*
اڄ به مون کي ياد اچي ٿي، ٺٽي نگر جي رات،
چنڊ دريءَ مان ڪالهه ٻُڌِي تُنهنجِي منهنجِي بات.
*
ڪالهه ڏٺوسين مڙس، قلندر مُگر ڀينءَ درگاهه،
گليءَ لڳل ها ڪپڙا تنهن جا، اسمان تي آهَه.
هَلي سجاول کان ڪلهه ٻيڙي، ساندارو ڏيئي،
اوءِ رباني! مون کي ڀَٽيءَ، ياد اچي پيئي.
*
ڪهڙا ڪهڙا دور گذاريا، هو مڌ ماتا يارَ!
ڪيئن گهڙيءَ ۾ غائب ٿي ويا، هاڻي ڪهڙي پارَ!
*
اوءِ
جواني! ياد اچي ٿي، اڃا هِلايا رات،
ڪيڏا شعر پڙهيم مڌ ماتا، جيسين ٿي پرڀات.
*
نانءُ وڃي ٿو وسري، جيڪر ياد ڪيان آئون.
ڪالهه ٻڌايون ڪنهن، سونهريءَ ڪينجهر جون لائون؟
*
ڪالهه وڏيري کان آئي، مون ڏي ڪينجهَر ڪوٺَ،
ڏٺا آنءُ تئين نوريءَ لئه، ٻيئي گندرن ڳوٺ.
*
ڪالهه گندڻ سان گندري، وئي ٿي ڪينجهر جي ڀرتَي،
ٿَڪَ ڪنان هوءَ ڪنڌي، ويٺي، پنڌ هيو پَرتي.
*
گهڙا چيلهه تي گندريون، نڪتيون، وَيون ڪري ٽولو،
هر ڪا ڪئن نه ڍڪي ٿي، پنهنجي چنري ۽ چولو!
*
ياد اڃان آهي ٽڪريءَ تي، شام چلايا جي،
ڳالهه وڃي ٿي وسري، ٻي ڪا ڳالهه هئي ڇا جِي؟
سَن ۾ رات، ڳنوارن ڳالهيون، سياست باري ۾،
ڪنهن به نه ٿي ڄاتو هو، آهي ڪهڙي چاري ۾.
*
دور پهاڙيءَ تي هُو پوڙهو، ڀنجوءَ جهڙو ڪير؟
ٽيڪي لٺ هلي ٿو اڳتي، ڪلهه جئن مُڙس مٿڀير.
*
کلڻو
پٽ چراخو ماري، آيو ڍانگريون،
آنءُ چيو اي کلڻا آخر، ڪيسين کلندين تون؟
*
آنءُ، رباني ڪيٽي بندر، شام سمندر تي،
دل اڄ ڪيڏو ياد ڪري ٿي، رشيد ڀٽيءَ کي!
*
شيخ مجيب سان ڳالهيون، سيد، ڇا ڇا آيو ياد!
ڪيڏا ماڻهو آنءُ ڏٺا، جي وقت ڪيا برباد؟
*
نوٽ بڪ جا ٽڪرا
شاعري ابتدا آهي،
نثر انتها آهي،
بشرطيڪه نثر پٺيان شاعريءَ وارو جذبو
ڪار فرما هجي!
*
آئون ڪَتيون ڪٺمال ڪَري پاءِ!
هو چنڊ تنهنجي دستار ۾ هيرو آهي
آسمان تنهنجو تخت طائوس آهي.
شاعر! تون ڪنهن به شهنشاهه کان گهٽ نه آهين.
*
تون ننڊ ۾ ڪجهه چوين ٿو. مان جاڳي پوان ٿو
ته جيئن اهو لکان،
ڪجهه ياد اچي ٿو، ڪجهه وسري ٿو وڃي.
*
”جبريل ترينم چمڪا،“
جوش مليح آباديءَ جو هڪ استعارو آهي.
نقاد ان کي لفاظي ٿا سمجهن،
مون کي ته اهو حقيقت ٿو لڳي.
*
تون مرگهيءَ ۾ ڦٿڪي رهيو آهين،
تولاءِ هٿ جو بُجو بي اثر آهي.
توکي پير جو بجو ڏيڻ گهرجي.
پادر سُنگهائڻ کانسواءِ تنهنجي مرض ۾ افاقو نه
ٿيندو.
*
تون جو سج کي بُجي ڏيڻ جو عادي آهين،
تون ته چاهين ٿو مان توکي گار نه
ته گھ گهٽ ۾ گهٽ بُجو ضرور ڏيان!
ڇا تون ايتريءَ اهميت جو اهل آهين؟
*
ڇا ڏات به ذات آهي؟
ڇا شاعري فقط سيد ڪري سگهن ٿا؟
*
اي وڏن وارن واري! ڪاش تنهنجا وار
منهنجيءَ ڄمار کان وڏا ٿين ۽
منهنجي پوئين دم تائين تنهنجا دام وڇايل رهن!
*
غزل جهڙي ترنم ريز ڇوڪري!
مان تنهنجو مطلع آهيان،
تون منهنجو مقطع آهين؟
*
منهنجو توسان ايترو پيارآهي،
جو مان توکي ستارن جيتري نهنڊ به ڏيڻ نٿو چاهيان.
*
منهنجون اکيون چشمي وانگر تنهنجو آئينو آهن،
تون جا انهن ۾ چنڊ جي پاڇي وانگر آهين!
*
تون سهڻيءَ وانگر گهاٽ تان گِهڙي رهي هُئينءَ
مون توکي ٻوڙي مارڻ نه چاهيو
۽ توکي گهڙي سوڌو موٽائي ڇڏيو.
(وڌيڪ پڙهو) |