سيڪشن: تاريخ

ڪتاب: سنڌ جي انتظامي تاريخ

باب:

صفحو: 12

سنڌ جي اتر جي ۽ ڪڇيءَ خلاف جنگي مھم جي تاريخ

باب ستون

آڪٽوبر ۾ يورپ سان تعلق رکندڙ 13 ريجمينٽ سنڌوءَ وسيلي ھاري انگلينڊ وڃڻ لاءِ ڪراچي پھتي ھئي ۽ روايت طور ٻين فوجين لاءِ ڪي رضاڪار بھ ڇڏي وئي ھئي. ھن ريجمينٽ سان لاڳاپيل ڪي اھڙا فوجي بھ ھئا، جيڪي پنھنجي دليريءَ جا اڻمٽ نشان ائين ڇڏي ويا ھئا، جيئن روم جا جانباز فوجي سپاھي مري پنھنجي پٺيان بھادريءَ جا اھڙا نشان ڇڏي ويا آھن، جيڪي ميسارجڻ جھڙا نھ آھن. اھڙيءَ ريت 13 ريجمينٽ جي جاءِ ڀرڻ لاءِ 78 ريجمينٽ کي سکر موڪليو ويو ھو. ھيءَ فوج انگلينڊ جي جابلو جوانن تي مشمل ھئي، جن کي ڪڇيءَ واري جابلو علائقي ۾ پنھنجا جنگي جوھر ڏيکارڻا ھئا. پر ھڪ وڏي طاقت اھو فيصلو ٻڌائي ڇڏيو ھو تھ ھڪ اڻموٽ آپدا ھنن آسن ۽ اميدن مٿان پاڻي ڦيري ڇڏيندي. عين ان وقت سر چارلس ممبئي ڌر لاءِ ايندڙ اوچتي آپدا کي اڳتي وڌي جواب ڏنو ھو، جنھن ڪري سنڌ جا ماڻھو بي چين ٿي ويا ھئا. ھو سنڌ جي سرحد کان ٿورو اتر طرف ھڪ جنگي مھم جي ابتدا ڪري رھيو ھو، جو کيس ممبئي سرڪار نماڻائيءَ سان واھر ڪرڻ لاءِ ٻاڏايو ھو. ان ڪري ھن يورپين تي مشتمل ھڪ ريجمينٽ ۽ ڏيھي ماڻھن جي ٻي ريجمينٽ بغاوت کي ختم ڪرڻ لاءِ ممبئي پريزيڊنسي موڪلي ڏني ھئي. موٽ ۾ ھن ممبئي سرڪار کان ڪنھن بھ قسم جي تقاضا ڪانھ ڪئي ھئي. اھڙيءَ ريت ھن ٻن ريجمينٽن جي کوٽ کي بلوچ بٽالين سان پورو ڪري ورتو ھو. ھي اھي ماڻھو ھئا جن کي سر چارلس جا دشمن سڏيو ويندو آھي.

چاڙھھ جي پاڻيءَ جي لھي وڃڻ کان پوءِ نومبر مھيني ۾ تپاولي ايتري گھڻي ڪانھ ٿي جيتريءَ جو ڀؤ ھو. ڪيترا علائقا اھڙا بھ ھئا جتي ھڪ بھ ماڻھوءَ کي مليريا جو بخار ڪونھ ٿيو ھو. تنھن ڪري سر چارلس سکر ڏانھن اسھڻ جو پڪو پھھ ڪيو. انھيءَ مقصد سان تھ جيئن ڪچيءَ جي جابلو علائقي جي بلوچ سردارن خلاف فوجي جنگي منصوبي مطابق ڪارروائي ڪري سگھي. اتر اولھھ واري سنڌ جي علائقي کي ھن فتح ڪونھ ڪيو ھو، پر ڳالھيون ٻولھيون ڪري ھنن ماڻھن کي پنھنجو دوست بڻائي وڌو ھئائين، پر ڪڏھن بھ اوڏانھن ويو ڪونھ ھو. انھيءَ ڪري اھو پاسو ڏئي اڳتي وڌڻ لڳو ھو. سندس اھا پيش قدمي ھڪ قسم جي ملڪي جائزو وٺڻ بھ ھو تھ جيئن ھو سڌارا آڻي ڪي انتظامي سرگرميون شروع ڪري سگھي. ھن 13 ريجمينٽ جي رضاڪارن کي پاڻ سان کنيو ھو جيڪي سندس پھريدارن جي صورت ۾ ھن سان گڏ ھئا. ھنن سان گڏ ڏيھي اريگيولر گھوڙي سوار دستا بھ ھئا،جن کي ھتان جا ماڻھو مغلن جا گھوڙيسوار دستا سڏيندا ھئا. اڳتي بھ ھنن جي سڃاڻپ لاءِ اھو نالو ڪتب آندو ويندو. اھي ماڻھو پنھنجي دين ايمان ۽ ھلڻ چلڻ ۾ ايماندار ۽ سچا ھئا، جن ۾ ملڪ جي ھر علائقي جا بھادر ماڻھو شامل ھئا. جنگ ۾ ڏاڍا خطرناڪ ھئا ۽ سر ترين تي رکي دشمن سان وڙھندا ھئا. ھر ڳالھھ ۾ سچا ۽ ايماندار ھئا. ھنن اھڙي بھادري ۽ سچائي گجرات ۾ دنيا کي ڏيکاري ھئي، جتي ھن سنڌ مغل فوج پنھنجي بھادريءَ ۽ سچائيءَ جا جوھر ڏيکاري دوست دشمن کي حيران ڪري ڇڏيو ھو، جيڪا جنگ ڏاڍي منظم طريقي سان وڙھي وئي ھئي.

ھن سفر تي تيار ٿيڻ وقت ھڪ فوجي حصي کي چيو ويو تھ اھو حيدرآباد کان احمد خان پھچي. انھيءَ مقصد سان تھ جيئن ھن ماڳ کي جاچي ڏسجي تھ اھو صحت بخش آھي يا نھ. پر ھن ماڳ تي ھڪ وڏي سھوليت موجود ھئي. ھتان جو پاڻي ڏاڍو ڀلو ھو، جيڪو گھڻو ۽ خالص بھ ھو. ڇاڪاڻ تھ سنڌ جي زمين اندر لوڻ تمام گھڻو آھي، تنھن ڪري سٺو پاڻي ڏاڍو گھٽ ملندو ھو.

ھن ڀيري اھو آزمائي ڏسڻ جي ڪوشس ڪئي پئي وئي تھ جيئن ڪڇي واري جابلو علائقي وارن بلوچ سردارن کي فوج کي وڌائي ڏيکاريو وڃي ۽ کين خوف ڏياريو وڃي. ڇاڪاڻ تھ فوج جو ھڪ حصو اولھھ ڏانھن پيش قدمي ڪري رھيو. جڏھن 78 ريجمينٽ سنڌو درياھھ وسيلي اتر ھاڪاري رھي ھئي ۽ ان کان سواءِ جنرل سر چارلس اتر اولھھ جابلو علائقي وچان پنھنجي رھبر ۽ پھريدار فوجي دستن سان اڳتي وڌي رھيو ھو. اھو بھ نظر اچي، ھو تھ صحت بخش ماڳ کي چونڊ ڪرڻ ناتي احمد خان کي ڇڏيو ويو ھو. ڇاڪاڻ تھ ڪلفٽن ۽ منھوڙي وارا ماڳ ملي ويا ھئا، جن جي آبھوا ڏاڍي صحت بخش ھئي. ان کان سواءِ ڪراچي جي ويجھو بھ ھئا، جيڪا سنڌ جي راڄڌاني ھئي. ان جي ڀيٽ ۾ احمد خان پري ھو ۽ وچ وارو علائقو بھ اوپرو ھو، جنھن کي سر چارلس ڳولي لڌو ھو.

ھي علائقو سنون سڌن پٽن جو ھڪ سلسلو ھو، جن جي ويڪرائي پنج، پندرھن ۽ ويھھ ميل ھئي ۽ ڊگھائي پندرھن ۽ ھڪ سو ميل ھئي، جن جي چوڌاري ٽڪريون ھيون، جيڪي ڏکڻ کان سڌو اتر وڃي رھيون ھيون. ھنن جي اوچائي ٽن ھزارن فوٽن کان وٺي پنج ھزار فوٽ ھئي، جيڪي صفا اڀڪپريون ھيون. سندن ترا مختلف شڪلين جھڙوڪ ڪٿي اڀڪپرا، ڪٿي پاسيرا، ڪي سڌيءَ سنوت ۾ تھ ڪي وري آڏا ترڇا ۽ ڪٿي وري گول ھئا، پر ٽڪريءَ جو پاسو ڀت وانگر اڀڪپرو ھو. جڏھن تھ ھنن ٽڪرين جون چوٽيون چبوترن جيان ڏسجي رھيون ھيون. نھ تھ سندن چوٽيون سڌيءَ سنوت ۾ ھيون. ھنن ٽڪرين وچان پاڻيءَ جا لنگھھ بھ ھئا،جيڪي اسيءَ کان ھڪ سؤ فوٽ ويڪرا ھئا. بيمار ماڻھو ھن سنئين سڌي علائقي مان انھيءَ ڪري ڪونھ ٿو اڪري سگھي، ڇاڪاڻ تھ وچ وچ تي ڀٽون آھن. ڀٽون سنڌ ۾ تھ جام ڏسجن ٿيون، پر ھتي ڪجھھ وڌيڪ آھن. ھڪ فوجي منزل ڀرسان اھڙي ڀٽ ڏسڻ ۾ آئي جنھن جھڙي انساني نظر مان تھ گذري ئي ڪانھ ھوندي. ھوا سانتيڪي ھئي، پر اوچتو تيز ھواءِ جو جھوٽو گھلي ٿي ويو ۽ ھر گھڙي، ھر شيءِ مرده ۽ زنده معلوم ٿي رھي ھئي. واري اڏامي گھوڙن جي اکين ۾ پئجي رھي ھئي، جيڪي ويچارا ذري گھٽ انڌا ٿي رھيا ھئا. ماڻھن جا وار اڀا ھئا. معلوم ائين ٿي رھيو ھو تھ ڄڻ باه وچان گذري رھيا آھيون ۽ ھر ماڻھوءَ جي دل ڄڻ بيھڻ واري ھئي. مگر ٿوري وقت کان پوءِ اھو ڏکيو مرحلو گذري ويو. ويچارو بيمار ماڻھو ھن قسم جي آبھوا ۾ تھ زندھھ رھي ڪونھ سگھندو. ھن جابلو علائقي ۾ نھ پاڻي ڦڙو نظر آيو، نھ وري ماڻھوءَ بوءِ موجود ھئي. ھيءَ جوءِ خشڪ ۽ ويران ھئي. ڳولڻ سان پاڻيءَ ڦڙو ملڻ مشڪل ھو. علائقو ڏکيو ھو. جيڪڏھن رستو جوڙبو تھ ڏاڍو مھانگو پوندو. ھنن قدرتي ڀتين مان وڏو فائدو بھ آھي. جنھن کي ٿڌي موسم تبديل ڪري ڪانھ ٿي سگھي. اھو ئي ڪارڻ آھي جو ساري مشرق ۽ ڪلفٽن وارو علائقو وڌيڪ صحت بخش آھي.

سيوھڻ کان اتر واري علائقي ۾ سر چارلس کي رنRins  قبيلي جا ماڻھو ڏسڻ ۾ آيا، جيڪي غير بلوچ ھئا ۽ سنڌي ھئا. انھن جي حالت ڏاڍي خراب ھئي. ھي اصل سنڌوءَ جي ڇوڙ واري علائقي جا رھواسي ھئا، جن کي ٽالپرن انھيءَ ڪري اتان ڪڍي ڇڏيو ھو جو اھي ڪلھوڙن جا وفادار ھئا. ھاڻي ھي ماڻھو اولھھ وارن جابلو علائقن ۾ ڌاڙا ھڻي گذر سفر ڪندا آھن. بلوچ قبيلا بھ ھنن مٿان حملا ڪندا آھن. ھنن ماڻھن کي آڻي جھرڪ جي اوسي پاسي سنڌوءَ سان آباد ڪيو ويو آھي. ھتي ڏاڍي سچائيءَ ايمانداري سان پوکي راھي ڪندا آھن ۽ انگريز سرڪار جا وفادار ۽ تابعدار آھن. ھي پھرئين قسم جا سڌارا آھن، جن جي سنڌ جي ھن علائقي کي وڏي ضرورت آھي. ھتي قانون جون ڀڃڪڙيون بھ گھڻيون ٿينديون آھن. تن جي اصلاح ڪرڻ بھ ضروري آھي. ھتي منتظمين وسيلي ھڪ ڪوڙي سياسي معاشيات کي نافذ ڪيو پيو وڃي، جنھن کي ختم ڪرڻو آھي. اھو ڪم ڏاڍو ڏکيو آھي. پر انھن ڳالھين کي منھن ڏيڻ لاءِ ڪليڪٽرن، سب ڪليڪٽرن ۽ فوجي مئجسٽريٽن کي چيو ويو آھي تھ سرڪاري طور ڪارڪردگيءَ جي ھڪ ڊائري رکي وڃي. ان کان سواءِ ٻين سڌارن آڻڻ لاءِ سوچ فڪر جاري آھي. سر چارلس نيپئر بھ غلط فيصلن بابت جاچ پڙتال ڪرڻ ۽ انھن جي سخت نگراني ڪرڻ لاءِ تيار آھي. اسان کي ھر جڳھھ تي انگريز سرڪار جي وفادار ۽ تابعدار ماڻھن جي اڪثريت ۽ سنڌ جي قدرتي وسيلن جي گھڻائي ڏسڻ ۾ آئي، پر سنڌ جي انتظاميھ ڏاڍي مايوس ھئي. ڇاڪاڻ تھ 1843 وارن بخارن ڪري نھ چيف ڪليڪٽر، نھ وري سب ڪليڪٽر پنھنجن جاين تي موجود ھئا، جيڪي پنھنجي صحت جي بچاءَ واسطي ٻين ملڪن ڏانھن ھليا ويا ھئا. ھنن ماڻھن جي غير حاضريءَ ۾ ڪيترن ئي قسمن جا ڏوھھ، ٺڳيون، بي قاعدگيون ۽ ظلم ٿيا ھئا. ھن قسم جي ملڪ ۾ اھڙيون ڳالھيون غير متوقع بھ ڪونھ ھيون، جنھن جي اڳوڻيءَ حڪومت ۾ بھ اھڙيون شڪايتون ڏھاڙيءَ جون معمولي ڳالھيون ھيون. ان حڪومت جو ٻين ڏوھن کان سواءِ ھي جرم بھ ھو تھ ھن سنڌ جي ھڪ حصي ۾ موجود وڏيءَ ڍنڍ جي مھاڻن مٿان وڏو محصول مڙھي ڇڏيو ھو ۽ بھانو اھو ڏنو ويندو ھو تھ سرڪار جي پيداوار کي وڌايو پيو وڃي. ساڳيءَ ريت زمين جي پيداوار جو پورو اڌ حصو ڍل طور سرڪار وصول ڪندي ھئي. اھڙو ڏاڍ ھڪدم ختم ڪيو ويو ھو. جنھن ڪري اسان مٿان چٿرون بھ ڪيون ويون ھيون ۽ طعنا تنڪا بھ ڏنا ويا ھئا. پر اھو اخلاقي طور بھ ڏوھھ ھو. ھن سرڪار جي انتظام اندر گھڻي کوٽ آھي، جنھن ڏانھن عام طور تي ڌيان ڪونھ ڏنو ويندو آھي.

اھڙيون خامون گھڻيون آھن جن تي تعجب بھ ڪرڻ گھرجي. پر پاڻ ھڪ جرم ڏسي وائـڙو ٿي ويو ھو. ھن غلامن جو ڪجھھ تعداد ڏٺو، جيڪي کيس آزاديءَ لاءِ التجائون ڪري رھيا ھئا. غلام رکندڙ ماڻھن کي قانوني طور سزا ڏيڻ لاءِ اڃان تائين ڪو قدم ڪونھ کنيو ويو ھو. اھو ڏسي، انھن ٻارھن تيرھن ماڻھن کي ھٿڪڙيون ھڻائي پنھنجي فوجي پيش قدميءَ دوران پاڻ سان گڏ وٺي ويو. جن غريب ماڻھن کي پنھنجو غلام بڻائي ڇڏيو ھو. اھڙي قسم جي ڏوھن خلاف ھن عقل ڀريو قدم کنيو ھو، جنھن جو ذڪر مناسب جڳھھ تي اڳتي ڪيو ويندو. ھڪ جڳھھ تي ڪيترن ماڻھن اچي کيس گذارش ڪئي، تھ کين ڌاڙيلن جي آزار کان نجات ڏياري وڃي. سر چارلس انھن ڌاڙيلن کي گھڻي وقت کان وٺي ڳولي رھيو ھو، جن جا نالا ھنن ماڻھن ٻڌايا ھئا ۽ انھن ڌاڙيلن کي ڪوشش ڪري جلد ئي گرفتار ڪيو ويو. سووت گڊيSawat guddee  نالي ھڪ ڌاڙيل کي فزجيرالڊ گرفتار ڪري ورتو ھو. ھن فوجي عملدار کي اڳواٽ ئي کڙڪ پئجي وئي ھئي تھ ڌاڙيلن جو ڪجھھ تعداد سٽ ھڻڻ لاءِ تيار ويٺو آھي. ھن فوجين مان چاليھھ ڄڻا سر چارلس جي پھري لاءِ اتي بيھاري ۽ باقي ٻي فوج ۽ اٺ سوار دستا پنجھتر ميل جو پنڌ ھڻي، ڌاڙيلن تي وڃي اوچتو حملو ڪيو، جيڪي جبل جي تري ۾ وانڍ ھنيون ويٺا ھئا. اتفاق سان گڊي ڀڄي نڪري ويو. فزجيرالڊ اھو ڏسي سندس ڪڍ فوجي سوار لڳايا، جن ھن کي، سندس پٽ ۽ ٻن ڀائٽن کي گرفتار ڪري ورتو ھو. ليفٽيننٽ جيمس جو تعلق پوليس سان ھو، جنھن ھنن کي سندن ئي ٻوليءَ ۾ پيش پوڻ جو چيو. انھن جو تعداد چار ھو، جيڪي ٻين کان ڌار بيٺا ھئا. ھن کين چيو تھ جيڪڏھن آڻ مڃيندا تھ ھنن جو وار بھ ونگو ڪونھ ٿيندو. انھن مان ھڪ ماڻھو اچي پيش پيو. جيمس ان ماڻھو کي تحفظ ڏنو. ان کان پوءِ ٻين کي چيائين ڏسو مان ھن کي ڪو ھاڃو ڪونھ پھچايو آھي. توھان بھ پيش پئو تھ اوھان کي بھ تحفظ ڏنو ويندو. تنھن تي ھنن وراڻيو تھ اسان پيش ڪونھ پونداسون. ڇاڪاڻ تھ اسان گڊي آھيون ۽ سووت (ٿي سگھي ٿو تھ نالو صحبت ھجي. مترجم) جا ڀائٽيا ۽ ھڪ سندس پٽ آھي. اسان ڪڏھن بھ پيش ڪونھ پونداسون. پوليس ۾ الف خان نالي ھڪ پٺاڻ ھو جيڪو ڏاڍو بھادر ماڻھو ھو. جنھن جي پٽ شير محمد جي ڀاءُ کي گرفتار ڪري ورتو ھو. جيڪو لاسراٽ ھو ۽ پيءُ وانگي طاقتور ۽ دلير ھو. ھن پنھنجي ھڪ ساٿي سان گڏجي بلوچن سان مقابلو ڪيو، جن وٽ تلوارون ۽ ڍالون ھيون. پر الف خان جي پٽ ۽ سندس دوست وٽ فقط تلوارون ھيون. ان ھوندي بھ ھنن ٽن بلوچن کي قتل ڪري ڇڏيو. ان کان پوءِ الف خان گھوڙي تي چڙھي وڃي ھڪ گڊي کي چيو تھ ھٿيار ڦٽا ڪر، نھ تھ توکي قتل ڪري ڇڏيندس. ان وقت گڊي رڙ ڪري کيس چيو: ڇا تون الف خان آھين؟ الف خان کيس چيو: ھائو. اھو ٻڌي ھن ھٿيار ڦٽا ڪيا. اوڀر جا ھٿياربند ماڻھو ھڪ ٻئي کي چڱيءَ ريت سڃاڻيندا آھن. معلوم ائين ٿي رھيو ھو تھ الف خان کان وڌيڪ ڪوبھ ھٿيار بند خطرناڪ ڪونھ ھو. جنرل چارلس کي جڏھن پتو پيو، سووت جو پٽ ۽ سندس ڀائٽيا قتل ٿي ويا آھن تھ کيس ڏاڍو ڏک ٿيو، پر انھن کي مزاحمت ڪرڻ ڪري قتل ڪيو ويو ھو. ڇاڪاڻ تھ اھا ڌر آپي کان نڪري وئي ھئي. ھنن آڻ ڪانھ ٿي مڃي ۽ مھاڏي ڏيڻ لاءِ ڳت ڏئي بيھي رھيا ھئا ۽ جيڪو ماڻھو جيمس جي پيش پيو ھو، تنھن بھ ٿوريءَ دير کان مٿس حملو ڪري ڏنو ھو.

نوبت خان، ڌاڙيلن جو ھڪ ٻيو سردار ھو، جيڪو ڏاڍو سگھارو متارو ۽ وحشي ھو. ھن تازو سنڌ جي حدن اندر ايران جي ھڪ واپاري قافلي کي لٽيو ھو ۽ ڇھن غريب جتن کي ڪھي ڇڏيو ھو. ھن سان گڏ ٻيا بھ پنج سو ڌاڙيل ھئا. ھن پنھنجي قھري ڪاررواين سان اتر سنڌ ۾ رڻ ٻاري ڇڏيو ھو.

سر چارلس ھن جي گرفتاريءَ لاءِ ھڪ ھزار روپيا چانڊين کي ڏنا ھئا. ولي چانڊئي جو واعدو پٿر تي ليڪو ھوندو ھو. کيس ھڪ ڏينھن پڪڙي، جنرل آڏو پيش ڪيو ويو، جنھن لاڙڪاڻي واري درٻار ۾ ٻين سردارن جي سامھون کيس ھزار روپيا انعام طور ڏنا. ان کان سواءِ کيس نوبت جي تلوار بھ ڏني، جنھن تي سون جي اکرن ۾ ڌاڙيل جو نالو لکيل ھو. کيس اھا تلوار ماڻھن جي ميڙ ۾ ڏني وئي ھئي. ان جو مطلب اھو ھو تھ انھن ٻنھي قبيلين وچ ۾ وير جو وڻ پوکجي چڪو ھو ۽ ٻئي ڌريون ھڪ ٻئي جي قبيلي جي سردار جي سر کڻڻ لاءِ سندرو ٻڌي،ھڪ ٻئي جي سامھون بيھي رھيون ھيون.

ھن لاڙڪاڻي واريءَ درٻار ۾ قبائلي سردارن کي مختصر ۽ سخت لفظن ۾ خطاب ڪيو ھو ۽ غلام رکڻ خلاف بھ ڳالھايو ھو. اھڙيءَ ريت ھن مٿئين طبقي جي ماڻھن کي اڻ سڌيءَ ريت ٻڌايو ھو تھ ھن جيڪي ماڻھو گرفتار ڪيا آھن تن نھ رڳو قانون جي ڀڃڪڙي ڪئي آھي، پر اھي ڳجھھ ڳوھھ ۾ ڌاڙن ھڻڻ جو بھ سوچي رھيا ھئا. ان خطاب ۾ ھن نوبت ۽ ٻين گڊي ماڻھن جي مقدر بابت پڻ ڳالھايو ھو، جن کي موت جي سزا ملڻ واري ھئي. جنھن مان سندس طاقت جو احساس ۽ اختيارن جي وسعت جو اندازو ڪرڻ سولو ھو. ھن ڦاسيءَ جي ڏوريءَ کي ڍري ڪرڻ بدران وڌيڪ سخت ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ھئي ۽ جيستائين ڪڇي جي جابلو علائقن جي ھڪ ھڪ ڌاڙيل کي ڦاسي نھ ڏنائين، تيستائين ڦاھي جي ڏوريءَ کي ڍر ڪانھ ملي. اھڙيءَ سخت ڪارروائي ڪر درٻار ۾ ويٺل بلوچ قبائلي سردارن مٿان سر چارلس جي دھشت ويھي وئي. تنھن ڪري انھن رضاڪارانھ جنرل سان واعدو ڪيو تھ اڳنا واسطي ھنن جا ماڻھو ڪڏھن ڌاڙا ڪونھ ھڻندا. ان کان پوءِ ھنن پنھنجا ڪيل واعدا پاڙيا. درٻار واري موقعي تي ھن وڏي افسوس جو اظھار ڪيو ھو تھ کيس بلوچي زبان ڪانھ ٿي اچي ۽ جيڪڏھن کيس اھا اچي ھا تھ اھا ٻولي ھڪ ھزار فوجي سپاھين جيتري طاقت ڏئي ھا. پر ھن اھڙي کوٽ جي پورائي، فوجي سرگرمين کي وڌيڪ تيز ڪري ڇڏيو ھو. اھڙين ڳالھين تي عمل ڪندي، انھن دولتمند بلوچ سردارن کي زنجيرن سان ٻڌي، پاڻ سان کنيون وتندو ھو. ڇاڪاڻ تھ ھنن بلوچ سردارن قانون جي ڀڃڪڙي ڪري غلام رکيا ھئا.

درٻار ۾ حاضر ڪيترن سردارن کي اھڙي خبر ھئي تھ ڪھڙن سردارن اھڙي قانوني ڀڃڪڙي ڪئي آھي. تن ھنن لاءِ سر چارلس کي گذارش تھ کين بخشيو وڃي. تنھن تي ھن اھڙن ماڻھن جا زنجير ڪڍرايا، جن جو گھٽ جرم ھو باقي ٻين کي ھن معاف ڪونھ ڪيو، جيڪي زنجيرن ۾ ٻڌل رھيا، انھيءَ مقصد سان تھ جيئن ھو ٻين لاءِ مثال ھجن. ھتي اسان کي بي انصافي ضرور ڏسڻ ۾ اچي ٿي، جو ھڪ جھڙي جرم جا ھڪڙا ڏوھي معاف ڪيا ٿا وڃن ۽ ٻين کي معاف نھ ڪري زنجيرن ۾ ٻڌل رکيو ٿو وڃي. پر ھن پنھنجي ان حڪمت عمليءَ بابت ھن ريت سمجھايو ھو. سندس چوڻ ھو تھ ”ولي ۾ حاجي ٻئي وڏا قبائلي سردار آھن ۽ ٻنھي ساڳيو جرم ڪيو آھي. پر ھو ٻئي پنھنجي غلامن سان ڏاڍو شريفاڻو ورتاءُ ڪندا آھن. جيڪڏھن مان انھن مان ڪنھن بھ ھڪ کي گرفتار ڪندس تھ چاليھھ ھزار جابلو ويڙھاڪ اچي جنگ لاءِ سامھون بيھندا. مان سمجھان ٿو تھ غلامن رکڻ جا ڏوھھ ٿي رھيا آھن. پر مان ھڪ اڻ سڌي حڪمت عملي اختيار ڪئي آھي، جنھن وسيلي مان غلاميءَ واري جرم کي بلڪل ختم ڪري ڇڏيندس. ھنن جھنگلي بلوچ سردارن سان فقط اھڙي طريقي سان ڪاروھنوار جاري رکندو ايندس. ھنن ڳالھين سان گڏوگڏ مان نوان قلعا تعمير ڪرائي رھيو آھيان. فوجن لاءِ بئرڪن جي تعمير ٿي رھي آھي. ان کان سواءِ پوليس جو ھڪ الڳ کاتو ٺھي رھيو آھي. ان کان پوءِ مسڪين ماڻھن جي ھمت افزائي ڪئي ويندي تھ جيئن قبائلي سردارن جي اطاعت نھ ڪن. ڪنھن بھ ماڻھوءَ کي منھنجي حڪمت عمليءَ بابت ڪا ڄاڻ ڪانھ آھي. اھڙيون ڳالھيون ماڻھن جي ميڙاڪن کي خطاب ڪندي ظاھر ڪري ڇڏيندو آھيان. ظاھر ۾ تھ ائين لڳندو آھي تھ ڄڻ مان انھن ڳالھين تي غور ۽ فڪر ڪيو ئي ڪونھ آھي ۽ انھن جو اظھار بھ مرحلي وار ڪندو آھيان. جيڪڏھن پنھنجي حڪمت عمليءَ بابت اڳواٽ ڄاڻ ڏيندس تھ اھا پنھنجو اثر وڃائي ويھندي. اھڙي ريت منھنجي حڪمت عملي ڪنھن کي سمجھھ ۾ بھ ڪانھ ايندي آھي. منھنجي اھا بھ ڪوشش رھي آھي تھ منھنجا اعلى عملدار، ولي چانڊئي کي ڌاڙيل سڏي ڪاوڙائڻ جي  ڳالھھ نھ ڪن. اھو ڄڻ ائين آھي تھ مان ھتان جي ماڻھن کي ھڪ جھڙو سمجھي رھيو آھيان، ائين نھ آھي. اھي ماڻھو پنھنجي مزاج، طاقت ۽ عادتن ۾ بلڪل ڌار آھن. ولي چانڊيو ۽ ٻيا بلوچ سردار پوکي راھي يا ڪو ٻيو ڌنڌو ڪونھ ڪندا آھن ۽ ڌاڙا ڦريون ڪري پيٽ گذر ڪندا آھن. انھن جو خيال آھي تھ ٻين ماڻھن کي ڦرڻ لٽڻ عزت آبرو وارو ڌنڌو آھي. تنھن ڪري مان اھو چئي ڪنھن کي سزا ڪونھ ڏيندو آھيان تھ تون ڌاڙيل آھين، تون قاتل آھين يا تون بداخلاق آھين. مان کين فقط ھي چوندو آھيان تھ تو منھنجا حڪم ڪونھ مڃيا آھن، جن ۾ چيو ويو ھو تھ ڌاڙا بند ڪريو، قتل نھ ڪريو ۽ پاڻ وٽ غلام نھ رکو. ھي ماڻھو منھنجون اھڙيون ڳالھيون سمجھي وٺندا آھن تھ بادشاھھ جي مرضي اھا آھي، جيڪڏھن ھن جو چوڻ نھ مڃيو ويو تھ ھو ضرور سزا ڏيندو. اھي ماڻھو اھو ڪونھ سمجھي سگھندا آھن تھ اسان جي نظر ۾ عزت ۽ اخلاق ڇا ھوندو آھي. بلوچ سردار سمجھندا آھن تھ مان سارو وقت ھار سينگار ۽ وارن کي درست ڪرڻ ۾ گذاريندو آھيان ۽ ڌن دولت گڏ ڪرڻ ۾ لڳو پيو ھوندو آھيان. پر جڏھن مان ساڻن جنگ جوٽيندو آھيان تھ مون کي مھاڏو ڏيڻ کان لنوائيندا آھن، پر عام ماڻھو مون کي پنھنجو دوست تصور ڪندا آھن ۽ ڏاڍو خوش گذاريندا آھن. ٿوري وقت کان پوءِ منجھن ايتري سجاڳي ايندي جو ھو قبائلي سردار جو چيو ڪونھ مڃيندا ۽ غلاميءَ جي زنجيرن کي ڀڃي ڀروڙي ڇڏيندا. پر ھاڻي بھ جيڪڏھن سنڌ جي حڪمراني ٽالپرن حوالي ڪئي بھ وڃي تھ يقين سان چوان ٿو تھ مان فوج کان سواءِ ھنن غريب ماڻھن سان گڏجي کين سولائيءَ سان شڪست ڏئي سگھندس ۽ کين سنڌ کان ٻاھر ڀڄائي ڦٽو ڪندس.

مان نوبت خان ڌاڙيلن جي تلوار چانڊئي سردار ولي کي ڏني ھئي، ان ڪري ھي چانڊيو سردار ان جي باقي رھيل ڌاڙيلن جي ٽولي جي ڪڍ لڳي پيو ھو. انھيءَ خوف کان تھ متان اھي کيس قتل ڪري ڇڏن. ھن ماڻھوءَ قبيلي جي ٻين سردارن کي ھيءَ ڳالھھ مڃائي ھئي تھ ھو درياھھ جي ساڄي ڪناري تائين ڌاڙو ڪونھ ھڻندا، جيستائين سر چارلس ڪڇيءَ جي جابلو ڌاڙيلن سان ويڙھھ ۾ رڌل آھي. ولي چانڊئي نوبت واري تلوار وٺڻ کان انڪار ڪونھ ڪيو ھو، ڇاڪاڻ تھ اھا کيس اعزاز طور ملي رھي ھئي ۽ ڌاڙيلن جي دشمنيءَ کان ڪونھ ڊڳو ھو. کيس اھا چڱيءَ ريت خبر ھئي تھ جيڪڏھن نوبت ڀڄي نڪتو تھ کيس قتل ڪرڻ کان ڪونھ مڙندو. جڏھن ھو نوبت واري تلوار وٺي واپس ٿي رھيو ھو تھ سر چارلس کيس سرٻاٽ ڪندي چيو ھو تھ، تون نوبت کي قتل ڪندين نھ! تھ ولي کيس وراڻيو ھو: ھائو، آءٌ کيس ضرور قتل ڪندس. ان کان پوءِ ھي جھونڙو سندس تنبوءَ مان ٻاھر نڪري ھليو ويو ھو. نوبت ۽ ٻين عام رواجي ڌاڙيلن جو قتل ڪا اڪ جي ماکي ڪانھ ھئي. اھڙي جاکوڙ بھ مٿي جو سور ھئي، جنھن کي ھن ريت بيان ڪجي ٿو.

”مان جيڪي بھ ماڻھو قيد ڪيا آھن، تن کي ضرور ڦاھيءَ چاڙھيو ويندو. انھيءَ کان سواءِ ڪو ٻيو گس بھ ڪونھ آھي. جيڪڏھن آءُ ائين نھ ڪندس تھ سنڌ ۾ وڏي رتو ڇاڻ ٿيندي رھندي. ماڻھو ميڙاڪن جي صورت ۾ مون وٽ اچي رھيا آھن ۽ ٻاڏائي رھيا آھن تھ ملڪ بلوچ ڌاڙيلن ڦري لٽي ڀينگ ڪري ڇڏيو آھي. سکيا ستابا علائقا ويران ٿي ويا آھن. ماڻھو سندن ظلم ۽ ڏاڍ کان ڊڄي پنھنجا اباڻا تر ۽ تڏا ڇڏي، لڏا پٽي ڪيڏانھن جو ڪيڏانھن ڪک پن ٿي ويا آھن. اھي ڌاڙيل ڪڇيءَ واري جابلو جوءِ ۾ وڃي گڏ ٿيا آھن ۽ پاڻ ۾ ايڪو ڪري رھيا آھن. سندن اھو اتحاد غريب ماڻھن جي قتل عام جي مقصد لاءِ آھي. ان کان پوءِ سنڌين جون عورتون قتل ٿيون. معصوم ڇوڪرين جي ٻانھن ۾ پاتل قيمتي چوڙين کي حاصل ڪرڻ لاءِ انھن کي لاھڻ بدران سندن ٻانھون ڪپيون ويون تھ متان دير ٿئي ۽ ٻيو ڌاڙيل وڌيڪ چوڙيون ھٿ ڪري وڃي. اٺن جا وڳ چاريندڙ جتن کي بھ قتل ڪيو ويو، جن وٽ بچاءَ لاءِ ڪي ھٿيار بھ ڪونھ ھئا. ھڪ وسيع سکيو ستابو علائقو اک ڇنڀ ۾ ويران ٿي ويو. پنجويھھ ڳوٺ ڊاھي پٽ ڪيا ويا. اھڙا ماڻھو جيڪڏھن گرفتار ڪيا ويا تھ انھن تي ڪورٽن ۾ ڪيس ھلايا ويندا ۽ انصاف ڪيو ويندو. جيڪڏھن ڏٺو ويو تھ اھي قانون ۽ انصاف مطابق قاتل آھن تھ انھن کي ڦاھيءَ چاڙھيو ويندو. ھنن ماڻھن اھي قتل بي پھچ انسانن جا ۽ ڄاڻي ٻجھي ڪيا آھن. جيڪڏھن مان انصاف نھ ڪندس تھ سمجھيو ويندو تھ مان ڪمزور آھيان ۽ اھڙن ظالم ماڻھن کي ھٿ لائي ڪونھ ٿو سگھان ۽ پوءِ سارو ملڪ وڳوڙن جي ور چڙھي ويندو ۽ ان ڪارنھن جو لينگھو مون تي لڳندو تھ مان ھن ملڪ ۾ امن امان ڪرائڻ ۾ سوڀارو ثابت ڪونھ ٿيو آھيان. عام ماڻھو ڏاڍا خوش آھن تھ ظالمن کي سوگھو ڪيو ٿو وڃي. جيڪڏھن ڪو شريف ماڻھو منھنجي جاءِ تي ھجي ھا تھ اھو بھ ھن ڪم کي اھڙيءَ ئي مڙسيءَ سان منھن ڏئي ھا جيئن مان ڏنو آھي، پر مون کي ڏک فقط انھيءَ ڳالھھ جو آھي تھ ڪاش! مان جيڪر انھيءَ مامري ۾ تلوار کان ڪم نھ وٺان ھا. پر پوءِ مون کي تھ ملڪ جي سڌاري لاءِ ڪوڏر کان ڪم وٺڻو ھجي ھا. خير! مان خدا کي ٻاڏايان ٿو تھ اھو مون کي فيصلي ڪرڻ ۾ انصاف ڪرڻ جي توفيق عطا فرمائي ۽ جنھن ڪم ڪرڻ جو، ارادو ڪريان تھ اھو ڪري بھ ڏيکاريان،جيڪڏھن سماجي قانون کي زنده رکڻو آھي تھ اھڙي ماڻھو جي نڙيءَ تي ضرور ننھن رکڻو پوندو، جنھنجي ھٿ ۾ ٻئي کي ڪھڻ لاءِ ڪات آھي ۽ پنھنجي تحفظ لاءِ اھا اجازت ضروري ڏيڻي پوندي. پر جيڪڏھن مون کي محسوس ٿيو تھ جيڪو ڪم آءٌ ڪري رھيو آھيان.، سو انصاف آھي يا انصاف مطابق آھي تھ منھنجي زندگيءَ جي جاکوڙ اھا ھوندي تھ مان انھن قاتلن کي مارڻ جي ڪوشش ڪندو رھان.

ڪيترا ماڻھو سمجھي رھيا آھن تھ جيڪو ڪجھھ آءٌ ڪري رھيو آھيان، سو عيسائي مذھب جي اصولن جي خلاف آھي، اھي ماڻھو شايد سچ ٿا ڳالھائن. جيڪڏھن ائين آھي تھ پوءِ حڪومت ختم ھجڻ گھرجي. پوءِ ھتي جيڪو ماڻھو سڀني کان وڏو ڌاڙيل آھي، اھو سڀني کان مٿاھون ۽ اعلى طبقي جو ماڻھو سمجھڻ کپي ۽ انساني فطرت انسانيت کان گھڻو ڏور ڪونھ ويندي. مون کي يقين آھي تھ جيڪو ڪم آءٌ ڪري رھيو آھيان سو بلڪل صحيح آھي ۽ مان ان تي اٽل آھيان. منھنجي دل گندن احساسن کان پري آھي. مان تھ اھي ڪم ڪري رھيو آھيان، جيڪي سماج جي ضرورت آھن ۽ اھا ھيءَ آھي تھ ڌاڙا سنڌ ۾ ختم ٿيڻ گھرجن. مان سڀ کان پھريان اھا ئي ڳالھھ چئي ھئي ۽ مان ائين ڪري ڏيکاريو آھي ۽ ائين ڪندو رھندس، پوءِ ڀل ٻيا ٽي مھينا گذري وڃن. پر جيڪڏھن خدا جي مرضي ھوندي تھ ھتي ڌاڙيل ھجڻ گھرجن تھ پوءِ يقين ڪريو تھ مان ڪڏھن بھ ڪامياب ڪونھ ٿيندس. پر ھن ٽالپر حڪمرانن مٿان زوال نازل ڪري ڄڻ اھا ڳالھھ منظور ڪرڻ فرمائي آھي، جيڪا مان ڪري رھيو آھيان. جيڪڏھن مان ھنن ڌاڙن، ڦرين لٽين ڏانھن ڌيان نھ ڏيندس ۽ انتظاميھ رکي ڪونھ سگھندس تھ ساڳيا ماڻھو منھنجي تعريف ڪندا، پر ان جو مطلب اھو ٿيندو تھ مان سنڌ کي خوشحال ڏسڻ ڪونھ ٿو چاھيان ۽ ائين ڪرڻ سان منھنجو ضمير گھائجي پوندو. ھاڻ دل جي آٿت سان ننڍ ڪريان ٿو. انھيءَ ڪري جو مان سنڌ جي وڳوڙي وايو منڊل کي منھن ڏيڻ لاءِ ننھن چوٽيءَ جا زور لائي رھيو آھيان. پر ان کان پوءِ ڪورٽ آف ڊائريڪٽرس مون مان خوش نھ آھي. مون کي اھڙي پرواھھ بھ ڪانھ آھي. اھي ماڻھو چالاڪ ۽ بيوقوف آھن. جڏھن تھ مان اھو ماڻھو آھيان، جنھن جو ڏھاڙيءَ جو ڪم ماڻھن جون زندگيون بچائڻ آھي. جيڪڏھن مان ڪم ڪرڻ کان اڳ سوچيندس نھ تھ مون کي تھ قاتل سڏيو ويندو. مون کي اھا خبر ڪانھ آھي تھ ھندستان جي حڪومت ڪير ھلائي رھيو آھي. اھي ڀلي حڪومت ھلائڻ ڇڏي ڏين. مان تھ ڏينھن ۽ رات بلڪ ھڪ ھڪ ڪلاڪ ۾ خدا در دعا گھرندو آھيان تھ يا خدا مون کي صحيح ڪم ڪرڻ جي توفيق عطا فرماءِ ۽ مون کي پورو يقين آھي تھ آءٌ خدا کي حاضر ناظر سمجھي صحيح ڪم ڪري رھيو آھيان. جيڪڏھن مان ائين نھ ڪندس تھ مان گنھگار آھيان. جيڪڏھن حڪمران انصاف نھ ڪري سگھندو آھي تھ وڏو مجرم ھوندو آھي. اھڙيون قومون ڪڏھن ناڪامي ڪونھ ڏسنديون آھن، جيڪي خود ڪفيل ھونديون ۽ سندن زندگيون سجايون ھونديون آھن.“

ھن سفر دوران سر چارلس کي ھن سمجھڻ جو موقعو ملي ويو ھو تھ سنڌ کي Young Egypt سڏڻ جو ڪھڙو ڪارڻ آھي يا اھڙي تشبيھھ غلط آھي؟ پر حقيقت اھا آھي تھ ٻنھي ملڪن ۾ ساڳيائپ تمام گھڻي آھي. ھنن جا ميدان، خوشحالي، رڻ پٽ، جبل، ھڪ درياھھ، ساليانو چاڙھھ، سامونڊي بندرن جي ٿورائي، حڪمرانن جي تڪڙي تڪڙي تبديلي، ٽي نسل جھڙوڪ: ڪوپٽCopts ، عرب جن مان مصر جي مملوڪ تلوار بازن جو تسلط – سنڌ ۾ سنڌي ھندو ۽ سنڌي مسلمان جن مٿان بلوچ جو تسلط. ٻنھي ملڪن جو ماضي شاندار ھو پر خراب حڪومتن ڪري تباھھ ٿي ويا آھن. پر ھاڻي کين وري زندھھ ٿيڻ جو موقعو ملي ويو آھي. ڏٺو وڃي تھ ٻنھي جي ھڪجھڙائي مڪمل آھي. ان کان سواءِ ھيءَ ڳالھھ بھ تعجب جھڙي آھي تھ سنڌوءَ جي اولھھ پاسي وڻن جا پنڊ پاھڻ بھ ائين آھن جيئن نيل جي اولھھ پاسي وڻن جا پنڊ پاھڻ آھن.

سنڌ ۾ کليل ميدان آھن،جن جي زمين ڏاڍي ڀلي آھي، پر علائقا ويران آھن. منجھن ماڻھوءَ جي بوءِ بھ ڏسڻ ۾ ڪانھ ايندي. پر ھتي اھڙا قديم ماڳ ھن جن مان پتو پوي ٿو تھ قديم زماني ۾ سنڌ ڏاڍي خوشحال ھئي. چيو بھ ائين ويندو آھي تھ پراڻي دور ۾ سنڌ ھڪ شاندار ملڪ ھو. ان ڳالھھ ۾ وڌاءُ بھ ڪونھ آھي. ھاڻي اھو ساڳيو رستو ورتو ويو آھي، جنھن وسيلي سنڌ ساڳي اوج تي پھچي سگھي ٿي. ھن ملڪ جو ھڪ قديم ۽ اھم ماڳ اڄ بھ نمايان آھي. نقشي ۾ ان کي موھن ڪوٽMohan Kot  لکيو ويو آھي. سر اليگزينڊر برنس لکيو آھي تھ ھڪ ٽڪريءَ جي چوڌاري قلعو جوڙيو ويو آھي. پر ھتان جا ماڻھو ھن ماڳ کي رني ڪوٽ سڏن ٿا. ھن قلعي جون ڀتيون پٿرن ۽ گچ سان ٺھيل آھن. قلعو بھ ھڪ ٽڪريءَ جي نھ، پر ٽڪرين جي چوڌاري ڦيريو ويو آھي. چيو ويندو آھي تھ ھن قلعي جي پکيڙي پندرھن ميل آھي. ان جي وچان صاف ۽ شفاف پاڻيءَ جي ھڪ ڪارنر وھندي آھي جيڪا جبل وچان بڙڪو کائي ٻاھي نڪرندي آھي. اھو بھ چيو ويندو آھي تھ اھو قلعو يونانين ٺھرايو ھو. پر ڪاريگري مان لڳي ٿو تھ اھو قلعو يونانين ڪونھ ٺھرايو ھو. ٽالپر حڪمرانن ھن قلعي جي ڀتين جي مرمت ڪرائي ھئي. ڪاش! ھي قلعو جيڪر ٽالپر حڪمران جوڙائين ھا.

سڪندر جي جاگرافيدانن جي بيان مطابق، ھي قلعو سڪندر جي سفر واري رستي ۾ ڏسجي ٿو. پر سر چارلس کي ھن ڳالھھ تي اعتبار ڪونھ آيو ھو. ان کان پوءِ ھن سيوھڻ جو ماڳ ڏٺو ھو، جيڪو سنڌوءَ جي چاڙھھ واري پاڻيءَ جي سطح کان مٿي ھو، جتي ھن ڪيترا دڙا ڏٺا ھئا. قلعو تمام پراڻو ھو، پر ان تعمير جو نمونو ڏسي چيو ھئائين تھ، قلعو پراڻو ضرور آھي،پر سڪندر جي تعمير نھ آھي. سندس خيال آھي تھ سڪندر جي مورخن سندس فوجي پيش قدميءَ واري جنھن رستي جو بيان ڪيو آھي، سو بھ وسھڻ جوڳو ڪونھ آھي. اھو فقط تڏھن ممڪن ھجي، جڏھن سنڌ سندن بيان واري سنڌ کان وڌيڪ سڌريل ۽ مھذب ھجي ھا. ماضيءَ واري سنڌ موجوده دور واري سنڌ کان گھڻي سڌريل ۽ مھذب ھئي. اھڙيءَ ريت سڪندر جي دور واري سنڌ بھ ڪا گھٽ سڌريل ڪانھ ھئي. ان دور جي مورخن لکيو آھي تھ فلپ جي پٽ (سڪندر) جي فوج سنڌوءَ جي ٻنھي ڪنارن سان سفر ڪري رھي ھئي. پر اھا فوج ھڪ سؤ ھجي يا ويھھ ھزار سنڌوءَ جي ڪنارن سفر ڪري ڪانھ ٿي سگھي. ليڪن انھيءَ فوج سنڌوءَ جي وھڪري کان ڏھن کان سورھن ميل پري سفر ڪيو ھوندو. ڇاڪاڻ تھ آبپاشي جي مقصد سان سنڌو مان ڪيترا ننڍا ۽ وڏا واھھ کوٽيا ويا ھوندا. تنھن ڪري اھڙي پيش قدمي ھنڌين ماڳھين رڪجي وئي ھوندي. پر جيڪڏھن ننڍن وڏن واھن ۽ واھڙن تي پليون ٺاھيون وڃن ھا تھ اھڙي پيش قدمي جو تسلسل ممڪن ھو. جيڪڏھن پليون بھ ٻڌرايون وڃن ھا، پر پوءِ بھ معلوم ٿئي ھا تھ سنڌ ان وقت بھ سڌريل ۽ مھذب ھئي. ڇاڪاڻ تھ اھڙآ آبي وھڪرا آبپاشي جي مقصدن واسطي کوٽي تيار ڪيا ويا ھئا. اھڙيون شيون تھ ماضيءَ جو داستان آھن. پر ھن وقت سندس سوچ ھئي تھ سندس جوڙيل انتظاميھ عام ماڻھوءَ جي ڀلائيءَ لاءِ ڪيترو موثر ثابت ٿي سگھي آھي.

پر کيس ڍل جي وڌيڪ اوڳاڙي جي باري ۾ ترميم بھ ڪرڻي ھئي. ڇاڪاڻ تھ ھڪ ڪليڪٽر مسٽر پريڊي پيداوار جي وڌائڻ خاطر پنھنجي ضلعي ۾ وڌيڪ ڍل مڙھي ھئي. اھو غلط قسم جو نقطئھ نظر ھو جنھن کيس ڪاوڙائي ڇڏيو ھو. کيس اھو ڏسي بھ ڏک ٿيو ھو تھ ساڳئي ڪليڪٽر منڇر جي مھاڻن تي تيرھن فيصد (چاليھھ وڌيڪ) محصول مڙھيو ھو. ھن ساڳئي ڪليڪٽر موتين وارين سپن ڦاسائڻ تي بھ ڳرو محصول مڙھيو ھو، جنھن تي ھو وسوڙجي ويو ھو. تنھن تي ھن حضرت عيسى عليھ السلام جو نالو وٺي تعجب ڪندي چيو ھو تھ، ڪھڙا نھ ڏسڻا وائسڻا ماڻھو ڪڌا ڪم ڪري رھيا آھن. ھن ضلعي جو چيف ڪليڪٽر پوپ ھو، جيڪو بيماريءَ ڪري غير موجود رھيو، ان جي ھلئي وڃڻ ڪري ڪيتريون ئي ڏاڍ ڏمر جھڙيون غلط ڳالھيون ٿيڻ لڳيون ھيون. ابتدائي دور ۾ ظلم ۽ ڏاڍ تھ تمام گھڻو وڌي ويو ھو. ڇاڪاڻ تھ يورپي ڪليڪٽر ۽ انھن جو ماتحت عملو ۽ فوج، ملڪي جاگيرن جي پيداور جي حساب ڪتاب ۾ لڳي وئي ھئي. ڍل جي شرح بھ مختلف ھئي، ڍل جي اوڳاڙي لاءِ مقرر عملي ڪاردارن ۽ ٻين سرڪاري عملدارن تي مشتمل ھو، جيڪو وڍي (رشوت) وٺڻ تي ھريل ھو. سرڪاري آفيسن ۾ بھ اڳيون طريقو ڪم اچي رھيو ھو ۽ ھر معاملي بابت ھوريان ھوريان ڄاڻ ملي رھي ھئي. اھڙيءَ ريت معلوم ٿي رھيو ھو تھ مستقبل جي ساريءَ خوشحاليءَ جو دارومدار سرڪار جي خبرچاريءَ ۽ تيز نظرداريءَ تي ھو.

ان سفر جي شروع ٿيڻ سان جاسوسن کي چوطرف روانو ڪيو ويو ھو. جن جي ڏنل معلومات مطابق سڀئي ڌاڙيل قبيلا قلات جي خان جي مدد لاءِ ھڪ جاءِ تي گڏ ٿي رھيا ھئا. اھڙي صورحال ان ڪري ٿي وئي ھئي جو سر چارلس نيپئر ۽ قلات جي خان وچ ۾ ملاقات مقرر ٿي چڪي ھئي. جنرل کي خوف ٿي پيو ھو تھ متان اھي ڌاڙيل قبيلا وڃڻ يا واپس ٿيڻ وقت مٿس حملو ڪن. تنھن ڪري ھن سوچيو ھو تھ وٽس ايتري گھڻي فوج ھجي، جو اھڙي امڪاني حملي دوران دشمن کي شڪست ڏئي سگھجي. پر اھي پاڻ ۾ وڙھي ڍانگو ڍانگ ٿي ويا ھئا. مرين اڪيلي سر وڃي بگٽين سان جھيڙو جوٽيو. ٻنھي ڌرين ۾ ٻھ پاڻي ٿيا ۽ ٻنھي مان ھار مرين جي ٿي ھئي. بعد ۾ مرين ۽ چانڊين ٻانڌو ٻڌي ڦلجي تي حملي ڪرڻ جي ناڪام ڪوشس ڪئي ھئي. ان جو ڪارڻ اھو ھو تھ چانڊين ۽ مرين سان واعدو ڪيو ويو ھو تھ جيڪڏھن ھو جکراڻين، بگٽين ۽ ڊومڪين کي سنڌ جي سرحد کان پري ڌڪي ويا تھ کين سندن زمينون ڏنيون وينديون. پر اھي ٻئي ڌريون ائين ڪري ڪونھ سگھيون ھيون. اھڙيءَ منڌل صورتحال ڪري اھا ڳالھھ واضح ٿي چڪي ھئي تھ سڀئي ڌريون متحد ٿي ۽ انگريزي فوج سان گڏجي ھنن جابلو ماڻھن جو مقابلو ڪنديون تھ کين شڪست ڏيڻ ۾ ڪاميابي ٿيندي. پر اھا ڳالھھ تھ پوءِ مشڪل ھئي ۽ ڏينھون ڏينھن مشڪل ٿيندي پئي وئي. جنرل پنھنجي حڪمت عمليءَ بابت فيصلو ڪري چڪو ھو. پر ان وقت ھڪ نئون ڏچو پيدا ٿي چڪو ھو، جيڪو ھن فوجي مھم لاءِ رنڊڪ بڻجي ويو ھو، ان ڪري جنگ مھم ۾ سستي اچي وئي ھئي.

سر چارلس جي اھا پيش قدمي ڏاڍي مشھور ٿي ھئي ۽ اڳتي وڌڻ جي حڪمت عملي ڏاڍي خطرناڪ ھئي. جنھن کي ڏسي بجار خان ڊومڪيءَ جون ھيٺيون ھيٺ ۽ مٿيون مٿي رھجي ويون ھيون. ھن ٻي ڪا واھھ نھ ڏسي، پنھنجي ٻن پٽن کي جنرل ھنٽر ڏانھن سلام ڀرڻ لاءِ موڪليو. پر بجار جي تازي حملي، عورتن جي قتل عام ۽ ٻارن جي ٻانھن ڪپڻ جو واقعو تازو ٿي گذريو ھو. ان کان سواءِ ھن بي ھٿيار گاھين کي قتل ڪيو ھو. اھي جنگ ڪرڻ جھڙا واقعا ھئا. ھن اھڙو ظلم ڪيو جيڪو معاف ڪرڻ جھڙو ڪونھ ھو. تنھن ڪري جنرل ھنٽر کي چيو ويو ھو تھ بجار جي پٽن کي واپس وڃڻ جو موقعو ڏئي. جيڪڏھن ھو واپس وڃڻ نھ چاھين تھ انھن کي ڦاھي ڏني وڃي. ان کان سواءِ بجار خان ڏانھن بھ نياپو موڪليو ويو تھ جيڪڏھن ھو بھ ھٿ اچي ويو تھ کيس بھ ڦاھيءَ تي لڙڪايو ويندو. جڏھن بيجار خان کي اھي خبرون مليون تھ ھڪدم اعلان ڪيائين تھ ھو الله جو غازي آھي ۽ دين خاطر ھر قرباني ڏيندو ۽ جيستائين ھڪ بھ ڪافر ملڪ ۾ آھي، ھو آرام سان ڪونھ ويھندو. جڏھن بجار جھڙا ماڻھو غازي ٿيڻ جو اعلان ڪندا آھن تھ ڏاڍا جنوني جنگجو بڻجي ويندا آھن ۽ قتل ٿيڻ تائين ٻين کي قتل ڪندا رھندا آھن.

بجار ڪو ھڪڙو ماڻھو ڪونھ ھو، جنھن کي قتل ڪري ماٺ ڪري ويھڻو ھو. پر شير محمد بھ ھنن بلوچ سردارن سان گڏ ھو ۽کين سون ڏئي پيو ويڙھائيندو ھو. ان کان سواءِ ساڻن واعدا بھ وڏا ڪندو ھو تھ جيڪڏھن ھو سنڌ جو حڪمران ٿيو تھ کين اڏي ڇڏيندو. ڪڏھن ھو پاڻ گھوڙيسوار دستن کي ساڻ ڪري اچي سنڌ جي سرحد وٽ بيھندو ھو. ان کان پوءِ سر چارلس ان ڏانھن ھن طرح جو پيغام موڪليو ھو.

مير، مان ھن وقت تائين تنھنجي عزت ڪئي آھي ۽ ھڪ بھادر دشمن سمجھي تنھنجو کليءَ دل سان احترام ڪيو آھي، پر ھاڻي تون ظالمن ڌاڙيلن سان گڏجي ويو آھين، جيڪي عورتن، ٻارڙن ۽ بي پھچ ماڻھن جا قاتل آھن. جيڪڏھن تون بھ قاتل ۽ ڌاڙيل آھين تھ مان بھ توکي قاتل ۽ ڌاڙيل سمجھي، توسان ساڳي ڪارروائي ڪندس. ان کان جلد ئي پوءِ ھي ٽالپر پنجاب ھليو ويو.

اھڙي ريت سر چارلس پنھنجي جنگي مھم کي ڪامياب ڪرڻ لاءِ لڳاتار پيش قدمي ڪندو 18 ڊسمبر تي اچي سکر پھتو ھو. کيس سکر کي ڇڏي پورا ٻھ سال گذري چڪا ھئا. مياڻيءَ واري فتح کان اڳ جنرل ھتان نڪتو ھو ۽ ان جنگي واقعي کان پوءِ سنڌ انگلينڊ جي ماتحت بڻجي وئي ھئي. ھن جي سکر پھچڻ وقت سندس سٺي آجيان ڪانھ ٿي ھئي. ھتي تپاولي چوٽ چڙھيل ھئي. يورپي توبخانو مفلوج ٿي ويو ھو. 78 ريجمينٽ جا  ٻھ سو فوجي مري ويا ھئا. ان کان سواءِ دفن ٿيڻ لاءِ ڏھاڙي ھڪ نھ ٻيو لاش موجود ھو. معلوم ائين ٿي رھيو ھو ڄڻ ھيءَ بيماري سڀني کي ڳيت ڏئي ڳھي پوءِ ساھھ پٽيندي. اھڙو ڳنڀير وايو منڊل ڏسي، باقي فوجين کي حيدرآباد ڏانھن موڪڻ لاءِ مجبور ٿي پيو ھو. نھ تھ اڳي کيس اميد ھئي تھ اھا ساري فوج وٺي وڃي بلوچ ڌاڙيلن سان جھيڙو ڳنڍيندو ۽ شاندار فتح حاصل ڪندو جيڪڏھن فوج جو تحفظ نھ ڪيو ويو تھ بيماريءَ جي ختم ٿي وڃڻ تائين انھن مان ھڪ بھ ڪونھ بچندو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 41 42 43 44 45

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org