذميوار ھو. ھن امن جي مستقل موجود ھجڻ ۾ جيترو ھي پر اميد آھي ايترو ڪو ٻيو ماڻھو ڏسڻ ۾ ڪونھ ايندو. پر ھن اھڙي حقيقيت کان اک ٻوٽي ڪانھ ڇڏي آھي تھ ڪنھن اوچتي آپدا ڪري، اھو امن امان نھوڙجي ناس ٿي ڪونھ سگھندو. ھن ماڻھوءَ بلوچ قبائلن سان مان ۽ مرجاتا وارو ھٿ وڌايو آھي، پر انھن جا ھٿ رت ۾ ريٽا ھئا. سنڌ ۾ اھو ڪو گھر واندو ڪونھ ھوندو، جنھن ۾ ھنن ماڻھن جي ڪيس ۽ قھر کان ڳل تان ڳوڙھو نھ وھايو ھوندو: اھي حقيقتون ميسارجڻ جھڙيون ڪونھ آھن. پر ھن ماڻھوءَ کين سڀ بديون بخشي ڇڏيون. ڇاڪاڻ تھ بلوچ سردار مياڻيءَ جي جنگ ۾ مري ويل پنھنجي مائٽن جي بھادري تي ڏاڍا خوش ھوندا آھن. ان کان سواءِ ٻي ھيءَ ڳالھھ بھ آھي تھ سر چارلس کين اھي سڀ جاگيرون واپس ڪري ڇڏيون آھن، جيڪي وٽن ٽالپر دور ۾ ھيون. کين کان وڌيڪ فائدو پيو آھي. ان کان سواءِ غريبن کي بھ گھڻو فائدو ٿيو آھي.

ھڪ جھونڙي بلوچ سردار سندس تابعداري قبول ڪرڻ کان پوءِ کيس ھٿ کان جھلي چيو: ”مان توکي پنھنجو سردار تسليم ڪريان ٿو. مان مياڻيءَ جي جنگ وڙھيو آھيان ۽ منھنجا اسي ماڻھو انھيءَ جنگ ۾ مارجي ويا آھن، ليڪن ھاڻي مان توسان گڏ آھيان ۽ پنھنجي جھنڊي ھيٺان بيھي تنھنجي دشمن سان وڙھندس.“ بلوچ سردارن جا انگريز لاءِ جنگي جذبا تھ اھي ھئا، پر ھيءَ حقيقت بھ ياد رکڻ گھرجي تھ اھو ساڳيو جھونڙو بلوچ جڏھن سمجھندو تھ فتح ٽالپرن جي ٿيڻي آھي تھ اھا ساڳي تلوار سر چارلس خلاف کڻي بيھي رھندو. اھڙا ماڻھو سھوليتن کي آڏو رکي رعيتي بڻبا آھن. اھڙيءَ ريت ڪجھھ عرصي تائين ڪنھن بھ شيءِ جي توقع ڪري ڪانھ ٿي سگھجي ۽ اھڙا ماڻھن جي وفاداريءَ ۽ تابعداري جي آڌار تي قانون سازي ڪرڻ ۽ انتظاميھ جي جوڙڪ ڪرڻ وڏي غلطي آھي. ھي جھونڙو ماڻھو جنرل سر چارلس کي جھڪيءَ ان ڪري مليو ھو جو ھن کيس پنھنجي اھا ساري جاگير واپس ڪئي ھئي، جيڪا کيس ٽالپر دور ۾ ملي ھئي. ڀلي اوھان سر چارلس بدران سول حڪومت آڻيو ۽ ملازم بھ سول رکو، پر اھو نئون حاڪم بھ ڳنڀير وايو منڊل کي ڏسي بنا ڪنھن دير جي وڃي تلوار جي مٺيي ۾ ھٿ وجھندو. پر ان سان توھان جو رويو ائين رکو ڪونھ ھوندو جھڙو اوھان جو جنرل سر چارلس سان آھي، ان کان سواءِ ھيءَ حقيقت بھ سوچڻ جھڙي آھي تھ سنڌ ۾ امن امان جي قائم ٿيڻ جي معنى اھا ڪانھ آھي تھ ڪڇ وارو علائقو ممبئي سان ملائي ڇڏجي.

ھن تازو ممبئي سرڪار کي مدد بھ ڪئي آھي. ھن اھا مدد انھيءَ ڪري ڪانھ ڪئي تھ کيس ان احسان بدلي اضافي فوج ڏني وڃي. پر ھن اھا واھر انھيءَ ڪري ڪئي ھئي تھ ھتان ھن جي ھلئي وڃڻ کان پوءِ ”بامبي ٽائيمس“ جو ڊاڪٽر بيورسٽBurist  کي جابلو ڌاڙيلن کي سنڌ ڏانھن وڌي اچڻ جي دعوت نھ ڏئي. اھو ماڻھو ائين چوڻ ۾ اصل دير ڪونھ ڪندو تھ فوج ڪمزور آھي، تنھن ڪري ھاڻي اوھان کي انگريزن کي تباھھ ڪرڻ جون سونھري وجھھ ملي ويو آھي. سنڌوءَ جي ڇوڙ وارو علائقو پاڻيءَ جي دٻن، تلائن، جھنگل ۽ ڀٽن سان ڀريو پيو آھي، جيڪو وڃي ٿر سان ملندو آھي. جنھن جي لڳ ڀڳ ٻئي پاسي ڪڇ جو علائقو موجود آھي. جيڪڏھن انھيءَ علائقي ۾ بغاوت ڪر کڻندي تھ امن امان بحال ڪرڻ ڏاڍو ڏکيو ٿي پوندو آھي. پر جيڪڏھن ڪڇ وارو علائقو ڪرنل رابرٽس جھڙن مضبوط ھٿن ۾ ھوندو تھ اھو ڪراچي، حيدرآباد ۽ عمرڪوٽ جي فوج ھٿان ڀرپور سھائتا ڪندو. اھڙيءَ ريت باغين تي چوڌاري حملا ٿي سگھن ٿا ۽ ان ڪري شڪست انھن جو مقدر ھوندي. اھڙن ماڻھن کي اھڙيءَ صورتحال جي چڱيءَ ريت خبر ھئي. تنھن ڪري ھو بيوس ٿي ماٺ ڪيو ويٺا ھئا. جيڪڏھن ڪڇ واري علائقي کي ممبئي جي ماتحت رکيو ويو ۽ فوجي عملدار بدران اتي پوليٽيڪل ايجنٽ رکيو ويو تھ سنڌوءَ جي ڇوڙ وارو علائقو انتظامي طور ڪمزور ٿي ويندو. ان کان سواءِ ڪڇ جا ماڻھو بھ اھو سمجھي ڪونھ سگھندا تھ اھي سول حڪومت جي ماتحت آھن يا فوجي حڪومت مٿن راڄ ڪري رھي آھي.

اھڙن ملڪن جو انتظام سول گورنرن جي مقرري سان ھلائي ڪونھ ٿو سگھجي، پر ٿوري وقت لاءِ گورنر ضرور فوجي ھجڻ گھرجي، جنھن جا قبائلي سردارن سان بھ تعلقات ھجڻ کپن. انھيءَ مقصد سان تھ جيئن انھن جي اصلي ڪردار کان واقف ٿيندو رھجي. ساڳيءَ ريت قبائلي سردار بھ گورنر جي ڪردار کان واقف رھندا اچن. انھيءَ طريقي سان جھنگلي قسم جي انسان ۽ فوجي گورنر جي مزاج جو صحيح نموني سان اندازو ڪري سگھبو تھ اھي نيم وحشي قسم جي ماڻھن سان ڪيئن ھلي چلي رھيا آھن. ھن وقت سول حڪومت جي جوڙجڪ تھذيب جي ترقيءَ لاءِ فائديمند ڪونھ ٿيندي. پر ھنن جي ساڙ ۽ تعصب کي ختم ڪرڻ سان ائين ڪري سگھبو ۽ فوجي سپاھيءَ جي موجودگي کي ڏسي ھو وفادار ۽ تابعدار رھي سگھن ٿا.

جيڪڏھن ڪرنل رابرٽس جي ڪڇ ملڪ جي رکيل انتظام ۽ ممبئي سرڪار جي پوليٽيڪل ايجنٽن جي رکيل انتظام جو اڀياس ڪبو تھ ڪرنل رابرٽس جو ڪڇ ۾ رکيل انتظام وڌيڪ سھڻو آھي. ھن مان سولائيءَ سان سمجھي سگھجي ٿو تھ لارڊ ايلنبرو جو رکيل انتظامي جوڙجڪ بھتر ھو. ڪرنل رابرٽس کي اھا چڱي ريت خبر ھئي تھ ڪڇ جي تاريخ ۽ ان سان ڪيل معاھدا ڪھڙا آھن ۽ ان جو مخصوص حالتون ڪھڙين ڳالھين جون گھرجائو آھن. پر اھڙي ڄاڻ ٻئي ڪنھن بھ انتظامي سربراھھ کي ڪانھ آھي، کيس اھڙي ڄاڻ ان ڪري ھئي جو ھو ڪڇ ۾ گھڻو وقت رھيو ھو. سرڪاري ڪاغذن مطابق سنڌ ۽ ممبئي سرڪار جي حيثيت ھڪ جھڙي ھئي ۽ ٻئي ھندستان سرڪار جي ماتحت ھئا. جيڪڏھن ڪڇ سنڌ جي ماتحت ھجي يا ممبئي جي ھيٺان ھجي، سندس حيثيت ڪنھن بھ قسم جو فرق ڪونھ ھو، پر تفصيل جي ڪن حوالن کان ڪجھھ فرق ھو، جيڪي بلڪل ئي غير ضروري ھئا.

اھڙيءَ ريت منٽس ۾ اھو بھ لکيو ويو ھو تھ سنڌ جو گورنر اڳئين مخصوص صورتحال کان بلڪل ئي بي خبر ھو ۽ جيڪو ڪجھھ ڪيو ويو ھو، ان جي بھ کيس ڪابھ خبر ڪانھ ھئي. ان کان سواءِ کيس ملڪ جي مخصوص قسم جي حالتن جي تھ صفا ڄاڻ ڪانھ آھي. سرڪاري خط ۾ ھن لاءِ چيل لفظ ”مخصوص صورتحال کان بي خبر ھو“ لکيل آھن، جيڪي مناسب ۽ سھڻ جوڳا آھن. پر ھي لفظ ”مخصوص قسم جي حالتن جي تھ کيس ڪابھ ڄاڻ ڪانھ ھئي.“ نامناسب ۽ سھڻ جھڙا ڪونھ آھن. ڇاڪاڻ تھ جيڪڏھن ماڻھوءَ ۾ سمجھھ جي ٿوري قوت آھي تھ پڙھڻ سان پتو پئجي سگھي ٿو تھ صورتحال کي منھن ڏيڻ لاءِ ڇا ڪيو ويو ھو ۽ پيدا ٿيندڙ مخصوص حالتن کي منھن ڏيڻ لاءِ ڇا ڪري سگھجي ٿو. پر جيڪڏھن ڪو ماڻھو ڪڇ جي حالتن کان چڱي ريت باخبر آھي يا بلڪل ئي بي خبر آھي،پر ملڪ جي حڪمران ۽ ماڻھن جي اعتماد حاصل ڪرڻ ۾ تھ کيس ضرور  ڪجھھ وقت لڳي ويندو. جيڪڏھن اھو ملڪ ممبئي سرڪار جي ماتحت ھوندو تھ بھ اعتماد حاصل ڪرڻ ۾ ساڳيو وقت لڳي ويو ھوندو. سر چارلس بھ پنھنجي خواھش جو اظھار ڪيو آھي تھ ڪڇ ڀلي سندس حڪمرانيءَ کان ٻاھر رکيو وڃي. پر ھن فقط پنھنجي راءِ جو ھن ريت اظھار ڪيو آھي تھ ممبئي سرڪار ۾ بغاوت جاري آھي. جنھن مان اھو ثابت ڪري ڪونھ ٿو سگھجي تھ ان علائقي جي ممبئي سان گڏجي رھڻ ڪري ان جو منجھس اعتماد پيدا ٿي ويو ھو.

جيڪڏھن ڪڇ سنڌ سان شامل نھ رھندو تھ ان علائقي ۾ رھندڙ فوج جو ڪمانڊر سنڌ جو ٿي ڪونھ سگھندو. امن امان جي صورتحال دوران تھ ڪوبھ فرق ڪونھ ايندو ۽ ان فوج کي پنھنجي ممبئي سرڪار کان الڳ بيڪار ثابت ٿيندو. پر سيڪريٽ ڪميٽيءَ جي منٽ ۾ نھ لکيل آھي تھ ڪڇ سنڌ ۾ شامل رھڻ گھرجي، ڇاڪاڻ تھ اھي ملڪ جاگرافيائي طور پاڻ ۾ گڏيل آھن. ان کان سواءِ ھن ٻنھي ملڪن ۾ مذھبي، تجارتي، فوجي ۽ سماجي لاڳاپا موجود آھن. ڪڇ جي اندروني جوڙجڪ کي ڏسي، ان کي سوچي سمجھي ممبئي کان جدا ڪري سنڌ سان ملايو ويو ھو. ٻين سان گڏ ان جو ھڪ ڪارڻ اھو بھ ھو تھ خود ڪڇ جي راءِ جي بھ مرضي آھي تھ کيس ممبئي پريزيڊنسي سان شامل نھ ڪيو وڃي.

اھڙين حقيقتن ممبئي سرڪار کي لاجواب ڪري ڇڏيو ھو ۽ اھڙو جواب ھن پنھنجي طاقت ۽ اختيارن جي اظھار سان ڏنو ھو. ان وقت ممبئي سرڪار کي سب ڪليڪٽر جي ھڪ درخواست ملي ھئي، جنھن سان ڪڇ جي ماڻھن جو سوين درخواستون شامل ھيون. جن ۾ چيو ويو ھو تھ ھنن جون سنڌ ۾ زمينون آھن. درخواستن سان گڏ ضروري سرٽيفڪيٽ بھ ھئا. ھنن ماڻھن جو چوڻ ھو تھ اھي ڌاڙيل نھ پر محنتي ھاري آھن. پر اھڙين ڳالھين ھوندي بھ ڪڇ کي وري ممبئي پريزيڊنسي سان شامل ڪيو ويو ھو. اھڙو توھين جوڳو منٽ وقت جي گورنر جنرل لارڊ رپن ڏانھن موڪليو ويو ھو ۽ جنھن ان کي رد ڪرڻ بدران تعميل ڪرڻ لاءِ جاري ڪري ڇڏيو ھو. اھو ڪم ھن ڪورٽ آف ڊائريڪٽرس کان ڊڄي ۽ کين خوش ڪرڻ خاطر ڪيو ھو. جڏھن تھ ڪورٽ آف ڊائريڪٽرس ذاتي غرض، تعصب ۽ تنگ نظريءَ کان ڪم وٺي اھڙي گٿي ڳالھھ ڪئي ھئي. دنيا جون حڪومتون انھيءَ اڍنگي طريقي سبب ئي بدنظميءَ جو شڪار ٿينديون آھن.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 41 42 43 44 45

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org