سيڪشن: تاريخ

ڪتاب: سنڌ جي انتظامي تاريخ

باب:

صفحو: 19

جيڪڏھن دشمن مرو جي ميداني علائقي وسيلي ديراھھ تي حملو ڪيو تھ جنرل چارلس جو فوجي عالم پھريائين، تسو کان ٿيندو ديراھھ پھچندو ۽ انھن ماڻھن کان وڌيڪ تيز رفتاريءَ سان اڳتي وڌندو، جن سان چوپائي مال جا ڌڻ، زالون ۽ ٻار ٻچا گڏ آھن. ھيءُ لڪ ھيٺ مٿي ۽ ھڪ جابلو علائقي مان گذري رھيو ھو ۽ ان جو رستو جيڪو مروءَ واري پٽ جو پاسو ديراھھ ڏانھن ويندو ھو، سو بھ بند ٿي سگھيو پئي. جيڪڏھن ھي جابلو ماڻھو پھريائين ديراھھ واري پٽ ۾ پھچندا، تھ انگريزن جي گڏيل فوج جو شڪار بڻجي ويندا ۽ لڪن منجھان اڪر پار ٿيڻ سان ھنن مٿان حملو ٿي ويندو. ٻيءَ حالت ۾ ٽرمپ واري جوءِ ۾ ھنٽر جي فوج جي مدد جي ضرورت پوندي. ھن عملدار روز ڪوشتا ۾ ھڪ ڏينھن جي منزل ڪئي ھئي. اھڙي ريت فوجي جوڙجڪ جو مقصد تھ ڊانوانڊول ٿي ويو ھو، پر ان نتيجو خراب ڪونھ نڪتو ھو. ڇاڪاڻ تھ دشمن ڪنھن بھ قسم جي فوجي سرگرمي ڪانھ ڏيکاري ھئي جنھن جي خلاف جوابي ڪارروائي ڪري سگھجي ھا.

ديراھھ ۾ فوجي ھيڊ ڪوارٽر 23 تاريخ تائين پھچي چڪو ھو، جيڪو اھڙي مشڪل علائقي مان گذريو ھو جتي رسدگاھھ جا ماڻھو فوج جي لاءِ آزار بڻجي ويا ھئا. جن سان گڏ تمام گھڻو سامان ھو. ديراھھ جو ماڳ سکي ستابي ۽ سائي ڍائيءَ جوءِ ۾ واقع ھو، انھيءَ رت ۾ ڪا پولي راھي تھ ڪانھ ھئي. پر انھيءَ وچان پاڻيءَ جو ھڪ وڏو وھڪرو وھي رھيو ھو. ھيڊ ڪوارٽر ڪجھھ وقت لاءِ اتي منزل ڪئي ھئي، جنھن دوران مرين طرفان موڪليل وڪيل واچي پھتا ھئا. جيڪي سر چارلس جو سلام ڪرڻ آيا ھئا. ھن قبيلي سان اڳي تھ سٺا رابطا ھئا پر سندن ھاڻوڪو رويو ڪنھن شڪ کان خالي ڪونھ ھو.

ھنٽر پنھنجي فوج جي ڪالم سان تاريخ 25 تي وڃي جمڪ پھتو ھو. اھڙي ريت فوج جي نئين ترتيب مطابق جوڙجڪ ڪيو ويو ھو.

جيڪڏھن دشمن فوج بيٽسن کي مجبور ڪندي تھ اھو مليل ھدايتن مطابق اڳتي سرڪي لوٽيءَ وٽ وڃي، علي مراد جي فوج سان گڏجي منزل ڪندو. ھن ماڳ تي ويٺل اھا گڏيل فوج دشمن جي چرپر تي چڱي نظر رکي سگھندي. ان کان پوءِ جلد ئي ديراھھ واري مکيھ فوج بھ ھتي اچي پھچندي، جنھن کي فقط پندرھن ميلن واري منزل ڪرڻي ھئي ۽ گڏيل فوج جو ھڪ پاسو بڻجي ويندي. ھنٽر بھ جمڪ کان اڳتي وڌي لوٽيءَ واري گڏيل فوج جي مدد ڪري سگھندو. جيڪڏھن بيجار بيٽسن کي ڊوڙائي ڪڍڻ کان پوءِ، لوٽيءَ تي حملي ڪرڻ بدران ديراھھ تي ڪاھي وڃي ٿو تھ ان جنگي محاذ تي جنرل چارلس جو ڪالم کيس مھاڏي ڏيڻ لاءِ تيار ويٺو ھو. انھيءَ حالت ۾ بيٽسن ۽ علي مراد جون فوجون بيجار خان جي پٺيان انھن سڀني لڪن تي قبضو ڪري وٺنديون، جن وچان لنگھي ھو ديراھھ پھتو ھوندو. جيڪڏھن ھو مرو وارو پٽ لتاڙي اتر طرف وڌندو تھ کيس ڪنھن بھ قسم جو فائدو ڪونھ پوندو. ڇاڪاڻ تھ ان کي سنگسيلا واري گھاري وٺي وڃڻ کان سواءِ ڪو ٻيو رستو ڪونھ ملندو، جيڪو وٺي وڃي تومب پھچندو جتي انگريزي فوج جا گھوڙيسوا دستا بيٺا ھوندا، جيڪي بندوقن جي گولين سان سندس آجيان ڪندا. تومب وٽ بيٺل گھوڙيسوارن کي جمڪ وٽان ڏاڍي سولائي سان فوجي مدد ملي سگھندي. جيڪو ھن ماڳ کان رڳو تيرھن ميل پري آھي. ديراھھ جي فوجي واھن ۾ ويھھ ڪانھ پوندي ڇاڪاڻ تھ اھو بھ گھڻو پري ڪونھ آھي. پر ھڪ ڏکيائي موجود ھئي. سر چارلس ھن کان ٻھ ڀيرا اڳ بيجار کي پنھنجي فوج اڳيان گذرڻ ڏنو ھو ۽ مٿس حملو ڪونھ ڪيو ھئائين. ڇاڪاڻ تھ ھن سان ان وقت گڏ ٻن ٽن قبيلن جا ٻار ٻچا زالون ھيون. جيڪڏھن مٿس حملو ڪيو وڃي ھا تھ بيجار خان جوابي حملي ڪرڻ کان اڳ سڀني زالن ۽ ٻارن ٻچن کي قتل ڪري ڇڏي ھئا، ھن جي سڀني فوجي سرگرمين مٿس اھڙو احساس غالب آھي. کيس ديراھھ واري جوءِ ۾ داخل ٿيڻ ھڪ دکدائڪ تجربو ٿيو ھو. ڇاڪاڻ تھ سندس فوج جڏھن اتي پھتي تھ رھندڙ بلوچ قبيلن اوپري لشڪر تي نظر پوڻ سان وٺي جو وھايا ھئا ۽ پنھنجون زالون ۽ ٻار ٻچا ويرانيءَ ۾ نڌڻڪا ڇڏي ھليا ويا ھئا. جڏھن سر چارلس نيپئر پھتو تھ انھن جو بک ۽ اڃ کان باقي لڪيءَ ۾ ساھھ ھو. ھنن جي سار سنڀال بھ انگريزن جي فوج ڪئي ھئي. گھڻي وقت کان پوءِ بھ سندن ڪو ڌڻي سائين پيدا ڪونھ ٿيو. تنھن ڪري قتل ڪري منجھائن جان ڇڏايائون. ھن واقعي مان ئي سولائيءَ سان سمجھي سگھجي ٿو تھ اھي قبيلا احساسن ۾ اوڻا پوڻا ۽ ظالم ھئا. اھو ئي ڪارڻ آھي جو ھيءُ انگريز ڪمانڊر ھنن سان جنگ ڪرڻ کان لنوائيندو رھندو ھو. سندن خواھش ھوندي ھئي تھ کين چوطرف گھيرو ڪجي جنھن ڪري ھنن کي کاڌو پيتو ملي ڪونھ سگھندو ۽ پيش پوڻ کان سواءِ ھنن لاءِ ڪو ٻيو گس ڪونھ ھوندو. تنھن ڪري سندن زالون ۽ ٻار ٻچا قتل ٿيڻ کان بچي ويندا. ان ھوندي بھ ھن پنھنجي فتح تان ھٿ ڪونھ کنيو ھو ۽ سوچي رھيو ھو تھ فتح حاصل ڪرڻ لاءِ کيس ڪھڙو مناسب قدم کڻڻو آھي.

ھاڻي تازو اھي بلوچ قبيلا گجرو وارن لڪن مان گھيلي مرو پٽ جي اتر ۾ واقع پاتر پاٽ واريءَ جوءِ ۾ پھتا ھئا جيڪو کيتران جي سرحد کان ويجھو ھو. پر ھنن جي مقابلي لاءِ تروڪي مان فوج ڪڍڻ مناسب ڪونھ ٿي لڳو. جڏھن تھ ھي ماڳ بلوچ قبيلن جي منزل کان پري ڪونھ ھو جنھن بابت ھن کان سواءِ ڪا ٻي معلومات ڪانھ ملي ھئي تھ اھو ماڳ پري ڪونھ آھي ۽ جابلو جوءِ آھي جتان کان ھڪ سوڙھي کاھي اتر طرف ويندي آھي ۽ ديراھھ کان ٿيندي مروءَ جي ميداني علائقي جو رخ ڪندي آھي. بلوچ قبيلا ھن ماڳ وٽ منزل ڪري ويھي رھيا آھن. جنھن مان معلوم ٿئي ٿو تھ کيتران وارن کين اچڻ کا روڪي ڇڏيو آھي. ان کان سواءِ ھنن کي سک حڪمران جي حدن اندر داخل ٿيڻ جي بھ موڪل ڪانھ ملي آھي. تنھن ڪري لاچار کين انگريزن جي جنگي سرگرمين کي ضرور منھن ڏيڻو پوندو. موجوده حالتن تي سوچي ويچاري فوجي جوڙجڪ ۾ تبديليون ڪيون ويون ھيون. سر چارلس نيپئر پڪو پھھ ڪيو ھو تھ بيٽسن کي مرڪز کان ساڄي پاسي رکيو وڃي. ان کان پوءِ کيس چيو ويندو تھ ھو پنھنجي کاٻي تي مرڪزي لشڪر کي ڦري اچي. ڪجھھ وقت اڳ ھن پنھنجي ساڄي پاسي چڪر ڏئي مرڪزي حصي کي ڦيرو ڏنو ھو. جيڪڏھن حالتن جي تقاضا آھي تھ ھو ڌاڙريلن جي پاسي کان ڪڙو چاڙھي وٺي. ھو ائين ڪرڻ جي لاءِ فوجي ڪنواءِ جي اوسيئڙي ۾ واٽن ۾ اکيون وجھي ويھي رھيو ھو، جيڪو ڀاڙي وارن اٺن جي نھ ھجڻ ڪري ڏاڍو آھستي سفر ڪري رھيو ھو. ڪجھھ وقت اڳ جت پنھنجا اٺ ڪاھي ھليا ويا ھئا تنھن ڪري بارگير وھٽن اڃا پورائو ٿي ڪونھ سگھيو ھو. ان کان سواءِ فوج ڪافي عرصي کان وٺي اڌ راشن تي گذارو ڪري رھي ھئي.

28 تاريخ تي نئين فوجي پيش قدمي جي تياري ٿي رھي ھئي. پر سر چارلس کي ڳجھو اطلاع مليو، تھ بلوچن لاءِ تروڪي وارو دڳ بند آھي جيڪو اتر – اولھھ طرف ويندو آھي پر جبلن وچان ڪونھ گذرندو آھي، جنھن بابت اڳ ۾ بھ اشارو ڏنو ويو آھي. ان ڪري کيس پڪو آسرو ھو تھ ڪڏھن نھ ڪڏھن اڳتي وڌي ھنن تي حملو ڪندو جيڪي بچاءَ جي لحاظ کان مضبوط ماڳ تي موجود آھن. تنھن ڪري ھن منع ڪري ڇڏي ھئي تھ جاچ پڙتال جي مقصد سان ڪير بھ اوڏانھن نھ وڃي. انھيءَ مقصد سان تھ متان بلوچ شڪ ڪن ۽ انھيءَ ماڳ ڏانھن نھ وڃن. تنھن ڪري کيس پڪ ھئي، تھ جيڪڏھن بلوچ قبيلا انھيءَ ماڳ وٽ پھتا تھ سندن چوڌاري ڪڙو چاڙھي ھنن جو ان پاڻي بند ڪري ڇڏبو تھ لاچار ٿي پوندا. ان کان پوءِ فوج جو ڪٽڪ مٿن چاڙھي وڃبو تھ ھو پاڻي اچي مٿو ٽيڪيندا. ھو اھڙي سوچ ويچار ۾ ٽٻ ھو جو ڪئمپ ۾ ڪجھھ گھوڙيسوار  ڊوڙائيندا اچي پھتا ۽ اچي  اطلاع ڏنائون تھ جيئن ئي فوجي ڪنواءِConvoy ختلف جاين تي سامان ڏئي پوئتي اچي رھيو ھو تھ بلوچن مٿن حملو ڪري ڏنو آھي. ويڙھھ جاري آھي. اھو جھيڙي وارو ماڳ ٽي چار ميل مس پري ٿيندو. اھا ڳالھھ ٻڌي سر چارلس لانگ ورائي وٺي گھوڙي کي ٻٽيو، ۽ سندس واڳون ان ماڳ ڏانھن واريون جتي جھونجھارڪو جھيڙو متل ھو. ھن پھريدار طو مخل گھوڙيسوار کنيا ھئا. ويندي وقت حڪم جاري ڪيو ھئائين تھ ”اريگيولر ھارس“ ھن جي ڪڍ لڳا اچن. بلوچن ھن جي فوجي ڪئمپ ڀرسان حملي ڪرڻ جي جرئت ڪئي ھئي. ان جو مطلب ھو تھ دشمن کي پناھھ واري جڳھھ ويجھو ھئي. ھو ھڪدم سمجھي ويو ھو تھ سندن اھو بچاءُ تروڪي آھي.

اھڙا خيال ڪندو ھو جھيڙي واري پڙ تي پھتو. سندس تصور ھو تھ دشمن جھيڙو جاري رکي تھ سٺو. پر سندس ماتحت فوج جڏھن ڏٺو، تھ دشمن جو ٽولو پنجاھھ گھوڙيسوارن تي مشتمل آھي تھ ھنن بھ وٺي مٿن جلھھ لاءِ گھوڙن کي ڊيھڙ ڏنو. مخالف ڌر جڏھن ڏٺو تھ پڄڻ جي ڀيڻي ڪانھي تھ وٺي پويان پير ڪيا. سندس گھوڙيسوارن جو اھو قدم غير فوجي ۽ چڙ ڏياريندڙ ھو. ھن جلدي ۾ ھڪ ٻي ترڪيب سوچي ورتي. ھن ڏٺو تھ اھي دشمن گھوڙيسوار پنھنجا جدا ڊوڙائي جابلو جوءِ ۾ گم ٿي ويا. ھڪ رھبر سندس ڀر ۾ بيٺو ھو جنھن رڙ ڪري چيو تھ اھي تروڪي ويا. ھن اڳئي ڏينھن شام جو چيو ھو، تھ تروڪي ٻن منزلن جي پنڌ جيتري پري آھي. سندس ھن ڳالھھ سان گڏ اھو بھ ڏٺو ويو ھو تھ بلوچ گھوڙيسوارن ان طرف رخ اختيار ڪيو ھو جنھن طرف تروڪي ھئي. ھن مان معلوم ٿي رھيو ھو تھ ھاڻي اھو قلعو بھ لڀي پوندو، جيڪو گھڻي وقت جي ڳولا کان پوءِ بھ ملي ڪونھ سگھيو ھو ۽ سر چارلس کي اھو بھ يقين ٿي ويو ھو تھ دشمن سان ھاڻي ھڪ ھڪاڻي ضرور ٿيندي. ان کان پوءِ اريگيولر گھوڙيسوارن کي چيو تھ ان شگاف کي اک ۾ رکي ھتي منزل ڪن جنھن وسيلي دشمن گھوڙيسوار جابلو علائقي ۾ ھليا ويا آھن. ان کان پوءِ سر چارلس خوش خوش فوجي ڪئمپ ۾ اچي پھتو. انھيءَ وقت اونداھي ڇائنجي وئي ھئي ۽ فوج کي چتاءُ ڏنو ويو تھ جڏھن خطري جو خاص آواز ٻڌن، تھ تيز رفتاري سان اڳتي وڌي وڃي گھوڙيسوار دستن جي مدد ڪن. سج اڀرڻ کان پوءِ پيادل ۽ توبخانو اڳتي وڌيو ۽ اھو لڪ ڳولي لڌو جيڪو تروڪي ڏانھن وڃي ٿو، پر ڏٺائون تھ اھو بند لڳو پيو ھو.

جنرل چارلس ان وقت تنبوءَ ۾ ويٺو ھو، جو وٽس ھڪ جاسوس لنگھي آيو، جنھن اچي کيس ٻڌايو تھ سڀئي اتحادي سردار پارتر مان ٽپي تروڪي روانا ٿي چڪا آھن جن سان چار ھزار ماڻھو گڏ آھن جيڪي اٽڪل ٻھ ڏينھن ٿيندا، جو اتر پاسي وارا لڪ لنگھي تروڪي ڏانھن وڌي رھيا آھن. ھنن بلوچن پارتر مان منزل بھ تروڪي ڏانھن وڃڻ خاطر پٽي آھي. جڏھن تھ تروڪي ڏانھن وڃڻ لاءِ لڪ بھ اھي ساڳيا آھن جن تي گھوڙيسوار فوج بيٺي آھي. سندس اھڙو اطلاع ان موقعي سان ھڪ جھڙائي رکي ٿو جيڪو ھاڻي تازو رونما ٿي چڪو آھي. اھڙي ڳالھھ مرين طرفان موڪليل سفيرن بھ ڪئي ھئي. ان وقت سر چارلس کي محسوس ٿيو تھ سارو جنگي کيڏ سندس ھٿن ۾ آھي. ھن تر تڪڙ ۾ اٺ سوار فوج ۽ 13 ريجمينٽ جا رضاڪار بيٽسن ڏانھن موڪليا جيڪو شور ۾ منزل ڪيون ويٺو ھو. ان کانپوءِ اھڙو حڪم بھ موڪليو ويو ھو تھ بيٽسن ۽ علي مراد اڳتي وڌن. بيٽسن گجرو وارا لڪ لنگھي اڳتي ھلي ۽ علي مراد گجرو لڪن جو اولھھ ڏئي مرو پٽ وسيلي پنھنجي فوج وٺي ھلي. ھنن ٻنھي فوجي اڳواڻن جو ڪم بلوچ سردارن وارو رستو وٺي، سندن پيڇو ڪرڻ ھو ۽ تروڪي جا اتر وارا لڪ اچ وڃ کان بند ڪرڻ ھو. ھي فوجي مدد فقط بيٽسن لاءِ ھئي. ڇاڪاڻ تھ علي مراد سر چارلس نيپئر جي حڪمن جي گھٽ پرواھھ ڪندو ھو. سندس فوجي ڪئمپ بھ سدائين غدارن سان ڀري پئي ھوندي ھئي. پر پاڻ غدار ڪونھ ھو. سندس فوجي خدمتن کي ھن ريت بيان ڪيو ويو آھي، تھ ھي وفادار ۽ ڪم جھڙو ماڻھو آھي. پر ٻٽاڪي گھڻو آھي. ان کان سواءِ ھن جا گھڻا ماڻھو دشمن لاءِ جاسوسي ڪندا رھندا آھن. مان مجبور آھيان جو ھنن ماڻھن کي پاڻ کان الڳ ڪري فوجي سرگرميون جاري رکي ڪونھ ٿو سگھان. پر اھي ماڻھو ظاھر ۾ تھ اسان سان گڏ آھن. علي مراد ھاڻي حڪمن جي تعميل ڪونھ ڪندو آھي. پر  آخر ۾ ھن ۽ بيٽسن اڳتي وڌي تروڪي ڏانھن ويندڙ رستن جا لڪ 5 تاريخ صبح جو بند ڪري ڇڏيا ھئا. اھڙي ريت تروڪي جو قلعو جيڪو سر چارلس کان ھن وقت تائين لڪل رھيو، سو اوچتو ظاھر ٿي پيو ھو جنھن مٿان ٽپي فوج اندر داخل ٿي ھئي ۽ ڌاڙيلن جون ڪجھھ ٽوليون فوجي رابطي ۾ خلل وجھي رھيون ھيون جن مان گھڻن کي جھلي قيد داخل ڪيو ويو. اھو سارو جنرل سر چارلس جي ذھانت جو ڪارنامو ھو، جنھن سان گڏ سندس محنت بھ شامل ھئي. سخت قسم جي فوجي حملن جي پڄاڻي ائين ٿيندي آھي جنھن سان سچيتائي صحيح اندازو بھ شامل ھوندو آھي. سر چارلس جو اھو اوچتو حملو ڏسي سردارن جي پيرن ھيٺان ڄڻ زمين کسڪي وئي ھئي، ۽ وائڙا ٿي رھجي ويا ھئا. سندن خيال ھو تھ تروڪي ھڪ ڏکئي علاٰئقي ۾ موجود آھي. ان سان گڏيل جابلو علائقو بھ اوڙڪ اھنجو آھي، علائقو ويران ۽ خطرناڪ آھي جيڪو ڄڻ ھڪ راز آھي. دشمن ھنن کي ڳولي پريشان ٿي ويندو. ھن قلعي ڏانھن ويندڙ رستا منجھيل ۽ پيچيده ھئا جن جي آڌار تي ھو ڦرلٽ ۽ قتل جون ڪارروايون ڪري ھتي اچي لڪندا ھئا. اھڙي ريت حملو ڪندڙ فوج ۽ انھيءَ جا ساٿي بکن ۾ مري پاھھ ٿيڻ کانپوءِ ايترا ڪمزور ٿي ويندا، جو ھنن لاءِ جنگ ۾ پير پختا ڪري وڙھڻ ممڪن ڪونھ رھندو. اھڙين غلط فھمين ۾ مبتلا ٿي پاڻ کي شھباز سڏائيندا ھئا، ۽ جبلن جي چوٽين تي ويھي پنھنجي شڪار جي تاڙ ڪندا ۽ مٿن حملا ڪندا ھئا. پر کين انگريز فوج جي شھبازن پنھنجي چنبن ۾ جھلي ورتو جيڪي انھن کي شريف بڻائڻ جا جتن ڪندا ھئا.

ان کانپوءِ ھنن ڌاڙيلن جي چوڌاري ڪڙو چاڙھيو ويو ھو، جن وٽ کاڌو پيتو گھڻو ڪونھ ھو. چوپائي مال جا ڌڻ بھ کاڄي کپي وڃي ٿورا بچيا ھئا. وٽن اناج بھ ايترو گھڻو رکيل ڪونھ ھو. ڏڪار بھ ڏائڻ وانگي وڏو وات ڦاڙيون کين ڳيت ڏيڻ لاءِ اوسيئڙي ۾ ھو. انھن جا سر چارلس جي جنگي مھم خلاف اڀ ڏاريندڙ نعرا ھميشه لاءِ ختم ٿي وڃڻا ھئا. کين ملندڙ سزائون ھنن جي سوچ فڪر کان گھڻو وڌ ڪونھ ھيون. ھي فوجي پيش قدمي عام قسم جي ڪانھ ھئي. بيٽسن ۽ علي مراد ڏکين لڪن مٿان سخت پھرو بيھاري ڇڏيو ھو. پاڻ بلوچ سردارن جا رند وٺي اڳتي وڌڻ لڳا. دڳ ڏاڍو ڏکيو ھو ۽ رستي ۾ ھنڌين ماڳين وڏا ۽ نوڪدار ڀتر پيا ھئا جنھن تان لنگھڻ ئي مشڪل ھو. پر ھنن بنا ساھي پٽڻ جي لڳاتار سٺ ميل سفر ڪيو ھو ۽ کين کاڌ خوراڪ ۾ اڌ راشن ملي رھيو ھو. سڀني فوجين جا لٽا ليڙون ۽ پير اگھاڙا ھئا. گھوڙن جي نعلن جو بھ پتو ڪونھ ھو تھ الائي ڪٿي لھي ويا. جڏھن ھر نعل جي قيمت ٽيھھ شلنگ ھئي. جنرل سر چارلس نيپئر ھن کي پيش قدمي نھ پر جبلن تي چڙھڻ لکيو آھي. پر ھتان جي ھر پيش قدمي جبلن تي چڙھڻ ھو. پر بھادر فوج ٻڙڪ بھ ڪانھ ٻولي ھئي.

جڏھن بيٽسن ۽ علي مراد جي پھچڻ جون خبرون پيون تھ پيادل فوج پنھنجي منزل پٽي ڏکڻ طرف واري لنگھھ وٽ وڃي ڪئمپ ڪئي ھئي. اھڙيءَ ريت گھوڙيسوارن بھ اولھھ پاسي وڃي ڏکڻ واري لنگھھ جي ڳولا ڪئي، جنھن بابت کين اطلاع مليل ھو. جنرل سر چارلس وڏي محنت ڪري جاچ پڙتال ڪري سڀني لڪن ۽ لنگھن جو پتو لڳايو ھو، ۽ ھڪ اوچي ٽڪريءَ تان اڪري تروڪي واري قلعي جو اندروني جائزو ورتو ھو ۽ حملي ڪرڻ جو منصوبو جوڙي ورتو ھو. ھن سوچيو ھو تھ ان منصوبي تي آخر ۾ عمل ڪيو ويندو. ڇاڪاڻ تھ اھا جاءِ بھترين ھئي، نھايت شاندار ۽ اعلى. ھن جي ڊيگھھ ٻارھن ميل ۽ ويڪر پنج ميل ھئي. فطرت ھن کي ڏاڍي سھڻي طريقي سان ٺاھيو جو ھڪ پاسي ھن جو وجود ھڪ راز ھو تھ ٻئي پاسي ڏاڍو مضبوط ھو. مضبوط انھيءَ ڪري تھ اھو ھڪ جابلو پٽو ھو، جنھن جون ٽڪريون سوين فوٽ اوچيون ھيون. ڏکڻ پاسي کان نظر ايندڙ ٽڪريون اھڙيون ھيون جن تي چڙھڻ مشڪل ھو. اتر طرف کان بھ اڀڪپرو ھو. جڏھن اندر رستن پاسي کان ٽن طرفن کان اپڪپرو ھو، پر ڏکڻ پاسي کان چڙھڻ ۾ ڪجھھ سولو ھو. اھڙي ريت ھي قلعو چئن طرفن کان حملي ڪرڻ لاءِ ڏکيو ھو. وچ تي بھ گھڻيون ٽڪريون ھيون جن ۾ غار نظر اچي رھيا ھئا ۽ سڀئي اڀڪپريون ھيون.

راز انھيءَ ڪري تھ ڏکڻ پاسي ٽڪرين جي ھڪ ٻي قطار ھئي، جيڪا ھن پاسي کان ڄڻ تھ پت ڏني وئي ھئي، جيڪا ٻھ ٽي سو فوٽ مٿي ھئي ۽ تروڪي واري جابلو پٽي سان گڏ ھئي. جنھن تروڪي کي اھڙي ماٿري بڻائي ڇڏيو جنھن اندر وڃڻ مشڪل ھو. اھڙي جابلو ڀت ڪري وچ تي ھڪ گھٽيLane  بڻجي وئي ھئي جنھن اندر داخل ٿيڻ لاءِ لڪ ھئا جن وٽ پھچڻ لاءِ سوڙھين کاھين جو رستو ھو. ان جابلو پٽيءَ جھڙيءَ ڀت جي پرئين پاسي ميلن ائين نوڪدار وڏن پٿرن جا وڏا ڍير ھئا جيڪي ھلندا اچي ٽڪرين جي ان ديوار سان لڳا ھئا جن مان اڪري اڳتي وڌڻ ڏاڍو ڏکيو ھو ھن لڪل مضبوط جڳھھ جا لنگھھ ڄڻ تباھھ ٿيل وڏا ۽ بيضوي شڪل جا ھئا جيڪي حقيقت ۾ ٽڪرين اندر پيل وڏا ڏار جن جو مٿيون حصو پاڻ ۾ مليل ھو ۽ ھيٺيون پاسو کليل ھو. تنھن ڪري اندر روشني گھٽ ھئي. قلعي جي اندرئين پاسي پاڻي جام ھو. ان کان سواءِ کاھين ۾ پاڻي بيٺو ھو جن وسيلي ڌاڙيل ڪنواءِ کي ڦرڻ کانپوءِ قلعي اندر داخل ٿي ويا ھئا. اندر گرم پاڻي جو ھڪ وڏو چشمون موجود ھو. جنھن جو پاڻي تھ پيئڻ جوڳو ھو. پر بندوقبازن فوج کي اھو پاڻي پيئڻ ڪونھ ڏنو جيڪي ڏنگي ڦڏي نوڪدار ٽڪريءَ تي چڙھيا بيٺا ھئا. ان قلعي جي اندرئين پاسي اسان کي نھ اناج جا ڀانڊا ڏسڻ ۾ آيا نھ چوپائي مال جا ڌڻ نظر آيا. ھنن ٽڪرين اندر ڪيترائي ڏار ھئا ۽ ڪيترائي لنگھھ ھوندا. اھو بھ امڪان ھو تھ ڪيترائي جنگجو ماڻھو ٻاھر ھوندا. تنھن ڪري انھن جي مزاحمت جو اندازو ڪرڻ مشڪل ھو. تنھن ڪري پھريائين اولھھ پاسي کان گھوڙيسوار فوج کي پکيڙي بيھاريو ويو جيڪي مناسب وٿيءَ تي بيھندا وڃي ”تومب“ تائين پھتا ھئا. جتي ”اريگيولر ھارس“ جي فوجي چوڪي موجود ھئي. جڏھن تھ اريگيولر ھارس تروڪيءَ جي اولھھ پاسي کان گشت ڪري رھي ھئي جيڪي بيٽسن ۽ علي مراد وچ ۾ رابطي جو وسيلو ھئا. پر جڏھن سڀني لنگھڻ جي معلومات ملي وئي ۽ فوجين کي بيھاري محفوظ ڪيو ويو ۽ سڀ انتظام مڪمل ٿي ويا تھ سر چارلس قلعي اندر داخل ٿي ٽڪرين جي ڏارن ۾ ويٺل ڏونگري ڏينڀن سان مقابلي ڪرڻ جو ھڪ منصوبو جوڙيو ھو جيڪي انساني شڪل ۾ انگريزن جي فوج سان جنگ ۾ ڄتل ھئا. پڪ ھئي تھ ٻنھي طريقين کان انساني رتو ڇاڻ ٿيندي ۽ قتل عام ٿيندو. ڪنھن بھ ڌر کي سرسيءَ جي ڇڪ ڪانھ آھي. ڇاڪاڻ تھ قلعي نما ھن ماڳ جو جھڙو اندريون پاسو خوفناڪ ھو تھڙو اندريون پاسو ڀوائتو ھو. اتر پاسي کان بيھي اندازو ڪيو ويو تھ ڏکڻ واري پاسي کان وڌيڪ سولو ھو تنھن ان مٿان اڪري ھڪ لڪ وسيلي اڳتي نڪتا. پر اندرئين پاسي کان ھيٺ ڏنوسون تھ اھو پاسو صفا اڀڪپرو ھو ۽ ھيٺ لھڻ ڏاڍو مشڪل ھو. اتان بيھي ڏٺو ويو تھ جابلو ماڻھو ھيڏانھن ھوڏانھن ڦري رھيا ھئا. سندن اھڙري چرپر ڏاڍي ڏکي ھئي جنھن سمجھھ ۾ اچي رھيو ھو تھ زمين جو مٿاڇرو ھيٺ مٿي ۽ ڏکيو ھو ڇاڪاڻ تھ اھي چوپائي مال ۽ اٺن کي رسن کان وٺي ھيٺ ۽ مٿي ڪاھي وڃي رھيا ھئا. ڪٿان وري اھي ڦري غارن وچان بھ گذري رھيا ھئا. معلوم ائين ٿي رھيو ھو تھ ھر سو گز تي ھڪ محفوظ ماڳ موجود ھو جيڪي سٺ ھم چورس ميلن اندر پکڙيا پيا ھئا.

سر چارلس پنھنجي حملي جي منصوبي کي عملي جامو ڪونھ پارايو ھو پر ٺاھيو ڏاڍي ڌيان ۽ گيان سان ويو ھو. ان تي عمل ڪرڻ ۾ بھ ھمت ۽ دليري جي ضرورت ھئي. تروڪي جي مقابلي کان پوءِ اھو منصوبو ڊيوڪ آف ويلنگٽن ڏانھن موڪليو ويو ھو جنھن کي ان ڏاڍو پسند ڪيو ھو. اھڙي منصوبي مطابق اختيار ڪيل جنگي حڪمت عمليءَ جو اختصار ھيٺ ڏجي ٿو.

ٽڪرين جي ڀت جھڙي ٻاھرين قطار ۽ تروڪي جي ٻاھران واري جابلو پٽي Belt  جي وچ تي ھڪ گھٽي ھئي جنھن جي ويڪر ٽي سو گز ۽ ڊيگھھ چاليھھ ميل ھئي. ھن گھٽيءَLane  جي ابتدا اولھھ کان تومب وٽان ٿئي ٿي جيڪا اوڀر پاسي ھلندي وڃي ديراھھ وٽ دنگ ڪري ٿي اھا گھٽي تروڪي جي لنگھھ وٽ گھڻي ويڪري آھي. ان لنگھھ جي سامھون پيادل فوج ۽ مارٽر بيھاريا ويا ھئا. پيادل کي لنگھھ مٿان پسندن فائرن ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو ھو. جڏھن مارٽر جا گولا وڏن پٿرن جي انھن اوچن ڍيرن تي وسايا ويا ھئا جتي ڌاڙيل وڏن ڏندن جي زور سان ڳورا پٿر اٿلائي ان وقت حملھ آورن مٿان ھيٺ ڪيرائي رھيا ھئا جڏھن اھي تروڪي اندر داخل ٿيڻ لاءِ کاھيءَ وچان گذري رھيا ھئا. انھن وسندڙ گولن نھ رڳو انھن ماڻھن کي ڀڄائي ڪڍيو ھو. جيڪي ڳورن پٿرن جي وڏن ڍيرن تي بيٺا ھئا پر ٻين جابلو ماڻھن کي بھ ويجھو اچڻ ڪونھ ڏنو ھو. پٿرن جي ڍيرن ۽ پاسن تي ڦاٽندڙ گولا لڪ وٽ بيٺل تروڪي جي محافظ کي بھ پنھنجن جاين تان ڀڄائي ڇڏيو ھو. مارٽرن جي کاٻي پاسي پيادل بيھاري وئي ھئي. جن جي تفنگن جي گولين جي وسڪارن انھن ماڻھن کي ٽڪرن جي چوٽين تان لاھي ڊوڙائي ڇڏيو ھو جيڪي توڙيدار بندوقن جي گولين سان حملھ آور فوجين پوئتي ھٽڻ لاءِ مجبور ڪري رھيا ھئا پر لڪ جي کاٻي پاسي ڪوبھ ماڻھو نظر ڪونھ آيو ھو.

فوجين جو ھڪ جٿو اولھھ طرف موڪليو ويو جنھن کي حملي خاطر نھ پر ڏيکاءَ خاطر روانو ڪيو ويو ھو. ھنن فوجين کي ڪمانڊر فقط ان وقت حملي ڪرڻ جو چيو ھو. جڏھن ڏسن تھ ٽڪري چڙھڻ لاءِ ڏاڍي سولي آھي ھنن فوجين کي اھڙي قسم جي مظاھري دوران فزجيرالڊ جي ڪمانڊ ھيٺ رکيو ويو ھو ۽ ڪجھھ چوند فوجي رکيا ويا ھئا. جن کي لڪ جي کاٻي پاسي موجود جابلو چوٽيون سنڀالينديون ھيون. کين انھيءَ طرف وڌڻ جو حڪم مليل ھو جنھن پاسي اڳي جاچي پرکي ڏٺو ويو ھو. ٿوري وقت کان پوءِ ڏٺو ويو تھ انھن صحيح طرف ڏانھن چرپر ڪئي ھئي. اھڙي ريت چونڊ بھ اھڙن ماڻھن جي ڪئي وئي ھئي جيڪي جنگي سرگرمين ۾ تيز بھادر ۽ ارادي جا پڪا ھئا. ھن قسم جي خطرناڪ ڪم لاءِ 2 ريجمينٽ جي جوانن پاڻ کي رضاڪارانھ پيش ڪيو ھو. جنھن مان فقط ٽي سو چونڊيا ويا ھئا. ان کان سواءِ جنرل سر چارلس 6 ريجمينٽ اھڙي بھادرانھ حملي جي آڇ ڪئي ھئي تھ جيئن ان کي پنھنجو جھنڊو واپس ملي سگھي. آزمائي ڏٺو ويو تھ اھي بھ ڏاڍا بھادر ھئا. ھنن رضاڪار فوجين کي چپ رھڻ جو تاڪيد ڪيو ويو ھو ۽ کين چيو ويو ھو تھ جيڪڏھن ھو گھائجي بھ پون تھ ڏندن ھيٺان ڪاٺي ڏئي بھ ماٺ رھن. ھن قسم جي فوج جو ڪمانڊ فزجيرالڊ کي مقرر ڪيو ويو ھو جيڪو پاڻ بھ بھادر ۽ عقلمند ھو. ھي اھڙا چونڊ فوجي ھئا جيڪي دشمن جي ھر مقابلي کي منھن ڏئي سگھڻ جھڙا ھئا. ٽڪريءَ تي چڙھڻ ۾ ٻھ ڪلاڪ لڳي ويا ھئا. اڳتي وڌڻ لاءِ بندوبست اھڙو ڪيو ويو ھو جو نھ دشمن فوج کي ڏسي سگھيو ھو نھ وري انھن پٿرن جي ڪرڻ جو آواز دشمن جي ڪنين پيو ھو جيڪي فوجين جي ھٿوراڙيون ڏئي مٿي چڙھڻ ڪري ھيٺ ڪري رھيا ھئا.

حملي جو وقت اڳئي مقرر ڪيو ويو ھو تھ سر چارلس نيپئر، جنرل سپمسن ۽ اسٽاف آھيون ڪيتريون راتيون لڳاتار مٿي چڙھي تروڪيءَ اندر موجود ٽڪرين جو معائنو ڪيو ھو. ھنن پھرئين رات ڏٺو ھو تھ ھڪ وڏو مچ ٻري رھيو ھو ۽ جابلو ماڻھو ٽولا ڪيون ان جي چوڌاري ويٺا ھئا ۽ اھو مچ ساري رات ٻرندو رھيو ھو. ٽئين رات اھو مچ رات جو ڏھين وڳي تائين ٻرندو رھيو ۽ پوءِ وسامي ويو. معلوم ٿي رھيو ھو تھ اھي جابلو ماڻھو ٽڪرين جي چوٽين تي اھڙين چوڪين کي جاري رکڻ کان تنگ ٿي پيا ھئا. ڇاڪاڻ تھ اھي گھڻيون اوچيون ھيون ۽ سيءُ بھ ڏاڍو ھو. ٿوري وقت کان پوءِ ڏٺو ويو تھ رات جو ٽڪريءَ ۾ ڪنھن بھ چوٽيءَ تي مچ ٻريل ڪونھ ڏٺو ويو. ھن صورتحال مان معلوم ٿي رھيو ھو تھ ھاڻي رات جي پھري ڏانھن ڌيان گھٽ ڏنو ٿي ويو. ان کان پوءِ حملي ڪرڻ جو منصوبو بڻايو ويو جيڪا ترڪيب ھن ريت رکي وئي ھئي تھ سڀني وڏين توبن ۽ تفنگن کي ھڪ ئي وقت فائر ڪرڻ گھرجن اميد ھئي تھ ان ڪري ھن سوڙھي ماٿريءَ دونھون ڇائنجي ويندو. ٻيو تھ چوڌاري اوچيون ۽ اڀڪريون ٽڪريون ھيون جنھن ڪري توبن جي گجڪارن جا پڙاڏا ٻري اٿندا. ان ڪري ڌاڙيلن جو سارو ڌيان کاھيءَ واري لنگھھ تي ويندو. پر دونھين ڪري اھو لنگھھ ڏسي ڪونھ سگھبو ۽ فزجيرالڊ جي ماتحت فوج بھ ھنن کي نظر ڪانھ ايندي نھ وري ھنن کي انھن پٿرن جي ھيٺ ڪرڻ جي کڙڪو ٻڌڻ ۾ ايندو جيڪي فوج جي ٽڪريءَ تي مٿي چڙھڻ سرڪي اچي ھيٺ ڪرندا. اھڙيءَ ريت گولن جي گاج ڪري فزجيرالڊ حملي جي بھ کين سڌ پئجي ڪانھ سگھندي. پر جيڪڏھن ھنن کي ان فوجي چرپر جي کڙڪ پئجي بھ وئي تھ اھي ٽڪرين تي پنھنجا پير ڄمائي ۽ تيز رفتار جلھھ جي ڪوشش ڪري رھيا آھن يا جيڪڏھن کين اھو پتو پيو تھ ھو جبل جي اتاھين چوٽي تي چڙھي حملي ڪرڻ لاءِ اشاري طور باھھ ٻاري رھيا آھن تھ ھو پاڻ ئي ضرور سمجھي ويندا تھ جنگ اچي مٿان بيٺي آھي.

جيڪڏھن حالتن اجازت ڏني تھ کاھي واري لنگھھ کان قلعي اندر ڪاھي پئبو ۽ جيڪڏھن سمجھيوسون تھ ائين ڪرڻ صحيح نھ ٿيندو تھ پوءِ کاھي واري لنگھھ وٽان اندر داخل نھ ٿبو. ھيءَ ساري ڳالھھ فزجيرالڊ تي مدار رکي ٿي تھ جيڪڏھن ھو مٿي ٽڪرين تي پنھنجا پير پختا ڪري ويو تھ ساري پيادل ھن جي پٺيان صفون ٻڌي بيھي ويندي. جيڪڏھن کيس شڪست ملي تھ پوءِ اھڙي شڪست کي لڪائڻ لاءِ کاھيءَ واري لنگھھ وٽان جلھھ ڪرڻي پوندي پر کاھي واري لنگھھ وسيلي حملو ڏاڍو خطرناڪ ھوندو تنھن ڪري ان کان ھٿ ڪڍي وڃڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ھئي. پر فوج پراعتماد ھئي ۽ جنگ ڪرڻ لاءِ ڳت ڏئي بيھي رھي ھئي. جنرل چارلس انھن جي ھمت ۽ بھادريءَ کان چڱيءَ ريت واقف ھو. تنھن ڪري ھن کاھي واري لنگھھ وسيلي طوفاني حملي بابت حڪم ڏيڻ کان لھرائي رھيو ھو. ھن جي مرضي ھئي رزرو فوج سندس ھٿ ھيٺ رھڻ گھرجي جنھن کي ضرورت وقت مرحليوار لنگھھ ڏي موڪليندو رھجي ڇاڪاڻ تھ ھن کي فوج جي بھادري ۽ ھمت تي تمام گھڻو اعتماد ھو جيڪي توبن جي گولن جي گجڪارن ۽ دونھين ڪري وڌيڪ مشتمل ٿي ويا ھئا ۽ لڪ ڏانھن وڃڻ لاءِ ڏاڍو بيتاب ھئا. معلوم ائين ٿي رھيو ھو تھ ڪابھ قوت سندن بھادري اڳيان بيھي ڪانھ سگھندي. سندس فوج ڪيتري پاڻيءَ ۾ ھئي جيڪا اتر واري لنگھھ وٽ بيٺي ھئي ۽ پنھنجي اھڙي بھادري جو مظاھرو ڪري چڪي ھئي. ھن فوج جي پاسن کان پٺيان بيٽس ۽ علي مراد جون فوجون بيٺل ھيون جن ان کي لنگھھ وٽان ھڪ ئي وقت طوفاني حملي ڪرڻ جو حڪم مليل ھو.

ھي ڪمانڊر ھن کان اڳ ھڪ حملي ڪرڻ جي مقصد سان گڏ ٿيا ھئا ۽ ھڪ ننڍي رستي وسيلي لڪ ۾ داخل ٿيا ھئا. پر ھڪ فوجي سرجنٽ ۽ سورھن رضاڪار غلطيءَ وچان ھڪ ننڍي غار کان داخل ٿيا جن جو تعلق 13 ريجمنٽ سان ھو ھن غار جي ٻئي پاسي دشمن ميڙاڪو ڪيون بيٺو ھو. پر اڳي ھلي اھو غار نما لنگھھ ھيٺ اونھون ٿي ويو جنھن مان گذرڻ ئي ناممڪن ھو. ان فوج جي ڪمپني ھن غار جي ٻئي پاسي ھئي جنھن سان مذڪوره سرجنٽ جو واسطو ھن ڪمپني جي عملدار جڏھن ڏٺو تھ ٽڪريءَ تي بيٺل دشمن ڏاڍو سگھارو آھي تھ ھن موٽڻ جو اشارو ڪيو. پر ان کي سرجنٽ غلط سمجھيو تھ اھو اشارو حملي ڪرڻ لاءِ آھي. تنھن ڪري ھن اڀڪپري ٽڪري تي مٿي چڙھڻ جي ڪوشش ڪئي ڌاڙيل ان ٽڪريءَ جي اوٽ ڏيون سيني جيتري اوچي ڀت پٺيان لڪا ويٺا ھئا جيڪا ٽڪريءَ تان لھڻ واري جڳھھ جي ڀرسان ھئي. پھريائين تھ اتي يارھن ڄڻا فوجي موجود ھئا. ان کان پوءِ ھن جو نحوا وڌي ستر ٿي ويو ھو جيڪي اڳتي سرڪي اچي ڀرسان بيٺا. مٿي بيان ڪيل يارھن فوجين جي سينن تي ميڊل چمڪي رھيا ھئا. ڪن کي ٽي ميڊل بھ مليل ھئا. جيڪي بي مثال بھادري جو مظاھرو ڪري رھيا ھئا. معلوم ائين ٿي رھيو ھو تھ جنھن دليريءَ جو ھنن جلال آباد ۾ مظاھرو ڪيو ھو سو ڪو وڌاءُ ڪونھ ھو. ھنن مان ڇھھ ڄڻا تھ مري ويا باقي ٻيا سخت گھائجي پيا ھئا. جن کي ٽڪريءَ تان کسڪائي ھيٺ موڪليو ويو ھو. ھنن فوجين سترھن ڌاڙيلن ۽ سندن ڪمانڊر کي ماري پوءِ اھڙي قرباني ڏني ھئي.

ھنن جابلو ماڻھن ۾ ھي رسم ھوندي آھي تھ جڏھن ڪا معزز ۽ محترم شخصيت جنگ ۾ وفات ڪري ويندي آھي تھ غسل ڏيڻ کان پوءِ ان جي ھڪ ھٿ جي ڪارائيءَ ۾ سائو يا ڳاڙھو سڳو ٻڌندا آھن. پر اھو ضرور ڏٺو ويندو آھي تھ ان بھادر انسان جنگ ۾ وڙھندي ڪھڙي دليريءَ سان موت جي آجيان ڪئي آھي. جڏھن ڪارائيءَ ۾ ڳاڙھو سڳو ٻڌڻ وڏي اعزاز جي علامت تصور ڪيو ويندو آھي. انھيءَ رسم مطابق ھنن جنگجو ماڻھن کي وھنجاري ڪفن ڍڪايو ۽ ھر ھڪ لاش جي ٻنھي ٻانھن ۾ ڳاڙھا ڌاڳا ٻڌا ھئا. ھن کان اڳ ڪلارڪ جي ھٿن جي ڪاراين ۾ ٻھ ڳاڙھا سڳا ٻڌا ويا ھئا. ڇاڪاڻ تھ ھو بھادر ھو ۽ ڏاڍي دليريءَ سان دشمن جو مقابلو ڪيو ھو. ھنن جي موت ڪري سيلSale  شرم محسوس ڪري رھيو ھو ڇاڪاڻ تھ اھي بھادر پنھنجي دليريءَ ڌاڪ ٻرائي چڪا ھئا پر ھن جلد ئي اھڙو مٿاھون ماڳ حاصل ڪري ورتو ھو. شال ھنن جا نالا عزت ۽ احترام سان ورتا وڃن.

سر چارلس نيپئر تروڪي تي طوفاني حملي جو پڪو پھھ ڪري چڪو ھو. اھڙي حملي جو ذڪر مٿي اچي چڪو آھي. پر اھو تڏھن جڏھن ٻيا طريقا ناڪام ٿي ويندا ۽ ائين ڪرڻ کان سواءِ ڪو ٻيو گس ڪونھ ھوندو. سر چارلس پنھنجي فوجي سپاھين سان گھڻو پيار ڪندو ھو جيڪو ڪونھ چاھيندو ھو تھ اھي اھڙي قھري ڪوس جو شڪار بڻجن. ھن جي سوچ ھئي تھ ھنن جي بھادري کي آزمائي ڏسڻ جا ٻيا طريقا ختم ٿي ويندا تھ اھو آخري طريقي طور ڪتب آندو ويندو. پر آڏو دشمن بھ بھادر تھ ھو پر کين کاڌو پيتو بھ گھٽ ملي رھيو ھو. تنھن ڪري ڏاڍا ڪمزور ٿي ويا ھئا. اھو ئي ڪارڻ آھي جو بيجار جا بڻائيل بھترين جنگي منصوبا ناڪام ٿي رھيا ھئا. ان ڪري ڳالھھ ٻولھھ کان سواءِ ھنن لاءِ ڪو ٻيو رستو ڪونھ رھيو ھو. پر ھن جي چوڌاري سخت ڪڙو چاڙھيو ويو. تنھن ڪري ڪابھ کاڌي پيتي جي شيءِ اندر وڃي ڪانھ ٿي سگھي ۽ سوچيو پئي ويو تھ ٺاھھ جي ڳالھھ ٻولھھ ۾ دير ڪانھ ٿيندي. جنگ جي جاري رکڻ لاءِ سر چارلس کي ان ۽ پاڻي گھڻو پري کان آڻڻو پوندو ھو. سندس ويڙھاڪن جي حالت اھا ھئي جو اڃيا ۽ بکيا ھئا سندن لڱن تي ساڄي ليٿ بھ ڪانھ ھئي ۽ پير بھ اگھاڙا ھئا. ھنن سارو پنڌ جھنبارين پھڻن تان ۽ ننڍي جھنگ وچان ڪيو ھو. تنھن ڪري سندن پيرن جون لھيون لھي ويون ۽ ڪپڙا بھ ڦاٽي چيڙھون ٿي ويا ھئا. بک ۾ ھر سٺي ۽ گندي شيءِ کائڻ ڪري منجھن بيماري بھ ڪاھي بيھي پئي. جنھن ڪري اھو اھڙي ڪھٽي بيماري ۾ ڦاسي ويا جو گھڻا وير ۽ ويڙھاڪ مري کپي وڃي آڱرين تي ڳڻڻ جيترا بچيا آھن. اھڙي ڪاري واريءَ بھ ھنن ٻڙڪ ڪانھ ٻولي. سندس ماڻھو بھ راضي ھئا. ھو پنڌ ڪري مرن يا سندن ڪنڌ ڪرن، بک صرف باتلوار سان وڍجن پر ھو پنھنجي ڪمانڊر جو ھر چيو اکين تي رکندا ھئا. ھڪ فوجي پنھنجي خيال جو اظھار ھن ريت ڪيو ھو تھ ”جڏھن مان ھن جھونڙي جنرل کي لڳاتار گھوڙي تي سفر ڪندو ڏسان تھ پوءِ مون جھڙي جوان کي پير پساري ڇو وھڻ گھرجي. خدا جو قسم جيڪڏھن ھو مونکي حڪم ڪندو تھ مان پاڻ توب جي منھن ۾ ڏئي سگھان ٿو.“ ھي فوجي عملدار جنگي مھم ۾ ھن سان گڏ ھو جنھن پنھنجي خيال جو ھن ريت اظھار ڪيو ھو.

اھي بھادر عملدار ۽ وسيع دل وارا فوجي سپاھي ھئا. ھاڻي ھنن جي طاقت جا ڏينھن اچڻ وارا آھن. ماضيءَ جا اڻ وڻندڙ واقعا ڄڻ سندن قوم جي ڪم نصيبي ھئي. اھي پنھنجي تنبن جي دروازن مان ڏسي رھيا آھن تھ ڪھڙييون جڳھيون آھن جتي سندن جنگي مھمون ناڪام ٿيون ھيون. نوڪدار ٽڪرين تي اھڙا نشان موجود آھن جتي ڪلارڪ ۽ دوستن جا لاش انتقام وٺڻ لاءِ واجھائي رھيا آھن. جيڪڏھن جابلو ماڻھو ٿورو وقت ترسن ھا تھ کانئن ھر وقت انتقام ورتو وڃي ھا. ھن کان اڳين مھمن دوران ويچارن رسد گاھ وارن جو قتل عام ٿيو ھو جيڪي ويچارا پنھنجي سامان جي کپائڻ لاءِ فوجي پيش قدميءَ سان گڏ سفر ڪندا آھن. تنھن ڪري فوجين جون دليون ڪوسيون ھيون تھ اھڙن ماڻھن سان ٺاھھ جون ڳالھيون نھ ڪيون وڃن ۽ فيصلو تلوار ڪندي. ھن انگريز جنرل جي شخصيت ۾ ايڏو اثر ھو جو اڳي جيڪي انتقام وٺڻ لاءِ قسم کڻي چڪا ھئا سي بھ پنھنجي ضد تان لھي ويا. اھي ڌاڙيل رڳو انگريز فوجين لاءِ بي رحم ڪونھ ھئا. پر پنھنجي زالن ۽ ٻارن ٻچن لاءِ بھ ظالم ھئا. ان کان پوءِ ھنن پڪو پھھ ڪيو تھ انھن جي بي گناھھ زالن ۽ ٻارن ٻچن کي بچائڻ لاءِ ساڻن ٺاھھ جي ڳالھھ ٻولھھ ضرور ڪئي ويندي.

خوشقسمتي جي ڳالھھ اھا ھئي جو بي گناھھ عورتن ۽ ٻارن ٻچن جي قتل عام کان پاسو ڪيو ويو. 28 فيبروري تي تروڪي دريافت ٿي ھئي. 4 تاريخ مارچ تي بيجار خان، ڊومڪي، اسلام خان بگٽي، دريا خان جکراڻي ۽ ٻھ ٻيا ننڍا سردار ان وقت سر چارلس نيپئر جي تنبوءَ ۾ داخل ٿيا جڏھن ھو تروڪي تي طوفاني حملي جا حڪم جاري ڪري رھيو ھو. ھنن سردارن سان مندو Mandoo خان بھ گڏ ھو جيڪو بيجار خان جو ننڍو ڀاءُ ھو. جنھن جي نالي کان انگريز ڪمانڊر اڃا تائين واقف ڪونھ ھئا. پر مڙس مڻيادار ھو. ھنن سردارن سان کورام (گھرام؟) بھ گڏ ھو.سڀئي سردار قداور ۽ سگھارا ھئا ۽ خوفناڪ جنگجو ڏسجي رھيا ھئا. پر دريا خان جکراڻي قد جو وچٿرو ھو جيڪو مزاج ۾ ڏاڍو شريف پئي لڳو. سندس قبيلو ھن جي شرافت ڪري سندس تمام گھڻي عزت ڪندو ھو، ھي سردار اھڙي عزت لائق بھ ھو. ٻين سردارن جي خيال موجب ھي سردار قتل ڪرڻ ۽ لٽڻ ڦرڻ لائق ھو. بيجار خان وڏي عمر جو سردار ھو. پر قد ڪاٺ ۾ پانڃرو ۽ پھلوان ھو. سندس شخصيت ۾ مقناطيسي اثر ھو. طاقتور ھجڻ ڪري وڏي عزت جو مالڪ ۽ جابلو علائقن جو دلير ڌاڙيل ھو. سندس جوش ۽جذبو خطرناڪ ھو. جيڪو سندس عزت ۽ شخصيت سان بي جوڙ لڳي رھيو ھو.

ھنن اچڻ سان ٺاھھ جي شرطن ٻڌائڻ جو مطالبو ڪيو. جنھن تي سر چارلس کين چيو تھ پھريون شرط پيش پوڻ آھي. ٻيو تھ جنھن جوءِ آھيو اتان لڏي ويندا، ميداني علائقا ڇڏڻا پوندا، خطرناڪ جابلو علائقن کي ڇڏڻو پوندو. تنھن تي سردارن چيو تھ اسان کي پنھنجي ماڻھن سان صلاح ڪرڻ جي مھلت ڏيو.

ٻئي ڏينھن مندو خان آيو ۽ سر چارلس کي چيائين تھ شرطن ۾ ڪجھھ ترميم ڪئي وڃي، جنھن تي جنرل وراڻيو تھ شرطن ۾ ڪنھن بھ قسم جي ترميم ڪانھ ٿيندي. ان کان پوءِ دريا خان جکراڻي، ترڪ علي، دينڻ، مندوئي، سليمان رنداڻي، بيجار خان جو ڀاءُ، جمال خان ڊومڪي آيا جن سان گڏ سندن قبيلن جا ماڻھو ھئا جيڪي سر چارلس جي پيرن ۾ تلوارون رکي پيش پيا. ھنن سردارن سر چارلس جو احسان مڃيندي چيو ھو تھ اسان تنھنجا ٿورائتا آھيون جو تو اوچ ۾ اسان جي عورتن ۽ ٻارن ٻچن جي عزت رکي. مردن کي لٽيو ڦريو ڪونھ ويو ھو. ھو فوج سان گڏ ائين ھلي رھيا ھئا جيئن ڪو ماڻھو قافلي سان گڏ عزت آبرو سان سفر ڪندو  ھجي. ھنن سان گڏ جيڪا مال ملڪيت ھئي تنھن کي بھ ھٿ ڪونھ لاتو ويو. ھنن ٻڌايو تھ ڪئپٽن پوسٽنس بيجار خان سان توھين آميز سلوڪ ڪيو ھو. تنھن ڪري ھو ڪنھن بھ واعدي تي ويساھھ ڪونھ ٿو ڪري. ان کان پوءِ جنرل سمپسن ڳالھايو جنھن کي تروڪي ۾ ڪڍي موڪليو ويو ھو. سر چارلس پنھنجي خيالن ۾ بلڪل صحيح ھو. بعد ۾ اتي ويٺل سردارن پنھنجي ڪاراين ۽ مرن ڏانھن اشارو ڪري ڪئپٽن پوسٽنس جي نالي کي دھرايو، جنھن جو مطلب ھو تھ ان ڪئپٽن کي گرفتار ڪيو وڃي. اھو ڏسي انگريز جنرل ناراض ٿي ويو ۽ نئين سر جنگي سرگرمين جاري ڪرڻ جو حڪم ڪيو ۽ ٽن سون تي مشتمل فوجي ڪالم کي حڪم ڪيائين تھ ھو وڃي علي مراد ۽ بيٽسن سان رابطو ڪن جيڪي تروڪي جي اولھھ پاسي موجود آھن. بلوچ سردارن پيش پوڻ وقت تروڪي جي ڏکڻ پاسي وارن لنگھن کي سر چارلس جي حوالي ڪري ڇڏيو ھو. تنھن ڪري فوج ننڍن ڪالمن ۾ ورھائي تروڪي اندر موڪليو تھ جيئن ان جڳھن جي اندروني حصن تي قبضو ڪري وٺن. کين اھو بھ حڪم ڪيو ويو ھو تھ جنھن کي بھ ڏسن تھ ان خلاف بندوق ۽ تلوار کي استعمال ڪن. پر کين تاڪيد ڪيو ويو ھو تھ عورتن ۽ ٻارڙن جي عزت رکي وڃي. اھڙا حڪم 7 تاريخ تي جاري ڪيا ويا ھئا. ٿوري وقت کان پوءِ بيجار جا ٻھ ڀائر ۽ سندن ڪيپٽن کي گرفتار ڪيو ويو جن ڪنھن بھ قسم جي مخالفت ڪانھ ڪئي ھئي نھ وري ڪا رتوڇاڻ ئي ٿي ھئي بيجار بھ الائي ڪاٿي وڃي لڪو ھو. اھڙي ريت مدد ڪرڻ وارا فوجي عالم، اٺ سوار فوج، گھوڙيسوار فوجي ھيڊ ڪوارٽر ۽ ان جا پھريدار فوجي دستا ٻيا جي ڪڍ نڪري پيا ھئا. انھن سڀني کي حڪم ھو تھ بيجار کي زنده يا مرده گرفتار ڪري سر چارلس نيپئر آڏو پيش ڪيو وڃي.

گھڻي ڪوشش کان ھن سردار بجار، سندس مندو، ھڪ ڀائٽي، سندس پٽ وزير خان ۽ ھڪ ننڍي بگٽي سردار کي گرفتار ڪيو ويو. ھن سان گڏ قبيلي جا اھي ماڻھو بھ ھٿيڪا ڪيا ويا جيڪي بيجار خان جا وفادار ھئا. باقي ٻيا ماڻھو پاڻمرادو اچي پيش پيا ھئا. سر چارلس عھد ڪيو ھو تھ انھن ماڻھن جي ھر شيءِ لٽن ڦرن. پر کين چيو ويو ھو تھ عورتن ۽ ٻارن جي عزت ڪئي وڃي. تنھن ڪري فوجين جتي بھ عورت ڏٺي يا جتي بھ ٻارڙن جو آواز ٻڌو اوڏانھن ڪونھ وڌيا ۽ انھن سان جيڪا بھ ملڪيت مڏي ھئي. تنھن کي بھ ھٿ ڪونھ لاتو ويو ھو. اسلام خان بھ بگٽي ساڻ ڪري الائي ڪيڏانھن ڀڄي نڪري ويو ھو. سندس سھرو ھڪ کيتران سردار ھو جنھن جو قبيلو ڌاڙيل نھ پر پوکي راھي ڪندو ھو. تنھن ڪري ھن ھن اسلام خان ماڻھن پنھنجي علائقي ۾ اچڻ ڪونھ ڏنو. ان کان پوءِ اسلام بگٽيءَ جي ماڻھن ٻيو رستو نھ ڏسي بکر کان ڇتو ٿي وڃي مزارين کي ڦريو. پر انھن پنھنجو ڦريل مال ملڪيت کانئن کسي ورتو ۽ سندن ھڪ سو ويھھ ماڻھو بھ قتل ڪري ڇڏيا ھئائون. ان کان پوءِ باقي بچيل بگٽين وڃي مرين کي لٽيو ڦريو. ڇاڪاڻ تھ کين بک صفا ڇتو ڪري وڌو ھو. موٽ ۾ مرين ھنن جا ھڪ سو ماڻھو قتل ڪري ڇڏيا. باقي رھيل بگٽي ماني گرھھ لاءِ پريشان وتندا ھئا ٽلڪندا. سندن حالت اھڙي خراب ٿي وئي جو کين واٽ الله جي ماني ڳڀو ڪونھ ڏيندو ھو. اھڙي ريت ھي جنگي مھم چوونجاھھ ڏينھن مسلسل ھلي پوري ٿي وئي.

ھن جنگي مھم بابت سر چارلس جو بيان ھن ريت آھي تھ ”مان ھن ڏکي جنگي مھم دوران ڏاڍو پريشان ھوس، مون کي اھا بھ پڪ ڪانھ ھئي تھ منھنجي ھن تعريف جوڳي ڪم کي ڪير ساراھيندو بھ الائي نھ. پر مان سمجھان ٿو تھ جو ڪجھھ ڪيو آھي بھتر ڪيو آھي ۽ اھا راند ھاڻي ختم آھي.“

سر ھينري ھارڊنج کان سواءِ ڪنھن ٻئي ھن جنرل جي تعريف ڪانھ ڪئي ھئي. ھن جو سر چارلس سان فوجي ڀاءُ ۽ عوامي انسان جھڙو رويو ھو. انگلينڊ جي اختيارين بھ سندس ھن جنگي مھم کي اھميت ڪانھ ڏني. اھڙين خبرن کي فقط ھندستان تائين محدود رکيو ويو ھو ۽ انگلينڊ جي ماڻھن کي پوري معلومات ئي ڪانھ ڏني وئي ھئي. جنرل چارلس جي فوجي ڏات، فوجي عملدارن جي بھادري، فوجي سپاھين جي دليري ۽ جن ماڻھن سرترين تي رکي جانين جو نذرانو ڏنو تن سڀني کان انگلينڊ جي ماڻھن کي بي خبر رکيو ويو ھو. جن ماڻھن بھادري جي ڳالھين کي دٻائڻ ۽ گھٽڻ جي ڪوشش ڪئي ھئي تن تي فرض ھو تھ اھڙن ماڻھن کي انعام ڏين ھا ۽ بھادري جا ميڊل ڏين ھا. پر تاريخ جي وات کي بند ڪري ڪونھ ٿو سگھجي. اھڙيون ڳالھيون فقط اھي ماڻھو ڪندا آھن جيڪي فطري طور گنديءَ ذھنيت جا ھوندا آھن. سندس وفات کان پوءِ ھنن ڳالھين کي اھميت نھ ملڻ گھرجي. ان کانسواءِ ھن جي اسٽاف مان ڪنھن بھ ماڻھوءَ کي عھدي ۾ ترقي ڪانھ ملي. لارڊ رپن بھ گھڻي وقت تائين ڏانھنس لکيل خطن کي عام ماڻھوءَ کان لڪائيندو رھيو ھو. جڏھن کانئس پڇيو ويو تھ ھن ائين ڇو ڪيو؟ تھ ھن جواب ۾ چيو تھ کانئس وسري ويو ھو. ان جنگي مھم ڏونگرن جي ڏچن ھڪ ڏينھن ڇا ھڪ ڪلاڪ بھ گھوريو. پر لارڊ رپن ان کي ڪجھھ بھ ڪونھ سمجھيو. پر پنھنجي عيش عشرت واري زندگي کي گھڻو قيمتي تصور ڪيو ھو. ھن گورنر جنرل ھجڻ واري عرصي ۾ مختصر لفظن ۾ اھڙو ذڪر ڪونھ ڪيو. ائين ڪرڻ شايد عوام جي توھين ھئي!

بيجار کي گرفتار ڪرڻ واريءَ ھن ڏکي مھم دوران مرين ڊڄي پنھنجا وڪيل موڪليا ھئا. انھيءَ زماني ۾ مري قبيلي جي ھلت چلت ڪجھھ مشڪوڪ ٿي وئي ھئي. تنھن ڪري سر چارلس جو سندن اھڙين ڳالھين ڏانھن ڌيان ڇڪجي ويو ھو ۽ مري سندس رويي کان ڊڄي ويا ھئا. بيجار جي پيش پون کان پوءِ ھي انگريز جنرل ھر سرگرميءَ کان آجو ٿي چڪو ھو. ان کان سواءِ مرين جي شھر ڪاھون ڏانھن اھڙو دستو وڃي رھيو ھو جنھن سان آساني توبون وڃي سگھيون ٿي ۽ جنھن ڏانھن وڃڻ لاءِ سرتوف ۽ تصوسڪ جالڪ بھ کليل ھئا. اھڙي حملي جي خوف سبب مرين جا وڪيل سر چارلس سان ملڻ لاءِ سندس فوجي ڪئمپ ۾ آيا ھئا. مرين ڊڄ کان پنھنجا ڪٽنب ۽ ڌڻ چاليھھ ميل پري اتر موڪلي ڇڏيا ھئا. اھي وڪيل جنرل چارلس کي ڏاڍا وفادار ۽ تابعدار نظر آيا. تنھن ڪري ھنن مان اتحاد جو نئون ٺاھھ ڪيو ويو ھو ۽ کين بگٽين وارو ديراھھ ۽ ان جي چوڌارري آباد علائقو انھن کي ڏيڻ جي آڇ ڪئي. پر مرين جي وڪيلن سر چارلس جي اھا آڇ انھي ڪري قبول ڪانھ ڪئي تھ کين بگٽين مان ڊڄ ھو ۽ سمجھي رھيا ھئا تھ جيڪڏھن انگريز سنڌ ڇڏي ھليا ويا تھ بگٽين سان دشمني ڪري قبائلي جھيڙو شروع ٿي ويندو. ممبئي واري ڌر بھ سدائين ائين چوندي ھئي تھ مرين ۽ بگٽين ۾ جھيڙو ناگزير آھي.

ھيءَ فوجي مھم تھ ٿوري ھئي جوکو وڏو ھو. ھي مھم ختم تھ گھڻو وقت اڳي ٿي وڃي ھا پر ڀئھ ھو تھ متان ھنن بلوچ سردارن جو سکن سان اتحاد ٿي وڃي. پر جيڪڏھن اھو خوف نھ ھجي ھا تھ روجھاڻ فراري واري علائقي مان گذري ان جابلو علائقي کي اولھھ ۽ اوڀر ڪڙو چاڙھجي ھا تھ بلوچ سردارن کي گجرو جي لڪن ڏانھن وڌڻ جو ڪو موقعو ئي ڪونھ ملي ھا ۽ بنا ڪنھن دير جي کين ڊوڙائي اچي تروڪيءَ ۾ سوڙھو ڪجي ھا. جڏھن بيجار لولي ۽ جمڪ لڪن کي ڇڏي گندوئي ھليو ويو تڏھن علي مراد ھڪدم وڃي مٿن قبضو ڪري ھا تھ وڌيڪ ڏچو پيدا ڪونھ ٿئي ھا. پر ھو سچو ڪونھ ھو. جھڙيءَ ريت جابلو ماڻھو ٺڳ ۽ ھوشيار آھن. تھڙو سندن وڙھڻ جو طريقو آھي. پر انگريز جنرل جي فوجي ڏاھپ ھنن جھنگلي ماڻھن جي ويڙھھ جي فن مٿان غالب پئجي وئي ھئي. ھتي پلوٽارچ Plutarch جو فلپمين  Philpopoemenلاءِ چيل ھڪ اقتباس پيش ڪجي ٿو، ”ھن عظيم انسان ڪريٽCrete  جي روايتن کي ڪتب آندو ھو. انھن جي فن ۽ فڪر کي استعمال ڪيو ھو. ھڪ ٻئي لڪي حملا ڪرڻ بھ انھن وٽان سکيو ھو. پر پوءِ کيس معلوم ٿي ويو تھ انھن جون سڀ حڪمت عمليون وسيع نظر جنرل جي ڀيٽ ۾ ٻاراڻيون ۽ تنگ نظريءَ جي بنياد تي بيٺل ھيون.“

سر چارلس نيپئر پنھنجي مختصر فوج سان اسي ميل جو رڻ جھاڳي وڃي پار پيو ھو جنھن جو تعداد پنج ھزار ھو. ھن اڳتي وڌي دشمن جي لڪن ۽ پاڻي وارين جڳھن تي وڃي قبضو ڪيو ھو. جيڪي مھم جي منھن ۾ ھئا. ان کان سواءِ بنا ڪنھن رتو ڇاڻ جي مضبوط لڪن تي قبضو ڪري ورتو ھئائين ۽ سندن منصوبن کي مٽي ۾ ملائي ڇڏيو فقط چوونجاھھ ڏينھن ۾ انھن سردارن کي پيش پوڻ لاءِ مجبور ڪيو ھئائين جن وٽ سندس فوج کان چوڻا ماڻھو وڌيڪ ھئا. اھا سندس فوجي حڪمت عملي ھئي جو ھو سندن پسند جي جنگي ميدان تي ڪونھ وڙھيو ھو. ھن ڪمانڊر کين انھن جڳھن تي بک ماري پاھھ ڪيو جن تي ھو کيس بکئي مارڻ لاءِ منصوبا تيار ڪري چڪا ھئا. ھن بي مثال فوجي جوڙجڪ ڪري تيز رفتاري سان پھچي ھنن سان اھڙو جھيڙو ڳنڍيو ھو جيڪو ھنن جي ويڙھھ جو من پسند طريقو ھوندو آھي ۽ ان علائقي ۾ جيڪو ھڪ سو چاليھھ ميل ڊگھو، اسي کان ھڪ سو ويھھ ميل ويڪرو ھو. ان کانسواءِ اھڙو خشڪ ويران ۽ سفر ڪرڻ ۾ ڏکيو جو ان جو مثال ساري دنيا ۾ ملڻ مشڪل آھي. ھن بي ڊپي ڪمانڊر بلوچ سردارن ۽ انھن جي ھزارن ماڻھن کي رڻپٽن، ڏکن جابلو علائقن پيچيده لڪن ۽ لنگھن مان ڊڪائي ڊوڙائي پيٽ ۾ سور وجھي ڇڏيو ۽ کين ساھھ پٽڻ جيتري وٿي بھ ڪانھ ڏني ھئائين. ھي اھڙو ڏکيو علائقو ھو جو ٿوري غلطي ڪري سندس ساري فوج تباھھ ٿي وڃي ھا. دشمن ٻيو ڪجھھ نھ بھ ڪري ھا پر رڳو مٿان پٿر اڇلي ھا تھ ھاڃا ڪري ڇڏي ھا. ھن کان سواءِ ڪو ٻيو حملھ آور ھن خشڪ ۽ خطرناڪ علائقي ۾ تھ داخل ئي ڪونھ ٿيو آھي تھ انھن خوفناڪ لڪن وچان گذريو آھي. اھڙا ڏکيا لڪ ساري وچ ايشيا ۾ نظر ڪونھ ايندا. سر چارلس اھڙن جنگجو ماڻھن کي شڪست ڏني آھي جن کي شڪست ڏيڻ ناممڪن ھو تنھن ڪري اوڙي پاڙي جي قومن کي سندس ڌاڪ ۽ دھشت ويھي وئي آھي. سر چارلس کي بنگال جو ھڪ جاسوس ديوتا ڪري سڏيندو ھو. ساڳيءَ ريت ڪڇي واري جابلو علائقي جا ماڻھو ھن کي شيطان ڪوٺيندا ھئا. پر ھاڻي اھي سنڌ جي رعيتي بڻجڻ لاءِ خواھشمند آھن. ان کان سواءِ سنڌ جا بلوچ قبيلا بھ ھن سان وفادار آھن. ڇاڪاڻ تھ کيس طاقتور محافظ سمجھن ٿا.

اھڙا سٺا نتيجا جلديءَ ۾ ڪونھ مليا ھوندا. ھن فاتح ڪمانڊر جو چوڻ آھي تھ ”انھن ويران علائقن ۾ جنگ ڪرڻ ڏاڍي ڏکي آھي.“ فوج لاءِ داڻو پاڻي ملڻ مشڪل، چرپر ڏکي، رستو ڳولي لھڻ ڏچو، اھڙيون ڏکيائون ۽ ڏچا ڪنھن بھ ملڪ ۾ ڪونھ آھن. ٽڪريون جبل ۾ رڻ پٽ جيڪي خطرناڪ لڪن ۽ لنگھن سان ڀريا پيا آھن. انھن سان سفر ڪرڻ تي ائين محسوس ٿيندو آھي. ڄڻ اگھاڙا پير ڪنھن نوڪدار پٿر تي کپي رھيا آھن. تنھن اٺ، گھوڙا، گڏھھ ۽ ڏاند سڀ منڊا. انھن نوڪدار پٿرن فوجي بوٽن کي کنا کيڙا ڪري ڇڏيو ھو. اھو ڪم ماڻھن ۽ جانورن لاءِ ڏاڍو ڏکيو ھو. نئپولين جو چوڻ آھي تھ ”سڀني کان ڏکي جنگ رڻ پٽ جي آھي. مان بھ ان ئي نتيجي تي پھتو آھيان.“

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 41 42 43 44 45

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org