اکيون ٻُوٽئه اوچتو، ڇا ڇا سوچَن سانُ،
ڄڻ واڻيندي واڻ، موڃيءَ ننڊ اَچي وئي.
مُنهن ته مٿي ڪر سانوري، سنهيءَ سينڌ ڪُنوارِ،
آنءُ ڏِسان هيڪار، تو ۾ چمِي چنڊَ کي!
متان مان وسري وڃان، توکان آسُر ويرَ،
مان جنهن ڀنيءَ پيرَ، آندا تنهنجي ويجهڙوَ.
ڏس وهندي درياهه تي، سرتا سانوڻ مينهَن،
اهڙا جوڀنَ ڏينهَن، ٻيهر ايندءِ ڪينڪي!
هاڻ ته ڇانئي ٿي رهين، روز گهٽا گهنگورُ،
جئن پو زورَان زور، جر ٿر سڀ ٻُڙي ڇڏيئه!
ٿڌي هير درياهه تي، سکر وارِي پُل،
اکيون چون: ”ڇُل“، ساري جوڀن ڏينهڙا!
اَسر ويو اُٿي، اڳ ۾ اڀران سج کان،
جيڏي مون ۾ ٿي، جوتِ نه ايڏي جَڳَ ۾!
ڪَوتا منجهه رهي، تون ڪئن مرنديءَ ڪامڻي؟
منهنجي لاءِ ڪَهِي، وَرندينءَ آدجڳاد ۾!
مون کي ٻولَ ٻهون، ڏئي تون ڪئن ٿيندين سانتَ!
تون جا مون ايڪانت، پياري هيڏيءَ پيهه ۾!
اڄ ڄڻ جيلَ روڻَ مان، هوا اچي ٿي،
ڪائي سِٽ وَري، سرجي آهي ساهه ۾.
ڪانءُ اُڏامي واءُ ۾، پيو وراڪا ڏي،
ڪنهن کي ائين سڏي، پيو ايڏيءَ سانت ۾.
ڀيڄ ڀنيءَ ڇَٽڪارَ، ڪيڏو ڪاڙهي ۾ وَڻي!
وري ڪٿي اَرَ، آگم سان اوري پئي.
توتي ڦيٽ ٻَڙِي، پنڌ پُنو، موٽي وئين!
ڇاجي لاءِ ڇَڙي، ڪا هيُئه ٿي ڪوهيار لئه؟
نيٺ ته مِٽي آ اِهو، ڇاهي هيءُ سريرُ!
توبن دل کي ڌيرُ، چانڊوڪيءَ ۾ چيٽ جي.
تون جا مٽيءَ مورتي، تو ۾ ڦوڪي ساهه،
ڪيئن ڪويتا ٺاهه، ڪندي تنهنجي ماس سان؟
متان ڀانيو هِڪَ، ڪَوِتا ڪيئي صديون!
سَرتين ايڏي سِڪ، سونپي منهنجي ساهه کي.
هي جي پَتر پيلڙا، گل ڦلين وانگر،
هِيرن جئن هُر کُر، تن تي تِڙڪو سج جو.
سورج مکيءَ کيت ۾، سينهونءَ تي ٻهڙو،
هڪ هٿ سان وهڙو، ڪئن ٿو ڪاهي واهڻي!
هي جيڪو آڪاس آ، توتي ڇٽ جيان،
سانجهيءَ چَٽ جيان، اِن تي ڪجهه مَن ڀاوِڻو؟
پٿر ۾ جئن ٿي ڏٺو، مائيڪل اينجلي،
مان به ڏسان توکي، ائين ڳولي ٻاجهه سان.
اڃا اڃا اوتِ، سجُ پيالي ۾ پرين!
جيئن تنهنجي جوتِ، اونده ۾ اُڀري اچي.
ڪاري رات گناهه جئن، ڀاري لڳي ٿي،
من کي لڳي ٿي، ڄڻ تاريلي راتڙي.
پاڻيءَ پاٽيون ولهه ۾، مٿان جن پارو،
وانديون وَسڪارو، اُتر اوتون ٿو ڪري.
ڪُنڀر ڌار ڪَري، ڀيلا آويءَ مان ڪڍي،
ٻيهر جئن نه مَري، ڪوئي ترندي تار ۾.
دِلا دِليمون مٽَ، ڪوزا، پاٽيون، ويلڻيون،
ڪُنڀر ڏيئِي سَٽ، آويءَ مان ڪڍندو ويو.
ڪجهه ڇنڊن کان پوءِ ٿيو، هي جو وڄُ ڌڪاءُ،
هَرڻ کُڏيون ۽ واءُ، اُڀ ڏياٽيون ڪيتريون.
هي جا لَسُ لڙاٽ، آهي مٿان اُڀ ۾،
انهيءَ شايد واٽَ، روڪي تنهنجي ڪامڻي!
سجَ چڙهي بيٺو ڏسي، جوئر ڍوڍي کي،
من ۾ هي سوچي، باقي سَنگ گهڻو پري.
مَٽرن پئي لوڙهه، گاهه ڪپن ٿيون نينگريون،
ناهي ايڏي سوڙهه، ٻَني ٽَپُ پاسو وٺي.
واڙيءَ لڳو وائرو، گل ڪريلي ڇاڻيا،
پيلو نانهه بُرو، شفق جي لالاڻ ۾.
هي جي سُئا گيت ۾ ۽ تن جي ساوَڪ،
ڪيڏي مَن ڀاوَڪ، آهي ڌرتي باک جو.
هي جو ڪَڪڙو ڏاندُ، آ ڪاري ڪڪر هيٺ،
ڪنهن ته مصور نيٺ، چِٽيو اهڙي چِٽ کي.
تون نه هجين جي شاعري، پَلّ نه جيئان مان،
هئن نه پيئان مان، وَر وَر وٽي وِههُ جي!
ڪونا لياڪو لوڪ ۾، پاتو مون موٽي،
توسان وڇوٽي، مورُ نه وڻي شاعري.
مَاڌول لال حسين، اٿي اَور الله سان،
اهي تنهنجي دينَ، رڳو آسر ويل لئه.
کير جئين سنڀاڻُ، تئن تو ياد الله جي،
ڇا تو ڪڏهن پاڻُ، هن کي ساري پو ڏٺو.
جڳ سان ناتو توڙ، ناتو جوڙ الله سان،
اڄ ته مُهاران موڙ، ڏاچي پنهنجي ڏيهه مان.
سيني ۾ الله جو، هڪ ئي آ آواز،
آهه اهو ئي راز، هن پوري آفاق جو.
تون ئي منهنجي ساههَ ۾، تون ئي آن ويساهُه،
تون جو آنهه الله، مون کي مون کان ويجهڙو.
تون ئي آهين رات جا، ڪروڙين قنديل،
تون ئي ابابيل، تونئي بکين باک ۾.
ڇو نه اڳي مون اڄ جيان، تُنهنجا ڳڻ ڳاتا،
ڪيڏا مڌ ماتا، توسان سانوَڻ مينهڙا.
اڳتي کان اڳتي هئين، پهچي جت نه خيال،
تنهنجِي مام محال، ويجهي کان ويجهو هئين.
توڙي گنهگار، آهيان تُنهنجو اي خدا!
تنهنجو پارُ اپارُ، آهه سدا مون سوچيو.
ڦوڪَ ڏئي ڏيئي جيان، وسائين سنسارُ،
تون ئي اُپائڻهار، جِئَڻ مرڻ تو وس ۾.
راهون ڪيئي رب ڏي، تون ئي اَن شهراههَ،
تون ئي اي اللهَ! آهين سڀ جو آسرو.
تون جو ڪيئي نانوَ آن، وَٺي تنهنجو نانءُ،
هُريو منهنجو هانءُ، جَهر جَهر جهرڻي وانگيان.
مون مان تو ٻاهر، ڌڪِي آ دنيا طلبي،
هي ذڪرِ قلبي، تنهنجو منهنجيءَ ماٺ ۾،
تون ئي اَلرّحمان آن، تون ئي آنهه رحيم،
توبن آنءُ يتيم، هن اونهي اسرار ۾.
فانِي آفانِي، هر شيءَ هن سنسار جي،
ڪيڏي ناداني، جي من اُن سا واڳجي!
هر ڪنهن مٿان موت جا، آهن لامارا،
ڪئن چئجي پيارا، ڪهڙيءَ جهٽ جهپي وڃي!
دوکو آ دنيا سڄي، جنهن لئه تون دلگير،
دل کي اچي ڌيِرُ، وٺي نانءُ الله جو.
الله! سڀ انسانَ، آهن تنهنجو پرتوو،
هڪٻئي جو نادانَ، ڇالئه خون پِيَن پيا؟
رومِي او رومِي! توکي ڪيئي سال ٿيا،
اَڄُ به ڇو جهومِي، توکي داد ڏين پيا!
رڳو اُن کان مَڱ تون رزق ته رازق وَٽ،
جيڪو توکي گهَٽِ، ڪڻو ڏيندو ڪينڪي.
آنءُ نه ٻُڌِي ربّ جي، لاٺي بي آواز،
مونتي هن جو راز، کليو ڏاڍيءَ دير سان.
جزا سزا ۾ هجي، جي هن کي ايمان،
جبر ائين انسان، ڪنهن تي ڪري ڪينڪ.
تسبيحون ٿيون رات جو، هٿن کي تاڙن،
ڄڻ ڳوڙها ڳاڙن، پڙهندڙ پرڏيهي ڏسي.
مون جئن ڪالهه ڏٺو، ڪعبي مٿان چَنڊُ،
ڄڻ هي سارو مَنڊُ، جرڪِي اُٿيو جيءَ ۾.
هو روشن فانوس، هُو رقصِ درويشان،
قونيه! تو ۾ مان، پنهنجو پاڻ وڃائيو.
تون ئي آ وهُه ۾ وجهين، تون ئي آنهه اَجُر،
تون ئي چوين، ”تُر، آنءُ ترازو آهيان.“
سمجهي تنهنجي مام کي، ڳيچ جڏهن ڳايم،
جڏهن ٻاڏايم، شهه رڳ کان ويجهو هئين.
ڄاتا تو اسرار جي، ربوبيّت جا،
ڇالئه تو خدشا، خود کي اَواهو ڏسي.
ڪالهه مؤذن بانگ، تارا سڀ ٽَپِي وئي،
ڪيڏي نانهه اُڇانگ، ماڻهوءَ جي آواز کي.
ٻيو ڪو هو مون جاءِ تي، مسجد هُيس مان نه،
قاريءَ خوش الحانَ، ڇا کي ورجايو پئي!
تون ئي سڀ جي ساهه ۾، سڀ ۾ تون ئي تون،
سانجهي، سمنڊ، سپون، ڪيئي ولر واءُ ۾.
ڀٽائيءَ ڪيڏو اڳي، توکي چيو هو!
ائين ڇڏِي ڇو، سيوا تو سمونڊ جي؟
تون ٿو سمجهين جيڪڏهن، ڀِٽَ ڌڻي آ ڀاءُ،
واڍوڙن وَٽاءُ، رهي اچجانءِ راتڙي.
اکيون ڏورُ ڏسِي، پيون اُفق وراهيِن،
اُتي نه آهيِن، جتي اوهان ڇڏيون.
تون نه ڪاڻيارو ميان، مان ئي ڪاڻيارو،
جي مان سوڀارو، لکَ نه تُنهنجي لونءُ کي.
وڃين ٿو پرديس، هينئڙو مون هيڻو ڪري،
پائي گيڙو ويس، لڙڪائيندو ڪُنڍلا.
اُٿي اور الله سان، جيئن ڪوڏَ ٻُرن،
جن ۾ سمنڊ سُرن، سَرلا ڪري سڏڙا.
اُٿي اور الله سان، جيئن اَسُرَ جَنڊ،
پينهين سارو منڊُ، ڏڏر ڏاري اُڀ جا.
(وڌيڪ پڙهو) |