سيڪشن: تاريخ

ڪتاب: سنڌ جي انتظامي تاريخ

باب:

صفحو: 35

جيتري قدر منھنجي ھلت چلت جو تعلق آھي تھ اھا سنڌ تي ڇاپيل ٻن ڪتابن ۾ موجود آھي. ليفٽيننٽ ڪرنل آئوٽرام سان منھنجو رويو ڪھڙو ھو، سو بھ ان ڪتاب ۾ ڏسي سگھجي ٿو. مان ھڪ واضح، کليل، سڌو سنئون، فوجي عملدار ۽ سرڪاري ماڻھو آھيان. ھي عملدار منھنجي خلاف دشمني جو اظھار انھيءَ لاءِ ڪري رھيو آھي جو وٽس سھپ جي ايڏي گجي ڪانھ آھي ۽ پلاند وٺڻ لاءِ پنھنجي بدنيتي جو اظھار ڪري رھيو آھي. اھڙيون ڳالھيون مايوس ذھن جي پيداوار ھونديون آھن. اھو ماڻھو ڪندو آھي جيڪو فقط پاڻ تائين محدود ھوندو آھي ۽ عقل محدود ھوندو آھي. مان فوج کي وڏي تباھي کان بچائي ورتو آھي. جنھن جو شاھد اھو ڪتاب آھي. جيڪڏھن مان ليفٽيننٽ ڪنرل آئوٽرام جي مشوري تي ھلان ھا تھ ساري فوج ختم ٿي وڃي ھا.

ليفٽيننٽ ڪرنل آئوٽرام انھن ڪمن جو ذميوار آھي جيڪي سندس نالي ٿيل آھن. جنرل وليم نيپئر بھ انھن ڪمن لاءِ ذميوار آھي، جيڪي سندس منصبي فرض اندر آھن. مان انھن ڪمن جو ذميوار آھيان جيڪي سرڪاري طور منھنجي حوالي ڪيا ويا آھن. پر اسان مان ڪوبھ انھن ڪمن جو ذميوار ڪونھ آھي. جيڪي ٻين لکيا آھن.

مان اوھان عزت ماب ان ڪائونسل جي معرفت اھو مطالبو ڪريان ٿو تھ ھر مئجسٽي جي سرڪار جو بچاءُ ڪيو وڃي. ان کانسواءِ مان معزز ڪورٽ ڊائريڪٽرس کي گذارش ڪري رھيو آھيان تھ اھا مون تي ليفٽيننٽ ڪرنل آئوٽرام جي الزام کان تحفظ ڏئي.

مان پنھنجي قوم جي خدمت سچائي ۽ نيڪ جذبي سان ڪئي، سدائين سوڀون ماڻيون آھن ۽ ھندستان سرڪار جا نھايت فرمانبرداري سان حڪم مڃيا آھن. مان پنھنجو پاڻ  ھر مئجسٽي جي عزت ۽ وقار خاطر پاڻ ارپي ڇڏيو ۽ ايسٽ انڊيا ڪمپني جي فوج جو شان مٿي ڪيو آھي. پر خاص ڪري فوج جو اھو حصو جيڪو ممبئي سرڪار سان واسطو رکي ٿو جنھن سان منھنجو تعلق بھ آھي. ھي ماڻھو منھنجو ھٿياربند ساٿي ۽ شخصي دوست آھي. پر انھيءَ زماني ۾ سندس حيثيت ڪئپٽن جي ھئي ۽ ھن ماڻھوءَ جي اڻ ڄاڻائي ڪري ساري فوج تباھھ ٿي رھي ھئي. ھن جو مون سان تعصب بنا ڪنھن سبب جي آھي. جيڪڏھن مان کيس ڪو نقصان پھچايان ھا تھ مناسب وسيلي سان ان جو ازالو  ممڪن ھو. اھڙو ازالو ھر مئجسٽي ۽ ايسٽ انڊيا ڪمپني جي فوج جي ھر سپاھيءَ لاءِ ھوندو آھي.

مون کي ھن وقت تائين ھر مئجسٽي، پارليامينٽ، برطانيھ سرڪار ڪورٽ آف ڊائريڪٽرس ۽ ھندستان سرڪار اعزازن ۽ خطابن سان نوازيو آھي. پر فوج جي ھڪ ڪئپٽن کي اھو اختيار ڪونھ آھي تھ ساري فوج سندس ڪمانڊ ھيٺ رھي. جڏھن تھ سندس ماتحت فوج وڏي لشڪر جو ھڪ معمولي حصو ھوندي آھي. اھا ڪيڏي نھ وڏي غلطي ھوندي، جو اھو ڪئپٽن ھڪ جنرل کي بدنام ڪري ۽ فوج پنھنجي جنرل کان نفرت جو اظھار ڪري.

سائين، مون کي ليفٽيننٽ ڪرنل آئوٽرام جي الزام ھڻڻ خلاف ڪابھ شڪايت ڪانھ آھي. کيس موڪل آھي تھ منھنجي خلاف ڇا بھ ڇاپرائي. پوءِ بھ منھنجيءَ فوج تي ان جو ڪوبھ اثر ڪونھ پوندو. ڇاڪاڻ تھ اھا منھنجي ڪردار کان چڱيءَ ريت واقف آھي. تنھن ڪري ھو مون کي ڪنھن بھ قسم جو ھاڃو پھچائي ڪونھ ٿو سگھي. ان جي نتيجي ۾ ڪتاب جي مصنف خلاف نفرت بھ پيدا ٿي ڪانھ ٿي سگھي. پر ڪن خاص حالتن ۾ اھا ھڪ وڏي غلطي آھي. جنھن جي نتيجي ۾ ويچارا جابلو ماڻھو ڇا سوچيندا. ڇاڪاڻ تھ ھنن پوني جي بئرڪن ۾ منھنجي الزامن بابت ضرور پڙھيو ھوندو. اھا تحرير ائين لکيل ھئي ڄڻ ان باوقار ريجيمينٽ تي مان پاڻ پنھنجي قلم سان الزام مڙھيا آھن. ان کان پوءِ جڏھن ليفٽيننٽ ڪرنل آئوٽرام پنھنجي تحريرن ذريعي اھو ٻڌائيندو تھ سندس جنرل کي سب آلٽرن جيترو بھ عقل ڪونھ ھو ۽ اھڙا بيوقوف سب آلٽر پنجن سالن تائين ان فوج ۾ بھ موجود ڪونھ ھئا. ان کان سندس ھي الزام تھ سر چارلس پنھنجي دوست فوجين کي تباھھ ڪري ڇڏيو آھي.

اوھان جو وفادار

سي جي نيپئر

ضميمو پندرھون

سر چارلس نيپئر جي گورنر جنرل ڏانھن لکيل خط جو اختصار

7 نومبر 1845ع

اسان کي پنھنجا ميڊل ملي ويا آھن. جيڪي اسان ڏانھن رسد گاھھ جي سامان سان گڏ ڳٺڙين ۾ ٻڌي موڪليا ويا آھن. انھن ۾ ربن يا ڪو ٻيو ٽوڙھو ٻڌل ڪونھ ھو. جنھن سان سيني تي لڙڪائي سگھجن. ھنن ميڊلن کي ٺھرائڻ لاءِ لارڊ رپن پورا ٽي سال لڳائي ڇڏيا، تڏھن مس وڃي تيار ٿيا ھئا. اھي مون کي بنگال کان ٿيندا پوءِ مليا ھئا ۽ ڏاڍي شريفاڻي طريقي سان ڪمانڊر ان چيف پنھنجي ائڊ جوٽنٽ جنرل معرفت موڪليا ھئا جيڪو ھڪ راسخ العقيده دھريو آھي. اھڙي ريت ليفٽيننٽ ڪرنل پيني فادر منھنجو ميڊل مون ڏانھن روانو ڪيو ھو. ھتان جي ڪن عملدارن کي پنھنجا ميڊل ڪن خانگي ماڻھن وسيلي ھن کان گھڻو عرصو اڳ ملي چڪا ھئا. انھن ماڻھن سڀ کان پھريان مون کي ٻڌايو ھو تھ ميڊل پھچي چڪا آھن. اھي ماڻھو ڪاوڙجي پنھنجا ميڊل مون وٽ کڻي آيا ھئا. خبر، ميڊلن ڏيڻ جو اھو ممبئي وارو طريقو آھي، جنھن مطابق اعزاز ڏيڻ کي ڪا اھميت ڪانھ ھوندي آھي.

----------

سر چارلس جي گورنر جنرل ڏانھن لکيل خط جو اختصار جيڪو ھن ڏانھن ٽالپرن ۽ انھن جي زالن جي ڳجھن منصوبن بابت لکيو ھو.

9 سيپٽمبر1845 ع

مون کي شير محمد ۽ شھداد وچ ۾ ٿيندڙ لکپڙھھ جو پتو پيو آھي جڏھن تھ پوئين نالي وارو مير سورت ۾ رھندو آھي. مذڪوره لکپڙھھ ميرن جي عورتن وسيلي ھلندي ھئي. انھيءَ منصوبي ۾ مرزا خسرو بھ شامل ھو. جيڪو ڏاڍو تيز فھم ماڻھو آھي. مرزا خسرو زنانھ خاني ۾ وڃي خزانو انھن ماڻھن جي حوالي ڪرڻ وارو ھو، جيڪي سورت وڃي مير شھداد کي پھچائي اچڻ جا ذميوار ھئا. انھيءَ ڪم لاءِ کين انعام بھ آڇيو ويو ھو. مرزا پنھنجي لاءِ مشڪلاتون پاڻ پيدا ڪري رھيو ھو. ان لاءِ مٿس ڪو ڏوھھ بھ مڙھي ڪونھ ٿو سگھجي. ٽالپر عورتون کيس خزانو حوالي ڪري ويون ھيون جنھن کي لڪائي کڻي وڃڻ جي ضرورت ھئي. مرزا ٿوري ٿوري وقت کان پوءِ انھن ماڻھن سان بحث ڪري رھيو ھو جيڪي اھا رقم پھچائڻ جا ذميوار ھئا. ان کان پوءِ ھڪ حوالدار ”اچ اچ“ جا لفظ چئي خسروءَ کي ٻانھن کان جھيلو. بعد ۾ خسيرو ليفٽيننٽ ڪرنل مئڪ فرسن کي ڳٿڙ کان جھلي کيس گھٽا ڏيڻ لڳو. جنھن کي جھلي قيد ڪيو ويو. بامبي ٽائيمس جو چوڻ آھي تھ مان کيس ڦٽڪن ھڻڻ جي سخت سزا ڏني ھئي. پر حقيقت اھا آھي تھ ما کيس اھڙي سزا ماڳھين ڏني ئي ڪانھ ھئي. مان تھ کيس پاڻ وٽ گھرائي چيو ھو تھ توکي اھڙيون ڳالھيون ڪونھ ٿيون سونھن. ان کانپوءِ کيس آزاد ڪيو ويو ھو. کيس فقط ايتري ڇنڊ پٽي ھئي، جنھن کي ھو سزا ٿو سمجھي. اتي بيٺل سپاھيءَ جڏھن مئڪ فرسن جي اھا توھين ڏٺي تھ ھن پنھنجي بندوق جي بئنٽ سان مرزا خسرو تي حملو ڪيو. پر کيس مئڪ فرسن بچائي ورتو ھو. ھن ماڻھوءَ کي ٽالپر سازشن ڪرڻ لاءِ پٺيان ڇڏي ويا ھئا. مجنونءَ نالي ھن غلام سان نوروءَ جي بيوھھ بھ ٻٽ ۽ جھٽ ھئي. جنھن جو نالو ڪرين ھو. ھن مير نصير کي بھ جنگ لاءِ ست لک رپيا ڏنا ھئا۽ کانئس واپس ورتا ھئا. ڪي چون ٿا تھ ھيءَ رقم ست لک نھ پر ڇھھ لک ھئي. مير شھداد ڏانھن موڪلي ويندڙ قم بھ ڇھھ لک ھئي، ليڪن ھن عورت جي سامان کي کولي ڏسڻ جو حڪم ڪونھ ڏنو ويو ھو.

ھن کان سواءِ محبوب نالي ھڪ غلام کي گرفتار ڪيو ويو ھو، جنھن جي تلاشي وٺڻ کان پوءِ سندس قبضي مان سونيون مھرون ھٿ لڳيون ھيون جن جي قيمت ٽي ھزار روپيا ھئي. ھن وٽان تلوار جو ھڪ قيمتي مٺيو بھ مليو ھو، جيڪو لاجورد پٿر جو ھو. ھن جو مير شھداد سان ڳجھو لاڳاپو ھو. سندس صندوق مان مير شير محمد جو شداد ڏانھن لکيل خط بھ ھٿ لڳو ھو. محبوب جو چوڻ آھي تھ سونيون مھرون مرزا خسروءَ جون آھن. جڏھن تھ مرزا خسرو چوي ٿو تھ اھي ميرن جي عورتن ڏنيون آھن. اھڙي ڳالھھ ثابت ڪرڻ مشڪل آھي. پر ھنن ماڻھن وسيلي اڳي بھ مير شھداد ڏانھن اٺ ھزار روپيا موڪليا ويا آھن. ٿي سگھي ٿو تھ اھا رقم گھٽ وڌ بھ ھجي. مان اھا ساري رقم ميرن جي عورتن ڏانھن موڪلي ڇڏي آھي. اسان کي ڪجھھ ڪشميري شالون ۽ پٽ جا ڪپڙا بھ مليا آھن. مون کي شڪ آھي تھ اھي ميرن جي خزاني مان چورايا ويا آھن جنھن کي توشا خانو سڏيو ويندو آھي. اھي شيون ڌوٻين وٽان مليون ھيون. سندن چوڻ آھي اھي کين ميرن ڏنيون ھيون. اھو ممڪن بھ ٿي سگھي ٿو. شڪ انھيءَ ڪري آھي تھ اھي شيون ڏاڍيون قيمتي آھن. ھنن مان ھڪ ماڻھو پنھنجون ٽي ڌيئرون مير نصير ۽ ٻين ميرن کي ڏنيون ھيون. ھنن ميرن مان مير شھداد پنھنجي شخصيت ۾ وڌيڪ سھڻو ھو.

مان سوچي رھيو آھيان تھ اھي شيون مالڪن کي موٽائي ڏيان. ڇاڪاڻ تھ اھي انگريز سرڪار جي ڪنھن ڪم جون ڪونھ آھن. مير دل جا سخي ھئا، جيڪي پنھنجي ماڻھن کي دل کولي انعام بھ ڏيندا ھئا. وري اھو بھ سوچيان ٿو تھ انھن جي جاچ پڙتال ڪرڻ بھ ضروري آھي.

شير محمد جي مير شھداد سان ٿيندڙ لکپڙھھ ھڪ جدا معاملو آھي ليڪن مان ٻڌو آھي تھ شھداد ڏاڍي مزي سان زندگي گذاري رھيو آھي. کيس ھيڏي ھوڏي ڦرڻ گھرڻ جي کلي ڇوٽي مليل آھي. انگريز عملدار سندس دوست آھن. مان ھن باري ۾ سر آرٿر ڏانھن لکيو آھي تھ ھن سان ايتريون رعايتون ڇو پيون ڪيون وڃن. ھي انگريز دشمن ماڻھو آھي، جيڪڏھن کيس ايڏي ڇڙواڳي ملي وئي تھ نقصان جو انديشو آھي. منھنجي مرضي آھي تھ کيس بنگال موڪليو وڃي، جتي ھن مٿان پوري چڪاس رھندي ۽ سنڌ کان بھ پري ھوندو. مرزا خسرو ايراني ۽ ميرن جو غلام آھي. بھتر اھو ٿيندو کيس بھ ميرن ڏانھن موڪليو وڃي. ميرن جون عورتون سنڌ ڇڏڻ لاءِ راضي ڪونھ آھن، پر ھتي رھنديون تھ سازشن کان ڪونھ مڙنديون. اھڙين ڪروڌي ڳالھين کي جيڪڏھن ٻنجي ڏيڻ لاءِ جاکوڙبو تھ، ماڻھو مون لاءِ ڪيئي گٿيون ڳالھيون چئي وڃي پار پوندا. ممبئي جي ڌر کي زبان ۾ تھ نھ آ ڪنڊو نھ منڊو. ٻي بھ ھڪ ڪھٽي ڄاڻ ملي آھي تھ علي مراد جي نيت ۾ ڪجھھ کھنڊو آھي ۽ پير اوڻا پيو کڻي. اولھھ وارن ماڻھن سان سندس کپڙھھ جاري آھي. مٿس تکيءَ نظر سان تاڙ جاري آھي. مون کي جيڪڏھن مناسب لڳو تھ ضرور چوندومانس تھ سڌري ھل. مان سمجھان ٿو تھ ھن جي نيت ۾ کوٽ ڪونھ آھي، پر سندس درٻارين جا ارادا اويڙا آھن، جن جي فرنگي ڪافرن سان تھ مورئون ڪانھ پئي.

منھنجو مشورو آھي تھ شھداد کي بنگال جي ڪنھن قلعي ۾ وڃي قيد ڪجي. جيڪڏھن ھو ممبئي پريزيڊنسي ۾ رھندو تھ چڱو نھ آھي. خوف آھي تھ متان ڪو ڀنڻ ٻاري وجھي ٻيا ماڻھو تھ ٺھيو پر ممبئي جو گورنر پاڻ ھن کي چئي رھيو آھي تھ تو شھيد (مجاھد) آھي ڪو باغي ڪونھ آھين. ھو کيس ائين ناوا ۽ ڏھيون الٽي وڃي پار پيو آھي.

بلوچ جاگيردار جو تھ ويجھي ڇڪ ۾ ڪو نانءُ نشان بھ ڪونھ آھي. جيڪو ”مان“ ڪري ڳالھائي، ڪارا ڪپرا سڀ گڏ پيا ھلن. ھاڻي ھر شي سان مري ويا آھن. اھي قبائلي سردار بھ ٽالپرن کان ائين پيا وئن وڃن ڄڻ گنجو پاڪيءَ کان. ھنن جي حڪمراني پڄاڻي کي پھتي آھي تھ سندس ننھن نيڻ ٺري پيا آھن. معلوم ائين ٿي رھيو آھي ٽالپرن کي ڦاھيءَ لڙڪايو وڃي يا کين تخت تان لاٿو وڃي تھ ھنن لاءِ ڀنجھر بھ ڪونھ ڀرندو. سنڌي ھندو ۽ سنڌي مسلمان تھ ٽالپرن کان نفرت ڪندا ھئا. بلوچ ھنن کان پاسيرا ھئا. ھر قبيلي جو ماڻھو پنھنجي سردار جي ويجھو ٿيڻ چاھيندو ھو. کين ھٽڪٽو ھو تھ انگريز کانئن جاگيرون کسي سندن پڙ ئي پالھا ڪري ڇڏيندا. پر ھنن جڏھن ڏٺو تھ اسان سندن جاگيرداريءَ کي ڌيڪ پڪو ڪري رھيا آھيون تھ ھو ڏاڍا خوش ٿي ويا ھئا تھ ھاڻي تھ سندن ڏھھ ئي آڱريون گيھھ ۾ آھن. جيڪڏھن ڪو اوپرو ماڻھو اوک ڊوک واري اک سان اچي وايو منڊل کي ڏسندو تھ سمجھندو تھ بروبر بگھڙ جو پير آھي. سنڌ ۾ رھندڙ يورپي بھ ائين ائي سمجھندا آھن. جيڪڏھن مان غلط نھ آھيان تھ بلوچ ٻئي ڪلھا وھندا ھئا. پاڻ ۾ ٻوڙو ٻڌي سنڌي کي بھ ڦريندا ھئا تھ انگريزن سان بھ ٺڳي ڪندا ھئا. جابلو علائقي خلاف جنگي مھم اسان لاءِ ھڪ پرک ھئي. جيڪڏھن پنجاب خلاف جنگ لڳي تھ اھا اسان لاءِ ٻي پرک ھوندي، جيڪا ھن جي مقابلي ۾ وڏي ھوندي.

ضميمون سورھون

سر چارلس جي انھن خطن جو اختصار جيڪي ھن مير نصير خان جي بيواھھ ڏانھن لکيا ھئا.

17 آڪٽوبر 1846ع

معزز خاتون

توھان چيو آھي تھ مان اوھان کي مير شھداد ڏانھن چئن ماڻھن موڪلڻ جي اجازت ڏيان جيڪي ان ڏانھن ڪجھھ خط ۽ ڪپڙا بھ کڻي ويندا، جن جو تفصيل بھ ڏنو ويو آھي. مون کي ھن سمجھڻ ۾ ڪيترا ئي سبب بھ آھن تھ توھان انھن شين سان گڏ وڏي رقم بھ ڏانھن موڪلي رھيا آھيو. اھو شڪ مون کي ٽن ڳالھين ڪري آھي جيڪي ھي آھن: پھريون تھ اوھان اھو ذڪر ڪونھ ڪيو آھي تھ اوھان ان ڏانھن پئسا ڏوڪڙ بھ موڪلي رھيا آھيو. ٻي ڳالھھ تھ اوھان کي ڄاڻ ھوندي تھ قيدي ميرن ڏانھن سرڪار جي معرفت کان سواءِ وڏي رقم موڪلي ڪانھ ٿي سگھجي. ٽين ڳالھھ تھ ان وقت کي ڪو ڊگھو عرصو ڪونھ ٿيندو جو اوھان ۽ ٻين معزز عورتن مون ڏانھن لکيو ھو تھ ”اسان بس لنگھڻ تي ويٺيون آھن. پر معزز خاتون، مان اوھان جي ماڻھن کي روڪيو ھو ۽ پوليس انھن جي تلاشي ورتي ھئي جنھن مان معلوم ٿيو ھو تھ وٽن سون جون ڏٽيون، سونا سڪا ۽ چاندي جا سڪا بھ ھئا. اھو سارو خزانو اوھان قيدي ميرن ڏانھن موڪلي رھيا ھئا. مان حڪم ڪيو ھو تھ اھا ساري رقم اوھان ڏانھن (واپس) موڪلي وڃي. توھان لکيل خط مان کولي ڪونھ پڙھيا ۽ جيئن جو تيئن اوھان ڏانھن موڪلي ڇڏيا ھئا. جيڪڏھن اوھان رقم موڪلي رھيا آھيو ۽ ان لاءِ ڪي خاص ھدايتون آھن تھ اوھان مھرباني ڪري اھڙيرن ھدايتن کي ڪجھھ تبديل ڪريو اوھان تازا ۽ واپس ڪيل خط بھ روانا ڪري سگھو ٿا، پر اوھان جي موڪلي ويندڙ رقم فقط سرڪار معرفت ميرن وٽ پھچي سگھي ٿي.

چارلس نيپئر

گورنر

28 آڪٽوبر 1846ع

معزز خاتون

مان چڱيءَ ريت سمجھي سگھان ٿو تھ اوھان کي پنھنجي پٽ لاءِ ڪھڙا امنگ ۽ اڌما ھوندا، مون کي انھن جو احساس آھي. جيڪڏھن اوھان ان ڏانھن پئسا ڏوڪڙ موڪليندا تھ مون کي ڪوبھ اعتراض ڪونھ آھي. پر اھا ظاھر ظھور موڪليو. اوھان چانورن جي ڳوڻ ۾ پئسا لڪائي موڪلي رھيا آھيو. ٻئي پاسي اوھان چئي رھيا آھيو تھ اوھان بکن تي ويٺا آھيو. پر اوھان کي ايسٽ انڊيا ڪمپني طرفان وڏا وظيفا ملي رھيا آھن. اوھان وٽ آمدني جا وڏا وسيلا موجود آھن ۽ توھان ڪافي عرصي کان مسلسل مير شھداد ڏانھن رقمون موڪليندا رھيا آھيو. مون کي خبر آھي تھ اھو ڪو پھريون ڀيرو ڪونھ آھي. ھيءَ رقم اوھان جي پٽ ڏانھن ضرور موڪلي ويندي، پر گورنر جنرل جي اجازت سان پر جيڪڏھن رقم ٿوري ھوندي تھ پوءِاھو جيءَ تي جوکو کڻڻ لاءِ مان تيار آھيان. پر جيڪڏھن گھڻي رقم ھوندي تھ موڪلڻ لاءِ گورنر جي موڪل ضروري آھي. شھداد اتي جوکو ڪونھ ٿو گذاري جنھن جي اوھان کي الف کان وٺي ي تائين ساري خبر آھي. توھان ھن ڳالھھ کان پوريءَ طرح باخبر آھيو ۽ ساري حيدرآباد ڄاڻي ٿي تھ جيڪڏھن لوٽي کان اٻنگ ڳورو ٿي وڃي ھا ۽ انگريز جنرل فتح ماڻڻ بدران شڪست کائي ھا ۽ اھو تنھنجي پٽ جي ائين ھٿ وس ھجي ھا جيئن ھو اسان جي تاريءَ تڳي رھيو آھي تھ ان انگريز جنرل جا ڪھڙا نھ حال بڇڙا ھجن ھا. معزز خاتون اوھان کي اھا چڱيءَ طرح خبر آھي ۽ ٻيون بھ معزز عورتون ڄاڻن ٿيون تھ مان اوھان جي بي انتھا عزت ڪئي آھي ۽ ڪندو رھندس. ان جو ڪارڻ اھو آھي تھ اوھان عورتون آھيو ۽ اوھان جا مڙس ۽ پٽ جنگي قيدي آھن. اوھان جي پٽن جي پرگھور سرڪار ڪري رھي آھي. مون کي ھڪ ڳالھھ جو افسوس ضرور آھي تھ ھڪ معزز خاتون اھڙي ڳالھھ ڪئي آھي، جيڪا مان سمجھان ٿو تھ صحيح ڪانھ آھي. مان ان حڪومت تي بي انصافيءَ جو الزام ڪونھ ھڻندس، جنھن جو مان ملازم آھيان. مون کي خبر آھي تھ اوھان جا ڏينھن ڏکيا ڇو ٿا گذرن. اوھان کي تھ ڪير بھ تڪليف ڪونھ ٿو پھچائي. توھان کي سرڪار طرفان وڏو وظيفو ملي رھيو آھي. جڏھن تھ اوھان قيدي بھ ڪونھ آھيو. جيڪڏھن اوھان چاھيو تھ وڃي پٽ سان بھ ملي سگھو ٿا. مان سمجھان ٿو ماڻھو اوھان سان ڪوڙ ڳالھائن ٿا ۽ اوھان سان ٺڳيون ڪن ٿا. تنھن ڪري ھيءُ خط اوھان کي اوھان جي ھٿن ۾ ملي ويندو. مان تھ اوھان جو نھايت گھڻي عزت ۽ حد کان وڌيڪ احترام ڪندو آھيان.

اوھان جو فرمانبردار ۽ ناچيز نوڪر

چارلس نيپئر

ضميمون سترھون

ميجر جنرل ھنٽر جو سکر واري گھوڙا پڙي بابت نقطئھ نظر، جنھن جي ابتدا سر چارلس نيپئر ڪئي ھئي.

مان سمجھان ٿو تھ بنگال ڏانھن ٽي سو يا ساڍا ٽي سو گھوڙا موڪليا ويا ھئا. گھوڙا پڙي اٽڪل ھڪ ھزار گھوڙا ھئا، گھوڙن جي ساليانو کپت بھ ايتري ٿيندي. پر گھوڙن جي واپارين کي ڪي شڪ ۽ گمان ٿي پيا ھئا تھ سکر جي گھوڙا پڙيءَ تي ڪو ڪاپاري اثر پئجي رھيو آھي. عام طور تي ھر سال فوجي مقصدن لاءِ گھوڙن جي طلب ڇھن سون کان وڌيڪ ڪانھ ھوندي آھي. مان جيڪي گھوڙا ھارس آرٽيلري ۽ يورپي Dragoons لاءِ خريد ڪندو ھوس تن جي قيمت في گھوڙو ساڍا چار سو روپيا ھوندي ھئي. اھي وھٽ ھو مٿو ڀلا ھوندا ھئا. فيلڊ بئٽري لاءِ ڪم ايندڙ گھوڙا بھ خريد ڪيا ويندا ھئا. جنھن مقصد لاءِ في گھوڙو ٽن سون ۾ پلئھ پئجي ويندو ھو. ھي گھوڙا ھن فوجي مقصد لاءِ تمام ڀلا ھئا. جن جھڙا مان ڪٿي ڏٺا ئي ڪونھ ھئا. ھي بندر ٽٽون گھوڙن کان قد ۾ اڇھرا آھن پر توبن ڇڪڻ واري ڪم ۾ استعمال ڪري ڪونھ سگھبا. سندن قيمت بھ قداور گھوڙن کان گھٽ آھي.

ھر سال تعداد ۽ معيار جي لحاظ کان طلب وڌندي رھندي آھي. جنھن جي مون کي پڪ ھوندي آھي. پھرئين سال مان ايترا گھوڙا خريد ڪيا، جو فوسٽرس بامبي بئٽري مڪمل ٿي وئي ھئي. ٻئي سال مان ايترا گھوڙا خريد ڪيا جو سمٿ جي بئٽري، بندي کنڊ ليجن ۽ 7 بنگال ڪئويلري جو پورائو ٿي ويو. ان کان سواءِ مان اسي گھوڙا ھندستان ڏانھن واپس ويندڙ فوج سان موڪلي ڏنا ھئا. مان گھوڙن جو ڏاڍو شوقين آھيان ۽ اتر جي گھوڙن جي واپارين جي مزاج ۽ روايتن کان بھ واقف آھيان. منھنجو خيال ھو تھ سکر جي گھوڙن جي وڏي پڙي بڻايان ۽ جيستائين لارڊ ايلنبرو گورنر جنرل رھي تيستائين سکر ھن قسم جي واپار جو مرڪز ھجڻ گھرجي. ھي ماڻھو جيستائين ھندستان ۾ رھيو تھ ھن موضوع تي ڪيترائي خط مون ڏانھن لکيا ھئا پر ھن جي ھلئي وڃڻ کانپوءِ ڪلڪتي مان، ھن موضوع تي ھڪ بھ خط ڪونھ آيو آھي. ٽئين سال توھان جي طرفان ملندڙ سھائتا ڪنرل بينسن جي حڪم ڊانواڊول ڪري ڇڏي ھئي. ھن اھو حڪم لارڊ ھارڊنج جي ھدايت تي جاري ڪيو ھو تھ بنگال فوج لاءِ گھوڙا خريد نھ ڪيا وڃن. توھان فقط ممبئي جي ان فوج لاءِ گھوڙن خريد ڪرڻ جي موڪل ڏني ھئي جيڪا سنڌ اندر موجود ھئي. مون کي يقين آھي تھ جيڪي گھوڙا واپاري سکر کان ڪاھي ممبئي پھچندا ھئا، سي اتي پنجن ۽ ڇھن سون ۾ في گھوڙي جي حساب سان وڪامندا ھئا. ان کان پوءِ اھي گھوڙا سکر ايندا ھئا. پر اھو اوھان جي اچڻ کان اڳ ٿيندو ھو. مون کي اھڙو پتو ڪونھ آھي تھ سکر کي وڏي گھوڙا پڙي طور ڇو نھ تسليم ڪيو ويو ھو. ان جو ڪارڻ ڇا ھو تنھن جو بھ مون اڄ تائين پتو پئجي ڪونھ سگھيو آھي. اسان کي اھو بھ يقين آھي تھ بندي کلنڊ واري نائين پائونڊرس ليجين جي لائيٽ فيلڊ بئٽري جا گھوڙا بھ سکر جي گھوڙا پڙي مان خريد ڪيا ويا ھئا. الفورٽس جڏھن ھندستان مان ھتي پھتو ھو تھ ھن سان فقط ستر گھوڙا ھئا مان گھوڙن جو ساڳيو تعداد خريد ڪيو ھو. اسان ھنن گھوڙن کي بنا سکيا ڏيڻ جي وڃي ڪم سان لاتو. بگٽين واري جابلو علائقي ۾ جنگي مھم کي ٻاونجاھھ ڏينھن لڳي ويا ھئا. ھنن گھوڙن اتي بھترين ڪم ڪيو ھو. ھڪ بھ ڪونھ مئو نھ وري پٿريلي زمين تي ھلندي ڪو منڊو ٿيو. ھي گھوڙا ان فوجي حصي ۾ شامل ھئا، جيڪو مووٽ جي ماتحت ھو. (ھي نوٽ سر چارلس جو لکيل آھي). ڪئپٽن مووٽ (ھاڻي ڪرنل) سکر پھچي مون ڏانھن خط لکيو ھو تھ جيڪي گھوڙا کيس ڏنا ويا ھئا سي بي انتھا شاندار ھئا. گھوڙن جي واپارين اھا بھ شڪايت ڪئي ھئي تھ اڳيئن سال سندن ٻارھن سون مان ھڪ گھوڙو بھ وڪامي ڪونھ سگھيو ھو. ان باري ۾ مان بھ اوھان ڏانھن خط لکيا ھئا. اھا ھڪ وڏي غلط ھئي، جنھن ڪري گھوڙن جي ھڪ وڏي پڙي تباھھ ٿي وئي. ان واپار ۾ اتر جي ھنن ماڻھن کي ھڪ ڏوڪڙ بھ ملي ڪونھ سگھيو ھو. مان بھ جيڪي گھوڙا خريد ڪيا تن جي قيمت بھ ھندستاني ڪپڙن ۽ ٻين شين جي شڪل ۾ ڏني ھئي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 41 42 43 44 45

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org