سرجڻهار
کرڪڻا لاهي، سک نه ستا ڪڏهين
ٻوليءَ جي جهولي تيسين خالي رهندي آهي، جيسين ان
ٻوليءَ جا ڳالهائيندڙ ان کي ادب سان مالا مال نه
ڪندا آهن. ادب جا سرجيندڙ، قلم جا ڌڻي ٿيندا آهن،
پر اهو ادب ماڻهن تائين پهچائڻ جو به ڪنهن کي پڪو
پَههُ ڪرڻو پوندو آهي. ان پڪي پَههَ کي توڙ تائين
رسائيندڙ، ڇاپيندڙ ۽ ڇپائيندڙ ٿيندا آهن.
اسان جي سنڌي ٻوليءَ ۾ قلم ڌڻين جي کوٽ نه اڳ رهي
هئي ۽ نه هاڻ ئي ڪا کوٽ آهي. اڃا به انهن ۾ اڳ جي
ڀيٽ ۾ واڌ ٿي آهي ۽ واڌارو ٿيندو رهي ٿو. اها
پنهنجي جاءِ تي ٻوليءَ لاءِ چڱي ڳالهه ضرور آهي.
پر اسان وٽ ايترا ادارا آهن ئي ڪو نه جيڪي انهن
جي ڇنڊ ڇاڻ ڪري، وقت سارو ڇپرائي، ماڻهن لاءِ
لکيل، ماڻهن جي امانت، ماڻهن تائين باسلامت رسائي
سگهن.
سنڌي ادبي ادارن جي کوٽ اڳ به محسوس ڪئي ويندي
هئي. اڄ ويهين صديءَ جي پڇاڙي ۾ به اها ئي حالت
جيئن جو تيئن ڄاتي وڃي ٿي.
اسان اهڙين نڪور لکڻين کي، ڪڏهن ڪنهن عالمي ادب جي
شهڪار کي پوءِ ان ۾ ادب سان لاڳاپيل هر صنف کي،
ڇاپي، ماڻهن تائين پهچائڻ جو پڪو پهه ڪيو آهي. ان
لاءِ اسان شروعات ڪرڻ لاءِ شيخ اياز جي لکڻيءَ کي
اهميت ڏني آهي. شيخ اياز هن وقت نه صرف سنڌي
ٻوليءَ جو وڏو شاعر، اديب ۽ ڏاهو آهي پر اک وتائي
ڏسبو ته ننڍي کنڊ جي ڳاڻ ڳڻين مان هڪ آهي. اها
اسان جي ٻوليءَ ۽ ڌرتيءَ جي خوش قسمتي آهي جو هُن
جهڙو شاعر، لڳ ڀڳ اڍائي سئو سال، يعني شاهه
عبداللطيف ڀٽائيءَ کان پوءِ، نصيب ٿيو آهي.
”سانجهي سمنڊ سپون“ سنڌ ادبي اڪيڊمي پاران ڇپرائي
پڌرو ڪري، اوهان تائين پهچائڻ جي ڪوشش ڪريون ٿا.
اها ڪوشش ڪيتري حد تائين ڪامياب وئي آهي، ان جا
پارکو اوهين پڙهندڙ آهيو، هن اداري کي سنڌ جي هر
سڄاڻ، ادب دوست ۽ پڙهندڙ جي سهڪار جي بيحد ضرورت
آهي. پڙهندڙ جي سهڪار کانسواءِ ڪو به ادارو پاڻ
ڀرو ٿي نه ٿو سگهي. اسان اوهان ۾ چڱي اميد رکي. هن
ميدان ۾ وکون کڻڻ جي شروعات ڪريون ٿا. آسن اٿئون
ته سنڌ ۽ سنڌي ٻوليءَ جا ۽ ادب دوست ساٿي اسان کي
مايوس نه ڪندا. اسان به اوهان سان اقرار ٿا ڪريون
ته پنهنجي وت آهر قدم کي اڳتي وڌائيندا رهنداسون.
آخر ۾ اسان لکندڙ، پڙهندڙ، پارکو ۽ ادب جي ساڃاهه
رکندڙن کي وينتي ڪرڻ گهرون ٿا ته هو اسان جي وک
سان وِک ملائين. ۽ پنهنجي راءِ ۽ مشورن سان اداري
کي وڌيڪ سنوارڻ ۽ سڌارڻ جون صلاحون ڏيندا، جيئن
اسان پنهنجي سفر ۾ ساٿين کي ساڻ کڻي هلي سگهون.
اسان اهڙن دوستن کي نينڍ ٿا ڏيون، جن وٽ معياري
ڪتابن جا مسواد هجن ته اسان سان لاڳاپي ۾ اچن.
اسان اميد جا ڏيئا
گل ته ڪندا ئي ناهيون.
ستار
|