سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: سانجهي سمنڊ سپون

شيخ اياز

صفحو : 5

*

ڪئن اُڀري ٿو ڪئن اُلهي ٿو، ڪئين پيئي عمر تمام ٿئي،

مان سوچان ٿو ڪيسين تائين، ٿو صبح ٿئي ۽ شام ٿئي.

 

خُم ڪيئي خالي ٿي ويا، پر ٿو منهنجو جام ڀري ڪوئي،

ڪائي به گهڙي اهڙي ناهي، جو خالي منهنجو جام ٿئي.

 

تون دير ۾ ويهي قشقي کي، ڇو مير ڏسين ٿو حيرت مان،

اي مير! ڪٿي ان حربي سان، ٿو توکان ترڪ اسلام ٿئي.

 

هو روس هيو فانوس جيان، سو آهه وساڻو جي هاڻي،

آ ٻيو به طريقو جنهن سان ٿو، اڄ ڪالهه فلاح عام ٿئي.

 

ٿي تڪڙي ميزائيل اچي، ڄڻ سڀ لئه عزرائيل اچي،

ڇا اهڙو وقت به اچڻو، آ هر چيز خيالِ خام ٿئي”

 

آ سڀ کان بهتر آزادي، ڪنهن جي به سلامتي نانهه چڱي،

جي غور ڪريو اي اِنسانو، ٿو دام تي سڀ لئه دام ٿئي.

 

پَٽ کوهه اياز اَٿي جيون، تون کوپو کوڙي ويهه نه ڪِٿِ،

اڳتي آهي ننڊ ازال جي، اڳتي ٿو آرام ٿئي.

 

 

*

ڏس ته گڏجي هُو پکي سڀ، ڪئن نه ڍوري تي لهن ٿا،

ڪو حسد تن ۾ نه آهي، ڪئن نه هڪ ٻئي کي سهن ٿا!

 

پريت ڪيڏي آ پَسن ۾، واءِ آدم ذات تي!

مِٺ محبت سان نه ڇو هي، آدمي گڏجي رهن ٿا؟

 

رنگ رليون ڪجهه ڏهاڙا، انت سڀ جو ماٺ آ،

ڏس پکي اُڏري شفق ۾، نيٺ اوندهه ڏي ڪهن ٿا.

 

ويجهڙائي موت پنهنجي جي نه ٿا جيسين ڏسن،

جا چڱائي آهه اُن کان، آدمي ڪيڏو ٽهن ٿا!

 

موت سڀ جو ڇوٽڪارو، انت ۾ آهي اياز،

لوڀ لالچ ۾ اچي انسان سڀ ڪيڏو ڳهن ٿا!

 

 

*

تون ئي تون آن، تون ئي تون آن،

نيٺ منهنجي لاءِ مون آن.

 

تو جيان ڪيچي نه ڪوئي،

تون پنهون آن، تون پنهون آن.

 

آنءُ جن جي پنڌ ۾ هان،

سي سلاخون سج جون آن.

 

آنءُ لا محدود تو ۾،

تون حياتيءَ جون حدون آن.

 

ٿو اچين طوفان وانگر،

ريت تي ڪيڏيون رڙيون آن!

 

سُر مَئي راتيون به آهين،

تون ستارا تون ڪتيون آن.

 

جئن ڏٺو توکي اياز،

چاندنيون ئي چانديون آن.

 


 

 

ترائيل

 

*

خدا جي راهه ۾ ڪيڏي خوشي سمايل آ،

قدم قدم تي لڳي ٿو گلن جو ڍير آهي.

لڳي ٿو هير ڪا خوشبو ڀري ڊگهي وَل آ!

خدا جي راهه ۾ ائن روشني وڇايو آ.

 

 

لڳي ٿو چنڊ جو قنديل ڄڻ جُهلايل آ،

وڃي ٿو تيز اهو روشنيءَ ۾ ڪيرُ آهي.

ترائيءَ لاءِ هرڻ آهه ڄڻ اُڃايل آ،

خدا جي راهه ۾ ڪيڏي خوشي سمايل آ!

 

*

اگر تون سون ٿيڻ چاهين آنءُ پارس هان،

ڪڏهن ته چاهه سان تون آءُ منهنجي چائنٺ تي.

سدائين چاندنين ۾ ٿو تُنهنجي راهه ڏسان،

ڪڏهن ته ايندينءَ هوا ۾ هلي تون خوشبوءَ جان.

 

 

مان توسان پاڻ وراهڻ لئه منتظر آهيان،

متان تون پنڌ ڪري پو هلي وڃين پُٺ تي!

مان پنهنجي ڏات ڇُپائڻ نه چاهيان ٿو توکان،

اگر تون سون ٿيڻ چاهين آنءُ پارس هان.

 

*

ڪنن ۾ آڱريون وجهندين ته وڄ ٽري ويندي!

گهٽا گجي ٿِي ٻَنا ٻوڙ نيٺ وسڻي آ!

پنهون تلاش ڪندي سسئي مري ويندي؟

ڏِسي درياهه جا دڙ، عاشقي ڏري ويندي؟

 

هزار بار ٻُڏي ڀل وري وَري ويندي،

پرينءَ جي پار ڏي اُن جي سدائين ڏَسڻي آ.

رُڪي ڪٿي ٿي؟ پئي چاهه ۾ چَري ويندي،

ڪنن ۾ آڱريون وجهندين ته وڄ ٽري ويندي؟

 

*

صدين کان پوءِ اگر سمجهندين ته ڇا ٿيندو؟

هڏن کي ڪا به تسلي ملي ملي نه ملي.

لکي ٿو هٿّ، لکڻ کان ڪڏهن جُدا ٿيندو؟

فضائون ڪيئي صبا جيئن روح جهاڳيندو؟

 

 

چوان مان ڪيئن، ڪڏهن منهنجو خاتمو ايندو؟

گهٽائون جيسين اچن ٿيون پيو ٿو مورُ ٽِلي،

خبر نه آهي ته آگم اِهو ڪٿي نيندو؟

صدين کانپوءِ اگر سمجهندين ته ڇا ٿيندو؟

 

*

خبر نه آهه ته ڇا موت اڌُ ٻڙي  آهي؟

خبر نه آهي ته جملو ڪٿي کُٽي ٿو پيو!

خبر نه آهي ته ڪنهن پنڊ جي ڪُڙي آهي.

اُنهيءَ سان پريت سندم هيئن ڇو جُڙي آهي.

 

ڪڏهن نه چئن سان بيٺي سندم کُڙي آهي،

خبر نه آهي ڪٿي سلسلو ٽٽي ٿو پيو!

خبر نه آهي ته ڪيڏانهن هُوءَ مڙي آهي!

خبر نه آهي ته ڇا موت اڌُ ٻُڙي آهي؟

 

*

علي الصباح اچي مئفروش ٿو در تي،

ڦٽائي ننڊ ڏئي ناؤ ونوش جو هوڪو.

گهٽيءَ گهِري ٿو پُڪاري اداس گهر گهر تي،

اڃا ته ننڊ ۾ هر ڪوئي آهه ڄڻ پَر تي.

 

 

وڃي پڳو آهي ڪنهن جُڳَ جڳانتر تي،

اچي ٿو تنهنجو فجر وقت هوش جو هوڪو.

اڃا ته ڪنهن جي به دل سُرڪي نانهن ساغر تي

علي الصباح اچي مئفروش ٿو در تي.

 

*

ٿي اچي سرد هوا،  چنڊ ڏياٽيءَ وانگر،

لاٽ ڦيرائي پيو چار طرف لاڻن ۾،

ٿو پريان اِيئَن لڳي گهور گهٽائن وانگر،

ڏهر ۾ ڏيئڙا ٽمڪن ٿا پيا ڀاڻن ۾،

مينهڙا اهڙا وَٺا ساهه پيو ساڻن ۾.

 

 

ٿي چڙا چنگَ ويو آهي ٿريچن گهر گهر،

مينهن جي لاءِ دعائون هُيون گهر گهاڻن ۾،

هي کليل تاڪ ته ڏس دستِ دعا آ در در،

چٽّ ڪيڏي نه لڳي پيئي ٿي واريءَ وَر وَر.

پيڙبي هيل نه ڪا گهرج سندءِ گهاڻن ۾!

 


 

 

 

 

آزاد نظم

*

آنءُ ڪاليداس کان اڳ ڪو پرانهون پارُ آهيان

مان اَمارو جيئن ڪوئي سونهن جو سنسار آهيان

انب ۾ جهولو جهلي ٿو. آنءُ ساڳو پيار آهيان

بوند برسي ٿي پئ انگيون ڀڄي ٿيون اَڇّ ڪن،

هٿ جِن ڏي ٿا وڌن

تون پُڇين ٿي ڪيرُ آهيان؟

مان صدين جو سلسلو هان،

گهاٽُ آهيان، گهيرُ آهيان،

وهڪرو هان

آنءُ غالب جو تغزل ٿي هُران ٿو هانوَ ۾

ٻيهر ٻُران ٿو هانوَ ۾

ڪيڏو ڪُران ٿو هانوَ ۾

آنءُ تير نِيم ڪش جئن آهيان

تنهن ڪشش جئن آهيان

جنهن ڇِڪي ٽئگور کي هُگليءَ مٿان

گير سِرجيا ها نوان،

گيت جي برسات جان چمپا ڪليون جنهن تي کٽن

باک جو ڀونرا مِڙن

گيت جي اڌ رات جا

جن ۾ ستارا موتين جئن ٿا ٽِڙن

گيت جيڪي ماڪَ آهن

گيت اهڙي خاڪَ آهن

 

جو صديون ڪيئي لتاڙي ٻول ٻيهر ٿا وَڄن

هٿّ اُهيئي ڪئن نه چرخو ٿا ڪَتن!

آنءُ ميران آهيان تَڻ تَڻ ڪري آڪاس ۾

ٿو اُڏامان آس ۾

آنءُ نانڪ جئن سڄو سنگيت آهيان

زندگيءَ جي جيت آهيان.

مان ڀٽائي ٿي وَري تنبور ساڳي ۾ وڄان ٿو

ننڊَ کان اڳ جئن ڀڄان ٿو

ڪيترو اوچو کڄان ٿو!

چنڊَ تي پيزار منهن جا ٿا ڦرن

ٻيا به ڪيئي يار منهنجا ٿا ڦِرن

جي کڻنِ افلاڪ کي ٿا پاڻ ۾

گيت جي اقبال جي بانگ دِرا جي ڄاڻ ۾

گونجن پيا

گيت جي اوجهاڻ ۾

ڄڻ مڇين وانگر اچن ٿا ۽ نچن ٿا.

آنءُ تنهنجي ڀاڻَ ۾

اڄ اُهيئي گيت آهيان

ڄڻ سڀئي گيت آهيان!

 

(وڌيڪ پڙهو)

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16
هوم پيج -- لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org