سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: سانجهي سمنڊ سپون

شيخ اياز

صفحو : 9

 

اُٿي اور الله سان، مٽيءَ رک ماٿو،

ڪڪر جئن ڪاٿو، ڪري اوچي اڀ جو.

 

اُٿي اور الله سان، ٽم ٽم ڏيئا ڏِسُ،

ڪيئن نه ڪڍي سِسُ، اوندهه  سان اورن پيا!

 

اُٿي اور الله سان، اُٿي صبر سِکُ،

سو ماڻهو مورکُ، جيڪو ڏک ڏسي ڏري.

 

اُٿي اور الله سان، هو جو گهرو سمنڊُ،

جنهن مان سارو منڊ، توکي گهروي ٿو ڏسي.

 

اُٿي اور الله سان، اُڏريا ابابيل،

جن سان ساريءَ نيلَ، اوريو ٿي آڪاس جي.

 

اُٿي اور الله سان، جنهن جي خوشبو سان،

اڄ ڀنڀرڪي کان، جڳ ويو آ واسجي.

 

اٿي اور الله سان، ساجهر توڙي سنَجههَ،

جيڪو ڏسي ڏنجهه، ڏور ڪريئي ڏکڙا.

 

اُٿي اور الله سان، ڳوڙها ڀري پاندِ،

جيڪو توسان راندِ، کينهونءَ جئن کيڏي پيو.

 

اُٿي اور الله سان، اُٿي آڌيءَ رات،

ڏيئا ڏيئا ڏات، ٻَري هن جي ٻوجهه سان.

 

اُٿي اور الله سان، متان ڪرين ننڊَ،

هاڻ ته گڙي گهڊَ، توکي دور سڏن پيا.

 

اُٿي اور الله سان، ڏيئي ٻري مهل،

جي تو ڪائي ڪهل، آهي پنهنجي پاڻ تي.

 

اُٿي اور الله سان، سورج مُکيءَ سنگِ،

جنهنجي پيلي رنگِ، اوريو سج اُڀارَ سان.

 

اُٿي اور الله سان، نڪتي آهي باکَ،

اکيون، ڳاڙهي ڊاک، جاڳي جنهن لئه تو ڪيون.

 

اُٿي اور الله سان، اَڀرا ڇڏ آپو،

جوڀن، ٻُڍاپو، انت انهيءَ مان ٿو اچي.

 

اُٿي اور الله سان، ۽ ڏس سرجڻهارُ،

ڪئن ٿو اڪيچارُ، ٻَٻُرَ جِهنجهي ڦُلڙيون!

 

اُٿي اور الله سان، ڪَنڊِين ڪاموُن ڏسُ،

جن ڏي اَڀو سِسُ، ڪري چرن ڇيلڙا.

 

اُٿي اور الله سان، ڳٽڪن ٿا ڳيرا،

سارا آکيرا، گونجهن پيا گونج سان.

 

اُٿي اور الله سان، جيڪو بي پرواهه،

جنهن لئه گدا شاهه، ڳالهه مڙيو ئي هڪڙي.

 

اُٿي اور الله سان، جيڪو تون ۽ مون،

اندر ۾ اوتون، جنهن جون سڀ جي اُڃ ۾.

 

اُٿي اور الله سان، جنهن جي واٽ وڙائتي،

جنهن ۾ ننڊ ڀوائتي، ڪڏهن ٿئي ڪينڪي.

 

اُٿي اور الله سان، جنهن اهو ڪيو ڪيئن،

جايون ڄمونءَ جيئن، مايون گل گلاب جاٰ!

 

اُٿي اور الله سان، جڳ سڄو جوٺو،

ٺڪر جو ٺُٺو، اهي ماڻهُوءَ جندڙي.

 

اُٿي اور الله سان، جيڪو آهي غيب

ناهي جنهن ۾ عيب، جهاتي ڪنهن جي جيءَ جي

 

اُٿي اور الله سان، کَڻُ ٻاجهارا ٻُڪ،

لهسي لوهَ نه لُڪ، ايڏيءَ ٻٻر ڇانو ۾.


 

اُٿي اور الله سان، هي سڀ جوڀن ڦوههَ،

آهن ڪوڙا ٽوههَ، توڙي ڏاڙهونءَ ڏِک سان.

 

اُٿي اور الله سان، سنگِي ساٿِي گهرُ،

ڀٽائيءَ وانگر، ڪيئي رمتا راهه ۾.

 

اُٿي اور الله سان، ڪڏهن ڪمّ سواءِ،

هوجو تنهنجي لاءِ مُگرا آڻي ماڪ جا.

 

اٿي اور الله سان، مري موٽيو آنهه،

تون جنهن جوٽيو آنهِه، ٻيهر هن سنسار سان.

 

اُٿي اور الله سان، جنهن جو انت نه ڄاڻ،

جيڪو پنهنجو پاڻَ، خوشين جون کاريون ڏئي.

 

اٿي اور الله سان، چَريا ڇَڏ چَرچن،

متان هو سَرچن، سرلا ٻُڌي سڏڙا.

 

اٿي اور الله سان،  واري سڀ ويچارَ،

ميان تُنهنجي پارَ، هُو آ تَرهو تار ۾.

 

اٿي الله سان، ڇڏي ڏاڍ ڏمرَ،

جيئن پکين پَرَ، سَر تي اچن سانت ۾.

 

اُٿي اور الله سان، ايڏا کنڀ نه کوهه،

ماريندا ڪنهن موهه، توکي تنهنجا ڏاکڙا.

 

اُٿي اور الله سان، ڏياٽي ٻاري،

چنڊ جڏهن ساري، هُن کي اُڀرِي اُڀ ۾.

 

اُٿي اور الله سان، سُڻي سانجهيءَ ٻانگ،

جيسين ساجُهرِ سانگَ، ٻانگو ٻيهارو ڪري.

 

اُٿي اور الله سان، جڏهن موت اچي،

مصروفيت کي، تُنهنجي ڇهي ڪينڪي.

 

اُٿي اور الله سان، جنهن جي چڱائي،

تو ۾ اجائي، مايوسي ميٽي ڇڏي.

 

اُٿي اور الله سان، پرهه نارنگي!

ڪائي سارنگي، وڄي پيئي ساهه ۾.

 

اُٿي اور الله سان، سورج مُکيءَ سانجَهه،

جهوري پئي جهانجهه، جنهنجِي هن سنسار کي.

 

اُٿي اور الله سان، ٻاڙا ٻول نه چَوءُ،

توکي ڪوئي ڀَوءُ، هُن سان ناهي ڀورڙا.

 

اُٿي اور الله سان، ڏسي جوڀَن ڳارُ،

وقت جيان لوهارُ، ناهي ڪوئي لوءِ ۾.

 

اُٿي اور الله سان، ٻُڏي ويا تارا،

هِليون لامرا، ڏين ٿيون آڪاس ۾.

 

اُٿي اور الله سان، اچي ٿي آنڌي،

پرهه جا پانڌِي، ڪٿي ساههِ نه پيرڙا.

 

اُٿي اور الله سان، اٿي اسر ويرَ،

ڪيڏا اُن ۾ ڍيرَ آهن گل گلاب جا.

 

اُٿي اور الله سان، جيڪي چَوَئي لِکُ،

اُٿ اُنهيءَ مان سِکُ، پڙهي پڙهندين ڪيترو؟

 

اُٿي اور الله سان، پکي پو جاڳن،

جئن تنهنجي راڳن، رخنون پوي ڪينڪي.

 

اُٿي اور الله سان، جيڪو بيپرواهه،

تو ۾ بُلهي شاهه، اُڀري آي اوچتو.

 

اُٿي اور الله سان، پنهنجا ٻول چُڻِي،

ڀنيءَ پاڻُ ڀُڻِي، تو آهي جو اورڻو.


 

اُٿي اور الله سان، مکڙيءَ کان مُنهن وٺ،

پر اُن کان سُنهن وٺ، ڪنهنکي چوندي ڪينڪي.

 

اُٿي اور الله سان، دم تي نه ويساههُ،

ڪيڏو ڪيو پاههُ، آ تو پنهنجي پاڻ کي!

 

اُٿي اور الله سان، اُٿي آڌيءَ اورِ،

ان جو سڳو سورِ، مايوسي من مان ڪڍي.

 

اُٿي اور الله سان، ٻُڌي، آسر اذانَ،

جيڪا ڪڙڪڙ ڪانَ، وانگر وئي اُڀ ۾.

 

اُٿي اور الله سان، اهڙو ڪو ساٿي،

ڇاجي دنيا ٿي، تنهنجي باري ويسري.

 

اُٿي اور الله سان، جيڪو گهرو کوهه،

جنهنجو اڃا ٽوهُه، ڪنهن به لڳايو ڪينڪي.

 

اُٿي اور الله سان، جنهن خلقي رابيلَ،

جئن ڊڙي ڪا ڊيل، تئن تنهن خوشبو واءُ ۾.

 

اُٿي اور الله سان، ڪڍي سارا کوٽَ،

ان جي توکي موٽَ، ڪُهه ڄاڻا ڪهڙي ملي.

 

اُٿي اور الله سان، سچائيءَ جو سوچ،

ميان مورُ نه لوچ، ڪوڙي ڪائي ڪچ کي.

 

اُٿي اور الله سان، ٻيائيءَ کي ٻوڙ،

تڏهن پنهنجي توڙ، پهچي ويندين پاڻ ئي.

 

اُٿي اور الله سان، جيئن گؤنچ ڦُٽن،

تنهنجا ڏينهن کُٽن، سانوڻ جي ساواڻ جان.

 

اُٿي اور الله سان، جيڪا ربَ رضا،

قدمُ دورِ قضا، جيڪو روڪائي ڇڏي.

 

اُٿي اور الله سان، نمي کمي ڏس،

هي جو ماڻهوءَ سِسُ، ڏاڍو ڏمرائتو.

 

اُٿي اور الله سان، صبر پَلئهِ وٺ،

هي جو هيڏو هٺ، سارو مٽيءَ مامرو.

 

اُٿي اور الله سان، ڇڏي وڻج واپارُ،

تنهنجي ڪشتِي بارُ، ايڏو کڻندي ڪينڪي.

 

اُٿي اور الله سان، ڌرتيءَ چمي ڏي،

جيڪا سج لٿي، ايندي تنهنجي بکّ ۾.

 

اُٿي اور الله سان، ڳچيءَ ڪر ڳارا،

ماڻهو ويچارا، ڀَڄِي پوندين ڪَکَ ۾.

 

اُٿي اور الله سان، پکين کان اڳ ۾،

تون تن جي دڳ ۾، ٻولي پنهنجون ٻولڙيون.

 

اُٿي اور الله سان، ڪونجن ڪيو ڪُرلاءُ،

سارو روهَه رُلاءُ، جاڳي اٿيو جيءَ ۾.

 

اُٿي اور الله سان، صدا ڪري ڏس!

گدا ڪري ڏس، اُنهيءَ جي آڳنڌ ۾.

 

اُٿي اور الله سان، ٻي ڪنهن ڏانهن ڏس،

سندس ئي ساهِس، هر ڪنهن لاءِ جهان ۾.

 

اُٿي اور الله سان، رُسامو ڇڏ،

چاچو مامو ڇڏ، موت نه ڄاڻي مائٽيون.

 

اُٿي اور الله سان، ريٽي هر ڪا روءِ،

اُنهيءَ جي خوشبوءِ، واسي ويهه خيال ۾.

 

اُٿي اور الله سان، ڌنڌا ڌاڙيون ڇڏ،

اُٿ آکيرو اَڏ، جتي جايون عرش جون.

 

(وڌيڪ پڙهو)

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16
هوم پيج -- لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org