سيڪشن: تاريخ

ڪتاب: سنڌ جي انتظامي تاريخ

باب:

صفحو: 10

ھن شاندار درٻار جاگيرن جي قبضي جي بنياد بابت فيصلو بھ ڪيو ھو جيڪو ھر حڪومت جو بنيادي مسئلو ھوندو آھي. ٽالپر دور ۾ جاگيرون سدائين پيون مختلف ماڻھن جي نالي منتقل ٿينديون ھيون ۽ جاگيردارن کي ڪنھن بھ قسم جو تحفظ حاصل ڪونھ ھوندو ھو. ڪي وڏيون جاگيرون فوجي خدمت عيوض ڪن ماڻھن کي ڏنيون وينديون ھيون. جن جي ايراضي سٺ ھمچورس ميل ھوندي ھئي. اھي جاگيردار ڄڻ آبادگار ھوندا ھئا ۽ ٽالپر حڪمران جي جڏھن بھ مرضي پوندي ھئي تھ اھا جاگير کسي بھ وٺندو ھو ۽ جاگيرداريءَ جي ھن طريقي تي ڪنھن بھ قسم جو اعتبار ڪونھ ھوندو ھو ۽ جاگيرون ڄڻ ڌاڙيلن جي ھڪ اھڙي معاشري کي ڏنيون ويون ھيون، جن جي حيثيت قانوني مڃتا مليل ھئي. سر چارلس نيپئر جاگيردار کي تلوار ۽ ڍل بدران چنجور ۽ ڪوڏر ڏني ھئي ۽ کيس چيو ويو ھو تھ ھو جنگي ميدان تي اچڻ بدران پوکي راھيءَ کي منھن ڏئي ۽ سرڪار کي عوامي ڀلائي جي ڪمن لاءِ پنھنجا ماڻھو ڏئي. ھاڻي ھن انھن جاگيردارن جي پٽن کي سندن پيئرن جون جاگيرون ڏنيون آھن، جيڪي مياڻيءَ ۽ دٻي جي جنگين ۾ ماريا ويا ھئا. ٻين ماڻھن کي بھ جاگيرون لاپي تي ڏنيون آھن. پر کين انھن جاگيرن عيوض سرڪاري نوڪري ڪرڻي ڪانھ پوندي.

ھاڻي جاگير جو لاپو ھٿ ۾ جھليل تلوار ڪانھ ھوندي. ڇاڪاڻ تھ زمين ڀاڳر طرفان مليل ھڪ سوکڙي ھوندي آھي. جيڪي محنت ۾ قيمت سان توري ڪونھ ڏنيون وينديون آھن. اھڙيون جاگيرون فوجي نوڪريءَ واري خرچ کي ڏنيون وينديون ھيون. ائين سمجھڻ کپي تھ اھي جاگيرون فوجي نوڪريءَ سان سلھاڙيل ھيون. پر جيڪڏھن جاگيردار چوندو ھو تھ ھو زمين جو لاپو ڏئي ڪونھ ٿو سگھي تھ اھا جاگير کيس سندس زندگي تائين، بلڪ سندس وارث کي بھ ملي ويندي ھئي. پر اھڙيءَ صورت ۾ جاگير جو ڪجھھ سرڪار کي ڏيڻو پوندو ھو. انھيءَ طريقي مطابق جاگير تي سندس زندگي لاءِ حق محفوظ ٿي ويندو ھو. جڏھن ھنن جاگيردارن کي چيو ويو تھ توھان پنھنجي پوئلڳن جو ماھوار خرچ ٻڌايو، جيڪي اوھان ضرورت وقت پيش ڪندا ۽ حساب ڪتاب بھ انھن جي تعداد مطابق ڪيو ويندو. انھن جواب ۾ چيو تھ ”اسان فقط جنگ دوران پنھنجا ماڻھو آڻي سگھندا آھيون. ڇاڪاڻ تھ انھن کي مال غنيمت جو آسرو ھوندو آھي. پر جنرل ھوموجين تھ ڪنھن سان جنگ تھ ڪونھ ڪندو، نھ! سال ۾ فقط ھڪ ڀيرو ماڻھو آڻينداسون.“ پر فرض ڪيو تھ خرچ اسي روپيا آھي تھ سرڪار انھيءَ رقم ۾ اوھان کي ھر مھيني ڪانھ گھرائيندي. پر ان جي اڌ جيتري رقم عيوض اوھان کي سال ۾ فقط ھڪ ڀيرو گھرايو ويندو. اسان کيس چيو ھو.

ھن قسم جي طريقي تي گھڻا جاگيردار راضي ٿي ويا ھئا. اھڙين ڳالھين ٻولھين کان پوءِ جاگيردارن جيڪي زمينون ڇڏيون، سي ڪن شرطن تي رعيتي ماڻھن کي ڏنيون ويون ھيون. جن جو بيان بعد ۾ ڪيو ويندو. ھنن ماڻھن ڏنل زمين جو لاپو ھڪ ئي وقت ادا ڪري ڇڏيو ۽ وڌيڪ ايراضي بھ آباد ڪري ڇڏي. اھڙيءَ ريت وڏا جاگيردار زمينن جا مالڪ ٿي ويا ۽ ننڍا جاگيردار ھر ھاري ٿي ويا ھئا. اھي ماڻھو زمين جي قدر قيمت ۾ ڏاڍي دلچسپي وٺي رھيا ھئا. تنھن ڪري وحشي، جنگجو ۽ رولو قسم جي ڌاڙيلن واري زندگي کان نفرت ڪرڻ لڳا ھئا. ھن کان اڳ حڪمرانن کي چرچ ڏئي جنگيون ڪرائيندا ھئا تھ جيئنءَ کين مال غنيمت حاصل ڪرڻ جو موقعو ملي پوي. سر چارلس نيپئر کي جڏھن اھڙو مشورو ڏنو ويندو تھ ان بابت ڪجھھ وقت سوچيندو ھو ۽ وڌ کان وڌ منصوبھ بندي ڪندو ھو. پر نيپئر سرڪار، ھنن بلوچ سردارن کان ڪڏھن جنگي خدمت ڪانھ ورتي، نھ وري کيس اھڙي ڪا ضرورت بھ ھئي. ٻئي طرف جاگيردارن جا جاگيرن تي حق محفوظ ٿي ويا ھئا. ٻن ڌرين وچ ۾ ھشيون ڏئي جنگ ڪرائڻ جي ضرورت بھ محسوس ڪانھ ٿيندي ھئي. پر رعيتي ماڻھن جي ڀلي ۾ سوچڻ لڳا ھئا، جيڪي ٻنيون آباد ڪندا ھئا. کيس اھا بھ توقع ھئي تھ سرڪاري زمين چڱيءَ ريت آباد ڪرڻ سان ھاريءَ کي وڏو فائدو ٿيندو. اھو ڏسي اھي بلوچ بھ پوکي راھي ڪرڻ شروع ڪري ڏيندا، جيڪي رات ڏينھن چورين ۽ ڌاڙن جي ڪرت کي لڳا پيا آھن. اھڙو فائدو ڏسي گھڻا جاگيردار سرڪار جا پيش ڪيل شرط قبول ڪري چڪا ھئا. غريب بلوچ زرعي جنسن جي ڍوئيءَ ۾ دلچسپي وٺڻ لڳا ھئا ۽ رعيتي سرڪاري طرفان ملندڙ زمين جي گرانٽ لاءِ ڪوششون ڪرڻ لڳا ھئا. اھو ڏسي سر چارلس ھن سوچڻ تي مجبور ٿي ويو ھو تھ پيداوار جي وڌڻ سان، عام ماڻھو جي ڪردار ۾ گھڻو فرق اچي سگھي ٿو ۽ سنڌ مشرق جو ھڪ شاھوڪار ترين علائقو بڻجي سگھي ٿو. ھن کان پوءِ سر چارلس سوچيو ھو تھ ڪھڙي طريقي سان جاگيردارن کان جاگيرون کسي، سرڪاري ملڪيت بڻائي سگھجن ٿيون. کيس محسوس ٿيو تھ اھو فقط تڏھن ڪري سگھجي ٿو جڏھن جاگيردار شرط پورا ڪري نھ سگھي. پر بعد ۾ سوچيائين تھ جاگيرن کي اھڙي ريت حصيداريءَ مطابق نيڪال ڪجي، جو ھاريءَ کي گھڻو فائدو ٿئي ۽ انھن جاگيرداري جي وڏي جاگيردار ھئڻ ناتي اھميت گھٽجي وڃي. جن کي زمين گھڻي ھوندي پر پيداوار گھٽ ھوندي. ان ڪري ھن وڏن جاگيردارن کان محصول مڙھڻ جا حق کسي ورتا. کانئن اھڙا اختيار بھ کسيا ويا جن وسيلي ھو ڪنھن کي موت جي سزا ڏئي سگھندا ھئا.

بعد ۾ ھن جاگيردارن سان صلاح مشورو ڪري، لاپي وٺڻ جي ابتدا ڪئي ھئي. ڇاڪاڻ تھ ھو ڪنھن تي بھ پنھنجي مرضي ڪونھ مڙھيندو ھو. ھي ڪجھھ وقت لاءِ باقاعده ادائگي کان بھ لاپرواھھ رھيو. ڇاڪاڻ تھ ھو ڍل جي رقم کان وڌيڪ ھن ڳالھھ ڏانھن ڌيان ڏيندو ھو تھ پوکي راھيءَ واريءَ ايراضيءَ ۾ وڌ کان وڌ اضافو ٿئي. کيس اھو اڳواٽ ئي معلوم ٿي ويو ھو تھ جيڪڏھن ڪو ماڻھو سندس شرطن مطابق ۽ مختلف معيادن واريون جاگيرون وٺندو تھ گھڻو فائدو ٿيندو. ڇاڪاڻ تھ ھو انھيءَ طريقي سان ھڪ طرف تھ پنھنجي زندگيءَ تائين ان جاگير جو ھاري بڻجي ويندو ۽ قانون بھ سندس پاسي ھوندو ۽ کيس سڀ حق ملي ويندا. ٻئي طرف سرڪار جي خواھش مطابق کيس ھاريءَ جو حق ملي ويندو. پر ڪيترين ڳالھين ۾ ان جاگير جي قيمت بھ وڌيڪ ادا ڪرڻي پوندس. ڇاڪاڻ تھ اھڙي جاگيردار کي عوامي ڪمن ڪارين لاءِ مزدور ڏيڻا پوندا. جڏھن تھ ڪن جاگيردارن کان ڪو لاپو ڪونھ ورتو ويندو. ھنن ٻنھي قسمن جي جاگيرن جي معيادن ۾ فرق موجود آھي ۽ ھنن ٻنھي قسمن جي جاگيرن جي موجودگي ڪري، جاگيرون ڏيڻ واسطي ڪي نوان قانوني اصول پيدا ٿي پوندا. انھيءَ طريقي سان جاگيردارن جو ھڪ وڏو طبقو ٿي ويندو، جيڪي امن امان قائم ڪرڻ لاءِ بھ ذميوار ھوندا. پر جيڪڏھن جاگيرن ڏيڻ جو ٽالپرن وارو طريقو اختيار ڪيو وڃي ھا تھ جاگيرن جو مٿيون طبقو سرڪار کي ڍل ڪونھ ڏئي ھا. ان کان سواءِ ھن وٽ ھٿيار بند ماڻھن جو وڏو تعداد موجود ھجي ھا، جن مٿان ضابطي رکڻ واسطي سرڪار کي وڏي فوج رکڻي پوي ھا. ٻئي طرف اھو ٿئي ھا جو سرڪار ھنن وڏن جاگيردارن ۽ ٻن ٽن سون پوليس وارن جي مدد سان ملڪي انتظام رکڻ ۾ سوڀاري ٿي وڃي ھا.

سرڪاري عملدارن جي رپورٽن ۾ ھن قسم جا ۽ ٻيا انتظامي قدم بيان ڪيا ويا آھن، جيڪي سرڪار کي کڻڻ گھرجن. جڏھن اھڙيون رپورٽون سر رابرٽ پيل جي آڏو رکيون ويون تھ ھن کان تعجب وچان رڙ نڪري وئي ھئي. ڇاڪاڻ تھ انھن ۾ سرڪار جو وسيع قسم جو نقطھ نظر موجود ھو. ھن چيو ھو تھ ”سر چارلس نيپئر جي فوجي اختيارين بابت تھ ڪنھن بھ قسم جو شڪ شبھو ڪونھ آھي. پر سندس ٻيو ڪردار ڏسي مون کي ڏاڍو تعجب ٿيو آھي تھ ھي سول انتظاميھ جي معاملن ۾ بھ ايڏو ڏاھو ۽ ڏات ڌڻي آھي.“ تنھن ڪري اھو چئي ڪونھ ٿو سگھجي تھ سر رابرٽ پيل جو سر چارلس جي فوجي ذھانت بابت تعجب کائڻ انگريزي روايت نھ آھي تھ ھر ڪنھن فوجي عملدار کي ھروڀرو بھ ذھين سمجھيو وڃي. سر رابرٽ ڪئپٽن کان وٺي جنرل جي عھدي تي پھتو آھي. دنيا جي مختلف ملڪن ۾ ھڪ فوجيءَ طور رھيو آھي. ڪيتريون حڪومتون انھن جا رکيل انتظام سندس نظر مان گذريا ھوندا. تنھن ڪري ھن ماڻھو جو نقطئھ نظر بھ اعلى ۽ اوچو ھئڻ گھرجي. ھو سمجھي ٿو تھ سر چارلس جو اختيار ڪيل طريقي جو منصوبو ھندستان جي ٻين حڪومت جي انتظامي منصوبن کان وڌيڪ اعلى ۽ اوچو آھي. سر رابرٽ ھن حقيقت کان چڱيءَ ريت واقف ھو تھ سر چارلس جو طريقو ٻين جي ڀيٽ ۾ بلڪل مختلف ھو. سر چارلس جو خيال ھو تھ ”سنڌ جي سول انتظاميا جي مددگار عملدارن منجھيل پس منظر ۾ رکيو وڃي ھا ۽ اھڙي مونجھاري کي پيدا ڪرڻ لاءِ وڏو خرچ برداشت ڪيو وڃي ھا.

سنڌ جي انتظاميھ بابت گھڻا قدم ڪلڪتي جي صلاح سواءِ کنيا ويا ھئا، ڇاڪاڻ تھ ڪلڪتو تمام پري ھو. ٻيو سنڌ ۾ گرميون تمام گھڻيون ٿينديون آھن، تنھن ڪري انتظامي سرگرميون ٿورو وقت ھلي سگھنديون آھن. اھڙيون ڳالھيون لارڊ ايلنبرو جلد ئي قبول ڪري وٺندو ھو. سال جا ڇھھ مھينا تھ ڇتيءَ گرميءَ ڪري ڪم ٿي ڪونھ سگھندو ھو. اھڙو سربراھھ مٿان جي ظالم لکپڙھھ ۽ ذميوارين جي ڀو ڀولي کان آزاد ٿي ويندو ھو. جنھن جي ڪم ڪار بابت لارڊ ايلنبرو کي چڱيءَ ريت ڄاڻ ھئي. پر اھڙيون مھربانيون انھن ماڻھن مٿان ڪونھ ٿينديون ھيون، جن جي ھٿ ھيٺ ٻن پريزيڊنسيزPresidencies  جي فوجي ڪمانڊ ھئي. پر اھڙين شخصيتن کي بھ لارڊ ايلنبرو جي صلاح مشوري جي محتاجي ھوندي ھئي. ھنن ٻنھي شخصيتن جي وچ تي ھڪ “Secret Comity” موجود ھوندي ھئي. جنھن کي سدائين ڪا نھ ڪا چنتا لڳي پئي ھوندي ھئي. تنھن ڪري ان کي اھو اعلان ڪرڻو پيو ھو تھ ”مان فوج جي انتظام رکڻ جو ذميوار ڪونھ آھيان. اھڙيون پيچيدگيون ڪورٽ مارشل جي سزائن ڪري بھ ڪجھھ وڌي ويون ھيون، جنھن مطابق ڪن عملدارن سان نرمي اختيار ڪئي ويندي ھئي. سر چارلس ھڪ ڪمانڊر ان چيف ھئڻ ناتي، ڪورٽ مارشل جي قانون ۾ ڪي سڌارا آندا ھئا. پر ان وقت تائين ان ۾ ڪئي خاميون موجود ھيون. اھڙو مثال ٻن سرجن ڊاڪٽرن جو آھي جيڪي پنھنجي منصبي فرض جي ادائگيءَ لاءِ اسپتال ۾ رھندا ھئا، پر مستقل نشي ۾ رھندا ھئا. پر پوءِ بھ کين نوڪريءَ ۾ رکيو ويو ھو. جيڪي بيمار فوجي سپاھين لاءِ دھشت، ذھني سزا ۽ موت جو ڪارڻ بڻبا ھئا.

ان کان پوءِ ٻيو واقعو رونما ٿيو ھو، جنھن ڪري سڀني ماڻھن کي اچرج ٿيو ھو، پر ان ماڻھوءَ کي اچرج ڪونھ ٿيو، جنھن کي ان واقعي گھڻو متاثر بھ ڪيو ھو. سر چارلس کي ان بي لوث خدمت تمام گھڻو متاثر ڪيو ھو ۽ جنھن جي ادا ڪرڻ جي کيس مناسب آزادي بھ مليل ڪانھ ھئي. ان وقت لارڊ ايلنبرو بھ ڏاڍو ياد آيو. ھن لاءِ اھا ڳالھھ ڪا اوچتو ڪانھ ٿي ھئي. کيس خبر ھئي تھ سندس حڪومت ھندستان ۾ رھندڙ ھزارن انگريزن جي خوف ۽ نفرت جي جذبي کي جاڳائي وڌو ھو ۽ ڊئريڪٽرن جي خطرناڪ اقربا پروري کي جھنجھوڙيو ھو. ردعمل ظاھر ڪندڙ جذباتي ماڻھن لاءِ اھا ڳالھھ غلط ۽ اچرج جھڙي ھئي. جنھن ماڻھوءَ ڪابل جي شڪست جي گھائن جو ازالو ڪيو، تنھن سان ايترو ڪلور ڇو ڪيو ويو ۽ اھا ويڌين انھن ماڻھن پاڻ ڪئي، جن جي شھنشاھيت کي ھن ماڻھوءَ بچائڻ جي ڪوشش ڪئي ھئي. اھو بھ معلوم ٿي رھيو آھي تھ ھن گورنر جي خدمتن کان انگلينڊ ۽ ھندستان کي ان وقت محروم ڪيو ويو آھي، جڏھن اتان جون حالتون نھايت ڳنڀير ۽ خطرناڪ آھن. اھڙو ڏاڍ ڪري انھن ماڻھن جي دلين کي خوش ڪيو ويو آھي، جن جون دليون قومپرستيءَ جي نيڪ جذبن کان بنھھ خالي آھن ۽ ڪاوڙ ۾ ڄڻ چريا ٿي پيا آھن. سر چارلس پنھنجي ملڪ سان گھڻي محبت ڪندو آھي، جيڪو ان موقعي تي خاموش رھيو پر ھن لارڊ رپن ڏانھن ھڪ خط ضرور لکيو ھو، جنھن ۾ ھن انھن ماڻھن کي لويو ھو، جيڪي ھن خلاف ھميشھ نفرت جو اظھار ڪندا رھندا ھئا. سندس خط جو ڪجھھ حصو ھيٺ ڏجي ٿو:

لارڊ ايلنبرو بي انصافيءَ ۽ خردبرد جو سخت دشمن ھو. پر پوءِ بھ بي ايماني ۽ چريائي وارو ڪم ايمانداريءَ ۽ سچائيءَ کي شڪست ڏيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو آھي. اھا ڪا نئين ڳالھھ بھ ڪانھ آھي ۽ انساني تاريخ ۾ ائين ٿيندو بھ آيو آھي. جنھن ڪري مونکي ھن ڳالھھ تي ڪو اچرج بھ ڪونھ ٿيو آھي. نظر ائين اچي رھيو آھي تھ فتح کان وڌيڪ ڪابل جي عام کي اھميت ڏني وئي آھي. ڪورٽ آف ڊئريڪٽرس ڪابل جي رتوڇاڻ کي وڌيڪ پسند ڪري ٿو. ليڪن ھندستان کي بچائڻ ۽ رتوڇاڻ کان بچڻ ھنن کي پسند ڪونھ آھي. لارڊ ايلنبرو جا کنيل انتظامي قدم عام قسم جي سياسي حڪمت عملي مطابق ھئا ۽ ھڪ اھڙي وسيع منصوبي سان لاڳاپيل ھئا، جن جو تعلق ھندستان جي سياسي انتظام کي مستحڪم بڻائڻ ھو. اھي منفرد معاملن کي منھن ڏيڻ لاءِ فقط خيالي خواھشون ڪونھ ھيون. مھاراجپور جي فتح سنڌ جي فتح کي سگھارو ڪري ڇڏيو آھي. جڏھن تھ سنڌ جي فتح ھندستان جي اتر اولھھ واري صوبائي سرحد کي نھايت مضبوط ڪرڻ ۾ ڪارگر ثابت ٿي آھي. ساڳيءَ ريت ستلج واري سرحدي پٽي جي تحفظ لاءِ بھ سنڌ جي فتح وڏي اھميت رکي ٿي. اھو سارو معاملو ھڪ بنيادي دشمن اتحاد لاءِ ھڪ وڏو تحرڪ ھو، جيڪو افغانستان جي شڪل ۾ موجود ھو، جنھن ھٿان ھندستان جي انگريز سرڪار شڪست کاڌي آھي. اھو ھندستان جي انگريز شھنشاھت لاءِ ھاڻي بھ خطرو آھي ۽ مستقبل ۾ بھ خطرو رھندو.

اھي بچاءَ واريون فوجي سرگرميون ھيون جن ۾ لارڊ ايلنبرو نھايت ڪامياب ثابت ٿيو ھو. اھڙيون ڪوششون اڃان ھلي رھيون آھن ۽ ختم ناھن ٿيون، نھ وري ختم ٿينديون. سکن جي فوج تي اڃان بھ ضابطو ناھي رکيو ويو. مان سمجھان ٿو جنگ واري انھيءَ خوفناڪ ماحول ۾ فقط طاقتور فوج ئي حصي وٺڻ لائق آھي. ڪورٽ آف ڊئريڪٽرس بھ ھن بابت صحيح سوچي رھي آھي. ان سان گڏ لارڊ ھوويڪHowick  جي سوچ بھ ساڳي آھي. ”پر انھن سڀني ڳالھين جي امڪانن ۾ اڃا بھ وقت پيو آھي“، اھا ڳالھھ ھڪ ڏاھي ماڻھوءَ چئي آھي. مون کي يقين آھي تھ جڏھن ستر ھزار پنجابي فوج سرحد سان بيٺي ھجي تھ گورنر جنرل تبديل ٿيڻ گھرجي.

مون کي يقين آھي ڪمپني پنجاب جي فتح ڪانھ ٿي چاھي. مان سمجھان ٿو تھ اسان لاءِ اتر سنڌ واري سرحد کان اتر ستلج واري سرحد بھتر آھي، جيڪا ھاڻي سنڌ جيان مضبوط بھ آھي. اسان وٽ ھاڻي حد کان وڌيڪ ملڪ قبضي ھيٺ آھي. پر مان سمجھان ٿو تھ پنجاب بھ ھندستان جي انگريز شھنشاھت جو حصو بڻجڻ گھرجي. ان ڪري ساري ھندستان تي دعوى ڪرڻ گھرجي. جيڪڏھن ان کي فتح نھ ڪيو ويو تھ ھو اسان جي بھترين علائقن تي حملا ڪندو رھندو يا وري ان کي روڪڻ لاءِ ستلج وٽ ھڪ وڏي فوج رکڻ جي ضرورت آھي. اسان جي فوج اندر سک بھ ڀرتي ٿيل آھن، جيڪي بغاوت بھ ڪري سگھن ٿا، جيڪا پنجابي سکن لاءِ فائدي جي ڳالھھ ٿيندي. ٻي اھم ڳالھھ ھيءَ بھ آھي تھ اسان جنھن ماڻھوءَ کي فوج مان ڪڍي ڇڏيندا آھيون، تنھن کي سک حڪمران پنھنجي فوج ۾ ڀرتي ڪري ڇڏيندو آھي. جيڪي وري اسان جي فوجي سپاھين کي خط پٽ لکندا رھندا آھن، اسان ھر ڏوھھ تي ڦٽڪن ھڻڻ جي سزا ختم ڪري، نوڪريءَ مان ڪڍي ڇڏڻ جي سزا ڏيندا آھيون. ائين ڪرڻ سان سکيا يافتھ فوجي نوڪريءَ ڪڍي تھ ڇڏيندا آھيون، پر اھي وڃي اسان جي دشمن سک حڪمران جي فوج ۾ ڀرتي ٿيندا آھن. معلوم ٿئي ٿو اسان پاڻ سک حڪمران جي فوج کي مضبوط ڪري رھيا آھيون. اھڙيءَ طرح اسان جا تمام گھڻا فوجي اسان وٽان نڪري وڃي پنجابي فوج سان شامل ٿيا آھن. اسان اھا ڳالھھ دانشمنديءَ واري نھ ڪري رھيا آھيون. ھن وقت اسان جي آڏو فقط ھي سوال آھي يا نھ اسان وڌيڪ ملڪ فتح ڪريون يا ھندستان اندر پنھنجي موجوده حيثيت کي مضبوط ڪريون يا دشمن اسان کي ماريندو ڪٽيندو وڃي سمنڊ تائين پھچائي.

سک فوج کي ختم ڪرڻ ايڏو سولو ڪونھ آھي، جيڏو عام ماڻھو سمجھندا آھن. جيڪڏھن اسان کي ائين ستلج وٽان بھ پوئتي ھٽايو ويو، جيئن افغانستان مان شڪست ڏئي سنڌوءَ کان پوئتي ھٽايو ويو، تھ پوءِ اھو ھندستان لاءِ وڏو خطرو ھوندو. جيتريقدر مان سمجھي رھيو آھيان، تھ اھا اسان جي غلط حڪمت عملي آھي تھ اسان جي حڪمرانيءَ جي سرحدن اندر يا انھيءَ جي سرحدن ڀرسان ڪوبھ ڏيھي حڪمران موجود ھجي، اڳي انھيءَ حڪمت عملي کي فائديمند ۽ خطرن کان خالي سمجھيو ويندو ھو، پر ھاڻي اھڙيون ڳالھيون خطرن کان خالي ڪونھ آھن، ڇاڪاڻ تھ اسان جي وسيع حڪومت جي تقاضا ھيءَ آھي تھ اسان جي فوج ان وسيع ايراضي جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ پکڙيل ھجي.

ھاڻي اسان موٽي سنڌ جي معاملن بابت ڳالھائينداسون. اسان کي اھو بھ خطرو آھي تھ متان ملتان جا پنجابي اسان کي اتر واري سرحد سان کئونس ڪن. ڇاڪاڻ تھ ان جو ڪجھھ حصو سانوڻ مل جي حڪمراني واريءَ سرحد اندر ھليو وڃي ٿو. جيڪڏھن حقيقت ائين آھي تھ مان مھاڏي ڏيڻ جو تعين ڪيو آھي. مون کي قوي اميد اھي تھ ھندستان سرڪار بھ ھن ڳالھھ ۾ منھنجي مدد ڪندي. ڇاڪاڻ تھ اسان جنھن کي پنھنجي عزت جي توھين سمجھون ٿا ان خلاف ھٿيار کڻون. مان سمجھان ٿو تھ ائين ڪرڻ سان جيڪڏھن سانوڻ مل ۽ سنڌ جي بلوچن جو اسان خلاف مقابلي ڪرڻ لاءِ اتحاد ٺھيل ھوندو، سو بھ ٽٽي سگھي ٿو. مان اھو بھ سمجھان ٿو تھ مون کي جنگ ڪرڻ وارو گنھگار سمجھيو ويندو، پر اھا ڳالھھ غلط ھوندي. مان تھ گھڻيون جنگيون ڏسي چڪو آھيان. مان عيسائي ۽ انسان ھئڻ ناتي اصولي طور جنگين جي خلاف آھيان. مان ڪراڙو بھ  ٿي ويو آھيان، تنھن ڪري مان جنگين جي تڪليف سھڻ جھڙو ڪونھ رھيو آھيان. جڏھن تھ گرمي بھ نھ سھڻ جوڳي آھي. مان ھاڻي آرام ڪرڻ چاھيان ٿو. پر مان اھو ڪونھ چاھيندس تھ مھاراڻيءَ ۽ ڪمپنيءَ جي فوج جي ڪير توھين ڪري ۽ دشمن پنھنجا ماڻھو مون تي حملي ڪرڻ جي نيت سان گڏ ڪندو وتي ۽ مان پير پساري ويٺو ھجان ۽ ڪک ڀڃي ٻيڻو نھ ڪريان. ان لاءِ مان تياري ڪندس. امڪاني حد تائين ھٿ پير ھلائيندس، پر ويھن ئي ننھن جيان زور لائي فوجي تياري ڪندس. انھيءَ لاءِ نھ تھ جنگ سان پيار ڪريان ٿو پر انھيءَ لاءِ تھ مان اھو ڪونھ چاھيندس تھ ڪير اچي منھنجو سر ڌڙ کان ڌار ڪري. اھا نٽائڻ واري ڊپلوميسي نيم جنگلي ماڻھن جو ڪم آھي، جيڪو ماڻھو اکيون ٻوٽي اھڙين ڳالھين تي اعتبار ڪندو تنھن شڪست کان سواءِ مقدر ۾ تھ ڪجھھ لکيل ئي ڪونھ آھي. ”مري ۽ بگٽي جابلو ايراضين ۾ مير شير محمد کي مدد ڪرڻ لاءِ ڪوششون جاري آھن. انھيءَ مقصد سان تھ جيئن ھو سنڌ اندر گڏجي بغاوت ڪري سگھن. تنھن ڪري انھن کي بھ چيڀاٽڻو آھي. ڇاڪاڻ تھ مناسب موسم اچڻ سان ھو کئونس ڪرڻ شروع ڪري ڏيندا. جيڪڏھن گرميون آيون تھ جنگ ڪرڻ اسان جي وس کان ٻاھر ٿي ويندي. جيڪڏھن مان ھنن سان جنگ ڪندس تھ سياري جي موسم ۾ ڪندس. پر مان سمجھان ٿو تھ اھا ڏکي شيءِ آھي. مان ھاڻي سوچيو آھي تھ ھنن کي چار ڏوڪڙ ڏئي پنھنجي پاسي ڪجي ۽ شريفاڻي طريقي سان پاڻ ڏانھن وٺي اچجي. ان لاءِ مان سمجھان ٿو تھ ھندستان سرڪار ايتري پئسي خرچ ڪرڻ جي موڪل ڪانھ  ڏيندي. ليڪن ھنن ٻنھي مان ڪو ھڪ طريقو ضرور اختيار ڪرڻو پوندو. جيڪڏھن اھي ٻئي ڳالھيون قبول نھ ڪيون ويون تھ ھڪ طاقتور فوج شڪارپور ۾ رکي وڃي. اھو بھ امڪان آھي تھ جيڪڏھن اسان ھنن بلوچن خلاف جنگي ڪارروائي ڪئي تھ پنجاب کئونس ڪرڻ شروع ڪري ڏيندو. پر مون کي سنڌ جي اتر واري سرحد لاءِ ڏھاڙي ڪا نھ ڪا چنتا ضرور ٿئي ٿي. مان صحيح طريقي اڳڪٿي ڪري، اھو ڪونھ ٿو ٻڌائي سگھان تھ ھي سرحد ويڙھھ ڪيترو وقت ھلندي. پر ايترو يقين ضرور آھي تھ ھيءَ جنگ نھايت ڏکي ھوندي ليڪن سنڌ ۾ اڄ امن امان قائم آھي.

جڏھن ڏکئي وقت ۾ لارڊ ايلنبرو کي واھر ڪرڻ لاءِ چيو ٿي ويو ۽ ھن سمجھيو ٿي تھ ڪا ھٺيلي ۽ ڪمزور قوم ھروڀرو ٽاڏر ڪيون، ڊيوڪ آف ويلنگٽن وانگي مقابلي لاءِ بيٺي آھي تھ ھو خاموشيءَ وارو طريقو اختيار ڪندي ۽ غلط ۽ صحيح کي سمجھي ويندو آھي ۽ اھڙو ڪم ڪندو آھي، جيڪو عوام جي ڀلائيءَ ۾ ھوندو آھي. پر ھتي ھڪ ناني ويڙھو بھ آھي، جن کان ھميشھ غلطيون ٿيون آھن ۽ ھميشھ اھڙين غلطين سان چنبڙيا رھيا آھن. انھن جو ھندستان ۽ انگلينڊ ۾ ڪردار بي شرميءَ ۽ ناشڪرگذاري وارو رھيو آھي. ھنن ماڻھن اھڙي فوجي جنرل تي نازيب حملا ڪيا آھن جنھن فتحن ۽ انتظامي صلاحيتن جي حڪمت عملي کي مضبوط ڪيو آھي ۽ جنھن جي ڪوشس وسيلي ھڪ اعلى رتبي جي انسان ھنن جي لڏندڙ شھنشاھت کي مستحڪم ڪري ڇڏيو آھي. ھنن غلط ماڻھن ھر طريقي سان ان فوجي جنرل تي اخلاق سوز حملا ڪري ھروڀرو بدنام ڪيو ۽ ثابت ڪيو تھ اٿن اھي نيچ آھي ۽ ھر قسم جا غير اخلاقي فائدا حاصل ڪيا اٿن. ڪورٽ آف ڊائريڪٽرن مان ڪي اھڙا معزز ماڻھو بھ ھئا، جيڪي اھڙين شرمناڪ ڳالھين ڪري ناراض ھئا. پر ھڪ اداري جي حيثيت ۾ ھنن نقصانڪار جراثيمن جي ھمت افزائي ڪئي ۽ سر چارلس تي اھڙا اخلاق سوز حملا ڪيا، جيڪي فقط اھڙن گندن ماڻھن ئي جڳائيندا آھن. ھنن جون اھڙيون ڪھٽيون ڳالھيون دشمنيءَ تائين محدود ڪونھ ھيون، پر انھن سان گڏ ڪوڙا بھتان ۽ بي جا تھمتون بھ ھيون. ليڪن ڪمينائپ کي پنھنجو دور آھي، فتح ۽ ڪاميابيءَ کي پنھنجو مقام. ڪو دور وري انتقام وٺڻ جو بھ ھوندو آھي ۽ اھو دور اچي چڪو آھي. خوف ۽ تذليل واري جھڪڻ جو زمانو. اھي ساڳيا تجارتي ناني ويڙھي وارا ماڻھو جيڪي قوم جي آواز کان مجبور ٿي، ساڳي ئي فوجي ڪمانڊر کي ليلائي چئي رھيا آھن تھ ھنن ساڻس وڏو ظلم ڪيو آھي. سندسن ڏوھھ معاف ڪر ۽ وسيع اختيار قبول ڪر ۽ انھن کي وڏ ۽ تباھي کان بچاءِ. خدا تعالى انصاف وارو آھي.

 باب ڇھون

 

ڦلجيءَ وارو ڏاڍو ڏکوئيندڙ واقعو ھو. فوج بھ ڏاڍي تيز رفتاري سان اڳتي وڌي رھي ھئي. سخت گرميءَ جي موسم ھئي، جنھن ۾ حملا ڪونھ ڪيا ويندا آھن. تنھن ڪري ھي جابلو ماڻھو خوف کان ڄڻ سراپجي ويا ھئا ۽ سوچي رھيا ھئا تھ ڇا اھڙي فوجي ڪمانڊر کي مھاڏو ڏئي سگھجي ٿو؟ ھو ٻِھ - چتا ٿي پيا ھئا تھ ساڻس مقابلو ڪجي يا پاسو ڏئي نڪتو ھليو وڃجي. سندن ھيءَ بھ سوچ ھئي تھ ھو اڳنا واسطي بغاوت ڪري ڪانھ سگھندا. ولي چانڊئي سان سندن دشمني گھڻي زماني کان ھلي رھي ھئي. ھي وڏي طاقتور قبيلي جو سردار ھو. ان کان سواءِ کيس جنگ ڪرڻ جو فن بھ ايندو ھو ۽ ھن قسم جي جنگين جو ماھر پڻ ھو. ڊومڪين جو رت پياڪ ويري ھو، جنھن ڪري ھو پلاند چڪائڻ جو پڪو پھھ ڪري چڪو ھو. ھن قبائلي سردار جو صدر مقام لاڙڪاڻي کان اولھھ طرف ٽيھھ ميل پري آھي. ھي ايترو طاقتور آھي جو ھنن جابلو دشمن جي مقابلي لاءِ ھزارين ماڻھو قطاري سگھي ٿو، جن ۾ مري قبيلي جا ماڻھو ھن سردار جا اتحادي آھن. ھن ڦلجيءَ واري واقعي کان اڳ اھڙيون ڪي چڱيون ڳالھيون ڪيون ھيون، جو درٻار واري ڏينھن سر چارلس ھن کي کلئي عام اعزازي تلوار ڏني ھئي ۽ ھن پنھنجي ھٿن سان سندس چيلھھ سان ٻڌي ھئي. ان درٻار ۾ نواب ۽ قبائلي سردار موجود ھئا، جن سڀني سندس اھڙي اعزاز کي اکين سان ڏٺو ھو. ان بدلي بجار ڊومڪيءَ خلاف جنگ ڪرڻ جو واعدو ڪيو ھو. اھڙي فوجي پيش قدمي ھو نھايت بھادريءَ سان ڪري ٿي سگھيو. ڇاڪاڻ تھ ھن لاءِ پنھنجا قلعا ۽ انگريز سرڪار جي فوجون چوڪيون بھ ھيون، جيڪي ھن جي فوج جي پوئتي ھٽڻ لاءِ مددگار ھيون. جاسوس جو بيان ھو تھ ڦلجيءَ ۾ جن قبيلن انگريزي فوج کي شڪست ڏني، سي وري ڦلجيءَ ۾ گڏ ٿي رھيا آھن. ھنن جو مقصد آھي تھ مير شير محمد کي سنڌ وٺي وڃجي. پر جنرل چارلس کي اھڙين چالبازين وسيلي ٺڳڻ سولو ڪونھ ھو. ھو سمجھي رھيو ھو تھ ھو بغاوت ڪرڻ جا منصوبا بڻائي رھيا آھن، پر ھو سمجھي ويو ھو تھ ھن وقت گڏجڻ سندن بچاءَ واسطي آھي، ڇاڪاڻ تھ اھي برپٽ واري علائقي ۾ موجود کوھن کي پوري رھيا ھئا. جڏھن تھ مري قبيلو ڊومڪين ۽ بگٽين جو دشمن ھو ۽ انھن سان جنگ ڪرڻ جون تياريون ڪري رھيو ھو. ھن صورتحال کي ڏسي ڳوٺاڻا بھ دلير ٿي ويا ھئا ۽ ڌاڙيلن کي پوئتي ھٽائڻ ۾ چانڊئي سردارن سان ساٿ ڏيڻ لڳا ھئا. ان کان سواءِ ڌاڙيلن جي ننڍن ننڍن ٽولن سان مقابلو بھ ڪري رھيا ھئا. اھڙيءَ طرح ھنن ڪيترن ئي ڌاڙيلن کي گرفتار بھ ڪري ورتو ھو ۽ قيد ڪري رکي ڇڏيو ھو. انھيءَ زماني ۾ مير علي مراد جي ھڪ ملازم پنج بڙدي سردار گرفتار ڪيا ھئا. جيڪي ڌاڙيل ھئا ۽ سندس  حڪمرانيءَ جي حدن ۾ رھندا ھئا. جن سنڌوءَ جي ڪٺار سان واقع سنڌين جي ڳوٺن کي ڦريو ھو. درحقيقت ھي ماڻھو بھ ٻين جابلو ماڻھن جيان ڌاڙيل ھئا. اھڙن ٿورن ٿڪن واقعن ھوندي بھ سنڌ جون حالتون پرسڪون ھيون. اھڙين پرامن حالتن دوران نظرداري کان ڪم وٺڻ نھايت ضروري ھو. ڇاڪاڻ تھ مير شير محمد شڪارپور جي اوسي پاسي لامارو ڏيندو ٿي وتيو، جنھن سان سندس گھوڙيسوار بھ گڏ ھئا. ان وقت علي مراد ڪن پٺاڻن کي ملازمت مان ڪڍي انگريزن سان ڪيل معاھدي جي ڀڃڪڙي ڪئي ھئي ۽ پنھنجي چئن ٽالپر مائٽن کي پنھنجي حڪمرانيءَ جي حدن ۾ رھڻ جي موڪل ڏني ھئي، جن کي انگريز سرڪار ملڪ نيڪالي ڏئي ڇڏي ھئي. مذڪوره ٽالپر سندس سوٽ ۽ ڀائٽيا ھئا. ھي اھو زمانو ھو جڏھن وڏي درٻار منعقد ٿي رھي ھئي. سر چارلس نيپئر سوچيو ھو تھ ويھن ھزارن بلوچ سردارن جي ايڏي وڏي ميڙ ۾ سندن مطالبن کي نھ مڃڻ ڏکيو مامرو ھو. جن مان سندن پھريون مطالبو اھو ھوندو تھ کين پنھنجون جاگيرون واپس ڪيون وڃن ۽ سنڌ ۾ رھڻ جو حق ڏنو وڃي. اھڙي ريت علي مراد کي حڪم ڪيو ويو تھ ڪن سردار کي بنا دير گرفتار ڪري. ان کان پوءِ مير شير محمد کان سواءِ ٻيا ڪيترا حڪمران ملڪ کان ٻاھر موجود ھئا. ليڪن سنڌ اندر رھندڙ ڪيترن ٽالپر شھزادن کي ھندستان سرڪار طرفان مير علي مراد جي درٻار ۾ رھڻ جو چيو ويو ھو. پر اھڙي قدم کڻڻ ڪري ھڪ وڏو مونجھارو محسوس ٿي رھيو ھو.

اھڙا معاملا جون تائين جيئن جو تيئن رھيا. ان کان پوءِ ٻھ اھم واقعا رونما ٿيا. انھن مان ھڪ واقعو اھو ھو تھ جکراڻي ۽ ڊومڪي ڌاڙو ھڻي ڪاميابيءَ سان وڃي پنھنجي ماڳن تائين پھتا ھئا. جڏھن تھ ٻيو واقعو شڪارپور ۾ فوجي سپاھين جي بغاوت ھئي. اھي ٻئي واقعا انتظامي بدنظمي جو نتيجو ھئا ۽ جنھن ڪري ڏاڍو ڳنڀير وايو منڊل پيدا ٿي پيو ھو. قصو ھي ھو جو ھندستان جي اتر اوڀر وارن علائقن مان ڪن بنگال ريجمينٽس کي اتر سنڌ جي سرحد ڏانھن موڪليو ويو ھو. جنھن تي انھن انڪار ڪيو ۽ چيائون تھ جيستائين وڏا الائونس نھ ملندا، تيستائين اوڏانھن ڪونھ وينداسون. ٿوري چؤ چواءَ کان 64 ريجمينٽ کي راضي ڪري سکر ۽ شڪارپور ڏانھن روانو ڪيو ويو. انھيءَ ڪري سندن تعريف بھ ڪئي وئي ۽ کين ڪجھھ انعام بھ ڏنو ويو. جڏھن ھتي پھتا تھ ھنن کي سکر ۽ شڪارپور جا فوجي ڪوارٽر ٻين ماڳن جي ڪوارٽرن جي ڀيٽ ڏاڍا سٺا لڳا، نھ تھ اڳي سندن خيال ھو تھ اھي بيڪار ۽ گندا ھوندا. ھي بنگالي فوج ڪجھھ وقت لاءِ تھ ماٺ رھي، پر ھن فوج سان جيئن تھ وڏي الائونس جو واعدو ڪيو ويو ھو ۽ ان کان پوءِ ڪرنل موزلي جي اڳواڻيءَ ۾ اتر سنڌ ڏانھن رواني ٿي ھئي. پر شڪارپور ۾ ھنن ٿوريءَ پگھار جو سبب ڏئي ٻيو ڀيرو فساد ڪيو.

جيڪڏھنءَ ھيءَ فوج انھيءَ وقت بغاوت ڪري، جڏھن اسان جي خلاف چوڌاري قومون ھڪ گڏيل محاذ ٺاھي رھيون ھيون، يا جڏھن ساري فوج بيمار ھئي يا جڏھن جنرل سيلSale  عارضي طور ڇڏي فوج جي ڪمانڊ اھڙي ماڻھوءَ حوالي ڪري ويو ھو، جيڪو ڪابل جي قتل عام کان ڏاڍو ڊنل ھو تھ ان جو نتيجو ڏاڍو اگرو نڪري ھا. ان ھوندي وڏو خطرو موجود ھو، ڇاڪاڻ تھ ٻين بنگالي ريجمينٽس 64 ريجمينٽ سان اچي گڏجڻ کان ان ڪري انڪار ڪيو ھو ڇاڪاڻ تھ ان سان پھرئين بغاوت وقت ڪيل معاھدي جي ڀڃڪڙي ڪئي وئي ھئي ۽ اھي ناراض ٿي ويون ھيون. اھو ھڪ ٻئي سان وفادار رھڻ جو مضبوط معاھدو ھو، جيڪو ان وقت ختم ٿي ويو جنھن وقت پتو پيو تھ 64 ريجمينٽ سان ٺڳي ڪئي وئي آھي. ان فساد دوران ھڪ آفيسر ان ڪمانڊ مارجي ويو. جنھن جي مقرري بابت اڃا فيصلو ڪونھ ٿيو ھو. پر لارڊ ايلنبرو ان وقت ڪمپنيءَ جي ھڪ آفيسر برگيڊيئر جنرل ھنٽر کي جنرل سيل جي جڳھھ تي ڪمانڊر ڪري موڪليو، جيڪو انھيءَ وقت اچي سکر پھتو ھو. ھي ڪمانڊر ڏاڍو دانشمند ھو. ھن اچڻ سان شڪارپور واري 64 ريجمينٽ کي سکر ڏانھن بدلي ڪري ڇڏيو. انھيءَ مقصد سان تھ جيئن ان کي ٿڌو ڪري سگھجي. کيس پڪ ھئي تھ جڏھن شخصي طور کين مڃائڻ جي ڪوشس ڪندو تھ ھو پنھنجي ضد تان لھي ويندا، پر ائين ڪونھ ٿيو. جڏھن کين مڃائڻ لاءِ پھتو تھ فوجين مٿس پٿرن ۽ ڇاپڙن سان حملو ڪيو. ان صورتحال کي منھن ڏيڻ لاءِ ھن سکر قلعي اندر رھندڙ سياري گئريسن فوج کي حڪم ڪيو، جن 64 بنگال ريجمينٽ جا ٽيھھ چاليھھ فوجي گرفتار ڪري ورتا ۽ ٻين کان ھٿيار کسيا ويا ۽ ڪابھ رتوڇاڻ ڪانھ ٿي. ان کانپوءِ کين حڪم ڪيو ويو تھ ھو سنڌوءَ جي کاٻي ڪناري ڏانھن اڪري اچن ۽ ٻئي حڪم جو انتظار ڪن.

ان کان پوءِ ڪرنل موزلي تي ڪيس ھلائي کيس فوجي نوڪريءَ مان ڪڍيو ويو ۽ 64 بنگال ريجمينٽ جي ويھن فوجين کي ڦاھيءَ چاڙھيو ويو، جيڪي انھيءَ بغاوت جي اڳواڻي ڪري رھيا ھئا. انھن کان سواءِ ٻين ڇھن کي بھ سزا ڏني وئي ھئي. ھنن ڳالھين ھوندي بھ 64 ريجمينٽ پنھنجي ضد تان ھيٺ ڪانھ لٿي. سر چارلس نيپئر ھن ريجمينٽ کان جھنڊو کسي ورتو. ان کان پوءِ ھن ”سيڪنڊ ڊگري“ جي فوجي ملازمن کي نوڪري مان ڪڍي ڇڏيو  ۽ ريجمينٽ کي چتاءُ ڏنو تھ جيڪڏھن اڃا بھ بغاوت ڪئي وئي تھ ساريءَ ريجمينٽ کي نوڪريءَ مان ڪڍيو ويندو. ھن اھڙيون سزائون ڏئي ھڪ مثال قائم ڪرڻ پئي چاھيو. پر ھن اھڙيون سزائون بي دليون ڏنيون ھيون، ڇاڪاڻ تھ سمجھيائين تھ اھڙو ڪم مناسب نھ آھي ۽ اھڙو عمل ھندستاني فوج لاءِ انصاف تصور ڪونھ ڪيو ويندو. سندس چوڻ ھو تھ ھن کان اڳ ھي فوجي سپاھي 64 بنگال ريجمينٽ کي پنھنجو گھر تصور ڪندا ھئا. جيڪڏھن ھنن کي ننڍڙي ڏوھھ جي سزا ۾ نوڪرين مان ڪڍيو ويو تھ يا ھڪ جوشيلي فوجي سپاھيءَ جي چوڻ تي اھڙي سزا ڏني وئي تھ فوجين جي دل کڄي ويندي. ھن ئي فوج ڪري ھندستان سرڪار  جي عزم ۽ ارادن کي ھڪ ٽيڪ ملي ويندي آھي.

ھن واقعي ڪري جنرل ھنٽر سان بھ بي انصافي ڪئي وئي ھئي. پر ھن جي فوجي خدمتن کي نيٺ وڃي تسليم ڪيو ويو ھو، پر سندس خدمتن جي تعريف تھ بروقت ڪرڻ گھربي ھئي. ڇاڪاڻ تھ ھن وڏيون فوجي خدمتون سرانجام ڪيون ھيون ۽ اڃا تائين ڪري رھيو آھي. انھيءَ رواجي بغاوت دوران مير شير محمد ۽ احمد خان لغاري شڪارپور کان گھڻو پرري ڪونھ ھئا، جن سان ڪڇي واري جابلو علائقن جا گھوڙي سوار بھ گڏ ھئا. ان کان سواءِ چوڏھن پندرھن ٽالپر شھزادا مير علي مراد جي درٻار ۾ بھ موجود ھئا جيڪي ڏينھن جي سفر جيترو پري ھئا. ھنن مان ڪجھھ اھڙا ماڻھو بھ ھئا، جيڪي جنگ ڪرڻ لاءِ اتامرا ھئا. سندن مرضي ھئي تھ جنگ اڄ لڳي تھ سڀاڻي ٻيو ڏينھن ٿئي. ھي اھي ماڻھو ھئا جن جي جلد بازيءَ ڪري مياڻي واري جنگ بھ لڳي ھئي. اھي ساڳيا ماڻھو وري بھ جنگ لاءِ ور کنجيون بيٺا ھئا. شڪارپور ۽ سکر ۾ فوج سان گڏ تمام گھڻو فوجي سامان موجود ھو. جڏھن تھ سکر ۾ انھيءَ سامان سان گڏ سرڪاري خزانو بھ موجود ھو. سڀئي يورپي اعلى فوجي عملدار بھ ھتي ھئا. سندن گھرواريون ٻار ٻچا بھ ان فوج جي بچاءَ جي آسري تي ھئا، جنھن ھاڻي بغاوت ڪئي ھئي. ھنن سڀني ريجيمينٽن ۾ فقط 13 ريجمينٽ يورپي ھئي، جيڪا بيمار ھئي ۽ مزاحمت جي لائق ڪانھ ھئي. باقي ٻِيون پنج ڇھھ ريجيمينٽون باغي بڻجي ويون ھيون. امڪان ھو تھ متان آرٽلري ۽ فوجي سامان ڦريو لٽيو وڃي، ڇاڪاڻ تھ شڪارپور جو وڳوڙي ماحول بلڪل اھڙو ھو. اھو بھ امڪان ھو تھ متان ھن شھر کي ڦريو لٽيو ۽ يورپين کي قتل ڪيو وڃي ۽ جابلو جوءِ جا ڌاڙيل بھ ھن ڦرلٽ ۾ شريڪ ٿي وڃن ۽ اھا باغي فوج وري سکر شھر تي حملو ڪري. جيڪڏھن ائين ٿئي ھا تھ سرڪاري خزانو، توپون، فوجي سامان ڦرجي وڃن ھا ۽  يورپي ماڻھن جون حياتيون بھ تباھھ ٿي وڃن ھا. ان کانپوءِ ٽالپرن جي حڪمرانيءَ جا جھنڊا جھولن ھا. ان وقت خيرپور جو علي مراد بھ مجبور ٿي ھنن سان گڏجي وڃي ھا. اھڙي خطرناڪ قسم جو ماحول جنرل ھنٽر اچي ختم ڪيو ھو. اھڙي اھم خدمت جي سرانجام ڪرڻ کان پوءِ کيس تنبيھھ ڪئي وئي ھئي.

سر چارلس نيپئر ھن ساري فتني کي لارڊ ايلنبرو خلاف سازش جو پوتاميل سمجھيو ھو. ڇاڪاڻ تھ جنرل ھنٽر کي ھن ئي مقرر ڪيو ھو. ھن سازش ۾ بنگالي فوج جو حسد بھ شامل ڪري سگھجي ٿو، جنھن فوجي سرگرمين کي متاثر ڪري ڇڏيو ھو. ھنن فوجين جي مرضي ھئي تھ سر ھيوگف Hugh gough  کي ڪمانڊر ان چيف مقرر ڪيو وڃي، جنھن کي ھو گرانڊ لاما ڪري سڏيندا ھئا. سر ھيوگ، معزز، ايماندار، سچو، کرو ۽ مزاج ۾ سخي ھو ۽ سازش کان ڪوھين ڏور ھو پر ائڊجوٽنٽ جنرل ليومليlumely  ۽ جج ائڊووڪيٽ جنرل برج، جنرل ھنٽر کي روانو ڪري ڇڏيو ھو. اھا صورتحال ان وقت تائين منجھيل رھي جيستائين سر چارلس گورنر جنرل سر ھينري ھارڊنج کي چئي، اھڙي غلطيءَ جي اصلاح نھ ڪرائي ھئي. اھڙيءَ ربت ممبئيءَ واريءَ ڌر کي لڙ بکيڙي مچائڻ جو موقعو ملي ويو ھو. جنرل ھنٽر جون خدمتون تعريف لائق ھيون، جيڪو سر چارلس جي نمائندگي ڪري رھو ھو. جنھن کيس بچائڻ لاءِ ننھن چوٽيءَ جا زور لاتا ھئا، جڏھن ھڪ ھڪ بااختيار قوت ھن کي ذليل ۽ خوار ڪرڻ لاءِڪانبو ٻڌي، ھن جي ڪڍ لڳي پئي ھئي.

ٻيو واقعو بھ ڄڻ فوجي بغاوت جھڙو تباھھ ڪن ھو. ڪئپٽن مئڪنزي جو تعلق اريگولر گھوڙي سوار فوج سان ھو. ھن گاھھ لڻڻ لاءِ گاھين جو ھڪ جٿو روانو ڪيو، جنھن سان گڏ ڏيھي فوجي عملدار جي نگرانيءَ ۾ پھريدار بھ موڪلي ڏنا ھئا. ھي ماڻھو خانڳڙھھ کان يارھن ميل پري وڃي گاھھ لڻڻ لڳا ھئا. انھن کي ڪنھن بھ دشمن جي حملي جو کٽڪو ڪونھ ھو، تنھن ڪري بنا ڪنھن چنتا جي گاھھ لڻڻ لڳي ويا. اتفاق اھو ٿيو جو ان ڏينھن بجار ڊومڪي پنھنجي ٻين ڌاڙيلن سان گڏ ڪنھن واردات ڪرڻ جي ارادي سان ڍومائون کائي رھيو ھو. ھنن جي گاھين تي نظر پوڻ سان مٿن حملي ڪرڻ جو حڪم ڪيو ۽ ٻھ سؤ گاھي ڪھي ھليو ويو ۽ پنجاھھ ڦٽي پھريدار وڃي ڪئپٽن ميڪنزي وٽ پھتا، جنھن سندس ڪڍ ڊاڊا ڊوڙايا، پر ھو اھا ڏکوئيندڙ واردات ڪرڻ کان پوءِ واچ مينھن ٿي نڪتو ھليو ويو، ۽ ”اريگيولر ڪئولري“ جا گھوڙيسوار دستا اجائي جک ماري موٽي آيا. جڏھن ھيءَ خبر جنرل چارلس کي پھتي تھ ڪاوڙ ۾ تپي ٽانڊا ٿي ويو ۽ ھن اھڙو اظھار سرڪاري طور ڪيو ھو.

ان جو ڪارڻ اھو تھ ڪپئٽن مڪنزي سندس سڱڻيو ھو. گاھھ لڻڻ جي مقصد سان، گاھين کي ايتري ڏوراھن پنڌ تي موڪلڻو ڪونھ ھو، پر جيڪڏھن موڪليو ويو ھو تھ انھن جي بچاءَ جو چڱيءَ ريت بندوبست ڪيو وڃي ھا. جڏھن فوجي خدمتن سان لاڳاپيل ماڻھو پنھنجي منصبي فرض جي ادائگيءَ لاءِ فوج ڇانوڻيءَ کان ٻاھر وڃن ٿا تھ نگران فوجي عملدار جو ڪم آھي تھ ھو گھوڙي جي ھني تان ھيٺ نھ لھي ۽ رات ڏينھن سندس اکيون کليل رھڻ گھرجن ۽ سندس کائڻ پيئڻ ۽ ننڊ بھ گھوڙي جي ھني تي ڪرڻ گھرجي ۽ تلوار کيس ھٿن ۾ ھجي. فوجي چوڪيءَ جي نگران فوجي عملدار کي تيستائين آرام ڪرڻو نھ آھي، جيستائين سڀ خير نھ ھجي. جڏھن کيس اھو پتو ھجي تھ ھڪ جابلو ڌاڙيل جوءِ ۾ موجود آھي تھ کيس اٺ ئي پھر خبردار رھڻ گھرجي. اھو بھ غلط آھي تھ واردات ڪرڻ کان پوءِ ڌاڙيل جي ڪڍ لڳي پئجي. ائين ڪرڻ عام ماڻھن ۾ حيراس پيدا ڪرڻ ۽ فوجين ۾ ٿرٿلو پيدا ڪرڻ ھوندو آھي. اھڙي اٻھرائي مان پتو پوندو آھي تھ فوجي اڳواڻ کي تجربو ڪونھ آھي. اھو بھ سمجھڻ کپي تھ ڌاڙيل سان ڪا راند کيڏي ڪانھ ھوندي آھي.

انھيءَ ڪارروائيءَ کي بلوچ قبيلا وڏي فتح تصور ڪري رھيا ھئا، جڏھن تھ ھنن بي ھٿيار گاھين کي گاھھ لڻندي ڪھڻ وارو ڪارنامو ئي انجام ڏنو ھو. گاھين جي قتل عام جون خبرون وڃي ڪابل ۽ قنڌار تائين پھتيون ۽ ائين تيليءَ مان ٿنڀ بڻائي پيش ڪيو ويو ھو. جتي ڪٿي ڌاڙيل جي بھادريءَ جون تعريفون ھلي رھيون ھيون. اھڙي رت گاھين جي فاتحن جا حوصلا بلند ۽ ارادا اٽل ٿي رھيا ھئا. بمبئي واريءَ ڌر کي ممڻ مچائڻ جو موقعو ملي ويو ھو ۽ جنھن اخبارن وسيلي ھن واقعي کي کڻي مٿي کنيو. ان کان پوءِ بجار ۽ ساڻس ٻٽ ٻيا ٽولا ڇڙواڳ ٿي ويا ھئا. آڪرائي ڏسي فوج بھ ڊڄي وئي ھئي. غريب ماڻھن جون آھون ۽ دانھون ڪير بھ ٻڌڻ وارو ڪونھ ھو. ھنن لاءِ بچاءَ جا سڀ گس بند ھئا. ڪئپٽن مڪنزي جاچ ڪرڻ لاءِ حڪم ڏنو، پر ڪنھن بھ اھڙي ڪم ڪرڻ جي حامي ڪانھ ڀري. ھي نھايت سياڻو ۽ سچيت فوجي عملدار ھو، جنھن ھڪ ٻئي طريقي سان پنھنجي عزت ۽ وقار کي برقرار رکڻ جي ڪوشش ڪئي. ھن ڌاڙيلن تي گرميءَ جي موسم ۾ حملو ڪيو ھو، پر شڪست کاڌي ھئائين. ان کان پوءِ ھو لڳاتار ھنن جي چرپر تي نظر رکندو رھيو، انھيءَ مقصد سان تھ جولاءِ جي مھيني ۾ جابلو قلعي تي حملو ڪري سگھجي. کيس آگسٽ مھيني ۾ پتو پيو تھ شڪارپور کان سورھن ميل پري پنج سؤ ڌاڙيل موجود آھن، جن مان ڪي گھوڙيسوار ۽ ڪيا پيادا آھن. اھو ٻڌي ھو پنھنجي فوج وٺي چاليھن ميلن جي رفتار سان مٿن وڃي اوچتو ڪڙڪيو. ھن پيادن کي ماري لاشن جا ڍير ڪري ڇڏيا. جنگ دوران گھوڙيسوار اک وٺي ڊڊا ڊوڙائي ڀڄي وڃڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا. ھن مقابلي ۾ ٻھ سؤ ڌاڙيل مارجي ويا. تڏھن ممبئيءَ واريءَ ڌر جي اخباري ھاءِ گھوڙا مس وڃي ھپاڻي ھئي. جڏھن گاھين جي ڪوس جي خبر ممبئي واريءَ ڌر کي ملي ھئي تھ انھن ماڻھن اخبارن ۾ ڪئپٽن مڪنيزي خلاف باھھ ٻاري ڏني ھئي ۽ پئسا وٺي ليک لکڻ شروع ڪيا ھئائون تھ سر چارلس ساڻس ڏاڍي جٺ ڪئي آھي. اھڙي ريت کيس عوام ۾ ڏاڍو بدنام ڪيو ويو ھو. وري جڏھن وٽن ھيءَ خبر پھتي تھ ڪئپٽن مڪنزي ٻھ سؤ ڌاڙيل ماري ڇڏيا آھن تھ ھنن وري لکڻ شروع ڪيو تھ اھي ماڻھوءَ معصوم ۽ شريف شھري ھئا، جن کي ھن ڪئپٽن پلاند خاطر ماريو آھي، انھيءَ مقصد سان تھ جيئن ھو اڳئين شڪست جو ازالو ڪري سگھي ۽ بدناميءَ جو ٽڪو لاھي سگھي.

ھن مامري ۾ سر چارلس جاچ ڪرائي ھئي تھ واقعي شريف شھري تھ ڪونھ ماريا ويا آھن، پر کيس پتو پيو تھ اھي شريف شھري نھ پر ڌاڙيل ھئا ۽ جن ماڻھن لاءِ شھري ھجڻ وري دعوى ڪئي پئي وڃي، سي علي مراد جي حڪمرانيءَ جي حد جا ماڻھو ھئا،. جن جا ھٿيار ۽ ڪپڙا بھ ڌاڙيلن جي ھٿيارن ۽ ڪپڙن جھڙا ھئا ۽ ٻاھران آيل ڌاڙيلن سان گڏجي ڌاڙي ھڻڻ جون تياريون ڪري رھيا ھئا. اھي ماڻھو ذات جا بڙدي ۽ بڙديڪا جا رھاڪو ھئا. ان کان سواءِ اھم ڳالھھ ھيءَ بھ آھي تھ ھنن علي مراد جي منع ڪرڻ باوجود بھ ڌاڙيلن سان ٻيلھھ ٻڌي ھئي. حقيقت اھا ھئي تھ ڦلجي جي شڪست کان پوءِ گاھين جو ڪوس ٿيو ھو. اھي واقعا ھڪ ٻئي پٺيان رونما ٿيا ھئا، ان ڪري ڌاڙيلن سمجھيو ھو تھ انگريزن کي تباھھ ڪرڻ جو مناسب وقت اچي ويو آھي، تنھن ڪري ھنن وڏي ڪارروائي ڪرڻ کان اڳ، مير علي مراد جي ملڪي سرحدن اندر ڌاڙي جي ھڪ ڪارروائي ڪرڻ پئي چاھي. اھو پورو پتو ھو تھ سندن ارادا ڪھڙا آھن. بڙديڪا جا بڙدي بھ ڌاڙي جي ارادي سان ھٿيار کسي اچي ھنن سان گڏيا ھئا. انھيءَ مقصد سان تھ جيئن کانئن ڌاڙيل جي مال حصو پتي وٺي سگھن. اھي ماڻھو ڏاڍيءَ دليريءَ سان وڙھيا ھئا. بلوچ نسل جا ماڻھو ھنن علائقن ۾ ڏاڍي دليري جو مظاھرو ڪندا آھن ۽ سکيا ستابا شھر ۽ ڳوٺ سر سبز ۽ آباد جوءِ  ڀيلي ڀينگ ڪري ڇڏيندا آھن. ھنن جون اھڙيون قھري ڪاروايون سنڌين جي ڳوٺن خلاف ھونديون ھيون. ھتان جا ڳوٺاڻا پنھنجي قتل عام کان ڊڄي ڪيڏانھن ھليا ويا ھئا. جيڪي ھن واقي کان کان پوءِ پنھنجن پڊن تي نظر اچڻ لڳا ھئا، ۽ گاھين کي گاھھ لڻڻ ۾ مدد ڪري رھيا ھئا، جن جو ڪم فوجي گھوڙن کي گاھھ پھچائڻ ھو. ھن واقعي کان پوءِ جنرل چارلس جي خواھش ھئي تھ بگٽين، ڊومڪين ۽ جکراڻين جون زمينون چانڊين ۽ مري قبيلي ۾ ورھائي، پر ھن شرط سان تھ اھي ھنن قبيلن کي سنڌ جي سرحد کان گھڻو پوئتي ڌڪي ڇڏيندا. ھن ڳالھھ مان سندس مقصد ھو تھ جيئن ھنن بلوچ قبيلن اندر ويڙھھ ھلي. جنرل جي ھن آڇ جو نتيجو ڇا نڪتو تنھن جو ذڪر بعد ۾ ايندو. پر انھيءَ وقت ڌاران ڌاڙن ۾ ٺاپر اچي وئي ھئي ۽ نھ ڪنھن فوجي پيش قدميءَ جي ضرورت محسوس ٿي ھئي. ان کان پوءِ سارو ڌيان انتظامي معاملن ڏانھن ڏنو ويو.

اھڙيءَ ريت عدالتي کاتي ۽ ان ۾ ڪم ڪندڙ ماڻھن جو ڌيان سان پنھنجو منصبي فرض ادا ڪرڻ ۽ ماڻھن کي انصاف ڏيڻ ڪري عام ماڻھو ڏاڍو خوش ھو. ان ڪري پنھنجن حقن حاصل ڪرڻ لاءِ دلير بڻجي ويا ھئا. عورتون بھ وڏي آواز ھن نئين سماجي نظام جي تائيد ڪري رھيون ھيون. اھي تھ ظاھر ظھور چئي رھيون ھيون تھ اڳي ملڪ ۾ انڌ ڌنڌ لڳو پيو ھو ۽ امن امان تھ ھوندو ئي ڪونھ ھو. دشمنين ۽ خانداني جھڳڙن زندگي زھر ڪري ڇڏي ھئي. ھاڻي اھڙي مجرم کي ڦاھيءَ جي سزا ڏني وڃي ٿي ۽ تنھن ڪري اھڙو تصور اڀري رھيو ھو تھ عورت کي قتل ڪرڻ جرم آھي. ھي ۽ ٻيون بھ ڪيتريون اھڙيون ڳالھيون ھيون، جيڪي عورت ذات جي فائدي ۾ ھيون. سر چارلس انساني ڀلائيءَ لاءِ تھ اھڙا بھترين ڪم ڪيا ھئا، پر سرڪار ناشڪري ھئي.

ھن کان سواءِ ھت ٻيا بھ الائي ڪيترا جرم ٿيندا ھئا، جيڪي عام ۽ نھايت خطرناڪ ھئا. راھھ ويندن واپارين ۽ مسافرن کي بھ لٽيو ڦريو ويو ھو. اھڙا جرم صفا ختم ٿي ڪونھ سگھيا ھئا، ڇاڪاڻ تھ جابلو علائقو ويجھو ھو. پر پوليس جي مدد سان اھڙن ڏوھن ۾ گھٽتائي اچي وئي ھئي. انھيءَ ڪري پوليس جو ھڪ آجو ۽ نجو کاتو بڻايو ويو آھي. ان کان سواءِ فوج جون بلوچ بٽالنون نھايت مقدم طريقي سان پنھنجو منصبي فرض کي ادا ڪري  رھيون آھن. گھڻا بلوچ سردار جن ٽالپرن جي طرف کان مياڻيءَ م اسان جو مقابلو ڪيو ھو، تن بھ ھاڻي اسان جي ملازمت اختيار ڪئي آھي ۽ فوجي سپاھيءَ طور انگريز جي نمايان خدمت سرانجام ڏئي رھيا آھن.

صنعت کي بھ نئين سر جياريو ويو آھي. ھاڻ سنڌ تحفظ جي معاملي چوڏس مشھور ٿي وئي آھي. تنھن ڪري ٻين ملڪن جا شاھوڪار، سيٺيا ۽ ھاري ناري سنڌ ۾ آباد ٿيڻ لاءِ ڪوششون ڪري رھيا آھن. اھڙو سلسلو مستقل طور جاري آھي. اھڙيءَ ريت شڪارپور کي آدمشماري ڪراچي کان بھ گھڻي آھي، جيڪا ڏينھون ڏينھن وڌي رھي آھي. نھ رڳو اھو پر انگريز ۽ پارسي بھ ھتي ويھي،وچ ايشيا سان واپار ڪرڻ جو سوچي رھيا آھن. اخباري ڌر وارا ماڻھو امن امان جي اھڙن ڳالھين کي اڃا بھ تسليم ڪرڻ لاءِ تيار ڪونھ آھن ۽ اھڙا اعلان ڪري رھيا آھن تھ اتان جي ماڻھن جون دليون نفرت سان ڀريون پيون آھن. جيڪي انتقام وٺڻ لاءِ تيار بيٺا آھن. پر ڪوڙ ان وقت ڏاڍو خطرناڪ بڻجي ويو، جڏھن ممبئي سرڪار سنڌ ۾ بغاوتن ھجڻ جو چئي ذھني عذاب ڏنو ھو ۽ چيو ويو ھو تھ اھو ظلمن جو نتيجو آھي. ان ڪري مجبور ڪيو ويو ھو تھ سنڌ مان فوجون واپس ڪيون وڃن. انھيءَ مقصد سان تھ ھو پاڻ بندوق ۽ تلوار جي مدد سان پنھنجي اختيارن کي قائم ڪري سگھن.

سنڌ ھاڻي تازو فتح ٿي آھي. فتح کان جلد ئي پوءِ ڪيترن وبائي بيمارين منھن ڪڍيو آھي. اھا بھ حقيقت آھي تھ پيداوار جي مقابلي ۾ خرچ تمام گھڻو ڪري آھي، پر مستقبل ۾ تمام گھڻيءَ پيداوار جا امڪان موجود آھن. اھڙي ريت پيداوار جي ذريعن بابت اندازي لڳائڻ دوران بھ ڪيتريون دشواريون موجود آھن. ان کان ٽالپر جي دور واري محصول جي وصولي جي طريقي کي سمجھڻ ۾ وقت جي ضرورت آھي. ھتان جي ماڻھن جون عادتون رسم ۽ رواج مختلف آھن. تنھن ڪري ھتي نئين قسم جو قانون نافذ ڪرڻ ۾ بھ وقت لڳي ويندو. ان کان سواءِ ھيتري ساري وسيع علائقي ۾ محصول جي وصوليءَ لاءِ ھڪ منظم طريقو نافذ ڪرڻ بھ ايترو سولو ڪونھ آھي. اھو بھ ڏٺو ويو آھي تھ سماجي ۽ انتظامي نوعيت جي قائدن ۽ قانون بابت ڌوڪا بھ ڪيا ويا آھن ۽ رسمن رواجن جي ناتي ٺڳيون بھ ڪيون ويون آھن. ان کان سواءِ ماڪڙ اوچتو آئي ۽ سارا فصل کائي چٽ ڪري وئي. ان ڪري سنڌ جي پيداوار کي ڪاپاري ڌڪ لڳي ويو. ان ئي زماني ۾ ماڻھن ۾ وچڙندڙ بيماري ڪاھي پئي ھئي ۽ سرڪاري ملازم بھ ان جي ور چڙھي ويا. تنھن ڪري صحيح معنى سان آباد زمين جي داخلا ٿي ڪانھ سگھي. ان جو نتيجو اھو نڪتو جو اوڳاڙي گھٽ ٿي. ڍل بھ جنس جي شڪل ۾ ادا ڪئي وئي. رٿبورنRath borne ، پوپPope  ۽ گاڊنيgoddnney  ڪليڪٽر ھئا، پر دراصل فوجي ھئا، جيڪي ھوشيار ۽ ايماندار عملدار ھئا. ھنن ماڻھن پنھنجي عقلمندي سان ڍل جي اوڳاڙي ڪري سرڪار کي ايترو پئسو ڏنو، جو سنڌ جي ساريءَ انتظاميھ جو خرچ بھ نڪتو جھڙوڪ گورنر کان وٺي ننڍي سرڪاري ملازم جي پگھار شامل سمجھڻ گھرجي، ان کان سواءِ اٺ سوار فوج ۾ ٻھ ھزار پوليس وارن جون پگھارون بھ ھيون، جن مان اٺ سؤ تھ گھوڙي سوار ھئا. اھڙي ريت ستھٺ ھزار اسٽرنگ پائونڊ بچت بھ ٿي ھئي، جيڪا آگسٽ مھيني ۾ جنرل ٽريزري ۾ رکي وئي ھئي. انھيءَ مقصد سان تھ جيئن فوج ۽ عوامي ڀلائيءَ جي ڪمن ۾ سرڪار جي مدد ڪري سگھجي. فوجين جي رھڻ لاءِ بئرڪن جي تعمير تي خرچ اڳئين سال جي ڀيٽ ۾ ٻيڻ تي ڪيو ويو ھو. اھڙي ڪم کي اڪلائڻ واسطي سنڌ جي اقتصادي ڳالھين کي نظرانداز ڪيو ويو ھو. ترقيءَ ڏانھن ھي پھريون قدم ھو جنھن مان معلوم ٿي رھيو ھو تھ اڳتي وڌڻ لاءِ سھوليتون موجود آھن، جن کي آڏو رکي ڪليڪٽرن کي ملڪ جي پيداواري ذريعن کي ڳولي لھڻ لاءِ جاکوڙ ڪرڻي ھئي. اھو بھ معلوم ٿيندو تھ سنڌ جي انتظاميھ تي تمام ٿورو خرچ اچي رھيو ھو، جيڪو ٻھ لک اسٽرنگ پائونڊن کان وڌيڪ ڪونھ ھو. اھو بھ امڪان آھي تھ سنڌ جي پيداوار ھڪ ملين اسٽرلنگ پائونڊ ٿي سگھي ٿي ۽ ان جي وصوليءَ عام ماڻھوءَ تي ڪنھن بھ قسم جو اضافي بوج ڪونھ پوندو. ڇاڪاڻ تھ ماڻھن کان زبردستي محصول وصول ڪرڻ سر چارلس جي حڪومت جي اصولن جي خلاف آھي.

سندس تازو بيان ھن ريت آھي: ”ڍل محصول اڃان بھ گھڻو اوڳاڙيو پيو وڃي، پر ان جي گھٽ وصوليءَ لاءِ بندوبست بھ اھڙو ڪيو وڃي. محصولن جي وصولي جو طريقو بھ صفا بيڪار آھي. جيڪڏھن ڍل جي سٺي طريقي جي نفاذ کان اڳ ۾ وصولي جي جڏي سڏي طريقي کي ختم ڪري ڇڏبو تھ اوڳاڙي ڪري ڪانھ سگھبي ۽ پيداوار گھٽ ملندي، پر ائين ڪرڻ کان اڳ وصوليءَ جي طريقي تي نظرثاني ڪرڻ ضروري آھي. اھو فقط تڏھن ڪري سگھجي ٿو، جڏھن اسان سياسي طور مستحڪم ٿي وڃون. تنھن ڪري حالتن کي ھينءَ چوڻ لاءِ مجبور آھيان تھ اوڳاڙي جي ھلندڙ طريقي کي جيئن جو تيئن رھڻ ڏجي. پر غريب رعيتي ماڻھن بابت ضرور سوچڻ گھرجي، جيڪي پنھنجي زمين جي پيداوار جو سراسري اڌ ڍل طور ڏئي رھيا آھن، پر کانئن اڌ بدران پيداوار جو ٽيون حصو ڍل طور وٺڻ مناسب ٿيندو. پر جيڪڏھن سھولتون وڌائبيون تھ ماڻھو محنت ڪرڻ شروع ڪري ڏيندا ۽ ڍل محصول وڌي ويندو. جڏھن اسان ابتدا ۾ مزدور رکيا ھئا تھ ڏاڍا مھانگا ھئا. ڪم ڪرڻ ۾ بھ ڏاڍا سست ھئا. جيڪڏھن سندس ڪم جي جاچ پڙتال ڪبي ھئي تھ ڪم ڇڏي ھليا ويندا ھئا. پر ھاڻي کين ڪم جو تجربو آھي، کين سھوليتون بھ ڏنيون ويون آھن. اجورو بھ گھڻو ڏنو پيو وڃي. ھاڻي جيڪڏھن ھنن کي سزا ڏني وڃي ٿي تھ اھا قبول ڪن ٿا، پر پورھيو ڪرڻ ڪونھ ٿا ڇڏن. ڪيترائي ماڻھو آھن جيڪي پنھنجي ضرورتن کان وڌيڪ ڪمائي رھيا آھن. مون کي پورو يقين آھي تھ ايتري وڌيڪ ڪمائي ۽ سھوليتن ڪري، ٽالپرن جي حڪومت جي مزاحمت ڪندا ۽ اھو سوچيندا تھ ڇا انگريز سرڪار چري ٿي آھي ڇا جو ٽالپر حڪومت کي آڻي رھي آھي.

بمبئي واريءَ ڌر جو ھاڻي اھم مقصد اھو ٿي پيو آھي تھ سنڌ ۾ ٽالپر حڪمرانيءَ کي ٻيھر قائم ڪجي، پر ھاڻي تھ سنڌ کي ڦرڻ لٽڻ تھ ممڪن ئي ڪونھ رھيو آھي. شايد اھي سنڌ انھيءَ ڪري ٽالپرن جي حوالي ڪري رھيا آھن تھ اھي سنڌ کي سھڻي طريقي سان ھلائي ڪونھ سگھندا ۽ نئين فتح لاءِ انگريز سرڪار کي اڪسائيندا ۽ اتساھيندا. ڇاڪاڻ تھ ھنن جا سرڪاري عملدار سرڪاري پئسن ۾ ٺڳيون ڪندا ۽ ٽالپر اقربا پروريءَ کان ڪم وٺندا. اھڙيءَ ريت ڪي درخواستون ۽ يادداشت ناما آھن، جيڪي مير رستم ۽ ٻين ميرن جي نالن تي آھن، جن ۾ سر چارلس تي ڪيترائي الزام ھنيا ويا آھن.  پر حقيقت اھا آھي تھ اھي سڀ ڳالھيون ممبئي ۾ تيار ڪري انگلينڊ ڏانھن موڪليون پيون وڃن. انھن درخواستن کي ڳجھھ ڳوھھ ۾ ڪورٽ آف ڊائريڪٽرس اڳتي وڌائي رھيا آھن، پارليامينٽ جا ڪجھھ ميمبر وري ان ڪم کي ظاھر ظھور لڳيا پيا آھن. انھيءَ لاءِ جيئن ھو ساري سياسي ماحول کي سر چارلس خلاف بڻائي سگھن. پر اتفاق سان اھي ماڻھو ڪجھھ بھ ڪري ڪونھ سگھيا آھن. پر جيڪڏھن سنڌ جي حڪومت سر چارلس بدران ٽالپرن جي ھٿ ۾ ھجي ھا تھ موندارج جي سربراھي ۾ ٿيندڙ ملتان واري بغاوت کي منھن ڏيڻ لاءِ فوج سنڌ مان نھ وڃي ھا، بلڪ ان بغاوت کي وڌيڪ ڀڙڪائڻ لاءِ ھزارين بلوچ وڃي ملتان پھچن ھا ۽ انگريز لاءِ ڏچو پيدا ٿي وڃي ھا. ان حالت ۾ بھاولپور جي فوج ۾ ملتان جي مدد ڪن ھا.

ھيءَ حقيقت ڏيکارڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آھي تھ ھندستان سرڪار پنھنجي فوج جو تعداد سنڌ جي فتح جي مقصد سان يا ان فتح کي برقرار رکڻ جي ارادي سان ڪونھ وڌايو آھي، پر اتي گڏ ٿيل فوج پنجاب جي رياست ۽ شھنشاھت جي مفادن کي تباھھ ڪرڻ جي غرض سان گڏ ٿي آھي. سنڌ اندر فقط ايتريءَ فوج رکڻ جي ضرورت آھي تھ جيئن ھتان جا ماڻھو نئين حڪومت ۾ آرام ۽ سڪون سان گذاري سگھن. ھاڻي اھي پيٽ ڀري تھ ماني کائن ٿا. ھنن ماڻھن کي ملندڙ جسماني عذاب ڪري، سندن روح ھنن کان ڄڻ تھ جدا ٿي ويا ھئا. ٽالپر حڪمرانن وٽ تربيت يافتھ ولايتي فوج ڪانھ آھي. جيڪڏھن کين ھاڻي حڪومت واپس ڪئي بھ وئي تھ ھتان جي رعيت کين ڊوڙائي، ملڪ مان ئي ٻاھر ڪڍي ڇڏيندي. اھڙين ڳالھين ھوندي انگلينڊ ۽ ھندستان ۾ ھن موضوع تي سنجيدگيءَ سان سوچيو پيو وڃي تھ سنڌ جي حڪومت ٽالپر حڪمرانن کي واپس ڪئي وڃي ۽ اھو ڪم ممبئي واريءَ ڌر جي ارادن مطابق ڪيو پيو وڃي، جنھن جو چوڻ آھي تھ جيڪڏھن ائين ٿيو تھ ”اھا لارڊ ايلنبرو جي وڏي شڪست ھوندي.“ ھنن ماڻھن جو اھو چوڻ بلڪل صحيح آھي تھ ھو ائين ڪري لارڊ ايلنبرو کي مات ڪري ڇڏيندا، پر انھيءَ سان گڏ اھو بھ سمجھڻ گھرجي تھ اھا ڌر ائين ڪري ڄڻ انگلينڊ کي بلڪ انسانذات کي شڪست ڏيڻ چاھي ٿي.

عوامي ڀلائي جا ھلندڙ ڪم ٻن ڌرين جي ھٿن ۾ آھن، جن مان ھڪ سول ۽ ٻي فوج آھي. پھرين ڌر غورفڪر سان حساب ڪتاب ڪري، اھڙن ڪمن جو بنياد رکيو آھي، جن مان ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ جو فائدو آھي. جڏھن تھ ٻي ڌر اھي ڪم ھٿ ۾ کنيا آھن، جيڪي انگلينڊ لاءِ فائديمند آھن. ھن ڌر جو مکيھ ڪم اھو آھي تھ فوجين جي رھڻ لاءِ سٺيون بئرڪون تعمير ڪري ۽ ٻي ڳالھھ اھا انگريز ھندستان جي سرحدن کي مضبوط ڪرڻ لاءِ بھ سگھاريون جڳھون جوڙي تيار ڪري رھي آھي. پر جيڪڏھن ھنن ڳالھين کي تجارتي نقطھ نظر سان ڏٺو وڃي تھ بھ اھي وڏي فائدي واريون آھن. اھڙيءَ ريت سر چارلس نيپئر جو مقصد آھي. اھڙين تعميرات جا بنياد نھايت سگھارا ھجڻ گھرجن. انھيءَ مقصد سان تھ جيئن ھن عظيم معاشري جو بنيادن کان مٿان واري جوڙجڪ پڻ سگھاري ھجي، تنھن ڪري ھي جنرل اھڙي تعمير پنھنجي اخلاقي قوت کي ڏسي قائم ڪري رھيو آھي، جنھن جو واسطو سنڌوءَ جي ڪنارن کي مضبوط ڪرڻ سان آھي. ھي ھڪ وڏو منصوبو آھي جيڪو لارڊ ايلنبرو جي ذھين قيادت جي نگرانيءَ ھيٺ، مختلف حصن ۽ مرحلن ۾ تيار ٿيڻ وارو آھي. پر اڳتي ھلي ھن ڪم جي اھم حصن جو ڪم اڌ ۾ ڇڏيو ويو ھو. اھو ھندستان سرڪار جي اھم قوت جي لاپرواھي ۽ ھروڀرو دخل اندازي ڪري اڌ ۾ روڪيو ويو ھو. مان ھتي اھا حقيقت ٻڌائڻ چاھيندس تھ ان منصوبي مطابق ٿيندڙ ڪمن پويان ارادو ۽ مقصد ڪھڙو ھو.

جڏھن سج، درياه ۽ ڌاڙيلن تي ضابطو رکڻو آھي تھ پوءِ ھتان جا ماڻھو ھن ملڪ کي شاھوڪار بڻائڻ لاءِ ويھن ئي ننھن جو زور لائيندا، جيڪو قدرتي وسيلن سان مالا مال لڳو پيو آھي. انھيءَ سان نھ رڳو اھي سکيا ستابا ۽ دولتمند ٿي ويندا، پر سرڪار کي بھ گھڻي دل ۽ محصول وصول ٿيندو. اھو مشاھدو جنرل سر چارلس نيپئر جو ھو، جنھن جي آڌار تي ھن ھڪ عظيم منصوبو جوڙيو ھو. پر ان سان اھو بھ ضرور ڏٺو وڃي تھ ان دور ۾ ھن ماڻھوءَ جي آڏو ڪھڙيون مشڪلاتون موجود ھيون. اھڙيءَ صورتحال لاءِ سندس بيان ھن ريت آھي: ”ھتي انجنيئر حاصل ڪرڻ نھايت مشڪل مسئلو آھي. ھندستان اندر سول بيورو ڪريسي موجود آھي، جنھن جون پگھارون بھ وڏيون آھن. پر ڪنھن کاتي لاءِ عملدارن جي مقرر ڪرڻ واري ڪم ڏانھن تھ ڌيان ئي ڪونھ ٿو ڏنو وڃي. تنھن ڪري ھر کاتي ۾ ٻين عملدارن سان گڏ انجنيئرن جي بھ ڏاڍي کوٽ آھي.“ سنڌ ۾ ترقي جي ڪمن لاءِ ڏاڍيون ڳنڀير رنڊڪون موجود ھيون. سڀ کان پھرين ڳالھھ اھا ھئي تھ سنڌ، بلوچ جاگيردارن جو ملڪ آھي. ان جو نتيجو اھو نڪتو ھو جو فتح وقت ھتان جي فوج ائين ڪانھ ھئي، جيئن مھذب قومن جي ھوندي آھي. سندس چوڻ آھي تھ ”اسان مھذب معاشري ۾ موجود ھڪ بيابان ۾ ڄڻ ھڪ بيٺڪي راڄ آھيون.“ ھي لفظ سندس تڪيھ ڪلام ھوندو ھو. اھو ئي ڪارڻ ھو جو اسان ھر چيز نئين ٺاھي ھئي، پر ڳالھھ ڪنھن ڪرامت کان خالي ڪانھ ھئي، جو اسان نھايت مختصر عرصي اندر ھڪ قابل قبول ۽ بھتر انتظاميھ قائم ڪري ورتي ھئي. اھو اڻ کٽ محنت ۽ ڏکن ڏاکڙن قبول ڪرڻ جو نتيجو ھو، جنھن ڪري اھڙا بھتر نتيجا مليا ھئا. ڇاڪاڻ تھ ھن وڏيءَ مشين جا اسپرنگ ۽ ڦيٿا ھڪ ئي وقت ۽ مناسب جاين تي ائين ڪونھ ڪريا ھئا، جيئن نوبت وڄڻ تي فوج ھڪ ئي وقت تيار ٿي ويندي آھي ۽ مناسب جڳھن تي اچي بيھندي آھي. حقيقت بھ اھا آھي تھ فوج جي نوبت جو آواز ساري ملڪ ۾ ھڪ گونج جي شڪل ۾ ٻڌو ويو ھو. پر اتي ھڪ ڪمانڊنگ ھٿ بھ موجود ھو، جيڪو سگھارو ۽ ڏاھو ھو، جنھن انتظاميھ جو بنياد رکيو ھو ۽ جنھن ڪم کي اڳتي ڌڪڻ جي ابتدا ڪئي ھئي. ھتي پيداوار ۽ پئسي جي ڏاڍي اڻاٺ ھئي. تنھن ڪري اھڙين مشڪل حالتن ۾ مٿي اڀرڻ ھڪ ڏکي ڳالھھ ھئي. ان زماني ۾ ھتي ڪي اھڙيون ڪشاديون ۽ وڏيون جڳھون ڪونھ ھيو، جتي فوج کي رھايو وڃي. اھڙيءَ ريت بئرڪن جي تعمير بھ ملڪي ضرورتن کان پوءِ واري بچت جي پئسي مان ٿيندي آھي. ليڪن ھتان جي پيداوار تھ مناسب ئي ڪانھ ھئي. صورتحال اھڙي ھئي جو ھتڙي ڏھاڙي ھڪ يا ٻھ فوجي ضرور مرندا ھئا ۽ ڪا خاص صحت بخش جوءِ ڪانھ ھئي، جنھن کي بئرڪن جي تعمير لاءِ چونڊجي. ان کان سواءِ ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ جو طريقو اھو ھو تھ حڪمران اھڙو ھجي جو حساب ڪتاب ڪرڻ جو ماھر ھجي، پر انجنيئر اصل نھ ھجي. ليڪن ڪمپني جو اھو نمونو ڪجھھ عيبن وارو ۽ گھڻ - خرچائو ھو ۽ ھاڻي بھ منجھس ڪئي اوڻايون آھن ۽ خرچ بھ  ڏاڍو ڪيو پيو وڃي. ڪراچيءَ ۾ فوج جي رھڻ لاءِ بئرڪن جي تعمر جي شروعات انھيءَ زماني ۾ ڪئي وئي، جڏھن افغانستان تي حملي ڪرڻ دوران ھن شھر تي قبضو ڪيو ويو ھو. پر ھنن بئرڪن جي تعمير نھايت خراب ھئي. اھڙي گندي تعمير انھيءَ ڪري ٿي ھئي جو فوجي عملدار عام فوجي سپاھيءَ کي گھٽ نظر سان ڏسندا ھئا. اھي بئرڪون ممبئي مان موڪليل ڪاٺ وسيلي جوڙيون ويون ھيون. پر اھو ڪاٺ اڳ ۾ ئي استعمال ٿيل ھو، جيڪو ٻئي ڪم ۾ اچڻ لائق ڪونھ ھو. ان کان سواءِ ٻيون رنڊڪون بھ ھيون، جن کي ختم ڪرڻ لاءِ نومبر 1843ع ۾ ويچاريو ويو ھو ۽ چيو ويو ھو تھ ”عوامي ڀلائيءَ جا ڪم نھايت سست رفتاري سان ٿي رھيا آھن. ان جو ڪارڻ اھو آھي تھ ھتان جا ماڻھو سست آھن. آبھوا بھ صحت بخش نھ آھي. جڳھن ۾ ڪم ايندڙ شيون پري کان ۽ مشڪلاتن سان ھتي آنديون وڃن ٿيون. ڪم لاءِ ملندڙ ڪلارڪ ٿورا آھن. ھر شيءِ انجنيئر جي خلاف آھي، پوءِ کڻي ھو تندرست بھ ڇو نھ ھجي. ھن وقت تائين تھ بيماريءَ اڳتي وڌڻ کان روڪي ڇڏيو آھي. بيماريءَ کان اڳ جتي ھڪ انجنيئر وٽ چار سو مزدور ڪم ڪندا ھئا بيماريءَ کان پوءِ پنجاھھ مزدو ر بھ ڪونھ ٿا ملن. پر ھتان جا ڏيھي ماڻھو تھ بيمار فوجيءَ کان بھ وڌيڪ بيمار آھن. جيستائين ھيءَ بيماري ختم نھ ٿيندي، تيستائين ڪجھھ بھ ڪري ڪونھ ٿو سگھجي.

ڪراچي سنڌ جي راڄڌاني آھي. ان شھر جي چوڌاري مضبوط قلعو اڏي ايترو سگھارو ڪرڻو آھي، جو ڪنھن بھ وچ ايشيائي طاقت جو مٿس حملو ڪامياب ٿي نھ سگھي. پر اھو بھ ڏسڻو پوندو تھ ان شھر جي چوڌاري وڌڻ واري صلاحيت کي روڪڻو بھ نھ آھي. ڇاڪاڻ تھ سنڌوءَ ۽ ان جي اھم ڀرتي ڪندڙ شاخن مان آباد علائقن جي واپار ڪري، ھي شھر تجارتي مرڪز بڻجڻو آھي. تنھن ڪري ھن شھر لاءِ زمين جي وڏيءَ ايراضي جي ضرورت آھي. جنھن ۾ شھر جي وسعت ۽ فوجي ڇانوڻي ۽ بندرگاھھ تعمير ٿيڻ جيتري گنجائش ھجڻ ضروري آھي. انھيءَ ڪري پٻ ۽ گذري وارو جابلو علائقو بھ ھن شھر واريءَ ايراضي ۾ شامل ڪرڻ ضروري ٿيندو. ان کان سواءِ ملير ندي بھ ڪراچي شھري ايراضيءَ ۾ شامل ھئڻ کپي. شھر جي منصوبھ بندي ۾ اھو بھ شامل آھي تھ چين جي ماڻھن کي ڪراچي جي چوڌاري باغ پوکڻ جو ڪم حوالي ڪجي. ساڳيءَ ريت ڏيھي ماڻھن جي بھ ھن ڪم ۾ ھمت افزائي ڪجي. ھي نھايت بھترين منصوبو آھي. جنھن تي اھڙا ماڻھو تنقيد ڪري رھيا آھن، جن کي نھ اھڙن ڪمن ڪرڻ جي طاقت آھي، نھ وري اھڙي سٺي ڪم جي شروع ڪرڻ کان پوءِ ان کي سمجھڻ جي صلاحيت. اھو بھ چوندا آھن تھ سنڌين ۾ سکڻ جيتري بھ صلاحيت ڪانھ آھي. اھي فقط پنھنجي من ۾ مست ھوندا آھن ۽ کين لٿيءَ اڀريءَ جي خبر ئي ڪانھ ھوندي آھي. اھڙو جواب کين ڏنو ويو ۽ ٻڌايو ويو ھو تھ ھتان جا ماڻھو ھر شيءِ جلدي سکي وٺندا آھن ۽ ڀاڄين پوکڻ ۽ انھن جي سيوا ڪرڻ جا ڪويسر آھن ۽ ھتان جون تازيون سايون ڀڄيون کائڻ ڪنھن عياشيءَ کان گھٽ نھ ھوندو آھي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 41 42 43 44 45

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org