سيڪشن: تاريخ

ڪتاب: سنڌ جي انتظامي تاريخ

باب:

صفحو: 14

اھي سڀ حقيقتون ڌيان ۾ ڌري سر چارلس پيش قدمي شروع ڪئي ھئي، جنھن ۾ ھن ڏاڍي خبرداريءَ کان ڪم ورتو ھو. سندس خيال مطابق پھرين اھم ڳالھھ اھا ھئي تھ ھو پنھنجي ان جنگ کي ڪامياب ڪري جنھن لاءِ ھن پنھنجي عقل، شعور، اعلى قسم جي حڪمت عملي ۽ پنھنجي بھادر فوج کي ڪتب آڻي رھيو ھو. ان جو سارو دارومدار سندس عقل ۽ فوجي انتظام تي ھو. ان ناتي ھن علي مراد کي چڱي اک ڏيکاري ھئي جنھن پنھنجي دربار ۾ سنڌ جي اولھھ پاسي وارا سردار آڻي ترسايا ھئا. ان کان سواءِ ھن لس ٻيلي جي ڄام ۽ جوکين جي ڄام سان بھ سختي ڪئي ھئي. ڇاڪاڻ تھ اھي قلات جي خان جي درٻار سان سچا ڪونھ ھئا. ان کان سواءِ ھن قنڌار جي حڪمران کي پڻ ڊيڄاريو ڌمڪايو ھو. ڇاڪاڻ تھ ھن وچ ايشيا تائين پنھنجي فوجي ڌاڪ ويھاري ڇڏي ھئي. ان ناتي ھن سنڌ ۾ ئي مختلف قسم جون فوجي پيش قدميون شروع ڪيون ھيون. ان لاءِ ھن اٺ سوار فوج کي اڳتي وڌڻ جو حڪم ڏئي، اولھھ واري جابلو علائقي جي سردارن کي ڊيڄاري ڇڏيو ھو تھ جيڪڏھن ھو ڪو آڏو ابتو پير کڻندا تھ سندن سرن جو خير نھ ھوندو. اھڙيءَ ريت ولي چانڊئي کي نوبت جي تلوار بھ ساڳئي مقصد سان ڏني وئي ھئي. ھن ٻيو ڪم اھو بھ ڪيو جو ھن (ولي چانڊئي) ماڻھو پگھار تي پنھنجي فوج ۾ ڀرتي ڪيا ھئا. ھن سان گڏ ولي چانڊئي کي سردار طور ڪجھھ رقم ڏني ھئي ۽ ساڻس ۽ بروھين سان واعدو ڪيو ھئائين تھ کين ڊومڪين ۽ بگٽين جي زمين بھ ڏيندو.

اھا سندس بھترين حڪمت عملي ھئي ھن سان گڏ سنڌ جا ماڻھو بھ موجود ھئا. ھن پيش قدمي کان ٿورو اڳ ھڪ سو پندرھن قبائلي سردارن ڪراچيءَ اچي سندس سلام ڪيو ھو پر ھنن قبائلي سردارن جي وفاداري ۽ تابعداري بابت ”بامبي ٽائيمس“ اخبار ڪيئي ڪوڙيون ڳالھيون لکيون ھيون. ھيءَ اخبار لڳاتار اعلان ڪري رھي ھئي تھ، سنڌ جي ساڳين ٽالپرن ۽ سردارن جا حوصلا بلند ٿي ويا ھئا. ان ڪري سنڌ جا جاگيردار ۽ ’نوبت‘ ۽ ’گڊو‘ وفاداريءَ ۽ فرمانبرداريءَ کان مسلسل انڪار ڪري رھيا ھئا. ھنن ٻنھي مان نوبت تھ قيد ۾ ئي وفات ڪري ويو جڏھن تھ ٻئي کي ڦاھي تي لڙڪايو ويو ھو. اھي ماڻھو ڌاڙن جا مجرم ھئا پر ڊاڪٽر بيورسٽ ۽ ’بامبئي ٽائيمس‘ اخبار جي ٻئي عملي جي اجاين اعلانن ڪري ھنن جي دلين ۾ اجايون خواھشيون پيدا ٿي چڪيون ھيون. نوبت ۽ گڊي کي ھن کان گھڻو وقت اڳ ئي گرفتار ڪيو وڃي ھا پر کين سوچي سمجھي ڍر ڏني وئي ھئي. ن جو ھڪ ڪارڻ تھ اھو ھو تھ متان ھو انگريز جي وفاداري قبول ڪن. ٻي ڳالھھ اھا ھئي تھ جنرل سر چارلس جي مرضي ھئي تھ ھنن کي سندن ملڪ ۾ وڃي گرفتار ڪجي. انھيءَ مقصد لاءِ تھ جين اوڙي پاڙي جي ڌاڙيلن تي ڏھڪاءُ ويھي وڃي ۽ امن امان ٿي وڃي. ڇاڪاڻ تھ انھيءَ زماني ۾ انگريز فوج سرحدن کان پري ھئي.

فوجي پيش قدميءَ دوران موڪليل جاسوسن، ڌاڙيل قبيلن بابت مختلف اطلاع موڪليا ھئا. ان سان قلات جي خان لاءِ ڪيئي اطلاع موڪليا ويا ھئا ۽ چيو ويو ھو تھ ننڍڙو حڪمران مستقل مزاج ڪونھ آھي ۽ سندس حڪمت عملي ڪڏھن ڪيئن تھ ڪڏھن ڪيئن آھي. ان کان سواءِ ڍاڍر ۾ سر چارلس سان ھلڻ کان لھرائي رھيو ھو. ان کان سواءِ ملڻ کان انڪار ڪرڻ کان بھ ڊڄي رھيو آھي. ان لاءِ ھن وچٿرو رستو اختيار ڪيو آھي.

اھڙيءَ ريت ھو سر چارلس جي ھلڻ کان بھ لھرائي رھيو آھي تھ ساڻس نھ ملڻ جي نتيجن کان بھ گھٻرائي رھيو آھي. ھن بجار کي ڦلجيءَ مان ڪڍڻ جو بھانو ڏئي فوج کي گڏ ڪري ورتو آھي. سندس اھڙيون تياريون بلڪل واضح ھيون، اھو ڏسي سر چارلس پنھنجي پيش قدمي جي رفتار کي ڍورو ڪري ڇڏيو. ان وقت قلات جي خان ڏانھن بجار موڪلي چيو ويو تھ ھو ڦلجيءَ ۾ پاڻي نھ ھئڻ جو سبب ڏئي اوڏانھن نھ وڌي. ھتي اھو معلوم ڪرڻو ھو تھ جيڪڏھن بجار ھن سازش کي نھ سمجھي سگھيو تھ ھو موٽڻ ۾ دير نھ ڪندو. پر اھڙيون سرگرميون مايوسڪن ھيون. ڇاڪاڻ تھ منصوبي مطابق سندس اوچتي گرفتاري لاءِ بجار کي ڦلجي ۾ موجود ھجڻ گھرجي. ھن جي واپس اچي ڦلجي  رھڻ کان سواءِ سادو منصوبو بيڪار ثابت ٿي رھيو ھو. ان زماني فزجيرالڊ لاڙڪاڻي ۾ رھندو ھو، جنھن اھڙي معلومات ڏني ھئي. جنھن ڪري اصلي منصوبي ۾ ترميم ڪرڻ ضروري ھئي. نئون منصوبو ڳجھو ۽ پيچيده ھو جنھن کي سمجھڻ بھ سولو ڪونھ ھو. پر جيڪڏھن اھو ڪامياب نھ ٿيو تھ اھڙي منصوبي جو راز ظاھر ٿيڻ جو امڪان ھو. ان کان پوءِ ان کي سمجھڻ بھ سولو ھو.

لارڊ ايلنبرو ۽ سر ھينري ھارڊنج بھ ھن منصوبي جي منظوري ڏئي چڪا ھئا. ٻنھي ڄڻن ضروري اختيار سر چارلس جي حوالي ڪري ڇڏيا ھئا. پر دارو لپن جي گورنر جنرل بڻجي اچڻ کان پوءِ جڏھن کيس ھن منصوبي جي آگاھي ڏني وئي تھ ذاتي انا ۽ ھٺ ڌرمي وارو وايو منڊل پيدا ٿي پيو. سر چارلس کيس پيرائتو احوال ٻڌايو ھو ۽ چيو ھئائين تھ ھنن جابلو ڌاڙيلن اوڙي پاڙي وارن علائقن ۾ ڌاڙا ھڻي ٽڪري تپائي ڇڏي آھي. اھي نھ رڳو چوپائو مال ھڻي تھ وڃن پر ماڻھن جو قتل عام بھ ڪيون ٿا وڃن. ھن کيس اھو بھ ٻڌايو ھو تھ ھنن بي رحم ماڻھن فوج ۽ ان سان گڏ ھلندڙ رسدگاھھ جي ماڻھن کي قتل ڪيو آھي، جن جو تعداد ٽي سو ٿيندو. ھن کيس اھو بھ ٻڌايو انھن ڪيترا ئي ڳوٺ ساڙي رک ڪري ڇڏيا آھن. ڪيترا علائقا ماڻھن کان خالي ٿي ويا آھن. سون جي تعداد ۾ بي گناھھ عورتون ڪٺيون ويون آھن ۽ ڪيترن ئي ٻارن جا ھٿ وڍي کين معذور ڪيو ويو آھي. ھن کيس اھڙين امڪاني ڳالھين کان بھ آگاھھ ڪيو جيڪي ٿيڻ واريون آھن جيڪي نھ رڳو سنڌ کي پر ساري ھندستان کي متاثر ڪري سگھن ٿيون. کيس اھا بھ معلومات ڏني وئي ھئي تھ انھن ڌاڙيلن جو تعداد ارڙھن ھزار آھي ۽ انھن سردارن جا نوڪر چاڪر بھ ھٿياربند آھن جيڪي اڳتي ھلي ھڪ فوج جي شڪل اختيار ڪري سگھن ٿا. ان ڪري ھندستان سرڪار کي ٻن ڳالھين مان ھڪ جي چوند ڪرڻي آھي تھ يا سنڌ، سنڌو درياھھ ۾ ھلندڙ آگبوٽن جي آمدرفت، ھلندڙ تجارت ۽ فوجي سھوليتن مان ھٿ کڻڻو پوندو يا وڏو خرچ ڀري سنڌ ۾ فوج جي تعداد کي گھڻو وڌائڻو پوندو. تنھن تي لارڊ رپن کيس جواب ۾ لکيو ھو تھ ”تو غير اھم معاملن کي وڌائي اينگھائي، اھم ڪري پيش ڪيو آھي.“

اھا اجائي ھوڏ ۽ ھٺ ھو. جيڪو تاريخ کي سرحدن کان ٻاھر ڌڪي ڌار ڪري ڇڏيندو آھي. باقي لارڊ رپن تھ عيش ۽ آرام جو ڪوڏيو ھو. باقي ٻين حوالدار ۽ فوجي سپاھي لاءِ تھ اڻ کٽ ڪم ھوندو آھي. جيڪي جھنم جھڙ سج تي تتل گولي ھيٺان پيا ڳھندا ۽ ڳرندا آھن. جنھن ڪري سندن ميڄالو ۽ ڪرنگھي جي مک ائين سڙي ڪارا ٿي ويندا آھن جيئن ڪاڳرن جو ويڙھو باھھ جي تو تي سڙي ڪارو ٿي ويندو آھي. سر چارلس پنھنجي اکين سان ڏسي رھو ھو تھ ھو ڪيئن پنھنجون زندگيون ارپي رھيا آھن ۽ سندن حياتيون ڪھڙيون سستي طريقي سان تباھھ ٿي رھيون آھن. ھن جي اکين آڏو ڀينگ ٿيل ويران علائقا، ساڙيل ڳوٺن جون بي وسيون، مرندڙ عورتن جون رڙيون، معذور ٿيل ٻارڙن جون ڪيھون پنھنجن ترن تڏن کان وڇڙيل بيوس ماڻھن جون اِلاھون ۽ مري ويلن جي مائٽن جي زار زار رئڻ جا آواز ٻري رھيا ھئا ۽ ٽنڊن ۽ ٺوٺن ٻارن جا رت ۾ وھتل جسم چريون ٿي ويل مائرن جي جان سان چنبڙيل ھئا. اھي سڀ قھري ڪاروايون ڌاڙيل بلوچ قبيلن جون ھيون، جن ھزارن کي پنھنجن گھرن مان ڪڍي دربدر ڪري ڇڏيو ھو. اھڙيون ساھھ سڪائيندڙ ڳالھيون لارڊ رپن لاءِ غير اھم ھيون. ائين چئي وسيع سوچ جي مالڪ دلين جي توھين ڪئي وئي ھئي. ٿوري وقت کان پوءِ لارڊ رپن لاءِ اھڙي ڌڪار گھٽجي وئي ھئي. ان کان پوءِ کيس اھڙو ماڻھو سمجھيو ويو جيڪو انساني احساسن کان خالي ۽ ٻاجھھ ۽ جھٻي کان وانجھيل ھو. تنھن ڪري سندس واھر ۽ سھائتا کان سواءِ ڌاڙيلن خلاف شروع ڪيل مھم جاري رھندي آئي.

ممبئي ۾ ڌاڙيلن جابلو قبيلن خلاف ھن مھم تي چٿرون ۽ ٺٺوليون ڪيون ويون ھيون. چيو پئي ويو تھ سر چارلس اجائي ھام ھڻي رھيو آھي. کيس ڪاوڙ سدائين ڪنڊي تي آھي. جيڪڏھن اھو ٽانڊي تپڻو ماڻھو ڦلجي پھتو تھ اھو ماڳ ڀيلي اجاڙي ڀينگ ڪري ڇڏيندو. ھو بھ بجار کي ائين پڪڙيندو جيئنءَ ٻار پکين کي پڪڙڻ سکندا آھن جڏھن انھن ماڻھن کي پڪ ٿي تھ ڌاڙيلن خلاف مھم ضرور شروع ڪئي ويندي ۽ سر چارلس پنھنجي ڳالھھ کي ڳنڍ ٻڌي بيھي ويو آھي تھ نھ رڳو ممبئي ٽائيمس پر ھندستان جي سڀني اخبا، جي وڏي غلطي ھوندي ۽ ان ڪيمرا سڏبو ھو. ھنن پنھنجي طاقت جو وت کان وڌيڪ زور لاتو ھو. پر ”آگرا اخبار“ ۽ ”بامبي جينٽل مينرس گزيٽ“ ھن موقعي تي پاڻ ملھايو ھو ۽ سچ ۽ شرافت جو مظاھرو ڪيو ھو. ھي ڪو پھريون موقعو ڪونھ ھو. ليڪن اھڙو وايو منڊل تھ اڻھين ھوندو ھو پر پوين ٻنھي اخبارن کي جنرل جو لحاظ ھوندو ھو. باقي ٻيون اخبارون زھر اوڳاڇڻ ۾ اڳئين کان بھ اڳريون ھونديون ھيون. انگلينڊ ۾ موجود ماڻھن کي اتي رھندڙ ڪورٽ آف ڊائريڪٽرس جي ڇاڙتن غلط ڳالھيون ٻڌائي پاڻيءَ مان ڪڍي ڇڏيو ھو تھ سر چارلس کي اھا ڪل ئي ڪانھي تھ جبل جي ڌاڙيلن سان جھيڙو ڪھڙي طريقي سان ڳنڍبو آھي. ان کان سواءِ اھو بھ چيو پئي ويو تھ ھن جي فوج بھ ڌاڙيلن سان وڙھڻ ۾ سوڀاري ڪانھ ٿيندي. ٻيو تھ ٺھيو پر ھندستان جي اعلى ۽ تجربيڪار عملدارن بھ چوڻ شروع ڪيو ھو تھ سر چارلس جي اھا فوجي مھم ڪامياب ڪانھ ٿيندي. اھو بھ چوڻ لڳا تھ، سر چارلس کي پنھنجي اڳين فتحن ڪري پاڻتي وڏو ويساھھ آھي. کيس اھا خبر ئي ڪانھي تھ اھي جابلو ڌاڙيل ڪيڏا نھ خطرناڪ ۽ تيز رفتار آھن.“ خود فوج کي بھ بلوچ ڌاڙيلن جو ڀئھ ويٺل ھو جيڪا ھنن ڌاڙيلن سان ٻھ پاڻي ڪرڻ واري ھئي. اھا دلير ۽ بھادر تھ ھئي پر ھر ننڍي ۽ وڏي فوجي عملدار کي ڪاميابيءَ جي پڪ ڪانھ ھئي. سر چارلس بھ ھن موضوع تي ڪونھ ڳالھائيندو ھو. ليڪن پنھنجي ماتحت عملي سان ضرور ويچار ونڊيندو ھو، جيڪي جنگي مھم جي تيارين ۾ ساڻس ھر وقت گڏ رھندا ھئا. وايو منڊل ڪجھھ منڌل ھو، تنھن ڪري سندس اندر کي بھ آٿت ڪونھ ھو. ھو نھايت بھادر انسان ھو. سندس طاقت آڏو ھر شي ڀڄي ڀور ٿي پوندي ھئي. جڏھن ھو ڏسندو ھو تھ عوامي مفادن کي نقصان پھچي رھيو آھي تھ ھو پنھنجي جان کي جوکي ۾ وجھي بھ اھڙي ڪم کي روڪيندو ھو. سندس خيال ھو تھ جيڪڏھن ھن جنگي مھم دوران ھو مري بھ ويو تھ سمجھندو تھ ھي مھم پاڻ ئي تڪميل کي پھچي چڪي آھي. کيس اھا بھ پڪ ھئي تھ ھن جي مرڻ کان پوءِ سندس اھڙو جانشين ڪونھ ھوندو جيڪو ھن مھم کي اڳڀرو ڪري مڪمل ڪندو يا ان کي ممڪن سمجھي ڪامياب ڪندو. ھن سان گڏ پيش قدمي ڪندڙ فوج کي بھ سڀ ڳالھيون ساريون پيون ھيون. ڌاڙيل دشمنن سان مقابلو سخت ھوندو. کين اڳئين جيان اھو ويساھھ بھ ويھي ويو ھو تھ ھن مھم ۾ سوڀ جو آسرو گھٽ آھي ۽ ننڍين ننڍين شڪستن ڪري مايوسي پيدا ٿيندي. پر جيئن تھ ڌاڙيلن وٽ چوپائي مال جا وڏا ڌڻ ھوندا ھئا، تنھن ڪري جيڪڏھن انھن جو پيڇو ڪبو بھ تھ انھن وٽ مھاڏي ڏيڻ جيتري سگھھ ڪانھ ھوندي. تنھن ڪري کين پڪ ھئي تھ گھڻو مال غنيمت ملي ويندو. ھنن جي دلين ۾ اھڙي خواھش سان گڏ جھيڙي ڳنڍڻ وارو جذبو بھ موجود ھو ۽ اھڙي ريت ھو اڳتي وڌندا رھيا.

سر چارلس کي ھڪ ٻي بھ ڳڻتي ھئي، جيڪا سندس جان جنجھوڙي رھي ھئي. کيس ھٽڪٽو لڳل ھو تھ متان شڪارپور ۾ رھيل بنگالي فوج وري نھ بغاوت ڪري وجھي. اھڙي بلوي جو ڪارڻ بي انصافي ھئي جنھن جو اٿندي ازالو ڪيو ويو ھو. ڪرنل موزلي کي نوڪري مان ڪڍي ڇڏڻ ۾، ڪيترن کي ڦاھي تي چاڙھڻ کان پوءِ وايو منڊل ڳڻتي جوڳو ۽ ڳنڀير ھو. تنھنڪري ناراض فوج سان گڏجي دشمن خلاف پيش قدمي ڪرڻ خطري کان خالي ڪانھ ھئي. مناسب اھو ھو تھ بنگالي فوج کي ڏکڻ سنڌ ۾ ممبئي ريجمينٽ کي ھن جنگلي مھم لاءِ موڪليو وڃي ھا پر انھيءَ ڪري ڪجھھ دير ٿي وڃي ھا. بنگالي فوجين کي سزا ڏيڻ ان فوجي جنرل جي توھين ھئي، جنھن ھنن (بنگالي فوجين) سان گڏجي جنگيون وڙھيون ھيون. ھو باغي بنگالي فوجين کي سزا ڏين کان بھ لھرائي رھيو ھو. ڇاڪاڻ تھ کيس خبر ھئي تھ کين گمراھھ ڪيو ويو آھي ۽ ساڻن بي انصافي بھ ٿي آھي. تنھن ڪري ھن کين ھن جنگي مھم ۾ شريڪ ڪرڻ جو خطرو سرتي کنيو ھو. 78 ريجمينٽ کي مٿي آڻڻ جو حڪم بھ امڪاني خدشي کي منھن ڏيڻ لاءِ ھو ۽ توقع ھئي اھا امڪاني خطري کي ضرور منھن ڏئي سگھندي. سندس کليءَ دل جي ھن مظاھري جو ڏاڍو سٺو اثر ٿيو ھو ۽ فوجي ڏاڍا متاثر ٿيا ھئا. 64 بنگال ريجمينٽ ھاڻي تازو بغاوت ڪئي ھئي ۽ سندن اڳواڻن کي ڦاھيءَ چاڙھيو ويو ھو. ان ريجمينٽ کان جھنڊا وغيره کسيا ويا ھئا. پر اھي سر چارلس نيپيئر جي ڪمانڊ ھيٺ وڙھڻ لاءِ تيار ٿي ويا ھئا، ايتري قدر جو اسپتالن ۾ داخل فوجن درخواستون ڏنيون ھيون تھ سر چارلس جي ڪمانڊريءَ ۾ جنگي مھم لاءِ پيش قدمي ڪندڙ فوج سان کين بھ شامل ڪيو وڃي.

ان وقت ممبئي جي ڌر کي اچي ونڌڪو لڳو ھو ۽ اھي ماڻھو ان سنڌ جي باغين کي بغاوت ڪرڻ لاءِ ھشيون ڏئي رھيا آھن جڏھن فوج سنڌ جي حدن کان ٻاھر ھوندي تھ ھنن باغين کي اڃا بھ وڌيڪ ڀڙڪايو ويندو، جيڪو پريشانيءَ جو ٻيو ڪارڻ ھو. ڇاڪاڻ تھ جيڪڏھن جابلو علائقي ۾ فوج ٿوري بھ ناڪام ٿيندي تھ ھو باغين کي بغاوت ڪرڻ جي تلقين ڪندا. مخالفن واسطي جنرل چارلس پنھنجي پراڻي حڪمت عملي اختيار ڪئي ھئي. ان کان ھن کي سواءِ عام ماڻھوءَ جو اعتماد بھ حاصل ھو. ھن لاءِ تڪليفون ڏک ۽ ڏچا تمام گھڻا ھئا پر اھي موسمي تپائلي ڪري ٿيندڙ تباھي کان گھڻو گھٽ ھئا. ان وچڙندڙ بيماري ڪري ھو ڏاڍو ڪمزور ٿي پيو ۽ ڪنھن دشمن کي منھن ڏئي سگھڻ جھڙو ڪونھ رھيو ھو. انھيءَ ڪري کيس اھو ھٽڪٽو لڳل ھوندو ھو تھ متان ڪو دشمن مٿس ڪاھي نھ اچي. ھيءُ دل جو بھادر آھي ۽ اھڙيون روڪون ۽ رنڊڪون تھ رھندو بھ کيس منصبي فرض جي ادائگي لاءِ اتساھينديون آھن. اھو ڪڏھن بھ محسوس ڪونھ ٿيندو ھو تھ ھو ڪنھن وڏي طاقت کان گھٻرائي رھيو آھي. انھيءَ زماني ۾ 78 ريجمينٽ بيماريءَ ۾ مبتلا ٿي وئي ھئي. توبخاني ۽ جاسوسي کاتي جي ماڻھن جي حالت بھ تشويشناڪ ھئي. 13 ريجمينٽ جي رضاڪارن کي بھ لاڙڪاڻي ۾ ترسايو ويو ھو. انھيءَ خوف کان متان ھي بھ موسومي تپائلي جي ور چڙھي نھ وڃن، ان کان سواءِ ھن توبخاني جي يورپي فوجين کي بھ اوڏانھن موڪلي ڇڏيو ھو ۽ اھي بنا گھوڙن ۽ توبن جي روانا ڪيا ويا ھئا. ڇاڪاڻ تھ اھي ماڻھو ايترا ڪمزور ٿي ويا ھئا جو پاڻ سان توبون کڻي وڃي ڪونھ ٿي سگھيا. وايو منڊل ايترو ڳنڀير ٿي ويو ھو جو ھن وٽ ٻھ سو چاڪ چوبند ھٿياربند مس موجود ھئا. ليڪن اھي بھ ڪڏھن بيمار ھئا، جيڪي ھاڻي چڪڻ مان چڙھي وڃي پار پيا آھن. پر ھن قسم جي ڏچن ۽ ڏوجھرن ڪري ھيڻي ڪانھ ٻولي ھئائين ۽ سندس ارادا اٽل ۽ حوصلا بلندا ھئا. انھيءَ وقت کيس ايسٽ اينڊيا ڪمپني طرفان ٻھ يورپي ريجمينٽ ۽ بندي لکنڊ جي ھٿياربند فوج، مدد طور اچي پھتي ھئي جيڪا اڳ ۾ اتر ستلج وٽ موجود ھئي. ان کان پوءِ سر چارلس ھن قسم جو بندوبست ڪيو ھو جيڪو ھيٺ ڏجي ٿو.

ستلج کان آيل فوج کي ھن بکر کان مٿان ۽ سنڌوءَ جي کاٻي ڪناري سان ترسائي ڇڏيو ھو. انھيءَ مقصد سان تھ جيئنءَ ھو ان فوج کي پنھنجي لشڪر جو ساڄو پاسو بڻائي سگھي.

جڏھن تھ اٺ سوار فوج، 13 ريجمينٽ جا رضاڪار، سنڌ گھوڙيسوار فوج، لاڙڪاڻي ۾ ھن ارادي سان ترسائي وئي تھ جيئن ان کي لشڪر جي کاٻي پاسي رکي سگھجي.

اريگيولر گھوڙيسوار دستا، توبخانو، انجنيئر، رسدگاھھ، قلعن ۾ کاٽ ھڻن وارن، 4 ۽ 64 ريجمينٽ تي مشتمل رزرو 69 ڏيھي ريجمينٽ جي حصن کي سکر، شڪارپور ۽ خانڳڙھھ ۾ ترسايو ويو ھو جيڪو ھن جي لشڪر جو مرڪزي حصو ھو.

ولي چانڊيو ۽ احمد خان مگزي (مگسي) قلات جي حڪمران جا رعيتي ھئا پر جابلو ماڻھن سان جھيڙي ۾ انگريزن جا ساٿي ھئا، پر مري شامل ڪونھ ھئا. باقي مٿين ٻنھي قبيلن جا مرين سان سٺا ناتا رابطا ھئا. سر چارلس نيپئر جا بھ مرين سان دوستاڻا تعلقات ھئا. ولي چانڊئي کي مرڪزي حيثيت حاصل ھئي ۽ ان کي لشڪر جي کاٻي پاسي رکيو ويو ھو. پر کيس ھن جنگي مھم جي منصوبي کان واقف ڪونھ ڪيو ويو ھو. اھڙيءَ ريت کيس ٻڌايو ويو ھو تھ جابلو ڌاڙيلن خلاف جنگي مھم گھٽ ۾ گھٽ ھڪ سال لاءِ ڪانھ شروع ڪئي ويندي.

ھن منصوبي مطابق علي مراد کي لشڪر جي ساڄي پاسي رکيو ويو ھو. جنھن کي پڻ فوج ڏيڻ جو چيو ويو ھو. ھن ماڻھوءَ کي ڪا مرڪزي حيثيت حاصل ڪانھ ھئي. پر چنتا ھئي تھ متان فوجي مھم دوران ھو بغاوت جو اعلان نھ ڪري وٺي. ان ڪري ڪئپٽن مئليٽ کي سندس درٻار ۾ پوليٽيڪل ايجنٽ مقرر ڪيو ويو ھو. اھڙيءَ ريت ان ڪئپٽن کي چيو ويو ھو تھ ھن مھم دوران علي مراد سان گڏ ھجي. علي مراد واعدو ڪيو ھو تھ ھو انھيءَ مھم ۾ پنھنجا پنج ھزار ماڻھو ڏيندي. ليڪن ڏنا فقط ٻھ ھزار ماڻھو ھئائين.

انگريزن جي گھوڙيسوار فوج ۾ سنڌ مغل 6 – اريگيولر، 9 – اريگيولر ۽ بنديل کنڊ ليجن جا گھوڙيسوار شامل ھئا جن جو تعداد ٻھ ھزار ھو.

پيادل فوج ۾ ايسٽ انڊيا ڪمپني جي 2 ريجمينٽ، ٻھ بٽالين ڏيھي، بنديل کنڊ ليجن جي پيادل، اٺ سوار فوجي دستا ھئا. انھن جو ڪل تعداد ٻھ ھزار پنج سو ھو. ان کان سواءِ يارھن سون تي مشتمل پيادل فوج ھئي جيڪا بيماريءَ مان تازي چاڪ ٿي ھئي ۽ فوجي چوڪين جي گھوڙيسوارن کي شڪارپور ۽ رڻ پٽ واري سرحدي بچاءَ لاءِ اتي ئي رکيو ويو ھو. ان فوج کي اتي بيھارڻ جو ٻيو مقصد اھو بھ ھو تھ جنگي سرگرمين جي شروع ٿيڻ کان پوءِ متان ڌاڙيل شڪارپور ۽ رڻ پٽ جي وچ وارو رستو ڏئي پٺيان ڦري جوابي حملو نھ ڪن.

قلعن تي گھيري رکڻ جي مقصد سان ايڪيھھ توبون ھيون جن مان تيرھن مارٽرس يا ھائوزر ھيون. توبخانو سورھن توبن تي مشمل ھو جن مان نو ھائوزرس جابلو علائقن ۾ توبزني ڪرڻ لاءِ خاص توبون ٽي ھيون جيڪي سڪس پائونڊس ھيون.

افغان جنگ دوران ھنن ڌاڙيل قبيلن تي حملو ضرور ڪيو ويو ھو جيڪو ناڪام ثابت ٿيو ھو. انھيءَ دور ۾ مذڪوره قبيلا انگريز فوج سان حليف ھئا. پر ھن وقت اھي قلات افغانستان ۽ پنجاب ڏانھن لڙيل آھن. تنھن ڪري مڪمل فتح جو آسرو گھٽ آھي. پر مٿن جيڪڏھن اوچتو حملو ڪبو تھ حالتون تبديل ٿي سگھن ٿيون. جيڪڏھن مٿن اوچتو حملو نھ ڪبو تھ ھڪ وڏي جنگ شروع ٿي سگھي ٿي ۽ جيڪڏھن ائين ٿيو تھ انھن ڌاڙيلن جو پيڇو ڪري سندن جابلو جوءِ تائين پھچي ڪونھ سگھبو. اھا ھڪ وڏي رنڊڪ آھي پر انھيءَ کي ممبئي واري ڌر اجايو اينگھائي ۽ وڌائي پيش ڪيو آھي. ھيٺ English leader journal جا اقتباس ڏئي رھيو آھيان، جن جو واسطو جنگي سرگرمين سان آھي. ھنن مان چڱيءَ ريت ڄاڻ ملي سگھي ٿي تھ ھن ڪيتريءَ ايمانداريءَ ۽ سچائيءَ سان ھن موضوع بابت سوچيو ۽ سمجھيو آھي. ان سان گڏ اھا بھ معلومات ملي وڃي ٿي تھ کيس ممبئي واري ڌر کان بھ وڌيڪ معلومات آھي جنھن جو چوڻ آھي تھ سر چارلس کي انھن جابلو قبيلن ۽ پيداواري ذريعن جي ڪا ڄاڻ ڪانھ آھي. اھڙن ماڻھن اڳڪٿي ڪئي آھي تھ سر چارلس جي فوج ڪشي نھ بھ وئي تھ بک ۾ مري ناس ضرور ٿي ويندي.

ھنن نيم وحشي جابلو ڌاڙيلن تي حملي ڪرڻ جو اصول ھن ڳالھھ جي خلاف آھي تھ عوامي قوت پاڻ سان شامل ڪيو. دشمن کي ورھايو. پر ھتي سڀني جابلو ڌاڙيلن کي ھڪ ئي وقت ڀڄائڻ آھي. ھن جنگ جو اھم اصول انھن سان جنگ ڪرڻ کان پاسو ۽ مٿن اوچتو وڃي حملو ڪرڻ آھي. ان جي نتيجي ۾ ھو جوابي حملو ڪندا ۽ بچاءَ واري جنگ شروع ڪندا. سڀ تاريخون ھن حقيقت ڏانھن اشارو ڪن ٿيون تھ مختلف قبيلن يا قومن پوءِ اھي نيم وحشي ھجن يا مھذب، گڏيل دشمن جي حملي دوران پنھنجا ويڇا وساري مڙي مٺِ ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي آھي. پر ڪڇي واري جابلو علائقي جا ماڻھو انگريزن جي حملي دوران پنھنجون دشمنيون وساري متحد ٿي ڪونھ سگھندا، ڇاڪاڻ تھ ھر قبيلو ٻئي خلاف ذاتي مفادن ڪري ڪات ڪھاڙا کنيون بيٺو آھي. ٻي ڳالھھ اھا بھ آھي تھ ھنن وٽ بيشمار چوپايو مال آھي. انھن لاءِ موثر جنگي سرگرمي اھا ھوندي تھ انھن کي اھڙن علائقن ڏانھن ڊوڙائي ڪڍي ڇڏبو جتي پاڻي جي اڻ ھوند ھوندي. تنھن ڪري اھڙا جابلو ماڻھو اسان کي بک مارڻ کان اڳ پاڻ ئي بک مري ناس ٿي ويندا. پر اسان جي فوج انھن ماڻھن کي ڦري لٽي دلير بڻجي ويندي. جيڪڏھن ھنن کان چوپايو مال ڦريو تھ وٽن ڪجھھ بھ ڪونھ رھندو. اھڙي ريت اسان کي کاڌ خوراڪ بھ ملي تھ پاڻي بھ ميسر ٿي ويندو. پاڻي تھ گھڻو ھٿ اچي ڪونھ سگھندو، پر ايترو ضرور ملندو جنھن سان جنگي مھم دوران زندھھ رھي سگھجي. ھي قبيلا عام ماڻھو بھ ھوندا آھن تھ فوجي بھ ھوندا آھن. جڏھن ھو ڌاڙن ھڻڻ لاءِ ڪيڏانھن نڪرندا آھن تھ ھنن سان سارو خاندان ۽ گھر جو مال مڏي بھ ساڻ ھوندي آھي جڏھن قبائلي بلوچ سنڌ ۾ ڌاڙا ھڻندا آھن تھ واردات ڪرڻ کان پوءِ ھو پنھنجي مدرين ۽ تيز رفتار گھوڙين تي چڙھي واچ مينھن ڪونھ ٿي ويندا آھن، بلڪ آبادين وچان سفر ڪري اڳتي وڌندا آھن. کين کاڌ خوراڪ ۽ پاڻيءَ جي ايتري ڏکيائي ھوندي آھي جيتري جابلو علائقي ۾ انگريزن جي فوج لاءِ ھوندي آھي.

اھڙي ريت کيس پڪ ھئي تھ ڌيان گيان ۽ تحمل ۽ ڌيرج سان ڏونگر جي ڏکيائين کي منھن ڏئي سگھي ٿو جن تي جابلو ماڻھو جو ڏڍ ھو ۽ جڏھن ھو مٿن ھلان ڪري وڃي پھچندو تھ ھنن جون متيون منجھي وينديون ۽ جنھن تيز رفتاريءَ تي کين ھٺ ۽ گھمنڊ آھي سا سندن ڪنھن ڪم جي ڪانھ رھندي. انھن ڳالھين ھوندي بھ ھڪ ڏچو اڃا بھ موجود آھي جنھن جو اشارو مٿي بھ ڪيو ويو آھي ۽ اھو ڏچو ساري فوجي سرگرميءَ دوران پريشان ڪندو رھندو. جڏھن انگريز جي فوج جو مٿن دٻاءُ پوندو ۽ سندن بچڻ جون سڀ واھون بند ٿي وينديون تھ ھو ڇتا ٿي پوندا. ان کان پوءِ پنھنجن زالن ۽ ٻارن جا سر ڌڙن کان ڌار ڪري سڀئي اوکا پوکا پلي پوءِ انگريزن جي فوج مٿان حملا ڪندا جيڪا مختلف حصن ۾ ورھايل آھي. تنھن ڪري اھڙن ڏکوئيندڙ واقعن کان لنوائڻ لاءِ نھايت خبرداري کان ڪم وٺڻو پوندو. ان لاءِ فوج جي ھر حصي کي مڪمل طور ھٿياربند ڪرڻو پوندو. کين منع ڪئي ويندي تھ دشمن ڏانھن وڌڻ کان اڳ انھن فوجي دستا روانا نھ ڪن. پر معلومات لاءِ ڪڏھن ناڪابندي کان ڪم وٺن. ان کان سواءِ جاسوس بھ موڪليا وڃن تھ گھڻي تعداد ۾ دشمن ڪھڙي جڳھھ تي موجود آھي. جيڪڏھن ڌاڙيل ٿوري تعداد ۾ ھوندا تھ رات يا ڏينھن جو پيش قدمي ڪندڙ فوج جي قطارن ۾ موجود وڏي وٿيءَ مان نڪري ڪيڏانھن بھ وڃي سگھن ٿا ۽ اسان لاءِ مٿي جو سور بڻجي سگھن ٿا. پر جيڪڏھن ڌاڙيلن جو تعداد وڏو آھي تھ پوءِ ائين ڪري ڪونھ سگھندا. ان ڪري تصور اھڙو ڪرڻو آھي تھ اسان جي آڏو ڪيترن ئي قسمن جون مشڪلاتون اچي سگھن ٿيون. اھو ئي ڪارڻ آھي جو سر چارلس نيپئر فوجي سرگرمين سان لاڳاپيل ۽ مختصر منصوبو جوڙي ورتو آھي.

سڀني مردن عورتن، ٻارن ۽ سندن چوپائي مال کي ھڪ ئي وقت ڌڪڻو پوندو. ائين ٿيڻ ڪري جدا بھ گذرندا پير چارا جڙي پوندو جيڪي اسان جي رھبري ڪندا. اھڙيءَ ريت اسان ھنن جي کاڌ خوراڪ ۽ پاڻي بند ڪري سگھنداسون. اھڙيءَ صورتحال ۾ ھو چيڙاڪ ٿي پوندا ۽ ھڪ ٻئي تي تلوارون اڀيون ڪندا. ان جو نتيجو اھو نڪرندو تھ يا تھ ھو جنگ لاءِ تيار ٿي ويندا يا پيش پوندا. جيڪڏھن جنگ ميدان کليل آھي ھو انگريز فوج آڏو ڪڏھن بھ بيھي ڪونھ سگھندا. ويڙھاڪن جو تعداد وڌ ۾ وڌ ارڙھن يا ويھھ ھزار ھوندو ۽ مھاڏي ڏيڻ لاءِ پنج يا ڇھھ ھزار مس ھوندا. تنھن ڪري جھيڙي جي نتيجي لاءِ ڪنھن بھ شڪ شبھي جي تھ گنجائش ئي ڪانھ آھي. جڏھن ٻار ۽ عورتون جنگي ميدان ڀرسان ھونديون تھ مان جنگ ڪرڻ جو حڪم ڪونھ ڏيندس. ڇاڪاڻ تھ ائين ڪرڻ سان اھي زندگيون اجايو تلف ٿي وينديون.

ھي ڪا اتفاقي جنگي ڪارروائي ڪانھ ھوندي پر سوچيل سمجھيل ھوندي ۽ ڊگھي جابلو سلسلي جي لڪن ۽ گھٽن کي گھاڙي فوج کي ويھاري ڇڏبو ۽ ڪارروائي ھڪ ئي وقت شروع ڪئي ويندي. تنھن ڪري فوج جي تعداد جو اڳئي تعين ڪيو ويو آھي. اھي گھٽ ۽ لڪ ڏاڍا سگھارا آھن ۽ توقع آھي تھ ھي ڌاڙيل پنھنجو بچاءُ بھ ھنن جابلو لڪن وسيلي ائين ڪندا جيئن اڳي ڪندا آيا آھن. اھو ئي ڪارڻ آھي جو توبخاني کي مارٽرن ۽ ھائوزر سان منظم ڪيو ويو آھي. انھيءَ طريقي سان اسان توڙيدار بندوقبازن کي جابلو چوٽين تان ھيٺ لاھي سگھنداسون. ڇاڪاڻ تھ توب جو گولو توڙيدار بندوق جي گوليءَ کان پري پنڌ تائين مار ڪري سگھي ٿو. جيڪڏھن اسان پري مار ڪرڻ وارو جنگي طريقو ڪتب آڻينداسون تھ اسان جي فوج جو نقصان ڪونھ ٿيندو. ساڳيءَ ريت ھي ڇتا ڌاڙيل پنھنجي زالن ۽ ٻارن کي قتل ڪرڻ لاءِ مجبور ڪونھ ٿيندا. جيڪڏھن ان ۾ ٿوري بھ غلطي ڪئي وئي ان جا ڏاڍا خراب نتيجا نڪري سگھن ٿا. تنھن ڪري ھر ذريعي کي ڪتب آندو ويو آھي جيڪو ھڪ بھادر ۽ عقلمند انسان کي استعمال ڪرڻ گھرجي.

ھي منصوبو ڊسمبر جي وچ ڌاران بڪل ٿي ويندو. ان وقت قلات جو خان پنھنجي فوج سان گڏ ڦلجي ۾ موجود رھندو. اھڙيءَ ريت انگريز فوج جي ساڄي ۽ کاٻي پاسي ھتان جا ڏيھي حڪمران ھوندا. پر جيڪڏھن انگريز فوج شڪست کاڌي تھ ان کي تباھھ بھ اھي ٻئي حڪمران ڪندا. اھو بھ امڪان آھي تھ ھار جي صورت ۾ انگريزن فوج کي کڻي تباھھ نھ بھ ڪن پر پوئتي ڀاڄ ڪرڻ ۾ دير اصل ڪونھ ڪندا.

سر چارلس کي ھٽڪٽو آھي تھ لشڪر جي ساڄي پاسي ضرور شرارت ٿيندي. پر اھڙين ڳالھين کي منھن ڏيڻ لاءِ ڪئپٽن مئليٽ کي مقرر ڪيو ويو آھي. جيڪو مير علي مراد جي درٻار ۾ پوليٽيڪل ايجنٽ مقرر آھي پر وڌيڪ ڀروسو مسٽر ڪرلنگ تي آھي. جيڪو ھڪ بھادر انسان آھي. ھي مير جو سڱيڻو مائٽ آھي ۽ سندس ملازم بھ رھيو آھي ۽ اھو ماڻھو مير علي مراد جي فوج جو ڪمانڊر آھي. انھيءَ جابلو علائقي ۾ تحفظ بھ ھڪ اھم مسئلو آھي. ان ڪري سر چارلس، علي مراد کي سوئرن جي شڪار جي موڪل ڏئي ڇڏي آھي تھ جڏھن جو آزاد طريقي سان جھنگلي سوئر جو پيڇو ڪندو تھ ھو تمام گھڻو اڳتي نڪري ويندو انھيءَ وسيلي سندس اصلي نيت ۽ ارادي جو چڱيءَ ريت پتو پئجي سگھندو. ھي مير خوش مزاج ۽ ٽھڪڻو ۽ ڦھڪڻو ماڻھو تھ ھو، پر ايڏو عقلمند ڪونھ ھو جيڏو کيس پھريائين سمجھيو پئي ويو. اھڙيءَ ريت دغا بازي بھ لڪل ڪانھ ھئي. جڏھن سر ھينري ھارڊنج پھريون ڀيرو ھندستان آيو ھو تھ ھن پنھنجي طرفان وڪيل موڪلي شڪايتون ڪيون ھيون. ڇاڪاڻ تھ کيس پڪ ھئي تھ ھو لارڊ ايلنبرو جي مقرر ڪيل ھر شيءِ کي ڊانوا ڊول ڪري ڇڏيندو جيڪي ڳالھيون مشرق جي ملڪن ۾ عام آھن. اھي ساڳيون شڪايتون جڏھن سر چارلس ڏانھن موڪليون ويون ھيون ۽ سندس وڪيل کي وڃڻ جي اجازت ڏني ھئي تھ علي مراد ڏاڍو ڊڄي ويو ھو. سر چارلس مير سان ان وقت وڃي مليو جڏھن ھو سوئر جو پيڇو ڪري رھيو ھو. احوالن جي ڏي وٺ کان پوءِ کين معلوم ٿيو تھ علي مراد باغي يا اندر ۾ ڪارو نھ پر ڏاڍو ڊڄڻو آھي.

لشڪر جي کاٻي پاسي امڪاني غداري کي روڪڻ لاءِ نھايت عقلمنديءَ سان بندوبست ڪيو ويو ھو. قلات جو خان ڦلجي ڏانھن پيش قدمي ڪري رھيو ھو. تنھن جي چرپر تي تکي تاڙ رکي ٿي وئي. کيس اھڙي ريت گھاڙيو ٿي ويو ڄڻ ان جا بجار سان ڳجھا ناتا ھجن. سر چارلس جي خواھش ھئي تھ خان کي پري صفا ڏکڻ ھجڻ گھرجي انھيءَ لاءِ تھ جيئن ڌاڙيلن جي وڏي سردار بجار سان سولو رابطو پيدا ٿي نھ سگھي ۽ سوچيل سمجھيل منصوبو ناڪام نھ ٿي وڃي. تنھن ڪري ھن اھڙي ڳالھھ سوچي قلات جي خان ڏانھن خط لکيو تھ ٻنھي ڌرين وچ ۾ ملاقات گنداوا ۾ ٿيڻ گھرجي جيڪا اڳي ڍاڍر ۾ منعقد ڪرڻ جو سوچيو ويو ھو. اھڙيءَ تبديليءَ جو ڪارڻ اھو ٻڌايو ويو ھو تھ جنرل سر چارلس ھاڻي ٻڍڙو ٿي ويو آھي. ان کان سواءِ ڪمزور بھ آھي، تنھن ڪري کيس ايڏي وڏي سفر جي تڪليف کان بچايو وڃي. خط ۾ اھو بھ لکيو ويو ھو تھ سندس فوج موسمي بيماري کان ھاڻي چڙھي آھي ۽ اھا بھ ڏٻري ۽ ايتري ڊگھي سفر ڪرڻ جھڙي ڪانھ آھي. ٻي فوج بيماري ڪري مري رھي آھي. جنھن ڪري جابلو ڌاڙيلن خلاف ھن سال ڪنھن بھ جنگي ڪاروائيءَ ۾ حصو وٺي ڪونھ سگھندس. پر انھيءَ مقصد کي پوري ڪرڻ لاءِ فقط ولي چانڊئي ۽ علي مراد کي روانو ڪيو ويندو ۽ سر چارلس ان ۾ حصو وٺي ڪونھ سگھندو.

اھو خط منشي علي اڪبر کڻي ويو ھو. کيس تاڪيد ڪيو ويو ھو تھ يا تھ کيس اڃا بھ ڏکڻ پاسي ھٽي گنداوا ڏانھن پيش قدمي ڪري يا کيس مجبور ڪيو وڃي تھ سندس اصل ارادو ڪھڙو آھي. اھا بھ پڪ ھئي خان ڏانھن لکيل خط ۾ تحرير ٿيل حقيقتون ضرور سندس سردار بيجار کي ٻڌائيندا تھ سر چارلس جھونو ۽ ڪمزور ٿي ويو آھي، تنھن ڪري ھو ڌاڙيلن خلاف جنگي مھم لاءِ تيار ڪونھ آھي. اھڙيون ڳالھيون بجار کي گمراھھ ڪرڻ لاءِ لکيون ويون ھيون. قلات جي خان ڏانھن لکيل خط جھڙو ٻيو خط ھڪ جدا رستي سان بھ موڪليو ويو ھو. انھيءَ مقصد سان تھ جيئن اھو بجار کي ھٿ اچي وڃي. جڏھن قلات جي خان جي درٻار ۾ ويٺل سندس دوست کيس اھي ساڳيون ڳالھيون ٻڌائيندي جيڪي کيس اتفاقي ھٿ لڳل خط ۾ لکيل آھن تھ اھڙين ڳالھين تي اکيون ٻوٽي اعتبار ڪري ويندو ۽ سمجھندو تھ جنگي مھم لاءِ سکر ۾ ٺاھيل منصوبي واريون ھليل ڳالھيون ڪوڙيون آھن. تنھن ڪري ھو مذڪور جنگي مھم خلاف پنھنجون تياريون ڪونھ ڪندو.

منشي علي اڪبر تي ڪم اھو رکيو ويو ھو تھ جيڪڏھن قلات جو خان سر چارلس سان ملاقات ڪرڻ نھ ٿو چاھي تھ ان جو ڪارڻ معلوم ڪري ۽ ڳجھھ ڳوھھ ۾ خان جي انھن سردارن کان پڇي تھ خان جا اصل ارادا ڪھڙا آھن جن جي ھٿن ۾ ھو گڏيءَ جيان کيڏي رھيو آھي. ھنن سردارن جي انگريز سرڪار خلاف دشمني ڍڪيل ڇپيل ڪانھ ھئي. ڇاڪاڻ تھ ھاڻي تازو ھنن سردارن، خان کي چيو ھو تھ ھو ولي چانڊيئي کي انگريزن خلاف بغاوت ڪرڻ لاءِ مجبور ڪري. تنھن کي چانڊين جي ھن جھونڙي سردار کيس وراڻيو ھو تھ ھن سر چارلس سان وفادار رھڻ جو قسم کنيو آھي. تنھن ڪري ھو ان انگريز سردار خلاف پنھنجي تلوار مياڻ مان ڪونھ ڪڍندو. ان کان جلد ئي پوءِ منشي علي اڪبر قلات جي خان سان ھڪ خانگي ملاقات ڪري ورتي ھئي. جيڪو اھڙن معاملن ۾ ڏاڍو ذھين ۽ ڦڙت ھو. اھڙيءَ ريت منشي کي معلوم ٿي ويو ھو تھ خان جي درٻار ۾ وڏن سردارن جون ٻھ ڌريون آھن. پر طاقتور سردار جي ڌر انگريز دشمن آھي. ٻيءَ ڌر تي بھ خان جو اعتماد آھي جيڪا کيس صلاحون مشورا ڏئي رھي آھي تھ ھيءُ انگريزن سان اتحاد ٽوڙڻ جو مناسب وقت ڪونھ آھي. ان کان سواءِ کيس اھا بھ صلاح ڏيندا ھئا تھ ھو اڃا ننڍو ٻار آھي تنھن ڪري کيس پنھنجي حڪمت عمليءَ جو کليو اظھار نھ ڪرڻ گھرجي ۽ چيو ھئائوس تھ بجار ڌاڙيلن کي سٽيل حملو ضرور ٿيڻ گھرجي. جڏھن تھ ھن حڪمران جي درٻار جي ٻي طاقتور ڌر ڌاڙيل بيجار جي فائدي ۾ ھئي جنھن کان اوڙي پاڙي جا سڀ ماڻھو ڊڄي رھيا ھئا. جنرل سر چارلس کي انھن ٻنھي ڌرين وچ ۾ دوستاڻن تعلقاتن جو شڪ ھو. درٻار جي ان ڌر جي اھم سردار کي انگريزءَ ۾ Devils psther سڏيندو ھو. انھيءَ زماني ۾ انگريزن ۾ ڏيھي ماڻھن جو خيال ھو تھ بجار انگريزن جي آڻ ڪونھ مڃيندو. تنھن ڪري سرڪاري جاسوس ۽ سنڌي ماڻھو ڊڄ کان اھو ٻڌائي ڪونھ سگھندا ھئا تھ جنھن علائقي ۾ ھو رھي ٿو ان جي صورتحال ڪھڙو آھي ۽ سندس چرپر ڪھڙي آھي.

قلات جي خان خانگي طور سر چارلس سان ملاقات نھ ڪرڻ جا ڪجھھ ڪارڻ ٻڌايا ھئا جيڪي حتمي ھئا. ڇاڪاڻ تھ سندس درٻار جي اھم سردار وارو ڌڙو کيس ائين ڪرڻ لاءِ زور ڀري رھيو ھو. ٻيو سبب اھو ھو تھ قنڌار جي حڪمرانن جي بھ اھائي مرضي ھئي. ھنن ماڻھن سر چارلس کي سمجھايو ھو تھ جيڪڏھن فوجي سرگرمين دوران ڪٿي بھ ناڪام ويو تھ ڪڇيءَ جي جابلو علائقي جا ماڻھو ڪجڪ قبيلي وارا، قلات، سبي، بولان لڪ وارا ماڻھو ۽ افغانستان جي قنڌار علائقي جا قبائلي سردار تيز طوفاني رفتار سان اچي مٿس ڪڙڪندا. قنڌار جو سردار ڪنھن بھاني جي اوسيئڙي ويٺو ھو تھ من ڪو اھڙو سبب ملي پوي ۽ فرنگيءَ سان ملاقات ٿئي تھ ھو پنھنجي فوج سان اڳتي وڌي قلات واري ملڪ تي حملو ڪري شال واري علائقي کي ڦري لٽي ڀينگ ڪري ڇڏي جيڪو قلات جي اولھھ پاسي ھو. جڏھن تھ بجار ڪڇ ۽ گنداوا واري علائقي کان محروم ڪري ڇڏيو ھو. ڇاڪاڻ تھ ان کي ڀيلي ڀينگ ڪري ڇڏيو ھئائين.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 41 42 43 44 45

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org