مهاڳ
مئٽرڪ تائين مون کي عمر خيام جون اڪثر رباعيون ياد
هونديون هيون، جن مان هيٺين رباعي منهنجي دماغ ۾،
ٻي ڪنهن رباعيءَ کان وڌيڪ ڪنهن گهنڊ وانگر
گونجندي هئي ۽ وڌيڪ جهنجهوڙيندي هئي:
دنيا به مراد رانده گير آخرچه
–
وين نامه، خوانده گير آخرچه
–
گِرم ڪه بڪامِ دل به ماندي صد سال–
صد سال دگر به مانده گير آخرچه
–
(ترجمو: دنيا تو مراد موجب هلائي پر آخر ڇا؟
هن زندگيءَ جو پيغام تو پڙهيو پر آخر ڇا؟
مون مڃيو ته تون سَو سالن تائين جيئرو رهيو آهين،
سئو سال ٻيا به جيءُ پر آخر ڇا؟)
اهو آخر ڇا وارو سوال، ساري زندگي منهن جو پيڇو
ڪندو رهيو آهي، ۽ منهن جي روح کي بيچين ڪندو رهيو
آهي. پر مان ان جو جواب ڏئي نه سگهيو آهيان. جڏهن
جدلياتي ماديت ۾ اعتبار هو تڏهن مان اشتراڪي حلقي
جو همسفر هوس.
ان وقت منهن جو ڌيان ڪجهه وقت لاءِ انهيءَ سوال
تان هٽي ويندو هو ۽ دنيا جي گوناگون مسائل ۾ رڌو
رهيس. پر اُتراڪيت جي ناڪاميءَ کان پوءِ مان ان تي
سوچڻ لاءِ مجبور ٿي ويس ته ادب جي سياست سان
وابستگي ڇا معنيٰ رکي ٿي؟
مان ”شاهه، سچل، سامي“ سيمينار تي صدارت لاءِ ڀارت
ويو هوس، تڏهن بمبئيءَ ۾ قيام جي دوران ڀارتيه
ساهتيه اڪادمي جي آفيس ۾ به ويو هوس، جتي منهن جو
دوست، سنڌيءَ جو مشهور ناول نويس ۽ نثري نظم جو
شاعر شيام جئسنگهاڻي ڪنهن اهم عهدي تي فائز هيو.
اتي مون هُن کي ساهتيه اڪادميءَ جي ڇپيل اردو ڪتاب
ڏيکارڻ جي فرمائش ڪئي. هن ٻين ڪتابن سان گڏ قوم
پرست شاعر چڪبست جي نظمن جو مجموعو به ڏيکاريو ۽
چيو ته تون ڏهون ماڻهو آهين جو هي ڪتاب خريد ڪري
رهيو آهي. جيتوڻيڪ هن ڪتاب جون ڏهه هزار ڪاپيون
ڇپيو آهن،. چڪ بست ڪانگريس تحريڪ سان وابسته هو ۽
هُن نه ٿي ڄاتو ته هندستان جي آزاديءَ کانپوءِ
ڪانگريس جا اڳواڻ نهروءَ کان پوءِ ايترا چور، رشوت
خور ۽ بدديانت ماڻهو ٿيندا. ڀڳت سنگهه ۽ چندر شيکر
َزاد جي موت وانگر هن جي شاعري به اجايو موت مري
وئي.
هڪ ڀيري مان حيدرآباد مان ريل رستي سکر وڃي رهيو
هوس ۽ وقت گذارڻ لاءِ مان ويٽنگ روم جي ڀرسان
ريلوي جي بوڪ اسٽال تي وڃي بيٺس. مون ڏٺو ته
مولانا ظفر علي خان جي شاعريءَ جا چار حصا ڪٻٽ ۾
پيا هئا ۽ انهن تي بيشمار مکين جا نشان هئا.
مولانا ظفر علي خان لاهور جو مشهور شاعر ۽ صحافي
هو ۽ هن جو نالو نهايت ادب سان ورتو ويندو هو. هن
جي شاعري مسلم ليگ سان واڳيل هئي. پر پاڪستان ٺهڻ
کانپوءِ اها بي معنيٰ ٿي وئي. منهنجي پڇا تي بڪ
اسٽال واري ٻڌايو ته هي ڪتاب چئن سالن کان منهنجي
الماريءَ ۾ پيو آهي. رڳو اوهان ان جي پڇا ڪئي آهي.
بمخالف ان جي ٽئگور جي شاعريءَ ۾ به هڪ ٻه نظم وطن
پرستيءَ تي آهن. علامه اقبال جي شاعري فقط اسلام
جي احياءَ تائين محدود آهي.
ڀٽائيءَ جي ساري رسالي ۾ فقط هڪ سٽ سنڌ جي باري ۾
آهي: ”سائينم سدائين، ڪرين مٿي سنڌ سڪار.“ ساري
رسالي ۾ سنڌي عوام جي دک درد جي عڪاسي ته آهي. پر
ڪائي نعريبازي نه آهي ۽ رسالي ۾ ان مٿئين ذڪر ڪيل
عمر خيام جي رباعيءَ واري ڪيفيت آهي. ”آءُ نه گڏي
پرينءَ کي، تون ٿو لهين سج“ واري ڪيفيت جا روح کي
لرزائي ڇڏي ٿي.
اشتراڪي انقلاب جي ناڪاميءَ کان پوءِ روس جي مائڪو
وسڪي يوگو سلاويا جي اٽيلا جوزف ۽ چيڪو سلوواڪيا
جي سيفرت جهڙا شاعر انقلاب سان گڏ لڙهي ويا. آڊن
۽ اسٽيفن اسپينڊر جي ان دور جا شاعر هئا، ۽ ڪنهن
وقت اسپين ۾ بين الاقوامي برگيڊ کي همٿائي رهيا
ها پر جنرل فرانڪو جي اقتدار جي طويل عرصي سبب هنن
جي شاعري معنيٰ وڃائي ويٺي. يا سر عرفات جڏهن
اسرائيل سان ٺاهه ڪيو ته محمود درويش جي شاعريءَ
کي ڪير اهميت ڏيندو؟ انٽر نيشنل برگيڊ جي ساري
دانشور لڏي مان فقط هيمنگ وي ۽ آندري، مالرو کي
پائندگي حاصل ٿي. ڇو ته انهن جي ڪجهه ناولن ۾
اسپين جي خانه جنگيءَ جو پس منظر ته هيو پر
زندگيءَ جي گهڻ رخي مسئلن تي به گهري نگاهه هئي.
آندري مالرو آرٽ جو وڏو نقاد ۽ هيمنگ وي هڪ عظيم
افسانه نويس به هو.
آئرلينڊ جي انقلابي شاعري، آزادي ۽ امن جي اعلان
کانپوءِ ڪهڙي کاتي ۾ آڻبي، جن فقط نفرت ڦهلائي
هئي. اهڙي طرح اهڙن فلسطيني شاعرن جي حريت پسند
شاعري جنهن جو بڻ بڻياد اسرائيل لاءِ نفرت ۾ هو،
اها شاعري ياسر عرفات جي اسرائيل سان ٺاهه کان
پوءِ ڪهڙي اهميت جي حامل آهي.
شاعريءَ جي سياسي وابستگي انت شاعريءَ لاءِ خودڪشي
ثابت ٿئي ٿي. اسان کي جيئي سنڌ تحريڪ مان ڇا حاصل
ٿيو؟ اڄوڪي ذهني افراتفري ۽ ڪشاڪش ڏسي، شاعريءَ جي
وابستگيءَ تان ئي ارواح کڄي ويو آهي. ها، جي شاعر
ڪنهن به سياسي تحريڪ سان ڪائي وابستگي، بحيثيت
انسان جي ڏيکاري ته اها هن جي مرضي، پر پوءِ ڀل
ته هن جي شاعري چڪبست ۽ ظفر علي خان وارو موت مري
وڃي.
شاعر جي پنهنجي حُسنِ تخليق کي ابديت بخشي ته اها
انسان ذات جي لاءِ فرحت بخش ٿي ۽ دنيا جي هر رنج و
صحن ۾ ڇپر ڇانوَ ٿئي ٿي جيئن هو تازه دم ٿي اڳتي
وڌي.
هاڻي انهن اسٽالن پرائيز حاصل ڪندڙ ڪتابن تي منهن
جي لئبريريءَ ۾ مٽي چڙهي وئي آهي. اڄڪلهه ”ڊان
وهندي رهي“ جي مصنف ۽ ٻين ڪتابن ”اڻ کيڙيل زمين“ ۽
”ماڻهو“ جي مصنف کي ڪير ٿو پڙهي؟ اهو ڪتاب
سائبيريا ۾ بالشويڪن جي انڌير نگريءَ جي ظاهر ٿيڻ
کان پوءِ اجهامي ويو ۽ پنهنجي معنيٰ وڃائي ويٺو،
پاسٽرنڪ جي ناول ”ڊاڪٽر زواگو“، توڙي ان دور جي
تاريخ آهي، پر اهو ناول تاريخ جي ازلي حقيقت جي
جستجو ۾ نظر اچي ٿو. هو لکي ٿو: ”اسان کنئين
زندگي، عشق، حسن، موت، ازل ۽ ابد، دنيا کي بدلائڻ
جو ڪم اسان جو نه آهي.“
مان انساني برابريءَ جي بلڪل خلاف نه آهيان ۽
استحصال جي خلاف جيتري نفرت مون کي آهي اوتري ورلي
ڪنهن اديب کي هوندي، معاشي انصاف هر ڪنهن جو حق
آهي، اهو ئي هڪ فلاحي مملڪت جو نصب العين آهي.
منهنجو اسڪئنڊي نيويا ۾ فلاحي مملڪت تي هڪ ڊگهي
مضمون لکڻ جو ارادو آهي. مون کي علم، ادب ۽ آرٽ تي
پابنديءَ کان بيحد نفرت آهي، ڇو ته اها ئي منهنجي
زندگي آهي. انساني اقدار، سچ، محبت، ديانت داريءَ،
عزت نفسيءَ، دوستيءَ وفا وغيره مستقل آهن. مستقل
اقدار مون کي پيارا آهن جي سياست جي نالي ۾ انقلاب
آڻڻو هجي ته اديب سڌو سياست ۾ اچي ۽ ادب ۽ آرٽ کي
عارضي واقعن ۾ نه وچڙائي. ڇو ته انهن واقعن جي
گذري وڃڻ سان هن جي تخليق جي اهميت نه ٿي رهي. جي
هو پنهنجي چوڌاري ماحول کي نظرانداز نه به ڪري ته
هن جي تخليقي ڪارنامي کي هسپانوي مصور گويا وانگر
حسن جي تخليق کي اوليت هئڻ گهرجي. ان ڪري
ميراجيءَ جا گيت ۽فيض جي شاعري دور جديد ۾ اردوءَ
جي بهترين حاصلات آهي. پهريون هر سماجي مسئلي کان
پري رهيو ۽ خوبصورت شاعري ڪيائين ۽ ٻيو قومي ۽ بين
الاقوامي سياسي وڳوڙ ۾ وچڙيل رهيو پر پنهنجي آرٽ
کي اوليت ڏنائين. هن جي ساري شاعريءَ ۾ حافظ جو
ترنم آهي ۽ هن جي علامتن جو هڪ پنهنجو خوبصورت
تاڃي پيٽو آهي.
منهنجي مرحوم بزرگ دوست ڊاڪٽر مهڪري مئي 1948ع ۾
مون کي هئمبرگ جي خلاصي يونين جي سيڪريٽري جنرل جي
آتم ڪهاڻي ”رات مان ٻاهر“ (Out
of the night)
ڏني هئي. جنهن ۾ اسٽالن جي دور ۾
هن ۽ سندس زال تي ڪيل ظلم جا لرزه خير داستان ها.
هر اشتراڪيءَ جي اها روايت رهي آهي ته جڏهن هو
پارٽيءَ کي بيزار ٿي ڇڏيندو آهي ته هڪ آتم
–
ڪهاڻي پنهنجي ردعمل لاءِ جوازِ پيدا ڪرڻ لاءِ
ضرور لکندوآهي.مون اهڙو ٻيو ڪتاب ڪافي سال اڳ ”خدا
جو ناڪامياب ٿيو“
(God That Failed)
پڙهيو هو. جنهن ۾ اهم اشتراڪيت
پسند اديبن، اشتراڪيت لاءِ مايوسي ڏيکاري هئي.
انهن اديبن ۾ رومين رولان ۽ آندري ييد جهڙا عظيم
ناول نگار هئا. مون انگلينڊ جي ڪميونسٽ پارٽيءَ جي
اخبار ”روزانو مزور“
(Daily Worker)
جي ايڊيٽر ڊگلس هائيڊ، آمريڪا جي
مشهور اشتراڪي ناول نويس هاورڊ فاسٽ جي آتم ڪهاڻي
به پڙهي. اهڙيءَ طرح پاسٽرنڪ ۽ سولزي نٽسن جا ڪتاب
به پڙهيا آهن. سولزي نٽسن روسي سماج تي ڪاري وار
ڪيو ۽ يو
–
ايس
–
ايس–
آر جي ڊهڻ ۾ هن جو به وڏو هٿ هيو. پر انهن مان
ڪيترائي اديب جي اشتراڪيت مان بيزار ٿي پيا. انهن
عيسائيت جي اخلاقي اقدار ۾ پناهه ورتي، رڳو
انگريزي شاعر اسٽيفن اسپينڊر ڪجهه وقت کان پوءِ
آمريڪا وڃي ”هري ڪرشنا هري راما“ تحريڪ ۾ شامل
ٿيو.
هندستان جي مشهور ناول نگار ۽ شاعره امرتا پريتم ۽
”مئن آکان وارث شاهه نون“ جهڙي عظيم نظم جي خالق
نه رڳو اشتراڪيت کان ڪناره ڪش ٿي وئي پر جوتش ۽
پُنر جنم ۾ فرار ڳوليائين.
اشتراڪيت جي بنيادي فلسفي جا جڏهن ڪچا بنياد ظاهر
ٿيا ۽ ساري عمارت ڊهي ڍير ٿي پئي ۽ جڏهن گوربچوف
پنهنجي ڪتاب پيرسٽروئڪا ۾ مڃيو ته ٻيو ته ٺهيو پر
هوُ اقتصادي طرح به ناڪام ٿيا آهن، تڏهن منهنجي
پيرن هيٺان زمين ئي نڪري وئي ۽ مون کي هڪ زلزلي
وانگر ڌوڏي وڌائين. هاڻي جڏهن روس ۾ ڪميونسٽ پارٽي
اليڪشن ذريعي اقتدار ۾ آئي آهي ته ڏسجي ته ان جو
به ڪانگريس ۽ مسلم ليگ وارو حال ٿئي ٿو يا نه؟
لينن ۽ هن جي معاصرن ۾ ڪوئي آدرش شعله افروز هيو.
هاڻي ته چڻنگ وڃي رهي آهي. ڏسجي ته اها ڦوڪ سان
ٻري ٿي يا نه!
ان کانپوءِ مان واري واري سان بيمار ٿيندو رهيس ۽
دل جا دورا پيا. پر قدرت منهنجي روح کي ايتري بي
پرواهي ڏني جو هر دل جي دوري وقت مان ائين سمجهندو
هوس ته مان واڳونءَ جي وات ۾ آرام ڪرسيءَ تي ليٽيو
پيو آهيان. بيمارين دوران منهنجو دماغ، بقول ووزني
سينڪسي هڪ اليڪٽرڪ شيور
(Electric Shaver)
وانگر هلندو هو ۽ خدا، ڪائنات ۽
مذهبي اقتدار تي غور فڪر لاءِ مون کي ڪافي وقت
مليو. مون خدا جو پنهنجو تصور روزاني برسات ۾ ڇپيل
هيٺينءَ دعا ۾ ڏنو هو:
تون جو ازل کان ابد تائين روان دوان به آهين ۽
چُرين پرين به نه ٿو.
تون جو ڪهڪشان کان دور به آهين ۽ رڳ گردن کان به
ويجهو آهين
تون جو هن ڪائنات ۾ آهين ۽ ان کان ٻاهر به آهين
تون جو منهنجي حياتيءَ جي فلسفي جو نچوڙ آهين
۽ منهنجي محبت جي انتها به آهين
مان توکي فلسفي جي تخيل تائين
محدود رکڻ نه ٿو چاهيان
۽ تنهنجي اڳيان سر بسجود ٿيڻ ٿو چاهيان
مون کي ايتري ڏات ڏي ته مان تنهن جي وحدت الشهود
۽ وحدت الوجود جي شعور ۾ تضاد مٽائي سگهان!
مان فلسفيءَ، عام آدميءَ ۽ صوفيءَ جي سوچ ۾ خاتمو
آڻي سگهان
جا مونجهارا پيدا ڪري رهي آهي!
اهو تخيل ته سڀ تو ۾ آهي ۽ سڀ ۾ تون آهين
۽ پوءِ به سڀ کان الڳ آهين،
۽ آءُ ملائي سگهان.
۽ تو اڳيان دست بدعا ٿي
مشڪلات ۾ مدد گهري سگهان
يا رب! تو اها ڏاهپ ڪنهن ڪنهن کي ڏني آهي
مون کي ٻيو ڪجهه نه گهرجي
مون اسپتال جي ڪمري ۾، انسان، ڪائنات، انساني
اقدار ۽ تقدير تي ڪافي سوچيو ۽ اشتراڪيت کان مايوس
ٿي، منهن جو مذهبي اقتدار ڏانهن لاڙو لازمي هو. پر
خدا جي تصور ۾ مستفرق رهڻ جي باوجود مون ۾ ڪنهن
لاءِ به نفرت نه آهي. منهن جي دعائن جي ڪتاب مان
ظاهر آهي ته دعائن لکڻ وقت مون پوريءَ انسان ذات
کي ڌيان ۾ رکيوآهي. هن ڪتاب ۾ منهنجا بيت ”اٿي اور
الله سان“، ڪنهن به ساڄي ڌر جي سياست سان واسطو نه
ٿا رکن نه مون اهڙي ڪنهن پارٽيءَ ۾ شموليت اختيار
ڪئي آهي ۽ نه ائين ڪرڻ جو ارادو اٿم. دراصل مان
سياست کان هميشه جي لاءِ ڪناره ڪش ٿي چڪوآهيان ۽
سنڌ کي فقط ادب جو لوڙهو ڏئي رهيوآهيان، جيڪو ڪو
به غير يا غنيم ٽپي نه سگهندو.
مون علي هجويريءَ جي ڪتاب ”ڪشف المحجوب“ ۾ ڪٿي
پڙهيو هو ته ڪوئي جاگيردار پنهنجي جاگير تي آيو ته
پنهنجي هڪ هاريءَ ۽ ان جي خوبصورت زال تي نظر پيس.
هارياڻي هن جي دل ۾ تير وانگر کپي وئي. ته هن
هاريءَ کي ڪنهن بهاني زمين کان پري موڪلي ڇڏيو ۽
جڏهن هن جي زال کي اڪيلو ڏٺائين تڏهن هن کي چيائين
ته ”پنهنجي گهر هل“ پوءِ هن ان عورت کي چيو ته:
”سارا دروازا بند ڪر.“ ان تي هن عورت جواب ڏنس ته
مان ”سارا دروازا ته بند ڪري سگهان ٿي سواءِ هڪ
دروازي جي ۽ اهو تون به بند ڪري نه ٿو سگهين.“
جاگيردار حيرت ۾ اچي هن کان پڇيو ته ”اهو ڪهڙو
دروازو آهي جيڪو مان به بند نه ٿو ڪري سگهان؟“ ان
تي ان عورت وراڻيس ته: منهنجي ۽ الله جي وچ وارو
دروازو جيڪو ڪوئي به بند ڪري نه ٿو سگهي.“
جاگيردار شرمسار ٿي پٺ تي موٽي ويو. جڏهن اهو
دروازو ڪنهن تي کلي ٿو پوي ته هن کي دنيا ۽ مافيها
وسري وڃي ٿي، ان استغراق جو اظهار منهنجي شاعري ۾
آهي. مان هڪ ڪمزور انسان آهيان. پر اها ازلي قوت
جا منهنجي شاعريءَ ۾ سرايت ڪري وئي آهي، مون کي
وري وري نئين زندگي ڏئي رهي آهي. ڇو، اهو مان ڪيئن
چوان! منهنجا دوست ان کي ذهني الجهاءُ چوندا آهن
پر دراصل اهو ذهني سلجهاءُ آهي. مڪافاتِ عمل جو
خوف، ڪائنات جي پٺيان ڪنهن ابدي شعور ۾ اعتبار
ڪنهن به انساني قدر جي منافي نه آهي. اٽلو انهن ۾
يقين پختو ڪري ٿو، اهو اعتبار ڀٽائيءَ ۾ به هو،
ڪبير ۾ به هو، حافظ ۽ ايران جي ٻين عظيم شاعرن ۾
به هو. عربي شاعر المتنبي ۾ به هو ۽ انگريزيءَ جي
شاعر ۽ وليم بليڪ ۽ ٽئگور ۾ به هو ۽ اهي شايد حافظ
جي انهيءَ شعر واري ڪيفيت جا قائل ها ته،
فاش مي گويم واز گفتهءِ خود دلشادم
بندهءِ عشقم وازهر دو جهان آزادم
ترجمو: (مان کلم کلا چئي رهيو آهيان ۽ پنهنجي چوڻ
تي خوش آهيان، ته مان عشق جو بندو آهيان ۽ ٻنهي
جهانن کان آزاد آهيان.)
ان ۾ شڪ نه آهي ته شاعريءَ کي پنهنجا لوازمات آهن،
غالب چيو آهي:
هر چند هو هو مشاهده حق کي گفتگو
بنتي نهين هي ساغر و مينا ڪهي بغير
–
مولانا شبلي نعمانيءَ جي ڪتاب ”الغزالي“ ۾ صفحي 42
۽ 43 تي آهي: ”امام غزاليءَ جي زماني ۾ سلجوقين جي
ڪري فارسي شاعري پنهنجي شباب تي پهچي وئي هئي ۽
شاعريءَ جو مذاق قوم جي رڳ رڳ ۾ رچي ويو هو. امام
صاحب شاعر ته نه هو پر ڇاڪاڻ ته وقت جي تقاضا ۽
طبيعت جو لطف ٻئي ڪٺا ٿي ويا هئا، هو چپ به رهي نه
ٿي سگهيو. ان زماني ۾ شاعريءَ جي ٻن صنفن ڏاڍي
ترقي ڪئي هئي. قصيدو ۽ رباعي، پر قصيدو ۽ مدح
خوشامد لاءِ مخصوص ٿي ويا هئا. ان ڪري امام صاحب
جي شايانِ شان نه هئا. جيتوڻيڪ رباعي هن جي مزاج
جي مطابق هئي. حضرت سلطان ابوالخير رباعيءَ کي
حقائق ۽ معارف جي اظهار جو ذريعو سمجهيو هو. عمر
خيام خود امام صاحب جو همعصر هو ۽ هن جو ان درٻار
سان تعلق هو جنهن سان امام صاحب وابسته هو.
امام صاحب
ڪڏهن ڪجهه چوندو هو ته رباعي چوندو هو. هن جون
ڪجهه رباعيون ”مجمع الفصحا“ ۽ روزات الجنات“ مان
نقل ڪيون ٿا. امام صاحب هڪ رباعيءَ ۾ هي خيال ادا
ڪيو آهي ته ارباب ظاهر کي حقائق جو پتو نه آهي:
باجامه نمازي بسرَ حم ڪرديم،
وز آبِ خرابت تيمم ڪرديم–
شايد ڪه دراين ميڪده ها دريابيم
آن يار ڪم در صومعه ها گم ڪوديم-
ترجمو: (جماعت سان نماز ۾ سر جهڪايوسين
۽ خرابات جي پاڻيءَ سان تيمم ڪيوسين،
شايد هن مئڪدي ۾ ملي وڃي.
اهويار جو خانقاهن ۾ گم ڪيوسين.)
”منهنجي خيال ۾ فقط عشق ئي موت جي شڪست آهي. ٻيو
سڀ خاڪ آهي، خواب و خيال آهي، پاڇا آهي، دوهون
آهي، هر شيءَ اڏامي ويندي ۽ اسان موت اڳيان هٿيار
ڦٽا ڪري بيوس بيٺا هونداسين.“ ياد نه ٿو اچي ته
مٿين ڳالهه ڪنهن چئي آهي، منهن جي اڻ ڇپيل پنجن
ڪتابن ۾ انهيءَ فنا پذيريءَ جو ڀرپور اظهار ملي
ٿو. مون کان پنهنجا اڳيان ڪجهه پيارا دوست اختلاف
جي ڪري ڇڄي ويا آهن. پر انهن ۾ به انسانيت لاءِ
احترام جو ڀرپور اظهار آهي. هنن کي فقط ڀٽائيءَ جي
عظيم ترين سٽ، ”جان جو ويهي پاڻ ۾، ڪيم روح رهاڻ.“
واري جهاتيءَ جي ضرورت آهي.
آخر ۾ مان فقط اهو چوندس ته هي شاعريءَ جو ڪتاب
آهي ۽ ان کي فقط شاعريءَ جي ڪسوٽيءَ تي پرکي ڏسجي.
پر نظرئي جي عينڪ سان نه ڏسجي. شاعري انسان ۾
ولهار ٿي ايندي آهي ۽ سدا سائي رهندي آهي. نظريا
سڪل ڪک پن ٿي ويندا آهن. ٽراٽسڪيءَ جي مٿي تي
واهولي جي هڪ ڌڪ هن جي نظرئي کي چٿي وڌو. جيتوڻيڪ
هن جي نظرئي جا ڪجهه ديوانا مداح اڃا به آهن جي
ڪالهه هن کي سراسر غلط ۽ ترميم پسند
(Revisionist)
۽ انقلاب جو غدار چوندا هئا.
اها ٻي ڳالهه آهي ته شاعريءَ مون لاءِ هر لاحل
مسئلو حل ڪيو آهي. ۽ اها ”خيام واريءَ آخر ڇا“ جو
جواب آهي ۽ منهنجي زندگي هڪ سواليه نشان تي پوري
نه ٿيندي. شاعريءَ لاءِ مون ۾ جنون جي حد تائين
لڳاءُ آهي. جيئن مائيڪل اينجلو ۾ مصوريءَ لاءِ
هوندو هو ۽ سستين چئپل ۾ ڪروبين، بي بي مريم ۾
حضرت عيسيٰ جون ۽ انجيل مان ٻيون تصويرون ڪڍندو هو
۽ صنم تراشي به ڪندو هو يا ونيسٽ وان گوگ وانگر
آهي جو ڀون وچ سمنڊ جي ڪنهن ٻيٽ ۾ سورج مکيءَ جا
کيت چٽيندو هو جڏهن سج ٽامڻي هڻي ويندو هو.
شاعر لاءِ شاعريءَ ۾ ئي نجات آهي. پوءِ هو بقولِ
غالب ”رسوم و قيود“ جي حدن اندر هجي يا نه. شاعري
مقصد بالذات آهي پر ذريعو نه آهي. ڪنهن به
سياستدان کي ان سان هٿ چراند جي وٿي نه ڇڏي وڃي.
شاهه جهان ڪنهن درويش ڏانهن قاصد هٿ چورائي
موڪليوهو ته هُو سندس دربار ۾ اچي، جواب ۾ درويش
کيس پنهنجو هڪ شعر لکي موڪليو هو:
دنيا اگر دهند نه خيزم زجائي خويش
من بسته ام حنائي توڪل به پائي خويش-
ترجمو: (جيڪڏهن دنيا ڏين ته به مان پنهنجي جاءِ
تان نه اٿان. مون پنهنجي پيرن تي توڪل جي ميندي
لائي ڇڏي آهي.)
اها آهي شاعريءَ جي دين، انا، سرمستي، خود اعتمادي
۽ پنهنجيءَ ذات ۾ اعتبار جو تخليق جو سرچشمو آهي ۽
شاعريءَ جي آزاديءَ جو ڀرپور اظهار آهي ۽ جنهن
کانسواءِ آرٽ روح جو فالج آهي. شاعر سياستدان کان
گهڻو اڳي سماجي ڦيرگهير ڏسي سگهندا آهن. غالب چيو
آهي:
راءِ زين ديده وَران پُرس که در گرم روَي،
جاده چون نبضِ تپان در تِن صحرا بينند.
(راهه اُنهن ڏاهن کان پڇ جي پنهنجي گرم رفتاريءَ ۾
رستو صحرا جي تن بدن ۾ ڪنهن تپندڙ نبض وانگر ٿا
ڏسن)
رڳو شاعر کي بحيثيت شاعر جي ڪنهن تحريڪ يا سياسي
تنظيم سان پنهنجي شاعريءَ کي وابسته ڪرڻ نه گهرجي.
شيخ اياز
7 مئي 1996ع
27
–
اي، پرنس ڪامپليڪس
ڪلفٽن روڊ
–
ڪراچي
|